لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
Title Cover of book سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر

تحقيق جي ڇاڻڻي مان ڇاڻيل سچ

تحقيق جي ڇاڻڻي مان ڇاڻيل سچ
تواريخ هڪ علم سان گڏ هڪ سچ به آهي،۽ وري سچ به اهڙو جيڪو حقيقتن کي وقت جي ڇاڻڻي ۾ ڇاڻي، ڪوڙ جا سمورا نقاب لاهي ،اصل حقيقتن جي تصوير کي چٽو ڪري ڏيکاري ٿو جنهن سچ کان ڪو به ماڻهو نه انڪار ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿو. تواريخ وقت ۽ حالتن جي حقيقتن جو هڪ اهڙو سمنڊ آهي. جنهن ۾ بحيثيت محقق جي ڳولا جي ٻيڙي ۾ چڙهي اسان جڏهن سفر شروع ڪيون ٿا، ته هڪ طرف ان جون لهرون ڪڏهن ڪومل ۽ معصوم ادائن سان اٿندي محسوس ٿين ٿيون ، ته ڪڏهن وري هڪ ظالم جلاد وانگرحقيقتن تان ڪوڙ جا پردا چاڪ ڪري سفاڪ بي رحم طوفان جي سونامي اٿاري اسان جي اندر کي به جهنجهوڙي وجهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ، جوهن ڪتاب جي مطالعي مان جيڪا ڳالهه مونکي سکڻ لاءِ ملي، اُهو آهي اجرو سچ ، هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن لاءِ “حالتن، حقيقتن ۽ ڪردارن متعلق بيان ڪيل هڪ اهڙي سچائي ظاهر ڪئي ويئي آهي، جنهن کي مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه ٿي رهي، پوءِ ڀل اُها سچائي واقعن، حقيقتن يا ڪردارن متعلق بحيثيت فرد جي يا بحيثيت قوم جي اسان لاءِ قابلِ قبول هجي يا نه هجي. پر هر حال ۾ سچائي مڃڻي پوندي. ڇو ته هن ڪتاب ۾ حقيقتن کي ڇاڻي اصل روپ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڪتاب ”سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” پنهنجي موضوع جي حساب سان نهايت ئي منفرد ڪتاب آهي. ان جي انفراديت جو هڪ ڪارڻ ٻيو به آهي، ۽ اُهو آهي هن ڪتاب جو محقق محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب. جيڪو مولائي شيدائي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، تاج صحرائي ، شيخ محمد سومار، ايم ايڇ پنهور، يا مجمدار جون سڪون لاهيندڙ موجوده دور جي اهڙن چند محققن منجهان هڪ آهي. جن تواريخ سان بحيثيت subject جي عشق ڪيو آهي ۽ انهن جي ڪيل تحقيقي ڪم سان حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي تواريخ تي تحقيقي ڪتابن ۾ هڪ ڪارائتو اضافو ثابت ٿي رهيو آهي. صرف ڪتابن منجهان تراشا ميڙي حوالن کي سهيڙي ڪتاب لکڻ جي روايت کي ٽوڙيندي. هي محنتي محقق سرزمين تي وڃي تواريخ جي ڳولا لاءِ مشاهدا ڪري نه صرف قديم انساني ڪارگذارين جون شاهديون ڳوليندا آهن ، پر هو اتان جي ماڻهن سان به ملي جلي منجهن پنهنجائپ پيدا ڪري کانئن لڪل حقيقتن بابت به ڄاڻ حاصل ڪندا آهن. مشڪور صاحب به اڇڙي ٿر جهڙي ڏکئي علائقي ۾ وڃي اتان جي هر شئي جو مشاهدو ڪري ، ماڻهن کان حقيقتون معلوم ڪري ، وري مختلف ڄاڻ جي ذريعن مان معلومات هٿ ڪري موضوع جي گهرائي۾لهي تحقيق ڪرڻ بعد وري ان کي شاندار ترتيب ڏيئي، پنهنجي تواريخ نويس هئڻ جو فرض ادا ڪيو آهي، نه صرف ايترو پر هُن جامع مواد گڏ ڪري اڳتي لاءِ انهي ميدان ۾ ايندڙمحققن لاءِ هڪ مشعل راهه ٺاهي ڇڏي آهي. ته هو به جيڪڏهن تواريخ جي موضوع کي پنهنجو passion بڻائڻ چاهين ٿا. ته حقيقي رُخ ۾ تحقيق ڪن، انهن ماڳن مڪانن، قديم آثارن، حادثن ۽ واقعن سميت تواريخي ڪردارن متعلق حقيقي معلومات کي پنهنجي لکت جو حصو بڻائين ۽ پنهنجي سوچ جي آڌار تي صحيح، غلط، پسند ناپسند وارو رويو ختم ڪندي سائنسي اصولن پٽاندڙ “جيئن آهي جي بنياد تي ” تحقيق کي اڳتي وڌائين، اهو ئي حقيقي مورخ جو فرض هئڻ گهرجي، هي انتهائي ذميداري جو ڪم آهي. اهڙي تحقيقي عمل سان ئي قومن جو مستقبل لاڳاپيل هوندو آهي، ڇو ته قومون پنهنجي ماضيءَ جي بنياد تي ئي پنهنجي آئيندي جي پيڙهه رکنديون آهن، اڳتي وڌڻ ۽ نون امڪانن جي تلاش جو سلسلو شروع ڪنديون آهن. سائين مشڪور صاحب هن ڪتاب جي پنهنجي پهرئين مضمون “تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت” کان وٺي پنهنجي تحقيق جي سفر جي ساٿين جو ذڪر ڪندي “حسن علي راڄڙ” متعلق لکيل مختصر خاڪي تائين جنهن محنت، لگن ۽ ڪوششن سان هن ڪتاب کي سينگاريو آهي ، سو سٽاءَ به انتهائي قابل تحسين آهي.
ٻن ڀاڱن تي مشتمل هي ڪتاب سرسوتي ندي جي ابتدا يعني هماليه جبل جي هنج کان وٺي ان جي ڊيلٽا تائين جو ذڪر ئي نه ، پر ان جي دڳن پيچرن ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن جي ذڪر ۽ خاص طور تي سنڌ جي حوالي سان ڦلڪاري صاحب اڇڙي ٿر، ٿرپارڪر واري سنڌ جي ريگستاني علائقي جو جنهن تفصيل سان بيان ڪيو آهي. اُهو سنڌ جي هن علائقي متعلق پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ جو هڪ نئون خزانو آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي هنن علائقن جي آبهوا، ڍنڍن ڍورن، ان ۾ موجود پاڻي جي ڪيفيت، انهن علائقن ۾ موجود پکين، جانورن ۽ انهن جي قسمن سميت وڻن ٽڻن، انهن جي خدوخال ۽ بيهڪ ۽ خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ اڇڙي وچ ۾ تقابلي جائزي ۽ انهن علائقن جي جاگرافي جي بيهڪ ۽ انهي ۾ موجود شين جي موجودگيءَ جي انگن اکرن کان وٺي، انهن جي بڻاوت ۽ ساخت تائين جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. ڪارونجهر جي حوالي سان به ڪافي معلومات ته اهڙي حيرت ۾ وجهندڙ ڏني اٿس، جيڪا منهنجي نظر مان پهريون ڀيرو گذري آهي. خاص طور تي ان جي قدامت، ڊيگهه، ويڪر، ان مان ملندڙ جڙي ٻوٽين ۽ ان جي مختلف ٽڪرين ۾ مختلف پکين جانورن جون آماجگاهون، مختلف نوعيت جي وڻن، ٻوٽن جون نرسريون مون سميت پڙهندڙن لاءِ پڻ نهايت ئي حيران ڪندڙ آهن. نه صرف ايترو پر پهرين ڀاڱي ۾ سرسوتي ڊيلٽا ۾ زندگي جي آثارن کان وٺي انساني تهذيب جي شروعات ۽ فڪري لاڙن کان وٺي هندو ڌرم، ٻُڌ ڌرم، شوپنٿ ۽ جين ڌرم تائين ۽ انهن ڌرمن جي مختلف فرقن تائين جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. ڪتاب جي هن پهرئين حصي ۾ سرسوتي تهذيب کي سمجهڻ ۽ سنڌ سان ان جو ڳانڍاپو، سنڌ تي ان جا اثر يا سنڌ ۾ هن تهذيب سان لاڳاپيل قديمي ماڳ مڪانن جو پڻ بيان شامل آهي. موجوده دور ۾ سرسوتي تهذيب کان وٺي ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن، ڪارونجهر جبل بابت جيالاجي سروي مان اٿندڙ نون سوالن، دريائي پاڻي جي اٿل پٿل، هماليائي ندين مان جنم وٺندڙ ڊيلٽائن، بندرن، قديمي دريائي وهڪرن ۽ ان جي آس پاس قائم دڙن ۽ قديم ماڳن وغيره کان وٺي، انهي زماني جي سياسي سماجي حالتن سميت جائزو ورتو ويو آهي. خاص طور تي حر تحريڪ ۽ حر گوريلا جنگ ۽ انهي جي سماج تي پوندڙاثرن کان وٺي هن جنگ ۾ وطن جي آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين جو به ذڪربيان ڪيو ويو آهي. مطلب ته سرسوتي تهذيب ۽ انهي سان لاڳاپيل هر موضوع کي هن ڪتاب ۾ سهيڙي پيش ڪيو ويو آهي..
ڪتاب جو ٻيو حصو خاص طور تي اڇڙ ٿر تي مشتمل آهي، جنهن ۾ بنيادي سوال “اڇڙي ٿر تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ ” کان وٺي،اڇڙي ٿر ۾ ڏڪار، ان جي طبعي بيهڪ، اقتصادي حالت، اڇڙي ٿر ۾ موجود جانورن، پکين، جيت، بلائن، وڻن، ٻوٽن، ٻيلن ۽ نخلستانن کان وٺي معدني ذخيرن ، گئس فيلڊن، ڍنڍن ڍورن ۽ چوٽياريون ڊيم سميت هن حصي جي ماڻهن جي سماجي حالت، انهن جي وندر، هٿ جي هنرن ، رهڻي ڪهڻي وغيره بابت تفصيل درج آهن، جنهن جي پڙهڻ سان اسان جي ذهن ۾ “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” جي عنوان سان هن ڪتاب ۾ سمورا عڪس چٽا اڀري اچن ٿا .
مشڪورڦلڪاري صاحب جو هي انمول ڪتاب نه صرف سنڌ جي تواريخ تي تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندو پر گڏوگڏ پڙهندڙن لاءِ سرسوتي تهذيب جي حوالي سان ڄاڻ ۽ تحقيق جا نوان در کوليندو .ڪنهن به محقق جي تحقيق جي وڏي ڪاميابي اها هوندي آهي، ته سندس تحقيق کلي آسمان جيان پڙهندڙن جي آجيان ڪري ۽ ڪتاب جا پڙهندڙ انهي ڪتاب جي موضوع ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن رُخن تي ڀرپور معلومات حاصل ڪري سگهن. هي ڪتاب پڻ ان طرح جي تحقيق جو هڪ مثال آهي.

منظوراحمد ڪناسرو
ڊائريڪٽر جنرل
ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو
حڪومت سنڌ