تاريخ نويسي ۾آرڪيالاجي جي اهميت
هن ڪتاب کي پڙهڻ وقت وڌيڪ ڪجهه ڳالهيون به اڳواٽ ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهن. جيئن اڳتي هلي هن ڪتاب جي مطالعي وقت سڀ ڳالهيون آساني سان سمجهه ۾ اچي سگهن. ڇاڪاڻ ته تحقيق جي ڪم جا ڪجهه اصول ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا ڪجهه طريقا آهن. جن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. جڏهن ڪو محقق ڪنهن علائقي بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ لاءِ قلم کڻي ٿو. ته هن کي شين ۽ زميني شاهدين مان نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ آرڪيالاجي جي ڄاڻ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. يا خود قديم آثارن، جاگرافيائي ۽ سماجي حالتن جي مشاهدي ڪرڻ وقت هن کي هر شئي کي سنجيدگي سان ڳولڻو، ڏسڻو، جانچڻو۽ پرکڻوپوي ٿو.
آرڪيالاجي هڪ انگريزي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ ٿلهي ليکي قديم شين بابت ڄاڻ ۽ ماضي جي حالتن بابت سُڌ ۽ خبر چار وٺڻ آهي. اهڙي ريت هن شعبي جو واسطو تاريخ ۽ تحقيق سان جڙيل رهي ٿو. آرڪيالاجي جي روشني ۾ ٿيل تحقيق جي دائري ۾ اهي سڀ شيون اچي وڃن ٿيون ، جن جي اُپائڻ، ٺاهڻ ، ترتيب ڏيڻ يا استعمال ڪرڻ ۾ ماضيءَ جي انسان جو هٿ ۽ سندس ضرورتون رهيون هيون. هڪ طرف طريقي ۽ ترتيب سان هي علم تاريخ جي شاهدين کي گڏ ڪرڻ جي ڏاهپ مهيا ڪري ٿو، ته وري ٻئي طرف تاريخي ۽ زميني حالتن ۽ شين جي قدامت ، شين جي وجود ۾ اچڻ جي سببن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ جو به سبب بڻجي ٿو. بهرحال تاريخ ۽ آرڪيالاجي ٻنهي جو تعلق ماضيءَ سان آهي. ماضي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انسان جو دماغ آهي. انسان کان جيڪڏهن سندس ماضي کسيو وڃي يا سندس ياداشت ميسارجي وڃي، ته سندس حالت چريائپ واري ٿي ويندي. انهي چريائپ واري حالت ۾ هو اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻ جي لائق نه رهندو آهي. ياداشت وڃائڻ بعد هو پنهنجا سمورا رستا وڃائي ويهندو آهي ۽ سندس سوچ جي عمل مان تخليقي سگهه ختم ٿي ويندي آهي. آرڪيالاجي ۾ شين جو مطالعو ۽ مشاهدو هڪ مخصوص نموني سان ڪيو وڃي ٿو. هي شعبو پنهنجي تحقيقي ڪم جي پورائيءَ لاءِ ڪيترن ئي ٻين سائنس جي شعبن کان مدد وٺي ٿو، پر سندس دارومدار طبعي علوم سان وڌ ۾ وڌ لاڳاپيل رهي ٿو. انهي ڪري حاصل ڪيل ڄاڻ ۽ نتيجا ڪافي پڪا پختا ۽ سائنسي هجن ٿا، نه رڳو ايترو پر ٻيا ڪيترا علمي شعبا هن جي سهڪار سان پنهنجي تحقيق کي سگهارو ڪندا رهن ٿا. آرڪيالاجي سڀ کان وڌيڪ سائنس جي روشني ۾ هڪ هٿراڌو عمل يا عملي ترڪيب پڻ آهي، پر جيڪڏهن اسان هن کي فن يا اڃان به وڌيڪ فلسفو ڪري سمجهون، ته پوءِ ان ۾انساني زندگي ۽ انساني سماجي ارتقا بابت ڪيل باريڪ نقطن جي سائنسي تشريح جي روشني ۾سموري ترڪيب يا ترتيب کي به سمجهڻ ضروري ٿي پوندو آهي. جيئن ماضي بابت تفصيلي احوال بيان ڪري سگهجي. خاص ڪري گذريل وقت جي واقعن جي اصلي ڪارڻن ۽ انهن جي ٿيڻ جي سببن بابت ڄاڻڻ جو ذريعو به ثقافتي شين، قديم ماڳن مان ملندڙ ڪيترين ئي زميني شاهدين بابت غورويچار ڪري ۽ ملندڙ شين جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪري اصل معلومات گڏ ڪرڻ واري ماهراڻي ڏاهپ ئي آهي. انهيءَ حوالي سان آرڪيالاجي جو ماهر فني ٽيڪنيشن سان گڏ هڪ مترجم يا مفسر به آهي، جيڪو گم ٿيل يا خشڪ انساني فلسفي کي ماضيءَ ۾ ڏسي ٿو. آثار قديمه جو ماهر هڪ ئي وقت معلومات به گڏ ڪري ٿو، ته وري ساڳي وقت ڪيل مشاهدي مان مليل نئين ڄاڻ جي وضاحت ڪري، شين بابت يا ماضي ۾ ٿيل واقعن بابت ڄاڻ ۾ واڌارو به ڪري ٿو. توڙي جو ڪا به هنري ڄاڻ ، ماضيءَ جي تاريخ ۽ فلسفي جي جاءِ وٺي نٿي سگهي. نه ئي وري ان جو پوري طرح اڀياس ممڪن به آهي. ڇاڪاڻ ته ماضي لڪل هوندو آهي. انڪري هن وقت اسان تاريخ کي آرڪيالاجي جي روشنيءَ کانسواءِ صحيح طرح ڏسي نٿا سگهون. حالانڪ زندگيءَ جي ارتقا ، انسان جي سماجي ارتقا جي مختلف مرحلن بابت ڄاڻ يا زميني ۽ موسمي تبديلين جي اثرن جي تاريخ جو تمام وڏو حصو تاريخ جي دائري جي پهچ کان ٻاهر آهي. ڇو ته زمين تي آيل جاگرافيائي تبديلين ۽ موسمي اثرن سبب ڪافي شيون يا شاهديون ميسارجي چڪيون آهن. بهرحال گهڻي حد تائين ميسارجڻ جي باوجود به محققن طرفان کوجنا جو عمل جاري هئڻ سبب آرڪيالاجي جي تحقيقي دائري مان انهن گم ٿيل شين يا ميسارجي ويل شاهدين کي ڪڍي نه ٿو سگهجي..
آرڪيالاجي جي کوٽائيءَ واري شعبي جو اهو ڪم آهي، جنهن جي مدد سان ته ماضيءَ جي شين ۽ تاريخي شاهدين کي ظاهر ڪري حال جي تجربيگاهه ۾ آڻي، اتي انهن جي جانچ جونچ ڪرڻ لاءِ بهتر حالت ۾ آندو وڃي ٿو ۽ پوءِ سائنسي طريقن سان پرکيو ۽ پرجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت انهن قديم شين سان لاڳاپيل زماني جي ماڻهن ۽ سندن زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻ حاصل ڪجي ٿي. جنهن سان ماضيءَ جي ڪن ڳالهين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
انسان تخليقي طور زندگي جي وڏي وڻ جي هڪ اهم ٽاري آهي. هو عقلي بنيادن تي پنهنجي ارتقائي سفر ۾ ترقي ڪندو، ٻين ساهوارن کان اڳتي وڌندو رهيو. هن پنهنجي عقل جي بنياد تي ضرورت وارين شين جي ايجادن سان پنهنجي عملي سگهه ۾ اضافو ڪيو۽ پاڻ کان به سگهاري ٻي جيوت کي پنهنجي وس ۾ آڻي اڳتي وڌندو رهيو. آرڪيالاجي جو شعبو انسان جي ارتقائي سفر جو هڪ دفتر آهي، جنهن جي اڀياس جا طريقا صرف ماضيءَ جا رازکولڻ لاءِ ئي آهن. جن رازن کولڻ لاءِ آرڪيالاجي جي طريقن مان فائدو وٺي. انساني ارتقا جي سفري ڪارنامن تان وقت جي دز هٽائي، پنهنجي وڏڙن جي عملي ڪارڪردگي مان ٿيل نفعي ۽ نقصان جو ڪاٿو لڳائي، پنهنجي حال سان ڀيٽي هڪ طرف پنهنجي سماجي ارتقا جي رفتار جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، ته ٻئي طرف پنهنجي وڏڙن جي ڪيل غلطين مان سبق پرائي، پنهنجي روش کي سڌاري سگهجي ٿو، ۽ ٽئين طرف وري وڏڙن جي ڪاميابين مان اتساه وٺي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
آرڪيالاجي اهو علم آهي، جو شين جي مدد سان انساني سماجي ارتقا جو اڀياس ڪري ٿو. هي شعبو اسان کي انسان جي جسماني ۽ سماجي ارتقا جي هڪ مرحلي کانپوءِ ٻئي مرحلي جي نشونما، تخليق، هنري، فڪري واڌاري ۽ ان جي نتيجي ۾ ماضيءَ جي معاشرن ۽ انهن ۾ آيل تبديلين بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. ماضي جا انسان اسان لاءِ گهڻو مواد ڇڏي ويا آهن. انهن کي ڏسڻ، فني ۽ فڪري لاڳاپن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن مان هڪ ذهين ماڻهوئي پنهنجي ڳولا، ڪيل مشاهدي مان سمجهه موجب نتيجا ڪڍي ماضي جي اهميت جو اندازو ڪري سگهي ٿو.
. قديم آثارن جو ماهر زميني شاهدين ۽ ملندڙ شين سان ڳالهائي ٿو، موٽ ۾ وري اهي شيون ساڻس ڳالهائين ٿيون. ائين هو پنهنجي حاصل ڪيل معلومات ماڻهن اڳيان پيش ڪري ٿو. آرڪيالاجي ذريعي ئي تاريخي واقعن جي سچائي بابت شاهديون ملن ٿيون، جنهن جي روشني ۾ محقق پنهنجي راءِ قائم ڪن ٿا. اسان وٽ هن شعبي ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. جي جيڪڏهن ڪو ڪم ٿيو به آهي، ته انهي کي پنهنجي تاريخ لکڻ وقت انهن شاهدين کي شامل ڪرڻ جورواج نه هئڻ جي برابر آهي، يا ائين کڻي چئجي، ته اسان وٽ آرڪيالاجي ۽ تاريخ نويسي هڪٻئي کان الاهي پري ۽ هڪٻئي لاءِ اوپرا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ اڻ مڪمل آهي.
حقيقت ۾ محقق جي تحقيقي ذميوارين ۾ اها ڳالهه شامل هئڻ گهرجي، ته هو اڳ ۾ لکيل مواد کي ٻيهر اتاري، دوباره لکڻ جي بجاءِ اڳئين لکيل مواد کي پڙهي، انهي مطالعي جي روشني ۾ پنهنجا ذاتي مشاهدا ڪري شين کي ٻيهر جانچي، آرڪيالاجي جي اصولن موجب ڇنڊڇاڻ ڪري، تاريخي واقعن کي مليل شاهدين جي روشني ۾سمجهڻ کان علاوه واقعن ٿيڻ وقت جاگرافيائي تبديلين ۽ انهن جي زندگي تي پيل اثرن تي به غور ويچار ڪري، پوءِ ڪا پنهنجي راءِ قائم ڪري. جنهن تحقيقي انداز سان ئي تاريخ جي تحقيقي سفر ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
تاريخ نويسي هڪ فن به آهي، ته سائنس به آهي. انهي ڪري جيستائين اسان جديد علمي ضرورتن کي نظر ۾ رکي تاريخ لکڻ جو ڪم نه ڪنداسين، تيسيتائين تاريخ جي علمي حيثيت اجاگر نه ٿيندي ۽ نتيجي ۾ اسان جا ايندڙ نسل تاريخ جي علم ۾ روايتي ورجاءَ ۽ نئين ڄاڻ نه ملڻ سبب دلچسپي نه وٺندا، جنهن سبب تاريخ جو علم هميشه لاءِ ڪٻاڙخاني ۾اڇلائجي ويندو. جيڪو هڪ تمام وڏو نقصان ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ تاريخ قومن جي ماضي ۽ وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن جو رڪارڊ آهي، ماضي جو ذڪر يا ماضي بابت ڄاڻ سان قومن جي ياداشت سگهاري ٿيندي آهي. هر اها قوم ترقي جي رفتار ۾ اڳتي وڌندي آهي، جنهن قوم کي پنهنجي تاريخي ناڪامين، محرومين، مجبورين، ذلتن، ڪيل غلطين جي نتيجن ۽ انهن نتيجن مان سبق حاصل ڪندي ماڻيل ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي آهي. هو پنهنجي تاريخ سان پيار ڪندي، ماضي ۾ ڪيل قومي غلطين کي ٻيهر ورجائڻ بجاءِ پنهنجي ڪاميابين ۽ پنهنجي قومي هيرن جي ڪارڪردگي مان اتساهه وٺي اوچي ڳاٽ سان اڳتي نڪري ويندي آهي. پر ڪا به قوم پنهنجي تاريخ کان بي خبر رهي، پنهنجي ماضي جي ياداشت وڃائڻ بعد چريائپ ۾ اڳتي وڌي منزل ماڻي نه سگهندي آهي.