اڇڙي ٿر جا سوڍا
اڇڙي ٿر۾ جتي حر جماعت جي منظم نظام ۾ ماڻهن جي زندگي جو ڪار وهنوار هلي ٿو. اتي وري اڇڙي ٿر جي سوڍن جي راڄن جي رهڻ جا پنهنجا قديم قبائلي قدر ۽ رواج موجود آهن. اڇڙي ٿر ۾ سوڍن راجپوتن جا به ڏھاڪو کن ڳوٺ مئو، رابلاهو ، ڦلاهو، جيڻهار، راڻاهو، آسوڏر، ڪور، وغيره موجود آھن، انھن ڳوٺن ۾ ويرسي ۽ رام ذات جا سوڍا راجپوت رھن ٿا. اڇڙي کان ٻاهر ٿرپارڪر جي عمرڪوٽ پاسي وري ٻين ذاتين يعني گنگڏاس ، اُڏا ، سرتاڻ ۽ ڪيلهڻ نک جا سوڍا رهن ٿا. اهڙي ريت وري ٿرپارڪر جي ٻين هنڌن تي مالڏي ، نرا ، نٻا ، اکا ، مڏا بيبا نکن جا سوڍا رهن ٿا. سوڍن جو ريتون رسمون رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا ۽ قديم روايتي انداز لڳ ڀڳ ساڳيا ئي آهن. باقي مائٽي ۽ رشتيداري جا اصول ڌار ڌار آهن..
سوڍن جي مردن جي نالي پويان سنگھ لڳندو آھي. مثال ڀوپت سنگھ، رتن سنگهه ، چندر سنگهه، ڪرن وير سنگ ۽ کمان سنگهه وغيره اهڙي ريت وري عورتن جي نالن پويان ڪنورِ جو لقب لڳندو آھي. جيئن بخت ڪنور، چندن ڪنور ۽ هنس ڪنور وغيره ورهاڱي کان اڳ اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جي سوڍن جا رشتا ناتا ، راجستان جي راجپوتن ڀاٽي ، راٺوڙ ۽ چوهاڻ ذاتين سان لاڳاپيل هئا. سرحدي پابندين جي نه هئڻ سبب سوڍن جون مٽيون مائٽيون هندستان ۾ رهندڙ راجپوتن سان ٿينديون آيون. پر ورهاڱي بعد ڪافي سوڍا هندستان لڏي ويا . پر جن سوڍن جيجل سنڌ کي نه ڇڏيو، سي مٽي مائٽي جي لحاظ کان مشڪلاتن جو شڪار آهن. مثال طور، هتان جي سوڍن جي اها قديم روايت رهندي آئي ته نياڻين جا رشتا انهن راجپوتن جي خاندانن سان ڪندا جيڪي رياستي حڪمراني ، گڍ يا ڪنهن قلعي ، ٺڪاڻي يا ڪنهن راڄ جا مالڪ هوندا جن نکن ۾ ڀاٽي ، راولوت ۽ چوهاڻ نکن جا راجپوت شامل هوندا هئا. جن سان سنڌ جا سوڍا پنهنجي نياڻين جي رشتيداري ڪندا هئا.
هتان جا سوڍا پاڻ وري انهن راجپوتن مان شادي ڪندا هئا، جيڪي سندن نکن مان نه هجن، پر راجپوتن جي ٻين نکن مان هجن. ورهاڱي بعد هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي حدبندين سبب سوڍن جي انهي قديم رشتيداري جي ڏس ۾ وڏن سانحن جنم ورتو. جنهن سبب ڪافي سوڍا هندستان لڏي ويا . باقي محب وطن ۽ سنڌ سان عشق رکندڙ جيڪي سوڍا هتي وڃي رهيا آهن، تن جي پرڻجي ويل نياڻين پنهنجي عزيزن کي ورهاڱي بعد نه ڏٺو آهي. ۽ نه ئي وري هندستان جي راجپوتن جي هتي پرڻجي آيل نياڻين پنهنجي پيارن عزيزن کي وري ڏٺو آهي. مٿان وري هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سالن جي اڻبڻت سبب ويزا جون پابنديون، انهي رشتيداري جي درد ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن. انهي الميي سبب سوڍن جي خاندانن جو اهو هڪ اهڙو درد آهي، جنهن درد جو درمان اڃان تائين نه ٿي سگهيو آهي
سوڍا خاندانن جي عورتن يعني سوڍين جي حيا ۽ پردي کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. سوڍين جي آواز کي ڪو به نامحرم شخص ٻڌي نه ٿو سگهي۽ نه ئي سندن شڪل کي ڪو اوپرو ماڻهو ڏسي سگهي ٿو. حالانڪ سوڍا خاندان جا مرد عورتن تي ڪو جبر به نه ٿا ڪن ۽ نه ئي هو عورتن جي معاملي ۾ ڪو ايڏا وڏا سخت رويو رکندڙ آهن. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ، ڪنهن به سوڍا خاندان جي عورت کي ڪارو ڪاري جي رسم موجب قتل ڪرڻ جو يا طلاق وغيره ڏيڻ جو ڪو واقعو ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي. سوڍن جون عورتون پنهنجن گهرن ۾ آزادي سان رهن ٿيون، ۽ سندن وارث ساڻن پيار ڪن ٿا . پر پنهنجي قديم روايتن جي امين سوڍن پنهنجي وڏڙن جي ٺاهيل گهريلو ۽ قاعدن ۽ قانونن سان محبت رکندي، انهن قديم سوڍاڻين روايتن کي هر حالت ۾ زندهه رکيو آهي. جيڪا ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي. شايد دنيا ۾ اهڙين قديم روايتن جي پاسداري جو ڪٿي ٻيو ڪو مثال موجود هجي. سوڍن جي وڏڙن جي ٺاهيل انهي قانون موجب سوڍا مرد صبح جو سوير ننڊ مان اٿندي ئي گهر ڇڏي اچي پنهنجي اوتاري ، اوطاق يا ٺڪاڻي تي پاٿاري هڻندا آهن. جيئن سوڍيون پنهنجي گهر جو ڪم ڪار آساني سان ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪو مرد گهر ۾ موجود هوندو، تيستائين پردي م رهندي، هو پنهنجي گهر جو ڪم ڪار آساني سان نه ڪري سگهنديون ۽ نه ئي گڏ ويهي ڪا آزادي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه ڪري سگهنديون. سوڍاڻي قانون موجب ننڍي ڀاءُ جي زال پنهنجي وڏي ڏير جي منهن نه چڙهندي ، وڏي ڏير کان سواءِ پنهنجي سهري يا ساهراڻي ڪيڙ جي هر مرد کان پردو ڪندي . پر پنهنجي ننڍي ڏير کان پردو ڪونه ڪندي. جيڪڏهن سندس مڙس سندس ڪمري يا چئونري ۾ موجود هوندو، ته هو انهي ڪمري ۾ يا چئونري ۾ ڏينهن جو ڪڏهن به ڪو نه ويندي. رات جو به جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي سمهي رهندا، ته پوءِ هو لڪي لڪي مڙس سان ملڻ سندس ڪمري ۾ ويندي ۽ چوري ملاقات ڪري وري لوڪ ستي ئي وڃي رڌڻي ۾ گهر جي ڪم ڪار کي لڳندي، ائين محسوس ڪرائيندي ته هو سڄي رات مڙس جي ڪمري ۾ نه ويئي آهي. ائين سڀ سوڍيون سوير جاڳي مڙسن جي ڪمرن يا چئونرن مان نڪري گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وينديون. اهڙي ريت هو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي گهرن جو سمورو ضروري ڪم ڪار لاهي وانديون ٿي وينديون آهن، جيستائين ڪو مرد گهر ۾ موجود ڏسنديون تيستائين سڀ عورتون پردي ۾ هونديون . جيئن ئي مرد گهر کان ٻاهر نڪتا، ته پوءِ آزادي سان بنا پردي جي گهر جو باقي ڪم ڪار ختم ڪري ، پاڻ ۾ ڪچهريون ڪرڻ لڳنديون آهن. جيڪڏهن ڳوٺ جو ڪو وڏو مرد گهر ۾ ايندو ته انهي کان لڪي وينديون ۽ پردو ڪنديون آهن . کيس سڏ جو جواب به ڪو نه ڏينديون آهن. ڪابه عورت پنهنجي مڙس جو نالو نه کڻندي ، پر ضرورت وقت مڙس کي پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جي نالي جي نسبت سان سڏينديون آهن ، جيئن کيت سنگهه جا پيءَ ڳالهه ته ٻڌ ! وغيره سهري کي ٻاپ ، سس کي ننهن جي نالي جي نسبت سان سڏينديون ، وڏي ڀاڄائي کي ڀاڀي ، ننڍي ڏيرياڻي کي لاڏي ، مڙس جي ڀيڻ کي ٻائي جي نالي سان سڏينديون آهن.
گهر ۾ سهري کان پوءِ سس جو حڪم هلندو آهي، هو پنهنجي وڏي ڏير ۽ سندس زال جو تمام وڏو ادب ڪنديون آهن ، پر پنهنجي ننڍي ڏير يا ننڍي ڏيرياڻي سان کل ڀوڳ ۽ مسخريون ڪنديون آهن. واندڪائي جي وقت ۾ عورتون چوپڻ راند کيڏنديون آهن. چوپڻ جي راند سوڍين جي پسنديده راند هوندي آهي ، ڌيءَ کي ڏاج ۾ پڻ چوپڻ راند جو سامان لازمي طور ڏنو ويندو آهي. سوڍن جي ڳوٺ مان گذرندي نه ئي ڪا سوڍي نظر ايندي نه ئي سندن ڪو آواز بڌڻ ۾ ايندو. سوڍيون تمام نرم لهجي ۾ آهستي سس پس ۾ ڳالهائينديون آهن وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ سوڍين لاءِ عيب آهي. سوڍيون پنهنجي گهر جي ڪم جون وڏيون سگهڙ هونديون آهن. گهر جي صفائي ۽ ٺاهه ٺوهه کي ڏسي عقل دنگ رهجو وڃي. گهرن جي ديوارن تي رنگن جي چٽسالي ۾ سندن شرطون لڳنديون آهن. ڪچا گهر به پڪا محل لڳندا . پراڻا گهر به ڏسندڙن کي نوان پيا محسوس ٿيندا. رڌ پچاءَ ۽ مختلف ذائقيدار طعام رڌڻ جون به ماهر هونديون آهن. سوڍين عورتن جي رڌل طعام جو ذائقو کائيندڙ کي هميشه ياد رهندو اهي. سوڍين جي هٿن جي تيار ڪيل طعام کي ڪير به وساري نه سگهندو.
سوڍين جي لباس ۾ خوبصورت چولي گهاگهرو، ۽ زيور پائڻ هنن جو شان آهي. سوڍيون عورتون پنهنجي لباس جي لحاظ کان عورتن جي وڏي ميڙ ۾ به نمايان ڏسڻ ۾ اينديون. سوڍين عورتن جون مائرون پنهنجي نياڻين جي هر لحاظ کان تربيت ڪنديون آهن. جيئن هو شادي بعد پرائي گهر ويندي مهڻي هاب نه ٿين ، سوڍيون مهڻو برداشت نه ڪري سگهنديون آهن.
مرد سوڍا قد ۾ ڊگها ، هٺ هٺيلا شڪل صورت ۾ سهڻا صفا جنگي جوڌا لڳندا آهن. مٿي تي ڦينٽو (رنگين پٽڪو) رکي، ننڍي قميص ۽ لنگوٽ ٻڌي ، پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پائي جڏهن مڇ تي هٿ رکندي ، اوچي ڳاٽ سان هلندا آهن، ته مردانگي ۽ ٺٺ ۾ هو صفا ملڪ جا والي لڳندا آهن. سوڍن جي هلڻ واري ٽور فخريه انداز واري ۽ ويهڻ به وڏي شان ۽ شوڪت وارو هوندو آهي. عام طور هو وڏا خوددار، سخي هوندا آهن. سوڍا ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجو انت نه ڏيندا آهن. هو تڏي جا خان هوندا آهن.
سوڍا ڪچهري کي رهاڻ چوندا آهن ، رچايل رهاڻ ۾ مٺاين سان گڏ مصري لازمي طور پيل هوندي آهي. رهاڻ ۾ سوڍن جو وڏو نمايان جڳهه تي ويٺل هوندو آهي باقي مهمان دائري ۾ ويهندا آهن، ڪو به سوڍو پنهنجي وڏي جي اڳيان سامهون ٿي نه ويهندو آهي. وڏي جي موجودگي ۾ ننڍا سوڍا ماٺ رهندا آهن، سوال جو جواب به نرم لهجي ۾ وڏي ادب سان ڏيندا آهن. رهاڻ جي شروعات ۾ سوڍن جو چارڻ ڪو اهڙو بيت يا دوهو ٻڌائيندو آهي، جنهن ۾ سوڍن جو شجرو ۽ سندن بهادري جي واکاڻ ٿيل هوندي آهي. انهي کان پوءِ آفيم جو دور هلندو آهي. سوڍا آفيم کي امل سڏيندا آهن ، انهي امل واپرائڻ جو به سوڍن جو پنهنجو الڳ طريقو هوندو آهي. هو آفيم کي پيالي يا ننڍڙي وٽيءَ ۾ ڳاري انهي ۾ ڪپهه جو صاف ٻڙو ٻوڙي رکندا آهن. پوءِ پيارڻ وارو آفيم جي رس ۾ پسايل ٻڙي کي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي نپوڙي هڪ مخصوص انداز ۾ مهمان کي پياريندو آهي. آفيم پيارڻ جي رسم به وڏي کان شروع ٿيندي آهي. پوءِ ائين نمبر وار آفيم پيارڻ جو دور شروع ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت ٻئي طرف وري شراب جو دور به هلندو آهي. سوڍا شراب کي دارون سڏيندا آهن. شراب جا جام به ڀري مهمانن جي سامهون رکيا ويندا آهن. پوءِ وڏو سوڍو سڀ کان پهريائين شراب جو جام کڻندو آهي، انهي کانپوءِ سندس اجازت سان شراب پيئڻ جو دور به هلندو رهندو آهي. انهي رهاڻ ۾ راڳ ڳائڻ جي محفل به هلندي رهندي آهي. رهاڻ جي آخر ۾ ماني جو دور هلندو آهي، ماني ۾ مٺايون ، مصري ، سايون ڀاڄيون ۽ گوشت لازمي طور شامل هوندو آهي. ماني جي شروعات ۾ هٿ ڌوئاريا ويندا آهن هٿ ڌوئارن جي شروعات به وڏي سوڍي کان ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت وڏي سوڍي جي پهرئين گراهه کڻڻ سان ماني جي دور جي شروعات ٿيندي آهي. ائين ماني بعد سوڍن جي رهاڻ پنهنجي پڄاڻي کي پهچندي آهي.
اهڙي ريت اڇڙي ٿر جا سوڍا ۽ ٺڪر پنهنجي قديم سوڍاڻين رسمن جا امين رهندي، پنهنجي قديم رسمن تي قائم آهن. وڏي ڳالهه ته اڇڙي ٿر جي اڪثريتي آبادي حر جماعت جا سماجي ضابطا سوڍن جي انهن سوڍاڻين رسمن سان لاڳو ناهن.انهي مان ثابت ٿيو، ته هتي جا ماڻهو بنيادي طور سهپ ۽ ٻئي جي رسمن جو احترام به ڪندڙ آهن. انهي ڳالهه جو سبب اهو به آهي ، ته حر تحريڪ دوران سوڍا انهي تاريخي جدوجهد ۾ شامل رهيا. راجستان جي راجا طرفان حرن لاءِ پنهنجي سرحد کولي ويئي . مشڪل حالتن حر گوريلا راجستان ۾ پناهه وٺندا رهيا. هتي به حر تحريڪ ۾ سوڍا حر گوريلن جا نه صرف مددگار رهيا. پر هنن انهي گوريلا جنگ ۾ عملي طور حصو به ورتو. انهي ڪري حر جماعت ۽ سوڍن جي وچ ۾ هڪ تاريخي رشتو به جڙيل رهيو آهي. اڄڪلھ سوڍا ھندستان ڏانھن لڏي پيا وڃن. ڇو جو هنن جون مٽيون مائٽيون ھندستان ۾ آھن . اچ وڃ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويزا تي سختي ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.کين مرڻي پرڻي تي ترت اجازت به نه ٿي ملي. انهي سبب هي تيزي سان هتان لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اھوسلسلو جاري رهيو، ته سوڍا سنڌ ۾ نه رهندا . جنهن ڳالهه تي ٻنهي حڪومتن کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي.