”جت نه پکيءَ پير“
سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ۽ قديم آثارن تي مختلف دورن ۾انفرادي طور تي جن سـڄاڻ شخصيتن پنهنجو نالو ڳڻايو آهي، تن ۾ هلندڙ دوٌر۾ مشڪورڦلڪارو به هڪ نمايان نالو آهي، جنهن ٿر، بر، وستيون، واهڻ، ڪارونجهر، ڪوهستان، لاڙپٽ ۽ رڻ پٽ جهاڳي جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو اسان جي سامهون آهي. مشڪورڦلڪاري جي شخصيت گهڻ رخي آهي. هو پنهنجي هيانو جي زورتي پنهنجي حال سارو سنڌ ۾ تحقيق واسطي ميدان ماري، جبل جهاڳي، پيرپٿون ڪري، سرديون گرميون برداشت ڪري لُڪ ۽ جهولن ۾ پنڌ جهاڳڻ کي پنهجو فرض سمجهي، سنڌ جي عاشق وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ۽ هڪ سجاڳ کاهوڙي مثل جتي به وڃي ٿو ، اتي زندگي جو اتساهه ڀري دونهين دکائي ۽ ميلا مچائي اچي ٿو.
جت نه پکي پير آت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کيرَ ري.
سنڌ جي ڏاکڻي حصي لاڙ سان تعلق رکندڙ اسان جو هي جاکوڙي ساٿي، من موجي ماڻهوجيڏانهن پوُر پويس، بس وَر کُنجيو لڙيو پوي. مشڪورجي تحقيق جو انداز به پنهجو آهي. هو هڪ آزاد منش ڏات ڌڻي آهي، جنهن کي تحقيق، جاکوڙ، رهاڻين ۽ ميدان مارڻ ۽ لتاڙڻ ۾ئي مزو ايندو آهي، ۽ انهن ئي رولاڪين ۾ هو جتي به وڃي اتان سمورا موتيءَ ميڙي ۽ لنڪا لُٽي اچي ٿو. انهي سلسلي ۾ گذريل سال انهن ئي رولاڪين ۽ پنڌن جي نتيجي ۾ جيڪومشاهدو ماڻيائين ، سو هينئرسرسوتي تهذيب ۽ اَڇڙو ٿر بابت هي تاريخي دستاويز آهي. جنهن ۾مانواري مشڪور وادي سنڌ جي گم ٿيل ندي سرسوتي ۽ ان سان لاڳاپيل سموري تهذيب جو احوال ڏنو آهي ۽ سنڌ جي اڀرندي علائقي جي هڪ حصي اَڇڙي ٿر بابت انتهائي اهم معلومات گڏ ڪري، هن ڪتابي صورت ۾ آندي آهي. سرسوسوتي تهذيب ۽ اَڇڙي ٿرجي واري ، جاگرافيائي حدن جي تاريخ، تهذيب، سماجيات، ماڻهن جي نفسيات، ماحوليات، معاشيات، زراعت، واپار وغيره جو احوال ڏيئي ڪتاب جي اهميت ۾اضافوڪيو اٿس. مشڪورڦلڪارو قديم آثارن واري علم جو ته ماهرنه ئي سهي، پر پنهنجي هيانوَ جي ڏڍ، وسيع مطالعي ۽ مشاهدن جي آڌار تي مختلف ماهرن کان مدد وٺندي، سنڌ جي قديم آثارن بابت لکندڙن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو اٿس. هن جو مشاهدي ۽ تحقيق جو انداز به منفرد آهي. هو ڪيل مشاهدن جي تور تڪ ڪري نتيجا ڪڍي پنهنجي راءِ ڏيندڙ ليکڪ آهي. جيڪو پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ محسوس ٿيندو.
هن ڪتاب کان اڳ ليکڪ جو سنڌ جي ڪوهستان بابت به ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي تاريخ، جاگرافي، قديم آثارن، رهڻي ڪهڻي، ماحوليات، ريتن رسمن ۽ ماڻهن تي لکيو آهي، انهي ڪتاب پڻ چڱي مڃتا ماڻي آهي. ان کان اڳ سندس لکيل ڪتاب “ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس ” پڻ ٿر بابت نئين معلومات جو ڀنڍار ۽ پڙهڻ وٽان آهي. هن سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري ۾ پنهنجي شاعري ترتيب ڏيئي ، سنڌي ٻولي ۾ پهرين ٻاونجاهه اکري لکندڙ شاعر جو اعزاز پڻ ماڻيو آهي.
زيرنظرڪتاب سندس چوٿين ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اَڇڙوٿر” ۾ مشڪور صاحب سنڌو تهذيب جي گم ٿيل درياهه سرسوتي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ته قديم هاڪڙو، سرسوتي درياهه جي آخري شڪل يا وهڪرو هيو جنهن جو ڇوڙ پراڻ ۾ ٿيندو هو. جيڪو بدين ضلعي ۾علي بندرلڳ شڪورڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندوهو. هن ئي وهڪري جي ڪنارن تي لاتعداد تاريخي ماڳ ملن ٿا، گم ٿيل سرسوتي نديءَ جا پيرا کڻندي، هوان کي وهندي ڏسي ٿو. جنهن ۾ هي ندي روپارا گليشيئر کان وهي انبالا ۽ ڪنال شهرن جي ڀرسان گذري ڪالي بينگن کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي، گنويريوالا کان ٿيندي ڪوٽ ڏيجي ۽ چانهون جو دڙو کان سفر ڪندي اَڇڙي جي دنگ کپري تعلقي، ڏاهلي عمر ڪوٽ وٽان اوڀر طرف مڙي وري راجستان ۾ داخل ٿيندي هئي ۽ اتان کان وهندي گجرات وٽ سنڌي سمنڊ ۾ سمائجي ويندي هئي، هن ڪتاب ۾ ليکڪ سرسوتي جا مختلف وهڪرا ڏيکاريا آهن. سرسوتي جي عروج ۽ زوال جي داستان ۾ هو اَڇڙي ٿر جي به عروج ۽ زوال، ڏڪار ۽ سڪار جو احوال پڻ بيان ڪري ٿو. اها حقيقت آهي ته ڪٿي تهذيبون دنيا ۾ ندين جي رخ موڙڻ يا سڪي وڃڻ سبب زوال هيٺ آيون.
تاريخ ۾ سرسوتي کي گم ٿيل يا وڃايل ندي جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي، پر درياهي وهڪرن جا ڄاڻو هن گم ٿيل نديءَ جي هڪ نشاني سنڌ ۾ ٻڌائين ٿا. جنهن موجب سرسوتي جو هڪ وهڪروموجوده 200 ميل ڊگهو نارا ڪئنال آهي. ايم ايڇ پنهورموجب سرسوتي اوائلي دور ۾ لوڻي نديءَ ۾ ڇوڙڪيو ٿي، وچئين دور ۾ هن گهگهر نديءَ جي روپ ۾ امر ڪوٽ ويجهو ڇوڙ شروع ڪيو. ان بعد پوئين دور م هن مکي ڍنڍ، فراش ڍنڍ ۽ چوٽياريون وارين ڍنڍن ۾ هاڪڙي وسيلي ڇوڙ ڪيو ٿي ۽ اٽڪل 10 هزار ورهيه اڳ سرسوتي پنهنجو نئون وهڪروبيڪانير ۽ بهاولپور کان سکر ڏانهن جوڙي ورتو ۽ پوءِ هاڻوڪي ريڻي ۽ اوڀر واري ناري (هاڪڙي) وسيلي ڪڇ جي ڪوري نار(Gulf of Kutch) ڏانهن وهڻ شروع ڪيو. قديم سرسوتي جي موجودگي ۽ وجود بابت ماهرن کوجنائون به ڪيون ۽ ان جا پيرا به کنيا ۽ اهي گس ڳولي لڌا، جتان هي خوشحالي جي ديوي وهي هلي هئي. ان سلسلي ۾ جنوري 1997 کان ڪيترن ئي سائنسي کوجنائن وسيلي سرسوتي جي قديم وجود جي ثابتي ملي آهي. اهڙي تحقيق ۾ بارڪ سائنسدانن ۽ ٻين کوجنا ڪندڙن، جهڙوڪ پروفيسر والديا، پوري، ورما ۽ ٻين محققن هن گم ٿيل درياهي وهڪرن واري علائقي جي زيرزمين پاڻي جي نمونن سرسوتي، سرسوتي جي منڍ هرڪي دن (Har-ki-dun) ۽ ان جي جابلو سلسلي بندر پونچ (Bandar Ponch) نيتوار(Natwar) تائين ۽ اتان کان وٺي ان جي بر پٽ وارن وهڪرن ۽ آخر ۾ نال ڍوري(Nal Lake) ۾ ڇنڊجي وڃڻ ۽ ڪڇ جي رڻ مان لنگهي پنهجي سهيوڳي درياهن سنڌو،ستلج ۽ جمنا سان گڏ ڪوري نار ۾ڪرڻ. هڪ ٻئي مفروضي موجب سرسوتي جو ڏکڻ گجرات ۽ احمد آباد لڳ نال ڍوري يا ڍند ۾ وڃي ڇوڙ ڪرڻ ۽ امڪاني طور تي اتان پوءِ گهڻي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ اها وڃي کنڀات نار ۾ ڇوڙڪندي هئي .
سرسوتي جي وهڪري جو اهواُوچتو بند ٿيڻ يا سڪي وڃڻ سنڌو سماج لاءِ هڪ وڏي نقصان مثل هو. اهڙي هاڃي کي ماڻهو پيڙهي به پيڙهي پنهجي سينن ۾ سانڍيندا آيا آهن .
ڪن جو خيال آهي 3500 ورهيه اڳ سرسوتي (هاڪڙي) پنهجو وهڪرو وڃايو هو. سنڌ جي سرتاج شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي به انهي هاڃي کي پنهجي شاعري وسيلي بيان ڪيو آهي.
سَچ ڪ سڪو ڍورڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا
جنگن ڇڏيو جور،سَر سُڪو سُونگي گيا
ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهه ڀريوئي ڍور وهي
جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو ڏٺو پَيَڙو .
ٻئي طرف اوائلي سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ سرسوتي هاڪڙي جي ٻيهر وهڻ بابت هڪ اڳڪٿي ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ پڻ موجود آهي
هاڪ وهندو هاڪڙو ، ڀڄندي ٻنڌ اَروڙ
بهه مڇي ۽ لوڙه، ويندا سمي سوکڙي
اڳتي هلي ليکڪ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، جين ڌرم جي عروج ۽ زوال جا داستان بيان ڪري ٿو ۽ ان ڌرمن جي بانيڪارن ۽ پيروڪارن جو سربستو احوال به اوري ٿو.
سرسوتي تهذيب سان واڳيل قديم ماڳن ۾ مومل جي ماڙي، اروڙ، وڃڻوٽ، دٻي جو دڙو، آباد وارو دڙو، سوامي دت گرجي مڙهي وارو دڙو، چانهون جو دڙو، برهمڻ آباد، رتوڪوٽ، ڪاهو جو دڙو، نوهٽو، ڀوڏيسر، عمرڪوٽ، پاري نگر، ڏوتڙ، ويرواه علي بندر وغيره شامل آهن جن جي عروج ۽ زوال جو سربستو احوال ڏنو آهي .
مشڪور صاحب اڇڙي ٿربابت به ڪافي احوال پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ اڇڙي ٿرجي تاريخ جاگرافي، ماحوليات، رهڻي ڪهڻي، ڏهر، چوپايو مال، خوراڪ، پکي پکڻ، ۽ قديم آثارن جا مشاهداتي احوال قلمبند ڪيا آهن. سنڌ جي هن اڀرندي علائقي جي پنهجي هڪ تاريخي جفرافيائي اهميت آهي، جنهن بابت اها قيمتي ڄاڻ هن ڪتاب جي مطالعي مان ماڻي سگهجي ٿي.
اها حقيقت آهي ته سانگهڙ ۾ پوسٽنگ دوران اسان جي دوستن گڏجي فيصلو ڪيو، ته اڇڙي ٿر جي الڳ سڃاڻپ ڪرائجي، ڇو جو ان کان اڳ اَڇڙي ٿر جومختصر ذڪر صرف“تاريخ ريگستان” ۾ ملي پيو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سنڌي ڊڪشنري ۾ به اَڇڙو ٿر نٿو ملي. اسان سڀني دوستن نواز ڪنڀر، بخشڻ مهراڻوي، مير محمد نظاماڻي، مولا بخش ملاح، اسلم ميمڻ وغيرهه انهي ڏس ۾ باضابطه منصوبابندي سان ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ اَڇڙو ٿر عام ماڻهن۽ ميڊيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ اسان 5 مارچ 2000ع تي کاروڙڍنڍ وٽ “اٺن جي گوءِ” ڪرائي. ان گوءِ ۾ خاص مهمان عبدالقادر جوڻيجو، جامي چانڊيو، سردار شاهه، نثار کوکر، مظهر لغاري، نياز خٽڪ، مبين وساڻ، ارباب نيڪ محمد، زلفي پنهور، حسن درس وغيرهه هئا. جنهن ۾ استاد گلزار، بسنت فقير، چاندي فقير ، ڪستورو ۽ ڀاڳو فقير پنهنجي ڏات سان سامعين کي موهيو. عبدالقادر جوڻيجو اٺن جي گوءُ کٽندڙن ۾ انعام ورهايا.
ان کان علاوهه مون به پنهنجي ڪتاب ”خيما کاهوڙين“ جومهورت بخشش مهراڻوي، بشير ساريو، نواز ڪنڀر، مير محمد نظاماڻي، حاجي محمد چانيهو جي تعاون سان اَڇڙي ٿر جي ڪاڪاهو ڍنڍ تي ڪرايو. جنهن ۾ خاص مهمان ابراهيم جويو، مسٽربنبر، يوسف لغاري، ابرار قاضي، جامي چانڊيو، انعام شيخ، نصيرمرزا، ذوالفقار هاليپوٽو، معشوق بلوچ، معصوم سانگهڙائي، علي محمد شاهه لڪياري، امر لغاري، استاد نظاماڻي، مير حسن سريوال، نظير ڪنڀر، نور چاڪراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست هئا. اسر مهل تائين هلندڙ ان محفل ۾ استاد گلزار ۽ صادق فقير واهه جو محفل جو رنگ ڄمايو.
مطلب اهڙين ڪوششن بعد سنڌ ۾ عام ماڻهن ۽ ميڊيا ۾ اڇڙي ٿر جي الڳ سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. ان سلسلي ۾ منهنجو ٽماهي مهراڻ ۾ اڇڙو ٿر مضمون شايع ٿيو. ساڳي وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان نواز ڪنڀر جو 2018 ڌاري ”اڇڙو ٿر“ ڪتاب شايع ڪيو.ويو
مشڪور ڦلڪاري وڏي باريڪ بيني سان اَڇڙي ٿرجي تاريخ بيان ڪئي آهي. اَڇڙي ۾ عربن جي فتح، اَڇڙي ٿر تي محمود غزنوي جي ڪاهه. اڇڙوٿرسومرن جي دور ۾، اَڇڙوٿر سمن جي دور ۾، اَڇڙي ٿر۾سوڍن جي ۽ راٺوڙن جي حڪومت يا دور ۾، اَڇڙوٿر مغلن جي دور ۾، اَڇڙوٿر ارغون ۽ ترخان دور ۾، اَڇڙوٿر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۽ برطانوي دور۾. بابت به مختصر تاريخي جائزو ورتو آهي.
زيرنظرڪتاب ۾ اڇڙي ٿر ۾ واقع حر هلچل يا حُر تحريڪ ان سان لاڳاپيل ڪردارن ۽ ماڳن مڪانن، جو سربستو احوال ڏنل آهي. جنهن ۾ راشدي پاڳارا خاندان، اَڇڙوٿر کي حُرتحريڪ جو مرڪز بنائڻ جو سبب، شهيد الله بخش سومري جو قتل، حر مجاهدن جون جنگي حڪمت عمليون. اڇڙو ٿر۾حرن جا شهيد ۽ غازي، اڇڙي ٿر تي پيل ماحولياتي سماجي ۽ اقتصادي اثر. اڇڙي ٿر ۾ ڍرنهون، ڀٽون ڏهر، پاڻي جا کوهه ۽ ٻيا ذريعا، مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ڍنڍون، جانور، وڻ، ٻوٽا، جيت، بلائون، پکي، نخلستان، ڏٿ، چوٽياريون ڊيم، گئس، تيل جون فيلڊون ۽ کوهه، گهرو هنر، لباس، درسگاهون ۽ مدرسا، وسندڙقبيلا، رانديون، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو تفصيلي ذڪر ملي ٿو.
ڪتاب جي ليکڪ هڪ سٺي روايت قائم ڪندي يا ان جو بنياد رکندي، سنڌ جي هن وساريل ڀاڱي اڇڙي ٿر جي ترقي لاءِ سفارشون ۽ تجويزون به ڏنيون آهن. بحيثيت ليکڪ پاڻ هاڻوڪي حال ۾ اڇڙي ٿر کي ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز سان ڏٺو۽ ڇا ڏٺو، سوته ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿيندو. خاص ڪري هن مطالعي ۽ مشاهدي واري سفر ۾ مشڪور صاحب انهن سڀني دوستن کي ياد ڪري کين پنهنجي هن ڪتاب جي زينت بڻايو آهي. جن جو ساڻس سفرن ۾ ساٿ ۽ سهڪار رهيو.
اميد ته مشڪورڦلڪارو صاحب جي هن پگهر جي پورهئي مان مطالعي جي طالبن ۽ علم حاصل ڪندڙن سوين دوستن جي اڃ اُجهامندي ۽ هي ڪتاب صحرا ۾ نخلستان مثل ثابت ٿيندو.
اشتياق انصاري
حيدرآباد
01 فيبروري 2019