تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت
هن ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ ڳالهه سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ته اسين تاريخ جي علمي حيثيت کي سمجهي پوءِ انهي ڏس ۾ پڙهون يا قلم کڻون. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ۾تاريخ لکڻ وقت سنجيدگي سان تاريخ جي علمي اهميت کي نظر ۾ رکندي، طئه ٿيل دائري ۾ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ غير اطمينان بخش آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اڃان ڪيترائي سوال آهن، جن جي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي تاريخ تي ڪيترن ڏيهي ۽ پرڏيهي محققن ڪم ڪيو آهي، جن جي ڪتابن مان اسان کي گهربل ڄاڻ ۽ پيدا ٿيل سوالن جا حل ٿيل جواب نه ٿا ملن. سنڌ جي تاريخ جي بنيادي سوالن يعني سنڌ جي قدامت ڪيتري آهي. سنڌ جي جاگرافي ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون ۽ انهن تبديلين جا ڪهڙا سبب هئا؟ سنڌ ۾ زندگي جو وجود ڪڏهن کان آهي؟ سنڌ جي تهذيب جي ارتقا جا ڪهڙا محرڪات هئا ؟ سنڌ جي سماج تي ڪهڙن اقتصادي ضرورتن جا اثر پيا؟ سنڌ جي آسپاس جي ملڪن جي سماجي صورتحال ڇا هئي؟ آسپاس جي ملڪن جي سماجي حالتن جا سنڌ جي سماج تي ڪهڙا اثر پيا؟ وغيره . اهڙن سوالن جي جوابن نه ملڻ جا ڪيترائي سبب آهن. پر ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو، ته تاريخ جي علم کي تحقيق جي بنياد تي سنجيدگي سان سائنسي ضرورتن پٽاندر ڪم ڪرڻ جي اهميت کان پاسيرو رکيو ويو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق لاءِ ڪي به منظم ادارا نه جوڙيا ويا. جيڪو ڪجهه ڪم ٿيو، سو انفرادي طور مختلف محققن پنهنجي شوق يا جذبي تحت ڪيو. انفرادي طور ڪم ڪرڻ وقت انهن محققن کي نه ڪنهن طئه ٿيل قاعدي موجب ڪم ڪرڻ جو پابند ٿيڻو پيو، ۽ نه ئي کين تحقيقات لاءِ گهربل سهوليتون مهيا ٿيون. نتيجي ۾سڀ ڪنهن پنهنجي انداز ۽ خيال ۾ تحقيق جو گهوڙو ڊوڙائي ڪتاب لکيا، جنهن سبب سندن لکيل ڪتابن ۾ رهجي ويل کوٽن سبب ڪيترن سوالن جا جواب منجهيل يا اڌورا رهجي ويا.
سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ محققن وسيلن جي کوٽ سبب نه ته سنڌ جي جاگرافي جو گهمي مشاهدو ڪيو. نه ئي هنن سڄي سنڌ ۾ موجود سنڌي سماج جي حالتن کي گهرائي کان ڏٺو، سنڌ جي اقتصادي وسيلن ۽ سماجي ضرورتن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪرڻ سبب هنن کي سنڌي سماج جي اندروني ڪيفيتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٽڪرائن جي به واقفيت نه ٿي سگهي. ساڳئي وقت تحقيق دوران کين سنڌ جي ماضي جي تباهه ٿيل علمي ذخيري مان معلومات وٺڻ جو به موقعو ملي نه سگهيو. نه ئي اسان جي محققن کي سنڌ جي قديم آثارن بابت ڪا مڪمل ڄاڻ ملي سگهي. جن سببن جي ڪري اسانجي محققن جون لکيل تاريخون اڌوريون رهجي ويون.
اهڙي ريت صرف سنڌ جي تاريخ ۾ ارتقا جي منجهيل سوالن جا جواب موجود ناهن. پر اها ساڳي حالت پوري دنيا جي قومن جي ارتقا جي تاريخن جي آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت هيڏي ساري سائنسي ترقي جا دعويدار ترقي يافته ملڪ به پنهنجي تاريخي ارتقا جي سوالن جي ڳولا ۾ سرگردان آهن. اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو، ته هن وقت دنيا جي ڪا به قوم اهڙي ناهي،جنهن پنهنجي ارتقا جي سوالن جا سمورا جواب ڳولي ورتا هجن ۽ هو پنهنجي تاريخ کي مڪمل دستاويز سمجهندي هجي.
جيئن ته تاريخ جي علم تي ٻين علمن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آڳاٽي وقت کان لکيو ويو آهي، پر هر محقق يا تاريخ نويس صرف واقعن جو پوتا ميل ڪيو آهي . انهي ڪري هن وقت تائين تاريخ کي انساني ارتقا جي سفر ۾ ڪيل پنڌ ۽ پيش ايندڙ واقعن جو تذڪرو ته چئي سگهجي ٿو، پر انهن واقعن جي ورجاءَ جي نتيجن ۽ انهن واقعن جي حال ۽ مستقبل تي پوندڙ اثرن بابت ڪي رهنما اصول طئه نه ڪيا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو تاريخ جي علمي حيثيت تي ڪيترائي سوال اٿندا رهيا آهن .
تاريخ کي علمن جي ماءُ يعني ام العلوم به سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته تاريخ انساني تهذيبي ارتقا جي سموري سفر جي پنڌ جي وک وک جو دستاويز ۽ ياداشت نامو آهي. ٻئي طرف وري انساني ڄاڻ انهي ارتقائي پنڌ دوران اسانجي وڏڙن جي ڪيل مشاهدن ۽ عملي تجربن جو نچوڙ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ کي علمن کي جنم ڏيندڙ يعني علمن جي ماءُ سڏيو وڃي ٿو. ٻئي طرف وري تاريخ جي علم بابت اڃان انهي سوال جو جواب به مونجهاري جو شڪار آهي، ته تاريخ فن آهي يا سائنس ؟ تاريخ کي سائنس طور نه مڃيندڙن جو چوڻ آهي، اهي انساني عمل جيڪي بار بار ساڳيا نتيجا ڏيندا رهيا، انهن کي سائنسي علم جو درجو مليو. انهي حساب سان تاريخ جيئن ته ماڻهن جي ماضي جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آهي، جنهن جو تعلق صرف ماضي سان ئي رهي ٿو. تاريخ جا واقعا يا انساني تجربا جيڪي ٿي چڪا آهن، انهن جو تفصيل ته ڏيئي سگهجي ٿو. پر اهي واقعا ٻيهر نه دهرائجڻ سبب تجربي جو سامان مهيا نه ٿا ڪن. انهي ڪري اهي سائنس جي علم طور شمار نه ٿا ڪري سگهجن. ڇاڪاڻ ته سائنس انساني عملن جي بار بار دهرائجڻ ۽ وري وري ساڳيا نتيجا ڏيڻ بعد قاعدن ۽ قانونن جو طئه ڪندڙ ۽ تجربن مان گذريل علم آهي. جن قاعدن ۽ قانونن تحت بار بار نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. تنهن ڪري جيستائين ٻين سائنسي علمن وانگر تاريخي علم بابت قانون نه ٺهندا، تيستائين علم التاريخ کي سائنسي علمن ۾ ڳڻي نه سگهبو. انهي لاءِ تاريخ جي شعبي ۾ محققن کي اڃان به وڌيڪ نوان رويا ۽ کوجنا جا قاعدا ۽ اصول متعارف ڪرائڻا پوندا.
حقيقت ۾تاريخ جو علم هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن کي ڳولا ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصري واري سائنس چئي سگهجي ٿو. پر انهي لاءِ تاريخ جي علم ۽ ان تي تنقيد ۽ تبصري لاءِ هيٺيان شرط ضروري لاڳو ڪرڻا پوندا.
هاڻي اچو ته ڏسون ته لفظ تاريخ اصل ۾ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. لفظ هسٽري اصل ۾ ماهرن جي مختلف خيالن موجب مختلف معنائون رکي ٿو. پر لـُغت جي لحاظ کان فقط هڪڙي معنيٰ رکي ٿو. هسٽري لفظ يوناني زبان جي لفظ هسٽوريا مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ڳولا يا تلاش يا تحقيقات جي روشني ۾ حق يا سچ کي دريافت ڪرڻ..
بهتر ائين ٿئي ها، جو مختلف رايا جوڙي مختلف زاوين ۾تاريخ لکڻ کان اڳ ۾،هسٽوريا لفظ کي سمجهي پنهنجي اصلوڪي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ها. ۽ انهي موجب سچ دريافت ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ها، ته هن علم جي باري ۾ وڌيڪ مونجهارا پيدا نه ٿين ها. پر شروع کان ائين نه ٿي سگهيو. جيڪڏهن لفظ هسٽوريا جي اصل معنيٰ کي سمجهي، تاريخ کي لکڻ شروع ڪيو وڃي ها، ته ۽ سچ جي ڳولا لاءِ سڀ علمي طريقا ۽ وسيلا ڪتب آڻجن ها، ته صحيح معلومات ۽ واقفيت گڏ ڪرڻ ۾آساني ٿي سگهي ها. يعني جيڪڏهن تاريخ جي معنيٰ فقط حق ۽ سچي ڳالهه لاءِ تجسس ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصرو ڪرڻ هجي ها، ته پوءِ انهن ڳوليل حقيقتن جو تفسير يا حقيقت جي ترجماني ٿي سگهي ها ، ۽ تاريخ جو علم پنهنجي کوجنا جي سفر ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويل هجي ها. جنهن ڳالهه تي اڄ به وڌيڪ سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ وري ضرورتن موجب تاريخي حقيقتن جي بيان ۽ تذڪري لاءِ ڪو ٻيو جدا لفظ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿئي، ته پوءِ رستو وڃايل ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو تاريخ جي حقيقتن بابت مختلف معنائن جي روشني ۾ سچائي معلوم نه ڪري سگهندا ،۽ هيءُ هنر ۽ علم جو جهيڙو ختم ٿي نه سگهندو. هن بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو جدا لفظ تاريخ نويسي يا انگريزي ۾ هسٽوريوگرافي آهي، جنهن جو مطلب تاريخ لکڻ جو فن يا هنر آهي. جنهن مان تاريخ بابت اهو چئي سگهبو ته تاريخ علم آهي، ۽ تاريخ نويسي هڪ هنر آهي.انهي ڏس ۾ تاريخ لکندڙن ۽ تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ محققن کي آئنده هيٺين اصولن جي روشني ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. .
1 . واقعن جي ڳولا ڪرڻ : واقعن جي ڳولا ڪرڻ واري هن مرحلي ۾واقعن جي ٿيڻ جو زمانو، انهن جي ٿيڻ جا سبب ۽ انهي وقت جي حالتن موجب انهن واقعن ٿيڻ جي ضرورتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ انهن واقعن جي سماج تي پوندڙ اثرن سان گڏ، انهن جي مستقبل ۾ٿيندڙ نتيجن کي ڳنڍي، انهن کي موجوده وقت جي حالتن سان ڀيٽي، انهي نتيجي کي آئنده لاءِ سماجي تبديلين سان لاڳو ڪرڻو پوندو. جيئن ماضي ۾ ٿيل تاريخي واقعن کي قومن جي هلندڙ وقت يعني حال جي تجربن سان جوڙي سگهجي.
2 . واقعن جي اصل سچائي کي ڳولڻ پرکڻ : تاريخ جي دستاويز ۾ ڄاڻايل سمورن واقعن ۽ انهن جي مثبت ۽ منفي پاسن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ. انهن واقعن جي سببن، ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ ۾ سنڌو يا حد قائم ڪري سچ ۽ ڪوڙ کي چٽو ڪرڻ سان گڏ انهن ماضي ۾ ٿيندڙ واقعن کي موجوده دور جي حالتن سان ڀيٽي، سماجي ارتقا جي رفتار جو ڪاٿو لڳائڻ کانپوءِ، انهن واقعن جهڙي ورجاءَ ۽ ٺهڪندڙ حالتن موجب مستقبل جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ. جنهن سان واقعن کي ورجاءَ جي نتيجن سان ڳنڍي ڪي اصول ٺاهي سگهجن. جن کي سائنسي قاعدن طور تسليم ڪيو وڃي .
3 . تاريخي واقعن جي اصليت کي سمجهڻ : واقعن جي جانچ پڙتال ۽ ڳولا دوران سمورن پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ڳولي، انهن جي جوابن مان ڪارائتا نتيجا ڪڍي، مستقبل ۾ ايندڙ ممڪن سماجي تبديلين لاءِ رهنما اصول طئه ڪرڻ.
4 .تحقيقات دوران لڌل شين جي جديد سائنسي چڪاس ڪرڻ : ماضي جي قديم آثارن مان ملندڙ سمورين شين کي خبرداري سان ڳولي گڏ ڪرڻ. سائنسي ٽيسٽ مان انهن شين کي گذاري سندن قدامت بابت راءِ قائم ڪرڻ. ماضي ۽ حال جي وچ ۾ گذريل وقت جي اندازي ڪرڻ بعد، انهن شين جي حال ۾موجود شين سان نسبتي ڀيٽ ڪري، مستقبل لاءِ انهن شين ۾ جدت آڻڻ جي ضرورتن کي چٽو ڪرڻ. جيئن انساني ارتقا جي رفتار موجب شين ۾ ايندڙ ممڪن تبديلين بابت ڪي رهنما اصول چٽا ٿي سگهن.
5 .راءِ قائم ڪرڻ : مشاهدن جي خالي ذڪر ڪرڻ بجاءِ ،ڪيل مشاهدن بابت سنجيدگي سان غور ويچار ڪري نتيجن سان ڀرپور راءِ قائم ڪرڻ. جيئن اها راءِ اڳتي هلي صحيح مشاهدا ڪرڻ جي واٽ طور تسليم ٿي سگهي.
6 . تاريخي واقعن جي زميني حالتن ۽ جاگرافيائي حالتن موجب ڇنڊڇاڻ ڪرڻ : ماضي ۾ مورخن ۽ محققن تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت زميني حالتن، جاگرافيائي تبديلين، موسمي اثرن سبب انساني لڏپلاڻ ۽ معاشي ٽڪرائن کي نظر انداز پئي ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو تاريخ جو علم صرف واقعن جي پوتاميل تائين محدود رهجي ويو. جڏهن ته انساني ارتقا جو سفر ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندو، ترقي جا اوچا مينار طئه ڪندو. انساني سماجي رابطن ۽ ضابطن کي سوڙهو ڪندو، موجوده گلوبل وليج جي حد تائين وڃي پهتو آهي. انسان جي مواصلاتي سائنسي ترقي ۾ حيرتناڪ اضافو انساني سماجي جوڙجڪ کي سخت متاثر ڪندو رهيو آهي. انهي ڪري واقعن جا اثر جاگرافيائي حدون ٽوڙي پري پري تائين اثرانداز ٿيندا رهيا. جن اثرن بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ ڇنڊڇاڻ نه ڪرڻ سبب تاريخ جو علم پنهنجي اصل حيثيت نه ماڻي سگهيو. انهي لاءِ مستقبل جي مورخن ۽ محققن کي تاريخ جي علم کي اهم حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. واقعن جي ذڪر ڪرڻ وقت انهن واقعن ٿيڻ جي زميني حالتن، جاگرافيائي اٿل پٿل، موسمي اثرن سبب پوندڙ سماجي اثرن جي دائري کي انهي وقت جي مواصلاتي ڳانڍاپي سان جوڙڻو پوندو. تڏهن وڃي تاريخ جو علم نتيجن جي بنياد تي سائنسي علم جو درجو حاصل ڪندو.
تاريخ جي انهن ٻنهي حيثيتن کي چٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اسان کي نه فقط ماضيءَ جي صحيح ۽ سچي احوال جي گهرج آهي، بلڪه اسان کي ماضيءَ جي احوال جو بيان ۽ تذڪرو به خشڪ بي مزي صورت ۾ نه گهرجي. هن احوال جو بيان جيڪڏهن حسن ادب و فن سان سينگاريل ۽ وڻندڙ انداز ۾ هوندو ته تمام بهتر ٿيندو. ۽ تاريخ لکڻ يا انهي جي اهميت کي سمجهڻ جي لاءِ اسان جي دل ۾ چاهه ۽ ذوق وڌندو. حق ۽ سچ جي ڳالهه مونجهارن، ڪوڙ، مبالغي ۽ وڌاءُ کان سواءِ ادبي ۽ لساني استعارن، ڪناين، تشبيهن، صنائع ۽ بدايع سان سينگاري پيش ڪرڻ هميشه ممڪن ٿي سگهندو. بشرطيڪ مؤرخ پنهنجي علمي معيار کي ۽ تاريخي سچاين کي ادب و فن جي ديوي جي قدمن ۾ قربان نه ڪري ڇڏي. يا تحقيق جي ڏانءَ ۽ مليل مواد جي مونجهارن جي ڪاڪ محل جي رستن ۾ پنهنجي موضوع جي اهميت ۽ افاديت وڃائي نه ويهي رهي.
هن وقت سنڌ پريشان ڪندڙ حالتن مان گذري رهي آهي. انهي ڪري ذهني پريشاني سبب ماڻهو سڪون حاصل ڪرڻ جي مصنوعي طريقن ڏانهن وڌي رهيا آهن، جيڪو رجحان اسانجي آئندي لاءِ ڪو سٺو سوڻ ناهي. اسانجي ادبي صنفن جي اوسر جي رفتار منفي رجحانن جي ور چڙهيل آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي جي ادبي تخليقن ۾ سنجيده فڪري لاڙا گهٽجي رهيا آهن. ادبي صنفن جي اوسر ۽ تعداد کي ڏسي انهي ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ مختلف ادبي صنفن ۾ شاعري جو عروج آهي، پر روزانه لکجندڙ شاعري جي صنفن ۾ تخليقي لاڙن بجاءِ خيالن ۾ پيروي جو رجحان وڌيڪ آهي . جيڪا ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي . ڇو ته پيروي جو رجحان غلامانه سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته پيروي جو رجحان حقيقت ۾ تخليق جي موت جو ثبوت آهي. جڏهن ڪنهن قوم جي اديب جي سوچ مان تخليقي سگهه ختم ٿي وڃي ، ته انهي قوم جو فڪري موت ٿي ويندو آهي. فڪري طور مرده قومون ئي اڳتي هلي جيئڻ جو حق وڃائي ويهنديون آهن. ساڳي ريت هن وقت تاريخ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ محقق اڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي رهيا آهن. هر سال شايع ٿيندڙ تاريخ ۽ تحقيق جي ڪتابن کي پڙهجي ٿو، ته ويتر من ۾ مانڌاڻ مچي ٿو. اسانجا محقق تاريخ جا ڪتاب لکڻ وقت، شين ۽ تاريخي حقيقتن کي ڳولڻ ۽ زميني حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ بجاءِ بند ڪمري ۾ ويهي ٽيبل تي ڪجهه اڳ ۾ لکيل تاريخ جا ڪتاب سامهون رکي، انهن مان اڳين مورخن جا لکيل ڪجهه ٽڪرا حوالي طور ڪتب آڻي نئون ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپائي پڙهندڙن تائين پڄائي رهيا آهن. جنهن سبب تاريخ جا پڙهندڙ ساڳيو ورجاءَ ڏسي تاريخ جي ڪتابن پڙهڻ کان پاسيرا ٿي رهيا آهن. جيڪو رجحان اسانجي نئين نسل کي تاريخ جي علم کان پري ڪري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه هر لحاظ کان نقصانڪار آهي.
انهي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي، ته تاريخ نويسي جي فن ۾ دلچسپي رکندڙ محقق ڪتابن مان حوالا چونڊي انهن کي ترتيب ڏيئي نئون ڪتاب ميدان ۾ آڻڻ ۽ محقق سڏرائڻ جي شوق بجاءِ ، خود وڃي شين ۽ تاريخي ماڳن جو مشاهدو ڪن، زميني شاهديون ۽ نتيجا گڏ ڪري تحقيقي ڪتاب ميدان ۾ آڻي، تاريخ جي تحقيق ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪري نئين نسل ۾ تاريخ جي ڪتابن پڙهڻ جو چاهه ۽ شوق پيدا ڪن. جنهن سان نه صرف اسانجي اڌوري تاريخ مڪمل ٿيندي، پر نوجوانن ۾ پيدا ٿيل چاهه نوان محقق پيدا ڪندو ۽ اسان جي قوم تاريخ جي ياداشت واپس موٽائي وري نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجون ارتقائي منزلون طئه ڪري، دنيا جي قومن سان ڪلهو ملائي اڳتي هلي ۽ جيءَ سگهندي. جنهن ڳالهه جي هن وقت سخت ضرورت آهي.