اڇڙي ٿر جي طبعي بيهڪ
سنڌ جواڇڙو ٿر دنيا جي نائين نمبر صحرائي علائقي جي اوڀرئين سرحد تي موجود آهي . هي ريگستان هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي وچئين علائقي جي هڪ وڏي لاڳيتي ايراضي ۾ پکڙيل صحرا جو هڪ حصو آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي سرحد سان لاڳو پٽيءَ ۾سانگهڙ جي کپرو تعلقي، خيرپور، سکر۽ گهوٽڪي ضلعن جي اوڀرئين حصي ۾ موجود آهي. اڇڙي ٿر جي سنڌ ۾ ٽوٽل ايراضي 23000 چورس ڪلوميٽر آهي. هي اڳتي هلندي پنجاب جي چولستان واري علائقي سان وڃي ملي ٿو. پنجاب جي رحيم يار خان ،بهاولپور، بهاول ننگر جي حصي ۾ هن صحرائي ڀاڱي کي چولستان يا روهي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.ان کان علاوه پاڪستان جي صحرائي علائقن ۾ ٻيا به صحرائي علائقا موجود آهن. جن ۾ ٿل جو صحرا به آهي، جيڪو 20000 چورس ڪلوميٽرن ايراضي ۾ آهي. هي صحرائي علائقو پنجاب جي ڀڪر، خوشاب ،ميانوالي ، جهنگ ، ليه ۽ مظفرڳڙه ضلعن جي حدن ۾ آهي. اهڙي ريت وري بلوچستان جي حدن ۾ خاران جو ريگستان آهي. جيڪو به 20000 چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ آهي. انهي حساب سان اڇڙي ٿر جي هن ريگستاني علائقي جي پکيڙ پاڪستان جي ٻين ريگستاني علائقن کان گهڻي آهي. برصغير جي نقشي ۾ ڏسڻ سان معلوم ٿيندو، ته هي علائقوسنڌ ۾ صرف هندستان جي سرحدي پٽي سان لاڳاپيل حصي ۾ اچي وڃي ٿو، پر هن جو گهڻو ڀاڱو هندستان جي حدن ۾ آهي. سنڌ جي هن ريگستاني علائقي جا به وري ٻه حصا آهن. هڪ ٿرپارڪر وارو حصو جيڪو 19638 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي، ۽ ٻيو اڇڙو ٿر جيڪو 23000 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي. انهي حساب سان اڇڙي ٿر جي ايراضي ٿرپارڪر کان ڪجهه وڌيڪ آهي، جيڪا هندستان جي سرحد سان لاڳيتو سنهي پٽي ۾ هلي ٿي يا ائين کڻي چئجي، ته هي علائقو سنڌ جي ناري واري علائقي ۽ هندستان جي سرحد تائين جي وچ واري حصي ۾ اچي وڃي ٿو. هونئن ته عام طور اهو خيال آهي، ته هندستان ۽ پاڪستان کي ڳنڍيندڙکوکرا پار واري ريلوي لائين جي اتر کان اڇڙو ٿر شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته ريلوي لائين جو ڏکڻ وارو پاسو ٿرپارڪر سڏجي ٿو. پر زميني جائزي سان اها ڳالهه ٺهڪي نه ٿي بيهي. ڇو ته ريلوي لائين کان به اتر طرف سومون سمون جي تڙ تائين عمرڪوٽ يا ڏاهلي تعلقو آهي. انهي تڙ کان به اتر طرف تعلقي کپري جي ٿوري ڏاکڻئين حصي ۾ جعفراهو کان پوءِ اصل اڇڙو ٿر شروع ٿئي ٿو. اڇڙي ٿر ۽ ٿر پارڪر جي ورهاست انهي بنياد تي به ٿئي ٿي ته ، ٿرپارڪر ۾ پوکي راهي يعني برساتن تي فصل پوکيا وڃن ٿا ، پر اڇڙي ٿر ۾ پوکي راهي يا برسات تي فصل نه پوکيا ويندا آهن. جيڪا ڳالهه ئي هنن ٻنهي علائقن کي ڌار ڪندڙ آهي. اتان ئي اتر طرف ڏي اڇڙو ٿر شروع ٿئي ٿو.
اڇڙي ٿر جي بيهڪ حدن جي حساب سان وڃي هيئن بيهي ٿي ته، هن جي اتر طرف پنجاب جو چولستان وارو علائقو، ڏکڻ طرف ٿرپارڪروارو ٿر، اوڀر طرف هندستان جو جيسلميروارو علائقو ۽ اولهه طرف ناري وارو سرسبز ۽ آباد علائقو آهي.
اڇڙي ٿر جي هونئن ته مقامي ماڻهن طرفان اتي رهندڙ ذاتين جي حساب سان به ورهاست ٿيل آهي. هر ذات جي والاريل علائقي جي بنسبت انهي جو نالو رکيل آهي. جيئن راڄڙ ذات جي والاريل علائقي کي راڄڙڪي، ڳاها ذات جي والاريل علائقي کي ڳاهڪي، ڀنڀرا ذات جي والاريل علائقي کي ڀنڀرڪي، مهر ذات جي والاريل علائقي کي مهرڪي سڏيندا آهن. انهن ذاتين جي والاريل علائقن ۾ انهن ذاتين جي چڱ مڙسي قائم آهي.
جاگرافيائي حساب سان اڇڙو ٿر جا 6 ڀاڱا آهن. 1،کليل واري جي ڀٽن ۽ ڏهرن وارو ٿر 2 ، ڊرينهن (ڊينهن ) وارو کليل واري جو صحرائي علائقو 3، روهي يا ننڍين ڀٽن وارو علائقو . 4 پٽ يا کارو 5 . مهراڻو يا ڪس . 6 . ٽاڪرو ٿر وارو جابلو علائقو.
1، کليل واري جي ڀٽن ۽ ڏهرن وارو علائقو : هي علائقو ٿرپارڪر سان لاڳاپيل سلسلي سان ڳنڍيل آهي ۽ پوري اڇڙي ٿر ۾ اتر کان سڌو ڏکڻ طرف رخ تي پکڙيل اڇي واري جي ننڍين وڏين ڀٽن وارو آهي. هنن ڀٽن جي وچ وارا ڏهر ويڪرا ناهن، هنن ننڍن ڏهرن ۾ ڪنڊي، ٻائري، اڪ ، ڄار، ڪونڀٽ، ڪرڙ ، کپ ۽ ڦوڳ جا وڻ ۽ ٻوٽا وڏي تعداد ۾ موجود آهن. ڪٿي ڪٿي نم، گگرال، جا وڻ به موجود آهن. ڀٽن جي مٿان به وڻن جو ڪجهه تعداد موجود آهي. هي ڀٽون سڌي پاسي واريون ۽ چڙهائي ۾ اڙانگيون آهن. هنن ڀٽن جي مٿان انساني آبادي وارا ڳوٺ به موجود آهن. انهن ڀٽن تي يا هيٺ ڏهرن ۾ پاڻي جا قديم کوهه ۽ نلڪا به موجود آهن. پر انهن جو پاڻي ڪو گهڻو سٺو ناهي. اڪثر کارو ۽ ٻاڙو پاڻي آهي، جنهن ۾ سينکيو ۽ ٻيا زهريلا جزا شامل آهن. زيرزمين کاري پاڻي ۾ ڪلورائيڊ جو تعداد باءِ ڪاربوريٽ کان وڌيڪ آهي. انهي ڪري هتان جا ماڻهو پيٽ ۽ هڏن جي بيمارين ۾ ورتل آهن. برساتن وسڻ بعد هتي وڻ ٻوٽا ساوا ٿين ٿا، قدرتي گاهه به ڦٽن ٿا. جن تي هتان جي رهواسين جي چوپائي مال جو گذارو ٿيو پوي. باقي هتي فصل وغيره پوکڻ جورواج نه آهي. ڇاڪاڻ ته اڇڙي ٿر جي واري ۾ مٽي شامل ناهي، جنهن ڪري هڪ طرف هن واري ۾ زرخيزي گهٽ موجود آهي، ته ٻئي طرف واري ۾ پاڻي جلدي جذب ٿيو وڃي ۽ زمين جي وٽ گهڻو وقت نه ٿي رهي. انهي ڪري هتي برسات جي عارضي پاڻي تي فصل اپائي نه ٿا سگهجن. هتي جي ماڻهن جي گذران جو سمورو دارو مدار چوپائي مال تي آهي .
هن ڀاڱي جي ڪٿي ڪٿي ڏهرن جي وچ وارن ميداني پٽن ۾ وڻ ٻوٽا به گهٽ ٿين ٿا، ڇو ته انهن پٽن جي هيٺان اڇي رنگ جو ڀورو پٿريلو سخت چن جهڙو پٿريلو تهه موجود آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو سِپَ سڏيندا آهن. اهڙن ميداني حصن کي هتان جا مقامي ماڻهو ليرَ به چوندا آھن. هن ڀاڱي جا اهڙا ننڍا علائقا ڏهرن ۽ رُڃ وارن علائقن جي بلڪل وچ ۾ آھن. اهڙي لير واري علائقي ۾ ھيٺ ٽي فوٽ کوٽائي ڪرڻ سان پٿر جھڙو سخت فوٽ يا ٻه فوٽ ويڪرو تهه ملي ٿو. جنھن جا چاپڙ کوٽائي وقت سليٽي رنگ جا ھوندا آھن. پر پوء جيئن جيئن مٿس سج جي روشني پوندي ويندي ، ته سندن رنگ تبديل ٿيندو ويندو . جيڪو آخر ۾ بلڪل سفيد رنگ ۾ تبديل ٿي ويندو آھي. ھن پٿرن جھڙن سخت چاپڙن کي پاڻي سان ڌوئبو، ته انھن جي مٿان مختلف شين جا نشان،ننڍن ٻارن ۽ وڏن ماڻھن، جانورن ۽ پکين جي پيرن جا نشان چٽي ريت ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنھن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اوائلي دور ۾ ھتي ڪا آبادي ضرور موجود ھئي. ليباريٽري ٽيسٽ ذريعي معلوم ٿيو، ته اھو پٿر جپسم سان ملندڙجزن جهڙو آھي. بھرحال ھي پٿر اڇڙي ٿر جي ڀٽن جي وچ وارن ڪجهه ميداني علائقن ۾ موجود آھي. جنهن کي علائقي جا رهواسي پنهنجي گهرن جي ٻنجرن ۽ ڀتين جي تعمير ۾ يا انهي کي ڪٽي سنهون ڪري پاڻي ملائي راڳي لاءِ گاري طوراستعمال ڪن ٿا . زمين ۾ موجود هن پٿريلي تهه جي پٿرن سان خيرپور جي ميرن هندستان جي سرحد جي چنڙو چوڪي جي ڀرسان هڪ قلعو به تعمير ڪرايو هو. جنهن کي هن وقت مقامي ماڻهو کارو ڪوٽ سڏين ٿا. جنهن جا ڪجهه آثار اڃان تائين ڊٺل حالت ۾ موجود آهن.
2. ڊرينهون يا ڊينهن وارو کليل واري جو صحرائي علائقو: اڇڙي ٿر جو هي ڀاڱو هڪ پٽي جي شڪل ۾هڪ وهندڙ سنهي واري جي ڌٻڻين سان ڀرپورآهي. هي انتهائي حيرت انگيز واري جي اٿل پٿل وارو علائقو آهي. ڪو به اڻ واقف ماڻهو هن علائقي مان سلامتي سان گذري نه ٿو سگهي. هي پٽو سنڌ ۾ کپري تعلقي کان خيرپور تائين ٽٽل حالت ۾ موجود آهي. هن پٽي جي ويڪر سراسري طورپنجٽيهه کان چاليهه ڪلوميٽرن تائين آهي. هن علائقي جي واري هوا سان گڏ اڏامندي آهي، جنهن ڪري هن واري جون ڀٽون به هوائن جي رخ تي پنهنجون جايون بدلائينديون رهنديون آهن. هوا لڳڻ تي هن واري جي گهيرن ۽ لهرن مان عجيب قسم جا آواز به نڪرندا آهن. جنهن سبب ڊرينهن واري علائقي جو ماحول پراسرار ۽ ڀوائتو بڻجي ويندو آهي. ڊرينهن جي واري بنا مٽي جي مليل خالص ۽ سنهي ڀوراڻ مائل رنگ تي آهي. هتي ڪٿي ڪٿي ٿورين جاين تي سنهڙو رائو به مليل نظر ايندو آهي. هنن ڊرينهن جي واري ۾ خاص ڪري هڪڙو ننڍڙو عجيب ساهوارو به ججهي تعداد ۾ هلندي ڦرندي نظر ايندو آهي. خطري وقت هو واري ۾ ٽٻي هڻي لڪي به ويندو آهي. هن ساهواري کي مقامي ماڻهو سونپاٽيو جي نالي سان سڏيندا آهن. هتي لُنڊِيءَ جهڙي خطرناڪ زهريلي بلا به موجود آهي. جيڪا به واري ۾ هلندي لڪندي ۽ رانديون ڪندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ان کان علاوه گهوڙيال بلا ۽ ٻيون بلائون به ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هن واري جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڍنڍون ۽ خوبصورت ننڍا نخلستان به موجود آهن. هن علائقي ۾ ڪٿي به هيٺاهين جاءِ تي جتي مٿان واري تي پوسل هجي، اتي ٻه فوٽ کوٽائي ڪرڻ سان سٺو مٺو پاڻي به ملندو آهي. اهو پاڻي صحت لاءِ مفيد آهي. پر هن واري ۾ ڪو به جيت موجود ناهي. ڇاڪاڻ ته هي واري اس نڪرڻ تي جلد تپي ٽانڊا ٿي ويندي آهي، ۽ وري شام ، صبح ۽ رات جو ٿڌي برف جهڙي ٿي ويندي آهي. هتي واري ۾ رات گذارڻ تمام گهڻي مشڪل آهي. رات گذارڻ لاءِ ڪنهن مٿانهين جاءِ تي وڻن يعني ڄارين وغيره يا ڪنهن سَر، ڪانهن يا بنا ڪنڊن واري ٻوٽي جي ٽارين کي اُڀو کوڙي ، ان کي پٺيءَ يا سيرانديءَ کان ڪري مٿان واري اوڍي رهي ۽ سمهي سگهجي ٿو. حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته اها واري جيڪا مٿان برف جهڙي ٿڌي هوندي آهي، سا گرم اوڇڻ به بڻجيو وڃي. اهڙي ريت ماحول کان واقف ماڻهو هتي رات به آرام سان گذاري سگهي ٿو. ڊرينهن ۾ موجود نخلستان ڏاڍا خوبصورت آهن . انهن نخلستانن جي ڍنڍن جي ڪنارن تي گاهه موجود آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو ڪيهر، ڪيڙي يا ڪيهوري نالن سان سڏين ٿا. انهي گاهه جي هيٺان ٻه فوٽ کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي ٿو. انهن پاڻي لاءِ کوٽيل ننڍن کڏن کي مقامي ماڻهو تَس يا اوڪاري ۽ ويڪرن کڏن کي چَلها سڏين ٿا. هنن ۾ مٺو پاڻي موجود هوندوآهي. جتان ماڻهن ۽ چوپائي مال جي پيئڻ جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون. انهي ڪري هتي انساني آباديون به موجود آهن، جيڪي ماڻهو مهمان نواز ۽ کلي دل وارا ۽ سخي آهن. ڊرينهن ۾ جتي هڪ طرف ڀوائتو ۽ پراسرار ماحول آهي. اتي ڪيترا وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ حسين منطر به موجود آهن. هي علائقا قدرت جي عجائبات سان ڀرپور آهن. هتي سج جي روشني واري تي پوڻ سبب صبح جو هڪڙا رنگ منجهند جو ٻيا رنگ شام جو ٽيان رنگ ۽ روشنيون نظر اچن ٿيون. ڊرينهن جي واري ۾ ڪو به وڻ ٻوٽو اڀري نه ٿو سگهي. انهي ڪري ڊرينهون ساوڪ کان وانجهيل آهن. پر انهن جي وچ وارا نخلستان دل کي فرحت ڏيندڙ وڻڪار وارا ۽ ننڍين خوبصورت نظارن سان ڀرپور مٺي پاڻي سان ڀرپور ڍنڍن وارا آهن. هي علائقا قدرتي جادونگري جيان حيرت ۾وجهندڙ آهن.
3 . روهِي وارو يا ننڍين ڀٽن واروعلائقو : هي علائقو ڇور کان اتر طرف ناري جي پوڇڙي وٽان شروع ٿئي ٿو، اولهه طرف هلي ناري جي ٻاهران ٿر واري پاسي سنهي وَٽ جهليندي، دُٻِيءَ کان پوءِ اتر اوڀر ڏي وري ٿو. اتان قادن واريءَ جي علائقي تائين هلي ٿو. قادن واريءَ کان سورهن ميلن جي پنڌ تي هندستان ۾ داخل ٿئي ٿو. سکر ضلعي ۾ کاڻل ، ماڙي واري علائقي ڪورياڻي، مٺڙائو کان اٻاوڙي جي پاسي ٻنڌالي تائين آهي. جيڪو پوري اڇڙي ٿر جي مختلف حصن ۾ ٽٽل حالت ۾ موجود آهي. هتي ڀٽون اتر ڏکڻ تي آهن . هي علائقا سنئين پٽ ۽ ننڍڙين واري جي ڊٻن سان ڀرپور آهن. ڪٿي ڪٿي اڀي ۽ آڏ تراڇي ڀٽ به هوندي آهي. هتي ڊٻن يا ننڍڙين ڀٽن جو اهڙو منجهائيندڙ ڄار آهي، جنهن مان مسافر رستو ڳولي نه ٿو سگهي. هن علائقي ۾ مقامي رهواسين جي مدد کانسواءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. هن علائقي۾ ڄارين ، ڦوڳ ، کپ ، گگرال ، ٿوهر۽ ڪنڊي جا وڻ ٻوٽا به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. هتي مٺي پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي. ،هتي زير زمين پاڻي موجود ناهي نه ئي تڙ آهن. دائمي يا برسات تي ساوا ٿيندڙ وڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڦٽندڙ گاهه سبب مال جو چارو موجود آهي. هتي مالوند ماڻهن طرفان برسات جي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ سيمينٽ جا پڪا ٽانڪا تعمير ڪيا ويندا آهن. جن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ڪري ڪجهه وقت لاءِ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي. زير زمين پاڻي ناهي، جي ڪٿي ملي به ٿو، ته اهو ٻاڙو يا زهريلو آهي. انهي ڪري هتي تمام گهٽ انساني آبادي جي رهائش آهي. هتي رهندڙ مالوند ماڻهو پاڻي جي اڻهوند واري وقت ۾مال کي هتي ڇڏي پاڻ لڏي نخلستانن ۽ ڊرينهن جي ڀر ۾ وڃي ويهندا آهن. مال جي پيئڻ لاءِ پاڻي اٺن يا گڏهن تي ساندارن يا واٽر ڪينن ۾ ڀري هن علائقي ۾ اچي مال کي پياريندا آهن. بچيل پاڻي سندن ٺاهيل ٽانڪن ۾ جمع ڪندا آهن. سندن مال اتي ئي پيو چرندو آهي. پاڻي کڻي ايندڙ ماڻهو واپسي ۾ سوئا مال کي ڏُهيء کير کڻي ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه ڏينهن جو ٿيندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڀاڳيا ڏينهن وارو ڏڌل کير ڄمائي ڇڏيندا آهن يا ضرورت موجب چانهه لاءِ ڪاڙهي رکندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر جا ماڻهو رات جو تازو کير نه ملڻ ڪري کير نه پيئندا آهن. البت ڄمايل کير مان ٺاهيل لسي ۽ گيهه مکڻ واپرائيندا آهن. هتي ڪافي اهڙو به سوئا مال هوندو آهي، جيڪو ڀاڳين کان ڏهڻ وقت رهجي ويندو آهي. جيڪو کير وري انهي مال جا ڦر پيئندا آهن. اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته مال ائين گڏ پيو پنهنجي منهن چرندو آهي، انهي ڪري ڀاڳيا مال کي سڃاڻڻ لاءِ ڏنڀ ذريعي پنهنجا مخصوص نشان ڪڍي ڇڏيندا آهن. جيڪو مال جي سڃاڻپ وقت ڪم ايندو آهي.
هتي هڪ ناياب نسل جو جانور جنهن کي مقامي ماڻهو وِڄُوءَ جي نالي سان سڏيندا آهن، سو ڪجهه تعداد ۾ رهندو آهي. هي جانور سيڙهه کي ماري کائيندو آهي. انهي ڪري هتي سيڙه جو جانور گهٽجي ويو آهي، هن جانور جي پيرن جا نشان ماڻهو جي هٿ جي مُڪ جي هيٺئين حصي جهڙا آهن، هي جانورچئن پيرن تي هلي ٿو. هن جو رنگ ڀورو ۽ ڪتي جيڏو جانور آهي. هتي ڳورپٽ جانور به ڪجهه تعداد ۾ موجود آهي. هتي گئس جا ذخيرا به موجود آهن.
4. پَٽ يا کارو : هي هندستان جي سرحد لڳ خيرپور جي حدن ۾ ڪجهه ننڍين ايراضين ۾ٿورا ميداني علائقا آهن. جيڪي ظاهري طرح سڌا سنوان ميدان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پر هنن ميداني علائقن ۾ ڌُٻڻيون تمام گهڻيون آهن. جنهن ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. هن علائقي مان اڻ واقف ماڻهوجو بچي نڪرڻ محال آهي. هتي زندگي جو وجود به ٿورو آهي. البت ڪجهه جيت جانور، نانگ بلائون موجود آهن. پر انهي جي آسپاس وري ڀٽون روهي واري علائقي جا حصا به موجود آهن. جتي وسڪاري ۾ ڪئين گاهه به ڦٽن ٿا ۽ مال جو چارو ملي ٿو.
5. ڪس يا مُهراڻو: هي ناري جي سرسبز علائقي ۽ ٿر جي ريگستان جي وچ وارو علائقو آهي. هي علائقو خوبصورت نظارن، خوبصورت ڍنڍن ساوڪ سان ڀرپور ڀٽن وارو دل کي وڻندڙ علائقو آهي. هتي جانور، پکي به ڪافي تعداد ۾ آهن. هن علائقي ۾ پير پاڳاري ۽ خيرپورجي ميرن جي شڪار لاءِ رکون موجود آهن. رکن وارن علائقن ۾ تتر ، سها ، هرڻ ، ڦاڙها ، به ڪافي تعداد ۾ آهن . هنن رکن ۾ عام شڪار جي بندش سبب انهن ۾ جانورن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندڙ آهي. اهي پير صاحب يا خيرپور جي مير صاحبان جون رکون جهنگلي جيوت لاءِ بهترين پناهه گاهون آهن. هن علائقي ۾ موجود لئي، ڪانهن ، سر، ۽ پن به ڪافي مقدار ۾ پاڻي جي ويجهو ڀٽن، واهن جي ڪنارن ، خالي پئنتالن ۾ وڏن جهنگن جي صورت ۾ موجود آهن. جن مان خانه بدوش قبيلن جي شڪل ۾ ڪاريگر هنر مند خوبصورت موڙا ، ٽيبلون ، پکا ۽ تئونريون ، کارا ، کاريون ، ٽٻڪا ، ٽٻڻيون۽ ٻيون خوبصورت گهريلو استعمال جون شيون به ٺاهين ٿا. اڇڙي ٿر جي هن علائقي ۾ ڇنا ، ڇپر ، چئونرا ٺاهڻ وارا اهڙا ڪاريگر موجود آهن. جن جو هنري ۽ نفاست وارو ڪم ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. بحرحال اڇڙي ٿر وارو هي علائقو هر لحاظ کان خوشحال ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
6 . ٽاڪرو ٿر: هي پهاڙي سلسلو خيرپور ضلعي جي چونڊڪو شهر کان ويجهو ئي شروع ٿئي ٿو، اهوجابلو سلسلو روهڙي کان چونڊڪو ۽ سُوراهه تائين آهي. ڊيگهه هڪ سئو ڪلوميٽر ۽ ويڪر پنجاهه ڪلوميٽر آهي. هن سلسلي جي ٽڪرين مان اڪثر ٽڪريون تهدار آهن. اولهه طرف ڪوٽڏجي تائين ۽ اترطرف روهڙي جي ڪالڪان ٽڪرين تائين هي ٽاڪرو حصوهلي ٿو. هن ۾ ننڍيون ننڍيون تهدار ٽڪريون انهن تان لهندڙ برساتي وهڪرا ۽ نارا ڪئنال ۽ ريتيلا ميداني پٽ هن حصي ۾ شامل آهن. هي علائقو ناراڪئنال سبب آباد ۽ سرسبز ٻنين ۽ عاليشان ڳوٺن جي ڪري خوشحال نظر اچي ٿو. هتي جون جابلو پهاڙيون چن جي پٿر جي ذخيرن سان هتان جي ماڻهن جي گذران جو ذريعو بڻيل آهن. هتان معدنيات جنهن ۾ قيمتي ۽ صنعتن ۾ ڪم ايندڙ پلر ارٿ پائوڊر، چن ، پٿر، ريتي بجري وڏي مقدار ۾ ڪڍي وڃي ٿي. ته ٻئي طرف نارا ڪئنال جي پاڻي وارين آبادين سان گڏ هتي مٺي پاڻي جون ڍنڍون به موجود آهن. جن ۾اڪرو جي ڍنڍ رامسر سائيٽ جي حيثيت طور بين الاقوامي اثاثي ۾ ڳڻي وڃي ٿي. هتي وڻ ٻوٽا به چڱي مقدار ۾ موجود آهن. هي علائقو به ڪس وانگر اڇڙي ٿر ۽ سنڌ جي بئراجي علائقن کي ٽوڙي ڌار ڪري ٿو. اڇڙي ٿر جو هي جابلو حصو کيرٿر جبلن جي سلسلي سان لاڳاپيل آهي، هتي چقمقي پٿر ۽ پٿر جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندڙسيانٽو پٿر به عام ملي ٿو. جنهن مان شروعاتي پٿر جي دور جا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ اوازار ٺاهيندا هئا. انهي جي شاهديون ٽڪرين جي چوٽين جي مٿاڇري ۽ غارن جي آسپاس موجود آهن. آثارن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته قديم زماني ۾ هتي پٿر جي اوزارن جون صنعتون موجود هيون. هتي جا اڪثرجبل تهدار جبل آهن، جيڪي وهڪرن سبب وڌيا . هنن پهاڙين ۾ تاريخ جا ڪئين راز لڪل آهن. ڪجهه قديم غارون به موجود آهن. جن مان شروعاتي انساني تهذيب جا نشان ڳولي سگهجن ٿا. هتي روهڙي جي ٽڪرين ۾ڪجهه تاريخي ماڳ به موجود آهن ، پر انهن کي محفوظ نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب اهي تاريخي قيمتي آثار مٽجي رهيا آهن. جنهن طرف آرڪيالاجي وارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي .