اڇڙي ٿر جا ڏٿ ۽ انهن جو استعمال
[/b] ڏٿ اهڙين خوراڪي شين کي چيو ويندوآهي. جيڪي مختلف موسمن ۾ مختلف قدرتي جهنگلي وڻن يا ٻوٽن ۽ گاهن مان حاصل ٿينديون آهن. جن کي مختلف نمونن سان رڌي خوراڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، يا ڏکي وقت لاءِ سڪائي رکي به سگهبو آهي. اهي شيون انساني جياپي لاءِ ڏڪارن يا خوراڪي کوٽ وارن وقتن ۾ نهايت ڪمائتيون هونديون آهن. اڇڙو ٿر جيئن ته غير زرعي علائقو آهي. روڊ رستا ۽ ويجها شهر نه هئڻ سبب هتي ضرورت زندگي جي شين کي شهرن مان آڻڻ لاءِ وڏا ڏاکڙا ڏسڻا پون ٿا. انهي ڪري هتي موسمي ڏٿن کي ٻوڙ ڀاڄي طور غذا ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. اڇڙي ٿر ۾ هيٺيان موسمي ڏٿ ملن ٿا: پٽ کنڀي ، ڀٽ کنڀي ، پپون ، مريئڙو ، للهر، لوڻڪ ، واهو ، ڦوڳي ، پسي ، ڏيلها ، پڪا ، سڱريون ، پيرون ، چڀڙ ، ڇانهيون ، ريڀڙيون، گوار ، ٽوهه ، پاٻوڙا ، بيهه ، لوڙهه ، ڪم ۽ ڪوڻيون وغيره . انهن ملندڙ ڏٿن جومختصر تعارف ڏيڻ ضروري ٿيندو، جيئن انهن ڏٿن ۽ انهن جي استعمال بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
[b]کنڀيون [/b]: هي برسات جي وسڪاري تي ٿيندڙ هڪ تمام ٿورو وقت رهندڙ ڏٿ آهي. هي پيدا ٿيڻ کان وڌ ۾ وڌ چئن ڏينهن تائين ڀاڄي طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون. ڇهين ڏينهن ڇڻي ختم ٿي وينديون آهن. جيڪا کنڀي ڀٽن جي چوٽين يا ٿورو هيٺ ٿيندي آهي، ان کي ڀٽ کنڀي چوندا آهن. هي کائڻ ۾ نهايت لذيذ ٿيندي آهي. ٻي کنڀي جيڪا هيٺ ڏهرن ۾ ٿيندي آهي، ان کي پٽ کنڀي سڏيندا آهن. هي ڀٽ کنڀي کان لذت ۾ گهٽ هوندي آهي. کنڀين کي ڪڍي، هلڪو ڇلهي مٽي ۽ واري کان صاف ڪري ڪتر ڪري گوشت جيان داغ ڏيئي ڀاڄي تيار ڪبي آهي. کنڀين جو ٻوڙ ٿر جي سوکڙي آهي. کنڀيون ڀاڄي کان علاوه ٽانڊن تي سيڪي به کائبيون آهن. جيڪي ڌنارن جي خاص پسنديده شئي ٿي وينديون آهن. کنڀين جي پچي وڃڻ بعد منجهانئن ناسي رنگ تي هڪ پائوڊر نڪرندو آهي. جيڪو پڻ ماڻهو سانڍي رکندا آهن. هن پائوڊر جي چپٽي مکڻ ۾ ملائي کارائڻ سان ڀڳل هڏ کي ٻيهر جوڙڻ ۾ سلاجيت يا موميائي جيان فائديند آهي. هي ماڻهو کان علاوه مال جي ڀڳل هڏ کي جوڙڻ لاءِ پڻ ڪتب اچي ٿو.
[b]پپون [/b]: هي پڻ برساتن ۾ ننڍن ٻوٽن جي اندر يا ڪنڊي يا ٻين وڻن جي پاڙن ويجهو ڦٽنديون آهن. سندن شڪل ڊگهي ڦري جهڙي هوندي آهي. رنگ سائو ٿئي. هي صبح جو سوير ڳولي هٿ ڪبيون آهن، جيڪي ذائقي کٽيون هونديون آهن. عام طور هنن جي ڀاڄي نهايت لذيذ ٿئي ٿي. ڀاڄي تيار ڪرڻ لاءِ هنن کي ڌوئي صاف ڪري ڪترڪري کاٽيو تيار ڪبو آهي. جيڪو لذت ۾ سٺو هوندو آهي. ڌنار هنن کي ڪچو به کائي کٽاڻ جو مزو وٺندا آهن. منجهند يا شام جو پٽيل پپون گهڻيون لذيذ نه هونديون آهن.
[b]مريئڙو [/b]: هي ٻوٽو به برساتن تي گاهن سان گڏ ڦٽندو آهي. هن جي ڪچن پنن کي اوٻاري ٿوم جو داغ ڏيئي. مرچ مسالا ملائي تمام لذيذ ڀاڄي تيار ڪبي آهي. طبي لحاظ کان هي رت صاف ڪندڙ ڀاڄي آهي. جيڪا چمڙي جي بيمارين کي ختم ڪري ٿي.
[b]للهر [/b]: هي ٻوٽو به خاص ڪري اڇڙي ٿر جي ڪس واري ڀاڱي ۾برساتن تي زمين مان نڪري نروار ٿيندو آهي. هن جا به پن پٽي ڪاڙهي ٿوم جو داغ ڏيئي، منجهس گهاٽي پاروٿي کٽي لسي ملائي ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. کائڻ ۾ هي ڀاڄي به مزيدار هوندي آهي.
لوڻڪ : هي ٻوٽو به اڇڙي ٿر جي ڪس واري علائقي ۾ برساتن تي عام جام ڦٽندو آهي. هن جون ڪچيون ٽاريون پنن سميت ڪتر ڪري پاڻي ۾ اوٻاري ، ٿوم جو داغ ڏيئي ڀاڄي تيار ڪبي آهي. هن جو ذائقو به کٽاڻ مائل ۽ وڻندڙ هوندو آهي. ڌنار هن جي ڪچين ٽارين کي به کائي گذارو ڪندا آهن.
[b]واهو [/b]: هي به برسات تي ٿيندو آهي. هن جا به پن پٽي اوٻاري ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. پر لذت ايتري نه هوندي اٿس ، مجبوري ۾ هي به ويلهو ٽارڻ ۾ مددگار ٿيو پوي.
[b]ڦوڳي [/b]: هي ڦوڳ جي وڻ جا ڪچا گئونچ ۽ گل هوندا آهن. جن کي پٽي اوٻاري ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. هي ڀاڄي اڇڙي ٿر جي خاص سوکڙي طور آيل مهمانن کي کارائي ويندي آهي. تمام گهڻي لذت هوندي اٿس.
[b]پُسيءَ [/b]: هي ٿر جي عام وڻ ڪِرڙ جا ڪچا اڻ ٽڙيل گل هوندا آهن. جيڪي ڀاڄي طور استعمال ٿيندا آهن. هن جو رنگ سائو هيڊاڻ مائل هوندو آهي. ڪچي پسيءَ جو ذائقو ڪڙو ۽ اڻوڻندڙ هوندو آهي. هن کي اوٻاري ٽي ڏينهن اس ۾رکي ٻيهر پاڻي ۾ ٻيهر ڌوئي سندس ڪڙاڻ کي ختم ڪري ٿوم جو داغ ڏيئي، منجهس گهاٽي لسي ملائي ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. سندس لذت بي مثال هوندي آهي. جيڪو هڪ ڀيري کائيندو آهي، سو بار بار کائڻ جي طلب ڪندو آهي.
[b]ڏيلها يا ڏئونرا [/b]: هي ڪرڙ جي وڻ جا ڪچا ميوا هوندا آهن، گول شڪل ۾ سائي رنگ جا ٿين. هي به داڻي پڪي ٿيڻ کان اڳ ڪچا پٽي پاڻي جي ڀريل مٽ ۾ وجهي اس ۾ ٻن هفتن تائين رکي ڇڏبا آهن. جنهن بعد انهن کي پاڻي مان ڪڍي هڪ ڏينهن اس تي سڪائي ، بعد ۾ ٿوم جوداغ ڏيئي فراءِ ڪري ڀاڄي طور ماني سان کائبا آهن. جن جي لذت به بيمثال هوندي آهي. هنن ڏيلهن يا ڏئونرن جو آچار به ڏاڍو سٺو ٿيندو آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ آچار ٺاهڻ جو رواج تمام گهٽ آهي. ڪي ماڻهو انهن کي پٽي اوٻاري خشڪ ڪري داغ ڏيئي به تڪڙي ڀاڄي تيار ڪندا آهن. پر اها ڀاڄي ذائقي ۾ ٿوري ڪڙي هوندي آهي.
[b]پڪا [/b]: هي ڪرڙ جي وڻ جو پڪل ميوو هوندو آهي. هنن جي شڪل گول ۽ رنگ اڇاڻ مائل ڳاڙهو هوندو آهي. هنن جو ذائقو مٺو هوندو آهي. پر پيٽ ڀري گهڻا کائڻ سان قبضي ٿيندي آهي. هنن کي ماٽي ۾ وجهي ولوڙي ٻج ڌار ڪري رس ۾ چانور وجهي ڀت به رڌبو آهي، جيڪو ذائقي ۾ مٺو هوندو آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ اهڙي ڀت رڌڻ جو گهٽ رواج آهي. هي ميوو پکين جي خاص پسند آهي.
سڱريون : هي ڪنڊي جي وڻ جو ڪچيون ڦريون هونديون آهن. هنن کي اوٻاري ٿوم جو داغ ڏيئي انتهائي لذيذ ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. سڱرين جي ڀاڄي به ٿر جي خاص سوغات آهي. جيڪا مهمانن لاءِ انمول ڀاڄي هوندي آهي. جنهن جي ذائقي کي وساري نه سگهبو آهي. هتي جا ماڻهو ڪچين سڱرين کي سڪائي به رکندا آهن، جن کي اوکي ويل يا اوچتي مهمان جي مهماني ڪندي کيس کارائي خوش ڪندا آهن. سڪل سڱريون دوستن ڏانهن به سوکڙي طور موڪليندا آهن. ڪنڊي جا پڪل سڱر وري چوپايي مال جي چاري ۾ ڪم ايندا آهن. هنن پڪل سڱرن کي ڌنار به شوق سان کائيندا آهن. هنن سڱرن جو ذائقو مٺو هوندو آهي.
[b]پيرون [/b]: هي ڄار جي وڻ جا ننڍڙا ننڍڙا رنگين گول رنگين موتين جهڙا ميوا هوندا آهن. هي ٿر جي خاص سوکڙي هوندي آهي. موسم ۾ عورتون ۽ ٻار هنن کي پٽي ٿانو ڀري گهر کڻي ايندا آهن. پيرون پٽڻ لاٰءِ سر جي تيلين يا ڪکن مان نرم گلاس نماءَ ٿانو ٺاهيو ويندو آهي. جنهن کي هتان جا ماڻهو سوتڪ يا ٽٻڪڙو سڏيندا آهن. پيرون انسان جون غذائي ضرورتون پوريون ڪندڙ ميوو هوندو آهي. حڪيمن جو اهو به چوڻ آهي، ته پيرون جگر کي طاقت ڏيندڙ ۽ سائي جي بيمارين کان بچائيندڙ ميوو آهي. جيڪو به ماڻهو هرسال اهو کائيندو انهي کي سائي جي بيماري نه ٿيندي. ذائقي ۾ پيرون مٺا ٿين ٿا. هنن کي سڪائي به رکي مهينن تائين استعمال ڪري سگهبو آهي. سڪل پيرن کي ڪوڪڙ سڏبو آهي. پيرون سڪائڻ لاءِ انهن کي ڪپڙي تي پکيڙي اس ۾ رکي ڇڏبو آهي. انهن کي وقت بوقت روزانه ٽي چار ڀيرا ڪاٺي سان اٿلائبو آهي. انهن پيرن کي هٿن سان اٿلائبو ته خراب ٿي ويندا. سڪل پيرون يا ڪوڪڙ ڏڪار جي وقت چوپائي مال کي به چاربا آهن، جن سان مال متارو رهندو آهي .
[b]چڀڙ [/b]: هي به برساتن تي ٿر جي ڪافي ڀاڱن ۾ ٿيندا آهن. هونئن ته چڀڙن جا ڪيترائي قسم آهن، پر هتي ننڍا چڀڙ پاڻمرادو ڦٽي ايندا آهن، چڀڙن جون وليون سياري جي آمد تائين چڀڙ ڏينديون آهن. پڪل چڀڙ ذائقي ۾ کٽا مٺا لذيذ ٿيندا آهن. چڀڙ اڻ پڪل يا ڪچا نه کائبا آهن ، نه ئي ڪچن چڀڙن جي ڀاڄي تيار ٿيندي آهي، ڇو ته ڪچا چڀڙ ڪڙا ٿيندا آهن. چڀڙ ولين ۾ ئي مقرر مدت بعد پچي ويندا آهن. پڪل چڀڙ ڳترا ڪري سڪائي به رکبا آهن. جن کي ڪچريون چوندا آهن. هي ڪچريون مهينن تائين ڀاڄي طور استعمال ڪيون وينديون آهن.
[b]ڇانهيون [/b]: اڇڙي ٿر ۾ برساتن تي روهي ۽ هندستان جي سرحدي پٽن ۽ ٻين ٿورن علائقن ۾ ڇانهين جون وليون به پيدا ٿينديون آهن. جن جي ڪچين ڇانهين جي ڀاڄي وڻندڙ ٿيندي آهي. پڪل ڇانهيون هتي جا ماڻهو شوق سان کائيندا آهن. جيڪي ذائقي ۾ مٺيون هونديون آهن. ڇانهين جو رس اڃ اجهائڻ ۾ ڪمائتو هوندو آهي.
[b]ريڀڙيون [/b]: ريڀڙين جون وليون به اڇڙي ٿر جي روهي واري علائقي ۾ ۽ ٻين حصن جي ڪجهه ايراضين ۾ برسات تي پاڻ مرادو اڀڙي اينديون آهن. ڌنار هنن ريڀڙين کي ڪچي حالت ۾ ئي سندن کل واري پاسي جو ٻجن کانسواءِ ڳر لاهي کائڻ شروع ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪچين ريڀڙين جو ٻج وارو حصو سخت ڪڙو هوندو آهي. باقي پچڻ بعد سڄي ريڀڙي ٻج سميت کٽي مٺي ذائقي واري هوندي آهي. جيڪا شوق سان کاڌي ويندي آهي ۽ دوستن کي به سوکڙي ڪري موڪلي ويندي آهي.
[b]گوار [/b]: گوار هونئن ته زرعي فصل آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ هي قدرتي نموني برسات تي ڦٽي پوندي آهي. سندس ڦريون ننڍيون هونديون آهن. جن کي اوٻاري پاڻي خشڪ ڪري ٿوم جو داغ ڏيئي ڀاڄي تيار ڪبي آهي . هي جهنگلي گوار کائڻ ۾ تمام گهڻي لذيذ هوندي آهي. هتي جا ماڻهوگوار جي ڦرين کي سڪائي به ٿانو ڀري رکي ڇڏيندا آهن. جن مان هو ڪيترن مهينن تائين ڀاڄي تيار ڪندا رهندا آهن.
[b]ميها [/b]: برسات جي موسم ۾ وسڪاري تي ميهن جون وليون پڻ ڦٽي پونديون آهن. هي جهنگلي ميها به اڇڙي ٿر جا ماڻهو عام ميهن جيان وڍي ٻوڙ رڌي کائيندا آهن. هي ميها عام بازاري ميهن کان وڌيڪ لذيذ ٿيندا آهن. عام ڌنار به مال چاريندي هنن کي پاڻي ۾ اوٻاري رڌي به کائيندا آهن. جن جي کائڻ سان کين وڌيڪ ماني جي ضرورت نه ٿيندي آهي. ميهن کي ڳترا ڪري سڪائي به رکبو آهي. جيڪو ڏڪار جي وقت ڀاڄي طور استعمال ڪري سگهبو آهي.
[b]ٽوهه [/b]: هي به اڇڙي ٿر ۾عام جام ٿيندا آهن. ڇانهين جي ول جي هم شڪل ول ۾ ننڍي ڇانهين يا گدري جهڙا ٿيندا آهن. ذائقي ۾ سخت ڪڙا ۽ زهريلا هوندا آهن. پر ٿر جا ماڻهو هن کي به ڏٿ طور استعمال ڪندا آهن. برساتن بعد جڏهن هي ولين ۾ پچي ويندا آهن، ته ماڻهو هنن کي ڪتر ڪري واري ۾ پوري ڇڏيندا آهن. ڪجهه مهينن بعد انهن کي ڪڍي سٽي ڪٽي صاف ڪري سندن ٻج کي سنڀالي اناج جيان رکيو ڇڏين. ضرورت وقت انهن ٻجن کي دانگي تي ڀُڃي، جنڊ ۾ پيهين اٽو ٺاهيندا آهن. پوءِ انهي اٽي کي ڪڻڪ جي اٽي سان ملائي ماني پچائي کائيندا آهن. ڏڪارن جي زماني ۾ ٽوهه جو اٽو سندن لاءِ وڏي غنيمت هوندو آهي. ٽوهه کي ٻڪريون ۽ ٻيو مال به کائيندو آهي. پنجاب جي ريگستاني علائقن ۾ ٽوهه جو آچار به ٺاهيندا آهن. اتي وري تازي ٽوهه کي ڳترا ڪري چن مليل پاڻي جي مٽن ۾ وجهي اس ۾ رکندا آهن. ائين ٽن ڏينهن بعد پاڻي ۽ چن بدلائيندا رهندا آهن. ٻن کان ٽن هفتن بعد اهي کارا ٽوهه مٺا ٿي ويندا آهن. پوءِ انهن کي سڪائي آڍوکو ڪري آچار ، مربا ۽ حلوو به ٺاهيندا آهن . جيڪو لذيذ ۽ هاضمي دار هوندو آهي.
[b]پاٻوڙا ۽ بيهه[/b] : هي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ ٿيندا آهن. جنهن ڍنڍ ۾ هي پوکيل هوندا آهن، اها ڍنڍ اڇن وڏن ڪنول جي گلن سان اکين کي وڻندڙ نظارو ڏيندڙ هوندي آهي. هي ڍنڍ جي پاڻي کي صاف به رکندا آهن ۽ پاڻي ۾ بوءَ ٿيڻ نه ڏيندا آهن. انهن ڪنول جي گلن مان وري هي وڏي لاٽون جي شڪل ۾ ميوي طور نڪري نروار ٿيندا آهن. انهن ۾ سائي رنگ تي وڏا بادام جهڙا داڻا هوندا آهن . جيڪي کائڻ سان انسان جو غذائي ضرورتون پوريون ٿينديون آهن. ٻه چار پاٻوڙا کائڻ سان ماني جي طلب ناهي رهندي، پاٻوڙي پچڻ بعد اهي داڻا سخت ٿي ويندا آهن. جيڪي ٻج طور ڪم آڻبا آهن. انهن پاٻوڙن جي پاڙ کي وري بيهه طور ڀاڄين ۾ استعمال ڪبو آهي جيڪا ڀاڄي وري مزيدار ٿيندي آهي.
[b]ڪم، ڪوڻيون ۽ لوڙهه[/b] : هي پڻ مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ ٿيندا آهن، هن جا پن گول ننڍا ۽ ڪنگرين وارا ٿيندا آهن. هن جا گل ننڍا ۽ ڪنول جي گلن جهڙا هوندا آهن. جنهن کي ڪُوڻِيءَ چئبو آهي. هنن گلن جي ڏانڊي جي کل لاهي کائبي آهي. هنن گلن مان ننڍو گول سائو گول ڏاڙهون جهڙو ميوو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سنهڙا داڻا ٿيندا آهن، جيڪي وڻندڙ ۽ خوشذائقي وارا هوندا آهن. هن ميوي کي ڪُم سڏبو آهي. هن جي پاڙ جي ويجهو ڪاري ڀوري رنگ جا ڳنڍا هوندا آهن، جن کي لوڙهه يا گند چئبو آهي. جن کي سيڪي کل لاهي ڀاڄي تيار ڪبي آهي. هن جو ذائقو پٽاٽي جهڙو پر ليسدار هوندو آهي ، جنهن سبب ٻوڙ جو شوروو گهاٽو ٿيندو آهي. لوڙهه کي سيڪي کل لاهي کائبو به آهي.