لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

سرسوتي تهذيب بابت حاصل ڪيل نتيجا

سرسوتي تهذيب بابت حاصل ڪيل نتيجا
سرسوتي تهذيب محققن جي تحقيق کان هڪ رهجي ويل تهذيب هئي. جنهن بابت هن کان اڳ ۾ ڪنهن به سنجيده ڪوشش نه ورتي هئي. انهي جا ڪيترائي سبب هئا. جن ۾ سوسوتي جي ڊيلٽائي علائقي ۾ دريائي پاڻي جي مسلسل تبديل ٿيندڙ وهڪرن ڪري آيل ماضي جون جاگرافيائي ۽ سياسي تبديليون، انهن تبديلين دوران هتان جي تاريخي مواد جو ناپيد ٿي وڃڻ ، هن علائقي جو ڊگهي عرصي کان سرسوتي جي وهڪرن جي گم ٿيڻ سبب ريگستاني علائقو بنجڻ بعد آبادي گهٽجي وڃڻ، قديم شهرن جو ڦٽي وڃڻ ، ڪافي تاريخي ماڳن جو ريگستاني واري ۾ لٽجي گم ٿي وڃڻ، غير آباد هئڻ ڪري حڪمرانن جي پهچ کان پري ٿي وڃڻ ، يا سندن طرفان هن علائقي کي وساري ڇڏڻ ، حر جدوجهد سبب انگريز محققن جو هن علائقي ۾ تحقيق لاءِ نه اچڻ ۽ هن وقت جي محققن جو سنڌ جي هن وساريل علائقي ۾سهوليتن جي اڻهوند سبب نه اچڻ وغيره .
سرسوتي تهذيب به گنگا ۽ سنڌو تهذيب جي هم عصر تهذيب هئي. تاريخ جي ڊگهي عرصي ۾ هي سرسوتي جو ڊيلٽا ، پاڻي جي وهڪرن سبب خوشحال ۽ من موهيندڙ نظارن سان ڀرپور ڊيلٽا رهيو. جنهن خوشحالي سبب هتي قديم دور کان زندگي جو وجود موجود رهيو. هتي انساني تهذيب به وسيلن جي گهڻائي سبب تمام گهڻو تيزي سان اسري ۽ نسري ، هتي عاليشان شهر تعمير ٿيا . جيڪي ترقي جي لحاظ کان ڀروارين تهذيبن گنگا تهذيب ۽ سنڌو تهذيب کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا. پر گنگا ۽ سنڌو تهذيب جي وچ ۾ هئڻ سبب هن تهذيب تي ٻنهي ڀروارين تهذيبن جا گهرا اثر رهيا. جيڪي ڪن دورن ۾ اهي اثر ايترا ته گهرا ٿي ويا ، جو گنگا تهذيب تي ڪم ڪندڙ محققن هن سرسوتي ڊيلٽا جي تهذيب کي گنگا تهذيب سان ڳنڍي ڇڏيو، ته بئي طرف وري سنڌو تهذيب تي ڪم ڪندڙ محققن هن کي سنڌو تهذيب جي حصي طور سمجهڻ جي غلطي ڪئي. جنهن ڪري ٻنهي طرفن جي تحقيق سرسوتي تهذيب جي الڳ وجود کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو. سرسوتي جي وهڪرن ذريعي ٺهيل سرسوتي ڊيلٽا جي انساني تهذيب ڀروارين ٻنهي تهذيبن جي مذهبي ، سماجي ۽ سياسي تهذيبن جي ٽڪراءَ جو کاڄ به ٿي. انهن ٽڪرائن سرسوتي تهذيب جي ماڻهن کي مذهبي طور لامذهب ۽ سياسي طور مصلحت پسند بنائي ڇڏيو. نتيجي ۾ هتي اڳتي هلي سماجي قوت ڀروارين ٻنهي سگهارين تهذيبن جي دٻاءَ ۾ اچي ٽٽي ويئي . اڳتي هلي سرسوتي ندي جي وهڪرن بند ٿيڻ ، گم ٿي وڃڻ يا گهٽجي وڃڻ سبب هتي ريگستان بنجي ويو. هتان جي معيشيت ۽ قدرتي وسيلا گهٽجي ويا. جنهن سبب هتي مضبوط سياسي نظام تحت مضبوط حڪومتي ڍانچو ٻيهرنه ٺهي سگهيو، جيڪو سرسوتي تهذيب کي الڳ نمايان طور ظاهر ڪرڻ جو سبب بنجي سگهي ها. نتيجي ۾ هتي جو سماجي ڍانچو ننڍن ننڍن راڄوڻي بنيادن تي هلندڙ رضاڪارانه راڄواڙن جي نظام موجب هلندو رهيو. گهٽ ۾ گهٽ انهي حالت ۾ به رهندي ٻه هزار سالن جو عرصو ٿي ويو. پاڻي جي رسي وڃڻ بعد هي دنيا جي قديم تهذيب ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي رهي ۽ ائين هي پنهنجو الڳ وجود برطانوي دور ۾ وڃائي ويهي رهي. جڏهن هاڪڙي جي آخري وهڪري کي انگريزن سنڌودرياءَ سان ملائي موجود نارا ڪئنال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي سرسوتي تهذيب دنيا جي نقشي تي هڪ وجود وڃايل تهذيب طور ڄاڻائي ويندي . آئنده هن تهذيب جون ڳالهيون صرف ڪتابن ۾ پڙهبيون . ليڪن سرسوتي تهذيب پنهنجي وجود وڃائڻ سان گڏ هڪ تهذيب جي موت جي سببن ڳولڻ لاءِ ايندڙ زماني جي محققن لاءِ ڪئين اسباب ڳولڻ جا ذريعا ۽ سبق ڇڏي ويئي آهي. جنهن مان سکڻ لاِءِ گهڻو ڪجهه موجود آهي. جيڪڏهن هن تحقيق کي سنجيدگي سان پڙهي نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته هن تحقيق مان سکڻ لاءِ يا تاريخ لکڻ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه مواد موجود آهي.