حر جدوجهد جا اڇڙي تي پوندڙ سماجي اثر
اڇڙو ٿر جيئن ته سرسوتي تهذيب جو حصو رهيو آهي. سرسوتي جي وهڪرن جي گم ٿي وڃڻ بعد به سرسوتي جو آخري وهڪرو هاڪڙو هتي زندگي جي نشانن کي قائم رکندو آيو. سماجي طرح هتي گڏيل راڄوڻي نظام تحت هتي جا ماڻهو راڄداري جي حساب ۾ هڪٻئي سان ميٺ محبت ۾ رهندا هئا. هتي خوشحال ماڻهن جون اوطاقون آباد هيون، جن اوطاقن جي مالڪن جي سخا جون سوين ڪهاڻيون، ماڻهن جي زبان تي موجود آهن. اڇڙي ٿر جي علمي درسگاهن جي وڏي هاڪ هئي. پري پري کان ڪيترائي علم جا پياسا هتان جي درسگاهن مان علم پرائي شهرت جي بلندين کي پهتا. پر حر جدوجهد سبب انگريزي فوج جي قهري ڪاراوين ۾ هتي جي هرشئي ماضي جو حصو بڻجي ويئي. انهي جنگ دوران هڪڙا ماڻهو هندستان جي راجستان وارن علائقن ڏانهن هليا ويا ، باقي جيڪي بچيا ، تن مان ڪجهه ماڻهوانگريزن جي آپريشن ۽ قتل عام ۾ مارجي ويا ، باقي جيڪي بچيا ، تن کي لوڙهن جي نالي سان اذيت خانن ۾ واڙيو ويو، انهن لوڙهن يا حر ڪيمپن جي شروعات 1895ع کان جانب ڍوري جي ڪيمپ ٺاهڻ سان ڪئي ويئي. اهي حر ڪيمپ جي نالي ۾ اذيت خانه 1952ع تائين قائم رهيا. يعني 57 سال اڇڙي جا ماڻهو انهن ڪيمپن جي نالي ۾ قائم ڪيل اذيت خانن ۾ رهيا . جن ۾ معصوم ٻار ، عورتون ، پوڙها هر عمر جا ماڻهو شامل هئا ، انهن ڪيمپن ۾ مائرن کي سندن ٻچن کان ڌار ڪيو ويو. اولاد جي سامهون سندن مائرن جون بي عزتيون ڪيون ويون. مائرن کان سندن ٻچا ڦري ٿڏا هڻي ماريا ويا. مطلب ته هر قسم جا انسانيت سوز عمل ڪيا ويا ۽ اذيتون ڏنيون ويون. انهن ڪيمپن ۾ پيداٿيل ٻار جڏهن جوان ٿيا ، انهن جي ذهنن ۾ نفسياتي طور اها ڳالهه گهر ڪري ويئي ته ، هر ماڻهو اسان جو ويري ۽ بي رحم دشمن آهي. ڪيمپن ۾ اک کوليندڙ هر ٻار ڏٺو، ته هر اها اک جيڪا کيس ڏسي رهي آهي، سا دشمن جي اک آهي. صرف لوڙهن ۾ موجود قيدي ئي هڪٻئي کي پنهنجوسڄڻ سمجهندا هئا . باقي سڀ ماڻهو ساڻن نفرت ڪن ٿا . اهڙي ماحول ۾ پلجندڙ ماڻهن کي جڏهن 1952ع ۾ ڪيمپن کان ٻاهر ڪڍيو ويو، ته سندن گهرن ۽ ڳوٺن جا نشان نه هئا. جن جاين ۽ ڳوٺن بابت سندن مائٽ قيد دوران ساڻن ڳالهيون ڪندا هئا ، انهن جاين تي هنن واپسي ۾ اوپرا ماڻهو ڏٺا. کين سندن وڏن جي مال ملڪيت ۽ گهرن جو ڪو به نشان نه مليو، وڏي ڳالهه ته انهن ماڻهن کي آباد علائقن ۾ وسائڻ بجاءِ کين اڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ اڇلايو ويو، اڇلائڻ بعد ڪنهن به انهن جي مالڪي نه ڪئي. انهن سمورين ويساهه گهاتين جي باهه مان گذرڻ بعد هو بي اعتمادي جو شڪار ٿي ويا . هاڻي هنن جي پنهنجي هڪ لاوارث دنيا آهي ، جنهن ۾ هو هڪٻئي جي سهاري وقت گذاري رهيا آهن. هنن جو هاڻي ڪنهن تي به اعتماد ناهي ، جماعت کانسواءِ هو هر ماڻهو کي پنهنجو نه ٿا سمجهن. نه ئي کيس ڪجهه ٻڌائڻ يا ساڻس سور ونڊڻ لاءِ تيار آهن. اهوئي سبب آهي جو جڏهن مون تحقيق لاءِ اڇڙي ٿر وڃڻ جي سنبت پئي ڪئي ، ته مون کي هر ماڻهو روڪيو ته تون ايڏانهن نه وڃ ، مون کان اڳ ۾ به ڪجهه محققن هتي تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هو ناڪام موٽي آيا هئا. پر مون جڏهن اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي ڏکويل نبض تي هٿ رکي، حال ڀائي ٿي، کين پنهنجائپ جو احساس ڏياريو، ته سندن دردن جا سمورا بند ٽٽي پيا. جن سمورن دردن جي ڪٿا هي ڪتاب آهي.