اڇڙي ٿر جي سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي
باقاعده لکڻ جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪيائين. 1981ع ۾، “سنڌي ادبي سنگت” شاخ کپري جو يونٽ قائم ڪري، پاڻ ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سال “پڪار پبليڪيشن” کپرو جو بنياد وڌائين. ان پليٽ فارم تان، ڪتاب “آيو آيو سوجھرو” جون 1982ع ۾ شايع ڪيائين. ساڳئي پبليڪيشن پاران، ٻيا چار ادبي پرچا “سچي دنيا” جي نالي سان، 1986ع ۾، کپري مان شايع ٿيا. اهڙيءَ طرح 1990ع واري ڏهاڪي ۾، اخباري سائيز جو هڪ عدد ادبي پرچو “ڪاروانِ بهار” ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا، “ڀاڳ” جي نالي سان، کپري مان شايع ڪيائين.
سال 1983ع ۾، ماٽا ( مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئشن) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. سندس ذاتي“استاد لغاري ادبي لائيبريريءَ” ۾، هن وقت ٻين هزارين ڪتابن سان کان گڏوگڏ، شاھ جي رسالن جو قيمتي ذخيرو پڻ موجود آهي. خصوصا، قلمي، دستخطي، ليٿو، عڪسي، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائيءَ تي مشتمل، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، انگريزي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل، شاھ جا رسالا وٽس موجود آهن. سندس نمايان ادبي پورهيو، شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي ترجمو( جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، پهريون ڇاپو سال 2010ع ۾ شايع ٿيو)، سٽ وار سمجھاڻيءَ تي آڌاريل، شاندار شرح لکيل شاھ جو رسالو،( جيڪو ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، پهريون ڇاپو، سال 2017ع ۾ شايع ٿيو) ۽ منظوم ڍاٽڪي ترجمو( جيڪو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، پهريون ڇاپو سال 2018ع ۾ شايع ٿيو)، شامل آهن. هن پنهنجن هٿن سان، شاھ جي رسالي جو “رنگين قلمي نسخو” به لکيو آهي، جيڪو سال 2011ع ۾ لکي مڪمل ڪيائين. هي رسالو ڇهن رنگن سان، ڇٽيهن سُرن تي مشتمل آهي. باقي سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾، شاھ جو رسالو( وڏو واحد رسالو، جيڪو سال 2013ع ۾، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(ننڍڙو، کيسي ۾ رکڻ جيڏو، حمائيل سائيز ۾، جيڪو سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال 2015ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو( جلد پهريون، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال 2013ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(جلد ٻيو، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال 2014ع ۾ شايع ٿيو)، موکي متارا (هي تحقيقي ڪتاب، المهراڻ فائونڊيشن سانگھڙ پاران، سال 2013ع ۾ شايع ٿيو)، لطيفي اسرار( هن ڪتاب ۾، لطيف شناسيءَ تي لکيل مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، سال 2015ع ۾ شايع ٿيو)، سونَ ورنيون سٽون( هي نثر ۾ لکيل شاھ جو رسالو آهي، جنهن کي ڪويتا پبلشرز حيدرآباد، سال 2017ع ۾ شايع ڪيو)، ڪلياتِ ٻاجھي ( ٻاجھي فقير لغاريءَ جو ڪلام، ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، سال 2017ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر( تعارف، سمجھاڻيون ۽ فلسفا، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، سال 2018ع ۾ شايع ٿيو). اهڙيءَ ريت، استاد لغاريءَ جا، هن وقت تائين چوڏهن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. سندس لکيل ۽ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن جو تعداد سون ۾ آهي، جيڪي لطيف شناسيءَ، ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل آهن.
استاد لغاريءَ کي مڃتا ايوارڊ به ملي چڪا آهن. جن ۾، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران،“لطيف ايوارڊ” سال 2013ع ۾، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد پاران،“شاھ عبداللطيف ڀٽائي اور تصوف ايوارڊ” سال 2017ع ۾، ۽ آئيڊيل پبلڪ اسڪول کاهيءَ پاران“بهترين رائيٽرس ايوارڊ”، سال 2018ع ۾ ڏنو ويو. استاد لغاري سال 2016ع ۾، سروس تان ريٽائر ٿيو، هن وقت پنهنجي ادبي لائيبريريءَ کپرو ۾، علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي. استاد لغاري جو علمي ادبي ڪمن ۾به اتساهيندڙ ڪردار رهيو آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي،ته هن ڪتاب جي تحقيقي ڪم ۾ هو منهنجو وڏو مدد گار رهيو. کانئس قيمتي علمي ڄاڻ به ملندي رهي. سندس گهر ۽ لائبرري جا دروازا مون لاءِ هر وقت کليل رهيا. .
محمد جمن گجُو : محمد جمن ولد خان محمد ذات گجو، ڳوٺ حاجي محمد عمر گجو، لڳ ڍليار ۾ 10 فبروري 1958ع تي جنم ورتو. هن پڙهڻ جي شروعات ڳوٺ ٻيڙو ڀنڀرو جي پرائمري اسڪول ۾ ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول هٿونگو مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان 1976ع ۾۽ ايم، اي سنڌي، سنڌيونيورسٽي مان 1989ع ۾ پاس ڪئي. هن کي سال 1980ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر جي نوڪري ملي ۽ ترقي ڪري هاءِ اسڪول ٽيچر جي عهدي تائين پهتو. جتان 19 هين گريڊ ۾ سال 2018ع ۾ رٽايرڊ ڪيائين. هن وقت کپري شهر ۾ رهائش پذير آهي. هن 37 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون ، انهي جي شاهدي وقت بوقت کيس ڪيترائي مليل ڪارڪردگي جا ايوارڊ آهن. هي تعليمي خدمتن کان سواءِ سماجي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. قومي تحريڪ جي نوجوانن لاءِ پڻ اتساهه جو سبب رهيو. ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ پڻ نوجوانن کي همٿائيندو رهيو. هن سماجي شعور پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي علمي،ادبي، ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايا. اهو ئي سبب آهي ، جو کيس سماج جي سمورن حلقن ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هي منهنجو پراڻو يار آهي. هن منهنجي هن ڪتاب لکڻ واري تحقيقي سفر ۾ منهنجي مدد ۾ وس آهر نه گهٽايو. سندس ساٿ منهنجي لاءِ وڏي وٿ هو.
[b]فقير دين محمد ڪنڀار[/b]: فقير دين محمد تعلقي کپري جي ڳوٺ باکريچي جي هڪ غريب پورهيت ڪچرو خان ڪنڀار جي گهر ۾ 1948ع ۾ جنم ورتو. ڳوٺ حاجي شاهه محمد هنڱورجو جي اسڪول ۾ غربت سبب صرف ٽي درجا پڙهي سگهيو. ننڍپڻ ۾ ئي غربت جي عذابن ۾ اک کوليندڙ هن ٻار جي دل ۾ غريبن سان همدردي پيدا ٿي. ون يونٽ جي خلاف انهي وقت هلندڙ جدوجهد هن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. هن ڪجهه وقت صحافت به ڪئي. سانگهڙ مان نڪرندڙ ٽي روزه الفقراءَ ۽ روزانه عبرت ۾ نمائندگي سان گڏ انهي اخبارن جي وڪري جو ڪم به ڪندو رهيو. اڳتي هلي هي سنڌ جي قومي جدوجهد کان متاثر ٿي انهي ۾ سرگرم ٿيو. هن وقت فقير دين محمد ڪنڀار جو نالو هڪ هاري اڳواڻ جي نالي طور پوري سنڌ ۾ مشهور آهي. هن جي پوري حياتي قومي جدوجهد ۽ سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذري آهي. انهي کان علاوهه پاڻ لطيف سائين جو پارکو ۽ هر چڱي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ سبب اتساهيندڙ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. انهي ڪري هو سنڌ جي سمورن سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. منهنجو هي پراڻو ۽ جوڀن ڏينهن جو يار آهي. زندگي جي ڪافي لاهن ۽ چاڙهن ۾ اسان جو ساٿ نڀاهه جي اصولن جو مياري ناهي. هن ڪتاب جي تحقيق جي دوري لاءِ جڏهن آئون اڇڙي ٿر لاءِ سنبريس ته، هن جي ننڊ ڦتي ويئي. منهنجي پيارن دوستن استاد لغاري، جمن گجو، شير محمد لاشاري سان ملي سفر جي انتظامن ۾ مصروف ٿي ويو. بيماري سبب گڏ هلي ته نه سگهيو. پر فونن جي ذريعي پوري سفر ۾ ساٿي رهيو.
[b]فقير مير محمد نظاماڻي[/b] : هن فقير طبيعت ۽ يار ويس انسان ضلعي نواب شاهه جي ڳوٺ خدابخش نظاماڻي ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خدابخش نظاماڻي هو. جيڪو حر جدوجهد ۾ سرگرم رهيو. انهي پاداش ۾ حيدر آباد سينٽر جيل ۾ به قيدي رهيو. هن کي اسڪول حاجي خدابخش بروهي ۾ داخل ڪرايو ويو. پر هو حالتن جي اڳيان مجبور ٿي ٽن درجن کان مٿي پڙهي نه سگهيو. جيئن ته هن جو خاندان حر جدوجهد ۾ سرگرم هو. انهي ڪري هن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو، ته حر جدوجهد بابت احوال گڏ ڪجي. انهي ڪم جي عشق هن کي سڄي سنڌ ۾ وڃي حر ويڙهاڪن جا انٽرويو ڪرڻ تي مجبور ڪيو. انهي کان علاوه هن حر جدوجهد ۾ ويڙهاڪن جي ڪيسن جا فائل به گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ، برٽش گورنمينٽ جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ به پوري ملڪ ۾ جاکوڙيو. ائين هن پنهنجي پوري زندگي حر جدوجهد بابت معلومات گڏ_ ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي حر جدوجهد جي احوال جي اٿارٽي سمجهيو ويندو آهي. انهي کان علاوه هن جي پوري ڄمار سفر ڪندي گذري انهي ڪري وٽس سنڌ جي سماجي حالتن بابت ڪافي معلومات آهي . مطلب ته هي سنڌ جي هڪ هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي. وٽس حر ويڙهاڪن جا ٽي سئو کن انٽرويوز تي مبني آڊيو ڪيسٽون. تيرهن هزار صفحن تي مشتمل اٺانوي رڪارڊ جا فائل موجود آهن. هن جو هڪ ڪتاب حر ويڙهاڪن کان ورتل ڪجهه انٽرويوز “ مڙيا مٿي مچ ” به ڇپيل آهي. هن عالم شخص جا دروازا محققن لاءِ هر وقت کليل آهن. هن جي خواهش آهي ته وڌ کان وڌ حر جدوجهد جي لڪل رازن تان پردو کڻي سنڌ جي هن عظيم جدوجهد بابت سنڌ جي ماڻهن کي آگاهه ڪجي. انهي عشق ۾ ئي هي فقير طبيعت انسان جيئي ۽ جاڳي پيو. منهنجي هن عظيم انسان سان اڳ ۾ ڪا به ڏيٺ ويٺ نه هئي. اڇڙي ٿر جي تحقيق دوران جڏهن هن عالم انسان سان منهنجي ملاقات ٿي، ته هن پنهنجو پاڻ کي منهنجي هرقسم جي مدد لاءِ ارپي ڇڏيو. هن جي علمي ساٿ سان ئي منهنجي هي تحقيق سگهاري ٿي.
[b]عاجز منگي[/b] : ميرحسن عاجز منگي ڳوٺ شاهه مردان آباد تعلقو شهداد پور ضلع سانگهڙ ۾ 4 مئي 1958ع تي مصري فقير منگي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سائينڏتو رند ۾ ورتي اهڙي ريت اڳتي هلي گريجويئشن ڪيائين. 17 جنوري 1976ع تي کيس پرائمري استاد جي نوڪري ملي. هن نوڪري جي شروعات پنهنجي اسڪول ۾ نئين کليل اسڪول کان ڪئي. ۽ پوري سروس پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جي ترقي ۾ گذاريائين. جيڪو هن وقت مڊل اسڪول آهي. هن سرڪاري نوڪري تان 30 آگسٽ 2012ع تي رٽايرڊ ڪيائين. انهي کان علاوه هي ادبي سرگرمين ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو، هن سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو رابطه سيڪريٽري پڻ رهيو. هي شاعر سان گڏ سٺو نثر نويس پڻ آهي. هن صحافت به ڪئي . سانگهڙ مان نڪرندڙ ٽي روزه الفقراءَ جو ڪجهه سال ايڊيٽر پڻ رهيو. هي قومي تحريڪ سان پڻ لاڳاپيل رهيو. ۽ اتي به سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. هن وقت هن هڪ اشاعتي ادارو پڻ المهراڻ فائونڊيشن نالي سان کوليو آهي. هيستائين 19 ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. انهي کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ 60 کان وڌيڪ ڪتابي ميلا لڳائي پوري سنڌ ۾ علمي شعور پکيڙيو آهي. منهنجو هي پراڻو دوست آهي. هن کي جڏهن منهنجي اڇڙو ٿر ۽ سرسوتي تهذيب ڪتاب لکڻ جي خبر پئي، ته هن مون کي اڇڙي ۽ خاص ڪري حر جدوجهد بابت ڇپيل سمورو مواد فراهم ڪري ڏنو. پنهنجي گهر ، لائبرري ۽ دل جا دروازا کولي ڇڏيا. سندس ساٿ سان منهنجو هي تحقيقي سفر آسان ٿي ويو.
[b]سانوڻ راڄڙ [/b]: سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو مٺا خان لڳ ڳوٺ محمد بچل راڄڙ جي هڪ ڳوٺاڻي حاجي حضوربخش راڄڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ۽ انٽر تائين اسڪولي تعليم پرائيندڙ، هي باعمل انسان هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رهندو آيو آهي. اهوئي سبب آهي ، جو هن پنهنجي عمر کان وڌيڪ ڪم ڪري پنهنجي عزت ماڻي ورتي آهي. کلمک ، خوش اخلاق ۽ باهمت هن ماڻهو جي اها جادوئي ڪشش آهي، جو ساڻس ملاقات ڪندڙ ماڻهو کي هو پنهنجو ساٿي بڻايو ڇڏي. هن جي دل ۾ اڇڙي ٿر جي مظلوميت ۽ لٽيل سونهن ٻيهر بحال ڪرڻ جو عشق موجود آهي. جنهن عشق کيس ڏونگر ڏورڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن محنتي ۽ مخلص انسان ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجو نالو سانگهڙ جي علمي ادبي ۽ سماجي فورمن ۾ ڳڻايو آهي. هن پنهنجي عملي ڪم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ کان ئي ڪئي، جتي هن سڀ کان پهرين پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڪي مسجد شريف جوڙائي ۽ ان ۾ ديني تعليم جو بندوبست ڪيو، جيئن علم جي روشني پکڙي. هن جو چوڻ آهي، ته اڇڙي ٿر ۾ تعليم اچڻ سان ئي ڪجهه ٿي سگهندو. انهي سلسلي ۾ هن دوستن سان گڏجي ، نوجوانن ۾ لکڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ اڇڙوٿر پبليڪشن جو بنياد رکيو. انهي پليٽ فارم تان سلسليوار”اڇڙوٿر“جي نالي لڳاتار شمارا آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جنهن سان هتان جي نوجوانن ۾ اڇڙي ٿر بابت لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي. انهي شوق کي منظم ڪرڻ لاءِ اڇڙوٿر ادبي فورم قائم ڪري ادبي سرگرميون وڌائڻ ۽ دلچسپي پيداڪرڻ سان گڏ فورم ۾ شامل ميمبرن جا ڪتاب ڇپائڻ ۽ ادبي گڏجاڻيون ڪرڻ سان ، نوجوانن ۾ لکڻ جو چاهه پيدا ڪيو آهي . هن فورم طرفان تازوشاعري جوگڏيل ڪتاب “ اکين جي پاند ۾” ترتيب ڏئي ڇپرائي ميدان ۾ آندو آهي . ان کان علاوه هي پاڻ به هڪ کاهوڙي محقق آهي . هي تاريخي ماڳن ۽ خاص ڪري اڇڙي ٿر متعلق تحقيقي مضمون ۽ ڪالم به لکندو رهي ٿو. سندس اهي مضمون ۽ ڪالم سنڌ جي تقريبن سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهيا آهن . هي ھن وقت اڇڙوٿر پبليڪشن ۽ اڇڙوٿر ادبي فورم جو چيئرمين ۽ سلسليواراڇڙوٿر جو ايڊيٽر پڻ آھي .ان کان سواء اڇڙي ٿر متعلق چونڊيل نمائندن ۽ ضلع انتظامياجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پڻ جاکوڙيندو رهيو آهي. اڇڙي ٿر تي تحقيق ڪندڙ محققن جوساٿ ڏيڻ هي پنهنجو فرض سمجهي ٿو. انهي جو ثبوت اهو آهي، ته مون جڏهن اڇڙي ٿر تي تحقيقي ڪتاب لکڻ جو خيال ڏيکاريو، ته هن انهي سلسلي ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو. جنهن جي شاهدي منهنجو هي ڪتاب ڏيندو
[b]محمد خان راڄڙ[/b] : سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو مٺا خان لڳ ،ڳوٺ جوارڙو ۾ هڪ محنتي انسان محمد عثمان راڄڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد خان راڄڙ هڪ نهايت محبتي ۽ اڻٿڪ انسان آهي. هن تمام ڏکين حالتن ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن جي دل ۾ سنڌ جي انتهائي منجهائيندڙ صحرائي علائقي اڇڙو ٿر کي پنهنجي اندر ۾ اوتڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس انهي شوق کيس اڇڙي ٿر جي اڙانگين واٽن ۽ پيچرن جو سونهون بڻائي ڇڏيو. سياح قسم جي هن شخص جا پوري اڇڙي ٿر سان تعلقات جڙي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر جو هي نوجوان سونهون اڇڙي ٿر جي تحقيق ڪندڙ محققن جي توجهه جو مرڪز آهي. هن اڇڙي ٿر جي سماج جو گهرائي سان مشاهدو ڪيو آهي، ۽ هي هتان جي سڀني ريتن رسمن ۽ وهنوارن کان واقف آهي. مون تمام ٿورن ڏينهن ۾ اڇڙي ٿر جا اڙانگا پنڌ ڪرڻ جو جڏهن خيال ظاهر ڪيو ، ته هي سانوڻ راڄڙ جي چوڻ تي مون سان سڄي سفر ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيو. سندس ساٿ سان ڪٿي به اڇڙو ٿر منهنجي لاءِ اوپرو نه رهيو. سندس ساٿ کان سواءِ منهنجو هي سفر سڻائو ۽ سڦل نه ٿي سگهي ها. هي سانوڻ راڄڙ جو سندس ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي پڻ آهي.
[b]جان محمد راڄڙ[/b] : هي سانگهڙ جي کپرو شهر جو رهواسي آهي. فقير محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي نوجوان انتهائي مخلص، باهمت ۽ محبتي انسان آهي. ننڍپڻ کان ئي هن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هن همت ڪري بي اي جو امتحان پاس ڪري ورتو. علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو شوق منجهس سانوڻ راڄڙ پيدا ڪيو. هن وقت هي سڀني سرگرمين ۾ اڳرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن محبتي ۽ دوستي جي لڄ رکندڙ انسان جي دوستي جو حلقو به وسيع آهي. سندس سچائي ، محبت ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي کيس کپري جي نوجوانن ۾ مقبول ڪري ڇڏيو آهي. انهي ڪري هي نوجوانن جي علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾سندن اتساهه جو سبب آهي. اڇڙي ٿر جي 2018ع جي ڏڪار ۾ هن امدادي سرگرمين ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. منهنجي اڇڙي ٿر جي تحقيقي سفر ۾ هي دوستن سان گڏ منهنجو پوري سفر ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، سندس ساٿ منهنجي هن تحقيقي سفر ۾ نهايت ڪارائتو رهيو. منهنجي تحقيقي سفر جي ٻئي مرحلي ۾ هن پنهنجي دوستن جي ساٿ سان منهنجي سفر کي مڪمل ڪرڻ ۾ پنهنجو همت وارو ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن سندس ساٿ نه هجي ها. ته آئون پنهنجو هي تحقيقي سفر مڪمل نه ڪري سگهان ها. جنهن مان اهو ثبوت مليو ته هن ۾ وڏي عملي سگهه موجود آهي.
حافظ نور محمد راڄڙ : هي اڇڙي ٿر جي ڳوٺ ٻٻر جو تڙ جو رهواسي آهي. هن جي والد جو نالو محمد صديق راڄڙ آهي. هن پيرڳوٺ جي راشديه درسگاهه مان ديني علمن جي سند ورتي. هن جي دل ۾ اڇڙي ٿر جي غربت ، ۽ ماڻهن جي لاوارثي ڏسي انسانيت جو درد پيدا ٿيو ۽ هن پاڻ کي سماجي خدمتن لاءِ ارپي ڇڏيو آهي. مظلومن جي قانوني مدد ڪرڻ، کين انصاف ڏيارڻ ، لاءِ هي رات ڏينهن مصروف عمل رهندو آهي. پاڻ هن وقت هيومين رائٽس جو سانگهڙ ضلعي جو ڪوآرڊينيٽر آهي . هي صوفي انسان بنا مذهبي فرق جي مظلوم انسانن جا ڳوڙها اگهندي فخر محسوس ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي، جو هن ڏڪار 2018ع ۾به امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، ۽ نوجوانن سان گڏجي منجهن همت ۽ اتساهه ڀريندو رهيو. منهنجي اڇڙي ٿر جي تحقيقي سفر دوران هي نه صرف گڏجي هليو، پر هن انهي اڙانگي سفر دوران سڀني ساٿين جو خاص خيال پڻ رکيو. پوري سفر ۾ هن مخدوم ٿيڻ بجاءِ پاڻ کي خادم سمجهڻ تي فخر ڪيو. جنهن مان هن جي دل ۾ انساني محبت جو سمنڊ ڇوليون هڻندي ڏسڻ ۾ آيو.
[b]ملوڪ درس[/b] : ڳوٺ قاضي محمد علي درس( مٿوڻ ) تعلقو کپرو ضلع سانگهڙ جي هڪ غريب پورهيت محمد حيات درس جي گهر ۾ پنڌرهين مارچ اوڻيهه سئو اٺاسي ۾ جنم وٺندڙ، محمد ملوڪ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ قاضي محمد علي درس مان پرائي. گڏوگڏ قرآن پاڪ جي تعليم به ڳوٺ جي مدرسي صبغت النور مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڀٽ ڀائيٽي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري پنهنجي غريب پورهيت پيءَ جي خواب کي ساڀيان بڻائي سوڀارو ٿيو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ غربت سبب وڌيڪ پڙهڻ جي پهچ نه هئڻ ڪري پنهنجي پورهيت پيءَ سان گڏ مزدوري ڪيائين. وري 2007 ۾ سيڪنڊري هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۾ يارهين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين. غربت ۾ پنهنجي خاندان کي سپورٽ ڪرڻ هن نوجوان جي مجبوري ٿي ويئي. هن نوجوان ٽي سال سرن جي بٺي تي مزدوري به ڪئي. ايتري غربت ۽ مجبورين هوندي به 2011 جي مها ٻوڏ ۾ هن نوجوانن جي ٽيم ٺاهي ڳوٺن مان چندو ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مدد ڪئي. سندس جذبي کي ڏسي 2012 ۾ ضلع سانگهڙ ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم هينڊز جي طرفان هن نوجوان کي رضاڪار جي بنياد تي پنهنجي ارگنائيزيشن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو. هن نوجوان جي دل ۾مسڪين ماڻهن سان محبت ۽ سندن خدمت ڪرڻ جو جذبو اڳ ۾ موجود هو. هن ڏينهن رات هڪ ڪري اڇڙو ٿر واسين جي مدد لاءِ وسان نه گهٽايو. 2013ع ۾ هن پڙهيل نوجوانن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ ٻاراڻي ادب جو ميگزين “مهراڻ جون مرڪون” جوپهريون پرچو مارڪيٽ ۾آندو. ان سان گڏ کپري شهر ۾ مسڪين ماڻهن جي مدد لاءِ هڪ آفيس کولي، غريب مسڪين ماڻهن جي نادرا ، اسپتالن ، ٿاڻي ، مختيار ڪار آفيس ايس ڊي ايم آفيس ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ڏينهن رات مدد ڪرڻ لڳو. هن اسپتال ۾ مسڪين ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ ۽ اڇڙ ي ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد يا ڪراچي تائين پهچائڻ عيب نه سمجهيو. هن پنهنجي 2012 کان تعليم جي ٻيهر شروعات ڪئي ۽ 2016 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ايم اي سنڌي ڪيائين 2016 ۾کيس آرٽس فائونڊيشن ميرپورخاص ۾ سماجي خدمتن تي ايوارڊز سان نوازيو ويو. 2017 ۾ سنڌ سڄاڳ فورم پاران شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ايوارڊز سان نوازيو ويو. هن نوجوان اڇڙو ٿر جي ڳوٺ تڙ وسڻاهو، تڙ جيسرو ، تڙ موڊاڪر ، تڙ کارڪي ۽ ٻين علائقن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳرايون، سول اسپتال کپرو ۾ جهانگير صديقي فائونڊيشن جي طرفان اکين جي فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائي . جنهن ۾ (1200) مريضن جي او پي ڊي ۽ (275) مريضن جا آپٽيڪل آپريشن ڪرايائين. اڇڙي ٿر ۾ 2018ع ۾ آيل ڏڪار ۾ هن نوجوان رات ڏينهن سماجي خدمتن ۾ پاڻ کي مصروف رکيو. هن وقت کپرو جي سماجي تنظيمن جي مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
هي نوجوان هڪ محنتي ۽ محبتي انسان آهي . آئون جڏهن اڇڙي ٿر جي مشاهداتي سفر تي نڪتس ته هي رستي ۾ منهنجي ٽيم ۾شامل ٿي، منهنجو ساٿي بڻيو. سندس حسن اخلاق ۽ جاکوڙي طبيعت سندس لاءِ منهنجي دل ۾ جڳهه پيدا ڪري ورتي. هن وقت هو منهنجو مخلص ساٿي آهي.
[b]غلام علي راڄڙ [/b]: کپري شهر جي ويجهو ڳوٺ بچو راڄڙ جي هڪ پورهيت ملوڪ راڄڙ جي گهر ۾ پنڌرهين نومبر اوڻيهه سئو ايڪانوي عيسوي تي جنم وٺندڙ، هن نوجوان پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو شوق کڻي پڙهڻ جي شروعات ڪئي. کيس شوق ته ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو. پر غربت سبب اهو شوق پورو نه ڪري سگهيو. انهي ڪري کپري ڪاليج مان بي ايس سي ۽ ميرپور خاص جي لا ڪاليج مان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري سگهيو. انهي دوران هو پرائيويٽ ادارن ۾ گهٽ پگهار تي نوڪريون ڪندو پڙهندو رهيو. هن وقت بئنڪ ۾ ملازم آهي. انهي سان گڏ پڙهائي به جاري رکيو اچي. سندس تعليم جو سفر هن وقت ايم اي انگلش تائين پهتو آهي.
انسانيت سان پيار ڪندڙ هي نوجوان هڪ خدائي خدمتگار جيان هر وقت غريب ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندو. هن نوجوان ۽ خداترس انسان اڇڙي ٿر جي 2018ع ۾ آيل ڏڪار دوران سماجي خدمتن ۾ اڳرو رهيو. انتهائي محبتي ۽ خوش طبع هي فقير طبيعت ماڻهو هر چڱائي جي عمل ۾ اڳرو نظر ايندو. منهنجي تحقيقي سفر دوران هن جو ساٿ مون لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو. هي انهي سفر دوران به هڪ ننڍڙي پاڻي جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ جي مشين گڏ کڻي هليو. رستي جي هر کوهه ۽ نلڪي جو پاڻي چيڪ ڪندو رهيو. معلومات گڏ ڪندو رهيو. جنهن مان اهو ثابت ٿيو، ته هي مستقبل جو وڏو محقق ٿي سگهي ٿو.
[b]عبد الله راڄڙ[/b]: عبدالله راڄڙ ولد وڏيرو فوٽو فقير راڄڙ هڪ باهمت بهادر ۽ مخلص نوجوان آهي. ڇهين فبروري اوڻيهه سئو اوڻانوي ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان جو اصل ڳوٺ تڙ ڌڻي نار تعلقو سوراھ ضلعو خيرپورآهي. پر هن وقت ڳوٺ غلام حيدرفقير غازي، تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ ۾ رهائش پذير آهي. سندس ڪجهه اباڻي زمين آهي، جنهن کي سنڀالي ٿو. گڏوگڏ هن جو خاندان راڄڙ برادري جي پاڙي ڪاموجا جي اڍائي هزار خاندانن جو چڱو مڙس پڻ آهي. هي هڪ باشعور سماجي خدمتن جو جذبو رکندڙ انسان آهي. هن پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرايا آهن. جتي سوين ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سندس خيال آهي، ته اڇڙي ٿر ۾ تعليم کان سواءِ تبديلي ناممڪن آهي. هن جو آئيڊيل ڪامريڊ بادل ٿري آهي. جيڪو هڪ بيباڪ صحافي هو. اڇڙي ۾ ڏڪار 2018ع ۾ به هن پنهنجي وس آهر ڪردار نڀايو. هن کي جڏهن جان محمد راڄڙ منهنجي رهيل مشاهداتي دوري بابت ٻڌايو، ته هن نوجوان ساٿ ڏنو۽ پنهنجي جيپ پاڻ ڊرائيو ڪري منهنجو ساٿ ڏنو. سندس خلوص سچائي ۽ بهادري مون کي متاثر ڪيو. شال هي نوجوان انساني خدمتن جي جذبي سان سرشار رهي.
شفيع محمد راڄڙ: کپرو شهر سان تعلق رکندڙ، هي باصلاحيت نوجوان به اڇڙي ٿر جي درد جي پيڙا کي محسوس ڪندي ، پنهنجو اڪثر وقت سماجي ڪمن ۾ گذاريندو آهي. هن پڙهيل لکيل نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ، باشعور نوجوانن طرفان ينگ سجاڳ فورم جي پليٽ فارم تان نوجوانن ۾ سماجي خدمتن جو روح ڦوڪيو آهي. اڇڙو ٿر ادبي فورم جو به سرگرم ميمبر آهي . انهي کان علاوه سياسي طور حر جماعت سان تعلق هئڻ سبب مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو تعلقي کپري جو صدر پڻ آهي. اڇڙي ٿر جي ڏڪار 2018ع ۾ هن نوجوان ٻين نوجوانن سان گڏجي امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو.
منهنجي تحقيقي سفر ۾ هي ساٿي رهيو، سندس همت ۽ جاکوڙ سفر جي ساٿين ۾ اتساهه پيدا ڪيو، مون هن نوجوان ۾ مستقبل جي هڪ باصلاحيت اڳواڻ جون خوبيون ڏٺيون . شال پنهنجي همت ۽ حوصلي کي قائم رکندي پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي.
حسن علي راڄڙ : هن نوجوان حر جماعت جي اهم سرگرم فقير حاجي وريام راڄڙ جي گهر ۾ 26 نومبر 1991ع تي جنم ورتو. هن روشن تارا اسڪول کپرو ۾ داخل ٿي تعليم جي شروعات ڪئي. اهڙي ريت پڙهي گريجويٽ ٿيو. انهي کان پوءِ هن اڇڙي ٿر جي گئس فيلڊن قادن واري ۽ سانوڻ گئس فيلڊ ۾ به نوڪري ڪئي. اتان کان دبئي وڃي ڪاروبار شروع ڪيائين. پر کيس وطن جي ڇڪ وري سنڌ وٺي آئي. هن وقت هي کپرو شهر ۾ ذاتي ڪاروبار ڪندو آهي.
هي نوجوان هونئن ته کپرو شهر ۾ ڪاروبار ڪندو آهي. پر علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ هميشه هٿ ونڊائيندو رهيو آهي. انتهائي محبتي ۽ خوش اخلاق انسان آهي. 2011ع واري ٻوڏ ۾ هن ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي فند گڏ ڪري متاثرين جي سهائتا ڪئي . ساڳي ريت هن ڏڪار 2018ع ۾ پڻ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو. منهنجي اڇڙي ٿر جي ٻئي مرحلي ۾ جڏهن جان محمد راڄڙ کيس هٿ ونڊائڻ جو چيو، ته هن مخلص ۽ سنڌ دوست نوجوان نه صرف سفري خرچن ۾ مدد ڪئي، پر پاڻ پنهنجا ڪاروباري معاملا ڇڏي، خود سنبري گڏ هليو. سندس ساٿ سان هي ٻيو مرحلو به تمام گهڻو ڪامياب رهيو. جيڪو سندس ساٿ کان سواءِ ناممڪن هو. سفر دوران هن جي محبت ، اخلاق ۽ خلوص سفر کي آسان بنائي ڇڏيو.