سرسوتي تهذيب ۽ هندو ڌرم
هندو ڌرم جو شمار به دنيا جي قديم ترين مذهبن ۾ ٿئي ٿو، هن مذهب جو بنياد انساني شروعاتي عقيدن تي پيو، پوءِ انساني ارتقا سان گڏ هن مذهب جي عقيدن ۾ واڌارو ۽ اصلاح ٿيندي رهي. هن ڌرم کي سناتن ڌرم به سڏيو ويو آهي. هندو ڌرم ڪنهن هڪڙي متي يا مذهب جو نالو ناهي. هي متضاد عقيدن، رسمن، رجحانن ۽تصورن جو مجموعو آهي. هن ڌرم جو ڪو به اڪيلو باني ناهي، پر انساني ارتقا سان گڏ هن ۾ ڪئين متضاد عقيدن، رجحانن يا رسمن جي ڦيرڦار به ٿيندي رهي. هن ڌرم جي جوڙجڪ ۽ ارتقا ۾ به ڪئين صديون لڳيون. هن ڌرم جي عقيدن ۾ انڪاري روين، ۽ هاڪاري روين جا تضاد به رهيا. جنهن ڪري هي ڌرم پنهنجي ارتقائي مرحلن ۾غيبي خدائيت جي انڪار، بت پرستي، وڻن جي پوڄا، حيوانن جي پوڄا، ۽ وري انساني روپ ۾ خدا کي مڃڻ وارن رجحانن مان به گذرندو رهيو. هن ڌرم ۾ هڪ طرف مندرن ۾ وڃي پوڄا ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت وري ڪنهن انساني طبقي جي مندر ۾ داخل ٿيڻ سان مندر جي پليت ٿي وڃڻ جهڙا رويا به موجود آهن، ساڳئي وقت ويدن جي پڙهڻ ۽ ڌيان سان ٻڌڻ جي هدايت سا گڏ ، وري ڪن ماڻهن جي ويد يا ڪنهن ڌرمي ڪتاب جي پڙهڻ تي زبان وڍڻ ۽ ٻڌڻ تي ڪنن ۾ گرم شيهو پلٽڻ جي سزائن جا مثال به موجود آهن. حاصل مطلب ته هندو ڌرم مذهب گهٽ، پر نظام وڌيڪ آهي.
هن ڌرم جي تاريخ کي پڙهبو، ته هن ڌرم جو جنم ته هندستان ۾ ٿيو، پر هن ڌرم ۾ واڌارو۽ سندس ڌرمي طاقت نيپال ۾ وڌيڪ رهي. اڳتي هلي قديم نيپال جي حڪومت هن ڌرم کي ملڪي مذهب جو به درجو ڏنو. هماليائي حدن ۾ هن ڌرم جا شروعاتي تيرٿ آستان ٺهيا ۽ پوءِ عاليشان مندرن ٺهڻ جي شروعات به نيپال کان ٿي، پوءِ اهو سلسلو هندستان تائين پهتو. هماليا مان نڪرندڙ ندين ۾ سڀ کان پهريائين سرسوتي ندي ۽ پوءِ گنگا کي جل ماتا طور تسليم ڪيو ويو، گهڻو پوءِ سنڌو ندي کي به ماتا جو درجو مليو. جيئن جيئن هن ڌرم جي مڃيندڙن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو، تيئن تيئن نون شامل ٿيندڙ ماڻهن جون سماجي رسمون ۽ رويا به هندو ڌرم جي حصي طور تسليم ٿيندا ويا. هن ڌرم جي ڪتابن ۾ پراڻ ، شاستر، اپنيشد ، ويد ، رامائڻ ، گيتا ۽ ٻيون ڪيتريون ننڍيون پوٿيون به شامل آهن، جن جي لکڻ وارو به ڪو اڪيلو ليکڪ ناهي، پر صدين جي فڪري خيالن جا مجموعا آهن. صرف هڪ ڪتاب رامائڻ جي اڪيلي ليکڪ رشي والميڪ جي نالي کي تسليم ڪيو ويو آهي. رشي والميڪ لاءِ ڪن جاين تي اهو به مڃيو ويو آهي، ته هن رامائڻ سنڌو ندي جي ڪناري تي ويهي لکيو. رامائڻ بابت اهو به خيال موجود آهي، ته هي ڪتاب پوڻا نو لک سال اڳ قديم زماني ۾ ڪٽنب جي رشتن جي تقدس ۽ ڪٽنب جي فردن جي حقن ۽ فرضن جي وضاحت لاءِ لکيو ويو. جنهن ۾ اڳتي هلي ڀڳت تلسيداس هندو ڌرم جي اوتار شري رامچندر جي ڪهاڻي کي شامل ڪيو. جنهن نئين رامايڻ کي تلسي ڪرت رامايڻ جي نالي سان سڏيندا آهن، جيڪو هن وقت به موجود آهي. هندو ڌرم جي شروعاتي ديوتائن ۾ برهما ، شِيوَ ۽ وشنو کي تسليم ڪيو ويو. جن کي سندن عقيدي موجب الاهيت جي ٽمورتي جو درجو ڏنو ويو. برهما کي سڀ کان وڏو ديوتا تسليم ڪيو ويو۽ سرسوتي جيڪا مور تي سواري ڪندي هئي ان کي برهما جي زال جو درجو مليو، سرسوتي کي علم۽ دانائي جي ديوي طور مڃيو ويو. اڳتي هلي برهما جي عظمت گهٽائي وشنو ۽ شيوَ کي برتر ديوتا مڃيو ويو. اهڙي ريت مختلف ديوتائن ۽ ديوين جي مڃتا جي لڪ لڪوٽي هن ڌرم جي تاريخ جو حصو آهي، جنهن جو تفصيل به ڏاڍو منجهائيندڙ آهي.
سن 1000 ق م کان 600 ق م جو دور ويدن جو دور آهي . جنهن ۾ هندو ڌرم جي ڪجهه سگهارن قبيلن گڏجي پنهنجو هڪ نظام حڪومت ڏيڻ ۽ سماجي درجه بندي جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي اڪثر مورخن آرين جي اچڻ ۽ قابض ٿيڻ بابت ذڪر ڪيو آهي. اصل ۾ آريا ڪي ٻاهريان ماڻهو نه هئا، پر هتان جي انهن ماڻهن جي گڏيل جماعت جو نالو آهي، جيڪي هندو ڌرم کي هڪ سياسي نظام تحت هلائڻ جا خواهشمند هئا. پر اڳتي هلي انهي جماعت مختلف جنگين ۽ ٽڪرائن ۾ اڪثريتي ماڻهن جي مزاحمت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا. ۽ هتان جي اڪثريتي ماڻهن سان ٻيهر رسمن رواجن ۾ گڏجي ويا. آرين ئي چئني ويدن جي روشني ۾ هڪ نظام حڪومت جوڙڻ چاهيو ٿي، سماج کي چئن طبقن برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر ۾ ورهائي ڪار وهنوار هلائڻ چاهيو ٿي. پر هو انهي ۾ اڪثريتي ماڻهن جي سخت مزاحمت سبب ڪامياب نه ٿي سگهيا. اڳتي هلي مهاراجا منو پنهنجي دور حڪومت ۾ هندو ڌرم جي روشني ۾ رياستي قانون ٺاهيا، جنهن کي منو سمرتي چيو ويندو آهي . پر اهي قانون به ايترا سخت هئا، جو انهن جو نفاذ به نه ٿي سگهيو.
هن ڌرم جي ڪتابن ۾ هڪ وڏي يا ائين کڻي چئجي، ته پهرين عظيم جنگ جو ذڪر به ملي ٿو، جنهن کي مهاڀارت جي جنگ سڏيو ويو آهي. جيڪا هتان جي هندو ڌرم جي ٻن گروپن ڪورون ۽ پانڊون جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ لڳي. جنهن جنگ ۾ سنڌ جو حاڪم جئدرٿ به پنهنجي سهري ۽ ڪورون راجا ڌرتراشٽر جي مدد ۾ اچي پانڊون سان وڙهيو هو ۽ جنگ هلندي مارجي ويو. ائين هن جنگ ۾ پانڊون جي ڪاميابي ٿي، جنهن بعد شري ڪرشن کي ڀڳوانن نارايڻ ، واسديو ، وشنو ۽ برهما جو اوتار سمجهي پرستش شروع ڪئي ويئي.
هندو ڌرم جي جنگي داستانن ۾ شري رامچندر جي به وڏي اهميت آهي. جنهن جي پتني سيتا کي لنڪا جو حاڪم راوڻ اغوا ڪري کڻي ويو هو، جيڪا هن هڪ ويڙهه بعد ظالم راوڻ کي ماري واپس ورتي هئي. جنهن جي واپسي تي هڪ وڏو جشن ڪيو ويو ۽ شري رامچندر کي ڀڳوان جو اوتار سمجهي پوڄڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهڙي ريت هندو ڌرم جي عقيدي موجب هر جنگي جوڌو ۽ بهادري سان ڪنهن وڏي طاقت سان وڙهندڙ ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ ڀڳوان جو اوتار آهي. جنهن جي پرستش جائز آهي .
هندو ڌرم هڪ قديم ڌرم جي حيثيت ۾ ڪئين مختلف مرحلا طئه ڪندو، موجوده حالت ۾ به ڪيترن ئي ڌار ڌار فرقن ۽ خيالن سان ڀرپور ڌرم آهي. هن ڌرم جا تمام گهڻا فرقا هن وقت به موجود آهن. ساڳئي وقت ۾ هندوڌرم جا ديوتا ۽ ديويون به انيڪ ۽ فرقن وٽ انهن جي حيثيت ڌار ڌار آهي. علائقائي حساب سان به انهن فرقن جي وچ ۾ متڀيد موجود آهي. مثال طور پارڪر جا ڪولهي ، واڳڙ جي ڪولهين کان پاڻ کي ڌار سمجهن ٿا. ساڳي ريت وري هندو ڀيل ۽ مينگهواڙ عقيدن جي حساب سان يا ڌرمي طور طريقن ۽ معاملن ۾ الڳ الڳ سوچون رکن ٿا.
مجموعي طور هندو ڌرم هڪ قديم انساني عقيدت مان اسريل ڌرم آهي، جنهن ۾ انساني ارتقا سان گڏ تبديليون اينديون رهيون ۽ اڄ هن ڌرم جو ڪو به هڪ ضابطوتسليم ٿيل ناهي. جنهن کي جيئن پوڄا پاٺ ڪرڻي آهي، سو پنهنجي مرضي موجب پوڄا ڪري سگهي ٿو. اڄ به هن ڌرم کي مڃيندڙن جو وڏو تعداد دنيا ۾ موجود آهي. ۽ هن ڌرم کي دنيا جي وڏن مذهبن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. گنگا تهذيب ، سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي علائقن جي قديم آثارن مان ملندڙ نشانين مان اها سڌ پوي ٿي. ته هندو ڌرم انهن ٽنهي تهذيبن جي اترين علائقن ۾ وڌيڪ اثر انداز هو، جيئن سرسوتي جي سنڌ واري حصي ۾ مومل جي ماڙي ، وڄڻوٺ ، آباد وارو دڙو، اروڙلڳ ڪالڪان جي غار ۽ سامي جي مڙهي واري دڙي جي قديم آثارن ۾ هندو ڌرم جي مڃتا جون نشانيون ملن ٿيون. انهن آثارن کان هيٺين يعني ڏکڻ طرف وارن آثارن ۾ هندو ڌرم جي مڃتا جون گهٽ شاهديون ملن ٿيون.