سرسوتي جي ريگستان اڇڙو ٿر جي طبعي حالت بابت مختلف رايا
اڇڙي ٿر بابت ان جي زميني بيهڪ تي مختلف خيال ۽ انومان موجود آهن. ڪتابن ۾ انهي بابت مختلف رايا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙن جو خيال آهي، ته هي علائقو ڪنهن قديم سمنڊ جو ڇڏيل علائقو آهي. جيڪو بعد ۾ هوائن جي لڳڻ سبب واري جي ڀٽن ۾ تبديل ٿي ويو. ٻين جي راءِ آهي ته هي ڪنهن زميني مها زلزلي سبب آيل زميني بيهڪ جي اٿل پٿل جو نتيجو آهي. جيڪو هوائن جي لڳڻ سبب صدين جي تبديلين جو سفر طئه ڪري هن حالت ۾ پهتو آهي. ٽئين طرف ڪن زميني ماهرن جو انديشو آهي ته هتي قديم دريائي وهڪرن جي بند ٿيڻ بعد هي زميني صورتحال بڻي آهي. انهن مجموعي راين تي جيڪڏهن غور ويچار ڪبو ۽ ڪجهه نتيجا سامهون رکي سوچبو ته مختلف راين جي روشني ۾ مختلف نتيجا نڪرندا. اچو ته هرهڪ راءِ تي ٿورو ويچار ڪريون.
پهرين راءِ موجب هي قديم ڪنهن سمنڊ جو ڇڏيل علائقو آهي. جيڪڏهن انهي راءِ تي غور ڪبو ته ٿر کي ويجهو ئي رڻ ڪڇ جو علائقو آهي. جيڪو پڻ سمنڊ جو ڇڏيل علائقو آهي. جيڪو هڪ طرف ڪلراٺو ۽ سڌو ميداني علائقو آهي، جيڪو هيٺائين وارن هنڌن تي لوڻ سان ڀريل آهي. جتي خطرناڪ لوڻياٺيون ڌٻڻيون آهن. هن علائقي ۾ واري جي ڀٽن جو ڪو به آثار موجود ناهي. انهي مان ثابت ٿيو ته پهرين ڳالهه صحيح ناهي.
ٻئي طرف ته ڪنهن مها زلزلي جي نتيجي ۾ ائين ٿيو آهي. دنيا ۾ زلزلن سبب جابلو علائقا ۽ ريتيلا ويران صحرا ته ٺهيا آهن، پر ڪٿي به ريگستان جو ڪو وجود موجود ناهي. الاجي ڪهڙي حساب سان اها راءِ قائم ڪئي ويئي. جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جنهن راءِ بابت صرف اهو چئي سگهجي ٿو،ته مڙئي بار لاهڻ لاءِ سوچڻ بنا ائين ئي انهي راءِ جو اظهار ڪيو ويو.
ٽئين طرف اها راءِ ته هي دريائن جي ڇڏيل وهڪرن سبب وارياسين ڀٽن وارو علائقو ٺهيو آهي. جيڪا ڳالهه درست لڳي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن وقت به دريائن جي ويجهڙائي ۾ ڇڏيل علائقن جي حالت ائين ئي لڳي ٿي، اتي هوائن جي رخ تي ڀٽون به ٺهي رهيون آهن. پر اهي وارياسا علائقا انهن دريائي وهڪرن سان گڏ ٿوري علائقي تائين موجود آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن وسيع علائقي ۾ دريائي وهڪرن جي تبديلي جو عمل رهيو آهي، ته اهي ريگستان وسيع ايراضي تائين به پکڙيا آهن.
جيڪڏهن انهي حساب سان ٿر جي ريگستان جيڪو هندستان جي جوڌپور کان وٺي عمرڪوٽ ۽ کپري تائين موجود آهي ۽ اتر طرف ضلعي خيرپور ۽ گهوٽڪي جو اڀرندو پاسو والاريندو وڃي پنجاب جي چولستان سان ملي ٿو. اهو ريگستان هڪ وسيع ايراضي ۾ تاريخ جي ڊگهي عرصي کان موجود آهي. صرف سنڌ ۾ به اڇڙو ٿر23000 چورس ڪلو ميٽر ۽ ٿرپارڪر19638 چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ موجود آهي. انهي لاءِ اسانکي انهي ريگستان ۾ قديم دريائي وهڪرن بابت جانچ ڪرڻي پوندي. هيستائين محققن جا خيال انهن مٿين ٽن راين جي چوگرد ڦريا آهن. جنهن سبب غير اطميناني انداز ۾ ڪابه سنجيده تحقيق نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب هي سوال مونجهارن جو شڪار رهندو آيو آهي.
انهي سوال جي جواب جي ڳولا جي سلسلي ۾ اسان کي هن ريگستاني علائقي ڏانهن وهي ايندڙ دريائي وهڪرن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. هماليا کان سائوٿ ايشيا ڏانهن وهندڙ درياهن جي گسن کي جانچڻو پوندو. انهي سلسلي ۾ اسين ڏسنداسين ته هماليا کان ندين جو هڪ سلسلو جن ۾ گنگا ، نربدا ، برهمپترا وغيره ندين جو سلسلو اسان کي اوڀر هندستان کان ويندي بنگلاديش تائين وهندي نظر اچي ٿو. هماليائي وهڪرن جو ٻيو مشهور وهڪرو سنڌو درياءَ ۽ ان سان لاڳاپل ندين جو آهي. جيڪوهماليا ۾ اوڀر کان اولهه طرف وهي، پوءِ هيٺ لهي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ طرف وهي، پوءِ سڌو ڏکڻ طرف وهي اچي، عربي سمنڊ ۾ ملي ٿو. جڏهن ته سنڌو درياءَ جي انهي وهڪري ۾رستي ۾ ٻيون نديون به اچي ملن ٿيون. انهن موجوده وهڪرن کان سواءِ اسان کي تاريخ جي قديم ڪتابن ۾ هماليائي جبلن مان نڪرندڙ هڪ ٽئين وهڪري جو به ذڪر ملي ٿو. جنهن وهڪري مان اڳتي هلي، جمنا ، ستلج ۽ سرسوتي جا وهڪرا نڪرندي نظر اچن ٿا. هن ٿر جي ريگستان مان اسانکي انهن ندين جي گذرڻ جا گس ۽ پيچرا قديم ڪتابن ۽ موجوده جديد سيٽلائيٽ ڪولمبو پلان جي سوين تيار ڪيل نقشن ۾ ڳولڻ سان ملن ٿا. جن جو ذڪر ويدن ۽ ٻين قديم ڪتابن ۾ سرسوتي ندي جي وهڪرن نالي سان ملي ٿو. جيئن انهن دريائي وهڪرن جو لاڳاپو هن وسيع ريگستان سان لاڳاپيل آهي. انهي ڪري اسان کي هتي انهن وهڪرن بابت جانچ ڪرڻي پوندي. جيئن اسين ڪنهن نتيجي تائين پهچي سگهون. انهي سان گڏ هن ٻه لک اسي هزار چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ پکڙيل وسيع ريگستاني علائقي جي ٺهڻ بابت به ڪا راءِ قائم ڪري سگهون.