ڪتاب جو نالو: ضمير جو موت
مصنف: مرتضيٰ ناريجو
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 702 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 229 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ: ڪهاڻي قافلي جو نئون مسافر
  • هڪ بي رِيا ليکڪ
  • پنهنجي پاران
  • ڪھاڻيون

  • دوزخ جو دورو
  • پرو فيشنل 
  • جنازو 
  • شادي شُده
  • ڪافر
  • BIRTHDAY
  • شاعر ۽ ڊسمبر 
  • انصاف 
  • ڪروڙ 
  • راڌا
  • ڀڙوت
  • ڪردار
  • سرڪس
  • INBOX
  • ترقي 
  • لوسي ڪُتو
  • مُرشد پاڪ
  • گهڻا ٻار
  • پاڪائي
  • روينيو وارو صاحب
  • مهان
  • ويچارو غريب
  • بريڪ اپ 
  • وڏو ماڻهو
  • خاڪ وارو مُرشد
  • ٻي شادي
  • مُڙس ۽ آلو
  • حاڪم 
  • رنڊي
  • شانتي
  • پردو
  • خُدا جي ڳولها
  • بُرقعو
  • مُلان جو دين
  • شرابي ڪُتو
  • ڀاڙيو
  • ڪافرياڻي
  • ضمير جو موت
  • خُدا جو گهر
  • ڄور
  • بيواهه
  • نئين زال
  • پاڙو
  • جديد مُحبت
  • ڪاغذي مُحبت
  • قرباني جو گوشت
  • سماجي اڳواڻ
  • چڪلائي
  • مُڙس ماڻهون
  • جنسي مريض
  • باغي ڇورو 
  • عذاب
  • نيگيٽِو
  • جديد محبوبا
  • حلال روزي
  • نيڪ 
  • ڀڳوان جي مرضي
  • ڪمزوري 
  • نسل 
  • چُوتيو 
  • پيڙاءُ 
  • بي لڇڻائي
  • کدڙي جو مذهب 
  • رنڊيءَ جو خُدا
  • ٽرئجڊي
  • ڪاري
  • رئيس پُوزٽ خان
  • اُلٽي
  • فقير
  • GIVE AND TAKE
  • عيد مُبارڪ
  • محبت جن جي من ۾
  • ننڍو صاحب
  • فِرقا
  • ڀوتار ۽ اليڪشن
  • بُجو 
  • نئون يار
  • پاڪ پويتر
  • گُم ٿيل وجود
  • پلاند
  • ايمان وارو
  • رمضان
  • مزدور
  • اين جي اوز
  • زال
  • هولي جا رنگ
  • حرامخوري
  • لڇڻ
  • ويلنٽائن
  • تبديلي
  • پڙهيل ڳڙهيل 
  • رانگ نمبر
  • ديندار
  • حوسي اکيون
  • نُوس نُوس
  • ڦتو ۽ ڦوڪڻو
  • پير
  • ووٽ
  • اڄڪلهه جو عشق
  • سِڪڻو
  • ڪُڪڙ ۽ ڪانءُ
  • تانيا
  • آچُو
  • ڪوسٽر واري ڇوڪري
  • اين جي اوز 2
  • ڀوپو
  • ڪوڙو ۽ فضل
  • فيس بُڪ
  • عشق ٿي پيو فِشق
  • فلرٽ
  • انقلابي
  • صاحب
  • مُرشد
  • ملڪ الموت
  • ڏاند
  • بُک
  • سيل
  • خواهش
  • تعويذ
  • عشق

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب: ضمير جو موت
    ليکڪ: مرتضيٰ ناريجو
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 2019
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4, سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Ph:021-34690389, 32711010
    Cell # 0333-2311582, 03462103811
    E-mail:naonniapo@yahoo.com

    ملهه: 200 رپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    دنيا جي انهن مظلوم انسانن جي نالي
    جيڪي مذهبي دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيا آهن
    ۽ انهن عورتن جي نالي
    جيڪي وحشي سماج هٿان جنسي ڏاڍائي جو
    شڪار ٿيون آهن.



    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ضمير جو موت“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نوجوان ڪھاڻيڪار مرتصيٰ ناريجو جي لکيل مختصر ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آھي. ميان گُل محمد ڪلھوڙو لکي ٿو:
    ”نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.“
    ھي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون مرتضيٰ ناريجو جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ: ڪهاڻي قافلي جو نئون مسافر

    ڪنهن به ماڻهو لاءِ اصل ڳالهه ڪهاڻي لکڻ نه هوندي آهي پر اصل معاملو قصي کي بيان ڪرڻ هوندو آهي ته اهو قصي کي کڻي ڪيئن ٿو ۽ ان جي پڄاڻي ڪيئن ٿو ڪري. دنيا ۾ هزارين ڪهاڻيڪار موجود آهن، پر دنيا فقط انهن ڪهاڻيڪارن کي پڙهي ٿي ۽ ساراهي ٿي، جيڪي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪرڻ ۾ مهارت رکن ٿا.
    هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن، هڪ ته ان ۾ ڪنهن به معاملي کي اظهارڻ جي جرئت هجي ۽ ٻيو قصي کي بيان ڪرڻ جو فن.
    سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر هڪ صديءَ جو سفر ٿي چڪو آهي ۽ ان سفر دوران جيڪو ڪهاڻيڪارن جو قافلو هليو، ان ۾ڪيترائي ڪهاڻيڪار آيا ۽ هليا ويا پر پوءِ اڄ تائين به اهو سلسلو هلي رهيو آهي. جيئن ڪنهن به سماج ۾ نفسياتي رويا نسل در نسل منتقل ٿيندا رهندا آهن، اهڙي ريت ڪهاڻي به نسل در نسل منتقل ٿيندي آهي. ڪالهه سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو، نسيم کرل، ماڻڪ، علي بابا، اياز قادري، نجم عباسي ۽ ٻيا ڪهاڻيون لکي رهيا هئا، پر پوءِ ان سلسلي کي شوڪت حسين شوري، رحمت الله ماڃوٺي، حفيظ ڪنڀر، اڪبر سومري، غلام نبي سومري، امر لغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن اڳيان وڌايو. پر خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ڪهاڻي جو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ نوجوان ٽهي به ڪهاڻي جهڙي اهم ترين صنف ۾ پنهنجو پورهيو ڪري رهي آهي. ظاهر آهي هي اڄوڪي دور جي ڪهاڻي آهي تنهنڪري اها ان ڪهاڻي کان ڪافي مختلف آهي، جيڪا اسان ماضي ۾ پڙهي چڪا آهيون.
    ان نوجوان ٽهي ۾ مرتضيٰ ناريجو به هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي ڪهاڻي لکڻ سان شايد عشق آهي. سندس ڪهاڻين جو هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ جنسي بک کان وٺي مالي توڙي اخلاقي ڪرپشن جا رويا اسان کي واضح نظر اچن ٿا. ڪنهن به سماج ۾ ڪهاڻيڪار جو ڪردار ان ڪري به اهم هوندو آهي جو هو پنهنجي زماني جو سچ ڪهاڻي وسيلي ئي بيان ڪندو آهي، ڪهاڻي ڪنهن تخلقيڪار لاءِ اهڙي زرهه آهي، جيڪا کيس رياست جي حملي کان وٺي سماجي حملي کان بچائيندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي جهڙي صنف ۾ ئي اسين اهو سڀڪجهه بيان ڪري سگهون ٿا، جيڪو گهڻو ڪري اسين عام طور تي بيان ڪرڻ کان گهٻرائيندا آهيون. تنهنڪري مرتضيٰ به ڪهاڻيءَ جي زرهه جو استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي زماني جي حملن کان بچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو ”دوزخ جو دورو”، “راڌا”، “ضمير جو موت” “ڀڙوت” ۽ “پروفيشنل” جهڙيون ڪهاڻيون نه لکي سگهي ها. ڪهاڻيءَ ۾ جتي ڊائيلاگ اهم جز آهي، اتي منظرنگاري به بنهه ضروري آهي. مرتضيٰ جون ڪهاڻيون پڙهي اها ڳالهه محسوس ٿي ته هن وٽ منظرنگاريءَ جي کوٽ آهي. پر ٻئي پاسي هن گهڻو ڪري انتهاپسندي جهڙي موضوع کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏني آهي.
    9/11 واري واقعي جا سموري دنيا جي سياست تي اثر پيا، اهڙي ريت ان جا اثر ادب تي به پيا آهن. پوسٽ نائن اليون ادب جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته مرتضيٰ جون لکيل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ان پيرائي ۾ اچن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ انتهاپسندي هڪ ناسور جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. تنهنڪري اها اسان کي تعليمي ادارن کان وٺي ڪرڪيٽ ٽيم تائين نظر اچي ٿي ۽ ان پنهنجا اثر عملي طور به ڇڏيا آهن. جڏهن ڪوبه سماج انتهاپسنديءَ کي پنهنجي ايمان جو جز سمجهي هنڊائيندو آهي ته پوءِ سماجي سطح تي جيڪا ماڻهو مار مهم شروع ٿيندي آهي يا جيڪو اسهپ وارو رويو نفسياتي طور ڪنهن به سماج تي حاوي ٿيڻ لڳو آهي، اهو سماج کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آهي.
    مرتضيٰ پنهنجن ڪهاڻين وسيلي انهن روين کي نروار ڪرڻ جي پنهنجي پر هڪ ڪوشش ضرور ڪئي آهي پر جيئن ته اهو لقاءَ ڪو معمولي ناهي تنهنڪري ان سموري سماج کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن ڪو ڪهاڻيڪار انهن روين کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڪردار وسيلي بيان ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته سماج واقعي به انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ان مان ڪڍڻ جو ڪم ڪنهن ڪهاڻيڪار جو ناهي پر ان جي نشاندهي ڪرڻ ڪهاڻيڪار جي وس ۾ ضرور هوندو آهي.
    مرتضيٰ جو هي ڪتاب بحيثيت ڪهاڻيڪار هن لاءِ پهرين وک آهي، ايندڙ وقت به ۾ هو ڪهاڻيون لکندو رهندو، ڇو ته ڪهاڻيءَ جو سلسلو هلندو رهڻ گهرجي، جنهن وسيلي اسين سماجي نفسيات توڙي انساني روين جي پرک ڪري سگهون ٿا ۽ زماني کي اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته زماني جو اصل چهرو ڪهڙو آهي، پاڪ پوتر بڻيل ماڻهو اصل ۾ غلاظتن سان ڀريل وجود آهن، جيڪي پنهنجي منهن تي ٻوٿاڙا چاڙهيو پيا هلن. سو هن ڪتاب لاءِ مرتضيٰ کي مبارڪون هجن ۽ اميد آهي ته هو ڪهاڻيءَ سان پنهنجو ناتو قائم رکندي ايندڙ وقت ۾ به پڙهندڙن کي پنهنجون ڪهاڻيون ضرور آڇيندو رهندو.

    اختر حفيظ
    حيدرآباد
    22 جون 2019


    هڪ بي رِيا ليکڪ

    آئون ذاتي طور تي اڃا تائين اهو سمجهي ڪونه سگهيو آهيان، ته ”جديد ڪهاڻي“ ڇا آهي؟ يا ڪهڙي لکڻيءَ کي ”جديد ڪهاڻي“ جو درجو ڏيئي سگهجي ٿو. يعني جديد ڪهاڻيءَ جي درست وصف(ڊيفينيشن ) ڇا آهي. يا ”فليش فڪشن” ”مائڪرو ڪهاڻي“ يا ”سئو لفظن جي ڪھاڻي“ جيِ ادب ۾ ڪهڙي حيثيت آهي ؟ پر هڪ ننڍڙي پڙهندڙ جي حيثيت ۾ ايترو اندازو ضرور اٿم، ته ڪهاڻي(لِکڻي) ۾، ڪهاڻي(قصي) جو هجڻ ضروري آهي.
    منهنجو خيال آهي ته، سٺي ڪهاڻيء جي هڪ سڃاڻپ اها به هوندي آهي، ته ان ڪهاڻيء َجا پيرَ، ان موضوع، ماحول ۽ سماج ۾ پُختا کُتل هجن، جنهن سماجي بِيهڪ مطابق ۽ موضوع تحت ڪهاڻي لکيل هجي. جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جو موضوع نِج سماجي هجي ته، ڪهاڻيءَ جي سئو سيڪڙو مطابقت پنهنجي دور سان هئڻ لازمي هوندي آهي. جيئن ايندڙ وقت ۾ اهاڪهاڻي، پنهنجي ”سِرججَڻ واري دور“ کي ھر حوالي سان re present ڪري سگهي. ان حوالي سان ننڍي کنڊ ۾ سعادت حسين مَنٽو، ڪرشن چندر، عِصمت چُغتائي ۽ واجده تبسم جون ڪهاڻيون لازوال آهن. سنڌي ادب جي ڪهاڻيءَ جي شينهن جي جيڪا تَربيت جمال ابڙي ڪئي هئي. يا نسيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جي سَرڪش گهوڙي کي پنهنجي طنبيلي جو وِهٽُ ڪري پاليو هو. منهنجو شعور اڄ به ان شاهڪار ڪم تي حيران حيران آهي. جمال ابڙي صاحب جي صرف سَترنهن ڪهاڻين جي داخل ڪيل دُڪي، ٻين جي مَڻين محبتن کي مات ڏئي ڇڏي آهي. جمال ابڙي جي سِٽ سِٽ ” ڪوزي ۾ دريا“ جي سڀ کان بهترين سمجهاڻي آهي! ته ٻئي پاسي نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جي ٻولي ۽ واردات هڪ اهڙو آب حيات آهي، جنهن مان دِل ڍاپجي ئي نٿي ! انهن کانپوءِ به سنڌي ادب ۾ شاهڪار ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. جن ۾ شيخ اياز، عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل، اياز قادري، نجم عباسي، شوڪت شورو، ماڻڪ ۽ نورلهدا شاھ قابل ذڪر آهن. سڄي دنيا وانگر اسان وٽ به ڪهاڻي بنا وقفي لکجي رهي آهي، ۽ لکجندي رهندي باقي ان لکجندڙ ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪهاڻي پَڻو“ ڪيترو آهي ؟ ان جو درست فيصلو ته ايندڙ وقت جا پڙهندڙ ۽ نقاد ئي ڪندا.
    ليکڪ سماج جو سڀ کان وڌيڪ حساس ماڻهو هوندو آهي، تنهنڪري مَٿس زماني جي سردين گرمين جو اثر گِهرو ٿيندو آهي. جنهن جو ردِ عمل هو پنهنجين لکڻين ۾ ظاهر ڪندو آهي. هر سچي ۽ سنجيده ليکڪ جو اهو اولين فرض هوندو آهي، ته هو پنهنجن سمورين مجبورين ۽ مصلحتن کان گهڻو مٿڀرو ٿي پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي دور جي حالتن جي حقيقي تصويرن جا ٻئي پاسا ڏيکاري. سو منهنجي شهر جي نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو به سنڌي ڪھاڻيء جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪهاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نه صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ ته اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي. لکڻين جي حوالي سان سندس هڪ پهلو تي سوچيندي، منهنجي سوچ اڳيان هميشه سواليه ۽ عجب جي نشاني اچي ويندي آهي ته ” سيڪس انسان جو فطري حق آهي، ۽ ”بي الرضا” سماجي پس منظر ۾ مهذب پڻي جي زُمري به اچي ٿو ۽ مرتضٰي وڏي بي باقي ۽ بي ڊپائي سان ان موضوع تي لکيو آهي.
    مُرتضى روشن ذهن، آزاد خيال نوجوان آهي، سندس ڪهاڻين جو هيءُ پهريون مجموعو آهي، جيڪو يقينن پڙهندڙن ۾ پنهنجو جائز مقام به ٺاهيندو ۽ ايندڙ دور ۾ هلندڙ دور جي ترجماني به ڪندو....


    ميان گل محمد ڪلهوڙو


    پنهنجي پاران

    آئون سمجهان ٿو ته ڪهاڻي جو آستان ماڻهون جو روح آهي، ڪهاڻي جو جنم انسان جي اندر ۾ ٿئي ٿو. ڪهاڻي جا انيڪ روپ رنگ آهن، هڪ ڪهاڻي اُها آهي جيڪا پني تي لکي وئي آهي ۽ هڪڙي ڪهاڻي زباني ٻُڌائي وئي آهي.
    ڪهاڻي جو تعلق نِج سماج سان آهي، انسان پنهنجي پاڻ سان لاڳاپيل هر شئي کي جڏهين رُوح جي گهرائي سان محسوس ڪري ٿو ۽ سماج جي هر چڱائي برائي جي گرد پاڻ کي بيٺل ڀائين ٿو ۽ جڏهن سهي معنى ۾ اُها سوچ اندر ۾ پيهي وڃيس ٿي ته اتان کان هڪ قصو يان ڪهاڻي جنم وٺي ٿي پوءِ سندس زباني سندس قلم سان ڪئي ڪهاڻيون لکجن ٿيون.
    آئون ڀائيان ٿو ته آئون جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس تڏهن منهنجي چاچي وٽ “نئين زندگي” نالي سان مئگزين ايندا هئا ۽ آئون اهي مئگزين پڙهندو هئس، ننڍي عمر ۾ گهڻي سمجهه نه هئڻ باوجود مئگزين ۾ لکيل ڪهاڻيون ڏاڍي دلچسپي سان پڙهندو هئس، پوءِ جيئن وقت گُذرندو ويو ته ٻيا ڪجهه مئگزين ۽ هزار داستان ڊائجسٽ پڙهڻ شروع ڪيم، پوءِ سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ ائين ڪهاڻين سان منهنجو رشتو قائم ٿيندو ويو.
    مون نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هڪ ڪهاڻي لکي هئي جيڪا پوءِ مون کان وڃائجي وئي، اها منهنجي لکيل پهرين ڪهاڻي هئي ۽ ان ڪهاڻي جي ڳولها اڄ به جاري آهي، هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مئگزين ڪتاب جيڪي به هٿ لڳندا هئا پڙهي وٺندو هئس. گهڻو پوءِ ڪجهه عرصو ڪرنٽ افيئر تي لکيم پر شايد ڪهاڻي کان علاوه ٻي ڪنهن دڳ تي چڙهي نه سگهيس ۽ ائين ڪرنٽ افيئر کان ڪنارو ڪيم. پڙهڻ جو سلسلو هلندڙ هو ته اچانڪ بابا جو وڇوڙو منهنجي زندگي ۾ طوفان وانگر آيو ۽ ائين آئون ڇڻيل پنن وانگر وکري ويس.
    ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج پهچڻ منهنجي لاءِ مائونٽ ايورسٽ فتح ڪرڻ جيئان هو پر بابا کانپوءِ جنهن شخص زندگي ڏانهن واپسي جو دڳ ڏنو اهو منهنجو وڏو چاچو عبدالله ناريجو هو. سندس سخت طبيعت ڪري هميشه کائنس خوف ٿيندو هو پر سندس پيار ۽ ڪيئر وسارڻ جوڳي ناهي. اگر چاچا جو ساٿ نه هجي ها ته شايد ڪاليج نه پهچي سگهان ها.
    ڪاليج پهچڻ کانپوءِ ڪهاڻي وري اندر ۾ ڪر کڻڻ شروع ڪيا، ڪتاب وٺڻ جي سگهه ڪونه هئي، پئسو پائي بلڪل ڪونه هوندو هو پر اندر ۾ پڙهڻ جي بُک موجود هئي سو هڻي وڃي هنڌ ڪيم، ڪاليج جي لائبريري جنهن جو لائبريرين انتهائي پيارو ماڻهو هو پر سُست هئڻ ڪري اڪثر ڪاليج نه ايندو هو سو کيس منٿ ميڙ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪاليج اچڻ تي آماده ڪيم، جنهن ۾ ڪجهه ٻيا به دوست شامل هئا، سندس پيار ۽ شفقت هميشه ياد رهندي. پاڻ چوندو هو پُٽ ڪتاب کڻي ويندا ڪريو پر پڙهي واپس ڪجئو نه ته آئنده آئون ڪونه ايندس!. پوءِ اسان ڪتاب کڻي پڙهي وري واپس ڪندا هئاسين.
    ان کانپوءِ گلستان بلديه ميرپورخاص ۾ ٺهيل پبلڪ لائبريري اسان جو ٻيو گهر هوندي هئي ڇاڪاڻ ته صبح جو ڳوٺان 8 بجي واري بس تي شهر ڪاليج اچبو هو ته ڪاليج مان ٿي وري لائبريري ۾ پنج بجي واري بس جو انتظار ڪبو هو ۽ ان سان گڏ پڙهائي ڪبي هئي.
    پڙهڻ دوران ڪهاڻي ۾ جڏهن مرشد امرجليل جا ڪتاب هٿ لڳا ته ڀائنيم ڪهاڻي سندس در تي بيٺل ان مهمان وانگر آهي جنهن کي هُو جڏهن چاهي در کولي اندر گهرائي سگهي پيو. امرجليل کي آئون ڪهاڻي ۾ گُرو مڃيندو آهيان، ان سان گڏ سائنڻ نورالهُدى شاهه ، نسيم کرل، ماڻڪ جي ڪهاڻين کي هميشه دل ۾ سانڍي رکيم پوءِ ڪافي عرصو پڙهڻ کي الوداع ڪري پيٽ گُذر خاطر جيئڻ جي جُستجو ۾ لڳي ويس، ان دوران ڪتابن سان ناتو ٽُٽي ويو هو لکڻ وسري ويس.
    وري شابس هُجي هُن کي جنهن سان لئنون لڳڻ مون کي رولاڪ بڻايو ۽ سائڪولاجيڪل اپ سيٽ ڪري ڌڪاري ڇڏيو. ان ڌڪار کانپوءِ زندگي ۾ جيڪا واپسي هئي ان واپسي دوران ڪئي تجربا ٿيا، ڪئي مشاهدا ڪيم، ڪئي قصا اکين سان ڏٺم، ڪئي ڪهاڻين جو جنم اندر ۾ ٿيو. ائين پڙهڻ کانپوءِ ٻيهر لکڻ جي شروعات ٿي.
    لکڻ جي شروعات ڪچين ڦڪين تحريرن سان ڪيم پوءِ ائين قصو وڌندو ويو. پاڻ سان ٿيل وارتائون پنن تي لکندو ويس، مشاهدي ۾ ڪئي ظُلم جا داستان ايندا ويا، ائين منهنجي قلم سان ڪهاڻيون لکجڻ شروع ٿيون.
    آئون شروعات ۾ جڏهن فيس بُڪ تي سماجي اشوز، مذهب ۽ سيڪس تي لکڻ شروع ڪيو ته اڪثريت پاران مون کي انتهائي گهڻو تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مذهبي ماڻهن ڌمڪيون ڏنيون. لکڻ تان هٿ کڻائڻ لاءِ فتوائن جا ڊڄ ڏنا ۽ سماجي سُڌريل چولي ۾ لڪيل جانورن مون کي جنسي فرسٽريٽ ۽ چريو قرار ڏنو.
    انهن حالاتن ۾ هڪ وقت اهڙو آيو جو مون سوچيو ته هي سوسائٽي سچ برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ لکڻ ڇڏي ڏيان پر منهنجي دوستن مون کي هميشه حوصلو ڏنو ۽ هميشه ڀرجهلا رهيا. مون دل سان سوسائٽي ۾ جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو اهو لکيو، جيڪي مذهبي مسئلا ڏٺا انهن تي لکيو. سماج ۾ فردن جي جنسي فرسٽريشن تي لکيو، مون هر ان موضوع تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي هن سماج جو حصو آهن، هر اها وارتا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا روز وهي ٿي، هر اهو درد لکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو محسوس ڪيو.
    هي منهنجو پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جنهن جو ٽائٽل آهي “ضمير جو موت”.
    اميد ته پڙهڻ وارا هن ڪتاب کي سماجي پسمنظر ۾ ڏسندا ۽ رائي ڏيندا، آئون انتهائي گهڻو ٿورائتو آهيان اختر حفيظ ڪنڀر جو جنهن مهاڳ لکيو ۽ انتهائي گهڻو ٿورائتو آهيان امداد ڪانهيو جو جنهن کان سواءِ هي ڪتاب ڇپجڻ ممڪن نه هو، سچ ته منهنجي خواب کي سچ ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ امداد ڏانهن وڃي ٿو، آئون ٿورائتو آهيان ميان گُل محمد ڪلهوڙو جو جنهن پنهنجو رايو ڏنو.........

    مرتضى ناريجو
    ماڊل ٽائون ميرپورخاص
    01 جولاءِ 2019
    راين لاءِ: 03000350311
    واٽس ايپ: 03101374625
    Email: narejomurtaza99@gmail.com


    ڪھاڻيون

    دوزخ جو دورو

    حاجي عنايت صاحب وڏو پُهتل ماڻهو هو. پڪو مذهبي ماڻهو، روزي، نماز، صوم صلوات جو اهڙو پابند جو اصل رات جو اُٿيو پيو تهجد پڙهندو ۽ ٻي عبادت ڪندو هو، تسبيح سائين جي هٿ ۾ زيور وانگر چوويهه ڪلاڪ هوندي هئي، بس سائين جو ڪاروبار رڳو ٿورو ڏسڻ جو اهڙو هو جو سائين مجبور هارين مزدورن ۽ وڏيرن کي قرض ڏيندو هو. اِها ٻي ڳالهه هُئي جو قرض سال ۾ ٽيڻ تي وڌي ويندو هو پر خير ڪاروبار ۾ ماشاءَ الله سائين جو نالو هلندو هو!. سائين وياج تي پئسا ڏيڻ ۾ پوري شهر ۾ اول نمبر تي هو (سُبحان الله ڪاروبار).
    هڪ رات سائين آرامي هو ته خواب ۾ ڏٺائين ته هُو دوزخ ۾ آهي ۽ اُتي دوزخ جو ٺيڪيدار سڀني کي ڪن مان جهليندو باهه ۾ اُڇليندو پيو وڃي!.
    حاجي صاحب کي قِصو سمجهه ۾ نه آيو ته هو دوزخ ۾ ڪيئن پُهتو!؟.
    حاجي صاحب اڃان سوچيو ئي پئي ته اچانڪ دوزخ واري جلاد ڪن تي زوردار چماٽ وهائيندي هڪل ڪيس؛ “اڙي... هتي ڪهڙو گُهمڻ آيو آهين نِڀاڳا!؟، هل باهه ۾ ۽ لت هڻي باهه جي کوهه ۾ ڪيرائي ڇڏيائينس.
    هيٺ باهه ۾ ڪريو ته ڏٺائين مُحترم اِبليس عُرف شيطان اُتي اڳي ئي وڏي ٺٺ سان ويٺل هو!. حاجي صاحب تعارف ڪرايس؛ “آئون حاجي الهڏنو تون ڪير!؟”.
    شيطان ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنس؛ “آئون شيطان آهيان!”.
    حاجي صاحب گهٻرائجي ويو ۽ پُڇيائينس؛ “آئون هتي ڪيئن پُهتس؟”.
    شيطان چيس؛ “ابا تون به هتي غلط ڪم ڪرڻ ڪري پهتو آهين!”.
    حاجي چيس؛ “شيطان بيشڪ آئون مڃيان ٿو مون کان ڪا ننڍي غلطي ٿي هوندي پر ان جي اهو مطلب ڪونهي جو مون کي دوزخ ملي ۽ اُهي سڀ ننڍيون غلطيون به تون مون کان ورغلائي ڪرايون هونديون!”.
    شيطان وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو؛ “حاجي صاحب آئون شيطان آهيان انسان ناهيان ۽ جيڪي تون ڌنڌا ٿو ڪرين وياج وٺڻ، غريبن جا حق کائڻ، پاڙي وارن سان نا انصافي ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس ڪري غريبن يتيمن جي ملڪيت تي قبضا ڪرڻ، ڏهه واري شئي ويهه ۾ وڪڻڻ اهي ته مون ڪڏهن سوچيا به ڪونه هئا، مون کي پاڻ کي تنهنجا لڇڻ ڏسي افسوس ٿو ٿئي ۽ آئون توکي ڏسي مُطمئن ۽ خوش آهيان ته آئون شيطان آهيان انسان ناهيان...!، حاجي صاحب خوامخواهه مون تي الزام نه هڻ آئون ايڏو وحشي ناهيان جو پرائي مال کي کائي کپائي اوڳرايون ڏئي وري نه مڃيان!”.
    شيطان جون ڳالهيون ٻُڌي حاجي صاحب جي نِرڙ تان پگهر ريلا ڪري وهڻ لڳو ۽ ڪاوڙ ۾ شيطان کان پري ڀڄڻ لاءِ جيئن ئي ڊوڙ پاتائين ته خواب ٽُٽي پيس ۽ کٽ تان هيٺ ڦهڪو ڪري اچي ڪريو.
    اُٿي پنهنجي پاڻ کي جاچي ڏٺائين وري گهر کي ڏٺائين، پوءِ شيشي سامهون بيهندي پگهر اُگهي سونهاري تي هٿ ڦيرائيندي دل جاءِ ڪيائين ته هُو “دوزخ” ۾ نه پر گهر ۾ موجود هو!!.
    صُبح سوير ئي وڏيري صاحب ڏني ڏي نياپو موڪليائين ته ڏهه لک قرض تي جيڪي مٿيان وياج جا ٽي لک آهن اُهي جلدي ڏياري موڪل.
    وڏيري پئسه ڏياري موڪليا، حاجي صاحب اُهي پئسه موڪلي عمري پاڪ تي وڃڻ لاءِ گهر واري سميت ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي ۽ دل ئي دل ۾ شيطان کي ٻه چار گاريون ڏيندي چيو؛ “اسان نيڪو ڪارن کي شيطان ڪيترو ڀُلائيندو!؟ اسان کي ڀلا “دوزخ جو ڪهڙو ڊِڄ!”.
    ***


    پرو فيشنل 

    آڪاش چاهيو پئي ته کيس اهڙي ڄار ۾ ڦاسائجي جو هُوءَ صرف ڦٿڪي سگهي پر پاڻ ڇڏائي نه سگهي!.
    هُونئن ته آڪاش ان ڪم ۾ “پروفيشنل” هو پر هن دفعي “صنم” جي مئچوئرٽي سندس رستي ۾ رُڪاوٽ بڻجي پئي هُئي. هن ڪئي حيلا هلايا، کيس مُطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر “صنم” کيس صاف انڪار ڪيو ته پنهنجو رشتو دوستي کان اڳتي نٿو وڌي سگهي!. آڪاش هارايل جُواري وانگر ٻي بازي کٽڻ جي پلاننگ ڪرڻ لڳو. صنم کيس چيو هو ته آڪاش پنهنجي وچ ۾ جنسي تعلق صرف ان صورت ۾ مُمڪن آهي جو پاڻ ٻئي نڪاح ڪريون پر آڪاش جيڪو ڀئونر هو سو هڪ گُل تي ڀلا ڪيئن ويهي ها!. سو هن کيس انڪار ڪيو هو پر هاڻ جڏهن سندس هٿ ۾ ڪجهه نه رهيو ته هن صنم کي ميسيج ڪيو؛ “صنم آئون توسان نڪاح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان!”.
    صنم نڪاح جو ٻُڌي خوش ٿي وئي ۽ حامي ڀري ڇڏيائين. آڪاش صنم کي مُطمئن ڪيو ته في الحال پاڻ سڀني کان لِڪ ۾ نڪاح ٿا ڪريون بعد ۾ جڏهن تُون “اُميد سان” ٿيندين ته پوءِ سڀني اڳيان اها ڳالهه واضح ڪري ڌام ڌُوم سان شادي ڪنداسين.
    صنم نڪاح جي نالي تي پنهنجي سوچ ۽ عقل کي ڳنڍ ڏئي آڪاش سان حامي ڀري ڇڏي، آڪاش ته اڳي ئي ان ڪم ۾ “پروفيشنل” هو سو نڪاح جا سڀ ڪاغذ ٺهرائي، دوست مولوي کان نڪاح پڙهائي ڇڏيائين ۽ پوءِ مُسلسل آڪاش “صنم” جي جسم کي پٽيندو رهيو.
    نيٺ اُهو ڏينهن به آيو جو صنم جي “ماهواري” بند ٿي ته هُن آڪاش کي وڏي خوشيءَ سان ٻُڌايو ته آڪاش تون پيءُ بڻجڻ وارو آهين، هاڻ پنهنجي مائٽن کي ٻُڌائي ۽ مون کي پنهنجي گهر وٺي هل.
    آڪاش سندس اکين اڳيان نڪاح نامون ڦاڙيندي “پروفيشنل” ماڻهن وانگر وڏي بي رحمي سان کيس جواب ڏنو؛ “ٻُڌ صنم صاحبه........... آڪاش صرف استعمال ڪندو آهي مالڪي ناهي ڪندو...........
    ***


    جنازو 

    هُن جي اکين مان مُسلسل ڳوڙها وهي رهيا هُئا. هُن پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي اُڇلي ڇڏي هُئي ۽ ٽُوال ۾ ڪجهه ڪتاب ٻڌي ٻاهر نڪري آيو هو.
    هُو مُسلسل دانهون ڪندو پئي ويو؛ “اچو اچو...... منهنجي جنازي کي ڪُلهو ڏيو اچو!”. ماڻهو کيس حيرت سان ڏسي رهيا هئا ڇو ته هُن وٽ نه ته ڪو لاش هو، نه ئي هُن جي آسپاس اهڙو ڪُجهه ڏسڻ ۾ پئي آيو.
    هُو مُسلسل روئندو، سڀني کي سڏيندو پئي ويو؛ “اچو اچو......... منهنجي جنازي کي ڪُلهو ڏيو اچو!”، ڪُجهه نوجوان کيس ڏسي وڌي آيا، پُڇا ڪيائونس؛ “چاچا لاش ڪٿي آهي؟، ڪنهن جي جنازي کي ڪُلهو ڏيون!؟”.
    وڏي آهه سان سُڏڪو ڀريندي چيائين؛ “هي جنازو......... منهنجي غيرت جو جنازو آهي...... اچو منهنجي “غيرت” جي جنازي کي ڪُلهو ڏيو مان “بي غيرت” ٿي پيو آهيان، مون منجهان “قومي غيرت” موڪلائي وئي آهي، مان غدار ابن غدار ٿي پيو آهيان، مان مفادن پُٺيان لُور لُور ڪرڻ وارو ڪُتو بڻجي پيو آهيان، مان دودي، هيمون، هوشوءَ، دولهه درياءَ خان، باکوڙي وارن جي قربانين کي وساري ڇڏيو آهي، مان مايا جي نشي ۾ سن جي پوڙهي شِينهن جي ڏٺل خواب کي چڪناچُور ڪري ڇڏيو آهي، مان لطيف شناسي کان پري ٿي پيو آهيان، مان شاهه عنايت جي قرباني کي وساري ڇڏيو آهي، هي جنازو منهنجي غيرت جو جنازو آهي!”.
    نوجوان سندس ڳالهيون ٻُڌي اچرج ۾ پئجي ويا، کين سمجهه نه پئي ته هُوءَ ڇا چون!. هُن وري مُسلسل هوڪا ڏيڻ شروع ڪيا؛ “اچو اچو......... منهنجي جنازي کي ڪُلهو ڏيو....... اچو اچو منهنجي “غيرت” جي جنازي کي ڪُلهو ڏيو، مان ڌرتي ماءُ جي سورهيه پُٽن ۽ حيدرآباد ۾ تذليل جو نشانو بڻجندڙ نياڻين جو ڏوهي آهيان گُناهگار آهيان!”.
    سندس هٿ ۾ ٽُوال جي ڳنڍ ۾ جي ايم سيد جو ڪتاب “رهبر” ۽ لطيف جو رسالو هئا، هُو هوڪا ڏيندو اڳتي وڌندو پئي ويو؛ “مان بي غيرت ٿي پيو آهيان، مان صدين کان پنهنجي غيرت مند هُجڻ واري شناخت تي پيشاب ڪري ڇڏيو آهي، اڄ نياڻين جي تذليل تي به منهنجي غيرت ڀڙڪو نٿي کائي، مان بي غيرت ٿي پيو آهيان...... مان بي غيرت ٿي پيو آهيان.........
    “اچو اچو........... منهنجي “غيرت” جي جنازي کي ڪُلهو ڏيو.........!!”، ماڻهون کيس حيرت واري نظرن سان ڏسندا رهيا، هُو اڳتي وڌندو رهيو...........
    ***


    شادي شُده

    شادي شُده

    هُو جهڙو ڏسڻ ۾ ڪنڌار هو تهڙا ڪم مُڙسن وارا هئس!. راڄائتو اهڙو جو اصل اوڙي پاڙي وارن جي هر ڏُکي سُکي ۾ اڳڀرو هُجي، سنگت سان ياريون نِڀائڻ ته ڪو هن کان سِکي!، اصل دوستن کي ڏسي ٻهڪي پوندو هو.
    کيس جڏهن به ڏسبو هو ته هٿرادو بلوچي سئنڊل، بوسڪي يا ڪاٽن جا ڪلف ٿيل ڪپڙا پاتل، ٻانهن ۾ واچ، مٿي تي قيمتي ٽوپي پاتل، وٽيل شهپرن سان شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي ملندو هو.
    سياري جي شروعات ٿي ته سندس گهر مان به دُهل جو آواز اچڻ لڳو. همراهه مليو ته ڳلن تي خوشي واري لالاڻ هئس، صفا چمڪيو پئي، وڏو ڀاڪر پائيندي ٻڌايائين ته؛ “ادا چنڊ جي چوڏهن تاريخ تي منهنجي شادي آهي، سُڀاڻ کان سڀ دوست تياري ڪريو ۽ شادي جو پروگرام سنڀالجئو”.
    ڪچهريون ڪندي، هُن سان گڏ سندس شادي جي شاپنگ ڪندي چنڊ جي چوڏهن تاريخ به ٿي وئي، سڀني دوستن خوب ملهايس، هزارين ماڻهن جي شرڪت سان ڌام ڌوم سان سندس شادي ٿي.
    چنڊ چوڏهين گُذاري وري مڪمل مان اڌ ٿي ويو پر “شادي شُدهه” يار نظر نه آيو!. ويهه ڏينهن، مهينو پاڻ مسٽر انڊيا وانگر ائين گُم ٿيو ڄڻ ته هن ڌرتي جي گولي کي ڇڏي وڃي ٻيو مُلڪ وسايو هئائين!.
    علي سندس سڀ کان گهاٽو يار هو، هُن ته کيس ان حد تائين ڳوليو جو سندس سڀ ويهڻ وارا ٺڪاڻا، مِٽ مائٽ سڀ پُڇايائين پر يار هٿ ئي نه اچي!.
    گهر وڃي ته چون ڪلهه کان ڪمري مان ناهي نڪتو. نيٺ علي به فيس بُڪ، واٽس ايپ تي کيس ميسيج ڇڏي ريپلائي جي انتظار ۾ ويهي رهيو پر صاحب سوشل دنيا کان به ائين ڪٽجي ويو جيئن “گُوگل” سان ڪو جهيڙو ٿيو هُجيس!.
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن علي مارڪيٽ ۾ بيٺو هو ته اچانڪ سندس يار جهڙي قد بُت واري همراهه تي نظر پيس، هي شڪيو ته اهو سندس يار ئي آهي. ٿورو ويجهو وڃي ڏٺائين ته ساڳيو همراهه ڪو ٻيو نه پر سندس يار “ڪنڌار هو. سندس ڏاڙهي وڌيل، شال ڪُلهي تي لٽڪيل، مُڇون لڙڪيل، پيرن ۾ چمپل ۽ سادا ڪپڙا پاتل هئس!.
    سندس حال ڏسي علي کي پهريان ته ڏاڍو تعجب ٿيو پوءِ ويجهو وڃي حُجت مان ٻه چار گاريون ڏنائينس ۽ ڀاڪر پائيندي پُڇيائينس؛ “اڙي نِڀاڳا ڪيڏانهن گُم ٿي وئين؟، شادي ڪئي اٿئي يا خودڪشي!؟”.
    هُن پنهنجي پاڻ کي ڀاڪر مان ڇڏائيندي ٿڌو ساهه کڻي چيو؛ “ادا ڪهڙا ٿو حال پُڇين “شادي شُدهه” جو ٿي ويو آهيان!!!”.
    ***


    ڪافر

    ڪافر

    اوطاق تي ڪچهري پئي هلي مُرشد سائين رکئيي جي درگاهه کي نئون ٺهرائڻ لاءِ چندي گڏ ڪرڻ جي علي وڏن جون خبرون چارون ويٺي ٻُڌيون.
    چاچي حاصل چيو؛ “مُرشد سائين جي درگاهه جا اسان ابن ڏاڏن کان مُريد آهيون، اسان تي اهو فرض آهي ته اسان سائين جي درگاهه کي نئون ٺهرايون، اُن لاءِ سڀ کان پهرين آئون هڪ ڍڳو ٿو ڏيان!”.
    چاچي حاصل جو ڍڳي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته ٻيا ڳوٺ وارا ڀلا ڪيئن پوئتي رهن ها!. سو چاچي صدوري ويهه هزار، سومر ٽيهه ڪٽا ڪڻڪ جا، وڏيري واحد لک رپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ائين سڀني ڳوٺ وارن مُرشد سائين رکئيي جي درگاهه لاءِ چندو گڏ ڪري ورتو.
    علي جيڪو ان سڄي ڪچهري کي غور سان ٻُڌي رهيو هو آخر ۾ اُٿيو ۽ سڀني کي مُخاطب ٿي چيائين؛ “چاچا سائين اوهان سڀئي مون کان وڏا آهيو، سڀني جو تجربو به مون کان وڌيڪ آهي، چاچا گُستاخي معاف....... اوهان درگاهه ٺاهڻ لاءِ ته چندو گڏ ڪري ورتو آهي پر اوهان پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪڏهن خرچ ڪندئو!؟، چاچي حاصل جو پُٽ انٽر ڪيو ويٺو آهي، چاچو کيس يونيورسٽي وڃڻ جا پئسا نٿو ڏئي، چاچا صدورو پنهنجا ٻار مڊل اسڪول ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، وڏيري وارا ڇورا وتن ٿا گڏهيون ڊوڙائيندا...... ڀلا اوهان ان مُرشد سائين رکئيي کي ڇڏي پنهنجي ٻارن جي لاءِ ڪڏهن سوچيندئو!!؟؟”.
    علي جو ايترو چوڻ هو ۽ چاچي حاصل ڪچهري ۾ ويٺلن جو لحاظ نه ڪندي علي کي گار ڏيندي چيو؛ “اوهان ڪالهوڪا وات ڳاڙها ڇورا...........!!، اسان کي ٿا سيکاريو ته اسان غلط پيا ڪريون!؟. اڙي توهان ٻه ڪتاب پڙهي “ڪافر” ٿي پيا آهيو. تون مُرشد جي خلاف بڪواس بند ڪر نه ته اتي ئي پورو ڪندوسانءِ!”.
    علي اُداسي سان سڀني کي ڏٺو ۽ رڳو ايترو چئي سگهيو؛ “جاهلو...... “جاهل مُرشدن” جي چڪر ۾ پنهنجا نسل جاهل نه ڪريو!”.
    پريان کان سڀني گارين جا ڌُوڙيا ڪندي علي کي ڌڪ هڻڻ لاءِ چپلن ۾ هٿ وڌا ته علي به پيرن تي زور رکيو ۽ سيڪنڊن ۾ اوطاق مان غائب ٿي ويو.........
    ٭٭٭


    BIRTHDAY

    BIRTHDAY

    موسى خان مُڇ وٽيندي جيئن ئي فيس بُڪ کوليو ته نوٽيفيڪيشن مليس؛
    Mr. Moosa Khan today is your birthday.
    موسى خان جا ميسيج ڏسي سڄا نٽ بولٽ ئي ڍرا ٿي ويا!. انگريزي پڙهيل ڪونه هو سو ميسيج سمجهه ۾ نه آيس. ڀائنيائين ته سندس آڏن اُبتن ڦوٽن ڪري ڪاوڙ ۾ اچي فيس بُڪ انتظاميه ڪو ڏنڊ لڳايو اٿس!. پگهر ۾ شل ٿي ويو، پگهر نرڙ تان لهي اچي ڳلن تي پُهتس، وري هٿ سان پگهر اُگهي مُڇ کي وٽي سوچيائين؛ “ڀلا ڏسان ته سهي ڪنهن پڙهيل ڇوري کان پڙهايان نڀاڳن انگريزي ۾ لکيو ڇاهي!”.
    تڪڙو تڪڙو هلندو ڳوٺ جي دُڪان تي پهتو، اُتي به ڪو پڙهيل ڇورو نه مليس. اوطاق تي پهتو ته اُتي به ڪير نه هو نيٺ ڳولا ڪندو سهڪندو اچي شاخ تي پهتو اُتي جُمعي وارو ڇورو ڏاڙهون شاخ ۾ وهنتو پئي!.
    اُن ئي کيس فيس بُڪ آءِ.ڊي ٺاهي ڏني هُئي ۽ فيس بُڪ هلائڻ سيکاريو هئس سو ڏاڙهون کي هڪل ڪيائين؛ “اڙي ڏاڙهون هيڏانهن ته ڀڄي اچ هي ڏس فيس بُڪ وارن انگريزي ۾ نوٽيس ڏنو آهي!”.
    ڏاڙهون شاخ مان نڪري اچي موبائل ورتس. ڏسي کِل ۾ ٻڏي ويو، موسى ڪاوڙجندي چيس؛ “اڙي ڇورا کلين ڇو ٿو؟، اهڙو ڇا لکيو اٿن؟”.
    ڏاڙهون چيس؛ “چاچا فيس بُڪ وارن نوٽيس موڪليو آهي ته اڄ تنهنجي برٿ ڊي آهي!”.
    موسى پُڇيس؛ “ڇورا اها برٿ ڊي وري ڇا آهي ڏاڙهون؟”.
    “چاچا مطلب اڄ جي ڏينهن تون ڄائو هُئين!”، موسو سوچ ۾ پئجي ويو، سمجهه نه پيس ته هنن نڀاڳن فيس بُڪ وارن کي خبر ڪيئن پئي ته آئون اڄ ڄائو هئس!. وري ڏاڙهون سمجهايس ته فيس بُڪ تي پاڻ جيڪا ڄمڻ جي تاريخ لکي هُئي ان تي هنن نوٽيس موڪليو آهي.
    موسو پنج درجا پڙهيل هو سو سوچيائين وڃي ماستر ڏتي کان پُڇان ته آخر اها تاريخ سچ ۾ منهنجي ڄمڻ واري آهي يا نه!؟؟.
    موسي وڃي ماستر ڏتي کي هٿ ڪيو ۽ کيس سڄي ماجرا ٻُڌائي، ماستر ڏتي چيس؛ “ابا آئون جهونو ٿي ويو آهيان، مون کي هاڻ تاريخون ياد نٿيون بيهن، تون وڃي اسڪول جو رجسٽر ڪڍرائي ته سهي تاريخ جي خبر پوئي!”.
    موسي به اڄ پڪو پهه ڪيو هو ته ڄمڻ جي تاريخ جي جانچ ڪري پوءِ ماٺ ڪندو سو وڃي اسڪول پهتو. ماستر ڦتوءَ کان وڃي پُراڻو اسڪول رجسٽر ڪڍرايائين.
    رجسٽر ڏسي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو. ماستر ڦتوءَ جون به حيرت ۾ اکيون کُلي ويون. رجسٽر ۾ ماستر ڏتي هڪ ئي تاريخ تي ڳوٺ جي پنجويهه ٻارن جي ڄم جي تاريخ ساڳي لکي هئي، جنهن ۾ موسى خان به هو!!!.
    ***


    شاعر ۽ ڊسمبر 

    جُمعون عُرف جُمن گهايل ڪهاڙو شاعر هو. دنيا جي ته کيس خبر نه هئي پر ڳوٺ ۽ تر جا سڀ ٽرڙا ڇورا سندس شاعري جا عاشق هئا. اُهي پوڙها، پڪا اڌڙوٽ جيڪي هاڻ فائر ڪرڻ جي پوزيشن مان نڪرندا پئي ويا اُهي به جُمعي گهايل جي شاعري فيس بُڪ تي سُهڻن ڦوٽن وارين مائين کي سيٽ ڪرڻ لاءِ انباڪس ۾ ڪُتب آڻيندا هئا.
    جُمعون گهايل اڻ سڌي طرح پارٽنر فلم جي سلمان خان وانگر “لو گُرو” بڻجي پيو هو!.
    اڄ جُمعي ڦاٽڪ تي ويهي ايندڙ ويندڙ ٽرينن کي پئي ڏٺو ۽ ٽرين جي درين مان ٻاهر نهاريندڙ ماين کي چٻري وانگر ڏسندي خيالن جي گهوڙي کي ڊوڙائي ڊسمبر جي ٿڌ ۽ محبوبا تي نئون شعر لکڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين پر سندس ٺرڪي شاعري جو ڪيڙو دماغ مان الائي ڪيڏانهن گُم ٿي ويو هئس!.
    سوچيندي سوچيندي سج لهي ويس پر نئون شعر تخليق ٿي نه سگهيو. ڦاٽڪ تان اُٿي چئونڪ کان ٿيندو، گهٽيون لتاڙيندو رات جو اچي گهر پهتو ته پڻس ڪچيون گاريون ڏيندي آڌر ڀاءُ ڪيس پر هي به هو عاشقي شاعر سو بي عزتي کي نه ليکيندي سڌو وڃي چُلهه جي ڀر ۾ پاٽ هيٺيان پيل ماني تي ڪاهه ڪيائين.
    ماني کائي پيٽ ڀري اچي مال جي وٿاڻ ۾ پيل کٽ تي پاڻ کي اڇلايائين ۽ سُمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، کٽ تي ڦٿڪندي ڦٿڪندي پاسا ورائيندي فيس بُڪ تي رکيل پنهنجي سڄي ٺرڪي شاعري پڙهي ويو. رات جا چار اچي ٿيا هئا، ڊسمبر جي رات، اُتر جي هوا سان سيءُ پاسا پئي ڪڍيس، مٿان فيس بُڪ تي مائين جون تصويرون ڏسي ڏسي صفا رومانٽڪ ٿي پيو هو، اهڙي حالت ۾ تصوراتي محبوبا سان ملڻ جا پُور پچائيندي تڙپ وڌي انتها تي پهچي ويس ۽ نيٺ اُهو ٿيو، جنهن جي اُميد هئي صبح جو فيس بُڪ تي جمعي گهايل جو محبوبا ۽ ڊسمبر تي نئون شعر پوسٽ ٿيل هو.......
    رات تنهائي ياد تنهنجي آئي، ڦاسڻ ڦٿڪڻ پاسن سُور وڌايو
    کٽ جي واڏڻ ۽ تنهنجي ياد، هاءِ ڊسمبر جيءُ جلايو
    ***


    انصاف 

    “وسايا....... او وسايا...... ڪٿي آهين؟، دير ٿي ٿئي پِڙي تي ناهي هلڻو ڇا!؟”، وسائي هڪل ڪري جواب ڏنو؛ “آيو آيو چاچا......... ٿورو صبر!”.
    وسايو هڪ ننڍو ڇيلو ڏوريندو اچي ڊاٽسن ۾ چڙهيو. ڊاٽسن ۾ مال سان گڏ ڀاڳيا ۽ واپاري به سوار هئا. نورو واپاري تمام گهڻو سينيئر ۽ تجربيڪار واپاري هو، وسائي سان پُراڻي عليڪ سليڪ هئس. وسايو “چاچا نورا ڏي خبر ڀلا پِڙي ۾ مال جا ريٽ ڪيئن پيا هلن؟”.
    چاچي نوري ٿڌو شوڪارو ڀريندي ڳالهايو؛ “ابا بس ڪهڙا ٿو حال پُڇين!، هڪڙو ٻهراڙي ۾ پاڻي ڪونهي ان ڪري مال جو گاهه ٿيو ڪونه، مال ڪمزور لڳو پيو آهي مٿان وري شهري ڪاسائين ۽ واپارين جا نخرا آهن، هڻي مارڪيٽ ئي ڊائون ڪري ڇڏي اٿن!، وري هاڻ ته نئون رينگٽ شروع ڪيو اٿن چون ٿا پِڙي شهر مان ٻاهر ڪڍي بائي پاس تي کٻڙ پير جي درگاهه وٽ لڳائي اٿن، اڄ پهريون ڏينهن آهي الله خير ڪري من ڪو ٻاهر جا واپاري آيا هجن ته ڪو مال جو چڱو اگهه ملي!!”.
    وسايو، چاچو نورو ۽ ٻيا واپاري ڪچهريون ڪندا اچي بائي پاس واري نئين پِڙي تي پهتا، وسائي چاچي کي چيو؛ “چاچا منهنجو ڇيلو تڪڙو کپائي ڏجئو ننڍڙي کي چار ڏينهن کان بُخار آهي، پئسو پائي به ڪونهي سو وڃي علاج ڪرايانس”.
    سڀني واپارين ۽ ڀاڳين ڊاٽسن مان مال لاهي پنهنجي هٿن ۾ ڪيو، اڃان بيٺا مس هئا ته پنج ڇهه ڄڻا نيٽن (لڪڻن) سان ڦري آين؛ “ابا جلدي مال جي پرچي ڪٽرايو..... جلدي ڪريو”. وسائي کيسي مان ٽيهه رُپيه ڪڍي کين ڏنا ته وڏين مُڇن سان ٿُلهي ٿنڀري همراهه چماٽ وهائي ڪڍيس؛ “اڙي بِشني........ هي ڇا ٿو ڏين!؟، توکان ڪو اسان پِنون ٿا ڇا؟، جلدي جلدي ٽي سئو رپيا ڪڍ!”. وسائي رڙ ڪئي؛ “پر سائين پرچي ته ٽيهه رپين جي هُئي نه!؟”.
    وري ساڳي همراهه هڪل ڪيس؛ “اڙي بِشني جلدي پئسا ڪڍ نه ته ڀڃائين نه ڏند!”. وسائي چاچي نوري کان ٽي سئو رپيا وٺي کين ڏئي جان آجي ڪرائي، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا پيو ٿئي، سڀني پاسن کان رڙيون هيون، ڪن وڏي وات دانهون پئي ڪيون؛ “اهو ظُلم آهي، نا انصافي آهي!”، ته ڪن خاموشي سان پئسا پئي ڏنا.
    اچانڪ هڪڙي پاسي کان پِڙي جي ٺيڪي وارن ڏاڍن مُڙسن ماڻهن کي لٺيون هڻڻ شروع ڪيون، جن پئسن ڏيڻ کان انڪار پئي ڪيو انهن تي سخت تشدد پئي ڪين، ڪنهن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس وڏي نفري سان پِڙي واري جڳهه تي اچي پهتي، ماڻهن پوليس اڳيان دانهون ڪيون؛ “اسان سان انصاف ٿئي سائين، اسان غريب مزدورن کان “ڀتو” ورتو پيو وڃي!”.
    اوچتو وڏي قد ڊگهين مُڇن سان صوبيدار سپاهين کي هڪل ڪئي؛ “اڙي وٺو سڀني کي....... مُعتبر پئسا ڪونه ڏيندا....... پِڙي انهن جي بابي جي آهي!؟”. سپاهين ماڻهن کي مارڻ ڪُٽڻ شروع ڪيو، ماڻهو مال ڇڏي پاڻ بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڳا، صوبيدار صاحب جي حُڪم تي اچانڪ پوليس فائرنگ شروع ڪري ڏني.
    ڪافي دير فائرنگ هلڻ کان پوءِ صوبيدار مُڇن کي وٽيندي سپاهين کي حُڪم ڪيو؛ “اڙي هاڻ بس ڪيو..... ڪيس ٺهي ويو!”.
    ۽ پوءِ پنجاهه کان وڌيڪ واپارين، ڀاڳين ۽ مزدورن کي جهلي ٿاڻي تي کڻي آيا ۽ سندن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن ۾ الزام لڳاين ته ڄاڻايل جوابدارن هُل هنگامو ڪري پوليس مٿان خون ڪرڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪري ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيو آهي ۽ عام ماڻهن ۾ خوف حراس پئدا ڪيو آهي ۽ پوليس وارن کي زخمي ڪيو آهي ان ڪري سڀ دهشتگرد آهن.
    سڀني گرفتار جوابدارن تي پِڙي جي ٺيڪيدار ڏاڍي مُڙس جي خرچ سان هٿيار لڳايا ويا، وسائي جي هٿ ۾ 9MM پسٽل ٻن مئگزينن سان ڏيکاريو ويو.
    وسايو لاڪ اپ ۾ بي حال اونڌو ليٽيل هو ۽ ڌڪ لڳڻ سبب نڪ مان رت وهي رهيو هئس، سندس هٿ جي ڀيڪوڙيل مُٺ ۾ ننڍڙي پُٽ جي دوائن واري پرچي پيل هُئي، وسايو انصاف لاءِ واجهائيندو رهيو پر سندس دانهن ڪنهن نه ٻُڌي!.
    صوبيدار صاحب وسائي کي خطرناڪ دهشتگرد ظاهر ڪندي ايف آءَ آر داخل ڪري ڇڏي، وسائي کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انصاف “اُگهاڙو” ٿي صوبيدار اڳيان نچندو هُجي!.
    ***


    ڪروڙ 

    (منظر پهريون)

    وڏي جامع مسجد جي خطيب صاحب خُطبي کان پوءِ واعظ ۾ سڀني نمازين کي حُڪم واري انداز ۾ چيو؛ “ماشاءَ الله توهان سڀ مُسلمان آهيو، اليڪشن اچي رهي آهي، پنهنجي تڪ مان مولانا هدايت الله صاحب اليڪشن پيو وڙهي اُن کي ووٽ ڏئي کٽرايو، اِهو اوهان تي فرض آهي ۽ اهو الله جو فرمان به آهي ته مسلمانو پنهنجي مسلمان ڀائرن جي مدد ڪريو. مولانا صاحب جي مقابلي ۾ سامهون اميدوار هندو ڪافر آهي. چون ٿا ته وڏو وياج خور آهي...... مسلمانو اهو هندو ڪافر اگر کٽي آيو ته...... اوهان سلامت نه رهندا........ هتي حلال بدران حرام وياج جو ڪاروبار هلندو ان ڪري ووٽ مولانا کي ڏئي جنت پڪي ڪريو!”.

    (منظر ٻيو)

    وڏي جامع مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان اعلان پئي ٿيو؛ “اسان جي حد جو ايم پي اي تيرٿ داس صاحب وڏو نيڪ انسان آهي، هُوءَ غير مذهب مان هُجڻ جي باوجود اسان جي مسجدن ۽ مدرسن جو خيال ٿو رکي، هو انسان ذات لاءِ پنهنجي دل ۾ درد رکندڙ شخص آهي، مسلمانو ان مان ڪجهه پرايو، اسان سندس وڏا شُڪر گُذار آهيون جو هُن مسجد ۽ مدرسي لاءِ اسپيشل گرانٽ منظور ڪرائي هڪ هڪ ڪروڙ رپيه ڏنا!”.
    مولوي صاحب جي وات مان ڪروڙ جو اُچار نڪرندي نڪرندي اُچار سان گڏ گِگ به وهي نڪتي!.
    ***


    راڌا

    راڌا

    هُن جي سنهڙي چيلهه تي دِلو کنيل هو، هُوءَ هرڻي وانگر ڇال ڏيندي پئي وئي اچانڪ سندس نظر لياقت تي پئي ته چهري تي لالي اچي ويس ۽ جسم ۾ عجيب قسم جي ڏڪڻي محسوس ٿيس، دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳس ۽ هُوءَ دلي کي سنڀاليندي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گهر ۾ داخل ٿي وئي.
    “راڌا” جو جنم هندو گهراڻي ۾ ٿيو هو، پڻس هارپو ڪندو هئس ۽ ٻيو سڄو ويڙهو به هاري هئس. لياقت وارا پاڙي ۾ رهندا هئا. ڪافي عرصي کان راڌا ۽ لياقت هڪٻئي کي ڏسندا هئا ۽ ائين پري وارا ديدار وڌندي وڌندي چاهت ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ڪجهه عرصي ۾ ٻنهي وچ ۾ نينهن جو ناتو ڳنڍجي ويو پر ٻنهي جي وچ ۾ “مذهب” ديوار بڻجي بيهي رهيو، نيٺ لياقت راڌا کي مائٽن جو گهر ۽ اباڻو مذهب ڇڏڻ تي راضي ڪري ورتو.
    هڪ ڪاري رات جو گُگهه اونداهي ۾ راڌا ننڊ پيل امڙ ابي کي ڇڏي لياقت سان گڏ نڪري وئي. لياقت جي سُڃاڻ وارو ڪو دوست ٻئي شهر ۾ رهندو هو جنهن راڌا کي مسلمان ڪرڻ ۽ ٻنهي جو نڪاح ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو هو.
    لياقت ۽ راڌا رات جو لياقت جي دوست وٽ رهيا ۽ صبح ٿيندي ئي لياقت جي دوست چين اوهان ٻنهي کي پير صاحب وٽ وٺي ٿو هلان جيڪو راڌا کي مسلمان ڪري نڪاح پڙهائيندو.
    لياقت جو دوست راڌا ۽ لياقت کي وٺي پير صاحب جي مدرسي آيو، مدرسو حويلي جي ڀرسان هو، هي سلام ورائي اندر داخل ٿيا. لياقت جي دوست پير صاحب سان ٻنهي جو ذڪر ڪري اڳواٽ ئي ٽائم وٺي ڇڏيو هو، پير صاحب هنن کي ڏسي اڇي سونهاري تي هٿ ڦيريو ۽ سُبحان الله ڪندي شروعات ڪئي؛ “لياقت پُٽ اوهان پڪا مسلمان آهيو، اوهان هن هندو ڪافرياڻي کي مسلمان ڪري جنت ۾ پنهنجو گهر پڪو ڪري ڇڏيو آهي”. پير صاحب ٻنهي کي وضو ڪري اچڻ لاءِ چيو.
    راڌا کي لياقت وضو ڪرايو، ٻئي وري اچي پير صاحب اڳيان ويٺا، پير صاحب راڌا کي ڪلمو پڙهائڻ شروع ڪيو. راڌا هڪڙو اڳي ئي اڻ پڙهيل هئي، رهندو عربي ٻولي ته کيس ڪنهن پاسي کان به سمجهه ۾ نه آئي، رڳو پير صاحب جي زور زور سان عربي لفظن جي ورجائڻ تي آوازن جا اُچار غور سان ٻُڌي ان قسم جا آواز ڪندي وئي.
    نيٺ وڏي مشڪل سان ڪلمو پورو ٿيو ته پير صاحب لياقت ۽ سندس دوست کي مبارڪون ڏنيون ۽ راڌا جو نالو بدلائي سڪينه رکيو ۽ راڌا کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اوهان هاڻ هفتو کن هتي رهي پئو ڇو ته ٻاهر راڌا جا مائٽ ڪافر راڌا خلاف واويلا ڪندا، اها بند ٿئي ته پوءِ هتان هليا وڃجئو.
    لياقت پير صاحب جي چوڻ تي حامي ڀري ۽ اُتي رهڻ جو فيصلو ڪيو. لياقت کي مدرسي ۾ رهڻ جو حُڪم مليو راڌا کي حويلي ۾ موڪليو ويو.
    رات ٿي ته راڌا عرف سڪينه کي پير صاحب جي ٻانهين تيار ڪري سينگاري ويهاريو. راڌا خوش هُئي ته اڄ لياقت سان سندس زندگي جي نئين شروعات ٿيندي، اڄ سندس سيني سان لڳي کيس پاڻ ارپي ڇڏيندي، رات جا يارنهن ٿيا هئا انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن. نيٺ ٻارنهن وڳا ته ڪمري جي لائٽ اچانڪ بند ٿي وئي، راڌا جي دل هڪ دفعو وري تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي، هڪ پاڇو هو جيڪو سندس ويجهو ٿيندو پئي ويو ۽ اچي بيڊ تي ڀر سان ويٺس!.
    راڌا وڏي پيار سان سِڪ مان لياقت جي چهري کي ڇُهڻ لاءِ پنهنجا هٿ وڌايا ته حيرت جي انتها نه رهيس ۽ وڏي رڙ نڪري ويس، هٿن ۾ لياقت جو چهرو نه پر پير صاحب جي “سُونهاري” هئس!!.
    ***


    ڀڙوت

    ٽاءِ کي سڌو ڪندي هُو سئولو ٿي ويٺو ۽ صاحب جي مُنهن ۾ بُکيي ڪُتي وانگر تڪڻ لڳو.
    صاحب جو ڌيان ٻين ماڻهن طرف هو، هُن کنگهڻ جي اداڪاري ڪندي زبردستي ڳلي مان بي سُرا آواز ڪڍيا پر صاحب پوءِ به هن جي طرف مُتوجه نه ٿيو!. هي آهسته آهسته ڪُرسيون مٽائيندو وڃي صاحب جي ويجهو واري ڪُرسي تي ويٺو.
    جڏهن ڏٺائين ته صاحب هن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو تڏهن صاحب جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ سندس تعريف ڪرڻ جي خيال سان چيائين؛ “سائين اوهان جو جُوتو ڏاڍو خوبصورت آهي، اهڙو جُوتو هن شهر ۾ ڪنهن وٽ ناهي!”. صاحب کيس ڏسندي مُسڪرايو ته هن وري ڳالهايو؛ “اوهان جي ٽاءِ امپورٽڊ ٿي لڳي شرٽ ته لاجواب آهي!!”.
    صاحب مُسڪرائيندي هن جي طرف ڏٺو ۽ چيس؛ “صبح کان منهنجي مشهوري مُهم شروع ڪر، هاڻ وڃ وڃي ڪم سان لڳ......... تنهنجي “ڀڙوت” جو انداز ڏسي لڳي ٿو وڏي ترقي ڪندين!”.
    ***



    ڪردار

    ڪردار

    حاجي امام بخش ڏاڙهي مُبارڪ تي هٿ ڦيريندي ڳالهه جي شروعات ڪئي؛ “ادا جُمن اڄڪلهه ايمان موڪلائي ويو آهي، نفسا نفسي جو دور آهي، ماڻهو پيا هڪٻئي جو ماس پٽين، نوجوانن ۾ به اچي بُرائين جي وبا ڪاهي پئي آهي، سڄو ڏينهن وتن نشا پتا ڪندا ۽ اهو نڀاڳو موبائل سڄو ڏينهن اٿن هٿ ۾، پنهنجي مُنهن وتن ٿا ڀئونر وانگر ڀُون ڀُون ڪندا!. “ڪردار” نالي ڪا شئي نه رهي اٿن!”. جُمن هائو حاجي بلڪل سچ ٿا چئو.
    حاجي صاحب وري ڳالهه شروع ڪئي؛ “اسان جي دور ۾ ايمان هو، حياءُ هو، هاڻ ته ڇورن ۾ لڇڻ ئي ڪونهي!. وڏي ننڍي جو ادب ئي نٿا ڪن”. ڪئبن تي ويٺل الُو به حاجي صاحب جي ڳالهه جي تائيد ڪندي هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. پٽيل الهرکيي سڄي ڪچهري ٻُڌي ويٺي ۽ ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ويٺي ڪئي. پٽيل ڳالهائيندي چيو؛ ؛حاجي صاحب اوهان جون ڳالهيون برحق سچيون آهن پر هڪ ڳالهه مون کي به ٻڌايو اسان جي ڳوٺ جي ڇورن جي بگڙجڻ جي وجهه ڪهڙي آهي؟”.
    حاجي صاحب مٿو کنهندي چُپ ٿي ويو، پٽيل وري ڳالهايو؛ “حاجي پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻاويهه سالن کان اسڪول ٺهيل آهي ۽ جنهن ڏينهن اسڪول ٺهيو اوهان جي اڳيان وڏيري غلام علي کي ماستري جو آرڊر مليو”. حاجي صاحب هائوڪار ڪئي، “حاجي ماشاءَ الله وڏيرو غلام علي هينئر سورهين “عمري شريف” جي سعادت لاءِ عربستان ويل آهي ۽ پنج کن حج ڪري ويٺو آهي پر حاجي صاحب، جُمن، الو اوهان شاهد آهيو انهن ٻاويهه سالن ۾ غلام علي ڪڏهن اسڪول ۾ ويهي ناهي پڙهايو. مطلب ته اهي ٻاويهه نسل خراب ٿيا، هاڻ جي اهڙا حال هوندا ته ڇورن ۾ لڇڻ ڪٿان ايندو؟، واقعي مڃيان ٿو ڇورا ڪردار ۾ پُٺتي پئجي ويا آهن پر پنهنجي مُعززين جا ڪردار به ڳڻڻ جهڙا ناهن رهيا!!.
    ***




    سرڪس

    سرڪس

    “سائره منهنجا بوسڪي وارا ڪپڙا پريس ڪري ڇڏيا هُئيي؟؟”.
    “ها ڪپڙا پريس ٿيل آهن، الماري ۾ رکيل آهن”، جوڻس پُڇندي؛ “سوير سوير ڪيڏانهن جي تياري آهي؟”.
    “وڃان ٿو ٿر شادي جي دعوت آهي!”.
    “اهو ڪٿي آهي؟”.
    “هتان کان ڪار ۾ چار ڪلاڪ جو پنڌ آهي”.
    “هل........!، ڀلا ايترو پري دعوت تي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟”.
    “ڇا ڪريون سائره ڏاڍا سُٺا دوست آهن وڃڻو پوندو!”.
    “ٺيڪ آهي ڀلي وڃ”.
    عابد صاحب ٿرپارڪر شادي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ صبح کان تياري ڪري رهيو هو پر هڪ ڳالهه تي مُنجهيل هو ته کيس هڪ ئي ڪاڄ جون چار الڳ الڳ ڪارڊن جي صورت ۾ دعوتون هيون. دعوت جو هنڌ ۽ وقت ساڳيو پر گهوٽن جا نالا مختلف هئا!.
    سڀني ڪارڊن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏٺائين پر سندس مونجهاري جو تدارڪ ڪونه ٿيو، هي اڃان به وڌيڪ مُنجهي پيو. ذهن ۾ عجيب ولوڙ ٿيڻ لڳس، چار مُعزز ماڻهو، انهن جون دعوتون ساڳي جڳهه، ساڳو ٽائم...... هن پريشاني ۾ دوست کي ڪال ڪئي، اُن ڳالهه واضح ڪري ٻُڌايس؛ “ادا ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته هتي رواج آهي ته هڪ ئي وقت پنج پنج گهوٽن جون شاديون ساڳي جڳهه تي گڏ ٿينديون آهن ۽ خرچ ۾ سڀ ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن، باقي “پُوئو” الڳ الڳ وٺندا آهن!”.
    هي ڳالهه ٻُڌي مُنجهي پيو، سمجهه ۾ نه آيس ڇو ته اڳ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جي دعوت ۾ نه ويو هو. ٻئي طرف آفيسر صاحب چڱي مڙس کي مخاطب ٿيندي چيو؛ “ڀائيا ڊيڪوريشن واري سان مون ڳالهائي ڇڏيو آهي پاڻ کي سُٺو سامان بلڪل رعايت سان ڏيندو، فُل سائيز جا ٻه وڏا شاميانا ڏيندو، ڊاڪٽر صاحب ۽ ٻين تي پنهنجا ڪم رکي ڇڏيا آهن، هاڻ اوهان کي رڳو ٻاڪرو مال وٺڻو آهي جيڪو اوهان جي ذمي آهي!”.
    چڱي مُڙس پهريان ته ڪياڙيءَ کنهي پوءِ چيو؛ “ڀائيا ڳالهيون سڀ سون پر اهي ڊيڪوريشن واري حصي جا پنجويهه هزار گهڻا آهن اڃان ڪجهه رعايت ڪرائين...... ها هونئن به پاڻ کي ڪهڙو نالو بيهارڻو آهي؟، ڀت ۾ پاڻ کي رڳو ڏنل “پوئي” جا پئسا مُنافعي سوڌو ورائڻا آهن!”، صاحب ڳالهائيندي؛ “ڀائيا چئين ته برابر سچ ٿو پر ڊيڪوريشن واري اڍائي لک جو بل ٺاهيو هو جيڪو رعايت ڪرائي ڪرائي لک رپئي تي راضي ڪيو آهي دعوتي به ته جام آهن نه!؟، ڊاڪٽر صاحب جا پندرنهن سئو ڪارڊ ورهايل آهن، منهنجا پنهنجا ٻه هزار ڪارڊ ورهايل آهن، اوهان ٻنهي جا هزار هزار الڳ ڏنل آهن، مهمان به جام ايندا”.
    چڱي مُڙس هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ کيسي مان موبائل ڪڍي ڪنهن کي ڪال ڪئي؛ “ابا اهو پنهنجي پاسي ڏُڪار سٽيل ٻڪريون جيڪي بيماري ۾ مرن پيون اهي ڪهڙي حساب ٿا وڪڻو؟”.
    اڳيان جواب آيو؛ “ٽي هزار جو پُٺو ڏيون پيا”.
    چڱي مُڙس سئو ٻڪرين جو آرڊر ڏنو، تياري شروع ٿي وئي، عابد صاحب پنهنجي ڪرولا گاڏي جي چار ڪلاڪ جي ڊرائيو ڪري ڀت واري هنڌ پهتو هو، ساڻس هڪ ٻيو دوست به گڏ هو، ميزبانن هنن کي سُٺو آڌرڀاءُ ڪري اندر ويهاريو. هن چئوڌاري نظر گهمائي ته ڏٺائين شادي جو شاميانو لڪي اسٽار سرڪس جو ڏيک ڏئي رهيو هو. رش انتهائي گهڻي هئي، ٽن پاسن کان ماني جو انتظام هو، ماڻهو ماني کائي نڪتا پئي، اڪثر ڏند کوٽيندا پئي ويا، هي به انتظار ۾ هئا ته ماني لڳي ته ٻه گِرهه هڻي ٽائم سان واپس نڪرن ڇو جو وري چار ڪلاڪ جو پنڌ ڪرڻو هُئن. نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ هنن کي ماني لاءِ سڏ ٿيو. ماڻهو تيزي سان ماني واري پاسي وڌندا پئي ويا.
    هي به دوست سان گڏ اندر داخل ٿيو. اندر ويهڻ لاءِ ڪرسيون نه هيون، بيهي ماني کائڻ جو بندوبست هو. هي پليٽ کڻي طعام واري ٽيبل ڏي وڌيا. ڇا ڏسن ته طعام ۾ ٻه وڏا ٿالهه رهي (شوري) جا ڀريا پيا هئا ۽ هڪ ڪُڪڙ جي ٻوڙ جو ٿالهه هو ۽ هڪ گجرون وڌل چانورن جو ٿالهه جيڪي اهڙا هئا جهڙو چائنيز کي مُنهن تي بُجو هجي!.
    بحرحال ٿالهه ۾ چمچ کي چپوءَ وانگر هلائيندي هن کي هڪڙي ٻوٽي هٿ لڳي جيڪا ٿالهي ۾ وجهي وڃي پرڀرو ٿي بيٺو. ٻه ماني جا ٽُڪر امداد ۾ مليل سُڪل ڍوڍن جيئان هٿ ۾ جهلي رهي ۾ گرهه گهمائي کائڻ لڳو. ٻه ٽُڪر کائي ٻُوٽي کائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ٻوٽي ايتري پڪي هُئي ڄڻ ڪو پٿر!. ٻُوٽي مان بُوءَ الڳ سان محسوس ٿيس، هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن پوڙهي مينهن جي ٻُوٽي آهي. بحرحال هي جيڪو چار ڪلاڪ ڊرائيو ڪري چار معتبر ماڻهن جي دعوت تي پهتو هو هن کي ماني مهل ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ هي سينٽرل جيل جي ڪنهن کولي ۾ اڌ ڪچو اچ پڪو کاڌي جو ڀتو پيو وٺي!.
    ٻاهر نڪري پوئي لکرائڻ جي ارادي سان پوئي لکڻ واري جي پُڇا ڪيائين ته ڪنهن سامهون هڪ تنبوءَ ڏي اشارو ڪيس، هي اڳتي وڌي تنبوءَ ڏي ويو، اُتي صورتحال ڏسي دنگ رهجي ويو!. اُتي دهي بڙي، چڻا چاٽ، برياني وڪڻڻ وارن وانگر چار اسٽال لڳل هئا. هرهڪ مٿان شادي واري ميزبان جو نالو لکيل هو.
    هي اهڙو سڀڪجهه پهريون دفعو ڏسي رهيو هو، بحرحال سڀني سان سُٺو واسطو هجڻ ڪري هر اسٽال تي هزار رپئي جو بِل لکرايائين ۽ بغير ڪنهن کان موڪلائڻ جي اچي گاڏي ۾ ويٺو، موبائل فون جي گهنٽي وڳي، ڪال اوڪي ڪري هيلو ڪيائين، ٻئي پاسي پيارو دوست موهن هو؛ “يار ڏي خبر اڄ ٿر آيل هُئين شادي تي مون ڏي نٿو اچين ڇا؟”.
    هن جواب ڏنو؛ “يار ڪجهه ڪم آهن، تڪڙو آهيان، وري ڪڏهن ايندس!”.
    دوست پُڇيس؛ “ڏي خبر ڀلا دعوت مزو ڏنو؟، انجوائي ڪئيي!؟”، هن جي زبان مان صرف ايترو نڪتو؛ “بس ادا ڇا جي انجوائمينٽ!؟، پئسا ڏئي بي عزتو ٿيڻو هُجي ته پوءِ ڀلي اهڙيون ياريون نڀائجن، ڪاڄ ڪونه هو پئسه ڪمائڻ ۽ ڌنڌي جو نئون انداز هو!”.
    هفتي کان پوءِ سندس آفيس آڏو نئين ماڊل جي هُنڊا سِوڪ ڪار اچي بيٺي، هن سمجهيو ڪو وڏو ڪلائينٽ آهي، ايتري ۾ سدائين فٽل مهراڻ تي ايندڙ سندس دوست حاجي عبدالرحمان اچي لٿو، سندس اکين ۾ سواليه نشان ڏسندي حاجي ڪجهه پڇڻ کان اڳ ئي چيو؛ “جوئي ڪي ٿو ڇوري ري ڀت ري پوئي را ارڙهن لک رپيا بچي گيا، هتا هون گاڏي لي ڇوڙي”.
    سندس جسم مان ايندڙ پگهر جي ڌپ کيس شادي ۾ کاڌل ٻُوٽي جي ڌپ جهڙي محسوس ٿي.
    ٭٭٭


    INBOX

    INBOX

    ميسينجر جي انبوڪس ۾ ميسيج ٺڪاءُ اچي ڪيس؛
    Hi Moomal How are you?
    مومل جيڪا اُن وقت پنهنجي ٿيسز لاءِ گُوگل تان مواد ڳولي رهي هئي ان ميسينجر واري ميسيج کي اڻ ڏٺو ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيو، ٿوري دير کان پوءِ وري ٻيو ميسيج آيس؛
    I think you are busy!.
    هي لڳاتار پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئي، وري ميسينجر کي اگنور ڪري ڇڏيائين، ٿوري دير کان پوءِ وري ساڳي آءِ ڊي تان ميسيج آيس؛
    I think you are a boy..... And using this fake i.d.
    هن وري به اگنور ڪيو، نيٺ ميسيج وڌندا ويا ايستائين جو پريشان ٿيڻ لڳي ۽ نيٺ هڪ ميسيج رپلائي ۾ لکيائين؛ “ادا پليز مون کي ميسيج نه ڪريو”.
    سامهون کان ايندڙ رپلائي پڙهي هوش اُڏي ويس؛ “آئون تنهنجو ادا نه پر عاشق آهيان، مون کي پنهنجي تصوير موڪل ۽ وڊيو ڪال تي ڳالهائي” ۽ لڳاتار سامهون کان ڪالون اچڻ لڳس نيٺ مجبور ٿي هن کيس بلاڪ ڪري ڇڏيو.
    هن جيئن فيس بُڪ آءِ ڊي ٺاهي هئي ته اهو روز جو معمول بڻجي ويو هو. ڪئي بظاهر خوش اخلاق فيس بُڪ تي مهان نظر ايندڙ ماڻهو به اهڙا ته غليظ ۽ گندي ٻولي ۾ ميسيج ڪندا هئس جو پڙهي چڪرائجي ويندي هئي ۽ روز سوچيندي هئي فيس بُڪ آءِ ڊي ئي بند ڪري ڇڏيان!.
    هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڇوڪري ٿيڻ گُناهه آهي؟. ڇا اسان جي سوسائٽي جا مرد “سُوئر” ٿي چڪا آهن؟.
    هن کي انتها جي حيرت تڏهن ٿي جڏهن هڪ ڄاتل سُڃاتل نالي واري عورتن جي حقن جي علمبردار شخص انبوڪس ۾ ميسيج ڪيس؛ “تون ڏاڍي سُهڻي ۽ سيڪسي آهين. تون مون کي ڏاڍي وڻين ٿي اگر مون سان دوستي ڪندين ته جيڪو گهرندين اهو ڏيندوسانءِ”.
    هي ٻئي هٿ مٿي تي رکي سوچي ٿي؛ “ڪاش......... مرد به جانور مان انسان ٿي پئي!”.
    ***


    ترقي 

    “بابا واحد جلدي اُٿ اها نڀاڳ واري ننڊ ڇڏ”.
    “بابا خير ته آهي، اڄ آچر جو ڏينهن آهي منهنجي موڪل آهي اڄ ته سُمهڻ ڏيو!”.
    “واحد پُٽ اڄ اوطاق تي مرشد گيدوڙي فقير جو پروگرام رکيل آهي، تون اڃان سمهڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهين”.
    “بابا انهن گيدوڙن ۽ ڏاڙهن کي پاڻ وڃي ڏسو آئون نه هلندس!”.
    واحد جو پيءُ اها ڳالهه ٻُڌي تيش ۾ اچي ويو؛ “اڙي نڀاڳا پِٽجي ويندين!، مُرشد سڳورو پُهتل آهي پنهنجو...... اڙي وات ڳاڙها تون جڏهن ننڍو هئين ته تنهنجي وارن جي چڳ ڪٽي سائين توکي مُريد ڪيو هو”.
    “بابا ان وقت به منهنجي وارن جي ڀينگ اوهان ڪرائي هوندي!، مون ۾ جي عقل هجي ها ته تڏهن ئي مرشد کي اک وارو پٿر هڻان ها”.
    بابو واحد کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ٻاهر نڪري آيو وري ڏاڏو اندر واحد جي ڪمري ۾ داخل ٿيو؛ “بابا واحد پڻهين کي ڇا تي ڪاوڙايو اٿئي جو گارين جي لولي پئي ٿي پويس!”.
    “ڏاڏا الائي جي ڪهڙو گيدوڙو ٿو اچي!. بابا چئي ٿو پنهنجو مرشد آهي اچ اوطاق تي”.
    ڏاڏي شفقت ۽ پيار سان واحد کي سمجهائيندي چيو؛ “پُٽ گيدوڙي فقير جا پاڻ ابن ڏاڏن کان مريد آهيون، اسان گيدوڙي سائين جي والد محترم مرشد داسوڙي فقير جا مريد آهيون، مرشد هميشه گهوڙي تي پٽڪو ٻڌي اچي اوطاق تي پهچندو هو ۽ ڪئي ڏينهن هتي رهيو پيو هوندو هو، پوءِ اسان پيا فيض وٺندا هئاسين ۽ ڏن گڏ ڪري ڏيندا هئاسين، ان دور ۾ اسان ڏاڍا خوشحال هئاسين، منهنجي والد تنهنجي پڙ ڏاڏي وٽ پنهنجي ذاتي جيپ هوندي هئي”.
    “ڏاڏا ڀلا گيدوڙو فقير به گهوڙي تي چڙهي ايندو آهي!؟”.
    “نه پُٽ الله جي ڪرم سان مرشد گيدوڙي فقير وٽ ٻه لينڊڪروزر گاڏيون آهن ۽ هن سال مُرشد اليڪشن ۾ پُڻ حصو پيو وٺي!”.
    واحد؛ “واهه ڏاڏا واهه...... توهان جيڪي ابن ڏاڏن کان رئيس هئا، جن وٽ ايترو سڀ ڪجهه هو، انهن وٽ هينئر چڙهڻ لاءِ گڏهه به ڪونهي ۽ هي ٺڳ ۽ جعلي مرشد اوهان جي ڏن جي پئسن مان لينڊڪروزر تي چڙهيو پيا گُهمن!”.
    واحد جو ايترو چوڻ هو ۽ ڏاڏي لٺ ۾ هٿ وڌو ۽ گاريون ڏيندي هڪل ڪيائينس؛ “اڙي مُنڪر......... مُرشد پاڪ جي خلاف ٿو ڳالهائين!؟؟”.
    واحد چمپل هٿ ۾ ڪئي ۽ ڪمري مان ڊوڙي نڪري ويو.
    ***


    لوسي ڪُتو

    لوسي ڪُتو

    گلي ۾ ويندي رول ڪُتن جون سر عام عشق بازيون ڏسي کِل اچي ويس. دل ئي دل ۾ سوچيائين؛ “انهي ڪري ته مشهور آهي ڪُتا نُوس نُوس ڪندا آهن!”.
    آفيس پهتو ته صاحب رائونڊ تي هو، هي صاحب کان اک بچائي وڃي پنهنجي ڪئبن ۾ ويٺو، ڏٺائين ته صاحب آفيس ۾ آيل نئين ڇوڪري کي پيرن کان وٺي مٿي تائين جنسي نظرن سان گهوري ڏسي رهيو هو.........
    ***


    مُرشد پاڪ

    مُرشد پاڪ

    اڄ اوطاق تان اُڀ ڏاريندڙ رڙيون پئي آيون.
    ڳوٺ جي چئونڪ واري دڪان تي سُس پُس پئي هلي؛ “ويچاري جمعي جو اڄ خير ڪونهي، ڪلهه مرشدن جي گهر وٽان مٿي اگهاڙو گذريو هو سو اڄ وڏو پير سائين اُبتي کل لاهي ڇڏيندس!”.
    ٽي چار ڪلاڪ اوطاق مان مسلسل رڙين جا آواز ايندا رهيا، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ بيچيني وڌي پئي نيٺ آواز اچڻ بند ٿي ويا. سڀني ڏٺو ته اوطاق مان گڏهه گاڏي تي جمعي کي کنيو پئي ويا.
    جمعي کي وڏي سائين چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اڌ رات جو ڪمدار جمعي جي گهر جو دروازو اچي وڄايو، جمعي جي ڌيءَ ۽ گهر واري نڪري آيون جن کي ڪمدار اوطاق تي اچڻ لاءِ چيو.
    جمعي جي گهر واري ۽ ڌيءَ اوطاق تي پهچي مرشد جي پيرن ۾ ڪري پيون ۽ ايلاز منٿون ڪرڻ لڳيون؛ “مُرشد سائين جمعون بي ڏوهي آهي، مرشد پاڪ اسان کي بخش ڪر”.
    مُرشد پاڪ مُڇ وٽيندي جمعي جي زال کي چيو؛ “تو واري ڇوريءَ کي ڇڏي وڃ..... جُمعون ۽ ڇوريءَ ٻئي صبح جو گهر پهچي ويندا!”.
    جمعي جي زال مڙس جي زندگي لاءِ ڌيءَ جي قرباني ڏئي ٿڪل قدمن سان گهر پهچي صبح ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.
    ***


    گهڻا ٻار

    گهڻا ٻار

    “فاطمه...........
    “جي سائنڻ.............
    “ڇوري تون وري پيٽ سان ٿي وئي آهين!؟”.
    “جي سائنڻ الله جا احسان آهن وري پيٽ سان آهيان سائنڻ!”.
    “ڇوري شرم ڪر. هي ڪائون نمبر ٻار اٿئي!؟”.
    “سائنڻ مالڪ ڪرم ڪيو آهي ستون نمبر آهي سائنڻ!”.
    “ڇوري تو وارو مُڙس ڀلا ڪهڙو ڌنڌو ٿو ڪري؟”.
    “سائنڻ چنگچي رڪشا ٿو هلائي!”.
    “ڇوري ڀلا ڏينهن ۾ گهڻا ڪمائي ٿو اچي؟”.
    “سائنڻ مڙئي الله جو شُڪر آهي چار پنج سئو بچائي ايندو آهي سائنڻ!”.
    “ان پئسن مان گهر سُٺو ٿو هلي؟”.
    “سائنڻ بس ڇا سُٺو ٿو هلي!، روز جو اٽو کنڊ چانهه ۽ ٻارن جي دوا پوري مس ٿي پوي مٿان وري جيڪو پنجاهه کن بچي ٿو ان مان مون وارو مُڙس ٺري جي ٿيلهي وٺيو اچي بس سائنڻ ائين ئي زندگي جو گاڏو گهلجي پيو!”.
    سائنڻ؛ “ڇوري پوءِ جڏهن ايتري آمدني نه اٿئو ته ايترا سڄا ٻار ڇو ڄڻيا اٿئو؟”.
    فاطمه ڪنن جي پاپڙين کي هٿ لائيندي نڪ تي کڻي هٿ رکيو؛ “سائنڻ توبهن توبهن ڪريو الله جو پاپ لڳندو ڀلا ٻار به ڪي اسان جي وس آهن ڇا!؟ الله سائين پاڻ ڏيندو آهي ان ۾ اسان ڪيئن ٿا دخل اندازي ڪري سگهون ۽ اولاد پئدا ڪرڻ ته عورت تي فرض آهي کيس ان اولاد جي صدقي بي انتها ثواب ملي ٿو ۽عورت لاءِ الله سائين پاڻ جنت ۾ جاءِ ٺاهي رکي ٿو!”.
    سائنڻ؛ “ائي ڇوري مار پوئي ڪا.......!، توکي ڪنهن ٻُڌايو ته گهڻا ٻار پئدا ڪرڻ ثواب آهي؟”.
    “سائنڻ هُوءَ اسان جي پاڙي وارو سائين خُدن مُلان آهي نه ان منهنجي مُڙس کي اهو ٻُڌايو هو.”.
    سائنن؛ “فاطمه بابا دُنيا چنڊ تي وڃي پهتي آهي هاڻ تون به بس ڪر ٻار کڻي بند ڪرائي، ڪيستائين ان موالي مُڙس سان گڏجي ٻار ڄڻيندين!”.
    فاطمه؛ “سائنڻ توبهن زاري آهي گستاخي معاف ڪج باقي اوهان پڙهيل لکيل مايون نه ڪُفر ٿيون ڪريو. ٻه ٻار ڄڻيو پوءِ وتو گُهمنديون اوهان تي عذاب نازل ٿيندو، مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو آهي ته اوهان جا مُڙس مرد ئي ڪونهن!”.
    سائنڻ فاطمه جي ڳالهه ٻُڌي مُسڪرايو ۽ کيس چيو؛ “چري ڇوڪري گهڻا ٻار پئدا ڪرڻ ڪا سورهيائي ناهي بلڪه اڄڪلهه جي دور ۾ بي لڇڻائي آهي، ٻارا اوترا پئدا ڪريو جن کي اوهان سُٺو مُستقبل ڏئي سگهو، سُٺو کارائي پارائي سگهو. فاطمه آئون اگر ڏهه ٻار ڄڻيان ها نه ته اڄ منهنجا ٻار اسڪول نه وڃن ها نڪي آئون ڪا ائين صحتمند هُجان ها، نڪي آئون پنهنجي ٻارن کي سُٺو کارائي پارائي سگهان ها، فاطمه هاڻ دنيا ترقي ڪري وئي آهي هاڻ گهڻا ٻار ڄڻڻ کي سُٺو نٿو سمجهيو وڃي، تون پنهنجو ئي مثال وٺ ڇهه ٻار اٿئي، ستون پيٽ ۾ پيو پلئي تنهنجا گهڻا ٻار اسڪول ٿا وڃن؟”.
    فاطمه سائنڻ جون ڳالهيون ٻُڌي سوچن ۾ گُم ٿي وئي، سوچيندي سوچيندي يڪدم اُٿي بيهي رهي ۽ ڳالهائڻ لڳي؛ “سائنڻ اوهان جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي وئي آهي، مون ته پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي پر هاڻ ٻين مائين جي زندگي تباهه ٿيڻ نه ڏيندس. آئون اڄ کان ئي پنهنجي مُڙس کي چوان ٿي ته هاڻ بس گهڻو ٿيو هاڻ ٻار نه ڄڻيندس ۽ ڳوٺ جي ٻين مائين کي به اها ڳالهه سمجهايان ٿي!”.
    ***


    پاڪائي

    پاڪائي

    “بابا سليمان پُٺيان آفيس ۽ ٻنيءَ واري اوطاق جو خيال رکجان آئون وڃان پيو ڀلي پار “عمري شريف” لاءِ!”.
    سليمان؛ “جي سائين!”.
    “بابا ٻيو ڪو ڪم ڪار هجي ته ڇوري خُدو کي چئجان ته پاڻهين مون کي فون تي ٻُڌائيندو ۽ ها هاڻ وڃڻو اٿم ڪريم ڏني صاحب جي آفيس، صاحب ڀلوڙ ماڻهو آهي پر پُٺئين هفتي ٻنيءَ جي کاتن تان مڙئي ڏند چڪ ٿي پئي هُئي سو بخشرايان ته جيئن ڀلي پار ڪنهن جو قرض ۽ ڪا ڪاوڙ ڪروڌ نه کڻي وڃان”.
    سليمان جي سائين چئي خاموش ٿي ويو، اڄ کيس اُميد هئي ته صاحب ڀلي پار وڃڻ کان اڳ ۾ سڀ قرض چُڪتو ڪندي کيس به ياد ڪندو ۽ هارپي جي بچت جا لک رپيا ۽ ڇهه مهينن جي رهيل پگهار ڏيندو پر صاحب کان “ڀلي پار” جي حُب ۾ سليمان جو قرض ائين وسري ويو جيئن واڻئي کان وياج وٺڻ جي خوشي ۾ اصل رقم وٺڻ وسري ويندي آهي.
    ***


    روينيو وارو صاحب

    روينيو وارو صاحب

    روينيو عملدار حاجي خان جي پُٽ جي شادي جو ڪاڄ هو، هڙئي ضلعي جا گڙنگ وڏيرا ۽ آفيسر پهتل هئا، دعوت انتهائي اعلى درجي جي هئي، ڪُڪڙ، اڇو ٻُوڙ، ڳاڙهو ٻوڙ، ٻڪر اڇو ٻوڙ، ڀُڳل ٻڪر، برياني چائنيز، مِٺي ۾ پنج ڇهه قسم، تِتر جو گوشت، هرڻ جو گوشت، وڏي جو گوشت، مڇيءَ ۾ فنگر فِش، جهينگا، پلو، فروٽ چاٽ جا ٻه قسم، ٻڪر جي ران جون سجيون مطلب ته ويهارو کان مٿي کاڌن جا قسم هئا.
    تر جو ايم پي اي صاحب سندس دعوت جو مهمان خاص هو. حاجي خان جي دعوت ۾ تر جو هر خاص ماڻهو شريڪ ٿيو هو. ائين وري اوڙي پاڙي جي غريب غُربي کي به نه وساريو هئائين.
    ماستر “سڄڻ” کي به شادي جي دعوت هئي سو پنج سئو پُوئي جا کيسي ۾ وجهي موڀي پُٽ اصغر کي ساڻ ڪري اچي پهتو هو. اصغر جو هيڏي عاليشان دعوت ۽ ماڻهو ڏٺا ته اصل دنگ رهجي ويو ماستر کان پُڇيائين؛ “بابا هي “حاجي خان” ته وڏي ملڪيت ۽ پُهچ وارو ماڻهو آهي لڳي ٿو مائٽن جي وڏي جاگير اٿس!”.
    ماستر اصغر کي؛ “پُٽ ڏهه سال اڳ ۾ حاجي خان ان ايم پي اي صاحب جو مُنڇي هوندو هو، جڏهن ايم پي اي صاحب جي پارٽي جي حڪومت آئي ته ان حاجي خان کي روينيو آفيسر ڀرتي ڪرائي ڇڏيو سو ان وٽ اها ملڪيت ابن ڏاڏن جي ڪونهي”.
    اصغر؛ “بابا پر حاجي خان ته وڏو نيڪ ماڻهو آهي، گهر جي مٿان به تختي لڳل اٿس “هٰذا من فضل ربي”.
    ماستر مُسڪرائي اصغر جي پُٺن تي ٿڦڪي ڏيندي چيو؛ “پُٽ اهو فضل انهن جو مُريد اٿئي...........
    ***


    مهان

    مهان

    سائين جي اوطاق تي ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هئا. ڪِن ماني پئي کاڌي، ڪِن شراب جا جام چپن تي چاڙهيا هئا، ڪي ته ٽُن ٿيو نچيا پئي. سائين “دلاور خان” نشي ۾ ٽُن هڪ ڇورو ڪڇ ۾ ويهاريو ويٺو هو.
    سائين جي اوطاق تي وڻ وڻ جي ڪاٺي ماڻهوءَ اچي گڏ ٿيا هئا، سرڪاري آفيسر، پوليس وارا، پڙهيل ڳڙهيل اديب شاعر مطلب سائين جي دعا سلام، هٿ جوڙي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن سان هُئي.
    انهن سڀني ماڻهن ۾ هڪڙي ڳالهه اهڙي هئي جيڪا هُوبهوءَ هڪ جهڙي هئي مطلب ته سڀ جا سڀ شراب پيئندا هئا ۽ سائين کي ميزباني جو شرف به ان ڪري حاصل هو جو وٽس ڌن دولت جام هئي ۽ ماني ٽِڪيءَ تي خرچ ڪندو هو، باقي لڇڻ وارو خانو خالي هو.
    سائين جن جو هن وقت شهر جي “مهان لونڊي بازن” ۾ شمار ٿيندو هو. اچانڪ محفل ۾ گوڙ شروع ٿي ويو، دلاور خان جون گاريون محفل ۾ گونجڻ لڳيون. دلاور خان “فريد خان” جي ڳلي مان جهليو گارين جي ڌُم لايو بيٺو هو. ماڻهوءَ وچ ۾ پيا ٻنهي کي پوئتي هٽاين ته پريان کان دلاور خان هڪل ڪئي؛ “اڙي ڪنڃر تون منهنجي “سُهڻي” ۾ هٿ ڪيئن وِڌا؟، اهو سهڻو منهنجي عزت آهي!”.
    عزت واري ڳالهه تي فريد خان ٽهڪ ڏيندي گار ڏني ۽ چيو؛ “اڙي لونڊا تنهنجي ڪهڙي عزت!. تون اهو ساڳيو آهين نه جنهن تي ماڻهوءَ وڙهي مرندا هئا؟. تنهنجي مٿان اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا، تو ڪڏهن گهر جي ماني ڪونه کاڌي، لونڊي بازن جي گاڏين ۾ هميشه گُهمندو هُئين.... اڙي هينئر مُعتبر خان ٿو سڏائين اڃان ته سهي طرح شلوار به نٿو پائي سگهين!”.
    “فريد خان” هڪ ساهيءَ ڳالهايو پئي ۽ دلاور خان جو ڪچو چِٺو پئي پڙهي ٻُڌايئين، دلاور خان ڳالهيون ٻُڌي ڪنڌ هيٺ کڻي ڪيو ۽ مُڇون لڙڪي پيس.
    ***


    ويچارو غريب

    ويچارو غريب

    گهڻو ڪري هُو ڪڏهن ڪال گرلس وٽ ويندو نه هو پر اڄ سندس زال کي مائٽن ڏي وئي پندرنهن ڏينهن ٿي ويا هئا سو گهڻئي برداشت ڪيائين پر چوندا آهن نه مرد ۽ گهوڙو جهليو نه جهلجن. سو موبائيل مان ڪانٽيڪٽ جانچيندي هڪ پُراڻي واسطي واري “ڀڙوي” جو نمبر وڃي هٿ لڳس.
    فون ڪيائين ته “ڀڙوي” وڏي سِڪ مان ڳالهائيندي چيس؛ “جي سائين......... حاضر سائين... اجهو پهچو ته صفا وي آئي پي مال ٿو کارايان!”.
    هن به موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ جهاز وانگر اڏائيندو وڃي اڏي تي پهتو. ڀڙوو اڳي ئي انتظار ۾ بيٺو هو سو هن کي ڏسي پيلا ڏند ڪڍي سندس آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ وڏي قُرب سان اندر وٺي آيس. اُن وقت اُتي ٻه ٽي ڄڻيون موجود هيون، هن وٽ کيسي ۾ ٽوٽل پنج سئو موجود هئا سو هڪ تي هٿ رکي سئودو طيءَ ڪري اندر وڃڻ لڳو ته پويان کان ڀڙوو ڀڄندو آيو؛ “سائين صبر صبر...... توهان ٿورو ويهو!”.
    هن پريشاني ۾ جواب ڏنو؛ “ڇو؟، ڇا ٿيو!؟.”.
    “سائين اها ڇوڪري فلاڻي خان سان ويندي فارغ ٿي اچي ته پوءِ توهان وڃجئو!”.
    هن احتجاج ڪيو؛ “پر اها ته مون بُڪ ڪئي آهي پنج سئو به ايڊوانس ڏنا اٿم.”.
    ڀڙوي وڏي ادب سان جواب ڏنو؛ “سائين فلاڻي خان ان جا ٻارنهن سئو رپيا ڏنا آهن. اوهان وٽ ٻارنهن سئو هُجن ته اڳ ۾ وڃو.”.
    هي بارنهن سئو جي ڳالهه ٻُڌي ڀِت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو ۽ فلاڻي خان جي فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ***


    بريڪ اپ 

    اڄ ٻيو ڏينهن هو هُو مُسلسل ذهني عذاب ۽ پيڙاءُ مان پئي گُذريو. هي عام طور تي شراب جو ايترو شوقين نه هو پر ڪڏهن ڪڏهن دوستن سان پي وٺندو هو يا جڏهن حد کان وڌيڪ پريشان هوندو هو ته شراب پي وٺندو هو.
    اڄ هُن جي ذهني عذاب ۽ پيڙاءُ جو سبب هن جو پيار هو. هن زندگي ۾ صرف هڪ ئي ڇوڪري کي چاهيو هو. اُها هئي “ثانيه!”.
    هُوءَ سندس من مندر جي ڀڳوان هئي، هُوءَ جنهن جي مُرڪ سان سندس صُبح ٿيندو هو، هُوءَ جنهن جي “ٽهڪن” سان رات گُذرندي هئي. هُوءَ جنهن جون فون تي نل لکين “چُميون” هن جي انگ انگ تي ڪنهن پيراگراف جيئان لکيل هيون، هُوءَ جنهن سان هي بيحد گهڻو پيار ڪندو هو. هُوءَ جنهن سان هن دور ۾ به ڪڏهن هن جسماني لالچ يا رشتو نه رکيو هو.
    هُوءَ به هن کي بيحد گهڻو چاهيندي هئي. اڄ ڪئي سالن ۾ پهريون دفعو ائين ٿيو هو جو مسلسل ٻيو ڏينهن گذريو هو هُن جي ڪال نه آئي هئي. سندس انتظار ۾ تڙپيو پئي ۽ موبائيل اسڪرين ۾ اکيون کُپايو ويٺو هو.
    رات جا يارنهن ٿيا هئا، هن ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ تي نظر وڌي. عمومن رات جو ڏهه وڳي تائين هُن جي ڪال اچي ويندي هئس. هي اُداس سوچن ۾ گُم سُم ويٺو هو ته اچانڪ سندس موبائيل تي هڪ نئين نمبر تان ڪال اچڻ لڳي. هن ڪال اٽينڊ ڪري هيلو ڪيو ته پريان کان سُڏڪن جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيس.
    سُڏڪن جي وچ مان جهيڻي آواز ۾ “ثانيه” هيلو چيو؛ “علي ڪيئن آهين!؟”. هن جي اکين مان لُڙڪ قطار ڪري وهي نڪتا، هي به سُڏڪي پيو. “ثانيه” چيو؛ “علي هاڻ پاڻ نٿا ڳالهائي سگهون، منهنجي گهر وارن کي خبر پئجي وئي آهي پليز مون کي معاف ڪجان!”. هُوءَ مسلسل سُڏڪي رهي هئي.
    “علي” صرف ايترو چئي سگهيو؛ “ثانيه...... توکي هر ڳالهه معاف آهي آئون هميشه توسان پيار ڪندو رهندس!”. ڪال ڪٽجي وئي علي جو ذهني عذاب اڃان وڌي ويو. ٻاهر ڳليءَ ۾ نڪري آيو شراب جي طلب ٿيڻ لڳس پر رات جا ساڍا يارنهن ٿيا هئا سوچيائين؛ “ان وقت اسٽور به بند هوندا.........
    وري موبائيل کڻي غمگين سونگ ٻُڌڻ چاهيائين پر نيٽ پئڪيج نه هئس. هڪ وڏي آهه سان گڏ سُڏڪو ڀري رستي تي پيل پٿر کي ٿُڏو هڻندي سوچيائين؛ “غريبن جا عشق به بريڪ اپ جو شڪار ٿيو وڃن!”.
    ***


    وڏو ماڻهو

    وڏو ماڻهو

    هي اُن وقت جي ڳالهه آهي جڏهن تون قميص هيٺان شلوار نه پائيندو هُئين. توکي جوڳين جي ڪُتن ڊوڙايو هو ۽ اچي مُنهن ڪري ڀڳو هُئين. چاچو چِڀڙ اياز صاحب کي پُراڻيون يادگيريون ٻُڌائي رهيو هو.
    اياز صاحب مُلڪ جي وڏي هاڪ واري اداري ۾ سترهين گريڊ جو آفيسر هو. اياز صاحب؛ “چاچا چِڀڙ توهان به نه هاڻ آئون وڏو آفيسر ٿي ويو آهيان، هاڻ ٻه گاڏيون منهنجي پروٽوڪول ۾ هلنديون آهن. ماڻهوءَ مون سان ملڻ لاءِ انتظار ڪندا آهن!”.
    چاچو چِڀڙ کلندي؛ “هههه هههه هههه.... “ايُو” ياد اٿئي پاڙي ۾ باگڙي رهندا هئا جن جي گڏهه تي تون چڙهيو هُئين!”.
    چاچو وري کلندي؛ “۽ گڏهه مٿان ڪري ڪيرايو هئيي جو ٻه ڏينهن کٽ تي پيل هُئين”.
    اياز صاحب مُنهن ڦٽائيندي؛ “چاچا مون سان دوست گڏ آهن ڪُجهه ته خيال ڪر!”.
    چاچو چِڀڙ سڀني دوستن سان عليڪ سليڪ ڪري وري؛ “ايو..... سُوٽ بُوٽ پائي هاڻ ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين پر هُوءَ پاڙي واري ڇوريءَ “انبڙي” توکي اڄ به ياد ڪري ٿي جنهن جي عشق ۾ تون وڃي هر سومر تي سائين “گيدوڙي فقير” جون مٽيون ڀريندو هُئين!”.
    اياز صاحب جا قصا چاچي چِڀڙ واتان ٻُڌي سندس سڀ دوست کلڻ لڳا ۽ اياز صاحب ڪاوڙ ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندو گهر ڏي نڪري ويو.
    ***


    خاڪ وارو مُرشد

    خاڪ وارو مُرشد

    سائين جن پڙهيل ڳڙهيل پرائمري ماستر هيا. سڄي عمر اسڪول ۾ ڪتاب کڻي ٻارن کي ته اکر به ڪونه پڙهايئين پر سياست ۾ ڀڙُ هيا. اصل رئيس خميسي خان جو سڄو وزن سندن ڪُلهن تي کنيل هوندو هو. تر ۾ پاڻ عقل جا اڪابر ليکبا هئا.
    اڄ سندن وڏي نياڻي جي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي، پاڻ نياڻي کي کڻائي پاڙي جي عطائي ڊاڪٽر ڏي ويا، جنهن بغير ليبل واري ڳاڙهي ۽ سائي شيشي مان هڪ هڪ سُئي هڻي چيو؛ “الله ڪندو ڇوڪري ٺيڪ ٿي ويندي”.
    گهر پهتا ته ڇوڪري جي طبيعت اڃان به وڌيڪ خراب ٿي پئي، ماستر ويچاري وڏا حيلا وسيلا ڪيا، علائقي جي سڀني عطائي ڊاڪٽرن کي نياڻي جي طبيعت ڏيکاري پر ڇوڪري ٺيڪ نه پئي ٿئي. ڪنهن ڏس ڏنو ته وڃي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪريو جنهن تي ماستر راضي ڪونه ٿيو.
    هِتان هُتان پُڇائون ڪري ڌاڳا ڦيڻا ڪرائي ڪرائي ماستر ٿڪي پيو هو، هڪ ڏينهن سندس پُراڻو جگري يا الُو چور رستي ويندي ملي ويس، تنهن سان ڪچهري ڪندي سڄي حقيقت ڪيائين ته الُو يڪدم رڙ ڪئي؛ “اڙي اها به ڪا ڳالهه آهي!، مُرشد فقير “خاڪ وارو بابا” ويٺو آهي نه جنهن جي تڪئي جي خاڪ جي چِپٽيءَ پاڻي ۾ وجهي پيئڻ سان سڀ مسئلا بيماريون ختم ٿي وڃن ٿيون”.
    ماستر الُو کي چيو؛ ،بس اڄوڪي رات رهي پئو صبح جو مون کي به گڏ وٺيو هلجان!”. الُو به ماستر جو جگري يار هو سو رهي پيو.
    صبح ٿيو الُو، ماستر ۽ سندس نياڻي کي وٺي اچي مُرشد خاڪ واري بابا جي تڪئي تي پهتو. بابا صبح ساڻ ئي چِلم جي نشي ۾ ٽُن لڳو پيو هو، ڏسڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪئي مهينن کان وهنتو نه هجي، پاسي ۾ بيهڻ سان چرس جي ڌپ دماغ تي چڙهيو پئي وئي. ڇوڪري کي ڏسي مُرشد سائين جي اکين ۾ عجيب چمڪ اچي وئي.
    ماستر مُرشد جي پيرن تي هٿ رکي ويهي رهيو ۽ ايلاز منٿون ڪرڻ لڳو؛ “سائين منهنجي نياڻي بچائي ڏيو، سائين مون تي رحم ڪريو!”.
    سائين اکيون مٿي ڪري مٿو لوڏيو ته مِٽيءَ جو اڌ ڪلو اچي ماستر جر مٿان ڪريو، سائين چيو؛ “ماستر تنهنجي ڇوڪري کي جِن آهي!”، ۽ الُو کي هڪل ڪيائين؛ “سامهون وڃي دُهين مان“خاڪ” جي مُٺ ڀري اچ.”.
    الُو خاڪ جي مُٺ ڀري آيو، خاڪ سڄي چِلم مان سڙي نڪتل تماڪ واري هئي، مرشد گلاس پاڻي ۾ خاڪ ملائي پڙهائي ڪري ڏني ۽ چيو هاڻ ڇوڪري کي پياريو.
    خاڪ پي في الحال ته ڇوڪريءَ جو ساهه ئي بند ٿي ويو ۽ وڏي مُشڪل سان سامت ۾ آئي، ماستر سائين جي پيرن تي هٿ رکي موڪلايو، خاڪ وارو سائين وري چِلم جي سُوٽ ڀري چِلم جي نشي ۾ گُم ٿي ويو.
    ***


    ٻي شادي

    ٻي شادي

    چاچو مولو اڄ ڪاوڙ ۾ صفا بِر لڳو پيو هو، سُڪو ويچاري کي ورائي ورائي پئي گاريون ڏنائين.
    سُڪو چاچي کي آخر ڪري به ته ڇا ڪري!، چاچو؛ “اڙي نڀاڳئو لڇڻ ڪريو لڇڻ... قاسو وانگر پنهنجو مُنهن ڪارو نه ڪجئو”. سُڪو؛ “چاچا قاسو ويچاري ڀلا ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ٻي شادي ته ڪئي اٿئين جهاز ته ڪونه ڪيرايو اٿئين!. اهو ته پاڻ وٽ رواج آهي، چاچا تنهنجون ٽي زالون آهن، رئيس وڏي جون چار شاديون آهن، الڻ جون ٻه آهن، خميسي جون ٽي آهن، آچو ٻه ڪيو ويٺو آهي ٽين ونواهه ويٺي اٿس پاڻ ته ايتريون شاديون ڪيون اٿئو باقي قاسو تي گار جي لرڙي پئي ٿي پوي آخر هُن ويچاري ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي؟. هُو ته وڏڙن جي رسم پيو نِڀائي ڇو اچي هُن غريب جي پُٺيان پيا آهيو!”.
    چاچي کنگهندي ڳلو صاف ڪيو؛ “اڙي پِٽيا توکي به قاسوءَ جو واءُ لڳو آهي، اڙي ڇورا تون به هٿن مان وئين، مون ته اڳ ئي قاسو واري پيءُ مرحيات خاڪو کي پيشن گوئي ڪري ٻُڌايو هو ته تو وارو ڇورو شهر پڙهي ڳوٺ کي به خراب ڪندو ۽ اِجهو اها پيشن گوئي سچ ثابت ٿي تون به رڱجي وئين نه قاسو جي رنگ ۾!”.
    پريان کان رئيس به کنگهڪارون ڪندو گاريون ڏيندو پئي آيو، اچڻ شرط اچي رئيس به سڪو تي ڪڙڪيو؛ “اڙي سڪو تو وارو يار قاسو ڪٿي آ؟”.
    سڪو؛ “رئيس مون کي ناهي مليو”.
    رئيس؛ “توکي سڀ خبر آ تون به مليل آهين”. سڪو رئيس ۽ چاچي جي اڳيان هٿ ٻڌندي؛ “چاچا سائين رئيس آخر قاسو اهڙو ڇا ڪيو آهي جو اوهان ممڻ مچائي ڇڏيو آهي؟”.
    رئيس؛ “اڙي ڇورا قاسو وڏو گند ڪيو آهي شهر مان پڙهيل منڊم پرڻجي آيو آهي، هاڻ ته تنهنجي چوٿين جيجان به چئي ٿي ٻار تو وٽ گنج آهن ٻار بند ٿي ڪرايان ۽ ڇوڪري کي به پڙهائينديس. اها منڊم اسان جي ڳوٺ جي ماين کي کاري ڇڏيندي. قاسو پڙهيل لکيل منڊم سان شادي ڪري اسان جون سُڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي. منڊم چئي ٿي هاڻ ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال ٺهندي، ڇوڪريون پڙهنديون، ڏس ڪيترو ڪُفر پئي ڪري نياڻي ذات به ڪڏهن پڙهي!؟. اڙي تون قاسو جو دوست آهين سمجهائينس ته ان منڊم کي واپس شهر ڇڏي اچي نه ته اسان سڀ گڏجي کيس ڳوٺ نيڪالي ڏئي ڇڏينداسين”.
    سڪو ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه سوچڻ لڳو پوءِ رڙ ڪري چيائين؛ “چاچا آئون قاسم سان گڏ آهيان، اڄ اهو وچن ٿو ڪريان ته ان منڊم جو ڀرپور ساٿ ڏيندس ۽ آئون به پڙهيل لکيل مائي سان شادي ڪري سڀني ڳوٺ جي ڇوڪرين کي پڙهائيندس!”.
    ***


    مُڙس ۽ آلو

    مُڙس ۽ آلو

    مٽن جو پيس کڻندي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي، دوست کي چيائين؛ واهه يار اڄ ته دعوت مزي واري آهي، مٽن ٽيسٽي ٺهيل آهي ۽ مڇيءَ جا پڪوڙا به ڪلاس جا آهن، روسٽ هائي مٺي گُليدي اڄ ته اصل ڍئو ڪري کائبو!”.
    هي جسم ۾ سنهڙو هو پر کاڌي سان ائين وير وجهي کائيندو هو جيئن “هِٽلر” جو يهودين سان وير هو. اڪيلو مُڙس هڙئي کاڌن جي هڪ هڪ پليٽ ڳڙڪائي ويو!. اوڳرائي ڏيندي دوست کي چيائين، “يار هاڻ بس مڙئي چکيوسين وري ٻئي واري ڏسبو!”.
    دوست مُنهن ۾ تڪڻ لڳس چيائينس، “ظالم سُڪل سانڊو لڳو پيو آهين تڏهن به ڏهه ماڻهن جي ماني کاڌي اٿئي اڃان وري کائيندي؟. شرم ڪر کاڌي پُٺيان مرندين!!”.
    “هههه هههه هههه........ هي به ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.
    ٻئي دعوت مان فارغ ٿي گهر پهتا، شام جو دوست ميسيج ڪيس، “ڏي خبر رات واري دعوت تي هلبو؟”.
    هن چيو، “ها ها يار بلڪل ضرور هلبو، هاڻ ته گهر جي ماني ئي نٿي وڻي تون تيار ٿي آئون اچان ٿو”.
    زال چيس، “ننڍڙي جو کير ختم ٿي ويو آهي وٺي اچجان!”. هن مُنهن خراب ڪندي جواب ڏنو، “روز روز ڪيئن ٿو ختم ٿئي؟”.
    زال وري چيس، “رات لاءِ ڀاڄي به ڪونهي!”.
    هي مُنهن ٺاهي ٻاهر نڪتو ۽ ننڍڙي لاءِ کير ۽ زال لاءِ “آلو” وٺي آيو. زال چيس، “تون آلو کائين ڪونه پوءِ ڇو وٺي آئين؟”.
    هن ڏند ڪڍندي چيس، “اهي “آلو” تنهنجي لاءِ آهن ٻيو تنهنجي لاءِ وري فائيو اسٽار هوٽل مان کاڌو ٺهرائي اچان ڇا!!؟؟”.
    ***


    حاڪم 

    هُو نه ته ڪنهن رياست جو حاڪم هو نه وري سچ ۾ سندس ڪنهن ملڪ تي حڪومت هئي پر پوءِ به هُو حاڪم هو ۽ رياست اندر رياست قائم ڪري ويٺل هو. سندس دهشت مشهور هئي، سندس نالو ٻڌي ڏوهاري ٽهڪ ڏئي کلندا هئا، باقي شريف ماڻهن جو پيشاب نڪري ويندو هو.
    هُو بد مست هاٿي “پوليس آفيسر” هو، تازو سندس بدلي سي آئي سينٽر ۾ ٿي هئي. سندس نظر ڳوٺ جي هر ان ماڻهو تي هئي جنهن وٽ ٻه رپيا هئا.
    هن جو طريقه واردات اهو هو ته پهريان پنهنجن وانٺن کان جانچ ڪرائيندو هو ته ڪنهن وٽ ڪيترو پئسو آهي، پوءِ ان ماڻهو کي بغير ڪيس جي کڻي داٻا ڌمڪيون ڏئي پئسا وصول ڪندو هو.
    شهمير ٽريڪٽر هلائيندو هو، سندس چار ٽريڪٽر هئا، پئسي ڏوڪڙ جي حساب سان تمام گهڻو سُکيو ستابو هو، هڪ رات جيئن ٻنيءَ تان واپس پئي آيو ته سامهون کان ٻه پوليس موبائلن تي سوار پوليس گهيرو ڪري روڪي ورتس.
    هن رڙيون ڪيون ته بابا آئون ٻنيءَ تان هر کيڙي واپس پيو اچان، آئون شريف ماڻهو آهيان پر صاحب ته اڳي ئي پري پلاننگ سان گهيرو ڪيو هو سو کڻي اچي جهنگ ۾ ٺهيل اوطاق ۾ بند ڪيائينس ته هُن اتي به رڙيون ڪيون، جنهن تي آفيسر سخت تشدد ڪندي چيس، “ته تو خون ڪيو آهي!”.
    هي رڙيون ڪندو روئندو رهيو ته، “سائين مون ڪڏهن مک به ڪونهي ماري!”، پر صاحب تشدد ڪندو رهيو، جڏهن ٿڪي پيو ته سپاهين کي چيائين، “هن جون اکيون ٻڌو”.
    سپاهين هن جون اکيون ٻڌيون ۽ هن کي کڻي اچي جهنگ ۾ بيهارين.
    صاحب حُڪم ڪيو ته، “هن کي “اِنڪائونٽر” ڪيو!”.
    هن رائيفل چيمبر ٿيڻ جو آواز ٻُڌو ته ڊِڄ سبب ڪري پيو ۽ روئڻ لڳو. صاحب کي منٿ ڪندي چيائين، “سائين جيڪو کپي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان منهنجي جان بخش ڪريو!”.
    صاحب وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ وڏي آواز سان هڪل ڪيائين، “اڙي ڇورا.... اکيون کوليوس ڪم ٿي ويو.........
    ***


    رنڊي

    شلوار پائڻ مهل هُن هڪ پل لاءِ پنهنجي گراهڪ کي ڏٺو هو باقي ان کان پهريان ته هُوءَ اُگهاڙي ٿي اکيون پوري ليٽي پئي هئي ۽ گراهڪ جا مضبوط هٿ مسلسل سندس اُرهه پٽي رهيا هئا ۽ سندس چپ چهري تي گِگون ڳاڙي رهيا هئس.
    هُن جون ٽنگون اڻڄاڻ گراهڪ بي دردي سان کولي پنهنجي چيلهه وٽ ٻانهن جي مدد سان سختي سان قابوءَ ڪري ورتيون هيون، هاڻ هي ڦٿڪڻ ته ٺهيو پر چُري به نه پئي سگهي.
    هُو کيس سختي سان عذاب مسلسل ڏئي رهيو هو. هڪ پل ته هيءَ صفا برداشت وڃائي ويٺي هئي ۽ رڙيون ڪرڻ چاهيائين پئي پر وري پوءِ پنهنجي وات ۾ “رئو” وجهي سُور اندر ۾ پي وئي هئي!.
    سوچيائين، “اگر هي گراهڪ به ويو ته پوءِ اڄ به “لنگهڻ” ڪاٽڻو پوندو!”.
    شلوار پائڻ مهل هُن سندس چهرو هڪ پل لاءِ ڏٺو هو اُن وقت هُو کيس وحشي جانور پئي لڳو، ائين پئي ڀائنيائين، “ڄڻ جسم تي ڪنهن ڇِتي ڪُتي چڪ پاتا هُجنس ۽ ٽنگن وچ مان الله پاران ڏنل اهو گوشت جو ٽُڪر جنهن عورت ذات کي مرد جي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي اهو غائب هُجي ۽ هُو چڪ هڻي پٽي کائي ويو هُجي!”.
    هُن کي اڄ پنهنجي وجود کان ڪراهت محسوس پئي ٿي، ڀائنيائين پئي ته پيٽ جي بُک اُجهائڻ خاطر سندس ٽنگون هميشه لاءِ مٿي رهڻيون آهن ۽ هن کي هميشه لاءِ بُکين “ڪُتن” جو کاڄ ٿيڻو آهي!.
    ***


    شانتي

    شانتي

    صبح ساڻ سُوٽيڊ بُوٽيڊ ٿيو صاحب “ڪورٽ سڳوري” لاءِ نڪتو. ڀلو جوتو، ڀلي ٽاءِ ڪنڌ ۾ ٽنگيل، مُڇون تيل سان تر وٽيل علي سوچيو، “صاحب جي ته وڏي لئي آهي اصل گري گنجي تي ته اک ئي نٿي ٻُڏيس!”.
    وڌي وڃي مليس هُن به ڏند ڪڍي کيڪار ڪيس، علي حال احوال ڪندي پُڇيس، “ٻيو ڀلا ڏي خبر “شانتي” آهي، سُڪون آهي!؟”.
    علي ڏي نهاريندي وڏي آهه ڀريائين ۽ چيائين، “اڙي يار علي تون به نه ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين!، مون واري زندگي ۾ “شانتي” رڳو پهرين ڪلاس ۾ هئي جڏهن پاڙي واري “شانتي” گڏ پڙهندي هئي............ هاڻ ته رڳو “اٽو، دال، چانور، پيمپر ۽ بِل آهن!!!”.
    ***


    پردو

    پردو

    “او مُئي نڀاڳي عاشُو مٿي تي پوتي پاءِ ۽ ڪا قميص ڊگهي پائي کڻي پاسن مان سڄي چيلهه پئي ڏسجئي!”.
    “اڙي نڀاڳي نياڻي ذات آهين ڪُجهه ابن ڏاڏن ۽ پِڻهين جي عزت جو خيال ڪر!”، پوڙهي صفوران عاشي کي زور سان سڏ به ڪيا پئي ته دڙڪا به ڏنا پئي.
    عاشي، “امان ڇا ٿيو آ ڀلا؟ ڇو ڳلو ڦاڙي رڙيون پئي ڪرين؟. ڪير ڪونه ٿو کائي مون کي.”.
    صفوران، “ائي ڇوري نڀاڳي توکي ڪهڙي خبر تون ته اڃان معصوم آهين هتي ماڻهو جانورن مان ڪونه مُڙن تون ته سُهڻي سيبتي ڇوڪري آهين!”.
    عاشي، “پر امان ماڻهو ڀلا ائين ڇو ٿا ڪن؟”.
    “ائي ڇوري هُو مڙد آهن اُهي ته ائين ڪندا نه!. عورت جي مٿان فرض آهي ته هُوءَ پردو ڪري، پنهنجي پاڻ کي لڪائي هلي”.
    عاشي، “امان عورت به ته انسان آهي نه اها پردو ڪري هلي سگهي ٿي ته پوءِ ائين به ٿي سگهي ٿو ته عورت مرد کي ڏسي ان جي سونهن ۽ ڪشش کان متاثر ٿي لنئون لڳائي گُناهه جو رشتو جوڙي ڇڏي ته پوءِ!؟؟. امان مرد کي به ته عورت کان پردو ڪرڻ کپي نه؟. جيئن عورت جي دل ۾ خراب خيال پئدا نه ٿين!”.
    صفوران، “ائي ڇوري اجايو مٿو نه کاءُ هاڻ ائين کڻي سمجهه ته مرد اهو “سان ڍڳو” آهي جيڪو جل پيو چري ۽ عورت پيرن هيٺيان لتاڙيل گاهه مثل آهي جيڪو “سان” لتاڙي پيو”.
    ***


    خُدا جي ڳولها

    خُدا جي ڳولها

    هُن جي مٿي ۾ اڇا پئجي ويا هئا، گوڏن ۾ به سُور رهڻ لڳو هئس، سهڪي جي بيماري به اچي ديرو ڄمايو هو مٿان کنگهه الڳ سُور ڏنا هئس. هي ويچارو جيڪو ماني ڳڀي لاءِ پريشان هو سو علاج ڀلا ڪٿان ڪرائي ها سو سڀ واٽون جڏهن وڃائجي ويس ۽ ڪو رستو نه ڀائنيائين ته تسبيح کڻي وڃي الله الله ڪرڻ لڳو.
    سوچيائين، “زندگي ته مزدوري ڪندي سُور سهندي گُذري وئي هاڻ “خُدا” کي ڳولي لهان ته بس لک ڪمايم!”. اڄ سندس ڳولها جي شروعات هئي، پاڻ مسجد ۾ داخل ٿيو هو، اندر اچي مولوي صاحب جي مُصلي پُٺيان واري نُک تي چڙهي ويٺو ته جيئن سهي طرح بيان ٻُڌي ۽ سِکي سگهي ۽ الله جي ڳولها جو ڪو رستو لهي سگهي!.
    مسجد ۾ سڀ پاڙي وارا گڏ ٿيندا پئي ويا اڄ جُمعي جو ڏينهن هو ان ڪري ماڻهن جو تعداد گهڻائي ۾ هو، سوچيندي، “ماڻهو به عجيب آهي الله کي رڳو جمعي جي ڏينهن سجدو ڪرڻ ۽ ڳولهڻ ٿا اچن”، مولوي صاحب واعظ شروع ڪيو ته امريڪا کان ٿيندو اسرائيل تي ڪاوڙ لاهيندو اچي انڊيا تي دنگ ڪيائين. هي ويچارو جيڪو الله کي سجدو ڪرڻ ۽ الله جي ڳولها ڪرڻ آيو هو ان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مُلان آخر الله جي ڳالهه ڪرڻ بدران رڳو ويٺو ٻين ڌارين مُلڪن جي ماڻهن کي گاريون ڏئي ائين ڇو آهي!؟
    کيس سمجهه ۾ نه آيو انتظار ڪيائين ته من مولوي صاحب ڪا ڪم واري ڳالهه چئي پر سندس انتظار انتظار ئي رهيو ۽ مولوي خطبو پڙهي نماز پڙهائڻ شروع ڪئي، نماز ختم ٿي ته مولوي صاحب اعلان ڪيو، “مومن مسلمانو..... توهان جي اکين اڳيان الله جو گهر زير تعمير آهي، توهان کي الله رب العزت اجر ڏيندو ۽ اوهان کي جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائيندو، توهان وڌ کان وڌ مسجد شريف لاءِ چندو ڏيو”.
    مولوي صاحب ڳالهائيندو پئي ويو ۽ گڏ گڏ پيٽ تي به هٿ پئي ڦيرايائين، هن سوچيو، “جڏهن آئون ننڍو هئس تڏهن کان هي مسجد زير تعمير آهي اڃان تائين اها مسجد الله جو گهر اهو مُلان مڪمل ناهي ڪري سگهيو ته ان پُٺيان مون کي الله ڪٿان ملندو ۽ پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندو الله الله ڪندو مسجد مان نڪري ويو......
    ***


    بُرقعو

    بُرقعو

    “يار نِدا تون هيڏي خوبصورت آهين پوءِ به پنهنجي پاڻ کي ان ڪاري پيپسي بوتل جهڙي بُرقعي ۾ بند ڪيو ويٺي آهين ڇو يار؟”.
    ثمينه، “يار تون به نه ڪڏهن ڪڏهن جاهلن واريون ڳالهيون ڪندي آهين، تون کڻي ٻُڌائي هن سماج ۾ ڇوڪري لاءِ ٻاهر اُٿڻ ويهڻ ڪيڏو ڏُکيو آهي!”.
    “ثمينه پر يار پاڻ هنن مردن جي ڪري پنهنجي پاڻ کي ڇو لڪايون؟”.
    “ثمي تون به نه يار حد ٿي ڪرين اسان جڏهن گهر کان نڪرون ٿيون ته اُتي ڳليءَ ۾ ڪئي نظرون اسان جي جسم جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ آتيون هونديون آهن وري گاڏيءَ ۾ چڙهندي ڊرائيور کان وٺي هر مرد جي نظر اسان ۾ ائين هوندي آهي جو لڳندو آهي اجهو ٿا کائين ۽ ان وقت دل چوندي آهي هلندڙ گاڏي مان ٽِپ ڏئي هن “بڪواس” ڪوڙي سوسائٽي مان جان ڇڏائجي، ان کان پوءِ اسين جڏهن اسڪول ڪاليج يا ڪم واري آفيس پهچون ٿيون ته ڪئي “مجنون” دل تريءَ تي کنيو بيٺا هوندا آهن ڪي ته وري بيغيرت انتها جي ڪميڻائپ سان ساهه ئي سُڪايو ڇڏين!”.
    “يار ثمي تون ئي ٻُڌائي هيڏي وڏي “تنبوءَ” جهڙي ڪاري “بُرقعي” مان ئي ماڻهو کائڻ واري نظرن سان ٿا ڏسن ته اهو برقعو نه پايون ته ڪڏهوڪو انهن “سماجي بگهڙن” جي وحشي پڻي جو شڪار ٿي وڃي مِٽيءَ ۾ دفن ٿيون!”.
    “نِدا يار ڳالهيون ته تنهنجون به سهي آهن پر هن سماج جي “گندي” ذهنيت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو يار!”.
    “ثمي ڇڏ کڻي يار پردو ته دين ۾ به آهي”.
    “ندا حد آ دين ۾ عورت کي پردو ڪرڻ جو چيل آهي مرد ڀلي ڪانچ “گوڏن” تائين پايو وتي ان ۾ اوگهڙ ڪونهي، انهن کي برقعو ڪير پارائي ههه ههه ههه....
    “يار تون به نه.......
    “مرد “سُڌريل جانور” آهي کيس سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت آهي باقي پاڻ وارو حُسن ان تنبوءَ جهڙي “بُرقعي” پُٺيان هميشه لڪيل رهندو!”.
    ٭٭٭


    مُلان جو دين

    مُلان جو دين

    “اڙي ڇورا هوشوءَ تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي ڇا؟”.
    “ڇو مُلان ڇا ٿيو؟”.
    “اڙي تون نماز نٿو پڙهڻ اچين؟”.
    هوشوءَ، “مُلان اهو منهنجو ۽ الله جو مسئلو آهي پاڻهين ئي ايندس!”.
    مُلان، “اڙي بشني..... بابهين جي باشاهي آهي جو پنهنجو مسئلو اٿئي؟. اگر نماز تي نه ايندين ته فتوى ڏيندوسانءِ ته هوشو ڪافر آهي”. مُلان، “اڙي وڪي ٻُڌو آهي تنهنجا پر نڪري آيا آهن؟”.
    وڪي، “ڇو مولوي صاحب ڇا ٿيو؟”.
    مُلان، “ٻُڌم ته تو وارو ابو مسجد لاءِ لک روپيا پيو ڏئي تو منع ڪئي آهي ڏيڻ کان!”.
    وڪي، “هائو ته ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي حق حلال جي ڪمائي آهي ڇو ڏيون؟”.
    مُلان ڪاوڙ ۾، “اڙي ٻِليءَ مُهانڊا اگر نه ٻئي دفعي اسان جي وچ ۾ آئين ته پنج ڇورا گُهرائي اکيون ڪڍي ڇڏيندوسانءِ ۽ پوءِ ڪُفر جي فتوى ڏيندوسانءِ!”. مُلان، “اڙي علي ٻُڌو آهي تون غير مسلم ڪافرن جي مارجڻ خلاف احتجاج ڪرڻ ويو هُئين؟”.
    علي، “ها مولوي ويو هئس پر ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي هُو سڀ انسان آهن”.
    مولوي، “اڙي چُپ ڪر بڪواس بند ڪر. اڄ کان اڳتي ڏٺومانءِ ته فتوى لڳائي ٽنگائي ڇڏيندس، اڙي وشنو جي..........
    “جي مولوي شاحب جي شائين.........
    “تو ڪلهه اوڌر تان منهنجي پُٽ کي ڇِڙٻ ڏني هُئي ۽ ٽيو ڏينهن قرض جي پرچي ٺاهي گهر موڪلي هئي دماغ خراب ٿي ويو اٿئي ڇا؟”.
    وشنو، “شائين اوهان ڏي لک رپيا اوڌر ٿي وئي آهي شائين غريب ماڻهو آهيان ان ڪري چيم”.
    مولوي، “اڙي ڪُتا هندو ڪافر اگر اڳتي پئسا گهرئيي نه ته توهين مذهب جي فتوى ڏئي جيئرو باهه ۾ ساڙائي ڇڏيندوسانءِ!”.
    ڳليءَ ۾ شور هو سڀ علي جي گهر ٻاهران گڏ ٿيل هئا، مولوي صاحب جي هٿ ۾ وڏو ڏنڊو هو ۽ ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ به لٺيون ڪهاڙيون هيون، ٻه ڪلاڪ پهريان مولوي صاحب، “پاڙي جي ناٿي ڀنگياڻي سان ڪارو مُنهن پئي ڪيو جيڪو علي ڏسي ورتو هو ان تي علي مولوي کي چيو ته آئون اجهو ٿو ڳوٺ وارن کي ٻُڌايان ۽ توکي ڳوٺ مان ڪڍرايان ٿو”.
    ٺيڪ پنج منٽ کان پوءِ مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان آواز گونجيو، “جيڪو مولوي صاهب جو هو ڳوٺ وارئو غور سان منهنجي ڳالهه ٻُڌو....... پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مُنڪر پئدا ٿيو آهي جيڪو توهين مذهب ڪري ٿو، گستاخ آهي سڄو ڏينهن موبائيل تي اسان ديني ماڻهن خلاف لکي ٿو ان جو نالو وٺندي مون کي شرم اچي ٿو، مون کي انتهائي گهڻي ڪاوڙ آهي، رب العزت توفيق عطا فرمائي ته آئون ان کي پاڻ پنهنجي هٿن سان ماريان اهو منڪر “علي” آهي”.
    علي جي گهر جو دروازو اندر کان بند هو، ڳوٺ وارا بدستور گونگا ٻوڙا ٿيو مذهب جي بچاءَ لاءِ منڪر کي مارڻ خاطر لٺيون ڪهاڙيون بندوقون کنيو مُلان جي اڳواڻي ۾ علي جي گهر ٻاهران بيٺل هئا. مُلان جي دين ۾ علي لاءِ فتوى اچي چُڪي هئي، علي واجب القتل هو!!.
    ***


    شرابي ڪُتو

    شرابي ڪُتو

    ڪچهري هلندي رهي جام کُلندا رهيا. پيگ مٿان پيگ اصُل بوتلن جو اُٺ خالي ٿي ويو!. سنگت جون ڪچهريون، حُجتون، مستيون وڌنديون ويون تان جو اچي اڌ رات کُٽي. ميزبان دوست سڀني کي ماني جي لاءِ سڏيو، هرڪو ٿِڙندو ٿاٻڙندو ماني جي لاءِ اٿيو. سڀ اچي ماني جي چئوڌاري گڏ ٿيا.
    ماني جي شروعات ٿي ته اڪثر دوست نشي جي ان سطح تي هئا جو کين کاڌي جي ذائقي جي به خبر ڪونه پئي. پريان کان انيل هڪل ڪئي، “ابا هي گائي ماتا جو گوشت آهي آئون ڪونه کائيندس!”، ته هُن پاسي کان علي هڪل ڪئي، “هي مٽن ٽيسٽي اٿئو اهو کائو”.
    هُن وشنو ته دهي ۾ ماني ڀوري ويٺي کاڌي، هيڏانهن ذُلفي پورو ٻوڙ جو ڏونگهو گوڏن تي رکيو ويٺو هو ان وچ ۾ ميزبان ٿورو هوش ۾ اچي چُڪو هو ۽ وچ ۾ رڙ ڪيائين، “اڙي نڀاڳئو هي ڳئون ماتا ۽ ٻڪري جو گوشت ڪٿان آيو هي ته فارمي ڪُڪڙي آهي!”.
    سڀ نشن ۾ هوندي به ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کليا. ماني پوري ٿي ته ميزبان سڀني کي چيو، “ابا ڪير به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪري سڀني جي رهڻ جو بندوبست آهي”.
    پر علي ۽ انيل زبردستي نڪري ويا. انيل موٽرسائيڪل هلائي پئي، ٻئي ڪچهريون ڪندا ويا پئي، موٽرسائيڪل به ڪڏهن روڊ جي هُن پاسي ته ڪڏهن هِن پاسي اچانڪ خبر ئي نه پين ته موٽرسائيڪل ڪيئن سِلپ ٿي ڪري پئي ۽ ٻئي اُڇلجي اچي روڊ تي ڪريا.
    علي جيڪو پُٺيان ويٺل هو اُن پاڻ اُٿڻ کانپوءِ انيل کي به اٿاريو ۽ اٿارڻ سان گار ڏيندي چيائينس، “اڙي انڌا سڌي روڊ تي ڪيئن اچي ڪيرايو اٿئي ته انيل معصوميت سان جواب ڏنو آئون ڇا ڪريان “ڪُتو” اڳيان اچي ويو!”.
    علي، “اڙي ته پوءِ ان ڪُتي کان بچائين ها نه ڇو اچي سڌو هنئيي!”.
    انيل وري نشي جي خُمارن ۾ جواب ڏنو، “آئون ڇا ڪريان نڀاڳو “ڪُتو” نشي ۾ هو سامهون اچي ويو............ علي حالت آ اڄڪلهه ته خبر ئي نٿي پوي ڪُتا به نشي ۾ ڌُت ٿيو روڊن تي پيا ڦِرن!.”
    ***


    ڀاڙيو

    ڀاڙيو

    ههه ههه ههه ههه ههه
    هُوءَ پنهنجي مُنهن وڏا ٽهڪ ڏئي کلي رهيو هو. رستي تان ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کيس رحم ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هئا ته ڪي وري حقارت واري نظر سان پر هُن تي ڪوبه اثر نه پئي پيو هو لڳاتار ٽهڪ ڏئي کلي رهيو هو.
    هُن جا ٽهڪ اچانڪ لُڙڪن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هُو زور زور سان دانهون ڪري روئڻ لڳو. هڪ دفعو ٻيهر ماڻهن جو ڌيان هن جي طرف ويو، وري ڪي ماڻهوءَ کيس رحم جي نظر سان ڏسڻ لڳا ته ڪي وري حقارت سان!!.
    روئندي روئندي هُو اچانڪ ماٺ ٿي ويو ۽ زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، “ها مان “ڀاڙيو” آهيان، مان ڀاڙيو آهيان مون منجهه همٿ ذري به ناهي جو مان پنهنجي سُڪل سِنڌو جي سينڌ سنواري سگهان ها مان ڀاڙيو آهيان ڇو ته مان رڳو حوال ڪندو آهيان، مان رڳو “ف ، ب” تي قواليون ڳائيندو آهيان، ها رڳو وڏا ليک لکندو آهيان، ها مان ڀاڙيو آهيان، مون منجهه وڙهڻ جي قُوت موجود هوندي به مان “خوف ۽ لالچ” جي گهري چادر اوڍي سُمهي پيو آهيان، ها مان ڀاڙيو آهيان ها مان ڀاڙيو آهيان........
    ***


    ڪافرياڻي

    ڪافرياڻي

    هُن جي هلڻ ۾ هرڻي وار چال هُئي. هُن جو جسم جوانيءَ جي مستيءَ سان ڀريل هو. هُوءَ ڳالهائيندي هئي ته لوفر ڇورن جي وات مان گِگون ڳڙي پونديون هيون. هُن جا ٽهڪ ٽانڊن جيئان گهڻن ئي جوانين کي جلائي ويندا هئا.
    هُوءَ جيڪا ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندي هئي جڏهن شام جو واپس ورندي هُئي ته سندس اڳ تي ڪئي عاشق پنهنجي اکين جي جوت جلائي ويهندا هئا. هُن پُٺيان عاشق لُور لُور ڪندا وتندا هئا پر هُوءَ ڪنهن کي لِفٽ نه ڪرائيندي هئي.
    اسد خان نوجواني ۾ پير رکيو هو ۽ اهڙو پير رکيو هو جو پنهنجي وڏن کان به ٻه قدم اڳتي نڪتو. پاڙي جي ڪا به پِنڻ واري، مزدور، هارياڻي نه ڇڏي هئائين جنهن سان جِنسي بُک نه پوري ڪيائين!. اها ٻي ڳالهه هئي ته وڏيرڪو ٻار هو اڪثر پئسا خرچ ڪندو هو پر جيڪا نه مڃيندي هئي ان لاءِ ٻيا حيلا وسيلا ڪُتب آڻيندو هو.
    هُن جو “نيلي” جي حُسن ۽ جوانيءَ جي هاڪ ٻُڌي ته اصل چريو ٿي پيو ۽ سندس پُٺيان پئجي ويو. پهريان پئسن وارا وٽ آزمايائين پر نيلي پاڻي پير ٻُڏڻ نه ڏنو. پوءِ داٻا ڌمڪيون پر “نيلي” سندس هٿ نه چڙهي. نيٺ هڪ پُراڻي “کاپڙ” کلاڙي جي مشوري سان “محبت” جو ڄار وڇايائين.
    چوندا آهن عورت يا مرد کڻي ڪيڏو به مضبوط اعصابن جو مالڪ هُجي پر کيس به محبت جو ميم مٽايو ڇڏي.
    “نيلي” جيڪا زهريلي نانگڻ هئي سا محبت جي درياءَ ۾ گهڙو کڻي گهڙي پئي ۽ خبر ئي نه پيس ته ڪڏهن “اسد خان” جي جنسي بُک جو شڪار ٿي وئي!. جڏهن هڙئي ٻيڙيون ساڙائي ويٺي ۽ جواني سندس حوالي ڪري ڇڏيائين تڏهن ياد پيس ته هاڻ اسد خان سان محبت جي قصي کي اڳتي وڌائجي ۽ شادي جو خيال دل تي تري آيس. کيس سندس قول ۽ واعدا ياد ڏياريائين ته اسد هاڻ آئون صرف تنهنجي آهيان تون مون سان شادي ڪر تو واعدو ڪيو هو.
    “اسد خان” مُڇ تي هٿ ڦيريندي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ کيس چيو، “تون هندو “ڪافرياڻي” آهين تو سان شادي ڪير ڪندو؟. تو سان شادي ڪري مون کي پنهنجي آخرت ناهي وڃائڻي!”.
    ٻُڌڻ سان سندس مٿان سڪتو طاري ٿي ويو، هوش خطا ٿي ويس بس پوءِ “نيلي” هڪ سُڏڪو ڀريو ۽ صرف ايترو چئي سگهي، “جڏهن تون منهنجي ٽنگن جي وچ ۾ هوندو هُئين تڏهن به آئون “ڪافرياڻي” هئس تڏهن تنهنجي آخرت ڪٿي گُم هُئي!!؟؟؟”.
    ***


    ضمير جو موت

    ضمير جو موت

    “صاحب مون کي فرياد داخل ڪرائڻو آهي”. ايس ايڇ او صاحب، “بابا ڇا ٿيو آهي؟، ڪنهن تي فرياد داخل ڪرائڻو آهي؟”.
    “صاحب تون واعدو ڪر ته منهنجو فرياد داخل ڪندين!.”.
    ايس ايڇ او، “بابا تون ٻُڌائي ته سهي ٿيو ڇا آهي؟، ڪهڙو واقعو ٿيو آهي؟، توسان آخر ڪهڙو ويل آهي؟”.
    “صاحب هونئن ته اسان ماڻهو هميشه ويل ۾ هوندا آهيون پر هيءَ جيڪا واردات ٿي آهي نه ان کان پوءِ منهنجي جيئڻ جي ڪا معنى نٿي رهي. ان واردات کان پوءِ منهنجو وجود ڌرتيءَ تي بوجهه بڻيل آهي. ان واردات کان پوءِ آئون ڪچري کان به غليظ ۽ گندو ٿي پيو آهيان. صاحب ان واردات کان پوءِ منهنجو ڌرتيءَ ته هُجڻ بدبُوءَ جو سبب بڻجندو پيو وڃي مون کي ڊپ آهي ته منهنجي وجود ڪارڻ ڪٿي مُعاشري ۾ ناسُور ڦٽن جي وبا نه ڦهلجي پئي صاحب منهنجو فرياد لِک!”.
    “بابا لکرائي ڇا ٿيو آهي؟”.
    “صاحب ڳالهه ٿوري ڊگهي آهي پر پيرائتي ڪري ٻُڌايان ٿو، صاحب سڀ کان پهريان جڏهن مون ڏٺو ته هڪ ماڻهو کي روڊ تي زنده جلايو پئي ويو ۽ هُن اُڀ ڏاريندڙ رڙيون پئي ڪيون ته آئون اُن وقت بيٺو اهو لقاءُ ڏسي رهيو هئس. مون ان سڄي واقعي کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري وساري ڇڏيو ايستائين جو سندس تڏي تي روئندڙ ٻارڙن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ به ڪونه ويس، ان کان پوءِ مون ڏٺو ته منهنجي پاڙي مان ڪجهه نوجوان “گُم” ٿي ويا!”.
    “اچانڪ گُم...... خبر ناهي کين ملائڪ کڻي ويا يا خبر ناهي کين ٻي دُنيا جا “ايلينس” کڻي ويا!. سندن مائرون ڀينرون روئنديون رهيون پر آئون سندن ڳوڙها به اُگهي نه سگهيس. صاحب ان کان پوءِ منهنجي گهر جي ڀرسان هڪ معصوم ٻارڙيءَ سان زيادتي ٿي ۽ سندس گٽر مان لاش مليو، پوءِ ڳليءَ جي ڪُنڊ تي گُلن جهڙي معصوم ٻار کي ڏاڍائي ڪري اڇليو ويو، پوءِ پاڙي ۾ منهنجي نياڻي جي عُمر جي ڇوڪري سان ريپ ٿيو ۽ هُن رسو ڳچي ۾ ٻڌي ڦاهو کائي ڇڏيو صاحب آئون انهن ٽنهي جي تڏي تي به ڪونه ويس نه وري ڪڏهن اهو ٽائم مليو جو کين انصاف ڏيارڻ لاءِ ويٺل روڊ تي سندن مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ پيئرن سان گڏ ٻه منٽ کڻي ويهان ها، صاحب ان کان پوءِ منهنجي پاڙي ۾ هڪڙو ٻار ماني چوري ڪندي پڪڙجي پيو!”.
    “شايد ڪافي ڏينهن جو بُکايل هو، مون پنهنجي گهر ۾ روز بچيل بي انتها کاڌي مان ذرو کڻي سندس بُک اجهائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. صاحب ان کان پوءِ منهنجي ڳوٺ جي هارين جون زمينون پاڻي ڪارڻ سُڪي ويون مٿان کان بااثرن سندن پيئڻ وارو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو، مون انهن جي ڏک ۾ ڀائيوار ٿيڻ جو به ٽائم نه ڪڍيو نڪي انهن سان گڏجي ڪا رڙ ڪُوڪ ڪئي!. صاحب ان کانپوءِ نياڻين کي رستي تي اسڪولن ڪاليجن ۾ حراسان ڪرڻ جو دور شروع ٿيو ته به آئون خاموش رهيس. صاحب ٿر ۾ هزارين ٻار مري ويا، روڊن رستن تي لاشن جا ڍير لڳي ويا، ماڻهن جون آهون دانهون ٻُڌي به آئون اکين تي سڀ ٺيڪ جي بي حيائي واري پٽي ٻڌي آرامي رهيس. صاحب مان مڊل ڪلاس جو اهو وائٽ ڪالر ماڻهو آهيان جيڪو پنهنجو پيٽ ڀريل ڏسي ٻين جي ڍئو تي هُجڻ جو گُمان ڪري چٻري وانگر اکيون پوري ڇڏيندو آهي. صاحب مون اڄ تائين پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪڏهن ناهي سوچيو صاحب منهنجو فرياد لک!”.
    ايس ايڇ او، “اڙي آخر ان سڄي ڪهاڻي مان آئون فرياد لکان ڪنهن تي؟؟”.
    “صاحب تون فرياد لِک آئون شهمير پُٽ عبدالله اعتراف ٿو ڪريان ته آئون قاتل آهيان، مون قتل ڪيو آهي”.
    صاحب، “بابا ڪنهن جو قتل ڪيو اٿئي!؟”.
    “صاحب مون پنهنجي ضمير جو قتل ڪيو آهي، مون پنهنجي هٿن سان پنهنجي ضمير کي ماري ڇڏيو آهي، منهنجو ضمير مري چُڪو آهي ها صاحب منهنجو فرياد لِک آئون قاتل آهيان قاتل آهيان پنهنجي ضمير جو قاتل آهيان آئون “بي ضمير” ٿي چُڪو آهيان.......
    ***


    خُدا جو گهر

    خُدا جو گهر

    ڦاٽل گودڙي ڪُلهي ۾ لڙڪائيندي هُوءَ مسلسل صدائون هڻندي پئي وئي، “آهي ڪو مومن خدا جي نالي تي ماني ڳڀو ڏئي!. ٻن ڏينهن کان بُکايل آهيان”.
    ٻنپهرن جو ٽائم، تتل ڏينهن، بُک وگهي هاڻ هن جو آواز به نه پئي نڪتو. هُوءَ مسلسل صدائون هڻندي اڳتي وڌندي پئي وئي پر هن جي صدا ڪنهن جي ڪن تي نه پئي هئي يا شايد جنهن ٻُڌي اُن اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.
    هُوءَ بُک م بي حال ٿيندي پئي وئي، اُڃ به تمام گهڻي لڳي هئس سامهون مسجد جو دروازو کُليل نظر آيس ته آهستي آهستي هلندي اندر داخل ٿي وئي ۽ گودڙي اتي ئي ڇڏي وضو واري ٽُوٽيءَ کي مُنهن ڏئي پاڻي پيئڻ لڳي.
    اڃان پاڻي جو ڍُڪ نِڙيءَ کان هيٺ ئي نه لٿو هئس ته اچانڪ ڪنهن پُٺيان کان سندس وارن مان هٿ وجهي زور سان پوئتي اڇلايس ته پاڻ ڪئي قدم کڄي پرتي وڃي ڪري.
    ڪرڻ سان سندس اکين اڳيان اوندهه اچي وئي هئي. اُڃ ۽ بُک ڪارڻ ايتري طاقت نه رهي هئس جو اٿي سگهي، پوئتي ڪرڻ کانپوءِ وارن مان جهلڻ واري وري هڪ چماٽ هئين هئس ته سڄي ڏڪي وئي هئي. سامهون هڪ شيطاني شڪل سان ديوقامت قد وارو ماڻهو بيٺل نظر آيس، جيڪو مسلسل کيس گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو ۽ هن جي ڪنن سان لفظ ٽڪرايا، “غليظ گهٽيا گندي اسان جي مسجد ۾ ٿي اچي!”، ۽ ٻن ڇوڪرن جي مدد سان هن کي کڻي ٻاهر روڊ تي اڇليائين ؟
    هيٺ ڪِرڻ سان هن جي چپن مان آخري لفظ نڪتا، “پر هي ته “خُدا” جو گهر آهي پوءِ ائين ڇو....
    ***


    ڄور

    ڄور

    پوڙهو آفيسر امپورٽڊ شراب جا ٻه پئگ پي ويٺو هو ۽ هن جي اچڻ کان پوءِ وري ٻه پئگ پيتا هئائين!.
    هُوءَ اگهاڙي جسم سان بيڊ تي ليٽيل هئي ۽ اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته پوڙهي جي عمر ڪيتري ٿيندي؟. سوچيندي پوڙهي جي عمر اٽڪل پنجونجاهه سٺ جي لڳ ڀڳ ٿيندي!. نڀاڳي جو هڪ پير قبر ۾ پيو آهي پوءِ به نٿو مُڙي!.
    هُوءَ اڃان سوچي رهي هئي ته پوڙهو آفيسر ڪُرسي تان اُٿيو ۽ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري چُمڻ شروع ڪيائين. هونئن ته سندس اهو ڌنڌو هو ۽ روز ڪنهن نه ڪنهن جي بستر تي راتيون رنگين ڪندي هئي پر اڄ الائي تو کيس ائين محسوس ٿيو جهڙو پوڙهي جو جسم مُئل جانور جهڙو هُجي جنهن مان انتهائي غليظ بدبوءَ ايندي آهي. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ائين ڇو پوڙهي کيس بيڊ تي ليٽايو ۽ سندس اُرهه چُوسڻ شروع ڪيا ته سندس زبان جيڪا اُرهن جي چوٽين کي لڳي پئي اُها کيس جهنگراڙي ٻِلي جي زبان لڳي جيڪو چوري کير پي ويندو آهي.
    هُو نشن ۾ سندس پورو جسم چُمي رهيو هو، هيءَ هُئي جنهن جي اندر ۾ طوفان برپا هو، سندس اندر ۾ اُلٽي جهڙي طبيعت ٿي پئي، پوڙهو لڳاتار سندس جسم کي ڇُهي ۽ چُمي رهيو هو پر پوءِ به اڄ سندس جسم جي گرمي اندر کان ڀڙڪو کائي نه نڪتي هئي. بس هُوءَ زنده لاش وانگر پيل هئي.
    پوڙهو جيڪو ايڪسپائر ڊيٽ ڪراس ڪري چُڪو هو سو صرف پنهنجي هٿن ۽ زبان جي چس وٺي رهيو هو باقي ڪي آثار ڪونه هئا. هن سوچيو، “مار پويس نڀاڳي کي اندر ڪُجهه ڪونهيس پوءِ به بُکيي ڪُتي وانگر چُهٽيو پيو آهي!”.
    پوڙهي کيس اڃان به ويجهو ڪندي پنهنجي ڀاڪر ڀريو ته ائين محسوس ٿيس ڄڻ ڪي هزارين “ڄورون” سندس جسم تي ڦرنديون هُجن ۽ چڪ هڻي سندس ماس پٽينديون هُجن!”.
    کڳ پوڙهو آفيسر کيس وڏي “ڄور” لڳو.
    ***


    بيواهه

    بيواهه

    “ائي مُئي سڪيءَ مار پوئي ڪا ڪٿي مري وئين!”، پوڙهيءَ زرينه پنهنجي نُنهن سڪينه کي سڏ پئي ڪيا ۽ سڏ ڪندي ڪندي پورو گارين جو ڪتاب پڙهي وئي هُئي ۽ بس تڏهن ڪيائين جڏهن ساهه ڀرجي آيس ۽ سهڪو اچي لڳس.
    آهستي ڀُڻڪندي، “ان نڀاڳيءَ سڪيءَ مون کي به دم جو مريض ڪري ڇڏيو. نڀاڳي مُڙسهنس جو سر کنيو هاڻ اچي منهنجي پُٺيان لڳي آهي!. مُئي الائي ڪيئن اچي اسان جي گهر ۾ پئي. ڪا ماڻس کي وبا پئي ها جو بيمار ٿي مري ها جو اهڙي هچان ڄڻي اسان جي ڪنڌ ۾ نه هڻي ها!”.
    پوڙهي زرينه پنهنجي پُٽ جي موت جو ڪارڻ به سڪينه کي سمجهندي هئي ۽ بيماري جو به هونئن ته پوڙهي جي دماغ جو پارو هميشه چڙهيل رهندو هو پر اڄ ڪُجهه سوايو چڙهيل هئس ڇاڪاڻ جو ننڍي پُٽ جو جتان رشتو ڪيو هُئائين اُهي سندس گهر ڏسڻ پئي آيا. ان ڪري پوڙهي صبح کان ويچاري سڪينه جي مٿان مينهن وانگر وسي پئي.
    هونئن ته گهر ۾ سڪينه سان ڪو به پيار سان ناهي ڳالهائيندو بس هڪ ڏير کان سواءِ سو به اُن ڪري جو جتان کان سندس مڱڻو ٿيو هو اُهي سڪينه جا ڄاڻ سُڃاڻ وارا هئا. سڪيءَ سڪينه ويچاري سورهن سالن جي ڄمار ۾ اڃان پير مس پاتو هو ته مائٽن سندس شادي پوڙهي زرينه جي پُٽ عبدل سان ڪرائي ڇڏي.
    عبدل سندس هم عمر هو، شادي کان پهرين ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو به ڪونه هو پر شادي ٿيڻ کان پوءِ ٻئي پاڻ ۾ خوش رهڻ لڳا هئا. عبدل کيس دل سان پيار ڪندو هو. سندس هر ننڍي ننڍي خواهش جي پورائي ڪندو هو. کيس ڪڏهن به ڪنهن شئي جي تنگي ٿيڻ نه ڏنائين، مار پوي موت کي جو اڻ مُندائتو اچي نڪتو.
    موت هڪ اهڙي سچائي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. عبدل ڦوهه جواني ۾ موٽرسائيڪل جي ايڪسيڊنٽ ۾ وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. پاڻ ته هليو ويو پر پُٺيان سڪي ۽ سندس ٻه معصوم پُٽڙا ڇڏي ويو جيڪي هاڻ سندس ڀائرن ۽ ماءُ جي رحم ڪرم تي هئا. عبدل جي موت کان پوءِ سڪينه جا مائٽ کيس وٺڻ آيا پر هن وڃڻ کان انڪار ڪيو چئي، “هاڻ هي ٻارڙا ئي منهنجي زندگي آهن منهنجي عبدل جي نشاني”. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو زندگي ائين به تبديل ٿيندي.
    پهريان جڏهن عبدل زندهه هو ته هن وٽ هميشه هر شئي موجود هوندي هئي. ڀلا ڪپڙا، پئسه ڏوڪڙ، کاڌو پيتو به ڍئو تي هوندو هئس پر عبدل جي مرڻ کان پوءِ سندس زندگي ائين بدلجي وئي جيئن ڏينهن جي روشني کان پوءِ رات جي ڪاراڻ ٿي پوندي آهي. سندس ڏيراڻيون کيس سخت نفرت سان ڏسنديون آهن. پائڻ لاءِ پُراڻا ڪپڙا به ڪڏهن نصيب ٿيندا اٿس ته ڪڏهن ويٺي چتيون هڻي ڪپڙا پائيندي آهي. سندس ننڍڙا ٻارڙا خرچيءَ لاءِ تڙپندا آهن، عيد تي به جڏهن سس چوندي آهي ته هڪ هڪ بافتي جو جوڙو ننڍڙن کي وٺي ڏيندا آهن ۽ پوءِ اهو جوڙو به ڳالهيون ٻُڌائي ٻُڌائي اندر مان ڪڍي ڇڏيندا آهن.
    کيس ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زندگي کان سخت نفرت ٿيندي آهي پر هميشه معصوم ٻارن جو سوچي چُپ ٿي ويندي آهي.
    سڪينه اڄ سڄي گهر کي ڌوئي صاف ڪيو هو. اٽو ڳوهي رکي آئي هئي، ٻوڙ به چُلهه تي چڙهيل هو ڇو ته سڄي گهر جو ڪم سڪينه ئي ڪندي هئي. سڀني تيار ٿي مهمانن جو انتظار پئي ڪيو پر سڪينه ويچاري ڪم ۾ لڳي پئي هئي. ڪنهن به سڪينه ڏي ڌيان نه ڏنو هو. هُوءَ پُراڻن ڪپڙن ۾ چُلهه تي ويٺل هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ هُوءَ هن گهر جي ڀاتي نه هُجي بس صرف نوڪرياڻي هجي. پريان کان وري سندس سس جو زوردار آواز گونجيو، “او مئي سڪي ڪٿي مري وئين؟، اٽي تي چٽيءَ مهمان اچڻ وارا آهن اڃان ماني تيار ڪونهي ٿي ڇا؟، مار پوئي ڪا شل موت اچئي جو اسان جي جان ڇُٽي!”.
    “سڪي” پوڙهيءَ جون گاريون ٻُڌي اندر کان جُهري پئي ۽ اکين جا بند ڀڃي ٻه ڳوڙها سندس ڳلن تان ٿيندا اچي هيٺ ڪريا. سڪينه سوچڻ لڳي، “آخر “بيواهه” کي جيئڻ جو حق ڇو ڪونهي!!!”.
    ***


    نئين زال

    نئين زال

    ڦاٽل چوليءَ مان سندس جسم ائين نظر پئي آيو جهڙو چنڊ جي روشني ڪڪرن مان ليئا پائيندي آهي.
    وڏيرو سائينداد عمر جي آخري حصي ۾ هُجڻ باوجود به شوقين مُڙس هو. هُوءَ “ڪبوترن” جي ٽولي سان گڏ هئي. (ڪبوتر لاڏائو قبيلو جنهن جون عورتون ڏاڍيون حسين ٿين)، وڏيري مُنشيءَ کي اک هنئي، مُنشي اڳي ئي وڏيري جي پاپن جو گواهه ۽ مددگار هو سو سمجهي ويو وڃي پاسيرڙو ٿي رازداريءَ سان ٽولي ۾ وڏي عمر جي ڪبوتريءَ جيڪا سندن اڳواڻ پئي لڳي سان ڳالهايائين.
    ڪبوتريءَ پهريان وڏيري سائينداد ڏي نهاريو پوءِ سندس گاڏيءَ ڏي نظر ڦيرائي ها ڪيائين ته مُنشيءَ اک جي اشاري سان وڏيري کي هائوڪار جي خوشخبري ٻُڌائي.
    وڏيري جو هائوڪار ٻُڌي ته خوشي ۾ ٻهڪڻ لڳو ۽ سندس مُڇون هيليڪاپٽر جي پرن وانگر ڦڙڪڻ لڳيون، مُنشيءَ ويجهو اچي ٻُڌايس ته ٻه هزار ۾ سئودو طئي ٿيو آهي، شام جو ٻنيءَ واري اوطاق تي ڇوريءَ اچي ويندي.
    شام جو وڏيرو اوطاق جي اڱڻ ۾ ائين ڦيرا ڏئي رهيو هو جيئن سرڻيون گوشت لاءِ لامارا ڏينديون آهن. وڏيرو سائينداد خان تر ۾ عياشيءَ لاءِ مشهور ليکيو ويندو آهي. اڳي ٽي شاديون ٿيل هئس ۽ ماڻهو ڳالهه ڪندا آهن شهر ۾ ٻه سُريتون به اٿس.
    حڪيم هڻ کڻ سندس ويجهن دوستن ۾ شُمار ٿيندو آهي، جنهن کيس هڪ هيري جو ڪُشتو ٺاهي کارايو هئو. مُنشي واتان ٻُڌل ڳالهه ته وڏيرو اصل گهوڙي کان به گوءِ کنيو وڃي!.
    وڏيرو اوطاق جي اڱڻ ۾ ڦيرا ڏئي ٿڪو ته اچي آرام ڪُرسي تي ٽيڪ لڳايائين، اوچتو سندس نظر دروازي تي پئي جتان کان مُنشيءَ سان گڏ اها ڏينهن واري ڪبوتريءَ آئي پئي. وڏيري جون مُڇون هڪ دفعو ٻيهر ڦڙڪڻ لڳيون.
    وڏيرو ۽ ڪبوتريءَ اندر ڪمري ۾ پورجي ويا.
    صبح جو سوير وڏيري مُنشيءَ کي اوطاق تي گهرايو، مُنشي سهڪندو اچي پهتو. وڏيري حُڪم ڪيو، “مُنشي مولوي کي گُهرائي مون کي هُن سان شادي ڪرڻي آهي ۽ اوطاق جي پاسي ۾ ٻه ٻيا ڪمرا ٺهرائي جتي منهنجي نئين زال رهندي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ مٺائي ورهائي ڇڏ!”.
    ***


    پاڙو

    پاڙو

    نيڪ ماڻهن واتان ٻُڌو اٿم ته پاڙي وارن جا حق سڀ کان پهريان آهن پوءِ ٻيا حق لاڳو ٿيندا آهن پر هتي ته قصو ئي الڳ هو. هُوءَ ڇُڳل کٽ تي پاسا ورائي سُور کان تڙپي رهي هئي، ڪنهن ڪنهن ٽائم برداشت ختم ٿيڻ تي سُور جي شدت کان دانهن نڪري پئي ويس. کيس اڄ پيٽ ۾ سخت سُور هو. شديد سُور هئڻ ڪري هلڻ ڦرڻ لائق به نه رهي هئي. جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتان کان به صبح کان وٺي ٻه ٽي نياپا آيا هئس پر کين طبيعت خراب هُجڻ جو ٻُڌايائين ته ميڊم چوائي موڪليس، “اهو تنهنجو روز روز جو ڊرامو اسان کان برداشت نٿو ٿئي اڳتي ڪم تي نه اچجان!”.
    جواب ٻُڌي سُور ويتر وڌي ويو هئس، هُوءَ ويچاري ته ٻين پاڙي وارن جي سڀني گهرن جو به ننڍو وڏو ڪم ڪندي هئي. صبح کان وٽس اُتان کان به ڪئي نياپا آيا هئا، سڀني کي طبيعت خراب هجڻ جو ٻُڌايائين.
    ڪُجهه مايون ته گهر سڏڻ به آيس پر ڪنهن به اهو ڪونه پُڇيس ته تون ڪيئن آهين؟. تو کي دوا دارون جي ضرورت آهي!. ڪُجهه کاڌو اٿئي؟. ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي وغيره.
    هر ڪو بس پنهنجي ڪم جي لالچ سان ٻڌل هو. هُوءَ ڇڳل کٽ تي سُور ۾ لُڇي پڄري رهي هئي. سوچيائين پئي پاڙي وارن جي دين ۾ ته درس مليل آهي سڀ کان پهريان “حقوق العباد” آهن پوءِ “حقوق الله” آهن پر هتي ته هي پاڻ ئي ان ڳالهه جا انڪاري آهن جو هنن جي ته پنهنجي لالچ ئي پوري نٿي ٿئي، سندن ڀڀ آهن جيڪي ڀرجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. پاڙو ۽ حُقوقن کي ته هي گهر جي ڪُتي جيتري به اهميت نٿا ڏين!!!.”.
    ***


    جديد مُحبت

    جديد مُحبت

    ننڊ مان اکيون مهٽيندي اُٿيو ته ٽچ موبائيل جي اسڪرين تي نظرون ڄمائي مسيسيج پڙهڻ لڳو،

    Leena, Hi, janu good morning
    Fareeha, Good morning sweetheart.
    Mehak, Mitha good morning
    Jaldi uth tokhy ajj kam san wanjino ahy.
    ميسيج پڙهي چپن تي مسڪراهٽ اچي ويس، فخر واري انداز سان پاڻ سان ڳالهائيندي، “هاءِ هي ڇوڪريون ڪيڏو خيال ٿيون رکن منهنجو...... ڪيڏو پيار اٿن مون سان......... صدقو وڃان....... ”. اڃان بيڊ تي ئي ويٺو هو ته اوچتو دروازو کُليو، سندس ماءُ اندر روم ۾ داخل ٿي، “پُٽ ڇا آهي صبح صبح موبائيل ۾ اک......... اُٿ جلدي تيار ٿي توکي وڃڻو آهي نه !”.
    هي جي امان چئي وري ٽيڪ لڳائي ليٽي پيو، مسڪرائيندي پهريان منهنجي محبوبائن کي رپلائي ڏئي وٺان،
    Leena, Hi Leeno
    Good morning to my cute doll.
    Fareeha, Hi Fari Good morning.
    Mehak, Munhnji Mithi Good morning
    Rani jadhen sbh khan pehryan subhu jo thnjo msg milando ahy na ta ehen mehsoos thendo ahy jein tun unh pal mhnjy samhoon hujeen ain sajjy kamery main khushbo fehlyal hujjy
    ❤❤❤
    ميسيجن جا رپلائي ڏئي اُٿي فريش ٿيو، ناشتو ڪري ٻاهر نڪتو ته پاڙي مان يونيورسٽي وڃڻ لاءِ ڇوڪريون ويون پئي. سندس نظر عليشا تي پئي، صبح ساڻ وائٽ ڪُرتي ۽ جينس ۾ پري پئي لڳي. هن جي دل ۾ وري نئين عشق ڪر کنيو. مُسلسل ڏهه ڏينهن جي ڪوشش کان پوءِ نيٺ نمبر ملي ويس، ميسيج ڪيائين،
    Hi,
    Alesha How are you?
    I am Ali.
    جڏهن کان توکي ڏٺو اٿم رات جو ننڊ حرام ٿي وئي آهي، زندگي مان چين سُڪون ڇڏائجي ويو آهي، مون کي توسان “مُحبت” ٿي وئي آهي.
    ***


    ڪاغذي مُحبت

    ڪاغذي مُحبت

    هُن جا چپ سندس چپن کي ڇُهي رهيا هئا. هِن جي هٿن جي پڪڙ سندس چيلهه تي اڃان به مضبوط ٿيندي پئي وئي. سندس اُڀريل ڇاتيون هن جي سيني سان لڳي چقمق وانگر چنبڙي پيون هيون. سندس ٽنگون هن جي ٽنگن سان وچڙيل هيون. گرم جسم ماکيءَ کان مٺين چُمين جو دور هليو پئي اچانڪ هُن پنهنجيون اکيون کوليون ۽ حُجت سان کيس چيو، “ٻُڌ “ڪِنا”...
    “جي سائين ٻُڌايو”.
    ڪُجهه پل خاموشي وري چپ چُريا هُن ڳالهايو، “تون مون کي ڪڏهن ڇڏي ته نه ويندين نه؟”.
    هلڪي مسڪراهٽ سان هِن چپن تي چُمي ڏيندي چيس، “سائين منهنجي زندگي ته تنهنجي نالي آهي آئون ڪڏهن به توکي نه ڇڏيندس ها باقي مِٺي ٻُڌ..
    “جي ٻُڌايو.........
    کلندي، “تون مون کي ڪڏهن نه ڇڏجان!”.
    هُن پنهنجو هٿ سندس مُنهن تي رکندي چيس، “وري ائين ڪڏهن نه چئجان منهنجو مرڻ جيئڻ توسان آهي هميشه لاءِ!”.
    ائين ئي نينهن جا ناتا هلندا رهيا. جوانيءَ جا جام ڇُلڪندا رهيا، ٻنهي هڪٻئي جي جسم جو طواف سُٺي نموني ڪيو هو. ٻئي جسماني لذت جو پورو چس چکي چُڪا هئا، هي ته هُن سان ايتري قدر سچو هو جو دل سان هُن سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي هو پر هُن جي من ۾ ٻيو ڪجهه هو.
    ڪُجهه عرصو هُوءَ اهو چئي رابطي ۾ نه هئي ته منهنجا پيپر پيا هلن. هي هو جو هن جو پل پل انتظار ۾ پئي گذريو، تڙپ هئي جا وڌندي پئي وئي جو هڪ ڏينهن سندس فيس بُڪ تي اسٽيٽس ڏٺائين؛
    Got married with my love.
    سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، سڄي همٿ گڏ ڪري کيس ڪمينٽ ڪيائين، “توهان کي شادي مُبارڪ هُجي گهٽ ۾ گهٽ دعوت ته ڏيو ها!.”
    جواب آيو، “توهان هينئر ٿا مُبارڪ چئو”.
    هن رپلائي ڏنو، “هاڻ فيس بُڪ اسٽيٽس ڏٺو اٿم ۽ توهان دعوت به نه ڏني!”.
    هُن جو رپلائي ڏسي سندس اکيون ڦاٽي ويون، لکيل هو؛ Its ok Ada.
    ***


    قرباني جو گوشت

    قرباني جو گوشت

    چتيون لڳل ڪپڙا، وارن ۾ مِٽيءَ پيل، ڇڳل چمپل سان هُن جي عمر ڪا ٻارنهن سال کن مس ٿيندي. ٿيلهي هٿ ۾ اچي صدا هنيائين، “صاحب مون کي به گوشت ذرو ڏيو الله توهان کي خوش ڪندو”.
    صاحب چيلهه تي هٿ ڏئي پهريان سندس مُنهن ۾ نهاريو پوءِ چيو، “هل هل اسان سڄو گوشت ورهائي ڇڏيو آهي ٻيو ڪو در ڏس!.”. ننڍڙو معصوم ڇوڪرو روئڻهارڪي شڪل سان اڳتي وڌي ويو پُٺيان کان صاحب ڏٺو ته سندس ڪپڙا ڦاٽل هُئا ۽ انتهائي گدلو پئي لڳو.
    صاحب کي ڪراهت اچي وئي مُنهن ٺاهي، “همم ههمم الائي ڪٿان ٿا اچيو وڃن “ڀنگي.....!”.
    ٻاهر صاحب کي ڳالهائيندي ٻُڌي اندريان کان سندس بيگم صاحبه جو آواز گونجيو، “ڪير آهي؟. گوشت ڪهڙو آيو آهي اندر وارو وڏو فرج ته پنهنجي گوشت سان ڀريو پيو آهي هاڻ وڌيڪ گوشت جي گنجائش ڪونهي تون اهو ڪِچن ۾ رکجان ته “بوائل” ڪريان”.
    ٭٭٭


    سماجي اڳواڻ

    سماجي اڳواڻ

    وڏي ڪرولا گاڏي مان لهڻ کان پوءِ پاڻ سڌو اچي پريس ڪلب تي مظاهرين جي وچ ۾ بيٺو ته مائيڪ واري همراهه سندس ڪپڙا، گاڏيءَ ۽ ٺٺ ٺانگر ڏسي وري گذريل ڳاڙهي ٻوڙ ۽ ڪڙي پاڻي واري دعوت ياد ڪري هيئن تعارف ڪرايس، “سائين چنيسر خان ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي!. سائين وارن جي خاندان جو شجرو آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ (تاريخ کان اڻ ڄاڻائي ۽ ٻوڙ جي آسري ۾) مير صادق ۽ جعفر جي خاندان سان وڃي ملي ٿو. سائين جن هتي بيواهن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. اصل سماجي ادارو ٺاهي سماج لاءِ آفيسرن جي درن تي ڌُوڙيا لائي ڏنا اٿئين. بيروزگاري شهر مان پنجاهه پرسنٽ ختم ڪري ڇڏي اٿائين. اصل حڪومت جي پاليسين تي سخت موقف رکندو آهي ۽ هاڻ هاڻ تازو دبئي مان اوهان جي شهر لاءِپروجيڪٽ وٺڻ ويو هو!”.
    مائيڪ واري ايڏي تعريف ڪيس جو خوشيءَ ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ۽ پيٽ ڇوليون هڻڻ لڳس. پريس ڪلب تي تعليمي بجيٽ گهٽ هئڻ ڪري حڪومت خلاف مظاهرو هو، سڀني تقريرون ڪيون، هن سماجي اڳواڻ به زورن سان تقرير ڪئي. اوچتو سندس آئي فون ليٽسٽ ماڊل تي ڪاموري صاحب جو ميسيج آيس، “سائين اوهان وٽ ته حصو پهتو آهي نه پوءِ توهان به؟”.
    رپلائي ڏنائين، “سائين “چُوتين” جي ٽيم آهي ٻيو ڪو اچي توهان جي ڳلي ۾ فِٽ ٿيندو ان کان مون اچي اڳواڻي ڪئي آهي، سڀ پنهنجا آهيون ٻين کي ڪهڙي خبر؟”.
    ٻئي پاسي کان “ڪاموري” وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، “واهه “سماجي اڳواڻ!”. هن جو پيٽ به لُڏڻ لڳو.
    ***


    چڪلائي

    چڪلائي

    کيس سڀ چڪلائي چوندا آهن پر هُو کين ڪڏهن به ڪن ڏئي ٻڌي ئي ڪونه!. چڪلي جي پاسي ۾ گهر هئڻ ڪري هن جو واسطو سڀني چڪلي وارن سان آهي سو ان ڪري ٻاهريان ماڻهو به سڀ کيس ان نالي سان سڏيندا آهن پر هي هميشه چوندو آهي هتي رات جو ڪڏهن اچو ته توهان کي “مُهذب پڻو” اگهاڙو نچندي ڏيکاريان.
    سندس ڳالهين تي ڪير ڌيان ناهي ڏيندو ڇو ته هُو چڪلائي آهي باقي سڀ مُهذب آهن. هُو اڄ نشي ۾ ڌُت ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر ڏانهن ويو پئي ته ڳليءَ ۾ ويٺل ڪُجهه وائٽ ڪالر ماڻهون جيڪي سڀ سندس سُڃاڻون هئا کيس سڏ ڪيو، “اڙي هيڏانهن اچ”. هڪ پُٺيان هڪل ڪئي، “چڪلائي!.”.
    هي ٿڙندو ويجهو پهتو ۽ سڄي جسم جي قوت گڏ ڪري اکين تي زور ڏنائين ته من ڪجهه نظر اچيس ۽ سُڃاڻي سگهي ته هتي ڪهڙا مُهذب ويٺل آهن. ٿُلهي پيٽ سان ويٺل وردي وارو، اڇن وارن سان قلم وارو، ڊگهو ڪوٽ وارو، ڀريل جسم روينيو آفيسر، ڀورو رنگ مُرشد سائين، ڊينڊو ليڊر، ناسپاتي جهڙو اڪڙيل تعليمدان، وڏي شيرواني سان حڪومتي ماڻهو ۽ ڪجهه ٻيا ويٺل هئا جن کيس چيو، “تون چڪلائي آهين ۽ هن سوسائٽي تي ڪارو داغ آهين. تون هتان لڏي وڃ نه ته توکي هاڻ نه ڇڏبو”.
    هن پهريان ته غور سان ڏٺو پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ها آئون چڪلائي هئس، چڪلائي آهيان ۽ چڪلائي رهندس پر توهان ٻڌايو توهان ڪير آهيو؟. منهنجي ڀر ۾ چڪلي جون رنڊيون حق حلال جي روزي ڪنديون آهن، ڪڏهن به ڪنهن کان پنج روپيه به وڌيڪ ڪونه ورتا اٿن اڙي مُهذب پڻي تي ڪارا داغ اوهان آهيو ٻڌايو اوهان ڇا ٿا ڪريو؟. هُو وردي وارو جنهن ڪلهه مسڪينن جا خون لوڙهيا، نياڻين جي لڄن جا سودا ڪيا، هُو قلم وارو جنهن قلم کي گُهنگهرو ٻڌي ڇڏيا آهن، هُو روينيو وارو جنهن هڙئي کاتا مٽائي ڇڏيا آهن، هُو ڪوٽ وارو جيڪو پئسي کان سواءِ ڳالهائيندو به ناهي، هي مُرشد جيڪو هر مريدياڻي جي نٿ لاهيندو آهي، هي سياسي ماڻهو جنهن ڪڏهن به ڪو فِري ۾ ڪم ناهي ڪيو، اڙي هُو ڊاڪٽر جيڪو ڪاسائي آهي، اڙي هي ڏس تعليمدان جنهن نسل وڃايا آهن اڙي ٻُڏي نٿا مرو مون کي ٿا چئو چڪلائي.......
    ها آئون سر عام مڃيان ٿو ته آئون چڪلائي آهيان پر مون کان وڏا توهان “چڪلائي” آهيو.
    ***


    مُڙس ماڻهون

    مُڙس ماڻهون

    “اڙي ٻُڌ تون ناشتو ٻاهر پيو ڪرين؟، خير تو واري مائي ڪيڏانهن وئي يار!”.
    “اُن جي طبيعت ٺيڪ نه هئي سو چيومانس تون آرام ڪر ته آئون ٻاهران ناشتو ڪري ٿو اچان”.
    “پوءِ ڀلا ڏينهن واري ماني ۽ ڪپڙا؟؟”.
    “يار ماني ٻاهران وٺي وٺندس ۽ ڀاڄي پاڻ ٺاهي وٺندس!”.
    “اڇا..... ها ڀلا ٿيو ڇا اٿس!؟”.
    “بس هلڪو بُخار ٿي پيو اٿس ۽ زُڪام به!”.
    “هل ڙي.......... شابس اٿئي اها به ڪا بيماري آ ڇا؟ جو تون مائي کي آرام ويٺو ڪرائين، هُوءَ کايو پِيو مست ٿيو ليٽي پئي هجي ۽ تون ويٺو ڪم ڪرين!. اڙي ٻُڏي مر تون ته صفا ڀاڙيو آهين منهنجي مائي ائين ڪري ها نه ته هڏ ڀنڃي ڇڏيانس ها”.
    “اڇا ڇو اها انسان ناهي ڇا؟”.
    “اڙي ڇا جي انسان؟. شادي ماڻهون سُک لاءِ ڪندو آهي نڪي مائيءَ جي ٽپالگيري لاءِ، مون واري مائيءَ ته سڄو گهر جو ڪم ڪار به ڪري، ٻارن کي تيار ڪري موڪلي، ناشتو ٺاهي صبح جو مون کي ڪپڙا استري ڪري ڏئي ۽ منهنجو جوتو به پالش ڪري ڏي!”.
    “اڙي تون پنهنجي گهر واري کان جوتو پالش ڪرائيندوآهين؟”.
    “ها ته ٻيو باقي ڇا لاءِ ورتي اٿم!”.
    “اڙي ٻُڏي مر.......... تو جهڙا نه “مُڙس ماڻهوءَ” هن قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا. اڙي تنهنجو ايندڙ نسل به توکي گاريون ڏيندو. تنهنجي ٻارن تي ڪهڙي اثر پوندو، ڪجهه لڇڻ ڪر!”. هُو کيس سمجهائيندو رهيو پر “مُڙس” ماڻهوءَ “مُڇ” وٽيندي چيس، “اڙي اها اسان مڙسن جي روايت آهي تون ته ڀاڙيو آهين”.
    ***


    جنسي مريض

    جنسي مريض

    “يار سميع اڄ ته حد ٿي وئي صفا!”.
    “خير آخر ڇا ٿيو!؟”.
    “يار اڄ مارڪيٽ ۾ اهڙي ڇوڪري ڏٺم جو صفا دنگ هئي. ان جهڙي ڇوڪري مون ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺي”.
    “ڇو ڀلا اهڙو ڇا هئس؟ تو واري مائيءَ کان به سُٺيءَ هئي ڇا؟”.
    “اُون هُون سميع تون به نه......... مون واري مائيءَ ڍُونڍ لڳي پئي آ هُن جي ته پير جهڙي به ڪونهي!”.
    “مطلب تو واري پُٺئين مهيني واري گرل فرينڊ جهڙي هوندي”.
    “نه با نه!، اُها ته ڪاري ڪوجهي هئي”.
    “پر تون ته تڏهن چوندو هُئين هُوءَ جنت جي حُور آ”.
    “اڙي يار پر هن جهڙي ڪانه هئي”.
    “ڀلا ان کان پهرين واري جهڙي به نه!؟؟. جنهن کي شادي جي آسري ڇهه مهينا استعمال ڪيو هئيي”.
    “اڙي نه بابا ائين ته مون شادي جا آسرا ڏئي پنجاهه کان وڌيڪ افيئر ڪيا آهن پر هن جهڙي ڪا به نه هئي انهن مان يار”.
    “ٻُڌ اگر ڏيڍ مهيني کان پوءِ وري تو کي ڪا ٻي ملي وڃي ته ههههه پوءِ وري ان جهڙي ڪا دنيا ۾ ڪونه هوندي”.
    “سميع صفا ڀُوڪ آهين ڪپڙا ۽ مائي ڪڏهن به گهڻو وقت ساڳي ناهي هلائبي!”.
    “ٻُڌ پوءِ تو واري مائيءَ ڇو رکيو ويٺو آهين؟”.
    “اڙي اها ته ماني پچائڻ ۽ ٻار سنڀالڻ لاءِ رکيل آهي”.
    “حد آهي تون پنهنجو علاج ڪرائي، تون نارمل انسان ناهين، تون “جنسي مريض” ٿي چُڪو آهين، اها تنهنجي جنس بُک انسانيت لاءِ نقصانڪار آهي”.
    ***


    باغي ڇورو 

    “اڙي گُلو ٻُڌ ته سهي ٿورو هيڏانهن اچ”.
    “جي چاچا جي......!”، گُل محمد چاچي فيضوءَ جي سڏ تي جيءُ جيءُ ڪندو ڀڄندو پهتو. چاچو (گُل محمد کي ڳوٺ وارا پيار سان گُلو چوندا هئا). گُلو تو واري ڇوري عليڙي (علي کي چاچي ڪاوڙ ۾ عليڙو پئي چيو) جو دماغ خراب ٿي ويو آهي، ڪلهه مولوي صاحب قاري حسين بخش اچي دانهن ڏني آهي”.
    گل محمد ڳالهه ٻُڌي پريشان ٿي ويو چئي، “چاچا خير ڇا ٿيو؟، ڇا جي دانهن ڏني آ مولوي صاحب؟”.
    “ابا گُلو قاري صاحب چئي پيو ته اهو عليڙو مون کان دين متعلق چِڙ ڏيارڻ واريون ڳالهيون ٿو پُڇي”.
    گُل محمد، “چاچا آخر علي اهڙو ڇا پڇيو قاري صاحب کان؟”.
    “اڙي تو وارو ڇورو عليڙو مولوي صاحب کان پُڇي ٿو تون پيش امام آهين، تون سڄي رات ڏينهن مسجد ۾ سُتو پيو آهين، اتي ٽِٽ ڦُوس ڏئين ٿو اها جائز آهي؟. تون هتي ڇهه ڇهه مهينا رهين ٿو تو واري زال اڪيلي ٿي رهي اهو ڀلا تو واري مذهب ۾ جائز آ؟. تو هر هفتي جمعي تي رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل کي ويٺو گاريون ڏئين ڀلا عوامي ڀلائي جون ڳالهيون ڪرڻ ڪُفر آهي ڇا؟. تون اسان کي ساڳي روزي، نماز، زڪوات جون ڳالهيون پيو ٻُڌائين ٻيو ڪجهه اچئي ڪونه ٿو ڇا؟، تنهنجا پانچا ڀيڏين کان به ايترا مٿي آهن اها اوگهڙ ڪونهي؟. تنهنجي نظر ۾ عورت جو مقام صرف ماني پچائڻ سيڪس ڪرڻ آهي ان کان وڌيڪ ڇو نٿو سوچين؟. تون لونڊي بازي جي خلاف ڇو نٿو ڳالهائين؟. تون رڳو هِندو هِندو ڪافر ڪافر پيو ڪرين انسانيت جي ڳالهه ڇو نٿو ڪرين؟. تون وتين ٿو جهاد لاءِ اعلان ڪرائيندو ڪڏهن تون ڪنهن انسان جي مدد به ڪئي آهي؟. تنهنجو پيٽ ڏسي لڳي ئي ڪونه ٿو ته تون ڪنهن سُنت تي عمل ڪيو هوندو........ ۽ ٻيو به الئي ڇا ڇا بڪواس ڪيو اٿئين تو وارو ڇورو عليڙو مذهب کان باغي ٿي پيو اٿئي ۽ ٻُڌ گُلو مولوي صاحب چئي پيو مذهب ۾ سوال پُڇڻ ڪُفر آهي ۽ تو وارو ڇورو ڪُفر پيو ڪري!”.
    گُل محمد چاچي جون سڄيون ڳالهيون غور سان ٻُڌيون ۽ آخر ۾ نڪ تي هٿ رکندي چيو، “توبهن زاري چئبو ته اهو قاري صاحب به ائين ئي آهي، ان ۾ سُنت ذري ڪونهي!”.
    چاچو اها ڳالهه ٻُڌي باهه ٿي پيو گاريون ڏيندي گُل محمد کي چيائين، “هتي ته “دن” کي ئي رولو آ، مون سمجهيو هڪ ڇورو باغي ٿيو آ.................
    ***


    عذاب

    عذاب

    “مومل يار ڪٿي گُم آهين؟، اڄ سڄو ڏينهن ميسيج جو رپلائي به نه ڏنو اٿئي!”.
    “يار طبيعت سهي ناهي”.
    “ڇا ٿيو تنهنجي طبيعت کي؟، تون ته روز بيمار لڳي پئي آهين حد آهي يار!، جڏهن پُڇان ٿو رڳو بهانا ويٺي ڪرين!”.
    “يار تون سمجهين ڇو نٿو!، منهنجي طبيعت خراب هئي، مان ان ڪنڊيشن ۾ نه هئس جو رپلائي ڏئي سگهان ها”.
    “ڇو اهڙو ڇا ٿي ويو هو؟”.
    مومل، “يار منهنجا پيرڊس (ماهواري) شروع ٿي ويا هئا”.
    “پوءِ ان ۾ ڇا آهي اهڙو؟”.
    مومل، “اهڙو ڇا مطلب؟، يار تون ته وڏو خود غرض آهين!، توکي ڪهڙي خبر ته مون ڪهڙو عذاب سٺو آهي ۽ هر مهيني عذاب سهندي آهيان، تون ڇا ڄاڻين ته پيرڊس (ماهواري) جو هر ڏينهن ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي هوندو!. تون ڇا ڄاڻين ته پيرڊس جي دورانEndomatrium Layer ٽُٽڻ قيامت جي غذاب کان گهٽ ناهي هوندو. پليز پهريان تون خود غرضي جو پردو اکين تان هٽائي منهنجو درد محسوس ڪر، آئون جيڪو “عذاب” سهان ٿي اهو محسوس ڪر پوءِ ڳالهائجان..............
    ***


    نيگيٽِو

    نيگيٽِو

    “يار حد ٿو ڪرين ائين به ٿيندو آهي ڇا!. هُوءَ تنهنجي محبوبا آهي تون هُن جون تصويرون سڀني کي پيو ڏيکارين!.”
    عديل انگريزي ۾،
    You mean lover?, My foot I only want to use Her thats all.
    “پر يار ڏس ته سهي هُوءَ ڪيڏي معصوم ۽ پياري آهي، توسان پيار به ته ڪيترو ڪندي آهي!”.
    عديل، “يار علي ڳالهه ٻُڌ...... ايڏي جي نه ڀلي هُجي ها ته مون سان فون تي ڪونه ڳالهائي ها الائي ڪيترن سان ڳالهائيندي هوندي، مون ڪو ٺيڪو ته ڪونهي کنيو جو هر ڇوڪريءَ سان عشق ڪريان ۽ وري شادي ڪريان. اهڙيون ڇوڪريون بس يوز ڪرڻ لاءِ هونديون آهن تون ڇا سمجهين تو ۾ ته لڇڻ آهي ڪونه رڳو مٿو ويٺو کائين!”.
    علي، “يار پر فون تي ڳالهائڻ واري هر ڇوڪري خراب ته ناهي هوندي نه!. سچي محبت به ته جنم وٺندي آهي نه ۽ هُوءَ ته توسان بيحد پيار ٿي ڪري تون الزام ڪيئن پيو هڻين هُن تي تو وٽ ڪو پروف آهي ڇا ۽ ٻُڌ فون ته تنهنجي “ڀيڻ” وٽ به آهي پوءِ.............؟؟؟”.
    ***


    جديد محبوبا

    جديد محبوبا

    موبائيل کي هٿن ۾ ڦيرائيندي چيائين، “سُٺو ٿيو جان ڇُٽي!. خرچ ٽڪو ڪونه ڪندو هو رڳو مڙس کي عشق جو شوق هو. وڏا شعر پيو پڙهي ٻُڌائيندو هو. ان ڀُوڪ کي ڪير سمجهائي ته تنهجي شاعري سان گُل احمد جي برانڊڊ لون ۽ ڪاٽن ناهي ايندي ۽ اسٽائلو جا پرس ۽ شوز ان گسيل ڦٽل شعرن سان ناهن ايندا. ان ڍڳي کي ته اها خبر به نه هئي ته باڊي اسپري جا گهڻا برينڊ آهن. هي ته بيوٽي پارلر کان به اڻ واقف هو ان کي ڪير سمجهائي ته نيل پالش آئون هزارن جي وٺندي آهيان. ٻُڌ هڪ دفعي چيومانس مون کي “لِلي” جو برينڊڊ بريزر کپي ته ريڙهي تان رنگيلو رٻڙ وارو وڃي وٺي آيو. هڪ دفعا لِپ ڪِس ڪئي مانس ته منهنجي لِپسِٽڪ چپن تي لڳي ويس جنهن کي زبان سان چٽيندي چيائين واهه جو ڪيڪ هو شٽ يار شينا صفا گڏهه هو ڪو. اڙي هڪ بُکيو ٻيو نالو ڏکيو ٻه ڪتاب لکيو ڪڇ ۾ کنيو وتندو هو هاهاهاها”.
    “نينا” شينا سان تاڙي ملائيندي ٻڌائيندي پئي وئي، “اڙي ٻُڌ هڪ دفعي چيومانس هل ته هلون مِرچي 360 تي ته خبر ٿئي ڇا ٿو چوي؟. مرچون ته اسان وٽ ٻن قسمن جون ٿينديون آهن هڪ لونگي ڳاڙهيون ٻيون وري ڊگهيون هاهاهاها........”.
    شينا، “ڪُجهه ڪئيي به يا نه؟”.
    “اڙي هڪڙي دفعا ائين ئي ويجهو ڪيومانس ته ٽنگون ڏسي وات گودو هڻي ويس چئي تنهنجي ٽنگن تي وار ناهن اهو ڪيئن ۽ ڇو؟. اڌ ڪلاڪ سوال ڪندو رهيو مون به پري ڪندي هيئر رموور کڻي ڏنومانس ۽ چيومانس هڻي ڏسجان هاهاهاها”
    “يار نينا تو ويچاري جي دل توڙي ڇڏي!”.
    “هاهاهاها سُٺو ٿيو نه!، هاڻ هڪ ٻيو “ڪتاب” لکندو شاعري جو........
    ***


    حلال روزي

    حلال روزي

    سيٺ تازو عمرو ڪري وريو هو. هونئن ته سيٺ اڪثر عمري تي ويندو هو ۽ جلدي اچي ويندو هو پر هن دفعي پورو مهينو رهي پوءِ آيو هو. اچڻ سان وڏي خيرات ڪيائين. تر جا سڀ سيٺ پيڊين وارا، دُڪانن وارا گهرايائين. رڳو وڏين گاڏين جون قطارون هيون.
    هئي هئي سڀ نيڪو ڪار اچي گڏ ٿيا هئا. پاڻ اچي ڪچهرين ۾ کُليا، ڪنهن ٻُڌايو ته مون پنج عمرا ڪيا آهن، ڪنهن چيو ته ڏهه، ڪِن ته ويهه به ڪيا هئا، سڀ صوم صلوات جا پابند نظر پئي آيا.
    سيٺ الحاج محمد قاسم جنهن جي خيرات تي اچي گڏ ٿيا هئا ان سڀني سان حال احوال ڪندي پُڇيو، “ڏيو خبر ڀلا هيلوڪو ڪڻڪ ڪنهن اسٽاڪ ڪئي آهي؟”. پهريان سيٺ پاڻ ئي ڳالهه چوري، “هن واري ڪڻڪ گهٽ آهي مون ته پنج هزار مڻ رکي آهي ٻه پارٽيون لڳل آهن بليڪ تي پنج سئو رپيا وڌيڪ ملن پيا”.
    ٻئي سيٺ چيو، “مون به هيل دوائون لڪائي ڇڏيون هيون، پنج سئو واري ٿيلهي اٺ هزار جي ماڻهون منٿون ڪري وٺي ويا!”.
    ٽئين سيٺ ٻُڌايو، “ته هيل کنڊ جو اسٽاڪ سڄو مون وٽ هو. مهينو ته ماڻهن کي مِٺاڻ کان محروم ڪري ڇڏيم”.
    چوٿين سيٺ چيو، “اسان ته ڪريانه جو سامان اسٽاڪ ڪندا آهيون سو مڙئي انٽريسٽ سُٺو مليو وڃي!”.
    پنجين سيٺ چيو، “مون کي ته ٽينشن ئي ڪونهي پنجن بئنڪن مان منافعو اچي پيو!”. ائين ڪچهريءَ هلندي رهي، سڀ پنهنجي نيڪي جا قصا ٻُڌائيندا رهيا، سيٺ الحاج محمد قاسم چيو، “سبحان الله سڀ حرام کان پري رهجئو..... ۽ ائين خُدا جي بندن جي خدمت ڪندا رهو......
    ***


    نيڪ 

    استغفرالله، نعوذاباالله، ڪافر ڪافر جون پريان کان دانهون ٻُڌڻ ۾ پئي آيون، علي جي ڪنن تي آواز جو پيو ته ڀڄندو ان طرف ويو. ڇا ڏسي ته هڪ ڳاڙهي ڏاڙهي سان مُلان ٽئنڪي جهڙو پيٽ کنيو پِنڻ واري باگڙياڻي کي چماٽون پيو هڻي. علي ڀڄندي وڃي باگڙياڻي کي ڇڏايو ۽ مُلان کان پُڇيو، “ظالم هن معصوم کي ڇو ٿو مارين؟”.
    پريان کان ڳاڙهي ڏاڙهي واري مُلي جي پُٺيان اڇين ڪارين ننڍين دُن جيتري ڏاڙهين جي فوج بيٺل هئي، اهي سڀ جا سڀ گڏ ڳالهائڻ شروع ٿي ويا، “هي باگڙياڻي ڪافر آهي، هن ڪُفر ڪيو آهي اسان هن کي نه ڇڏينداسين”.
    ڳاڙهي ڏاڙهي واري جنريٽر جهڙي مُلان اڳتي وڌندي چيو، “اسان “نيڪ” نمازي پرهيزگار ماڻهو آهيون، هن اسان جي ڪولر مان اسان جي گلاس سان پاڻي پيتو آهي، هي ڪافرياڻي آهي اسان ڪونه ڇڏينداسين!”.
    باگڙياڻي ويچاري ڊائنوسار جهڙن مُلن اڳيان ننڍڙي سائيز جي پتڪڙي “ريوڙي” پئي لڳي. جنهن مُلان جو اهو دُڪان هو ان کي علي به سُڃاڻيندو هو ۽ خبر هئس ته مُلان مسجد مان چوري واري لائٽ هلائيندو هو ۽ اٽي ۾ به بوسو ملائيندو آهي ۽ شين جا ريٽ پنهنجي مرضي سان فڪس ڪندو هو پر هو وڏو نيڪ، سندس ايمان خطري ۾ هو، ڪافرياڻي سندس دين کي للڪاريو هو.
    علي کين چيو، “آئون توهان کي ڪولر ۽ گلاس نئون ٿو وٺي ڏيان، هن معصوم کان غلطي ٿي وئي هن کي معاف ڪريو”. مُلان نئين ڪولر گلاس جي ڳالهه ٻُڌي ٿڌا ٿيا، دُڪان واري مُلان ڏاڙهي ۽ پيٽ تي هٿ ڦيريندي چيو، “ٺيڪ آ”.
    علي باگڙياڻي کي چيو، “ڀلا هاڻ اهو پُراڻو ڪولر ۽ گلاس تون کڻي وڃ”. باگڙياڻي ڏند ٽيڙيندي چيو، “اي صاحب هُو مُلو مئل جو ڪفن ڪونه ڇڏيندو اهو جڳ گلاس ڪٿي ڏيندو!”.
    علي ڏٺو ته مُلان واقعي ٻئي ڪولر کڻي اندر رکي ڇڏيا، علي روانو ٿي ويو، باگڙياڻي وري پِنڻ کي لڳي وئي، ڳاڙهي ڏاڙهي واري مُلان اڄ وري “دين” کي بچائي ورتو.
    ***


    ڀڳوان جي مرضي

    ڀڳوان جي مرضي

    جوان ٿيڻ جي پهرين نشاني اُرهن جي اُڀرڻ کي مڃيو ويندو آهي. اِندرا جا اُرهه به گُلاب جي مُکڙي وانگر ڳاڙهاڻ سان وڌڻ شروع ٿيا هئا ته ڳوٺ جي وات ڳاڙهن ڇورن جي اک سندس مٿان هٽندي ئي ڪونه هئي.
    اندرا جنهن اڃان پنهنجي جوانيءَ کي دل سان قبول ئي نه ڪيو هو. هُوءَ ته ويٺي ٻارڙن سان کيڏندي هئي. امڙ پوتيءَ مٿي تي رکڻ لاءِ بار بار پئي هڪلون ڪندي هئس پر هُوءَ انهن سڄين ڳالهين کان بي نياز ٿيو پئي گُهمندي هئي.
    وڏيرو اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ واري ٻنيءَ تي گُهمڻ لاءِ نڪتو هو. گُهمندي ڦرندي بصرن جي فصل ۾ اچي پهتو جيڪو وشنوءَ کي هارپي ۾ ڏنل هو. وشنوءَ ويچارو زال ٻارن سان بصرن جي گُڏ ۾ مگن هو اوچتو جو وڏيري کي ايندي ڏٺائين ته ڀڄندو وڃي ٻانهون ٻڌي اڳيان بيٺس.
    گُڏ ۽ گرمي ان وقت ڀلا پوتيون سنڀالڻ جو ڪنهن کي هوش هوندو آهي. “اندرا” اسڪرٽ نُما ننڍي چولي ۾ هئي جنهن جيئن هٿ مٿي کنيو پئي ته سندس سنهڙي چيلهه ۽ ان جي وچ ۾ سنهڙو گول چُگهه ظاهر ٿيو پئي پر هُن کي ته اها به خبر نه هئي ته منهنجي جسم جي ان حصي ته به ڪنهن جي بُري نظر پوندي!.
    وڏيرو وشنوءَ سان ڳالهائي رهيو هو ته اچانڪ سندس نظر اندرا تي پئي، اتفاق سان “اندرا” اُن وقت مٿي اُٿي ٻنهي هٿن سان چهري تان پگهر پئي صاف ڪيو. وڏيرو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو واپس هليو ويو.
    صبح جو سوير ڳوٺ ۾ چئوٻول هليو ته وشنوءَ جي گهران ٻڪرين جي چوري ٿي وئي آهي. وشنوءَ ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي ويٺل هو. “اندرا” جي ماءُ اڱڻ جي پاسي ۾ ويٺي رُني.
    اندرا ڦاٽل چولي سان گهر جي اڱڻ ۾ ٽُٽل کٽ تي بي هوش پئي هئي. وشنوءَ ويچارو ڀڳوان جي مرضي سمجهي رت جو ڍُڪ پي ويهي رهيو.
    ***


    ڪمزوري 

    “يار شڪيل ڏي خبر ڀلا ٻي شادي جو ڇا ارادو آهي؟”.
    “اڙي سني يار تون به نه!. اسان کان هڪ نٿي سنڀالجي ۽ تون ٻي جي ٿو ڳالهه ڪرين!”.
    “اڙي ڇو ڀلا؟. پاڻ واري پاڙي وارو مُلان خُدو ته ٽِين شادي ڪري آيو آهي”.
    “ڀلا ايڏو ڪو طاقتور آهي ڇا؟”.
    “اڙي هن عمر ۾ اچي ڇِتو ٿيو آهي. اڃان ته پهرين زال جوان هئس ته ٻي شادي ڪري آيو ۽ ٻي ويچاري ته اٺاويهه سالن جي آهي، هينئر جيڪا نئين ڪري آيو آهي اُها ويهه سالن جي آهي”.
    “يار هي نڀاڳو سڄو ڏينهن حڪيم هڻ کڻ وٽ ويٺل هوندو آهي لڳي ٿو ڪو هيري جو ڪُشتو وٺي آيو آهي!”.
    “يار بس ڳالهه نه پُڇ......... هروڀرو ڌُوڙ مُنهن ۾ پاتي اٿئين!، پهرين واري اڪ شيدي سان سيٽ اٿئي ٻُڌو اٿم ٻه دفعا جهلي به اٿن”.
    “هاهاهاها يار حالت آهي پوءِ به ايڏي بي شرمي..........
    ڪچهريءَ هلندي رهي مٿان کان سُريش به اچي پهتو، سلام ڪري ويهي رهيو، ويهندي چيلهه تي کڻي هٿ رکيائين، “يار شڪيل ڏاڍو سُور آهي چيلهه ۾!”.
    “ڇو ڀلا ڇا ٿيو؟”.
    “اڙي هيترا ڏينهن ٿيا هئا موڊ ئي ڪونه پئي ٿيو تو واري ڀاڀي ڏاڍي ڪاوڙيل هئي رات وياگرا ورتم سو اهو حال ٿيو آهي.......
    “سني يار پاڻ واري پاڙي ۾ ٻُڌم ته فيصل کي به زال ڇڏي وئي آهي”.
    “ڇو ڀلا؟، ڇو خير ڇا ٿيو؟”.
    “يار ويجهن ماڻهن کان ڳالهه ٻُڌم ته پهرين رات همراهه ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪُجهه ڪري ڪونه سگهيو سو صبح جو سوير مائي ٽپڙ ٻڌي رواني ٿي وئي”.
    “ير شڪيل ٻُڌ مرد وڏو اناپرست آهي، ڏاڍ مُڙسي جو سڄو ڏينهن پٽڪو ٻڌيو وتي، ڊاڙون هڻندو ير ان کان ته عورت طاقتور آهي جنهن جي ڪڏهن ڪمزوري ظاهر ڪونهي ٿي.....
    ***


    نسل 

    پير صاحب پٽڪي کي ور ڏيندي ڳالهه شروع ڪئي، “اسان اهلبيت آهيون، اسان جو شُجرو حضُور جي خاندان سان ملي ٿو، توهان تي اهو فرض آهي ته توهان اسان جي اطاعت ڪريو، توهان اسان اهلبيتن جي غلامي ڪرڻ لاءِ پئدا ٿيا آهيو، توهان منهنجا مُريد منهنجي ڪري عذابن کان ڇُٽندئو ۽ الله رب العزت توهان کي فردوس ۾ جاءِ ڏيندو، هڪ ٻي ڳالهه ته توهان جا وڏڙا سڀ هِندو ڪافر هئا، توهان اسان جي ڪري دين ۾ داخل ٿيا آهيو”.
    سڀني ويٺلن چيو، “سبحان الله حق حق پير صاحب!”، آچن چيو، “نُور مِٺي جو قسم مون اهڙو نيڪ انسان زندگي ۾ ناهي ڏٺو”.
    ولڻ چيو، “سائين جي چهري تي نُور ته ڏسو اصل چوڏهين جو چنڊ پيو چمڪي”. ائين محفل ۾ ويٺل سڀ غريب غُرباءَ مُريد سرٻاٽن ۾ پير سائين جون تعريفون ڪندا رهيا. مُحسن کي اها ڳالهه سمجهه م نه پئي آئي سو اُتان کان اُٿي هليو آيو.
    اچي پنهنجي پيءُ سان سڄي ڳالهه ڪيائين ته پير صاحب ڇا پئي چيو، مُحسن، “بابا هي پير صاحب واقعي ايڏو نيڪ ۽ پُهتل آهي ۽ هن جو شُجرو وڃي حضُور جي خاندان سال ملي ٿو”.
    مُحسن جي پيءُ پهريان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو پوءِ رازداري سان پُٽ کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو، “پُٽ اصل ۾ هيءَ افغاني نسل جا پٺاڻ آهن، هنن جو ڏاڏو گڏهه تي ٻه رليون کڻي هتي آيو هو پوءِ هتي هنن سيد، پير، مُرشد سڏائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته اسان حضُور جي آل آهيون. اسان جي اٻوجهه ماڻهن هنن کي ديوتا سمجهي پُوڄڻ شروع ڪري ڇڏيو، آهستي آهستي اسان جا غريب ماڻهو انتهائي غريب ٿي پيا ۽ هي معزز پير صاحب هزارين ايڪڙ ٻنين، مال ملڪيت جا مالڪ ٿي پيا، پُٽ هنن جو نسل ناهي هي “بي نسلا” اٿئي........
    ***


    چُوتيو 

    عامر سوچيندي “آئون چوتيو آهيان”، ٻئي لمحي، “نه نه آئون چُوتيو نٿو ٿي سگهان، مون وٽ يونيورسٽي جي ڀلي ڊگري آهي، نوڪري، ڪار، پئسو، گهر ٻار آئون چُوتيو ڪيئن ٿيندس!”.
    وري ذهن جي ديوار تي گهنٽي وڄيس ٿي، “پر آئون چُوتيو ئي آهيان اهو ان ڪري جو پڙهيل لکيل هوندي به ڪڏهن سماج ۾ تبديلي لاءِ ڪم نه ڪيو اٿم، رڳو پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو رهيو آهيان، انسانيت جي ته خبر به ناهي ڇا ٿيندي آهي، ڪنهن جو ڪڏهن هڏ ڏوکي به ناهيان رهيو!”.
    وري سوچيندي، “پر يار الله کي خوش ڪرڻ لاءِ هر سال لکين رپيا مسجدن، مدرسن ۾ جو ڏيندو آهيان، ان کان علاوه مون واري مائي ته درگاهن جون پيتيون ڀري ڇڏيون آهن، آئون چُوتيو نٿو ٿي سگهان اهو مُمڪن ناهي!”.
    صوفي تي ٽيڪ لڳائيندي ذهن ۾ وري خيالن جي ولوڙ، “ير چُوتيو ته آئون آهيان، مون ڪڏهن اهو ناهي سوچيو ته منهنجا ٻار هيڏن وڏن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر ٻي خلق وٽ سرڪاري اسڪول به مُيسر ناهن!. مون ڪڏهن ان ڳالهه تي به ناهي سوچيو ته منهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهو ڪيئن ٿا زندگي گُذارين. مون ته ڪڏهن پنهنجي ڊرائيور کان به ڪونهي پُڇيو ته تنهنجي زندگي ڪيئن ٿي گُذري!. انهن اٺن هزارن مان گُذارو ٿئي به ٿو يا نه؟. مون ته ڪڏهن سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين ڏانهن به ناهي ڏٺو. مون ته ڪڏهن مسجدن مدرسن ۾ ڏنل پئسي جي پُڇا به ناهي ڪئي ته اهو پئسو ڪٿي ٿو استعمال ٿئي!. ها آئون بي حس ٿي پيو آهيان، آئون هڪ اهڙو جانور ٿي پيو آهيان جنهن جو پيٽ ڀرجي ٿو ته جنسي عضوو تيار ٿئي ٿو ۽ وري جنسي عمل ڪري سمجهان ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي”.
    سوچيندي، “ها پر آئون چُوتيو ڪيئن ٿيس؟. منهنجا واسطا اميرن ڪبيرن، اشرافن، آفيسرن سان منهنجو اٿڻ ويهڻ، کائن پيئڻ سماج جي مُعتبر ماڻهن سان آئون چُوتيو ڪيئن ٿيس؟”.
    دماغ ۾ وري سوچن جو زلزلو ٿو اچيس، “تون چُوتيو آهين ڇو ته تون سڀ ٺيڪ سمجهي سُمهي پيو آهين، پرائي ڳالهين چوڌاري واري چمڪ ڌمڪ تي هِري پيو آهين، ها هڪ ڳالهه آهي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي پيو آئون صاف ڪپڙن وارو مُهذب جانور ٿي پيو آهيان ۽ هيءَ جيڪا شريف زادن جي جُهنڊ آهي ان ۾ وائڙو گُهمان ٿو پيو ها پر مون کي لڳي ٿو آئون چُوتيو ناهيان پر “مها چُوتيو” آهيان!”.
    ***


    پيڙاءُ 

    چاچو سارنگ لٺ جي سهاري سان اُٿيو ۽ آهستي آهستي هلندي اچي اوطاق تي پهتو. جيئن چاچو سارنگ اوطاق تي پهتو ته سڀ ادب ۾ اُٿي بيهي رهيا. چاچو سارنگ هڪ ته عمر ۾ سڀني کان وڏو هو ۽ ٻيو ڳوٺ جو چڱو مڙس به هو. چاچو ڪُرسي تي ويٺو ته سڀني کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين سڀ ويهي رها.
    ماحول ۾ سانت لڳي پئي هئي، چاچي جي اڳيان ڪنهن کي ڳالهائڻ جي همٿ ڪونه پئي ٿي، چاچي سڀني ڏي نهاري پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ابا ڏيو خبر خير ته آهي نه؟، سڀ ائين خاموش ڇو ويٺا آهيو ڪو حال احوال ته ڏيو”.
    عنايت خاموشي ٽوڙيندي ڳالهايو، چاچا سائين ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته اليڪشن اچي وئي آهي هاڻ ووٽ ڪنهن کي ڏجي اهو مشورو وٺڻ لاءِ اچي سڀ گڏ ٿيا آهيون”.
    چاچي اکين تان عينڪ هيٺ سرڪائيندي پڇيو، “اميدوار ڪير آهي ڀلا؟”.
    “چاچا اميدوار هڪڙو ته ڀُورل شاهه جو پُٽ آهي ٻيو وري ڪارل شاهه جو پوٽو ۽ ڪُجهه آزاد اميدوار به آهن”.
    چاچي مٿي نهاريندي هڪل ڪئي، “اهو ڀُورل شاهه اهو ساڳو آهي نه جنهن کي ٽي دفعا ووٽ ڏئي کٽرايو هئوسين؟”.
    “ها چاچا ساڳو..........
    “اڙي منهنجا ٻچڙا.......... هي سنڌ انهن “شاهن” مان ڇو اچي اڙي آهي. الله جي پاران ڪو ڪتاب نازل ٿيو آهي ڇا يا “قرآن” ۾ ڪا آيت آهي ته هنن شاهن کي سڄي عمر ووٽ ڏيڻا آهن، ابا سڀ ڪن کولي ٻُڌي ڇڏيو ڪوبه اهڙو اميدوار جيڪو هنن پُراڻن اميدوارن جي ڀيٽ ۾ ڏهه پرسنٽ به لڇڻ وارو آهي ته ووٽ ان کي ڏجو پر هنن چورن کي ووٽ نه ڏجو. هنن ته اسان جو “رت” پي ڇڏيو آهي. هنن ته اسان جي سنڌ امڙ جو ساهه سُڪائي ڇڏيو آهي ۽ ها سڀ وڏي عمر وارا ٻُڌي ڇڏيو اگر هڪ پوڙهو ڀڙوو نڪري ته سئو ڀڙوا پئدا ڪندو آهي پر اگر هڪ پوڙهو مڙس ٿي بيهي ته مُڙس ماڻهن جا نسل پئدا ڪري وجهي!”.
    چاچو سارنگ ائين چوندو لٺ جي ٽيڪ سان گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
    ***


    بي لڇڻائي

    بي لڇڻائي

    امير گهر پهتو ته رات جا لڳ ڀڳ يارنهن وڳا پئي، نشي ۾ ٿڙندو گهر ۾ داخل ٿيو هو. شهنو ويچاري جنهن ڪافي دير کان مُڙس جي اچڻ جو انتظار پئي ڪيو ڀڄندي ماني کڻي آئي ۽ اچي اڳيان رکيائينس پر امير ٻانهن کان هٿ وجهندي هيٺ بيد تي ڪيرائي ڇڏيس، چيائين، “ماني آئون کائي آيو آهيان هاڻ بس توکي چکڻو آهي”.
    شهنو زبردستي پاڻ ڇڏائيندي پري ٿي ويٺي پر امير وري ڇِڪي ويجهو ڪيس، اُن ڇِڪ ڇِڪان ۾ امير جي وات ۾ ڀريل گُٽڪي سفينا جي پُڙي وارو ڪِن بيڊ تي اچي ڪريو، جيڪو ڏسي شهنو کي اُلٽي اچڻ لڳي. هيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳس.
    امير بدستور ضد ڪندو رهيو پر شهنو سختي سان هٿ پري ڪندي چيس، “منهنجي ويجهو نه اچجان نه ته رڙيون ڪري سڄي گهر کي اٿاري ڇڏيندس”.
    امير، “ڇو؟ ڇا ٿيو اٿئي؟، تون زال آهين منهنجي ۽ اهو تنهنجو فرض آهي ته تون منهنجي ضرورت پوري ڪرين”.
    شهنو ڪاوڙ ۾، “شڪل ته ڏس بي سُري وڌيل ڏاڙهي جيڪا گهڻن ڏينهن کان ڪوڙائي ڪونه اٿئي، پگهر جي ڌپ جهڙو ڪو ڪُتو مُئو پيو هجي، وات ۾ ڪِنو گٽر، ڳاڙها ڏند، لڇڻ نالي ذرو ڪونه ٿو لڀئي، شرم ڪونه ٿو اچئي اڃان مون کي ٿو فرض ياد ڏيارين، اڙي جي نه منهنجي ڏاڙهي هُجي ها ۽ جسم تان وار به صاف ٿيل نه هجن ها ۽ سگريٽ مُٺ تي پيئان ها ۽ گُٽڪو سفينا کاوان ها ته تون مون سان شادي ڪرين ها؟، شرم ڪر........
    امير شهنو جون ڳالهيون ٻُڌي پنڊپهڻ ٿي پيو ۽ اٿي شيشي ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏٺائين ته سچ ۾ ڪراهت اچڻ لڳس.
    ***


    کدڙي جو مذهب 

    چنبيلي باٿ روم ۾ ننگو وهنتو پئي، سامهون کان وڏو سندس قد جيترو شيشو لڳل هُئس، پاڻ بغير ڪپڙن جي غور سان پنهنجي جسم کي ڏسي رهيو هو.
    گُلابي چپ، خوبصورت چهرو، وڏيون ويڪريون اکيون، سُهڻي ڳِچي ۽ ان کان ٿورو هيٺ اُڀريل چُهنب سان ڪشش واريون ڇاتيون، سنهڙي چيلهه، ان کان هيٺ جڏهن ڏٺائين ته اکين مان ڳوڙها وهي آيس. ٻنهي هٿن سان چهرو لڪائي باٿ روم جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي هيٺ ويهي رهيو ۽ روئندي روئندي سُڏڪا ڀرڻ لڳو.
    گهڻو روئڻ کان پوءِ جڏهن ڪُجهه سامت ۾ آيو ته مٿي مُنهن ڪري تصوراتي خُدا سان ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “اي خُدا منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟، جو تو مون کي اهڙو سُهڻو جسم ڏنو پوءِ به ان اندر نر يا مادي وارا جنسي عضوا ۽ احساس نه ڏنا......... اي خُدا ڇا آئون عذاب خانن ۾ پلجڻ لاءِ پئدا ڪيو ويو آهيان!؟. اي خُدا ڇا تو وٽ منهنجي لاءِ ذرو مِٽيءَ به کُٽي وئي هئي جو تو مون کي اهي ننڍڙا عضوا به نه ڏنا............. اي خُدا جڏهن تو مون کي اڻ پورو ۽ اڌورو پئدا ڪيو آهي ته پوءِ پڪ سان مون تي دوزخ به حرام ڪيو هوندئي پر هڪ ڳالهه جيڪا تو کان پُڇڻي آهي اي خُدا جڏهن منهنجي اندر لذت وارا احساس ۽ عُضوا ناهن ته پوءِ تنهنجي مذهبن سان منهنجو ڇا وڃي؟. هي جيڪي روز تنهنجي عبادتن جا پهرا آهن انهن سان منهنجو ڇا!!!؟؟”.
    ***


    رنڊيءَ جو خُدا

    رنڊيءَ جو خُدا

    هُن پنهنجي نئين گراهڪ کان واندو ٿيندي پنهنجي پُراڻي جگري سهيلي کي ڪال ڪئي، “هيلو مُسڪان ڪيئن آهين؟”.
    جواب، “ٻِن مردن سان سُمهي اٿي آهيان ٻيو ڪيئن هوندس ڀلا!. تون ٻُڌائي؟”.
    “ها آئون به هاڻ واندي ٿي آهيان، هڪ پوڙهو کڳ الُو چمڙي جهڙي گراهڪ هو جنهن جان ئي ڪونه پئي ڇڏي.......... مُسڪان هڪ ڳالهه پُڇان؟”.
    “جي پُڇ يار........
    “تنهنجي خُدا توکي ٻه گراهڪ موڪليا ۽ مون واري مون ڏي هڪ پوڙهو کڳ...... ڀلا پاڻ کي عزت واري خُدا، اميرن واري خُدا، پئسي واري خُدا، سُڪون واري خُدا، شرافت جي زندگي واري خُدا وٽ انٽري ملي سگهي ٿي؟”.
    “اڙي يار تون به ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين...... پاڻ انهن سڀني خُدائن پاران پئدا ڪيل شرافت جو چولو پهريل ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڄميا آهيون، شايد پاڻ وارو خُدا انهن سڀني کان ڪمزور ۽ هيڻو آهي!”.
    ***


    ٽرئجڊي

    ٽرئجڊي

    “هيلو يار آڪاش ڪٿي پيارا؟”.
    “دڪان تي ويٺو آهيان ٻيو ڀلا ڪيڏانهن ويندس!”.
    “هل ٺيڪ آهي تون اتي ئي ويهجان آئون پنج منٽن ۾ پهچان ٿو.”، ٺيڪ آ چئي آڪاش فون بند ڪري ڇڏيو. شاهزيب جنهن پنج منٽن ۾ اچڻ جو چيو هو سو ڦٽڦٽي جو زُوڪاٽ ڪندو اچي چار منٽن ۾ ئي پهتو. اچڻ سان ئي تڪڙ ڪندي، “يار آڪاش هل جلدي اُٿ جلدي ڪر......
    آڪاش، “اڙي ڇا ٿيو آهي اهڙو؟. يار صبر ته ڪر گراهڪ آهي وڃي ته هلون ٿا سيٺ ٽر ٽر ڪندو!”. شاهزيب ڦٽڦٽي تي ئي ويٺو رهيو، هيٺ لهي دڪان ۾ نه ويٺو. آڪاش سندس اُڻ تُڻ محسوس ڪري ورتي سو سيٺ کان موڪل وٺي شاهزيب کي حُجت ۾ ٻه ٽي گاريون ڏيندي چيو، “هاڻ هل ڀلا ڪهڙو ساهه پئي نڪتئي!؟”.
    “اڙي ير زندگي جو مسئلو آهي تو کي مذاق ٿي لڳي......
    “هللللل هلللللل........... هاڻ ٻُڌائي کڻي...........
    “گهڻئي ٿيو يار.......... اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته تنهنجي ڀاڀيءَ لاءِ موبائيل فون ورتو اٿم، هينئر گهر ۾ ڪير ڪونه اٿس سو ميسيج ڪيو اٿئين ته ڏئي وڃ، هاڻ هي موبائيل فون وٺ ۽ جڏهن هُن جي بيٺڪ وٽ پهچون ته تون هي موبائيل بيٺڪ جي دروازي مان اندر اُڇلجان، هُوءَ پاڻهي ئي کڻي وٺندي!”.
    شاهزيب نوڪيا جو موبائيل آڪاش کي ڏنو. آڪاش به موبائيل وٺي پاسي واري کيسي ۾ رکي ڇڏيو.
    جڏهن شاهزيب جي محبوبه جي گهر وٽ پهتا ته آڪاش هلندڙ ڦٽڦٽيءَ تان موبائيل بيٺڪ جي در مان اندر اُڇلي ڇڏيو. اُن وقت لائٽ ويل هئي اتفاق سان آڪاش جي موبائيل ۽ شاهزيب جي ورتل موبائيل جو ماڊل به ساڳيو هو ۽ رنگ به ساڳو هو سو آڪاش کي اونداهيءَ ۾ خبر ئي ڪا نه پئي، نئين موبائيل بدران پنهنجو پُراڻو موبائيل جنهن ۾ ٻه ايڪٽِوو سِمون لڳل هيون اهو اڇلائي ڇڏيائين.
    جڏهن واپس پُهتا ته آڪاش کي غلطي جو احساس ٿيو پر پاڻي مٿي کان چڙهي ويو هو. هوڏانهن شاهزيب جي محبوبه جيئن موبائيل کنيو ته آڪاش جي دُڪان جي گراهڪن جون ڪالون اچڻ شروع ٿي ويو.
    اُها محبوبه جنهن کي ڏسڻ لاءِ شاهزيب پيو سڪندو هو رڪشو ڪرائي اچي پهتي ۽ موبائيل اڇلائي واپس ڏيندي چيائينس، “نڀاڳا تو کي دنيا ۾ اهو ڪال سينٽر واري جو موبائيل اچي لڌو هو ڇا جنهن تي اڌ ڪلاڪ ۾ سئو ڪالون اچي ويون آهن!”.
    بس پوءِ شاهزيب جون منٿون هُيون ۽ محبوبه جا گُفتا............
    ***


    ڪاري

    ڪاري

    “امان او امان.............. هُو مون کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا........ مون کي بچائي انهن ظالمن کان..........”، صائمه روئندي پيرن اُگهاڙي گهر ۾ داخل ٿي هُئي. اچڻ سان ماءُ کي ڀاڪر پائي چنبڙي پئي، “امان هُو مون کي مارن ٿا، مون کي “ڪارو” ڪندا....... امان مون کي بچائي.....
    ماءُ جنهن پنهنجي ڌيءَ کي صبح تيار ڪري، ناشتو ڪرائي اسڪول لاءِ موڪليو هو. پنهنجي ڌيءَ کي جو اهڙي حالت ۾ رڙيون ڪندي ڏٺئين ته اندر جُهري پيس، پريشان ٿي وئي، ڌيءَ کي سيني سان لڳائي آٿت ڏيندي، “امان ڇا ٿيو؟، مون کي ٻُڌائي آئون ويٺي آهيان نه توکي ڪير ماريندو!؟”.
    “نه امان هُو ظالم مون کي نه ڇڏيندا، مون کي ماري ڇڏيندا، امان هُو، بابا ۽ ادا به ظالمن سان مليل آهن، امان مون کي بچائي مان مرڻ نٿي چاهيان، امان الله ڏسي ٿو آئون ڪاري ناهيان”.
    ماءُ پنهنجي ڌيءُ جي اهڙي حالت ڏسي اندر ۾ وڍجي پئي، ڌيءُ کي آٿت ڏيندي پُڇا ڪيائينس، “امان ٿيو ڇا آهي؟، ڇو اچي اهي ڇِتا ٿيا آهن؟”.
    صائمه ڪُجهه سامت ۾ آئي ته ماءُ کي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻُڌايائين، “امان هُو رئيس جو پُٽ آهي نه موالي گُلڻ اهو مون کي پنجن مهينن کان تنگ ڪري پيو ته مون سان دوستي رک، امان مون عزت خاطر ڪنهن کي نه ٻُڌايو...... هُو روز منهنجو اڳ جهلي بيهندو هو، مون کي تنگ ڪندو هو، مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو، مون اسان جي پرنسپل ميڊم کي به شڪايت ڪئي جنهن پوليس کي چيو جو ڪلهه اسان جي اسڪول اڳيان پوليس بيٺي هئي ان تان گُلڻ ڪاوڙجي مون کي نياپو موڪليو هو ته توکي نه ڇڏيندس، توکي اغوا ڪري ويندس، هيئنر جڏهن مان اسڪول ويس پئي ته گُلڻ پنهنجي ساٿين سان مون کي زوري کڻي اوطاق ۾ بند ڪيو ۽ مون سان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون رڙيون ڪيون جنهن تي هُنن مون کي ڏاڍو ماريو، منهنجي رڙين تي ماڻهوءَ ٻاهر گڏ ٿيا ته گُلڻ مون کي ٻاهر ڪڍي ماڻهن سامهون بابا ۽ ڀاءُ کي گُهرائي چيو ته صائمه ڪاري آهي، مون پنهنجي ڊرائيور سان جهلي آهي. ان تي سڀ منهنجا دشمن ٿي پيا آهن، بابا ۽ ادا مون کي مارڻ لاءِ پُٺيان پيا اچن، امان مون کي بچائي آئون “ڪاري” ناهيان......
    دروازي تي زور سان لت لڳي، دروازو آواز ڪري کُلي ويو، سوڍو جنهن جي هٿ ۾ ڪُهاڙي هئي، اشرف جنهن جي هٿ ۾ دو نالي بندوق هئي اندر داخل ٿيا. سوڍو صائمه جو پيءُ ۽ اشرف ڀاءُ هو. اشرف هڪل ڪئي، “ڪٿي آهي ڪاري؟. اسان توکي نه ڇڏينداسين اُڦٽ مارينداسين”. صائمه در بند ڪري ڪمري ۾ لِڪي وئي، اڄ کيس موت سامهون کان نظر پئي آيو، هُوءَ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، سندس اکين ۾ ڪئي سُندر سپنا هئا. هُوءَ جنهن هميشه ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏٺا هئا اڄ هيسيل هرڻي وانگر جلاد بڻيل پنهنجن کان لڪي رهي هئي.
    صائمه جي امڙ سوڍي جي پيرن تي پوتيءَ رکندي چيو، “منهنجي ڌيءَ ڪاريءَ ناهي. هُوءَ پاڪ دامن صاف آهي، الله کي مڃيو ظُلم نه ڪريو، اهو موالي گُلڻ ڪوڙ ٿو هڻي”.
    اشرف جي اکين تي ڪوڙي غيرت جي پٽي چڙهيل هئي، جنهن ماءُ جي ممتا کي به نه ڄاتو، امڙ جهڙي هستيءَ کي ڌِڪو ڏيندو ڪمري جي دروازي طرف وڌي ويو، امڙ سوڍي جي پيرن تي هٿ رکي روئڻ ايلاز ڪرڻ لڳي، “سوڍا هُوءَ تنهنجي ڌيءَ آهي، هُوءَ ڪاريءَ ناهي، هُن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو هُن کي بخش ڪر!”.
    پر سوڍي جي اکين تي ڪوڙ جي دز چڙهيل هئي، اندران کان صائمه سُڏڪا ڀري روئي رهي هئي ۽ پنهنجي ڀاءُ پيءُ کي منٿون پئي ڪيائين، “او ادا او بابا مان ڪاريءَ ناهيان، مون تي يقين ڪريو!”.
    صائمه جي امڙ مسلسل روئندي رهي ۽ پنهنجي پُٽ ۽ مُڙس کي منٿون ڪندي رهي، اشرف بندوق جي ڪُنداق سان دروازو ڀنڃي ڇڏيو ۽ وارن کان گِهلي صائمه کي ٻاهر ڪڍي اڱڻ تي ڌِڪو ڏنو، اشرف بندوق سِڌي ڪري صائمه تي فائر ڪيو ته امڙ اڳيان اچي وئي ۽ بندوق مان نڪرندڙ بارود سندس جسم کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. اشرف ٻيو فائر پنهنجي ڀيڻ جي مٿان ڪيو صائمه “ڪاري” ٿي وئي.
    اشرف پنهنجي ڀيڻ کي ماري ڇڏيو، سوڍي پنهنجي ڪاري ڌيءُ کي قتل ڪري مُڇ وٽي ڏاڍ مُڙسي کي زندهه ڪري وِڌو!.
    ***


    رئيس پُوزٽ خان

    رئيس پُوزٽ خان

    “اي سومر ير ڪٿي؟”.
    “اڙي ڪٿي وري ڪٿي........!. رئيس پُوزٽ خان جو نياپو آيو آهي سڏايو اٿئين بنگلي تي!”.
    سومر، “ڇو خير ته آهي؟، انهيءَ “پُوزٽڙي” کي تنهنجي ياد ڪيئن اچي وئي؟”.
    “اڙي ير آچر اها اليڪشن جو اچي پئي ٻيو وري ڪهڙو ڪم هوندس”
    سومر، “ٻُڌ ڀلا تنهنجا ته ڇوڪرا هڙئي پڙهيل آهن ۽ شهر ۾ نوڪريون ٿا ڪن پوءِ تون بنگلي تي ڪيئن؟، ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي!”.
    “ير آچر ڳالهه ٻُڌ......... رئيس پُوزٽ خان جو نياپو آيو، پهريان ته ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته نه وڃان پوءِ سوچيم گهر ۾ لِڪي ويهڻ کان ڀلو آهي هلي وڃي چوانس ته پُوزٽ خان هيءَ ايڪيهين صدي آهي، ماڻهوءَ چنڊ تي گهر پيا ٺاهين هاڻ گهڻو ٿيو غريب ماڻهن کي “چُوتيو” ٺاهڻ بند ڪر!”.
    آچر، “واهه ير........ هل ته آئون به هلان ٿو هلي ٻئي ان پُوزٽڙي جا ڌاڻا ٿا ڪڍون.......
    ***


    اُلٽي

    اُلٽي

    “مُئي نڀاڳي شمون ڪٿي مري وئين؟. اٽو اڌ ۾ رهيو پيو آهي، مکيون لامارا پيون ڏين جلدي اچ نڀاڳي..........
    “شمون او شمون.............
    پوڙهيءَ ائين ئي ٻاڪاريندي رهي پر شمون پنهنجي وارن کي پئي ٺاهيو. چئي، “هُونهه... پاڻ اٽي ۾ هٿ وجهيو پوءِ ويٺي هُل ڪري........... شل ڏائنڻ مري ته جان ڇُٽي........
    اوچتو شمون جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، اُٻڙڪون اچڻ لڳس، سيني تي هٿ ڏئي اڱڻ ۾ لڳل واش بيسڻ ڏي ڀڳي، واش بيسڻ وٽ پُهتي ته “اُلٽي” اچي ويس، پريان کان شمون جو مڙس به گهر ۾ داخل ٿيو هو، شمون کي “اُلٽي” ڪندي جو ڏٺائين ته ڊوڙندو آيو، اچي شمون جي ڀرسان بيٺو، پريان پوڙهي شمون جي سس جيڪا هيستائين شمون تي تپي ويٺي هئي سا اُٿي ۽ جُهمر هڻڻ لڳي ۽ سهرا ڳائڻ لڳي، “پُٽ پينگهن ۾، پينگها محلات ۾، لوڏڻ واريون لک........ منهنجي راڻل کي مولا ڏيندو پُٽ..........
    “او هن اڱڻ تي خان لڳي وئي بهاري.........
    پريان کان شمون هڪل ڪئي، “او مُئي پوڙهيءَ....... ڇا تي ٿي جُهمريون هڻين؟. ڇا ٿي ويو مون کي ڪو پُٽ ڪونه پيو ڄمي، رات جيڪو آلو جو رهي وارو ٻُوڙ ٺاهيو هُئيي نه...... اُن اچي پيٽ ۾ ولوٽ وڌي آ........ تڏهن “اُلٽي” آئي آهي............
    ***


    فقير

    فقير

    “الله جي نالي تي ڪا خيرات جي ذري ڏيو بابا...... الله خوش ڪندو، قلندر جو فقير در تي آيو آهي...... بابا حق علي ڀلي ڪندو........ بابا خير ڏيو بابا.....
    فقير در تي صدائن جي ڌُم لڳايو بيٺو هو، قد ڪاٺ ۾ “بگ شو” ريسلر جهڙو پئي لڳو، وڏي ڪاري قميص، ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ رنگ برنگي پٿرن واريون مُنڊيون پاتل، “او امان...... او ادي خير ڏيو بابا......
    اچانڪ آهستي سان ٿورو در جو تاڪ کُليو، اندريان سُهڻي سيبتي پڪي عمر جي پڙهيل لکيل عورت هٿ وڌائي فقير کي ڏهن رپين جو نوٽ ڏنو، فقير هڪل ڪئي، “او امان اسان ڏهه رپئي وارا ناهيون........... اسان قلندر جي نگري جا علي علي ڪرڻ وارا فقير آهيون... امان ڪو سئو جو نوٽ ڏي ته ڪو توهان جي نالي سان درگاهه شريف تي خير خيرات ڪيان.”.
    عورت فقير جي ڳالهه ٻُڌي دروازي مان ٻاهر نڪري آئي، “ڇو فقير تون اسان جي نالي سان خيرات ڇو ڪندين؟. اسان ڪو مري ويا آهيون ڇا؟ ۽ ها ٻُڌ تون جي ايڏو نه پُهتل هُجين ها ته ڏنڊو هٿ ۾ کڻي ڳليءَ ڳليءَ “ڌِڪا” ڪونه کائين ها ماٺ ڪري ڏهه رپيا وٺ ۽ وڃي ڪا محنت مزدوري ڪر، خوامخاهه ۾ اچي خوار ٿيو آهين “پِن” جي پُٺيان......
    دروازو بند ٿي ويو، فقير جو مُنهن تيڪ لڳل ٻڪري جهڙو ٿي پيو.
    ***


    GIVE AND TAKE

    GIVE AND TAKE

    ساحل رڙيون ڪري چوندو رهيس ته، “اهي ماڻهوءَ ٺڳ آهن، تنهنجو غلط استعمال ڪندا، تون نازڪ نفيس آهين، تنهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويندو پليز تون ان ضد تان لهي وڃ ته بهتر آهي، تون اڳي ئي دوکو کائي چُڪي آهين.
    هُوءَ مُسڪرائي ساحل طرف ڏسڻ لڳي ۽ چيائينس، “چريا تو کي ڪهڙي خبر هيGive and take جو دور آهي. وڌ ۾ وڌ ڇا ڪندا جيڪا شئي هُنن کي کپي اُها آئون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان باقي اهي تو وارا کوکلا “اصول” ۽ “عشق” پاڻ وٽ سنڀالي رک. انهن جي هاڻ ويليو ناهي رهي.
    ائين چئي هُوءَ ساحل کي اڪيلو ڇڏي پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي.
    ***


    عيد مُبارڪ

    عيد مُبارڪ

    اڳئين صِف ۾ بيٺل مولوي صاحب اٿيو ۽ خُطبي لاءِ ممبر تي چڙهي بيٺو، “مسلمانو توهان خوشنصيب آهيو جو توهان کي الله سائين عيد جهڙي خوشي ڏني، جن به توهان مان رمضان جا ٽيهه روزا رکيا ڄڻ بهشت ۾ پنهنجو گهر پڪو ڪري ورتو. اي مسلمانو پاڻ ۾ تفرقو ختم ڪريو، محبت سان رهو، پاڙي وارن جو خيال رکو، عيد جي ڏينهن جي مُناسبت سان پاڻ مان جهيڙا جهٽا ختم ڪري کير کنڊ ٿي وڃو ته الله توهان تي مهربان ٿيندو، توهان تي پاڙي وارن جا ۽ غريبن جا حق آهن انهن جا حق ادا ڪريو.
    مولوي صاحب خطبو ڏيندو رهيو، سڀ چُپ چاپ وڏي غور سان کيس ٻُڌي رهيا هئا، خطبو پورو ٿيو عيد نماز پڙهي سڀ پاڻ ۾ ملڻ لڳا، ساجن به ڊوڙ ڪري وڃي مولوي کي ڀاڪر پائي عيد مُبارڪ چئي.
    کيس چتيون لڳل ڪپڙا پاتل هئا، پيرن ۾ ٽُٽل چمپل پيل هئس، ان وقت مُلان رئيس سان عيد ملڻ لاءِ اٿيو هو، مُلان ساجن کي ٻانهن کان جهلي ڌڪو ڏيندي پري ڪيو ۽ اڳتي گُذري ويو، اڌ ماڻهو پاڻ ۾ عيد ڪونه مليا ڇو ته آچو ۽ الو پاڻ ۾ ڪونه ٺهن، شان ۽ سليمان ڪونه ٺهن، رمون ۽ خمون ڪونه ٺهن، رئيس ڪُرسي تان اُٿي ڪنهن کي هٿ ڪونه ڏنو، گهمنيو جوڳي خيرات لاءِ ويٺل هو پر نبي جي دين جا محافظ کيس نظرانداز ڪيو اڳتي وڌندا پئي ويا.
    ويرسي رائمل وارا جيڪي ويچارا صبح کان چريون کوٽي باهيون ٻاري عيد نماز پڙهڻ وارن لاءِ برياني تيار ڪري ويٺل هئا اُهي جيئن چانور وٺڻ آيا ته پريان زين صاحب هڪل ڪئي، جيڪو تازو آفريڪا مان ٻارنهن مهينا چلو هڻي آيو هو، “انهن کي متان چانور ڏنا اٿئو، اهي پاڪ نمازين جا ثواب وارا چانور آهن، هي ته ڪافر آهن!”.
    ننڍڙا ٻار مستين ۾ پورا هئا، علي سڄو منظر ڏٺو ويٺي سو پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي “عيد مُبارڪ” ڪنهن کي چئجي...... انهن منافقن کي چوندو نڪري آيو......
    ***


    محبت جن جي من ۾

    “ٻُڌ سائين.....
    “جي سائين ٻُڌايو..........
    “توهان مرد وڏا موقعي پرست آهيو!”.
    “اهو وري ڪيئن؟”.
    “ڏس نه آئون توسان بي حد محبت ڪندي آهيان ٻُڌائي ڪندي آهيان نه!؟؟”.
    “ها سائين بلڪل ڪندي آهين”.
    “پوءِ به جڏهن توسان ملان ٿي تون رڳو مون سان سيڪس ڪرڻ جي پُٺيان ڇو لڳي پوندو آهين؟”. “يار سيڪس فطري عمل آهي ۽ مرد اهو عمل صرف عورت سان ئي ڪري سگهي ٿو ٻيو ڀلا آئون ڪيڏانهن ويندس؟”. “يار اها ڳالهه ئي ته مون کي سمجهه نٿي اچي توهان مرد پنهنجي سواد حاصل ڪرڻ لاءِ فطرت کي هٿيار ٺاهي بيهي رهندا آهيو ڇو ڀلا!؟؟”. “اڇا تون ئي ٻُڌائي سيڪس کان تون انڪاري آهين؟”.
    “مون ائين ڪڏهن چيو ته ڪو انڪاري آهيان، منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته توهان مرد سيڪس جي پُٺيان ڪريزي ٿي پوندا آهيو ۽ ان جي بنسبت عورت کي صرف بي حد پنهنجائپ، پيار ۽ سُڪون جي ضرورت هوندي آهي. عورت چاهيندي آهي ته هُن جو محبوب کيس بي حد پيار ڪري، بس پاڻ کان پري نه ڪري. عورت هڪ حد تائين سيڪس جي حامي هوندي آهي پر توهان مردن وانگر چو ويهه ڪلاڪ چري ناهي هوندي. خبر اٿئي عورت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر عورت سان جڏهن مرد حقيقي پيار ڪندو آهي نه تڏهن عورت مرد کي پاڻ ارپي ڇڏيندي آهي”.
    “يار تون به نه الائي ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ويهي رهندي آهين، ڪڏهن ڪڏهن ته موقعو ملي ٿو ليڪچر ڇڏ ۽ ڪُجهه ڪرڻ ڏي!”.
    هُوءَ کيس گُهوري ڏسي ٿي. اڄ هُو کيس روايتي مرد لڳو.
    ***


    ننڍو صاحب

    ننڍو صاحب

    “شرفو او شرفو....... ڪٿي مري وئين!”.، ننڍو صاحب وڏي آواز سان اوطاق ۾ شرفو کي سڏ ڪري رهيو هو. شرفو ويچارو به ڇا ڪري!. پنج منٽ پهريان ئي پاڻ وسڪي وٺڻ موڪليو هئائينس. واپس آيو ته صدوري گن مين هڪل ڪيس، “شرفو ننڍو صاحب اصل تنهنجي مٿان تپيو پيو اٿئي، رڙيون پيو ڪري.
    شرفو پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي، “شرفو ڇا ڪري؟. وڏي رئيس ۽ ننڍي صاحب ڀڄائي ڀڄائي اصل منهنجيون کُڙيون ئي گسائي ڇڏيون آهن”. ويچارو شرفو ڊڄندو اوطاق جي ڪمري ۾ ويو. ننڍو صاحب، “اڙي شرفو ڪٿي مري وئين ڪڏهن کان پيو سڏ ڪريان ٻوڙو ٿي ويو آهين ڇا ڪُتا”.
    ۽ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون گاريون ڏنائينس. شرفو ويچارو چُپ چاپ ٻُڌندو رهيو. صاحب گاريون ڏئي ڍئو ڪيو ته ڪجهه ٿڌو ٿيو. شرفو کي سڏ ڪندي، “اڙي شراب ته وٺي آئين هاڻ شباب جو بندوبست ڪير ڪندو؟”.
    صاحب هزار جو نوٽ ڪڍي ڏنس ته شرفو پيلا ڏند کڻي ڪڍيا ۽ سڀ مليل گاريون وسري ويس، “صاحب بندوبست ٿي ويندو هُوءَ رضيه آهي نه جنهن کان اڳئين دفعي ڇوري کڻي آيا هئاسين سائين ان ڏي وڃان ٿو”.
    صاحب، “نه نه شرفو...... اُن وٽ مال مزي جو ڪونهي، پُٺئين دفعي به ڇوريءَ اڌ رات ته روئڻ ۾ وڃائي ڇڏي هئي، تون هيئن ڪر “مِينا” ڏي وڃ اُتان ڇوريءَ کڻي اچ!”.
    شرفو مِينا جو نالو ٻُڌي ٿورو گهٻرائجي ويو. ننڍو صاحب ٻاهرين ملڪ مان وڏي ڊگري وٺي آيو هو، رئيس وڏي گهڻئي ملڪيت ٺاهي هئي سو نوڪري جي ته ضرورت هئس ڪونه ويٺو عياشيون ڪندو هو. ننڍو صاحب، “شرفو ٻُڌو ڪونه تو؟؟”.
    شرفو هٻڪندي، “پر سائين..........
    صاحب، “پر وري ڇا؟، تو کي چيم نه وڃي ڇوري کڻي اچ مِينا کان”.
    “صاحب “مِينا” رئيس وڏي جي ويهاريل آهي، رئيس کي اگر خبر پئي ته منهنجو ته سر ويو..........
    “اڙي رئيس وڏو اسلام آباد ويل آهي، تون وڃ ۽ وڃي مِينا واري ڇوري کڻي اچ!”.
    شرفو ويو ۽ مِينا کي ننڍي صاحب جو نياپو ڏئي سندس ننڍي ڇوري کڻي آيو. صاحب نشي ۾ ڌُت هجي کيس هڪ “شاٽ” هڻي ويٺو هو. هُوءَ سندس پيراندي کان ويٺي کيس جسم تي ٿڌڙا ڪڍي رهي هئي ۽ کيس ٻئي “شاٽ” لاءِ تيار ڪري رهي هئي. ننڍي صاحب کي الئي ڇا “من” ۾ سُجهيو جو پُڇي ويٺس، “ڇوري ٻُڌ توهان سڀ ڌنڌو ڪريو؟”.
    “نه صاحب اسان وٽ صرف امان اهو ڪم ڪندي هئي، اسان ته رئيس وڏي جا غلام آهيون، توهان جو نياپو آيو ته منع ڪونه ڪري سگهياسين!”.
    “اڇا پڻهين ڇا ڪندو آهي؟”.
    “سائين اسان جو پيءُ ناهي!”.
    “ڇو؟، ڪيڏانهن مري ويو!؟”.
    “سائين “امان” کي رئيس وڏي شادي ڪرڻ ئي ڪونه ڏني”.
    “ننڍي صاحب” جو دماغ چڪرائجڻ لڳو، نشا اُڏامي ويس، ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي ويهي رهيو، “مِينا” رئيس وڏي جي ويهاريل هئي، هيءَ ڇوري رشتي ۾ سندس “ڀيڻ” پئي لڳي........
    ***


    فِرقا

    فِرقا

    الله اڪبر الله اڪبر اشهد ان لا اِلاهه اشهد ان محمد رسول الله!. فجر جي آذان ٿي پئي، لائوڊ اسپيڪر جو آواز ظهير جي ڪنن سان ٽڪرايو، پاڻ آذان ٿيڻ تي ڪلمو ڀري اُٿيو، جلدي جلدي ۾ وضو ڪيائين، سندس دل ڪيو پئي ته اڄ باجماعت نماز پڙهي. سو ٻاهر نڪتو سائي پڳڙي سان مولوي صاحب ويو پئي ظهير کي ڏسي بيهي رهيو، “ماشاءَ الله ظهير صاحب!، اڄ توهان فجر جي نماز تي اُٿيا آهيو، الله توهان کي اجر ڏيندو، جزاڪ الله اچو اچو سامهون ڳليءَ جي ڇيڙي تي پنهنجي دعوت اسلامي جي مسجد آهي گڏجي نماز ٿا پڙهون!”.
    ظهير، “جي مولوي صاحب حاضر ٿيان ٿو”، چئي ٿورو آهستي ٿيو ته پريان اڇي پٽڪي سان ڀريل جسم سُهڻي سونهاري سان مولوي صاحب سڏ ڪيس، “ظهير صاحب توهان جو بابا ڏاڍو نيڪ ماڻهو هو، اسان سان گڏ ڪئي دفعا اسلام جي تبليغ لاءِ هليو هيءَ ڀر واري مسجد پنهنجي اٿئو اچو گڏجي نماز ٿا پڙهون!”.
    ظهير، “جي مولوي صاحب حاضر اچان ٿو”، چئي ٿورو آهستي ٿيو ته سندس پُراڻو دوست علي پئي آيو. ماشاءَ الله ڪارا ڪپڙا، پٽڪو، سونهاري رکيل..... ظهير سان ڏاڍي پيار سان مليو، پڇيائينس، “نماز جي تياري آهي؟”.
    ظهير چيو، “جي جي نماز لاءِ اُٿيو آهيان!”.
    محمد علي چيس، “پوءِ اچو اڳئين ڳليءَ ۾ پنهنجي مسجد آهي اهل تشيع جي گڏجي نماز ٿا پڙهون!”. ظهير جو دماغ چڪرائجڻ لڳو، ٻاهر گهر جي دڪي تي چڙهي ويهي رهيو، چوڌاري آذانن جو آواز پئي آيس، ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي ويهي رهيو، سمجهه ڪونه پئي آيس ته ڪيڏانهن وڃي؟. ڇا ڪري!؟. ٽوپي لاهي کيسي ۾ وڌائين ۽ اچي گهر سُمهي پيو......
    ***


    ڀوتار ۽ اليڪشن

    ڀوتار ۽ اليڪشن

    “مرحوم ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. اسان هميشه گڏ رهياسين. مون سان مرحوم تمام گهڻو پيار ڪندو هو!. مرحوم کي جيئن منهنجو نياپو ملندو هو اصل هڪ ساهيءَ ڊوڙندو ايندو هو......... بس بابا جيڪا رب جي رضا.......... الله اوهان کي صبر ڏئي ۽ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جائي ڏئي....
    ڀوتار عذرخواهي تي آيل هو ۽ لڳاتار پنهنجي سياسي تقرير واري انداز سان ماڻهن سامهون ڳالهائي رهيو هو. ماڻهن ۾ سُس پُس پئي هلي، “ڀيڻسان چئي ڇا ٿو!. هن نڀاڳي کي ڪنهن ٻُڌايو ڪونهي ته ڪير گُذاري ويو آهي!؟”.
    اوچتو جُوسي جو آواز گونجيو، “بس ڀوتار بس....... اڳتي هڪ اکر نه ڳالهائجان......... نه ته سُٺو ڪونه ٿيندئي..........
    ڀوتار سان گڏ آيل چمچا پريشان ٿي ويا، چوڌاري چمچن جو شور ٿي ويو، ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟. ڪن هڪلون ڪيون.
    هڪ چمچو ته اُلر ڪري اُٿيو، اُتي جُوسي خاموشي ٽوڙيندي وڏي واڪي هڪل ڪري چيو، “اڙي بيغيرتو........... جنهن جي توهان عذرخواهي ڪرڻ آيا آهيو اهو توهان جو يار نه بلڪه منهنجي زال “سوني” هُئي...............!!!”.
    ***


    بُجو 

    ڳليءَ ۾ پينو ڇوڪري کي ڪو دُڪان وارو ويهاريو ويٺو هو. هُوءَ به ٽهڪ ڏئي کلي پئي. دُڪان وارو کيس ويجهو ٿيندو پئي ويو. هي اُتان گُذريو پئي سو اهو منظر ڏسي دُڪان جي پاسي کان بيهي رهيو ۽ سندس گُڦتگو ٻُڌڻ لڳو.
    هونئن ته ڪنهن جي ڳالهه لِڪي ٻُڌڻ عيب آهي پر هتي ڪجهه معامرو ئي اهڙو هو. ڇوڪري مس ارڙنهن اوڻيهه سالن جي ٿيندي، حالانڪه ڪپڙا ميرا پاتل هئس پر ڳلن تي لالي، ڀريل جسم ۾ ڪشش هئس.
    دُڪان وارو بدستور کيس ڇُهي رهيو هو هُوءَ سندس هٿ پري ڪري رهي هئي. نيٺ دڪان واري پنهنجي دل جي ڳالهه ڪيس. هُن به نخري سان چيو، “شام جو بس ٽرمينل جي پُٺيان اسان جي بستي ۾ اچجان!”.
    سودو طيءَ ٿيو، هُوءَ گودڙي ڪُلهي ۾ لڙڪائي هلي وئي. هُن جي ذهن ۾ هڪ پُراڻي يادگيري تري آئي. پاڻ ڪئي سال اڳ ۾ ڪوٺي تي وڃڻ ٿيو هئس، ياد آيس ته ان وقت ڪنوارو هو شادي ٿيل نه هئس. هڪڙي ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪري سان ائين ئي ريٽ طئي ڪري ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
    ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط ڇوڪري ڪپڙا لاهڻ شروع ڪيا ته هن منع ڪيس. ڇوڪري حيران ٿي پئي هئي. هن چيو مون کي توسان ڪچهري ڪرڻي آهي. ڇوڪري تجسس سان کيس ڏسي ويهي رهي. هُن جي من ۾ اُڻ تُڻ هئي ته کائنس پُڇي ته هُوءَ ڪوٺي تي ڇو ويٺي آهي!”.
    خاموشي کي ٽوڙيندي هُن نيٺ پُڇي ورتس ته، “تون هتي ڪوٺي تي ڪيئن پُهتين ۽ تون هتي پنهنجي جسم جو سودو ڇو پئي ڪرين؟”. ڇوڪري بُت بڻجيو ويٺي هئي. ڪو جواب نه ڏنائين هن ساڳيو سوال وري دُهرايو.
    ڇوڪري اچانڪ اُداس ٿي پئي. نيڻن مان ڳوڙها ڳڙي پيس، هن ڏي نهاريندي اداسي سان چيائين. “ڇو ته منهنجي ماءُ” به ڪوٺي تي ويهندي هئي ۽ آئون اُتي ڄائي هئس!. اُن ڪري آئون به هتي پُهتي آهيان. هن مُلڪ ۾ اهو ئي رواج آهي وزير جو پُٽ وزير ٿيندو. آفيسر جو پُٽ آفيسر، مزدور جو پُٽ مزدور ۽ رنڊي جي ڌيءَ رنڊي ٿيندي............ هن مُلڪ ۾ ائين ٿيندو آهي!”.
    کيس محسوس ٿيو ڪير سندس مُنهن تي گهروڙي “بُجو” ڏئي رهيو هو. پاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري نڪري آيو.
    ***


    نئون يار

    نئون يار

    هڪ ڪال......... ٻي ڪال.............. ٽين ڪال...........
    عاطف مسلسل رِدا کي ڪالون ڪندو رهيو پر سندس نمبر ٻي ڪال تي مصروف پئي مليس. پريشاني جي حالت ۾ ڀِت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. من ۾ هزار وِسوِسا ٿيس پئي هن وقت رات جا يارنهن ٿيا آهن ڪنهن سان پئي ڳالهائي!. ڪير آهي؟. شٽ ياررررر........ حد ٿي وئي آهي کيس ذرو به احساس ڪونهي ته آئون ويٽ پيو ڪريان...............
    وري موبائيل هٿ ۾ کڻي ميسيج ٽائپ ڪري ٿو؛
    What happened janu me waiting........
    پر ڪافي دير تائين رپلائي نٿو اچيس. سگريٽ کڻي دُکائي ڊگها ڊگها ڪش هڻڻ لڳي ٿو. وري ڪال ملائي ٿو ٻئي پاسي کان جواب اچي ٿو؛
    The number you have dialled is on other call please wait.
    ائين مسلسل ڪالون ڪندو رهي ٿو رات جا ٻه ٿي ٿا وڃن پر نه ڪو رپلائي اچي ٿو نه ڪا ڪال.
    صبح جو سوير ميسيج اچي ٿو سوري يار رات تو ويٽ ڪيو هوندو فرينڊ سان پئي ڳالهايم. بس وري ڪو رسپانس نه ڪو رپلائي به نه. يونيورسٽي بند هجڻ ڪري ٻن ڏينهن کان کيس ڏسي به نه سگهيو هو. ٻن ڏينهن جي مسلسل ڪالن ۽ انتظار کان پوءِ نيٺ يونيورسٽي کُلي ته ڊوڙندو پنهنجي ڊپارٽمينٽ پهتو پر رِدا اڃان نه آئي هئي. هن ميسيج ڪيس پر رپلائي نه مليس. اندر ڪلاس ۾ سُڪون ڪونه پئي آيس سو رِدا جو ويٽ ڪرڻ ٻاهر ئي ويهي رهيو.
    ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ڪرولا ڪار اچي ڊپارٽمينٽ اڳيان بيٺي. ڏسي دنگ رهجي ويو ڇو ته ڪار جي اڳئين سيٽ تي رِدا ويٺل هئي. ڪار مان لهڻ سان رِدا هن کي اشارو ڪيو هي هڪ ساهي ڊوڙندو ويو. رِدا تعارف ڪرايس، “هي منهنجو ڪلاس فيلو آهي عاطف ۽ عاطف هي منهنجو فرينڊ آهي جوني!”.
    هو ڇوڪرو رِدا کي ڊراپ ڪري هليو ويو. عاطف مسلسل سواليه نظرن سان رِدا کي گُهوري رهيو هو، نيٺ رهيو نه ٿيس ۽ پُڇي ويٺو، “رِدا هي ڇا آهي؟ هي ڇوڪرو ڪير آهي؟ ۽ تون منهنجي ڪال ميسيج جو جواب ڇو نه پئي ڏنو؟”.
    رِدا مغروري سان ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري جواب ڏنس، “منهنجو نئون دوست آهي”.
    “رِدا پوءِ آئون ڇا آهيان؟. آئون ته توسان هيترو پيار ڪريان ٿو ۽ تو به ڪيترا سارا واعدا ڪيا آهن مون سان گڏ جيئڻ مرڻ جا........
    رِدا، “ليو اِٽ يار.......... رات گئي بات گئي....... تو سان آئون هونئن به رليڪس نه هئس ۽ تو وٽ آهي به ڇا؟. سُڃو آهين............ مون کي تو سان گڏ رهي ڇا ملندو؟؟”.
    عاطف جي ڪنن ۾ لفظ “سُڃو” هٿوڙي وانگر لڳڻ لڳو.
    ***


    پاڪ پويتر

    پاڪ پويتر

    اُن وقت عمر ويهه سال کن مس ٿيندس جڏهن سڳورن جي گهر لائٽ ٺاهڻ ويو هو. ابي وڃڻ کان اڳ ۾ هدايت ڪندي چيو هئس، “پُٽ ڪنڌ هيٺ ڪري وڃجان، هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسجان، پنهنجو ڪم ڪري جلدي واپس نڪري اچجان، هُو “پاڪ پويتر” آهن اسان سندن مُريد آهيون ڪِنا ڪوجها.................
    کيس اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون هيون ته اسان واري مُرشد کي ته ٻه هٿ، پير، اکيون، ڪن، نڪ آهي ته مون کي به ساڳا آهن پوءِ هُو پاڪ اسان ميرا ڪيئن ٿياسين!؟.
    ان سوال پُڇڻ ڪري ٻه دفعا ابي جي هٿان مار به کاڌي هئين پر سوال هو سو سندس من ۾ مانڌاڻ مچايو بيٺو هو. پاڻ ڪئي دفعا ماستر ڏني کان به اُها ڳالهه پُڇي هئين پر ماستر به ڪو مطمعن ڪندڙ جواب نه ڏنو هو. سو اڄ حويلي ۾ ويندي ٿورو خوف به ٿيو هئس پر وري همٿ ڪري هليو ويو هو ته جلدي ورندس.
    لائٽ جيجان جي ڪمري جي خراب هئي، هن ڪنڌ هيٺ ڪري جلدي جلدي لائٽ سيٽ ڪري ورتي هئي ۽ پوئين پير ٻاهر نڪري آيو هو. رات پنهنجي زال سان ڀاڪر ڀريندي سوچي رهيو هو ته هُو پاڪ پويتر آهن سندن جسم تي اهڙو الائي ڇا هوندو!!.
    جيجان جي ڪمري جي لائٽ وري خراب ٿي پئي هئي، نوڪرياڻي اڄ وري هن کي وٺڻ آئي هئي، هن وري نظرون جُهڪائي پنهنجو ڪم پورو ڪري ورتو هو. اصل ۾ جيجان سائين جي وڏي ڀيڻ هئي جنهن جي شادي ٿيل نه هئي ۽ ڪُنواري ويٺل هُئي.
    لائٽ خراب ٿيندي رهي هي ويندو رهيو، کيس ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو ته کيس ڪو لڪي لڪي چتائي ڏسي رهيو آهي!.
    لائٽ وري خراب ٿي پئي هئي هي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪم ڪري رهيو هو اوچتو ڪنهن ڪنڌ تي هٿ رکيس سڄو ڏڪي ويو. پوئتي نهاريائين ته هڪ خوبصورت اپسرا، وڏين ويڪرين اکين، گول چهري سان بيٺل هئي. پاڻ سمجهي نه سگهيو سو سواليه نظرن سان نهارڻ لڳو. جيجان سمجهي وئي کيس ٻانهن کان جهليندي بيڊ تي ويهاري چيائين، “مان سائين جي ڀيڻ آهيان، هي منهنجو ڪمرو آهي!”.
    هي ڊِڄ ۾ ڏڪڻ لڳو جيجان کيس ٻانهن کان وٺي سيني سان لڳائي ورتو.
    اڄ تيز تيز وکون کڻندو حويلي مان نڪري آيو هو ۽ اچي گُهوري گُهوري پنهنجي زال کي ڏسڻ لڳو، چپن ۾ ڀُڻڪڻ لڳو، “فرق ڪٿي آهي “پاڪ پويتر” ۽ تو ۾...............
    ***


    گُم ٿيل وجود

    گُم ٿيل وجود

    اونڌاهي ڪوٺي اک نه ڏسي گوڏو!.
    ڪُوٺي جي ڇت ايترو ويجهو جو ڪنڌ به مٿي نه ڪري سگهجي، ڪوٺي جي ڊيگهه جنهن ۾ ٽنگون سڌيون ڪرڻ جي جڳهه نه هُجي. هُو جسماني ڪمزور ٿي چُڪو هو پر سندس حوصلا آسمان تي چنڊ ستارن وانگر اونچا هئا.
    کيس ڪال ڪوٺڙي مان ٻاهر ڪڍيو ويو. اکين تي اڃان بدستور پٽي ٻڌل هئس. محسوس ٿيس ته ڪنهن وڏي حال ۾ هو پٽ تي گوڏن ڀر ويٺل هو..... پُٺيان کان هٿ ٻڌل هئس.
    اوچتو ڪنن تي لانگ بُوٽ جي ٺڪ ٺڪ جو آواز پيس پاڻ ڪمزور هُجڻ جي باوجود حوصلي سان سِڌو ٿي ويٺو. لانگ بُوٽ جو آواز اڃان ويجهو ٿي ويس. ڳرو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو، “تو تم هو آزاد سنڌي....... اتني عمر هو گئي هي پهر بهي مار کهاني ڪا شوق هي تمهين؟، ڪيون رياست ڪي خلاف بات ڪرتي هو مرني ڪا شوق هي؟”.
    آزاد ڪنڌ مٿي کنيو کيس نظر ته ڪجهه نه آيو پر محسوس ٿيس ته ڪو ديو جهڙي قد سان آهي کيس اعتماد سان جواب ڏنائين، “ميني ڪوئي غلط بات نهين ڪهي. ڪيا حق مانگنا غلط هي؟. جس ڌرتي په مين رهتا هون وه پوري مُلڪ ڪو چلا رهي هي اور بدلي مين اسي ڪيا مل رها هي؟. دهشتگردي؟، مارا ماري؟، مذهبي فيڪٽريان؟ بهوڪ؟. ڪيا ديا هي اس مُلڪ ني همين؟”.
    لانگ بُوٽ، “مطلب اتنا مارني ڪي بعد بهي تمهاري اڪڙ ختم نهين هوئي؟”.
    آزاد، “يه اڪڙ نهين ميرا غرور هي جو مجهي ميري ڌرتي اور ميري ڌرتي ڪي لوگون پر هي”.
    لانگ بُوٽ، “پر تمهاري لوگ تو تمهاري ليئي آواز بهي نهين اُڻها رهي!، چند لڙڪيان اور پاگل سي لڙڪي بيڻهي هوئي هين!”.
    آزاد، “مجهي ڪسي سي ڪوئي گِلا نهين، ايڪ دن آئيگا جب ميرا لهو رنگ لائيگا اور اس دن نا تو تم رهو گي نا يه تمهاري ڪال ڪوٺڙيان رهينگي!”.
    لانگ بُوٽ، “مين تمهاري گهر والون سي تمهاري بات ڪرا سڪتا هون، تم انڪو بولو ڪه چُپ ڪر ڪه گهر بيڻهين، يه احتجاج، دهرني اور بهوک هڙتال په نا بيڻهين، يه راسته چهوڙ دين ورنه هم تمهين اور ان سب ڪو مار دينگي!”.
    آزاد، “مجهي ڪوئي پرواهه نهين ڪه تم لوگ مجهي مار دوگي اور مجهي يه بهي پرواهه نهين ڪه تم سب ڪو مار دوگي، مجهي خوشي هي ڪه تم اتني طاقتور هوني ڪه باوجود ان نهتي بچون سي ڊر رهي هو، يهي ميري جيت هي........... يهي ميري جيت هي.............
    ***


    پلاند

    پلاند

    نُورو کٽ تي ائين پئي ڦڪيو جهڙو ڪُڪڙ سير پوڻ کان پوءِ ڦٿڪندو آهي.
    ڳوٺ جا سڀ چڱا اچي گڏ ٿيا هئا. ماسي نيامت جيڪا ڳوٺ ۾ دائپو ڪندي هئي تنهن کي ڳوٺ جا وڏا ننڊا ٻار توڙي ٻُڍيون عقل وارو سمجهندا هئا ۽ کيس ڏاڪدرياڻي چئبو هئس. ڳوٺ ۾ اڪثر سڀ جا سڀ اڻ پڙهيل هئا. چاچو آچو وڏڙو هو.
    نوري جو وڏو ڀاءُ ماستر فيضو جڏهن ڳوٺ ڇڏي ڀر واري اسڪول پڙهڻ پئي ويو ته فيضو جي پيءُ مرحيات سوڍي کي چيو هئين، “تو وارو ڇورو وري ڪهڙا پڙهي اڪ ڪارا ڪندو جو موڪلينس ٿو پڙهڻ!. هتي ڇڏينس ته ٻڪريون چاري ۽ هر هلائڻ سکي ته جيئن سُڀاڻ ٻنيءَ ٻاري ۾ تنهنجو هٿ ونڊائي!. هاڻ هليو آهي مُڙس پڙهي ڊگريون وٺڻ............
    بحرحال چاچي آچو ماستر فيضو جي پڙهڻ تي ان وقت وڏو هُل هنگامو ڪيو هو پر سوڍي جي نهڪر اڳيان آچو جون رڙيون نه هليون هيون ۽ ماستر فيضو نيٺ ستين فائنل جو امتحان ڏئي ڳوٺ وريو هو جو گورنمينٽ کيس سرڪاري ماستري جو آرڊر ڏئي ڳوٺ ۾ اسڪول کولي ڏنو هو.
    ماسي سڪينه کي ڪنهن ڪن ۾ ڳالهه وڌي هئي ته نورو ڦٿڪي پيو سو هڪ ساهيءَ ڀڄندي آئي هئي، مُرشد بودلي جي پيرن جي مٽيءَ کڻي اچي نوري جي ڇاتيءَ تي مليائين ته نوري اڃان اڳ کان وڌيڪ رڙيون ڪيون پريان ڪاڪي آميءَ هڪل ڪيس، “اي نڀاڳي ڇڏ کڻي ان مٽيءَ کي مڙس ٿو مري!”.
    سڀئي وڏڙا، پوڙها، زائفائون نوري کي تڙپندو ڏسي جُهري پيون هيون، ڳوٺ جي ويجهو ميلن تائين ڪو ڊاڪٽر ڪونه هو سو ڳوٺ وارن جي ذهن ۾ ڊاڪٽر جو خيال به ڪونه هو. فيضو ڀر واري ڳوٺ ڏي ٻه ڇوڪرا ڀڄايا ته وڃي حڪيم صاحب وٺي اچن سي به اڃان نه وريا هئا.
    سڀني جو ساهه مُٺ ۾ هو، ڪنهن سڙٻاٽ ڪيو، “ڪلهه نورو ڏينهن تتيءَ جو کٻڙ جي وڻ هيٺيان سُتو پيو هو!”. ڪاڪي آميءَ هڪل ڪئي، “پڪ نوري کي جِن لڳو آهي سائين مُجن فقير کي وٺي اچو”.
    اڃان اهي سڙٻاٽ هليا پئي ته حڪيم به اچي پهتو هو، نسن کي هٿ لائي ٻانهن کي هيٺ مٿي ڪري ٻه ڦڪيون ڪاغذ جي پرچي ۾ ويڙهي ڏنئيين چئي صبح شام کارايوس. حڪيم ڦڪيون ڏئي هليو ويو، ائين نوري کي ڦڪيون کاراين پر ڦڪيون ڪو فرق نه ڪن!.
    سڄي رات نورو تڙپندو رهيو. فيضو ويچارو هٿ وارو پکو کنيو سڄي رات سندس پيرانديءَ ويٺو رهيو پر نوري کان سُور گهٽ نه ٿيو. صبح جو سڀني جي صلاح تي سائين مُجن فقير کي وٺي آيا. سائين ڀلي گهوڙي تي بوسڪي جو وڳو پائي اچي پهتو هو. سڀ ڳوٺ وارا مُجن سائين کي واري واري سان پيرن تي هٿ رکي مليا پئي، فيضو پريان ڪُنڊ ۾ بيٺو هو، کيس انهن ڌاڳن ڦيڻن تي بلڪل به يقين ڪونه هو. نورو به انهن جنن ڀوتن کي ڪونه مڃيندو هو پر نورو ته سور ۾ ساڻو هو، فيضو به ڳوٺ وارن اڳيان ڪُجهه ڪُڇي ڪونه سگهيو.
    سائين مُجن فقير ايندي ئي چيو، “سڀ پري ٿيو نوري تي دم ڪريان ته خبر پوي!”. سائين نوري جي مٿان چادر وڌي اکيون بند ڪري ڪجهه پڙهڻ لڳو. ٿوري دير کانپوءِ اکيون کولي وڏيون رڙيون ڪيون ۽ هوا ۾ هٿ هلائڻ لڳو. ڳوٺ وارا ويچارا سڀ ڊڄي ويا هئا. سائين مُجن ٿوري دير کان پوءِ سڀني کي مُخاطب ٿيندي چيو، “نوري کي جِنن جي سردار جِن وڏي ديو جو سايو ٿي پيو آهي، ان تي پڙهائي ڪري چِلو ڪٽڻو پوندو!”.
    ڪاڪي آمي، سڪينه، آچو، فيضو اهو ٻُڌي سڀ پريشان ٿي ويا، مُجن فقير ڀُوري مينهن ڏي اشارو ڪندي چيو، “اها مينهن مون کي ڏيو آئون وڃي چِلو ڪٽيان!”.
    فيضو مُرشد کي مينهن کولي ڏني، مُجن فقير پاڙهيٽو ڪيو، رات گُذري ٻيو ڏينهن ٿيو پر نورو ٺيڪ نه ٿيو.
    فيضو فيصلو ڪيو ته نوري کي شهر جي وڏي اسپتال وٺي وڃي داخل ڪرائبو سو ٻئي ڏينهن نوري کي وٺي ڪراچي جي وڏي اسپتال آيو، اُتي ٽيسٽون ٿيون ته خبر پئي کيس گُڙدي ۾ پٿري آهي. فيضو نوري جي آپريشن ڪرائي پٿري ڪڍرائي جو نورو بلڪل صحتياب ٿي گهر آيو.
    گهر پهچڻ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته سندس ڀُوري مينهن غائب آهي. نوري فيضو کان پُڇيو. فيضو سڄو قصو ڪري ٻُڌايس. نورو چئي آئون اها مينهن ان ڍونگي مُرشد کان واپس وٺندس.
    ٻه ڏينهن ڇڏي نوري بيماري جو بهانو ڪيو سو وري سائين مُجن فقير ڀلي گهوڙي تي اچي ڳوٺ پهتو. وري ساڳي انداز سان دم ڪري چيائين، “نوري تي اڃان جِن جو اثر آهي!”.
    نوري به هڪل ڪري مُرشد ڏي لوهه پاتي اچي ڳِچي کان وٺي زمين تي دسيائينس، چئي ڍونگي منهنجي مينهن واپس ڪر جو مرشد قسم ڏئي پنهنجي جان بچائي. نوري مرشد جو گهوڙو جهلي ٻڌي ڇڏيو چيائينس، “منهنجي مينهن ڏئي پنهنجو گهوڙو ڪاهي وڃ”، ۽ مرشد مُجن فقير کي پنڌ روانو ڪيائين.
    ***


    ايمان وارو

    ايمان وارو

    “شائين او شائين رب مٺي جي نالي ڏهه رپيا ڏي دعا ڪندي شائين..............
    “او نماجي تون ڏي..........
    شنو فقيرياڻي هنن ٻنهي کي مسجد مان نڪرندي ڏسي اچي صدا هنئي هئي. عمر ۾ ٻئي اڌڙوٽ ٿي پيا هئا پر شوق چوٽيءَ جا هئن. شنو مسلسل صدا هڻندي رهي، “شاحب مديني وارو توهان کي خوش ڪندو............ شاحب صبح کان ڪُجهه کاڌو ڪونه اٿم........ ڏهه رپيا ڏيو شاحب.....
    زبير، “يار ڏس ڇوري کي مست لڳي پئي آهي ڇاتي ڏسينس!”.
    “ها ير پر رمضان آهي روزو به! ڇا ڪجي........!!”.
    “ڏسي وٺ.......... روزا ته وري پيا ايندا اِها ڇوري وري ڪونه ايندي”. زبير ايڪسري واري نظر سان شنو جي ڇاتي ۾ نهاريو، شنو سندس نظرن کي محسوس ڪندي به اڻڄاڻ ٿي پئي وري ساڳي نموني، “شاحب ڏيو نه....... شاحب بُک لڳي آهي............
    زبير، “ڪافرياڻي” ڀلارو مهينو رمضان پيو هلي ۽ تون اسان روزائتن سامهون ماني کائڻ جي ڳالهه ٿي ڪرين!”. زبير سندس وارن مان جهليندي گِهلي اوطاق ۾ وڌس.
    ٻنهي ڄڻن شنو سان اڄ روزو وِچين تي ٽوڙي وڌو هو.
    ***


    رمضان

    رمضان

    رئيس جي اوطاق تي اڄ وڏي رش هئي، هرجي پري کان ويٺي سڄو لقاءُ ڏٺو. هرجي جي زال لالي هرجي کان پُڇندي، “اڄ هي اوطاق تي ايڏي رش ڇا جي آهي ڀلا؟”.
    هرجي، “رمضان” آيو آهي.
    “اهو رمضان وري مُئو ڪير آهي؟”.
    هرجي، “او چريءَ رمضان مهينو جنهن ۾ مُسلا روزا رکندا آهن، سڄو ڏينهن بُک تي هوندا آهن”.
    لالي،“ته پوءِ ايڏي رش اوطاق تي ڇو!؟”.
    هرجي، “اڄ رئيس روزن کولڻ جي دعوت رکي آهي، سڀني وڏن ماڻهن کي دعوت ڏني اٿئين، ويهه ڇيلا ڪُٺا اٿس، ڪُڪڙ، پُلاءَ، زردا ۽ ٻيو به الائي ڇا ڇا ٺاهيو اٿن، سوير مُنڇي ٽيڪم پئي ٻُڌايو”.
    ايڏن طعامن جو ٻُڌي لالي جي اکين ۾ عجيب چمڪ تريءَ آئي ۽ ٻئي لمحي پنهنجي پُٽ آسو ڏي نهاريندي سندس چهري تان جهٽ ڏئي چمڪ غائب ٿي وئي. ياد آيس ڏينهن کان آسو ماني ڪونه کاڌي هئي پاڻ به رات ٿورو رُکو ٽُڪر کاڌو هئائين ۽ هرجي به بُکيو هو.
    صبح ساڻ هرجي ويو هو رئيس وٽ اٽي لاءِ پر رئيس ڇِڙٻ ڏيندي چيو هئس، “آئون ڪو توهان جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟. مهيني ۾ مڻ اٽو کايو ٿا........... وڃو مون وٽ يتيم خانو کُليل ڪونهي جو توهان کي ويٺو کارايان مهينو پورو ٿيندو ته اٽو ملندو.......... ايستائين وڃي مرو مون کي شڪل نه ڏيکاريو!!”.
    ***


    مزدور

    مزدور

    پُٽ، “بابا اڄ اسان جي استاد چيو ته توهان کي هڪ مئي تي موڪل آهي اسڪول نه اچجئو. بابا اها موڪل ڇو آهي؟. مون کي ته رياضي جا سوال هاڻ ئي سمجهه ۾ پئي آيا اها موڪل نه ٿئي ها ته ڪُجهه اڻپور جا حساب سکي وٺان ها”.
    “پُٽ اها موڪل مزدورن جي حوالي سان ڪئي ويندي آهي. پُٽ سڄي دنيا جا جيڪي مزدور آهن انهن کي مان مرتبو ڏيڻ لاءِ انهن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي”.
    “پر بابا هُو پنهنجا هاري ته اڄ به ٻنيءَ ۾ گُڏ ڪڍن پيا، سامهون وارو جيڪو بنگلو ٺهي پيو اُتي به اڄ مزدور ڪم ڪن پيا، سوير ڳليءَ ۾ ڏٺم ته پنڪچر وارو به ويٺو هو، برف واري به گڏهه گاڏي تي هوڪا پئي ڏنا، قُلفي وارو به ته هاڻ لنگهيو آهي، سامهون گاڏين وارو مستريءَ به ڪم پيو ڪري، اڄ ته مِل به کُليل آهي بابا پوءِ اهو ڏينهن ڪنهن جي مان ۾ پيو ملهايو وڃي؟. ادا وڏي جي ٻه لک رپيا پگهار آهي اهو سُتو پيو آهي، توهان گهر آهيو، منهنجي پڙهائي خراب ڪري اُستاد پڪنڪ تي نڪري ويو هوندو، جج موڪل تي، آفيسر موڪل تي........... بابا ڀلا مزدورن جي موڪل ڪڏهن ٿيندي!!؟؟؟”.
    ***


    اين جي اوز

    اين جي اوز

    “ٻُڌ اها ڇوري ڪير آهي؟”.
    “سر نئين آهي..........
    “فريش پِيس ٿي لڳي!”.
    “ها سر.............. اڄ ان کي انٽرويو ۾ سليڪٽ ضرور ڪجئو اصل توهان جون ڏهه آڱريون گيهه ۾!”.
    صبا يونيورسٽي مان ايم اي سوشيالوجي ۾ ڪئي آهي، ڏاڍي جذباتي آهي، مارُو ماڻهن جا ڏُک سُور ڏسي ناهي سگهندي. حد درجي جي هوشيار به آهي، اسٽيج تي هميشه انگريزي ۾ ڳالهائيندي آهي.
    انٽرويو جي ڪمري ۾ بگهڙ جهڙو صاحب ڪنڌ ۾ ٽاءِ ٽنگيو ويٺو آهي. پهريان چوراهي تي اخبارون وڪڻندو هو پوءِ ڪنهن اين جي او ۾ ملازمت ڪيائين، صاحب کي روز نيون ڇوڪريون هٿ ڪري ڏيندو هو سو ترقي ڪندي ڪندي پنهنجي اين جي او کولي ورتائين، هاڻ ڀلي گاڏي ۽ آفيس به اٿس. ڊونر کي سُٺا شراب ۽ ديسي ڇوڪريون وڏن هوٽلن ۾ موڪلي ڏيندو آهي، سياسي واسطا وڏا اٿس، رئيس چِڀڙ خان سان ته وڏي حُجت اٿس، سندس لاءِ هميشه حاضر هوندو آهي.
    صبا سڄي رات اسٽڊي ڪئي، ايجوڪيشن بيسڊ پراجيٽڪٽ ۾ تعلقي ڪو آرڊينيٽر لاءِ اپلائي ڪيو هئائين، صاحب ٽائي کي ڇِڪ ڏيندي هيٺ سرڪايو جهڙو ڏاند جي ڪنڌ مان رسو ڍرو ٿيو!. ايڪسيڊينٽ ٿيل بس جهڙي مُنهن مان پيلا ڏند ظاهر ڪري مسڪرائڻ جا امپريشن ڏيڻ شروع ڪيائين.
    صبا ڏي نهاريندي چيائين، “توهان جون ڊگريون ڏٺيون اٿم ڪافي ڪامپيٽنٽ ٿا لڳو. توهان سليڪٽ آهيو وڃو!”.
    صبا خوشي ۾ نه پئي ماپي، “سر پوءِ آئون ڪڏهن کان جوائن ڪريان؟”.
    “جي توهان سُڀاڻ کان جوائن ڪريو وڌيڪ منهنجو سيڪريٽري توهان کي سمجهائيندو”.
    صبا ٻاهر انتظار ۾ هئي سيڪريٽري آيو، “جي توهان جي پگهار پنجاهه هزار آهي ۽ اڄ رات توهان کي صاحب ڊنر تي گهرايو آهي”.
    “رات جو ڇو ڀلا!؟؟”.
    “صاحب کي خوش ڪندئو ته نوڪري جوائن ڪجئو سُڀاڻ!”.
    سيڪريٽري جا جُملا صبا جي دماغ ۾ هٿوڙي وانگر لڳا، دماغ چڪرائجي ويس.
    ***


    زال

    زال

    “سيما ڪٿي مري وئين!؟، ڪيتري دير کان انتظار پيو ڪريان چانهه آهي يا پاوا آهن. ڪم نه ڪار جي........... رڳو مائٽن هن بلا کي منهنجي مٿي ۾ هڻي ڇڏيو آهي!. سڄي خاندان ۾ اها رن اچي بچي هئي............. بس الله سائين مون واري ڏاڏيءَ کي دوزخ جي باهه ۾ ساڙي پاڻ ته مري وئي مون کي عذاب ۾ وجهي وئي!”. ڪامي پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندو رهيو ڪڏهن وري تيز آواز سان سيما کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو.
    ڪامي جو هاڻ اهو روز جو معمول هو ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي سيما جي مٿان ڪاوڙ لاهيندو هو. ڪڏهن الزام تراشيون، ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهائڻ ايستائين جو هٿ به کڻندو هو. سيما ويچاري جيڪا ڪچن ۾ چانهه ٺاهڻ ۾ مصروف هئي اهي ڳالهيون ٻُڌندي رهي ۽ هڪ ڊگهي آهه ڀري اکين ۾ ايندڙ ڳوڙها روڪي ورتائين سوچيائين پئي، “عورت به ڪيڏي نه مظلوم آهي، سڄو ڏينهن ڪمائي، مُڙس جي سار سنڀال لهي، سندس سڙيل زهر ڀريون ڳالهيون ٻُڌي پوءِ به سُڪون نالي ڪو ذرو ناهي نصيب ۾!”.
    سيما گهر ۾ ٽيون نمبر هئي، پهرين نمبر تي وڏي ڀيڻ هئس جيڪا شادي شُده هئس، ٻئي نمبر تي ڀاءُ هئس جيڪو پُڻ شادي شُده آهي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ آهي، سيما بي اي پاس پي ايس ٽي ٽيچر آهي، ڪامي سندس سئوٽ هو، مائٽن جي لاڏلي هجڻ باوجود ابي امان پاران ڪيل رشتي تي ڪُجهه نه ڪُڇي سگهي بس خاموش رهي سندن ها ۾ ها ملائي!.
    کيس ڪامي پسند نه هو ڇو ته شروعات کان وٺي ڪامي ڪم چور ۽ نشائي رهيو هو. سندس چاچي سيما جي پيءُ کي اچي منٿ ڪئي ته سيما جو رشتو ڪامي لاءِ ڏيو ڇوڪرو ٿورو بگڙي ويو آهي، سيما جهڙي محبت ڪرڻ واري سُلڇڻيءَ ڇوڪري سان رهندو ته ٺيڪ ٿي ويندو.
    سيما جو پيءُ پنهنجي ڀاءُ کي جواب نه ڏئي سگهيو سو شادي لاءِ ها ڪري ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن سيما سوچيندي آهي ته عورت پئدا ئي ڇو ٿي؟. ڇا رُڳو قُرباني ڏيڻ لاءِ؟. ڇا رُڳو ڏُک، سُور، تڪليفون عورت جي ئي حصي ۾ اچڻيون آهن سوچيندي ڳوڙها الائي ڪٿان قطار ڪري اکين جي پِنبڻين مان لهي پوندا اٿس ۽ پنهنجي حال تي ماتم ڪري ويهي رهندي آهي.
    ڪامي مئٽرڪ پاس هو. شادي کان اڳ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪندو هو. شادي کان پوءِ سيما جي پيءُ جيڪو ٽريزري ۾ آفيسر هو کيس ڪلرڪ جي سرڪاري نوڪري ڏياري پر چوندا آهن جنهن جا ڀاڳ ڦِٽن ان کي ڪير سنواري!؟.
    آواره گردي، نشو ڪرڻ، رُلڻ ڪامي جا محبوب مشغلا هئا، انهئي آواره گردي ۾ نشي جي ڪيس ۾ سزا اچڻ ڪري سرڪاري نوڪري هلي ويس بس اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن سيما گهر جي وڏي ڪمائڻ واري به هئي ته نوڪرياڻي به هئي باقي زال صرف نالي ماتر رهجي وئي هئي.
    دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمپرومائيز زال جي ئي حصي ۾ ايندو آهي، مرد شرابي، عياش، موالي ڄٽ، جاهل، بي روزگار ڪُجهه به هُجي پر سوسائٽي ۾ سندس ڪنڌ مٿي ۽ زال جو ڪنڌ هيٺ رهڻو آهي. اهي اسان جي سوسائٽي جا ٻِٽا معيار آهن. هتي هن سماج ۾ سيما جهڙيون هزارين ڇوڪريون “زال” بڻجي روز عذاب سهن ٿيون.
    ***


    هولي جا رنگ

    هولي جا رنگ

    “ڪِنا........ او ڪِنا..........
    “ڇا ٿيو مِٺي!؟”.
    “ڏس اهو ڇا ڪيو اٿئي!”.
    “وري ڇا ڪيم؟”.
    “هي جو هيڏا سارا رنگ هنيا اٿئي اهو ڇا آهي؟”.
    “اڙي يار تون به نه!. ڀلا هڪڙي ڳالهه ٻُڌائي توکي رنگ ناهن وڻندا ڇا؟”.
    “نه ته!، رنگ ته وڻندا آهن پر جيڪي تو هينئر حالت ڪئي آهي مُنهن تي، ڪپڙن تي هڻي ان تان پئي چوان”.
    “اڙي چري اڄ هولي جو ڏينهن آهي، اڄ سڄو سنسار رنگ برنگي لڳو پيو آهي، ڳاڙها، ساوا، پيلا، نيرا، ڪارا، آسماني، بلو، سُرمائي، اڇا ڏس نه هر طرف رنگ ڪيڏا نه وڻندڙ آهن!!”.
    “همم.......
    “سچ اڄ ماحول رنگ برنگي آهي پر تون ڪاوڙ پئي ڪرين ته نه!”.
    ان وقت هُن مسڪرائي ڀاڪر ۾ ڀريندي رنگن جون پورو ٿالهه سندس مٿان هاري ڇڏيس ۽ چپن تي مٺي ڏيندي چيائينس، “اڙي ڪِنا....... توکي هولي جون لک لک مُبارڪون هجن اهو تنهنجي لاءِ سرپرائيز هو...........
    ***


    حرامخوري

    حرامخوري

    پاڻ تازو عُمرو ڪري آيو ماشاءَ الله ڇا ته سُڪون مليس!. اصل روح پاڪ ٿي پيس. سندس دُڪان شهر جي وچ تي آهي، پاڻ رشوت ۽ حرامخوري کي گُناهه سمجهندو آهي. ٻُڌايائين پئي ته سندس سڀ ٻار پنج وقت نماز پڙهندا آهن ۽ گهر واري ته هر وقت تلاوت ڪندي رهندي آهي.
    اڄ واپڊا واري کي پنج هزار ڏيندي چيائين، “بس يار ڪم ئي ناهي دُڪان تي......... في الحال اهي رک ۽ بِل ٻه هزار کان مٿي نه موڪليندو ڪر!”. سائين آفيس جو انچارج هو کيس حرامخوري کان سخت نفرت آهي. سائين عمري تي وڃڻ ڪري چارج اسسٽنٽ کي ڏئي ويو هو.
    الله جنهن کي گُهرائي، اڄ واپس آيو عمري تان ته اصل نُور پئي ٽِميس نراڙ تان.......... ٻئي ڏينهن آفيس ۾ گُلن جا هار، تسبيحون، ڪتل اصل عطُر جي مهڪ لڳي پئي آهي.
    ٽئين ڏينهن صاحب جي آفيس مان گوڙ ۽ گارين جو آواز پيو اچي، پٽيوالو سُس پُس ڪندي، “يار نورا جهيڙو وري ڇا تي هوندو............ اصل ۾ صاحب مولو کان ڪم جا سوا لک گهريا هئا، عمري تي ويو ته پُٺيان اسسٽنٽ صاحب اهو ڪم اسي هزار ۾ ڪري ڇڏيو!”.
    پاڻ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر آهي، الله جي فضل ڪرم سان ٽي حج ۽ ست عمرا ڪيا اٿئين، حرامخوري کان کيس سخت نفرت آهي، ماستري جي سروس هاڻ ٻاوويهه سال ٿي وئي اٿس، شروعات ۾ ٻني ٻاري ۾ مصروف هُجڻ ڪري هڪ پاڙي جو ڇوڪرو سندس جڳهه تي اسڪول ۾ ٻارن پڙهائڻ لاءِ رکيو هئائين پوءِ سوچيائين، “هي ڳوٺ وارا ڇورا وري ڪهڙو پڙهندا........!!”. بس پوءِ اسڪول ۾ ٽي وي اي سي لڳرائي اوطاق ٺهرائي ڇڏيائين پوءِ ٻاوويهه سال ئي اسڪول ۾.
    ***


    لڇڻ

    لڇڻ

    سندس ڌيءُ هاڻ يونيورسٽي وڃڻ جهڙي ٿي وئي آهي. پاڻ هڪ اداري جو هيڊ آهي. کيس ننڍي عمر جون ڇوڪريون جام وڻنديون آهن. شيلا هن وٽ ڪجهه ڏينهن پهريان آئي هئي. ڳاڙهي فراڪ ۾ صفا معصوم پري پئي لڳي.
    انٽرويو وقت ٻه دفعا روئي پئي هئي ويچاري ڏاڍي مجبور هئي، کيس نوڪري جي سخت ضرورت هئي، هن کيس نوڪري ڏيڻ جي پڪ ڏني ۽ شام جو اچڻ لاءِ چيو هئس.
    اُها رات شيلا لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هئي. هُو شراب جي نشي ۾ کيس چُهٽيل هو ۽ مسلسل سندس اُرهه پٽيندو رهيو، هُوءَ روئندي روئندي بيهوش ٿي وئي هئي.
    بنگلي جي بالڪوني تي بيهي ٻاهر جو منظر پئي ڏٺئين ته اچانڪ سندس نظر رسيءَ تي سُڪڻ لاءِ وڌل ڪپڙن سان گڏ ننڍي سائيز جي بريزر تي پئي. ڏسي عجب چمڪ اکين ۾ لهي آيس. کيس ننڍي عمر جون ڇوڪريون ڏاڍيون وڻنديون آهن.
    ڪجهه دير اتي ئي بيٺو رهيو. خيالن ئي خيالن ۾ ان بريزر جي اندر پُوريل ڇاتين کي هٿ لائڻ جو سوچيائين پئي ته سندس ڌيءُ اوچتو مٿي چڙهي آئي ڪپڙن مان اهو بريزر لاهي هلي وئي.
    ***


    ويلنٽائن

    ويلنٽائن

    شاني نوجواني عشق ڪرڻ لاءِ بي چين يونيورسٽي جو ماحول اصل هر ڇوڪري ۾ کيس سُهڻي، هير، سسئي پئي نظر اچي!.
    گُلن جو گلدستو وٺي يونيورسٽي جي مين سينٽرل لائبريري اڳيان موڳو موڳو بيٺل.... کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪنهن سان اظهار ڪيئن ڪري!؟.
    ويچارو شاني، گُل ۽ ويران اندر....... جنهن ۾ سرءُ جي پن ڇڻ جهڙي موسم.
    اسد صاحب بئنڪ جو آپريشنل مئنيجر هر ڇوڪري کيس اپسرا ٿي لڳي. نوشي سونهن جي ديوي، ملائڪا حُسن جي ملڪه، رِدا جنت جي حُور، عاشي اٽرئڪشن ڪوئين گُل وٺي آيو آهي هاڻ سوچي پيو ڪنهن کي ڏئي!.
    فيصل فلرٽ ڪِنگ هر ڇوڪري کي، “جانو توکان سواءِ اصل ساهه ٿو وڃي، توکان اڳ ۾ مون ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري کي ڏٺو ئي ناهي، مون کي ته هينئر ئي خبر پئي آهي ته پيار به ڪجهه ٿيندو آهي. تون ته منهنجو پهريون پيار آهين!!.”.
    هُو دوستن سان گڏ ويهي ڳڻپ ڪرائيندو آهي بس يار نوانوي ٿي ويون آهن رڳو هڪ رهيل آهي، پاڻ يارنهن گفٽ رکيو ويٺو آهي، نورل کيس اها به خبر ڪونهي ته اهو ويلنٽائن ڇا آهي ۽ اهو سينٽ ويلنٽائن ڪير هو!. کيس پاڙي جي ناٿُو باگڙياڻي سان عشق ٿي پيو هو.
    هُوءَ جڏهن گودڙي ڪُلهي ۾ لڙڪائي هرڻي وانگر ڇال ڏئي هلندي آهي ته هن جي دل ڌڙڪا کائي سيني مان ٻاهر نڪرڻ لڳندي آهي، پاڻ شاخ جي ڪپ تي ويهي ناٿي لاءِ ڪلام ويٺو ڳائي، “مجبور آ......... عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هُجي............
    هُوءَ نڪ کي موڙو ڏئي کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري گذري ٿي وڃي.

    عاطف
    ويلنٽائن جي ڀرپور تياري مانو “مناهل” لاءِ ڳاڙهن گلابن جو گلدستو ورتو اٿئين. سندس لاءِ چاڪليٽ، ڪيڪ ۽ تاج محل جو اسٽئچو به ورتو اٿئين.
    هُنن چوڏهن فيبروري تي سي ويو وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي.

    سمرين
    کيس هر سال چوڏهن فيبروري عذاب لڳندي آهي ڇو ته هُو هميشه لاءِ هُن کان وڇڙي ويو هو.

    ميهار
    ڌرتيءَ جو عاشق..........
    کيس ڌرتيءَ سان عشق آهي.
    هُو چوڏهن فيبروري تي ڌرتيءَ کي چُمي ڏئي نمي سجدو ڪري سيليبريٽ ڪرڻ جي تياري پيو ڪري.
    ***


    تبديلي

    تبديلي

    پهريان خانو گوڏ ٻڌندو هو هاڻ چڍيءَ انگريزي ۾ نيڪر پائي ٿو گُهمي!.
    پهريان هُو سالن پڄاڻان وار ڳوٺ جي هميري حجام کان ڪٽرائيندو هو جيڪو به وارن کي هيٺ مٿي ڪري اصل ڪُتر ڪُتر ڪري ڇڏيندو هو جهڙو رڍ جو پُڇ!. هاڻ هُو پئسه ڏئي رڍ، ٻڪري ۽ مختلف جانورن جي پُڇ جهڙا وار ٺهرائيندو آهي.
    پهريان ڏاڙهيءَ ڪُوڙڻ لاءِ بليڊ سر جي ڪاني ۾ ڦاسائي پاڻي جي دُٻي تي ويهندو هو جتي اڌ وار رهجي ويندا هئس، هاڻ پئسه ڏئي قلمن کان ڄاڙي تائين وارن جا ليڪا ويٺو ٺهرائي!.
    پهريان تاڪئيي جي حساب سان ڪپڙا وٺي درزي کي ڏيندو هو، راڻو درزي به هو سڀاڳو سو پيرن تائين قميص ٺاهي ڇڏيندو هو جيڪا گهلبي وتندي هئي، ڪِن ڪچرا گڏ ڪندي هاڻ پئسه ڏئي ڳريون سلايون ڀري ڊگهيون قميصون ٿو ٺهرائي!.
    پهريان رڳو اڇا ڪپڙا، آسماني ۽ ڪارا پائيندو هو هاڻ هڙ ئي مائين جا رنگ چوري ڪيو پايو وڃي!.
    پهريان کيس خانو خان سڏيندا هئا هاڻ وري ڪي ڪي ٿا سڏين.... پاڻ پهريان کير وڪڻندو هو هاڻ فيس بُڪ اسٽيٽس تي لکيل اٿس،
    Own Business
    فيس بُڪ اچڻ کان پوءِ خانو ته تبديل ٿي ڪي ڪي ٿي ويو ڀلا توهان ڪيترو تبديل ٿيا آهيو!؟؟.
    ***


    پڙهيل ڳڙهيل 

    “توکي قسم آهي ٻيلي ائين نه ڪر!. مون مسڪين تي ڪو رحم ڪر، آئون تنهنجي سِڪ ۾ صفا سُڪي سڙي ويو آهيان!. ٻيلي وارو ڪر.... ڪا مِنٿ ميڙ مڃ......... هاڻ معاف ڪر ڀلا.... مون سچي ۾ فيس بُڪ هلائڻ به ڇڏي ڏنو آهي. آئون توکان سواءِ ڪجهه سوچيندو ئي ناهيان. تون مون مسڪين تي ايڏو ظلم نه ڪر!”.
    “ها ها مون کي خبر آهي تون ڪيترو مسڪين آهين!. ڪلهه جو ڳليءَ جي ڪُنڊ تي وات ڦاڙيو پراين مائين کي پئي ڏٺئي اهو ڇا هو؟؟”.
    “اڙي اُتي ته آئون مون واري يار گُلو جي انتظار ۾ بيٺو هئس”.
    “سُڃاڻيائين ٿي اها نُوس نُوس جي عادت توکي يونيورسٽي ۾ به هوندي هئي ڳالهائيندو مون سان هئين ۽ ڏسندو وري مون واري سهيلي ککر کي هُئين!.”.
    “پليز ڇڏ کڻي پراڻن قصن کي هاڻ ته ڏس نه تنهنجي ڪيڏي خدمت ٿو ڪريان؟. ٻيلي سنڌي ته سڀ درگاهي آهن پوءِ ڀلا انهن کي مڃ لطيف جو قسم اٿئي........ سچل جو قسم اٿئي..... قلندر جو قسم اٿئي....... شاهه عنايت جو قسم اٿئي...... گروڙهي جو قسم اٿئي...... سمن سرڪار جو قسم اٿئي........... عيسن شاهه جو قسم اٿئي...... شاهه يقيق جو قسم اٿئي..... ڀڳت ڪنور جو قسم اٿئي....... شِو جو قسم اٿئي......... راما پير جو قسم اٿئي...... ساڌ ٻيلي جو قسم اٿئي مڃ کڻي!!”.
    چيائين، “اڙي نڀاڳا لڇڻ ڪر لڇڻ.... ايڏو جو پڙهيو آهين رڳو انهن درگاهن جي نالن جي خبر اٿئي ٻي ڪا خبر نه اٿئي!!”.
    چيم، “منهنجو علم ته ان ڏينهن دماغ مان موڪلائي ويو جنهن ڏينهن عشق جي چڪر ۾ لڳي ويچاري ماسيءَ ڦاپيءَ واري ڌيءَ انبڙي سان رشتو ٽوڙي توسان عشق جي شادي ڪيم. مون سمجهيو زندگي رڳو گُرو رجنيش ۽ فرائيڊ جي اصولن تي گذاربي، رڳو پيار ڪبو، عشق ڪبو، آئوٽنگ ڪبي اصل انجوائي ڪبو پر اها خبر ٿورئي هئي ته ڪا تون اندريان کان هٽلر جي مائٽياڻي نڪرندين ۽ مون کي ڪنهن يهودي ڪئمپ ۾ گئس چئمبر حوالي ڪندين. مون ته خوابن جي دنيا ۾ الائي ڇا ڇا پئي سوچيو!!”.
    “هل هل هاڻ گهڻئي سوچئيي ننڍڙي پيشاب ڪيو آهي ان کي پيمپر چئنج ڪرائي آئون ڪم پئي ڪريان رڳو ڄاڙي ويٺو هڻين!!”.
    ***


    رانگ نمبر

    رانگ نمبر

    “اڙي مُئا ڪٿي مري وئين!؟”.
    “ائي نڀاڳي رن اچان ٿو اچان ساهه ٿو وڃئي ڇا........
    “هل ڙي هيرو جلدي پهچ ته ڪٿي ويلڻ سان هڏ نه ڀڃائين!”.
    “اڙي بيماري ڇو اچي مٿو کاڌو اٿئي؟. اصل رت ئي پي وئي آهين”.
    “رت ته تون منهنجو چُوسي ويو آهين. باهه لڳي ان نڀاڳي موبائل کي جو تو جهڙي گڏهه سان اچي لڳس نه ته مائٽن وٽ سون ۾ تُران ها!”.
    “هل ڙي رن سهڻي...... ڀاڄوڪڙ هئين تڏهن ته دانگي ملئيي مائٽن جي مُنهن تي.... بس شل موت اچي جو تو عذاب مان جان ڇُٽي!”.
    رابعه ۽ شاهد جو اهو معمول جو قصو هو. ٻه سال اڳ ۾ رانگ نمبر لڳڻ ڪري رابعه جو شاهد سان رابطو ٿيو هو. فون تي ڪچهريون ڪندي ڪندي رابعه کي خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن کيس عشق جو چوٽ لڳي ۽ شاهد جي ڪوڙن ڏٽن ۽ سُهانن خوابن جي آسري گهر ڇڏي آئي.
    جڏهن شادي ڪري گهر آئي ته هڪ ڇڳل کٽ ۽ ٻه وهاڻا، هڪ ديڳڙي ۽ ڪجهه ٽُٽل پليٽون سندس منتظر هيون. بعد ۾ خبر پيس ته شاهد ڏهاڙي تي مزدوري ڪندو آهي ۽ رهڻ لاءِ پنهنجو گهر به نه اٿس پر هاڻ ڇا ڪري؟. پاڻي مٿي کان چڙهي ويو هو.
    ***


    ديندار

    ديندار

    سائين جن مسجد جو پيش امام هو. پنج وقت نماز باجماعت پڙهائيندو ۽ ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف جو درس به ڏيندو هو. نيڪ نمازي پرهيزگاري ۾ سندس ڪو مٽ نه هو. جنهن وقت مسجد طرف وڃڻ ٿيندو هو سائين جي هٿ ۾ لوٽو ۽ کٻڙ جي پاڙ جو ڏندڻ ڏسبو هو. اڇا ڪپڙا، سفيد ٽوال ڪُلهي تي، وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ، اکيون وڏيون ويڪريون، نڪ چُهنبر، نراڙ تي ڪارو نشان جهڙو ڪنهن دانگيءَ وهائي ڪڍي هُجي!.
    قبرستان ۾ مُئي جي مٿان ڇٽڪارڻ واري عطر جي هميشه پوري شيشي لڳل اصل سائين جن ڳوٺ وارن لاءِ رول ماڊل هو.
    علو جا سڄا ٻار درس وٺڻ ويندا هئا. ولو جا به ٻه ڇوڪرا ويندا هئا، کٻڙ جي نياڻي جيڪا پنجين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، کٻڙ جي مائي سليمت اڻ پڙهيل هئڻ باوجود نبي جي دين سِکڻ لاءِ ۽ پاڪ ڪلام پڙهڻ لاءِ مولوي صاحب وٽ موڪلي هئي. سائين هميشه کيس سڀني ٻارن کان آخر ۾ سبق ڏيندو هو چئي، “توکي سهي تلفظ نٿو اچي اُچار ۾ غلطي ٿي ڪرين!”.
    هوڏانهن سليمت خوش صفا ڀانئين ته مولوي صاحب ننڍڙي کي ايڏو ڌيان سان پيو پڙهائي اصل خوشي ۾ نه پئي ماپي. سائين سڳوري جو روز اصول ٻارن کي سبق جلدي ڏئي ننڍڙي کي ويجهو ويهاري روز جسم جي مختلف حصن تي هٿ ڦيري اصل جهنگ جي ٻِلي وانگر روز جنسي هٿن سان ننڍڙي کي تنگ ڪري.
    ننڍڙي ڏاڍي تنگ ٿي ڪئي دفعا ماءُ کي چيائين، “امان مون کي ان مُلان وٽ ناهي پڙهڻو!. اهو سُٺو ناهي”.
    سليمت ويچاري دين جي سکڻ جي اُڻ تُڻ مڃي ڪين چئي، “ڇوري نڀاڳي پڙهڻ کان پئي ڀڄي!”. هُتي مُلان جهنگراڙي ٻِلو ٿيو ويٺو هُجي جنهن جا گوشت تي لامارا هُجن نيٺ هڪ ڏينهن جڏهن ڀر واري ڳوٺ ۾ دعوت هئي، ڳوٺ جا تقريبن سڀ مرد مايون دعوت تي ويل هئا، ٻار به مسجد ۾ گهٽ آيا هئا، ان ڏينهن مُلان ننڍڙي سان اهو ڪيو جيڪو جهنگلي بگهڙ ننڍڙن جانورن سان ڪندا آهن.
    مسجد جو اڱڻ رت سان لت پت هو. ننڍڙي اڌ مُئي اگهاڙي حالت ۾ پيل هئي. ڳوٺ تي سڪتو طاري هو. ديندار پرهيزگار مُلان غائب هو.
    سليمت بيهوش ٿي وئي هئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها هئا!.
    ***


    حوسي اکيون

    حوسي اکيون

    “واهه يار ڇا ته اکيون اٿس!”.
    “هل چهرو ته ڏسينس.......... اصل چوڏهين جو چنڊ...........
    “يار ڇاتيءَ ته ڏس.............
    “اڙي اهڙيون ڳالهيون نه ڪر!!”.
    “ڇو؟، عورت جي ڪشش ڇاتيءَ ۾ نه هوندي ته ٻيو ڇا ۾ هوندي؟”.
    “يار وِڪي ڇا ٿي ويو آ تنهنجي سوچ کي؟. عورت کي رڳو جنسي نظر سان ڏسڻ ئي سڀ ڪجهه آهي ڇا ڀلا؟. ان جي سونهن سوڀيا پيار ڪا اهميت نٿيون رکن ڇا؟”.
    “هل ڙي...... اهي ليڪچر ڏئي مٿو خراب نه ڪندو ڪر. توکي ڪهڙي خبر ته عورت جو حُسن ۽ ڪشش ڇا ۾ هوندي آهي!.”.
    “يار عورت ته حُسن جو مجسمو آهي. اُها ته موئن جي دڙي جي سمبارا آهي جنهن کي جنمن تائين رڳو ويٺو ڏسجي”.
    “ڇڏ ڀُوڪ......... ڇو اچي اهو اديبن وارو رت پيتو اٿئي!. عورت جي ڇاتيءَ ۽ دڏيون ناهن نڪتل ته ڪير پُڇيس به ڪونه ۽ اهڙين عورتن سان ڳالهائيندو به ڪير. گهٽ ۾ گهٽ آئون ته اهڙين سان هڪ منٽ به نه ڳالهايان”.
    ”وڪي يار ڇو اچي توهان جي اکين تي جنسي حوس جو پردو چڙهيو آهي. ڪڏهن عورت جي اکين ۾ محبت جو اُتاهه گهرو سمُنڊ به ته ڏسو. ڪڏهن ساڻس پيار ته ڪري ڏسو!”.
    “اڙي يار وڃي ڌُوڙ پائي.......... وڃي ان سمُنڊ ۾ ٻُڏي مر.......... منهنجي جان ڇڏ رت ئي پي ويو آهين!!”.
    ***


    نُوس نُوس

    نُوس نُوس

    ڏند ٽيڙي، واڇون کنڊيري، ٽيڙي شڪل ڪري، لُنڊي بازار مان مُئل انگريزن جون پُراڻيون پينٽون پائي، پٺاڻ کان رٻڙ جي شيشن وارو چشمو وٺي هُو روز صبح سوير گرلس اسڪول جي سامهون وڃي بيهندو هو.
    گهر ۾ گڏهه جو گاهه لُڻندو هو ٻاهر پُٽ عاشقي ڪندو هو. روز ساڳا لڇڻ ساڳي ڪِرت پر مُنهن پُراڻي ڀينڊيءَ جهڙو آخر ڪا ڇوڪري ڳالهائي به ته ڇو؟.
    نيٺ هن بي شرمي کي به شرم اچي ويو سو سوچيائين هاڻ بس وڌيڪ بيعزتي خراب نه ڪرائبي ۽ پاڙي جي هن ننڍڙي اسڪول کي ڇڏي شهر جي ڪاليج اڳيان وڃي بيهبو.
    ٻئي ڏينهن سوير گڏهه جو گاهه ڪري قبرستان مان عطر جي شيشي کڻي مُئل انگريز جي پينٽ پائي وڃي ڪاليج پهتو. مارررر...... ڇا ڏسي هتي ته هڻ وٺ لڳي پئي آ. شهر جا بشني ڇورا مٿي تي ڪُڪڙ جي پُڇن جهڙا وار، پُٺيان اڌ پينٽ لٿي پئي هُجي، چشما لڳل فٽفٽين جا زوزاٽ پيا ڪن ۽ ڪاليج جي اڳيان لُوسي ڪُتن وانگر پيا لامارا ڏين.
    وڃ هن ڏٺو ته ڪجهه پوڙها پڪا به بيٺا هئا جيڪي به نياڻين مان اکيون ئي نه ڪڍن. لوسي ڇورا ڇوڪرين کي هارن وڄائي پاسي ۾ بيهي غلط سلط پيا ڳالهائين. اهڙي حالت ڏسي هن جهڙي بي پهچ بشني جي اکين مان به ڳوڙها اچي ويا ۽ واپس اچي سندس ڀيڻ جيڪا گاهه ڪري موٽي هئس ان کي گُهوري ڏسڻ لڳو ۽ اڳتي لاءِ نُوس نُوس کان توبهن ڪيائين.
    ***


    ڦتو ۽ ڦوڪڻو

    ڦتو ۽ ڦوڪڻو

    “اڙي ڦتو ڏي خبر ڪيڏانهن پيو وڃين؟”.
    “ير ڳالهه ڪهڙي ٻُڌايان بس ڇڏ کڻي!”.
    “اڙي وري به خبر ته پئي.............
    “ير ڪالهه پاڻ واري ڳوٺ ۾ اها وڏي ڏاڪدرياڻي آئي هئي نه مريض تپاسڻ ۽ مفت ۾ پئي دوائون ڏنئين سو مون واري مائيءَ کان وڃين پڇيائين ٻار گهڻا اٿئي سو مون واري مائيءَ ويچاري اٻوجهه ههڙي ڀوري منڊم ڏاڪدرياڻي کي ڏسي وات گودو هڻي ويس ۽ سچي ڪري وڌئين ته ست ٻار آهن!”.
    “اڙي ڦتو ته پوءِ ان ۾ لڪائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!؟”.
    “اڙي ڀُوڪ اڳتي ته ٻُڌ منڊم مون واري مائيءَ کي چيو ته ٻار بند ڪرائي ڇڏ. ان تي مون واري مائيءَ راضي ڪونه ٿي چئي مون کي آپريشن کان ڀئو ٿو ٿئي سو ڏاڪدرياڻي چيس ته تو واري مڙس جي نس بندي ڪرائي، ڦتو مطلب نس وڍرائي نامرد ٿي وڃان نه بابا ۽ ٻيو طريقو به ٻُڌائي ويس ۽ ڏٻو ڦوڪڻن جو ڏئي ويس ۽ چيس ته رات جو اهي ڦوڪڻا پائڻا آهن”.
    “ها ير ڦتو مسئلو ته واقعي ئي وڏو آهي!”.
    “ير ڦوڪڻا ته مون وارن ڇورن ڦوڪي اُڏائي ڇڏيا باقي ٻه بچيا آهن وڃان پيو منڊم کان پڇڻ ته اهي ڪهڙي جڳهه تي پائبا؟”.
    ***


    پير

    پير

    ننڍي هوندي جڏهن گهر جي اڱڻ تي صاف سٿري هالا جي جنڊي لٿل کٽ ڀلي رلي وڇائي رکبي هئي ۽ ان تي ٻاهران هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو کي اچي ويهاربو هو جيڪو قد ۾ سرس، هلڪي ڏاڙهي، مُڇون چُهنب واريون، بوسڪي جا ڪپڙا پاتل، راڊو گهڙي ٻانهن ۾ تڏهن سمجهه ۾ نه ايندو هئس ته چاچا وارا ان پرائي ماڻهو کي امان، ادين، چاچين، ماسين جي وچ ۾ ڇو ائين ٿا ويهارين پوءِ معصوم انداز سان چاچي کان پُڇندو هو، “چاچا هي ڪير آهي؟”.
    چاچو چوندو هئس، “هي پير صاحب آهي، مرشد آهي” ۽ هڪ ڏينهن چاچي وٺي وڃي پير صاحب جي اڳيان بيهاريس ۽ هٿ ٻڌي پير صاحب کي چيائين، “مُرشد سائين اڄ کان هي توهان جو مُريد آهي”.
    مرشد ٿيلهي مان قئنچي ڪڍندي سندس مٿي تان وارن جي چڳ ئي ڪٽي ڇڏيس. ان ڏينهن شيشي ۾ وارن جون نقشو ڦريل ڏسي پير صاحب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئس ۽ ان کان پوءِ علي کي الائي ڇو پير صاحب نه وڻندو هو.
    اڄ وري ڳوٺ ۾ دعوت آهي، گهر جي اڱڻ تي اها ساڳي جنڊي لٿل کٽ پيل آهي، هو سمجهي ٿو ته شايد اها کٽ گهوٽ لاءِ پيل آهي پر ٿوري دير کان پوءِ ان کٽ تي پير صاحب کي ويٺل ڏسي ٿو جيڪو بُکئي ڪُتي وانگر گهر جي عورتن کي ڏسي پيو ٿو.
    علي اڄ به پنهنجي چاچي سان شڪايت ٿو ڪري پر چاچو ڇڙٻ ڏئي چُپ ٿو ڪرائيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چاچو تيار ٿيڻ لاءِ ٿو چويس چئي ٿو، “هلڻو آ پير صاحب جي ڌيءَ جي شادي آ ڏن پهچائڻ”. اڄ موقعو مليس ٿو دل ۾ خوش آهي، چاچي سان پير صاحب جي گهر وٽ پهچي ٿو، پير صاحب ٻاهر ٿو نڪري، چاچو پيرين پئي مليس ٿو علي صرف هٿ ٿو ملائيس، پير صاحب کي اهو ڏسي ڪاوڙ ٿي لڳي پر ڪُڇي ڪُجهه نٿو.
    علي پير صاحب جي گهر جي دروازي کي ڌڪو ڏئي اندر ٿو داخل ٿئي پير صاحب ڪُتي واري رُوڙ ڪري هڪل ٿو ڪري، “اڙي متان ويو آهين!”.
    چاچو به هڪل ڪري علي کي روڪڻ ٿو ڀڄي، ٻئي علي کي جهلي ٿا وٺن، پير صاحب علي کي چماٽ وهائي ٿو ڪڍي، چئيس ٿو، “ڀيڻان “ڪافر” يزيد تون منهنجي اهلبيتن بيبين کي ڏسندي!”.
    علي چئيس ٿو، “جي تنهنجيون بيبيون آهن ته اسان جي گهر ڇا ڪوٺو آهي جو روز ٿو اچين!!”.
    ***


    ووٽ

    ووٽ

    گاڏيون ڀرجن پيون، ڳوٺ ۾ وڏي بس بيٺل آهي، وڏيرو موسو ايم پي اي جو اميدوار آ. وڏي هلندي پُڄندي وارو مُڙس آ، پارٽي چيئرمين سان صفا ويجهو رشتو اٿس، اصل ايترا ويجها آهن جو هڪ ئي گلاس ۾ مئي جا ڍُڪ گڏ پيئندا آهن.
    پئسو ٺاهڻ جو وڏو جنون اٿس، عياشي رت ۾ شامل اٿس، گري گنجي کي پُڇندو ئي ناهي باقي ڏاڍي جون مٽيون ڀريندو آهي. وڏيري موسي جي اليڪشن مهم ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا هئا پر پاڻ سندن تڏي تي لڙي به ڪونه ويو. چئي، “اهي سڀ منهنجا غلام آهن، منهنجي لاءِ قرباني ڏني اٿن”.
    جنهن رات جهيڙو ٿيو هو ۽ ماڻهو مُئا هئا ان رات وڏيري موسي انگريزي شراب سان انگريزي ڇوڪريون به گهرايون هيون. هوڏانهن ماڻهو مرندا رهيا هيڏانهن وڏيرو شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي نچندو رهيو.
    اليڪشن جو ڏينهن به وڏي گرما گرمي وارو هوندو آهي، غريب غربو سمجهندو آهي ته اهو ڏينهن اسان لاءِ تبديلي ۽ نجات وارو ڏينهن آهي پر اليڪشني ڀوتار ان ڏينهن کي واسڪوٽي تبديل ڪرڻ جو ڏينهن سمجهندا آهن. ان ڏينهن اهو عهد ڪندا آهن ته هاڻ اڳ کان اڳرو ٿي رت پيئڻو آهي ۽ ڪرپشن جا ريڪارڊ قائم ڪرڻا آهن.
    اليڪشن جو ڏينهن به آيو، ووٽ ٿيا، وڏيرو موسو اليڪشن اڪثريت سان کٽي ويو، جيئن اليڪشن کٽيو ته سڌو ڪراچي نڪري ويو ۽ سال کان پوءِ تر ۾ واپس وريو. اڄ وڏيري جي اوطاق تي رش آهي، راڄ جا سڀ غريب غربا سندس سلامي آهن. هر ماڻهو پنهنجا مسئلا پيو بيان ڪري پر موسو خان موبائل تي لڳو پيو آ، ڪنهن جي ڳالهه نه پيو ٻُڌي.
    فقيري چيس، “سائين اسان سان ظُلم لڳو پيو آ اسان جي ڪا واهر ڪريو، سائين اسان وٽ اسڪول ناهي، لائٽ ناهي، پيئڻ جو پاڻي به ڪونه ٿو اچي، پوليس به ناحق تنگ پئي ڪري سائين ڪا واهر ڪريو!”.
    پر موسو جيئن جو تيئن موبائل ۾ اکيون کُپايو ويٺو آ. فقيري جذباتي ٿيندي، “سائين اسان سڄي عمر توهان کي ووٽ ڏنا آهن”. ووٽ جو نالو ٻُڌي موسى خان جون ڪاوڙ ۾ اکيون لال ٿي ويون ۽ فقيري ڏي ڏسي چيائينس، “اڙي “ڪُتا” تنهنجي “ووٽ” تي آئون پيشاب ڪندو آهيان نڪر هتان..................
    ***


    اڄڪلهه جو عشق

    اڄڪلهه جو عشق

    شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي هُو پوليس واري کي سڏي ٿو، “اڙي جُمعا ڪٿي مري وئين اها ڇوري ته وٺي آ جيڪا شام ڪارو مُنهن ڪري جهلي آ”.
    “پر سائين اها ته صبح ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻي آهي..........
    “اڙي ڪورٽ جي ته آئون.............”، ڪچيون گاريون ڏيندي، “وٺي اچينس ته ڪا رات رنگين ڪريون”.
    جمعون ڊڄندي ويو وڃي ڇوڪري کي اٿاريائين، “بابا هلو صاحب ٿو سڏي!”. ڇوڪري ڊڄندي ڏڪندي، “منهنجو مڙس اچي ٿو مون کي وٺڻ؟”.
    پوليس وارو نيڪ دل جهونو، “بابا هو توکي ڇڏي ڀڄي ويو آ هُو هاڻ ڪونه ايندو!”. پر هُن جي دل ۾ عشق جو ڇوليون اکين تي نينهن جو پردو هُو چئي ٿي، “نه هُو ضرور ايندو شام جو مون کي چيو هئائين ته توکي واپس ٿو وٺي وڃان”.
    پوليس وارو، “بابا صاحب وٽ هلو!”.
    هُوءَ ڊڄندي ڏڪندي اچي صاحب اڳيان بيٺي، ايس ايڇ او صاحب نشي ۾ ڌُت، “ڇوري تون ڀڄي آئي آهين مائٽن جي مُنهن تي دانگي ملي؟”.
    “سائين آئون ته هُن سان پيار ڪندي آهيان ۽ هُو مون کي وٺي آيو آ”.
    “ڇوري اهو ڀڙوو توکي اتي ڇڏي ڀڄي ويو آ”.
    هُن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا، “پر هُو ته مون سان پيار ڪندو آ، هُن جي ڪري آئون پنهنجو گهر ڇڏيو، منهنجي امان، منهنجا ڀائر، منهنجون ڀيڻون، منهنجيون سهيليون، منهنجو سڀ ڪجهه ڇڏيو آ”.
    “ڇوري ماٺ ڪر بند ڪر بڪواس!”. صاحب ڪمري جو در بند ڪري کيس اندر ڌڪو ڏنو. هُوءَ سڄي رات روئيندي رهي، ايس ايڇ او صاحب نشي ۾ ڌُت سڄي رات کيس پٽيندو رهيو.
    ***


    سِڪڻو

    سِڪڻو

    “ريٽ گهڻو اٿئي؟؟”.
    “هزار وٺندس!”.
    “ڇو ايترا وڌيڪ پئسه؟”.
    “هزار ۾ ٿئي ڇا ٿو؟، ٽي سئو جڳهه واري ٿي وٺي، ٻه سئو جي دوا ٿي کاوان، ٽي ٻار انهن جو به سوچڻو ٿو پوي نه!!”.
    “ڳالهه ٻُڌ ايتري سُهڻي تون آهين ڪونه جو هزار ڏيانءِ، پنج سئو ڏيندس بس........
    جواب “اهي پنج سئو رکي ڇڏ هتي ڪو ريزڪي سامان ڪونه وٺڻ آيو آهين ۽ رات جو وڃي سندي مائيءَ سان سُمهجان”.
    “اڙي مون واريءَ مائي ۾ ڪو لڇڻ هُجي ها ته تو وٽ ٿورئي اچان ها!. ٻه ٻار ڇا ڄڻيا اٿائين صفا لاش ٿي لڳي، ڪڏهن مُوڊ ٿئي ٿو ڪرڻ لاءِ چوانس ٿو ته صفا لاش وانگر ٽنگون کوليو پئي آ...... ڀلا ائين ڪو مزو ايندو ڇا؟”.
    “مطلب ته توکي به هن عمر ۾ انگريزي مزا وٺڻا آهن”.
    “ٻيو نه ته وري ڇا!”.
    “ٻُڌ انگريزي مزي لاءِ ٻه سئو وڌيڪ وٺندس”.
    “ائين نه ڪر مهرباني ڪر ڪجهه گهٽ ڪر پئسه!”.
    “اڙي ڪيترا دفعا توکي چيو آ هي ڪو آلو بصر جو ريڙهو ڪونهي جو ريٽ گهٽ وڌ ڪريان............. اڙي گولو هن کي ٻاهر ڪڍو مٿو کائي ويو آ ۽ ها تيل جي شيشي ڏيوس ته وڃي فري ۾ مزا وٺي..............
    ***


    ڪُڪڙ ۽ ڪانءُ

    ڪُڪڙ ۽ ڪانءُ

    “يار ڪُڪڙ تنهنجي ته وڏي لئي لڳي پئي آ!”.
    “اڙي ڪارا ڪهڙي لئي؟، بس پيا ساهه کڻون”.
    “نه يار تو کي چِڀڙ خان وڏو تاتي تيار ڪيو آ، روز ٿو بادام، کير، اخروٽ، مکڻ، فروٽ کارائي!”.
    “اڙي ڪارا ڪانءُ مون سان ظُلم آ توکي ڪهڙي خبر!”.
    “اڙي ظُلم!؟؟، توسان وري ڪهڙو آ؟. ظُلم ته مون سان آ ڪير ٿلهي تي نٿو ويهڻ ڏئي، هر گهر ۾ ڪراڙيون سندن ٻارن کي به منهنجي نالي سان ٿيون بي عزتو ڪن، “هل ڙي ڪارا ڪانءُ، ڪهڙو اچي گهر تي ڪانءُ ويهاريو اٿئو، اڙي هن نڀاڳي ڪانءُ کي ڀڄايو ڇو گهر مٿان ويٺو آ، ڪانءُ جهڙي شڪل وارا...........”، ڏس مون سان ڪيڏو ظُلم آ، هاڻ ته ڪراڙيون ماني جو لولو به ٻاهر ڪونه رکن چون متان ڪارو ڪانءُ کڻي وڃي!!”.
    “يار واقعي ظُلم ته وڏو آ توسان پر مون سان جيڪو ظُلم آ اهو توکان وڏو آ”.
    “اڙي ڪوڙا بادام مکڻ کايو صفا مست لڳو پيو آهين ۽ وتين ٿو رڳو مون کي ڪوڙ هڻندو”.
    “ابا تون تيار ٿي سُڀاڻ اچجان جمن فقير واري ڪلر ۾ اتي چڀڙ خان ميل رکيو آهي ڏسي وڃجان مون سان ڪهڙو ظُلم آ!”.
    ڪانءَ تيار ٿي ڪلر تي پهتو، چڀڙ ڪڪڙ کي تيار ڪري اصل اجرڪ ۾ ويڙهي اچي پهتو، ميل شروع ٿيو ته ڪانءُ واري يار ڪڪڙ کان سامهون وارو ڪڪڙ ڪجهه سوايو هو سو اچي کڙهين جا وارا ڪيائينس پنج منٽن ۾ ساڻو ٿي ڪري پيو. وري اچي چڀڙ خان پاڻي جا ڦوهارا ڏنس اصل سيڪي اکين تي ٿڌو پاڻي هڻي سڄي مُنڍي وات ۾ وجهي سني ليون واري ڪسنگ ڪيائينس ته ڪجهه ساهه وريس، ڀائنيائين ته هاڻ جان ڇُٽي پر وري جو ميل ۾ لاٿائينس ته اصل ڪياڙي واريون کڙهون لڳس.
    وڙهندي وڙهندي ڪنڌ مان رت وهڻ لڳس ته ڦيريون پائي پٽ تي اچي ڪريو ته ڪانءُ مٿان کان ڦيرا ڏئي ڪانءُ ڪانءُ ڪيس تڏهن اکيون پٽي چيائينس، “ابا هاڻ ڏس ظُلم توسان وڏو يا مون سان؟”.
    ڪانءُ کان اکين مان ڳوڙها وهي آيا.
    ***


    تانيا

    تانيا

    غريب گهر مان هجن باوجود به هُن پنهنجي پڙهائي نه ڇڏي، کيس ڊاڪٽري پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هُوءَ هميشه پنهنجي امڙ ابي کي چوندي هئي ته ڊاڪٽر ٿي انسانن جي خدمت ڪندي ۽ هي جيڪي ڊاڪٽري ڪوس گهر لڳا پيا آهن انهن کان هٽي ڪري عام ماڻهن جي مفت ۾ خدمت ڪندي.
    پڙهڻ ۾ ڀڙ هجڻ سان گڏ عقل ۾ به سرس هئي . کيس ان ڳالهه کان هميشه چِڙ هوندي هئي ته اسان جو سماج ڇوڪرين کي ايتري اهميت ڇو نٿو ڏئي؟. ڇا ڇوڪريون انسان ناهن!؟.
    کيس ته ان ڳالهه کان به سخت چِڙ هئي ته هُوءَ جڏهن اسڪول مان پڙهي نڪرندي هُئي ته آوارا بِشني ڇورا هميشه اسڪول جي ٻاهران بيٺا هوندا هئا ۽ هُن کي ۽ سندس سهيلين کي هميشه تنگ ڪندا رهندا هئا.
    هُن ته سندن هزار بار شڪايت به ڪئي هئي پر اسڪول جي پرنسپل اهو چئي چُپ ڪرائي ڇڏيندي هئس ته بابا هو وڏن ماڻهن جا پُٽ آهن اسان جي ڪجهه ڳالهائينداسين ته نقصان پهچائيندا ۽ هي ويچاري هميشه چُپ ٿي ويندي هئي.
    هُو رئيس جو بِشني ڇورو هو، جنهن تانيه کي حد کان وڌيڪ تنگ ڪيو هو. ڪجهه ٽائم ته اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. هُن هر حيلي بهاني سان تانيه کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر تانيه جنهن جا خواب ته آسمان کي ڇُهندا هئا، جنهن جي من ۾ ته ڪئي آسون اميدون هيون کيس ڪڏهن نهاري ڏٺو به نه هئائين.
    هُو رئيس جو ٽرڙو پُٽ نشي ۾ ڌُت ٿي تانيه جي گهر م گهڙي پيو هو، ٿاڻو ڪجهه قدمن تي هو، تانيه جون اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪنهن به آسي پاسي ۾ رهندڙ انسان کي ٻُڌڻ ۾ نه آيون. ٿاڻي جا سپاهي رئيس جي پُٽ جي ڏنل اوبر تي ڪُتي وانگر ڪريل هئا، هُن بِشني ڇوري تانيه سان زبردستي ڪندي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
    هُن “بي ضمير مُعاشري جي با ضمير غيرتمند” ڇوڪري مزاحمت ڪئي ۽ پوءِ هُن ٽرڙي ڇوري جي گولي جو بک بڻجي وئي.
    اُن کان پوءِ تر جي وڏن سيدن پنهنجي بڇ جي ڪُتي وڏيري جي ٽرڙي پُٽ کي پروٽوڪول ۾ محفوظ هنڌ پهچائي ڇڏيو. هي جيڪو مرتيو ٿيو اهو تانيه جو نه بلڪه انسانيت جو مرتيو هو، هن مُئل قوم جي ضمير جو مرتيو هو.
    ***


    آچُو

    آچُو

    چوندا آهن ته جتي وڻ ناهي هوندو اُتي ڪانڊيرو به وڻ ٿي پوندو آ سو آچو به سائين ڳوٺ ۾ پنهنجي پاڻ کي وڏو معتبر سمجهندو هو. سڄو ڏينهن مُڇن کي پاءَ تيل هنيو هٿ ۾ نيٽ لڪڻ کنيو وتندو هو کڳيون هڻندو.
    چاچو صدورو وڏو عقل وارو هو، سمجهائيندو هئس ته ابا ٻاهر هوٽلن تي ويهي ڄاڙي نه هڻندو ڪر، اسان کي خبر آ تون ڪيترو مڙس ماڻهو آهين سُڀاڻ ڪِن ڪندين پر آچو ڪو مُڙڻ وارو ٿورئي هو!. جتي تر ۾ چوري ٿئي ڪو کاٽ لڳي، ڍڳا ڪاهجن، ڪو هٽ ڀڄي آچو مُڇن تي هٿ ڦيريو چئي، “اسان نه هونداسين ته ٻيو ڪير هوندو!”. اصل هوٽل تي چار لوفرن جي وچ ۾ واهه واهه لڳي پئي هُجي ته آچو جهڙو مڙس ماڻهو ٻيو ڪو ڪونهي!. تر ۾ آچو وڏو مڙس چور آ. اصل اوڙي پاڙي جي پڙهڻ لکڻ کان ڀڄڻ وارا واندا ڇورا هوٽل تي ويٺا آچو جون ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻُڌي خوش ٿيندا هئا.
    چوندا آهن هر ڪوڙي جو هڪ آخري ڏينهن ٿيندو آهي سو آچو سان به ائين ٿيو، پاڙي ۾ هڪ واڻئي اچي ٻنيءَ مقاطعي تي ورتي، ڪجهه مهينن کان پوءِ واڻئي جي اوطاق تان ڍڳن جو جوڙو چوري ٿي ويو، واڻئي جو ڪو مائٽ منسٽر هجي سو پوليس تر ۾ اچي ڏنڊو گهمايو، هر گري گنجي کي کڻي ٿاڻي ۾ ڪُٽڪو ڏنن ته پوليس کي خبر پئي ته آچو جو تر ۾ وڏو نالو آهي.
    آچو کي جو خبر پئي ته پوليس ٿي ڳوليس سو وڃي جهنگ ۾ کٻڙ جي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. پوري رات ڪونه سُتو چٻري وانگر ٽنگيو ويٺو هو پر سائين پوليس کي به ڪو شڪاري ڪتي وارو نڪ هو سو ڳولي اچي لڌائونس.
    آچو کي اکيون ٻڌي موبائيل ۾ اڇلاين، ٻه ٽي لتون، مُڪون هڻي ٿاڻي تي کڻي آيا، آچو جو رستي ۾ پيشاب وهي ويو، ايس ايڇ او کي اچي منٿون ڪيائين، “صاحب خدا جو قسم مون مک به ناهي ماري، صاحب آئون ته مُڇن جو تيل به اوڌر تي وٺندو آهيان، صاحب قرآن جو قسم، مسجد سڳوري جو قسم، مرشد پاڪ جو قسم آئون ته ڦُوڪون ڏنيون آهن سڄي عمر چوري نه ڪئي آ”، آچو ڳالهائيندو رهيو ۽ روئيندو رهيو پر ايس ايڇ او گرم دماغ جو هو سو سڄي رات شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي اُگهاڙو ڪري ماريندو رهيس.
    اصل آچو جا نٽ بولٽ سڄا کولي ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن اصل چور ملڻ ڪري ۽ چاچي صدوري جي منٿن تي آچو کي پوليس ڇڏي ڏنو، ٻه مهينا آچو کٽ تي پيل هو، ان کان پوءِ مُڇون ننڍيون ڪرائي ڇڏيائين.
    هاڻ ڳوٺ جي ڀرسان شاخ جي موري تي ڀاڄي جو ريڙهو هلائيندو آهي ۽ سڀني کي ڪوڙ کان توبهن ڪرڻ جا ڏس ڏيندو آهي.
    ***


    ڪوسٽر واري ڇوڪري

    ڪوسٽر واري ڇوڪري

    هو زرعي يونيورسٽي مان ميرپورخاص لاءِ ڪوسٽر ۾ چڙهيو. ڪوسٽر ۾ اندر داخل ٿيو ته تيز آواز ۾ ڪلام پئي وڳو، “ڪنهن ته نڀاڳي نظر ماري، ٽُٽ ڳئي تيڏي ميڏي ياري!”.
    خار مان، “اسان وتون سُڃ ۾ ۽ هي وري ياري ٿو ٽوڙي!”. پاڻ ٻروچڪو ٻار هجڻ ڪري صفا ڀورل انگريز لڳو پيو هو، هتان هُتان سيٽ لاءِ جهاتيون پائيندي وڃي نظر پوئتي خالي سيٽ تي پيس سو سوڙهه سڪوڙ ڪري ويهي رهيو.
    جتي ويٺل هو ٺيڪ سندس اڳئين سيٽ تي هڪ جوان ڇوڪري ۽ هڪ پوڙهي مائيءَ ويٺل هيون، پوڙهي پن جي ٻيڙيءَ مان پاٽويون واري ٽرين جهڙا دونهان پئي ڪڍيا، پاڻ اک ٽيٽ سان جهاتي پائي ڇوڪري ڏي ڏٺائين ته ڇوڪري به مسڪرايو. هل ڙي مڙس اصل ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. ڏٺائين ڪم ٿي ويو، بس اصل ساهه جي رفتار ريس واري ڀلي گهوڙي وانگر ٿي ويس. وار ٺاهڻ لڳو مار ڪوسٽر ۾ ڪو شيشو ئي نه هجي شڪل ڪٿي ڏسي، ڪوسٽر واري تي اهڙي ڪاوڙ پئي آيس اصل وس پُڄيس ها ته ڊريڪولا ٿي رت پي وڃيس ها خير اکين جا اشارا مسڪراهٽون قصو وڌيو پئي تان جو اچي بس ٽرمينل ميرپورخاص تي بيٺي.
    پاڻ کي سنڌڙي شهر وڃڻو هئس پر ڇوڪري جي نظرن کان پاڻ کي پري ڪري نه سگهيو، ڇوڪري سانگهڙ وڃڻ واري بس ۾ چڙهي ويٺي، پاڻ به سندس پاسي واري سيٽ تي وڃي ويٺو، ڇوڪري اشاري سان ڪرايو ڏيڻ لاءِ چيس، هن ڪرايو ڏنو وري اهي ئي اکين جا اشارا مسڪراهٽون..........
    اچي بس سنڌڙي شهر پهتي پاڻ هاڻ پريشان ٿي پيو ته هاڻ ڇا ڪري؟. ڇوڪري سندس اُڻ تُڻ سمجهي وئي سو آهستي سان چيائينس، “ته اسان سان اڳتي هل”. هي به گڏ ويهي رهيو سنڌڙي ۾ نه لٿو، سانگهڙ بس اسٽاپ تي جيئن پهتا ته ڇوڪريءَ سڏ ڪيس پاڻ سندس ويجهو ويو، ڇوڪريءَ چيس ته اسان لاءِ سموسا ڪولڊ ڊرنڪ وٺي اچ.
    هُو هڪ ساهيءَ وڃي وٺي آيو، ڇوڪري ۽ هُن جي ماءُ هاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيس ٻُڌاين ته، “اسان اصل نوابشاهه جا آهيون ۽ حيدرآباد ڪم سان ويل هئاسين ان کان پوءِ ٽنڊوڄام مائٽن مان ٿيندا هاڻ واپس نڪتا آهيون، تون اسان کي سُٺو لڳين، اسان سان گڏ هل نوابشاهه!”.
    هي اصل خوشي مان نه پيو ماپي. زندگي ۾ پهرين ڇوڪري وڻي ۽ اها به ايتري پياري پيار ڪرڻ واري واهه!. اصل ڳوٺ وڃڻ وسري ويس ساڻن گڏ نوابشاهه نڪري پيو. وري ڪرايو هن ڀريو جيئن نوابشاهه پهتا هنن رڪشو ڪرايو، هي نئون نئون ڪڏهن نوابشاهه آيل ڪين هجي سو رستن جي ڪا خبر نه هئس، رڪشو مختلف روڊن رستن تان ور وڪڙ کائيندو هلندو اچي هڪ سوڙهي گهٽي ۾ بيٺو، ڇوڪري ۽ پوڙهي لٿيون هن کي به گڏ گهر ۾ وٺي ويون.
    هي پريشان به هجي نئين جڳهه، نوان ماڻهو ۽ وري خوشي به ٿئيس ته ايتري سُهڻي ڇوڪري مون سان سيٽ ٿي وئي واهه صفا ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾!.
    ڇوڪري هن کي هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ۽ پاڻ چانهه ٺاهي کڻي آئي، پوڙهي ته گهر اچڻ کان پوءِ خبر ناهي ڪيڏانهن وئي، هنن چانهه پيتي، ڇوڪري آهستي آهستي هن سان فري ٿيڻ شروع ٿي، هن جي ويجهو ٿي ته هن جي جواني جو جوڀن به ڀڙڪو کائي اُڀري پيو. هڪٻئي جي ويجهو ٿيندي رومينس ڪندي سڀ حدون پار ڪري وڃي ان سرحد تي پهتا جنهن جي کيس سخت ضرورت هئس.
    ڇوڪري هن کي دل سان پيار ڪيو، هن به پنهنجي جواني جي مڌ جو ڀريل پيالو ڇلڪائي ڇڏيو. جڏهن ٻئي واندا ٿيا ته ڇوڪري هن کي وهنجڻ لاءِ باٿ روم ڏيکاريو، هي وهنجي فريش ٿي ٻاهر نڪتو ته ڇوڪري هن جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهندي چيس ته وري اچجان مون کي وساري نه ڇڏجان.
    هي اڳي ئي سڪايل سو قول واعدا ڪري نڪرڻ لڳو ته ڇوڪري حُجت ڪري سندس ٻٽون مان هزار جو نوٽ ڪڍي ورتو ۽ چيو ته هي تنهنجي طرفان پيار جو تحفو آ. هي خوشي ۾ ٻهڪندو مسڪرائيندو ٻاهر نڪتو، رڪشي واري کي سڏ ڪري چيائينس ته بس اسٽاپ تي ڇڏي اچ.
    وري رڪشي ۾ ويهندي خيال آيس ته هن کان پڇي وٺان هي ڪهڙي جڳهه آهي ته جيئن وري اچڻ ۾ سولائي ٿئي. رڪشي واري کان پڇيائين، “چاچا هي ڪهڙو علائقو آهي؟”.
    رڪشي وارو پهريان ته مُنهن ۾ نهاري کليس پوءِ ٻُڌايائين ته، “بابا هي جتي تون بيٺو آهين اهو نوابشاهه جو “چڪلو” آهي”.
    ***


    اين جي اوز 2

    اين جي اوز 2

    هُوءَ اين جي اوز جي دنيا جي شهزادي هُئي جڏهن تازو تازو ان کي هڪ ورلڊ وائيڊ ڪم ڪرڻ واري اين جي اوز ۾ ڪم مليو ته اصل ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. سڀني مائٽن ۾ مٺائي ورهائي هئائين. انٽر نيشنل اين جي اوز جا رولز ڏاڍا سُٺا هئا. پگهار به مهيني جي سٺ هزار مليس پئي. ڏاڍي خوش هئي سندس مڱيندو به ان ڳالهه سان راضي هو ڇو ته مهيني جا پندرنهن هزار جو ڏيندي هئس. سڳو سئوٽ هجڻ ڪري ڪو حجاب نه هئس، گڏ کائڻ پيئڻ گهمڻ ايستائين جو بغير نڪاح ساڻس راتيون به گذاريون هئائين. کيس پڪ هئي ته هو صرف منهنجو آهي ان ڪري سڀ حجاب جا پردا هٽائي رکيا هئائين.
    اين جي اوز جا ڪم ته پراجيڪٽ بيسز هوندا آهن سال پڄاڻان پروجيڪٽ به پورو ٿيو سو فائنل سيٽلمينٽ ڪري اچي گهر ڀيڙي ٿي پر هاڻ نوڪري کان سواءِ کيس مزو نه پئي آيو. شهر جي هڪ ننڍڙي اين جي اوز پنهنجي آفيس لاءِ ڪلارڪ جو اشتهار ڏنو سو هُوءَ به ڪاغذ پٽ کڻي آفس پهتي.
    اداري جو مالڪ قد جو بندرو، پيٽ وڏو اصل نو مهينن وارو، اکيون چِنجهيون، رنگ جو ٿورو صاف ويٺل هو. انٽرويو ڏيندي هن محسوس ڪيو ته صاحب سندس ڊاڪيومينٽس کان وڌيڪ سندس جسم کي پيو ڏسي پر اگنور ڪيائين ڇو ته کيس نوڪري جي ضرورت هئي، هوڏانهن سندس مڱيندو سعودي عرب ڪمائڻ هليو ويو جتي کيس سُٺي نوڪري ملي وئي ۽ ان اتي شادي ڪري ورتي.
    بندري صاحب سندس جسم خوبصورتي ڏسي هن کي نوڪري تي رکي ورتو. هن کي جيئن ئي سندس مڱيندي جي شادي جي خبر پئي ته پاڻ اصل چري ٿي پئي. سمجهه ۾ نه پئي آيس ته ڇا ڪري!. نوڪري ڇڏي وڃي گهر ويهي رهي پر پُٺيان بندري صاحب جي بار بار فون ڪرڻ ۽ گهڻي اسرار ڪرڻ ڪري واپس اچي وئي.
    صاحب آهستي آهستي هن سان همدردي ڪرڻ خاطر هن کي ويجهو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن ماني کارائڻ بهاني حيدرآباد وٺي ويو جتي گاڏي خراب هجڻ جو بهانو ڪري کيس هوٽل ۾ رات رهڻ لاءِ زور ڀريائين.
    هُوءَ صاحب تي ڀروسو ڪري رهي پئي. صاحب جي هوٽل ۾ پُراڻي ڄاڻ سُڃاڻ هئي اک جي اشاري سان روم بوائي کي سڀ سمجهائي ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچڻ لاءِ چيائين. ڪولڊ ڊرنڪ ۾ نشي آور گوريون مليل هيون سو هُوءَ بيهوش ٿي پئي، صاحب سڄي رات سندس جسم کي بُکئي ڪُتي وانگر پٽيندو رهيو، صبح ٿيو ته پاڻ کي بيڊ تي اگهاڙو پيل ڏٺائين ۽ صاحب ڀرسان ويٺو هئس.
    اهڙي حالت ڏسي زور زور سان روئڻ شروع ڪيائين ته صاحب سندس اگهاڙي حالت ۾ ٺاهيل ويڊيو ڏيکاريس جيڪا ڏسڻ سان ئي ماٺ ٿي وئي. ايلاز ڪرڻ لڳي صاحب کي مهرباني ڪري ويڊيو ڊليٽ ڪريو ۽ روئيندي رهي.
    صاحب کيس چيو ته اگر تو ان باري ۾ ڪنهن سان به ڳالهه ڪئي ته هي تنهنجي ويڊيو انٽرنيٽ تي ڏئي ڇڏيندس.
    ان کان پوءِ سالن تائين اها ڇوڪري ان اين جي اوز ۾ ڪم ڪندي رهي ۽ صاحب سندس جسم کي پٽيندو کائيندو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پراجيڪٽ لاءِ ٻاهريان ايندڙ صاحبن اڳيان به کيس پيش ڪندو رهيو، هاڻ ته هُوءَ مڪمل عورت لڳندي آهي. صاحب اڄڪلهه هڪ ٻي اپسرا کي نوڪري ڏني آهي رات ان کي به ماني کارائڻ حيدرآباد وٺي ويو هو...........
    ***


    ڀوپو

    هن کي ڪڏهن ڪڏهن دماغي چڪر ٿيندو هو، هلندي هلندي ڪري پوندي هئي، ڪڏهن ٻنيءَ ۾ گاهه ڪندي، ڪڏهن پاڻي ڀريندي ته ڪڏهن وري ويٺي ويٺي الائي جي ڇا ٿي پوندو هئس بس پٽ تي ڪري پوندي هئي، هٿ پير برف وانگر ٿڌا ٿي ويندا هئس، وري ڪجهه ٽائم کان پوءِ ٺيڪ ٿي پوندي هئي.
    اهو سلسلو هلندڙ هو، ڪافي ماڻهن، مٽن مائٽن کيس سمجهايو ته گُلان ڇوڪري کي جِن جو اثر آهي پر گُلان جو وڏو پُٽ جيڪو هاڻ ٻارنهن ڪري نرسنگ جو ڪورس پئي ڪيائين سدائين چوندو هو، “او امان ادي کي دماغي مسئلو آهي ڪنهن سائڪالاجسٽ ڊاڪٽر کي ڏيکاريون ٿا ڪو جِن ناهي!”.
    پر گُلان ويچاري به ڪري ته ڪري ڇا!؟. ڳوٺ جون سڄيون مايون جو هڪ پاسي هيون ۽ مڙسالا به اصل بِر ٿيو بيٺا هئا سو مجبور ٿي گُلان پنهنجي ڀاءُ جي ڳالهه مڃي سامي مڙهي تي ويٺل ڀوپي ڏي وئي جنهن لاءِ وڏو مشهور هو ته هو ماني ناهي کائيندو رڳو فروٽ تي گذارو اٿس. اصل صفا پهتل آهي، ڀڳوان سان سڌو ٽاڪس ڪندو آهي ۽ جِن ته اصل سندس حاضري نوڪر آهن.
    گُلان پنهنجي ڀاءُ کي وٺي ڀوپي وٽ وئي، ڀوپو کايو پيو صفا مست لڳو پيو هو. مڙهي ۾ سنڌور جو واس لڳو پيو هو اصل دونهين سان اکيون ڳاڙهيون لڳيون پيون هئس. اصل جيئن نينگري تي نظر پيس، شڪاري ڪُتي وانگر نُوس نُوس ڪري اکيون مٿي ڪري ڪجهه بڻ بڻ ڪيائين ۽ پوءِ چيائين، “هن ڇوڪري تي جِنن جي سردار ديو جو سايو ٿي پيو آ جيڪو وڏو خطرناڪ آهي، مون کي ست ڏينهن هڪ ٽنگ تي بيهي چٻري وانگر واڇون ٽيڙي چِلو ڪاٽڻو پوندو ۽ توهان ڪارو ڇيلو کڻي اچو پڙهائي لاءِ ڪارو ڪُڪڙ به ڇوڪري تان گهوري وڃي رستي تي اڇلي اچو، ستن ڏينهن کان پوءِ اچي آئون پڙهائي ڪري جِن ڪڍندومانس”.
    گُلان ويچاري هڙان وڙان ڪري پِني سِني ڀوپي جون سڄيون شرطون پوريون ڪيون. ستن ڏينهن کان پوءِ ڀوپي اچي ٺڪاءُ ڪيو جنهن چيو ته اڪيلي ڪمري ۾ ڦيڻو ٿيندو، گُگر، سينڌور جا واس ڏئي دونهون ڪري ڀوپي ماحول ٺاهي ڇوڪري کي پٽ تي ليٽائي ڪجهه پڙهڻ شروع ڪيو ۽ آهستي آهستي سندس جسم تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيا جو ڇوڪري وٺي رڙيون ڪيون، ٻاهر سڙٻاٽ شروع ٿي ويا، “ڀوپي سان جِن وڙهي ٿو جو ڀوپي زور زور سان منتر پڙهڻ شروع ڪيا”.
    نينگريءَ اُڀ ڏاريندڙ رڙيون شروع ڪيون پر اندر ڏسي ڪير........ ايتري ۾ گُلان جو پُٽ به شهر کان پڙهي واپس آيو، سڄي ماجرا ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو، پنهنجي همٿ سان زور لڳائي دري جو هڪ تاڪ کولي وڌائين ڇا ڏسي ڀيڻ هيٺ فرش تي اُگهاڙي پئي آ ۽ ڀوپو مٿان چڙهيل اٿس.
    بس پوءِ ته رڙيون ڪوڪون شروع ٿي ويون اصل ڀوپي کي ڏاڍي ڦيهه ڪڍين ۽ قسم کنين ته اڄ کان پوءِ ڪنهن به ڪوڙي ٺوڳي دوکيباز ڀوپي جي چڪر ۾ نه اچبو.
    ***


    ڪوڙو ۽ فضل

    ڪوڙو ۽ فضل

    ڪوڙو ۽ فضل ٻه بهترين دوست ٻئي گڏ مال چاريندا هئا، گڏجي جهنگ مان ڪاٺيون ڪندا هئا، گڏجي ميلو گُهمڻ ويندا هئا، گڏ شهر ويندا هئا ڪجهه پُراڻي خيال جا هئا سو ڪپڙي لٽي تي خاص ڌيان نه هوندو هئن بس عيد تي جيڪو وڳو مليو سڄو سال مال چاريندي ڍنڍن ڍورن مان ڌوئي پوئي پيا پائيندا هئا.
    هنن جي يارن ۾ راوتو ڪولهي، وڏيري ولو جو هاري آچر ڀيل، وڏيري نبن جو هاري ڦوٽو اوڏ، عيدو ڪُنڀر ۽ ٻيا انهن جهڙا غريب يار دوست هوندا هئا جن سان بغير مذهبي ڀيد ڀاءُ جي پيا گهمندا ڦرندا کائيندا هئا. هنن کي ته اها به خبر نه هئي ته ڪو نفرت ڇا ٿيندي آهي!، مذهبن سان ماڻهو وڏو ڪيئن ٿيندو آهي!.
    سالن پُٺيان سال گُذريا، وقت واريءَ مُٺ ويو گُذري هڪ ڏينهن ڳوٺ جي مسجد جي مؤذن سڀني ڳوٺ وارن کي چيو ته، “ڪي پري کان وڏا مذهبي ماڻهو آيا آهن جيڪي توهان کي دين سيکاريندا”.
    ڳوٺ ۾ سُس پُس شروع ٿي وئي، “ابو هي ڇا؟، اسان سڀ مسلمان نبي جي دين کي مڃڻ وارا حاجي حسين سٺ جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ڳوٺ مان پيرين پنڌ حج ڪري آيو، ڳوٺ ۾ معشوقڙي مسجد ٺهيل آهي، سڀ نماز به پڙهندا آهن اڃان هي ڪهڙو اسان کي دين سيکاريندا!؟”.
    ڪوڙي ۽ فضل به ويٺي سڄيون ڳالهيون ڪن ڏئي ٻُڌيون، سوچين ان اوچي مخلوق کي به ڏسي ٿا اچئون سو ڳوٺ جو پاسڙو ڏيو ويا مسجد انهن کي ڏسڻ.
    مار ڇا ڏسن ڏهه پندرنهن ماڻهو وڏين ڏاڙهين سان بسترا ڪُلهن تي، ڪئونرا (لوٽا) هٿن ۾، سنهڙا ڪپڙا، پانچا ڀيڏين کان مٿي اصل مسجد کي اُرهه ڏيو بيٺا هئا. هنن ٻنهي يارن کسڪڻ جي ڪئي جو پريان کان وڏيري هڪل ڪين، “اڙي ٻئي هيڏانهن اچو مسجد ۾ ڪيڏانهن ٿا وڃو دين جون ڳالهيون ٻُڌو!”.
    ويچارا ٻئي ڊڄندا ڏڪندا وڃي مسجد ۾ پُٺئين صف تي ويٺا، وڏو گهٻيڙ مُلان جيڪو سڀني جو ليڊر پئي لڳو ممبر تي چڙهيو ويٺو هو. ڪُفر پئي ڪيائين ڪعبي کي پُٺي ڏيو ويٺو هو، بيان شروع ٿيو، “اسان سڀ مسلمان آهيون پر اسان کي سهي دين خبر ناهي، توهان ڳوٺ وارن کي سهي نماز نٿي پڙهڻ اچي، توهان پورا مسلمان ڪونه آهيو، توهان هندو ڪافرن سان گڏ کائو ٿا، انهن کي گڏ ويهڻ ٿا ڏيو توهان ڪفر ٿا ڪريو، توهان جنهن فرقي سان آهيو اهي مسلمان ڪونهن، اسان جو فرقو اصل حق تي آهي، توهان جهاد نٿا ڪريو، اسلام جو وڏو قرض آهي توهان مٿان، توهان اسان سان تبليغ ڪريو، هندو ڪافرن ۽ توهان جهڙن جاهلن کي مسلمان ڪرڻ لاءِ چلي تي هلو ۽ وڏو مُلو الائي جي ڇا ڇا چوندو رهيو. ڪوڙي ۽ فضل جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي صفا چريا ٿي پيا کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هنن سڄي عمر نمازون پڙهيون، روزا رکيا، انسانن کي پاڻ کان گهٽ نه سمجهيو ته هي ڪافر ڪيئن ٿي ويا!؟.
    هنن راوتي کي سدائين ڀاءُ سمجهيو هُو خراب ڪيئن ٿي ويو؟. هنن ڪڏهن پکي پکڻ کي به نه رنجايو ته پوءِ هي جهاد جي نالي تي ماڻهو ڪيئن مارين؟.
    اصل ٻئي ڄڻا عهد ڪري نڪتا ته هنن جي چوڻ ۾ ناهي اچڻو. سڀ کان وڏو مذهب انسانيت آهي، انسانن سان محبت ڪرڻي آهي، ڪير به اوچو ناهي سڀ انسان برابر آهن، انسان سان محبت ڪرڻ سان ئي خدا خوش ٿيندو.
    ***


    فيس بُڪ

    فيس بُڪ

    پهريون ڏينهن؛
    “ڪير!؟”.
    آئون الاڻو پُٽ فلاڻو.......، تون ڪير؟”.
    “آئون گُڏي..........
    “جي اها ته مون کي به خبر آهي فيس بُڪ آءِ ڊي تي تنهنجو نالو پرنسيس گُڏي لکيل آهي پر اصل ڪير؟”.
    “اصل کي تون ڇا ڪندين؟
    “پر ڳالهائڻ لاءِ سُڃاڻپ جو هجڻ ته ضروري آهي نه!”.
    “ها مان سُڃاڻپ به ڪرائينديس پهريان پاڻ هڪٻئي کي سمجهي ته وٺون”.
    “اوڪي جيڪا تنهنجي مرضي!”.

    ٻيو ڏينهن؛
    “هاءِ...........
    “هيلو.........
    “جي ڪيئن آهين!؟”.
    “جي خوش ڀڙ........ تون ٻُڌائي؟”.
    “بس من مست لڳو پيو آهيان، ڪلهه کان وٺي رڳو تنهنجي يادن ۾ آهيان، رات به اصل هوش ئي ڪونه هو اُبتي ڪانچ پائي گهٽي ۾ نڪري ويو هئس!”.
    “هل ڙي.......... ايتري دل نه لڳائي چريا..........
    “بس دل ته لڳي وئي...........

    ٽيون ڏينهن؛
    “هاءِ.........
    “هيلو ڪيئن آهين؟”.
    “ڊييئر بس خوش باش لڳي پئي آهيان”.
    “صفا چاڪڙي تندرست ويٺي ويٺي تنهنجي باري ۾ پئي سوچيم جو ميسيج اچي ٺڪاءُ ڪيو”.
    چوٿون ڏينهن؛
    “هاءِ.........
    “هيلو جان توکان سواءِ هاڻ ٺُپ مزو نٿو اچي زندگي ۾!”.
    “بس منهنجي به ساڳي حالت آ اصل ڦاٽل رلي ۾ ٻُوٿ وجهيو ويٺي تنهنجو رستو ڏسان!”.

    پنجون ڏينهن؛
    “جانو ڀلا هاڻ ته ڳالهائي!”.
    “اصل تصوير موڪل نمبر ڏي جان!”.
    “نمبر ڏيان ٿي پر ڪال تي نه ڳالهائيندس بس ميسيج تي ڳالهه ٿيندي!”.
    “ٺيڪ جان...........

    ڇهون ڏينهن؛
    ميسيجن جي هڻ وٺ، مڙس ماني به ڪونه کاڌي، سڄي رات مڇرن پٽيس ۽ ميسيجن تي ڳالهائيائين.
    ستون ڏينهن؛
    “بئلنس موڪل جان............ سئو ويو، ٻه سئو ويا، هزار ويو، همراهه جي هڙ موڙي چٽ........

    اٺون ڏينهن؛
    نمبر بند سُورن ۾ ساڻو، صفا کائڻ پيئڻ ويو اصل اُلٽي دست لڳل ٻار وانگر اکيون ڏرا ڏئي ويس.

    نائون ڏينهن؛
    نمبر سان ڳولها شروع پر خبر نه پيس جانو جي...........

    ڏهون ڏينهن؛
    نمبرن واري آفيس ۾ دوست کي منٿون ڪري وڃي بايوڊيٽا ڪڍرايائين لکيل هو، “مرچُو پُٽ انب ذات شيدي ويٺل ڳوٺ ويسرو!”.
    هل ڙي..... مڙس مرندي بچيو اصل فيس بُڪ اڏ اُگهي ڇڏيس!. مرچو شيدي ۽ مارڪ زڪر برگ کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏنائين جهنگ ۾ وڃي ڊنڍڪريون ڏئي رُنو.
    ***


    عشق ٿي پيو فِشق

    عشق ٿي پيو فِشق

    “سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون، اهي تير نه هڻ پل پل تون...........، هلڻ مان صفا ائين پئي ڀائنجي ڄڻ ڪا انگريزي يا انڊيا جي فلمن جي هيروئين هجي، سنهڙي چيلهه کي لوڏا ڏيندي تيز تيز وکون کڻندي پاسي کان جيئن گُذري ته اصل اڌ ساهه ئي نڪري ويو!. ڪا امپورٽڊ خوشبوءَ لڳائي هئين. سوچيم ڪا وڏي منڊم آهي اهڙو جو اسٽائل ڪيو اٿائين!.
    اسين ٻهراڙي جا اصل ڏسڻ سان ڪاڪڙو خُشڪ ٿي پيو هو، مُڇن کي وٽ ڏيندي پُٺيان پُٺيان هلڻ شروع ڪيومانس ڀائنيم اڄ جي ان سان نه ڳالهايم ته بس تر جا بشني ڇورا به مون تان کلندا!.
    هونئن ته ڳوٺ ۾ آئون چڱي مڙس جو پُٽ آهيان، منهنجو پيءُ رئيس خميسو خان تر ۾ فيصلن لاءِ وڏو مشهور آهي، الله جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي ڌن دولت جي ڪا ڪمي ناهي بس ابي پڙهايو ڪونه امان مرحيات شل جنت ۾ جائي مليس ابي کي چيومنهنجو هڪڙو سڪيلڌو پُٽ آ آئون ڪونه موڪليندس شهر پڙهڻ!.
    سو بس ابي کي به ڪا خاص دلچسپي ڪونه هئي ان ڪري پڙهي نه سگهيس. ڳوٺ ۾ منهنجو پنهنجو جوئا خانو آهي، تر جو صوبيدار ابي کان ڏن وٺندو آ سو ڪو چوڻ آکڻ وارو ناهي بس شراب پيئندو آهيان، حُسن پرست آهيان، ڳوٺ جي حسين ڪلين جو واءُ وٺندو آهيان، پئسن سان جيڪا نه مڃيندي آهي ان کي ڊيڄاريندو ڌمڪائيندو آهيان. جيڪا ائين نه مڃي ان کي زوري کڻائي وٺندو آهيان.
    پوليس کي پئسه ڏيڻ جو فائدو جام آهي. خير ڳالهه هلي پئي شهر ۾ سنهڙي ميڊم جي بس ڳالهه ضد جي ٿي پئي، هُوءَ هلڻ جي چُست چابڪ وانگر لچڪندي چيلهه کي موڙا ڏيندي ور وڪڙ کائيندي گليون مٽائيندي هلي پئي، آئون به سندس پويان پويان هلندي هلندي وڃي سوڙهو ٿيو مانس، پُٺيان کان وات مان آواز ڪڍندي ڇي ڇي ڇي ڪيومانس، هاڻ کڻي رئيس جو پُٽ پر اڻ پڙهيل ڄٽ اها به خبر نه هجي ان سهڻي منڊم سان ڪيئن ڳالهائجي!؟، ڪيئن سڏ ڪجي!؟. سو منڊم ڪو آواز ٻُڌي ورتو پوئتي ورائي جو ڏٺائين ته ڄڻ دل چيو ته وڃي ٻک هڻائنس پر وچ شهر اڪيلو ڇا ڪريان!.
    نڀاڳو رمون گڏ هجي ها تڏهن به چوانس ها گاڏي ۾ وجهي کڻي هليس ها. منڊم ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڀائي ڪونه هو؟. ڪيون پيڇا ڪر رهي هو ميرا؟”.
    آئون ڪورو ڄٽ، “منڊم مان تيري پيڇي آيا ٿا تو مجهه ڪو وڻي وئي هئي!”.
    منڊم نڪو ڪيو هم نڪو ڪيو تم، لاهي سئنڊل ۽ ڪياڙي وارو وهائي ڪڍيائين، “ڪُتي تو مجهي ڇيڙيگا؟ ابهي سبق سکاتي هون تجهي...........
    ڏاڍا سئنڊل لڳا مٿان وري پنج ڇهه ٻيا به وريا ڏاڍو مارين عشق صفا فشق ٿي پيو. سوچيم ڳوٺ ۾ هجي ها ته ولو واري ڄاڱري ٻير ۾ ٻڌي سڀني تي ماڪوڙا ڇڏيان ها پر پري ٿي پيس شهر پرايو ٿي پيو، ڳوٺ هجان ها ته ان منڊم کي اگهاڙو ڪري سڄي سنگت جي دعوت ڪريان ها پر افسوس............
    افسوس ابا اڄ ظُلم ٿي پيو هٿ مهٽيندو ڪڙهندو شهر جي اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي موٽي آيس، ڳوٺ ۾ ڳالهه هلايم ته شهر ۾ ايڪسيڊينٽ ٿي پيو هو تر جا سڀ چڱا مڙس پڇڻ پيا اچن آئون دل ۾ پهه ٿو ڪريان اڳتي شهر ۾ عشق نه ڪبو!.
    ***


    فلرٽ

    فلرٽ

    “تو کيس ڇو ڇڏيو؟؟؟”.
    “اڙي چريءَ تون به ڪا صفا ڀوري آهين!”.
    “هو ڪو منهنجو پيار هو ڇا جو سدائين گڏ رهانس ها....... مون جسٽ فلرٽ پئي ڪيو!”.
    “پر هن توسان سچي محبت پئي ڪئي......
    “ڏس عاشي تون ان معاملي کي اتي ئي کڻي ڇڏ اها ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿاهين آهي”.
    “پر عيني يار آخر مون کي به ته خبر پوي آخر تو هُن کي ڇو ڇڏيو؟”.
    “عاشي تون به نه ڪڏهن ڪڏهن دماغ جي دهي ٺاهي ڇڏيندي آهين........... ڏس يار هو نئون آيو هو، پئسا جام هئس سوچيم ڪجهه حصو وٺجيس سو ٻه مهينن ۾ هي پنج جوڙا ڪپڙن جا ٻه پرس هي واچ هڪ سوني مُنڊي، سامسنگ جو نيو ماڊل موبائل، لنچ، ڊِنر، ڪئش يار سودو مهانگو ته ناهي نه ۽ وري هاڻ هو صفا عشق ۾ انڌو پئي ٿيندو ويو سوچيم ڪٿي سيريس ٿي ڪنڌ ۾ نه پئجي وڃي سو بس عاشي ڊارلنگ ڇڏي ڏنومانس”.
    “عيني تو اهو سُٺو ناهي ڪيو!. هُو توکي سچي دل سان چاهڻ لڳو آهي، هُن کي توسان پيار ٿي ويو آهي”.
    عيني، “پوءِ مان ڇا ڪريان؟، ڳلي جو هار ٺاهي رکانس؟. مون کان اهڙا تڪڙي پيار وارا ڇوڪرا برداشت ناهن ٿيندا......... رات گئي بات گئي....... هاڻ آرام سان سُمهي پئو ۽ گهڻو نه سوچ!.
    ***


    انقلابي

    انقلابي

    “اڙي مٺو اڄ تو وارو يار انقلابي نظر نٿو اچي؟”.
    “چاچا خبر ناهي ڪلهه ڏينهن جو ته گڏ ويٺا هئاسين چيائين پئي اسان سنڌي ماڻهو هاڻ عنقريب ريڊ انڊينس وانگر اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين ۽ ڌارين جي وڌندڙ آبادي پاڻ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندي، هي وقت آهي جو اسان کي پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ ڪا سگهاري عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي!”.
    چاچو، “هونهه..... اهي اڄڪلهه جا ڇورا به پاڻ کي وڏو ليڊر ٿا سمجهن اسان جي وڏن سامهون اهي انگريج آيا اهي ڀڄي ويا هي وري ڇا آهن هاڻ ڇورا هليا آهن ملڪ بچائڻ!”.
    مٺو، “پر چاچا اها ته حقيقت آهي پنهنجي سنڌ ۾ هاڻ ڌارين جي آبادي ڪروڙن کان ٽپي وئي آهي”.
    چاچو، “اڙي معتبر تون هاڻ اهو ٻُڌائي ته اهي ماڻهو جيڪي هتي رهن پيا اهي سڄي عمر ته ڪونه رهندا ڪمائي هليا ويندا”.
    مٺو، “نه چاچا ڀُليو آهين هن گورنمينٽ سڄن پناهگيرن کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن ۽ چون پيا ڪراچي ۾ بحريه ٽائون ٺهڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي شهرن ۾ بحريه ٽائون ٺهرائي پناهگيرن کي وسائڻ جو پروگرام ٺاهيو اٿن”.
    چاچو، “ابو........... چئبو ته معنى ائين آهي!؟. اسان سمجهون پيا ته هي ڪي اسان جا سڄڻ آهن. ابا مرحوم پاڪستان ٺهڻ وقت هتي پنجاهه مهاجرن کي مسلمان ڀاءُ سمجهي رهايو هو انهن اڳتي هلي اسان جي پاڙيسري سيٺ گودو مل جي گهر ۽ دڪان تي قبضو ڪري ورتو هو ، چئبو ته ويڌن آ”.
    “جي چاچا انقلابي ويچارو ته ڏاڍيون رڙيون ٿو ڪري پر هتي سڀ ماڻهو چون ٿا هي چريو آهي، ڪلهه به رياست پاران گُم ڪيل سنڌي ماڻهن لاءِ مظاهرو هو، وٺڻ آيو هو ابي ڏاڍيون گاريون ڏنس ۽ مون کي به وڃڻ ڪونه ڏنو!”.
    چاچو، “ابا هاڻ تون فڪر نه ڪر هي چاچو توسان گڏ آهي، پاڻ گڏجي ماڻهن کي سمجهائينداسين”.
    “مٺو مٺو.... او مٺو.............
    “الو ڇا ٿيو ڇا؟، خير ته آهي!؟”.
    “مٺو تو واري يار انقلابي کي الائي جي ڪير ماڻهو هئا ڪارن ڪپڙن ۾ ٻن ويگو گاڏين تي فيضو واري دڪان تان کڻي ويا”.
    چاچو، “الو.......... مٺو هل ته پُڇا ڪيون”.
    “نه چاچا اهي رياست جا ايجنسيز جا ماڻهو هئا، انهن انقلابي کي کنيو آهي!”.
    “پر انقلابي ته ويچاري ڪڏهن مک به نه ماري هئي.....
    “ها چاچا انقلابي پُرامن جدوجهد تي يقين رکندو هو، هُو چوندو هو ته عدم تشدد ئي انقلاب جي پهرين سيڙهي آهي، هو ويچارو ته سنڌ ۽ سڄي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو محبوب سمجهندو هو ۽ سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪندو هو، گُم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندو هو پر الائي ڇو رياست کي هن جي پُرامن رهي احتجاج ڪرڻ کان به ڊِڄ ٿيو جو کڻي ويس!”.
    چاچو، “مٺو تون ۽ مان به اڄ کان جدوجهد ڪنداسين، لِڪي زندگي گُذارڻ کان جدوجهد ڪندي مرڻ بهتر آ........... اچ مٺو هل ته انقلابي جي لاءِ احتجاج ڪريون”.
    ***


    صاحب

    صاحب

    صاحب جيڪو پنهنجي آفيس جو انچارج هو جڏهن آيو هو ته صفا سهڻو سنهڙو من مست لڳندو هو پر چوندا آهن جهڙو واءُ گُهلي تنهن پاسي وڃجي سو هاڻ شرٽ جي بٽڻن مان پيٽ ٻاهر جهاتيون پئي پاتس. روز جا پنجاهه سٺ حصي ۾ اچي ويندا اٿس. وڏي صاحب جو به خاص آهي سو ڪرسي به سڻڀي تي ويٺل آهي.
    پڻس مرشد جي درگاهه تي مٽيون ڀريندو هو، سائين گاجن پير جڏهن ايم پي اي ٿيو ته منٿون ڪري ليلائي ليلائي نوڪري وٺي ڏني هئس. گاجن سائين جيستائين جيئرو هو مڙئي پڻس جو حال پڇڻ ويندو هو امڙ ڪراڙي دعائون ڏيندي نه ڍاپندي هئس، پڻس جون اکيون کيس ڏسي چمڪي پونديون هيون پر واءُ جو ٻيو گُهلي ويو گاجن وڃي مالڪ سان مليو صاحب وڏي شهر جي ڊفينس ۾ وڏو بنگلو هٿ ڪري ورتو. پنج ڇهه گاڏيون، نوڪر چاڪر، پروٽوڪول جي عادت پئجي ويس. مٿان جو پناهگير طبقي جي سنهڙي ميڊم ڊاڪٽرياڻي سان شادي ڪيائين بس پوءِ ته پاڻ کي آسماني مخلوق ڀائڻ لڳو.
    پهريان امڙ ابي جيڪي ڳوٺ جي ڪچي جهوپڙي ۾ رهندا هئا کائنس سالين پُڄاڻان ڪو ملڻ ايندو هو پر هاڻ اچڻ وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏيائين. ماڻس ويچاري پئي ايندي ويندي کي نياپا کڻائيندي هئي. صاحب کي پئسي جي جُنون ۽ ميڊم اهڙو ته قابو ڪيو جو ابي جي موت تي به ٻن ڏينهن کان پوءِ آيو. راڄ جي ٻن چڱن ٿُو ٿُو ڪيس ته مڙس ڪاوڙجي هليو ويو امڙ کي اڪيلو ڇڏي اهو به نه ڀائيائين ته ان جنم ڏنو، ڏک سُور ڏسي پالي وڏو ڪيو آ........!!.
    امڙ ائين ماني ڳڀي لاءِ در در تي ڌڪا کائي مري وئي پر کيس پرواهه نه ٿي. صاحب اڄ محسوس ڪيو ته پئسه ڪجهه گهٽ مليا آهن گهر پهتو ته ڊاڪٽرياڻي صاحبه گهٽ پئسن ملڻ ڪري ڏاڍو بي عزتو ڪيس. ٻار ته هاڻ کائنس ڳالهائيندا به نه آهن بس پنهنجي ماءُ جي ٻُڌندا آهن، گهر ۾ اردو انگريزي ڳالهائيندا آهن، کيس هاڻ صرف اي ٽي ايم مشين سمجهندا آهن، هاڻ ته صاحب اهو به ڀُلجي ويو آ ته هو ڪير آهي ۽ هتي ڪٿان کان آيو هو!.
    اڄ صاحب کي جڏهن ڊاڪٽر صاحبه ٻارن اڳيان بي عزتو ڪري ٿي تڏهن ڪمرو بند ڪري رڙيون ڪري روئي ٿو. اڄ ياد پويس ٿو پوڙهو پيءَ ۽ امڙ جيڪي ڪڏهوڪا هليا ويا، سڀ ڪجهه وٽس هوندي به روئڻ سندس مُقدر بڻجي ٿو پوي.
    ***


    مُرشد

    مُرشد

    “اڙي سڀائي جلدي ڪر ٿانءُ ڌو ٻُهاري ڪڍ!”.
    “ها ماسي ڌُوئان ٿي”.
    “اڙي جلدي ڪر ته هلڻو آهي”.
    “ماسي ڪيڏانهن هلڻو آهي؟”.
    “اڙي پِٽئي هلئون ٿيون مُرشد سائين گيدوڙي فقير جي درگاهه تي سڄي عمر ائين اڪيلي سُنڍ ڀڀ ڪڍيو پئي هوندين ڇا!؟. تو ۾ ته ٻار ڄڻڻ جو لڇڻ ڪونهي مُرشد جي پيراندي کان هلي مٿو ٽيڪيان ته شل نڀاڳ لهئي!”.
    سڀائي ماسي جون زهر ڀريون ڳالهيون ٻُڌي ماٺ ڪري ڪم ۾ لڳي وئي، ڪم کان فارغ ٿي ته ماسي چيس، “هل ته هلئون جلدي ڪر اڄ سائو سُومار آهي درگاهه تي ويهڻ جي جڳهه به ڪونه ملندي!”.
    سڀائيءَ ۽ ماسي تيار ٿي پُٽ جي باس کڻي اچي سائين گيدوڙي فقير جي درگاهه تي پهتيون. درگاهه تي ماين جو تعداد وڌيو پئي. سڀ سائين جي در تي سوالي من ۾ آسون کڻي اچي پهتيون هيون. مرشد سائين گيدوڙي فقير جي درگاهه جو گادي نشين سائين لونگ فقير اکيون چرس جي نشي ۾ ڳاڙهيون چار پنج مريدن سان اچي درگاهه تي مريدن کي زيارت ڪرائڻ پهتو.
    ماسي به سڀائيءَ کي وٺي وڃي پيرن کان ويٺس، “مُرشد هي منهنجي نُنهن آهي صفا اولاد نٿو ٿئيس......... مُرشد ڪا دُعا ڏيوس!”.
    لونگ فقير سڀائيءَ جي ڇاتيءَ ۾ اکيون وجهي جو تڪيس ته سڀائيءَ سڄي هيسجي وئي. لونگ فقير سڀائيءَ جي سڄي جسم جو جائزو وٺندي اکيون پوري ماسيءَ کي چيو، “ماسيءَ هن ڇوڪري کي ڏاڏا سائين گيدوڙي فقير جون ست سومر مٽيون ڀرڻيون پونديون ته اولاد ٿيندس!”.
    ماسي اڳي اولاد جي سڪايل سو حاضر مُرشد جي مُرشد ڪري پُٺئين پير هلندي وڃي پوئتي ويٺي. سڀائي، “ماسيءَ هاڻ هلون گهر؟”.
    ماسي، “ڇوري ڇو اچي ڇِتي ٿي آهين!، ٻُڌئي ڪونه مُرشد ڇا چيو؟، پاڻ کي ست سُومر اتي ئي رات رهڻي آ”.
    سڀائي ماسي جي ڊِڄ کان چُپ ڪري ويهي رهي، مُرشد لونگ فقير چِلم مان دونهان ڪڍندي، “اڙي خُدو ان ڇوري کي اوطاق واري پاسي رهائجان وڌيڪ خبر اٿئي نه...... ائين نه ٿئي مون وارو نينگر بودلو اڳي ڀينگ نه ڪري وڃي!”.
    خُدو، “نه مُرشد اصل توهان فڪر ئي نه ڪريو نه!. اها ڇوري توهان جي آ اڄ رات”.
    خُدو ماسيءَ ۽ سڀائيءَ کي اوطاق جي پاسي ۾ رهايو، ماسيءَ کي ماني ۾ هڪ گوري کارائي ڇڏي، رات آڌيءَ جو خُدو اچي سڀائي کي اُٿاريو، “هل ڇوري مُرشد ڦيڻي رکڻ لاءِ گهرايو اٿئي!”.
    سڀائي، “ماسي.......... او ماسي...........
    پر ماسي ننڊ ۾ غش آواز نه ڏنائين، خُدو، “ڇوري ماسي کي ڇڏ سُمهڻ ڏي تون اچ بس!”.
    سڀائي ڏڪندي ڏڪندي حُجري ۾ داخل ٿي، مُرشد لونگ فقير جنهن شام کان چِلمون پئي پيتيون وري ڀنگ وٽو ۽ هاڻ امپورٽڊ وِسڪي ويٺي پيتي، ڳاڙهين اکين سان خُدو کي نڪري وڃڻ جو اشارو ڪيو. اوريجنل انڊين وياگرا مُرشد اڳ ۾ ئي ورتي هئي، مُرشد سڀائيءَ کي ويجهو ڪيو............
    صبح جو سڀائي ٿڙندي ٿاٻڙندي حُجري مان نڪتي، گُهنج پيل ڪپڙا، سُور کان ڪڙهندي ماسي، “شُڪر آ مالڪ جو امان مُرشد ڦيڻو رکيو............
    سڀائي ڪجهه نه ڪُڇي بس سُور کان پير نه پئي کڄيس ٻئي طرف ماسي مُرشد کي دعائون ڏيندي سڀائيءَ کي گهر وٺي آئي.
    ***


    ملڪ الموت

    ملڪ الموت

    “ابا صوف پُٽ الڻ..........
    “هائو..........
    “ابا تياري ڪر..........
    “ڇا جي تياري؟”.
    “جهنم هلڻ جي!”.
    “ڇو ڇو؟ با ڇا ٿيو؟”.
    “ابا تنهنجو ٽائم پورو ٿي ويو!”
    “ڪهڙو ٽائم؟، ڪٿان جو ٽائم؟ اسان کي هڪڙو اڳي سور مٿان تو اچي مٿو کاڌو آ، پهريان تون ٻُڌائي آهين ڪير ۽ منهنجي گهر ۾ ائين بغير اجازت آيو ڪيئن آهين؟”.
    “ابا منهنجو نالو نه ٻُڌ ته چڱو اٿئي بس تياري ڪر هلڻ جي”.
    “نالو ٻڌائي”.
    “نه ڇڏيندين ٻُڌ...... يمراج عرف ملڪ الموت عرف عذرائيل.........
    “هل ڙي............
    “سچي ها..........
    “سچي ٻُڌ ظالم هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين؟”.
    “اڙي ڏڏ تنهنجو ساهه ڪڍڻ آيو آهيان ٻيو توسان فُٽبال کيڏڻ آيو آهيان ڇا؟”.
    “پر ابا منهنجو ڇو ٿو ساهه ڪڍين!؟. مون ته اڃان ڪجهه ڏٺو ئي ڪونهي!”.
    “ابا هاڻ تون ڏسجان اُتي دوزخ ۾ هل تياري ڪر”.
    “پر ابا منهنجي ته عمر ئي اڃان ڪُل پنجٽيهه سال آهي هن عمر ۾ ڪو مربو آهي ڇا؟”.
    “اڙي ڀُوڪ گُذريل پنجن ڏينهن کان ڪريو پيو آهين صفا تيڪ لڳل ٻڪري وانگر هليو نٿو سگهين، تنهنجي لاءِ خاص ميٽنگ ٿي آ توکي هلڻو پوندو!”.
    “اڙي ساهه ڪڍڻ وارا ظالم پنجن ڏينهن کان اسان وٽ برسات هلي ٿي پئي لائٽ غائب آهي، گهر ۾ پاڻي ڪونه پيو اچي، گئس آهي ڪونه سو اُڃ، بُک، گرمي ۾ بغير وهنجڻ جي اهڙو حال ٿي پيو آ مٿان وري گٽر مليل پاڻي جو وٽو پي ورتو هئم!”.
    ملڪ الموت ٻُڌي سڪتي ۾ اچي ويو، چئي، “ابا تون دوزخ جو ماحول خراب ڪندين تون اتي رهه تون دوزخ ۾ هلي ڪِن ڪندين منهنجي توبهن............ هِتان کان ته دوزخ ڀلو آ........
    ***


    ڏاند

    ڏاند

    “هل ته ڀڄي هلون...........!”.
    “پر مون کان ڀڄيو ناهي ٿيندو!”.
    “ڇو؟؟”.
    “ٻه سال اڳ موٽرسائيڪل تان ڪريو هئس ان ڪري گوڏو نڪري پيو!”
    “اوهه.......... پوءِ؟؟”.
    “پوءِ ڇا؟؟”.
    “يار تون به نه............ صفا گڏهه آهين!”.
    “نه........... آئون ڏاند آهيان!!”.
    “اڙي..............
    “ڇا؟؟”.
    “مان تنهنجي بي عزتي پئي ڪريان!”.
    “اڇا.......... مون کي ته محسوس ئي نه ٿي يار!”.
    “جاهل مان توسان گڏ گهر ڇڏي نڪرڻ ٿي چاهيان........
    “اڇا......... پر پاڻ ته هن وقت گهر کان ٻاهر آهيون، هي سنڌو جو سُڪل پيٽ آهي، المنظر آهي، تون ۽ مان آهيون.......... هينئر به تون مون سان گڏ گهر کان ٻاهر آهين!!!”.
    “اڙي جاهل سمجهين ڇو نٿو!؟”.
    “اوهه اهو ته سمجهان ٿو نه مان جاهل آهيان!!. مون ڪڏهن چيو ته مارڪ زڪر برگ آهيان”.
    “اڙي ڪدُو.......... منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته پاڻ ٻئي ڪورٽ ميريج ڪريون ۽ مٽن مائٽن کي ڇڏي ڪيڏانهن ٻاهر هليا هلون!”.
    “اڇا............ ڪيڏانهن هلون؟”.
    “يار تون ته مرد آهين ڪا جڳهه جانچ”.
    “پر سوير ته چيم نه آئون ڏاند آهيان......... ڏاند رڳو بار ڍوئيندا آهن ڀڄندا ناهن!!!”.
    “مطلب تون مون سان پيار نٿو ڪرين؟”.
    “نه!!”.
    “ڇا مطلب؟؟”.
    “آئون تو سان عشق ڪندو آهيان ۽ عشق ۾ گڏجڻ جي حسرت ناهي هوندي ۽ اُهو عاشق ئي ڪهڙو جيڪو پنهنجي سواد خاطر ٻه گهر اُجاڙي!!. تون اها ڀڄڻ جي ڳالهه پنهنجي امڙ جي گوڏي تي مٿو رکي ان وقت سوچجان جڏهن امڙ شفقت مان تنهنجا وار سنواريندي هُجي!”.
    “يار سوچيان ٿي تو سان پيار ڇو ڪيم!؟”.
    “سوچ نه!. سوچڻ سان تڪليف ٿيندي آهي”.
    “او شٽ يار!. تو سان ڳالهائڻ ئي فضول آهي مان وڃان ٿي ۽ وري نه ملندي سانءِ سوچي وٺ................
    “پر تون ته هميشه منهنجي دل ۾ قيد هوندين باقي آئون ڏاند آهيان مون کي ڀڄڻ ناهي ايندو........... مون کي گهر برباد ناهن ڪرڻ ايندا.............
    ***


    بُک

    بُک

    “صاحب مون کي ماني ٿي گُهرجي!”.
    صاحب نشن ۾ ڌُت هو کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيائين، هُن وري گاڏي جي شيشي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي، “صاحب بُکي آهيان ماني ٿي گُهرجي، هڪڙي ماني وٺي ڏيو!”.
    صاحب کيس ڪاوڙ مان گُهوري ڏٺو پر جڏهن سندس اُڀريل ڇاتين تي نظر پيس ته وات مان گِگ ڳڙي پيس کيس پنج سئو جو نوٽ ڪڍي ڏيکاريائين ۽ چيائين ته، “ اچ سودو ٿا ڪريون تنهنجي بُک ۽ منهنجي بُک جو!”.
    هُن چئو طرف نظرون گُهمايون ۽ سوچ ۾ ٻُڏي وئي کيس اهو مُناسب نه لڳو پر پيٽ جي بُک مجبور ڪري وڌس، صاحب شيشو هيٺ ڪري چيس، “اچ گاڏي ۾ ويهه ٽينشن نه وٺ!. پاڻ ٻنهي جي بُک ساڳي آهي رُڳو فرق ايترو آهي ته توکي “دُن” کان مٿي جي بُک آهي ۽ مون کي “دُن” کان هيٺيان جي بُک!!”.
    هُن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو بس بُک کان بيحال ٿي چولي مٿي ڪري گاڏي جي سيٽ تي ليٽي پئي ۽ ٻئي لمحي صاحب جا مڪاري سان ٽمٽار ٽهڪ گاڏي ۾ گونجڻ لڳا........
    ***


    سيل

    سيل

    شادي جي پهرين رات شاهد زارا جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو هو، گهر جي وڏن وچ ۾ پئجي پنهنجي عزت خراب ٿيڻ جي ڊڄ کان گهر ۾ ڪمپائونڊر کي گُهرائي زارا جي ملم پٽي ڪرائي هئي، زارا هيسيل هرڻيءَ وانگر پلنگ جي ڪُنڊ تي رت هاڻن ڪپڙن سان مُنهن گوڏن ۾ لڪائي سُڏڪي رهي هئي، شاهد وڏي آواز سان ڪڏهن زارا کي ته ڪڏهن سندس مائٽن کي گاريون ڏئي رهيو هو.
    شاهد جي پيءُ زارا جي پيءُ کي فون ڪيو ۽ چيو هو ته ٻه ڪلاڪن جي اندر پنهنجي ڌيءَ کي وٺي وڃو نه ته اسان جان کان ماري ڇڏينداسين!.
    زارا جو پيءُ ۽ ماءُ رات جو چار بجي ڌيءَ جي گهر اچي پُهتا هئا، شاهد مسلسل گاريون ڏئي رهيو هيو، ؛ “بدچلن ڪميڻي ٻه نمبر عورت، نيچ، غليظ” اسان جي مٿي ۾ هڻي ڇڏي اٿئو جنهن جي “سيل” شادي کان پهرين ٽُٽل آهي وٺي وڃو پنهنجي ڌيءَ کي نه ته ڪاري ڪري ماري ڇڏينداسين.
    زارا جيڪا پنهنجي اسڪول جي والي بال ٽيم جي ايڪٽِو رانديگرياڻي هئي تنهن کي اها خبر ئي نه هئي ته ڪڏهن راند روند ۾ سندس اهو نازڪ پردو ٽُٽي ويو هو!!.
    زارا ۽ زارا جي مائٽن جي وڃڻ کان پوءِ شاهد جي سئوٽ شاهد جي پُٺي ٺپيندي چيو، “شاباس يار جو انهن نيچ ماڻهن جي چوري پڪڙي ورتئي نه ته هي ڪميڻا ته اسان جو گهر برباد ڪري ڇڏين ها!!”.
    شاهد ٽهڪ ڏيندي مڪاري سان چيو، “ادا چڱو ٿيو جو مون اڳ ۾ “شڪيلا” سان اهو ڪم ڪيو هو، ان وقت ڇوري “سيل پئڪ” هئي نه ته خبر ئي نه پوي ها ته سيل ڇا ٿيندي آهي.........!!”.
    ***


    خواهش

    خواهش

    “چمپا ڪلهه جُمعي جي خُطبي ۾ مولوي صاحب واعظ پئي ڪيو ته نيڪ مردن کي حُورون ۽ غلمان ملندا ۽ نيڪ عورتن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملندو!”.
    راڻي، “نيڪ عورتن کي ڇا ملندو!؟”.
    “اهو ڪونه ٻُڌايائين ته عورتن کي ڇا ملندو چمپا اها ڳالهه گول ڪري ويو”.
    چمپا، “هڪ ڳالهه ته ٻُڌائي اهي مُلان جُمعي جي خُطبي ۾ نيڪ مردن ۽ نيڪ عورتن جو ذڪر ته ڪن ٿا پر پاڻ جهڙي ٽين جنس وارن کي ڇا ملندو؟ اهو ذڪر نٿا ڪن!.”
    راڻي، “اها ڳالهه ته آهي هل ته هلي گُرو کان ٿا پُڇون........
    “گُرو جي..........
    “جيءُ چئي...... گُرو.....
    “گُرو هڪ ڳالهه ته ٻُڌائي اهي مُلان روز مردن ۽ عورتن کي جنت جون ڳالهيون ٿا ٻُڌائين پاڻ کي ڀلا جنت ۾ ڇا ملندو؟”
    گُرو ڪياڙي کنهندي سوچيو ۽ ٻئي لمحي ۾ جواب ڏنو، “چمپا، راڻي اوهان ٻُڌايو ته اوهان جي خواهش ڇا آهي؟”
    چمپا، “گُرو آئون ته عورت ٿيندس!”.
    راڻي، “گُرو آئون ته مرد ٿيندس!”. ٻنهي وري هڪ آواز ٿي گُرو کان سوال پُڇيو، “گُرو ڀلا اوهان ٻُڌايو اوهان ڇا ٿيندا؟”.
    گُرو پاڻ ڏانهن سوال ٻُڌي ٿورو پريشان ٿي ويو، چهري تي پريشاني ظاهر ٿي پيس سوچيندي جواب ڏنائين، “آئون “جلاد” ٿيندس ۽ هن بيحس مُعاشري جي ماڻهن کان پلاند ڪندس..........
    ***


    تعويذ

    تعويذ

    “جيجان مون کي تعويذ لکي ڏي!”.
    “ڇو ڇوري گُلان؟، پوئين هفتي ته تون تعويذ وٺي وئي آهين وري ڇا جو تعويذ!؟؟”.
    گُلان، “جيجان اهو مسئلو اڃان حل ناهي ٿيو!”.
    جيجان دلچسپي وٺندي، “گُلان سچي ٻُڌائي تعويذ کان پوءِ به مُڙس هٿ نه لاتئي؟”.
    “جيجان نُور ڀٽاري جو قسم رات جو پُٺي ڏيو سُتو پيو هوندو آهي مجال جو پيار مان ڏسي سهي!.”
    “ڇوري پوءِ تون ئي ٿوري همٿ ڪندي ڪر نه.”.
    “جيجان ڪلهه رات به ڀاڪر پاتومانس ته ڌِڪي پري ڪري ڇڏيائين!”. جيجان ڀاڪر جو لفظ ٻُڌو ته جسم مان سيسراٽيون نڪري ويس، گُلان، “جيجان ڪو اهڙو تعويذ ڏي جو منهنجو مُڙس وري مون سان روز پيار ڪري.”.
    روز پيار وار ڳالهه ٻُڌي جيجان جي دل تيز ڌڙڪڻ شروع ٿي وئي، جيجان وڏي سائين جي پنجين زال هئي گُلان جون ڳالهيون ٻُڌڻ کان پوءِ جيجان سوچ ۾ گُم ٿي وئي ذهن ۾ تري آيس ته سڀ ڪجهه گُلان کي ٻُڌائي ڇڏي پر وري پنهنجي مان مرتبي جو سوچي چُپ ٿي وئي ۽ من ئي من ۾ سوچڻ لڳي ته آئون ڪنهن کان تعويذ وٺان؟. مون کي ڪير تعويذ ڏيندو ۽ ان تعويذ ۾ اهڙي دوا ڪير وجهي ڏيندو جنهن سان وڏي سائين جي ويل جواني موٽي اچي ۽ مون کي به روز پيار نصيب ٿئي!”.
    جيجان ڪاٺ جي ننڍي صندوق مان پني جو ٽُڪرو ڪڍيو ۽ قلم سان اونڌا سِڌا ليڪا پائي گُلان کي ڏيندي چيو، “ڇوري سُمهڻ مهل مٿاڙ کان رکجانس”.
    گُلان جي جيجان چئي ڳنڍ ڇوڙي هڪ سائو نوٽ جيجان جي پيرن ۾ رکيو ۽ پُٺئين پير ڪمري مان نڪري وئي، جيجان وڏي آهه ڀري ۽ آهه سان گڏ ٻه گرم لُڙڪ اچي جهولي ۾ ڪريس.
    ***


    عشق

    عشق

    هو ڏاڍو خوبصورت جوان هو هينڊسم اصل ڪنهن به ڇوڪري جي خوابن جو شهزادو!. ڪنهن به خوبصورت نگاهه جو پهريون پيار ٿيڻ واريون خاصيتون هن ۾ موجود هيون پر شايد سندس قسمت ڏاڍي خراب هئي جو ننڍي هوندي ئي پڻس جيڪو هارپو ڪندو هو ٽي بي ٿيڻ ڪري بيڪار ٿي پيو هو سو ڪم ڪار ڪري نه سگهندو هو بس سورن سان ننڍپڻ گذري رهيو هئس.
    جڏهن ٿورو وڏو ٿيو، اٺون ڪلاس پاس ڪري نائين ۾ پهتو ته سندس پيءُ هي فاني دنيا ڇڏي ويو، هاڻ هو اڪيلو ٿي پيو بس امڙ هُن جي جيئڻ جو سهارو هئي. ڪجهه چاچن جي مدد سان انٽر جو امتحان پاس ڪري نوڪري جي پُٺيان لڳي پيو پر هن کان قسمت جو رُٺل هئي سو ڪا سرڪاري نوڪري ته نه ملي سگهيس پر هڪڙي مائٽ اسلام آباد ۾ نوڪري وٺي ڏيڻ جو آسرو ڏنس جو در تي بيٺل هڪڙي ٻڪري کپائي وڃي اسلام آباد جا وڻ وسايائين.
    طبيعت جو سادو ۽ سچو هجڻ ڪري هڪ جڳهه تي گهڻو ٽِڪي نه سگهيو سو ٻه چار نوڪريون بدلائي سال کان پوءِ وري موٽي آيو ته واپس نه ويو. شهر ۾ رُلندي سندس نظرون هڪ سُهڻي اپسرا سان وڃي ٽڪرايون جو هُن جي اڳرائي ڪرڻ تي کيس پنهنجو نمبر پرچي تي لکي ڏئي آيو ۽ ائين سندس عشق جي شروعات ٿي.
    ڳالهه وڌندي وئي اصل عشق جنون جي شڪل اختيار ڪري ويو، کيس شادي لاءِ زور ڀريائين پر چوندا آهن نه ته بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي سو جتي هُو رهندي هئي اتي سندس هڪ گهاٽو دوست رهندو هو، اُن وٽ جو گهڻو اچڻ وڃڻ شروع ٿيو ته سندس عشق جو پردو به فاش ٿي پيو، ان جي ذريعي ۽ ٻين کان خبر پيس ته جنهن سان هُو عشق پيو ڪري اُها ته پروفيشنل (رنڊي) آهي ۽ سندس تعلقات ته اڌ شهر سان آهن. اهو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ به پاڻ کائنس شادي ڪرڻ لاءِ تيار هو جو سندس خيال هو ته هن سان شادي ڪرڻ کان پوءِ هُو سُڌري پوندي پر هُن کيس رجيڪٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن امير زادي جي رکيل ٿي وڃي ويٺي.
    ان کان پوءِ پاڻ اندر کان ٽُٽي پيو ۽ عشق جي چوٽ کائي پنهنجو شهر ڇڏي وڃي ڪراچي جا وڻ وسايائين.
    ٭
    ڪراچي سنڌ جي دل، ڪراچي روشنين جو شهر، ڪراچي حُسن جو سمُنڊ، ڪراچي سچ ته اهو شهر آهي جتي ڪروڙين ماڻهن جي سمنڊ جي وچ ۾ انسان گُم ٿيو وڃي. هُو به ڪراچي پنهنجي دل جي دنيا جي ويراني جو جنازو کڻي پُهتو هو. هُن چاهيو پئي ته جنهن عشق ۾ هُن کي ناڪامي ملي ان جي يادن کي هن شهر جي گوڙ گهمسان ۾ ٽريفڪ جي وچ ۾ ڪٿي رولي اچي پر عشق قاتل، عشق ظالم، عشق زهر ڪٿي ٿو اهو وسري!.
    ڪراچي پهچي ڪنهن دوست جي مدد سان نوڪري ڳولڻ لڳو جنهن هڪ گارمينٽ فئڪٽري ۾ ڪوالٽي تي ڪم وٺي ڏنس، ڪجهه ٽائم نوڪري تي ويندو رهيو، بيوفا جي يادن کي دل تان وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر کيس گارمنٽ فئڪٽري جو ماحول سمجهه ۾ نه آيس ۽ وري نوڪري ڇڏي اچي دوست وٽ ويٺو. هُن جو دوست ڪنهن نيوز چئنل سان ڪم ڪندو هو، جيڪو رات جي نوڪري ڪندو هو، سڄي رات ملير ۾ جڳهه تي اڪيلو پيو هوندو هو، هن کان ننڊ ڪوهين ڏُور هلي وئي هُئي، سڄي سڄي رات تارا ڳڻيندي گذرندي هئس. بس هڪ رات ويٺي ويٺي دل ۾ پهه ڪيائين ته ان ساڳي بيوفا سان رابطو ڪرڻو آ.
    هن ڪال ملائي ٽرررررر ٽرررررر ڪال وڄڻ شروع ٿي، سندس رِنگ ٽون تي اردو گانو اڪيلي تنها جيئا جائي نا، تيري بن بهلانا تجهه ڪو ناممڪن لڳل هئي.......
    ٭
    ڪال وڄندي رهي گانو هلندو رهيو اڪيلي تنها جيئا جائي نا، تيري بن بهلانا تجهه ڪو ناممڪن اهو گانو به هُن سندس ئي پسند تي رکيو هو ڇوته کيس اهو ڏاڍو وڻندو هو ۽ هر وقت موبائل تي ٻُڌندو رهندو هو.
    ڪال اٽينڊ نه ٿي وري ٻيهر ڪرڻ جي همٿ نه ٿيس، پريشاني جي عالم ۾ روئڻهارڪو ٿي ڪمري جي فرش تي ڀت کي پُٺي ڏئي ويهي رهيو.
    ياد آيس اهو ڏينهن جڏهن ڳچ ڏينهن فون تي ڳالهائڻ کان پوءِ هُن ملڻ لاءِ چيو هئس ته سچ ته ائين ڀائنيو هئائين ڄڻ سڄي ڪائنات جي خوشي کيس ملڻ واري هُجي ۽ هو ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو.
    ملڻ لاءِ هُن سندس ڪالوني ۾ ٺهيل ننڍڙي پارڪ ۾ گهرايو هئس، شام ٿيڻ جو ته اصل نالو ئي نه پئي ورتو، وقت ايترو ڊگهو پئي لڳس جو ڀائيائين پئي ته شام چار ڪلاڪ نه پر چار سالن کان پوءِ ٿيڻي آهي!.
    چوندا آهن انتظار جون گهڙيون انسان لاءِ امتحان واريون گهڙيون هونديون آهن، انتظار ڪيترو ٿڪائيندڙ هوندو آهي ڪو هُن کان پُڇي!. سچ ته هاڻ انتظار نه پئي ٿيس پر ڇا ڪري مجبور هو. هُن جو وس پُڄي ها ته گهڙيال جي ڪانٽن سان گڏ سج کي به لاهي وٺي ها پر مجبور هو قدرت سان ڀلا ڪير مقابلو ڪري!.
    انتظار ۾ ڪڙهندي پڄرندي شام به ٿي وئي، نئوان ڪپڙا پائي خوشبو لڳائي ڏاڍو تيار ٿي محبوب جي پاڙي ڏي هلڻ شروع ڪيائين. پاڻ ڏنل ٽائم کان به اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پهتو هو. پارڪ ۾ اندر داخل ٿيو ته ٻارڙا کيڏيا پئي، ٻه پوڙها سگريٽ جا ڪش هڻي رهيا هئا، پاڻ ڳولها ڪري وڃي ڪُنڊ واري بئنچ تي ويٺو. اکيون هُن لاءِ مُنتظر هيون، اکين کي ڳولها هئي هن جي پياري چهري جي ديدار جي، هو چئوطرف ڏسي رهيو هو ۽ اوچتو انتظار ختم ٿيو هُوءَ پارڪ ۾ داخل ٿي ڳاڙهي وڳي ۾ اپسرا پئي لڳي، ڏسڻ سان اصل دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويس، ڏاڍو پيار پئي آيس هُن تي، ايتري خوبصورت ڇوڪري هُن خوابن ۾ به نه سوچيو هو ته کائنس ڳالهائيندي!.
    هُن کي ڳاڙهي ڪلر جو فراڪ پاتل هو. پاڻ سان گڏ ٻارڙا وٺي آئي هُئي شايد انهن جي بهاني سان نڪتي هئي، هُن مسڪرائي ڏٺس ته هن به مسڪرايو، پاڻ ويجهو آئي، ڳالهائڻ جي شروعات هُن ڪئي چيائينس، “تون منهنجي خوابن جو شهزادو آهين..........
    ٭
    تون سچ ته مون کي ڏاڍو وڻين ٿو آءِ لو يو!”.
    جواب ۾ هن به، “آءِ لو يُو ٽُو” چئي مُسڪرائي ڏٺس ته هُوءَ به شرم ٻوٽڙي جيئان شرمائجي وئي. ان وقت سندس مسڪراهٽ ۽ ڳلن تي اڀريل لالي ڏسڻ وٽان هُئي. سچ ته ڪا جنت جي حُور به هن اڳيان ڪجهه نه هئي. هُن جي اُها پنهنجي محبوب سان پهرين مختصر ملاقات هئي پر ان ملاقات سندس زندگي رنگين بڻائي ڇڏي هئي.
    هاڻ ته هُو هر وقت ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هو، مسڪراهٽ سندس چپن تي هر وقت موجود رهندي هئي. چوندا آهن سوچون سمونڊ جون ڇوليون هونديون آهن هڪ لمحي ۾ تيزي سان اچي ڪناري سان لڳي وري واپس هليون وينديون آهن. موبائل وائبريٽ ٿيو رِنگ وڄڻ لڳي ته سندس ڌيان موبائل ڏي هليو ويو ۽ سوچن کان نڪري حقيقي دنيا ۾ اچي پهتو. ڏٺائين ته ڪال سندس دوست جي پئي آيس جنهن سان گڏ رهيو پيو هو.
    ڪال اٽينڊ ڪيائين سامهون کان دوست هو، “هيلو يار ڪٿي آهين؟”.
    “جي ڪٿي هوندس!، اتي ئي جتي ڇڏي وئي هُئين.........
    “ٺيڪ آ ڳالهه ٻُڌ مون پنهنجي چئنل ۾ تنهنجي لاءِ ڳالهايو آهي ڀلا تون نيوز سيڪشن ۾ ڪم ڪندين!؟”.
    هُن وٽ ته ڪا چوائس هُئي ڪانه سو چيائينس، “يار آئون تيار آهيان”.
    “ته پوءِ ٺيڪ آ تون سُڀاڻ مون سان گڏ هلي جوائن ڪجان”.
    “ٺيڪ آ پيارا ۽ ٿينڪس تون منهنجي لاءِ هيترو ڪجهه ڪرين پيو”.
    “اڙي چريا دوستي ۾ نو ٿينڪس نو سوري!”. اوڪي چئي فون بند ڪيائين.
    ٭
    دوست سان ڳالهائي هاڻ ڪجهه مطمئن ٿي پيو هو. سوچيائين پئي نئون ماحول نوان ماڻهو ڏسندس ته ڪجهه ان بيوفا جي يادن مان به ڇوٽڪارو ملي پوندو. روز جي بنسبت اڄ ڪجهه پُرسُڪون هو، ٻئي ڏينهن اُٿي تيار ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پاڻ کي شيشي ۾ ڏٺائين ته گهٻرائجي ويو.
    ائين ڀائنيائين ڄڻ ڪو صدين جو پنڌ ڪري واپس وريو هُجي!، وڌيل ڏاڙهي، ڏرا ڏنل اکيون، بي رونق چهرو سوچيائين نئين جڳهه تي وڃڻو آ سو تياري سان وڃجي ته بهتر ٿيندو. اُٿي شيو ڪري وهنجي ڊريس پينٽ ڪوٽ پائي پنهنجي پاڻ کي شيشي جي اڳيان بيهي ڏٺائين ته ڪجهه مطمئن ٿيو. سُڪون مليس هاڻ ڪجهه بهتري ڀائنيائين پاڻ ۾، دوست به تيار ٿي چُڪو هو سو گڏجي نڪري پيو.
    شاهراهه فيصل تي ڊوڙندڙ گاڏين جي قطارن جي وچ مان گذرندي کيس ڪڏهن ڪڏهن ڊِڄ به ٿيندو آ ته ڪٿي ڪا تيز رفتار گاڏي کيس چيڀاٽي نه ڇڏي ۽ هُو ننڍڙن گوشت جي ٽُڪرن ۾ ورهائجي نه وڃي پر ڪڏهن وري سوچيندو آهي ته ڪاش ايڪسينڊينٽ ٿي پئي ۽ ظالم بي وفا دنيا مان هميشه لاءِ هليو وڃجي پر وري پنهنجي گهر وارن پوڙهيءَ ماءُ جو چهرو اکين اڳيان ايندو اٿس ته زندگي جي جُستجو موت جي ڪشمڪش کي مات ڏئي ويندي آهي.
    سوچيندي سوچيندي خبر ئي نه پيس ته ڪڏهوڪو صدر پهچي ويا ۽ چئنل جي آفيس هيٺيان وڃي بيٺا هئا. دوست سان گڏ آفيس جون سيڙهيون چڙهندي من ۾ دعا پئي ڪيائين ته ڪاش آئون هتي جي ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿيان!.
    آفس ۾ داخل ٿي دوست هن جو سڀني سان تعارف ڪرايو ۽ باس جي ڪئبن ۾ وٺي ويو، ڪرسي تي هڪ سُٺي شخصيت وارو نوجوان ويٺل هو. باس هن سان گرم جوشي سان هٿ ملايو ۽ کيس تعارف ڪرايو ۽ هن کان به پنهنجي باري ۾ ۽ تعليمي قابليت جي باري ۾ تفصيلي پڇيو ۽ پڇيو ته سنڌي ڪيتري قدر لکڻ ايندي آهي.
    باس هن کي سليڪٽ ڪري ورتو ۽ هن کي ڪاپي رائيٽر طور رکيو. من ۾ هاڻ خوشي محسوس ٿيس ته ڪجهه زندگي ۾ تبديلي پئي اچي. دوست هن کي ڪاپي رائيٽر روم ڏيکاريو، مار ڇا ڏسي ڀت ۾ رڳو ٽي ويون ئي ٽي ويون هجن، جتي سڄي دنيا جهان جا خبرن جا چئنل پيا هلن.
    دوست سمجهائيس ته توکي هتي انهن سڀني ٽي وين تي نظر رکڻي آهي ۽ دنيا ۾ ڪنهن به چئنل تي ڪا به نئين خبر بريڪ ٿئي ٿي ته اها ڪاپي ڪري ايڊيٽنگ روم ڏي موڪلڻي آ، هاڻ اکيون ڦاڙي ٽي وي ۾ نظر وجهي ويهي رهيو..........
    ٭
    ٽي وين ۾ اکيون وجهندي خبرون ٺاهيندي هاڻ روٽين ٿي پيو هئس. هن جو ڊيوٽي ٽائم رات جو ٻارنهن بجي کان صبح اٺ بجي تائين هو. هاڻ صبح جو اٺ بجي صدر مان چانهه پي ناشتو ڪري نڪرندو هو. ملير پهچي جڳهه تي سُمهي پوندو هو ۽ سڄو ڏينهن سُتو پيو هوندو هو، شام جو پنج وڳي اُٿي وهنجي تيار ٿي ٻاهر ڏينهن واري ماني دوست سان گڏ کائي پوءِ اُتي دوستن سان گڏ ٽائم گُذاريندو هو.
    ڪڏهن وري پاسي ۾ ٺهيل فُٽبال گرائونڊ تي بلوچن جون فُٽبال مئچون ڏسندو هو. شام جو ڪڏهن ڪڏهن دوست صحافي سان گڏ ڪٿي ڪنهن پروگرام ۾ پُڻ وڃڻ ٿيندو هئس. ائين هن جو ٽائم هاڻ ڪجهه بهتر گذرڻ شروع ٿيو پئي، هاڻ مصروفيت جي ڪري ڪجهه بيوفا جي سوچن کان پري رهڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪا سوچ دل تي تري ايندي هئس ته ڪنهن ٻئي دوست کي ڪال لڳائي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو يا وري ڪنهن ڏي هليو ويندو هو.
    ڪوشش ڪري ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪيو هئائين پر چوندا آهن نه ته جڏهن سُور لکجي ويندا آهن ته اهي ڪوشش کان پوءِ به ساٿ ناهن ڇڏيندا.
    هڪ ڏينهن سُتو پيو هو ته موبائل جي رِنگ وڄڻ شروع ٿي پر اک نه کُليس، ڪال مسلسل ايندي رهي پر گِهري ننڊ جي ڪري اک نه کُليس، جيئن شام جو ننڊ مان جاڳيو ته ٽيلينور جي اڻ ڄاتل نمبر تان ويهه ڪالون لڳل هئس. پاڻ هڪدم موبائل کڻي بئڪ ڪال ڪيائين، دل ۾ سوچيائين، “الله خير ڪري الائي ڪير آ ايتريون ڪالون ڪيون اٿائين الائي ڪهڙو ڪم اٿس!. خير رِنگ وڄندي رهي ٻئي پاسي کان ڪال اٽينڊ ٿي، “هيلو ڪير؟”.
    “ادا توهان جون ڪالون لڳل هيون توهان ڪير ۽ ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟”.
    “تو منهنجي گهر جي نمبر تي ڪالون ڪيون آهن تون علي ٿو ڳالهائين؟”.
    “ادا سائين آئون علي ئي ٿو ڳالهايان پر ادا مون ته ڪا ڪال ناهي ڪئي، مون کي اڳي ئي سُور گهڻا آهن آئون ڪو نئون سُور ڇو پاليندس!؟”.
    “ڀلا تو ٽي ڏينهن اڳ ۾ عائشه جي نمبر تي ڪال ڪئي هئي؟؟”. اهو ٻُڌي هن جي مٿان عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. هُن جو نالو ٻُڌي سُن ٿي ويو، هُوءَ بي وفا اکين اڳيان اچي بيٺس، لفظ نِڙيءَ مان نه پيا نڪرنس هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو، “آئون الاڻو خان پُٽ ڦلاڻو خان عائشه منهنجي آ ۽ الائي ڇا ڇا..........
    هن بس اهو لفظ ٻُڌو چئي رهيو هو، “تون جتي به هوندين توکي ڳولي ماريندس”، پُٺيان کان موبائل فون مان عائشه جو آواز به ٻُڌڻ ۾ آيس، “تون جيستائين علي کي نه ماريندين آئون توسان گڏ نه رهنديس، جيستائين هُو جيئرو آ مون کي ياد ايندو رهندو”.
    هُن سان سچي دل لڳائي هئائين، هُن کي سچي دل سان چاهيو هئائين پر اڄ هُوءَ سندس رت جي گُهرجائو ٿي پئي آ اهو سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيس، ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيس ته ڇا ڪري!. گهر ۾ جيت مار دوا جي شيشي پيل هئس سوچيائين اڄ عائشه جي خواهش پوري ٿو ڪريان ۽ هڪ ئي ڍُڪ ۾ ڳيت ڏئي زهر جي شيشي پي ويو.
    آهسته آهسته پيٽ ۾ وٽ پوڻ شروع ٿيس پگهرجڻ لڳو پر چهري تي مُسڪراهٽ هئس، اڄ هُن جي ڪري مري رهيو هو، هُن بيوفا لاءِ هُن ته کيس بغير لالچ جي پيار ڪيو هو. ياد آيس سياري جي اها رات جڏهن ٻه بجي رات جو هن چيو هئس ته توکي ڏسڻو آهي ۽ هي جلدي جلدي ۾ ڪجهه اوڍڻ کان سواءِ لون جي ڪپڙن ۾ هليو ويو هو. بيچيني وڌي ويس پيٽ تي هٿ ڏئي ڪري پيو اکين اڳيان اوندهه اچي ويس، هوش گُم ٿي ويس.............
    ٭
    عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي ورچن...........
    خبر نه پيس ڪڏهن ۽ ڪيئن اکيون بند ٿيس جڏهن اک کُليس ته پاڻ کي اسپتال جي بيڊ تي ڀايائين، چئوطرف نطرون ڦيرائي ڪجهه ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڪمزوري ۽ اکين تي ننڊ جي خُمارن سبب ڪجهه ڏسي نه سگهيو، وري اکيون بند ٿي ويس.
    ڪافي ٽائم کان پوءِ آهستي آهستي اکيون کُلڻ لڳس، ڪجهه ميڊيسن جي نشي جو اثر گهٽ ٿيو هئس، هاڻ پاڻ کي ڪجهه سُڪون ۾ ڀائنيو هئائين، جيئن اکيون کوليائين ته ڀرسان دوست کي ويٺل ڏٺائين ۽ پُڻ ان سان گڏ چئنل تان آيل ڪجهه ٻيا دوست هئا. دوست کان پڇيائين، “آئون هتي ڪيئن پُهتس؟”. دوست ٻُڌايس ته، “آئون جيئن گهر پهتس ته دروازو بند هو اندر کان، ڪافي در وڄايم پر تو در نه کوليو، ڪال به لڳاتار ڪندو رهيس اها به تو اٽينڊ نه پئي ڪئي سو مون کي دل ۾ شڪ پئدا ٿيو ته ڪجهه ٿيو نه هجي!”.
    “پاڙي وارن جي گهر جي گئلري مان ٽپي اندر آيس ته تون فرش تي ڪريو پيو هئين ۽ زهر جي بوتل تنهنجي پاسي ۾ پيل هئي سو يڪدم توکي کڻائي ڊاڪٽر وٽ آيس ۽ پوءِ جناح اسپتال............. يار هاڻ تون ٻُڌائي ته تو ائين ڇو ڪيو؟، آخر اهڙو ڇا ٿي ويو هو جو تو ايڏو وڏو انتهائي قدم کنيو؟، ڇو تو پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي!؟”.
    دوست جا تِکا مِٺا سوال ٻُڌي دل ڀرجي آيس ۽ اکين مان ڳوڙها وهي آيس ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “هُوءَ بيوفا مون کي مارائڻ ٿي چاهي............ هُن جي خواهش آهي ته آئون مري پوان، هُن کان سواءِ ته آئون اڳي ئي مري چُڪو آهيان پر هُوءَ چاهي ٿي ته آئون جسماني طور به هن دنيا ۾ نه هُجان ان ڪري بس مون فيصلو ڪيو ته هاڻ جيئرو ناهي رهڻو!!”.
    “اڙي چريا ڀلا هن دؤر ۾ به ماڻهو ڪنهن جي لاءِ مرندو آهي ڇا!؟. تون هُن بيوفا لاءِ هليو هُئين مرڻ جيڪا توکي تنهنجي سچي پيار کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي ٻانهن ۾ ويٺي آهي.... افسوس تون اهو عمل ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو به نه سوچيو ته تنهنجي ماءُ جيڪا هر پل تنهنجي ڊگهي عمر جي دعا گُهرندي آهي، جيڪا هميشه توکي خوش ڏسڻ چاهيندي آهي، جيڪا تنهنجي دم سان زندهه آهي، جيڪا توکي ڏسي جيئي پئي، جنهن جي اکين ۾ خواب آهن توکي ڪامياب ۽ خوش ڏسڻ جا ڇا تو اُن جي باري ۾ نه سوچيو؟؟، تنهنجي مرڻ سان ڇا اُها زندهه رهي سگهندي؟، تنهنجيون ننڍڙيون ڀيڻون، تنهنجا ڀاءُ جن جو تون وڏو آهين، سهارو آهين اُهي هن معاشري ۾ اڪيلا ڪيئن رهي سگهندا؟. ڇو تون صرف پنهنجو سواد سوچي هڪ پل ۾ سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ ٿو چاهين ڇو؟؟؟”.
    دوست ڳالهائيندو رهيو هي مسلسل سندس ڇاتي سان لڳي روئندو رهيو، جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو ته اکيون اُگهي دوست کي چيائين ته، “واقعي مون کان وڏي غلطي ٿي وئي آ، واقعي مون پنهنجي پاڻ پنهنجي گهر وارن سان وڏو ظُلم ڪيو آ خير اڄ آئون توسان ۽ پنهنجي پاڻ سان واعدو ٿو ڪريان ته اڄ کان اڳتي ڪڏهن اهڙو عمل نه ڪندس باقي هُن کي وسارڻ منهنجي لاءِ سئولو نه آهي!!”.
    دوست، “يار اهو تون مون تي ڇڏي ڏي اڄ کان تون مون سان گڏ رهندين، گڏ گهمنداسين ڦرنداسين، انجوائي ڪبي زندگي، ڇڏ ان پُراڻين ڳالهين کي!!”.
    ٻه ڏينهن اسپتال ۾ ايڊمٽ رهڻ کان پوءِ گهر اچن ٿا، ٽي چار ڏينهن ٻيا به ڪم تي نه ويو، هڪ رات دوست ڪال ڪيس، “سُڀاڻ چئنل جي ملازمن لاءِ پروگرام آهي، مون تنهنجي لاءِ به پاس ورتي آ تيار ٿجان”.
    ٻي رات تيار ٿي گڏجي وڃن ٿا پروگرام ۾ جيڪو چئنل جي بلڊنگ جي ڇت تي ارينج ٿيل هو اُتي پهچي اصل جيڪي نظارا ڏسي ٿو ڪجهه پلن لاءِ هوش گُم ٿي ٿا وڃنس!.
    ٭
    جيسي تم سوچتي هو ويسي هم هين نهين
    جيسي هم هين ويسي تم سوچ بهي نهين سڪتي
    بلڊنگ جي ڇت رنگين هئي، هر طرف رنگ ئي رنگ هئا، ڪي ميوزڪ پيا ٻُڌن ته ڪي ڪچهرين ۾ مصروف هئا، موسم سڄي خماريل لڳي پئي هئي، مئي جي سرورن هر اک کي قاتل ٺاهي ڇڏيو هو. سندس دوست ماحول کان واقف هو سو پهچڻ ساڻ وڃي مئي جو پاسو ورتائين ۽ هڪ وڏي کُڙي وارو سئنڊل پاتل اداڪاره سان گڏ بيٺو، هن کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيائين ۽ تعارف ڪرايائينس، “هي منهنجو دوست علي آهي هتي ئي چئنل تي نيوز سيڪشن ۾ ڪم ٿو ڪري!”.
    هُن مسڪرائي هيلو چيس پر هن کي ڳالهه دماغ ۾ نه ويٺي، ڪٿي منهنجو دوست ڪٿي هي اپسرا.............!!. خير هن ويچاري ته انهن اپسرائن کي رڳو ٽي وي تي ڏٺو هو باقي سامهون ته پهريون دفعو پئي ڏٺائين، دوست چيس، “علي تون ڇا پيئندين وِسڪي، بيئر يا ٻيو ڪجهه؟”.
    هي ويچارو جنهن کي اها ئي خبر نه هئي ته وسڪي ٿيندي ڇا آهي ۽ بيئر ڇا هوندو آ!. سو چيائينس، “بس ڪولڊ ڊرنڪ پيئندس ته ڇوڪري کلڻ لڳي چئي، “ڏس يار تو وارو دوست ته صفا سادو آ.........
    دوست ڪا بوتل کڻي اچي ڏنس چئي، “هي ڏس هي پي هي ٻاهر جي ڪولڊ ڊرنڪ آهي!”. لکيل هئس پنجويهه پرسنٽ الڪوحل پيور بيئر. دوست چيس، “پي بس دوا سمجهي پي ڇڏ!”. ماحول ۾ گرماگرمي لڳي پئي هئي اسٽيج تي شمن ميرالي پئي ڳايو وري احمد مغل آيو جنهن ڳائڻ شروع ڪيو، “دل چوي ٿي او پرين تون منهنجي سامهون هجين مان رڳو تو ڏي ڏسان تون رڳو مون ڏي ڏسين!”.
    سچ ته ان وقت هيڏي پياري پُرلُطف ماحول ۾ هُوءَ بيوفا الائي ڪٿان ڪيئن هوا جي جُهوٽي وانگر ياد اچي ويس ۽ من ۾ هُن جا خيال اچڻ لڳس، دماغ سُن ٿيڻ شروع ٿي ويس هڪ ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو، هاڻ بيئر جي هٿ ۾ جهليل بوتل مان بي خيالي سان ڍُڪ ڀريائين ته پنير جهڙو ذائقو محسوس ٿيس ڪجهه ڪجهه کارو....
    بوتل چپن کان هٽائي ڇڏيائين وري يادگيرين اچي ورايس، هُن جون وڏيون پياريون اکيون، گول چهرو، وڏا وار، سنهڙو نڪ، خوبصورت چپ، ڳالهائڻ، پيار ۾ رُسڻ وري جلدي پرچي وڃڻ سڀ ياد اچڻ لڳس. ان يادن جي سيلاب ۾ خيالن جي دنيا ۾ گُم سُم خبر ئي نه پيس سُرڪ سُرڪ ڪري بيئر جي بوتل پي ويو.
    پيئڻ سان ڪجهه ڪجهه سُڪون محسوس ٿيڻ لڳو هئس، دوست گهمندي ڦرندي هن وٽ آيو، “يار علي تون هتي ويٺو آهين اچ انجوائي ڪريون ڇو پريشان آهين!”.
    هن چيس، “بس يار تون مون کي ڇڏ بس اُها بيئر واري ڪولڊ ڊرنڪ آڻي ڏي!”.
    دوست ٻه ٻيا بيئر آڻي ڏنس هاڻ بس هُن بيوفا کي سوچيندي محسوس ڪندي ٻئي بوتلون خالي ڪري ڇڏيائين، هاڻ پنير جي ذائقي واري بيئر ڪجهه قدر سُڪون ڏنو هئس ۽ هاڻ وري موجوده ماحول ۾ موٽي آيو هو، پنهنجي جڳهه تان اُٿي وڃي وچ ۾ ويٺو ڀر ۾ هڪ ٽي وي جو وڏو نالو اچي ويٺس، جنهن کي هن هميشه ٽي وي تي حسرت سان ڏٺو هو، هُو به ستين آسمان تي پئي اُڏيو، سندي بيئر مان هُن کي شيئر ڪرڻ جي آڇ ڪيائين ته هُن بغير ڪجهه سوچڻ جي وٺي ورتس ۽ ٻئي سِپ سِپ ڪري گڏ پيئڻ لڳا.............
    ٭
    اسان کي پتو هو اسان جو تون ناهين............
    اسان پئي نڀايو وڏو حادثو هو.............
    سِپ سِپ بيئر جي جاري هئي، خُمار هئس جيڪي چڙهندا پئي ويس، ماحول آهسته آهسته رومينٽڪ لڳڻ لڳو هئس، ائين پئي محسوس ڪيائين ڄڻ خوابن جي ديس ۾ هو. اڄ گهڻي عرصي کان پوءِ ڪجهه ذهني رليڪسيشن محسوس ڪئي هئائين، خُمارن ۾ پروگرام کي هاڻ انجوائي پئي ڪيائين، دوست جڏهن کيس خوش کلندي ڏٺو ته ان کي به ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. سڄي رات محفل هلندي رهي هئي، ٻئي ڄڻا عصر ويل ڪجهه سامت ۾ آيا، هاڻ سڀ مهمان وڃي چُڪا هئا پروگرام به ختم ٿيو هو، هنن محسوس ڪيو ته هاڻ اُتي اڪيلا رهجي ويا هئا سو هيٺ لهي بائيڪ تي ٻئي گهر ڏانهن نڪري پيا.
    ٻئي ڏينهن هي ننڊ مان اُٿيو ته مٿي تي ڪجهه وزن پئي محسوس ٿيس، ڀائيائين پئي ته مٿو چڪرائجيس پيو، دوست کي حقيقيت ٻُڌايائين هُن چيس، “اڙي ڪجهه ناهي يار اهو رات واري بيئر جو اثر آ وهنجي اچ سهي ٿي ويندو!”.
    اُٿي وهنجي آيو ته واقعي رليڪس ٿي پيو هو، دوست کي چيائين، “يار رات واري پروگرام ۾ مزو اچي ويو....... يار وري ڪڏهن اهڙو پروگرام ٿيندو؟”.
    دوست، “اهڙي پروگرام جي ته خبر ناهي ڪڏهن ٿيندو باقي توکي گهڻي عرصي کان پوءِ خوش ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي پئي ٿئي”.
    “ها يار واقعي مون کي به ائين محسوس پيو ٿئي جهڙوڪ صدين جو ٿڪ لهي ويو هجي، سچ ته منهنجي زندگي به ان صحرا جي مسافر جهڙي ٿي پئي آهي جنهن کي هلندي سال گذري ويا هُجن پر دڳ نه ملندو هُجيس........ يار آئون به نارمل زندگي ٿو گذارڻ چاهيان، مون کي به سُورن هاڻ ساڻو ڪري وڌو آ پر الائي ڇو جڏهن به زندگي طرف وڌان ٿو هُوءَ بيوفا منهنجي دل دماغ تي حاوي ٿي پوي ٿي ۽ آئون وري اُتي ئي رهجيو وڃان!”.
    “يار علي ڏس هُن توکي ڇڏي ڏنو، هُوءَ تنهنجي لائق نه هُئي هُن ته ڪڏهن توسان پيار ڪيو ئي نه هو!”.
    “پر يار مون ته هُن سان سچي مُحبت ڪئي هئي نه!، هُن کي مون پنهنجي من مندر جو ڀڳوان ٺاهيو هو نه!، مون ته عبادتن ۾ هُن جو چهرو ڏسي هُن کي خُدا ڀائنيو هو نه!، مون ته هُن سان مُحبت ڪئي هئي نه سچي مُحبت پوءِ هُن ائين ڇو ڪيو!؟؟”. علي وري هُن جي ڳالهه دل تي تري ايندي ئي سُڏڪا ڀري روئڻ شروع ڪيو، دوست علي کي پرچائيندو رهيو هُو روئيندو رهيو....
    ٭
    هم سي ڪب منسوب هي رونق تمهاري بزم ڪي
    هم نه هونگي تب بهي هوگي صبح تيري شام تيري............
    روئڻ هاڻ سندس مقدر بڻجي پيو هو، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي چوندو هو، “يار علي تون به ڪو وڏو چريو آهين ان بيوفا جي پُٺيان پنهنجي زندگي پيو تباهه ڪرين!. هُوءَ جيڪا صرف پئسي جي حوس جي پوڄاري هئي، هُوءَ جنهن کي انسان کان وڌيڪ شين سان پيار هو، هُوءَ جيڪا هميشه بنگلن ۾ رهڻ جا خواب ڏسندي هئي، هُوءَ جنهن کي وڏين گاڏين ۾ چڙهڻ جو شوق هو هُوءَ ته تنهنجي هُئي ئي ڪونه ته پوءِ ڇو پاڻ کي ان بيوفا لاءِ تباهه پيو ڪرين!”.
    سوچيندي سوچيندي وري سندس چهرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳندو هئس ۽ وري هُن جي ياد دل دماغ تي حاوي ٿي پوندي هئس. علي ڪئي ڀيرا سوچيو ته هاڻ بس گهڻو ٿيو، هُن لاءِ گهڻو تباهه ٿيس هاڻ بس پر وري ڪڏهن ان بس کي بريڪ ئي نه لڳندي هئي. زندگي به انسان کي ڪئي سُور ڏئي ٿي، اگر زندگي ۾ خوشيون شامل آهن ته وڻندڙ ۽ حسين آهي اگر ڏُک آهن ته سُور ۽ تڪليف واري آهي. دوست علي کي سمجهائي سمجهائي ٿڪي پيا هئا ته يار علي ڇوڪريون ڪي کُٽيون آهن ڇا دنيا ۾؟ ڪراچي سڄي ڀري پئي آهي ڪنهن سان ڳالهائيندو ڪر ڪجهه ذهن تان بوجهه لهي پوندو، ڪجهه رليڪس ٿي پوندين، ڪئي دفعا ته دوستن کيس نمبر به آڻي ڏنا ۽ زبردستي سندس موبائل ۾ فيڊ ڪيا ته اڪيلائي ۾ ويهي ڳالهائي پر هو اهي سڀ وري ڊليٽ ڪري ڇڏيندو هو.
    خبر ناهي ڇو هُوءَ کيس روح جي گهرائي تائين اندر ۾ پيهي وئي هئي، جنهن جي يادن کي چاهيندي به پيڇو نه پئي ڇڏائي سگهيو. اڄ دوست کي چيائين، “يار هُو جيڪا دعوت ۾ بوتل پياري هئيي نه اها اڄ وري وٺي اچ ڏاڍي دل پئي ڪري.........
    ٭
    مدتون عروج پر رهينگي هماري ڪهانيان
    ڪسي ڪسي ڪه حصي ۾ ايسا زوال آتا هي...........
    شام ٿي هئي هي به ليٽيو پيو هو، خبر ناهي ڪيڏي مهل ننڊ جي هندوري ۾ هليو ويو هو، اڄ ڇنڇر جي شام هئي اڄ رات موڪل هئس، دوست ۽ علي ٻئي گڏ هڪ ڏينهن تي موڪل ڪندا هئا ڇو ته گڏ هجڻ جو فائدو اهو هو ته موڪل واري ڏينهن وڃي ڪٿي ڪنهن دوست سان ڪچهري ڪري ايندا هئا يا وري پاڻ گڏجي گُهمڻ ڦرڻ نڪرندا هئا، علي تمام گهٽ ٻاهر ويندو هو، بس دوست جي ضد ڪرڻ تي ڪڏهن هليو ويندو هو.
    ننڊ ۾ به سپنن جي دنيا ڪيڏي نه حسين لڳندي آهي، انسان غير ارادي طور اهڙيون شيون ڏسندو آهي جيڪي حقيقي دنيا ۾ ممڪن ناهن هونديون پر پوءِ به الائي ڇو سپنا خواب وڻندڙ لڳندا آهن، علي ننڊ ۾ خوابن جي دنيا جو طواف پئي ڪيو، در تي کڙڪو ٿيڻ جي آواز تي اک کُلي پيس ڏٺائين ته دوست آيو هو، “يار علي تون اڃان تائين سُتو پيو آهين ٽائم ڏس رات جا اٺ پيا ٿين!”.
    هنن جي ڊيوٽي رات واري هئي سو هنن لاءِ ڏينهن رات هوندو هو ۽ رات وري ڏينهن، “يار علي اُٿ فريش ٿي زرياب به اچي پيو!”.
    اڃان هنن ڳالهايو پئي ته سندن دوست زرياب به اچي ويو، هيلو هائي ٿي علي فريش ٿي واپس آيو ته ٽي گلاس مڪس دال موٽ ۽ هڪ وڏي آسماني ڪلر جي بوتل علي جي منتظر هئي، علي، “يار هي ڇا آهي!؟”.
    “پيارا تو چيو هو نه ته بوتل وٺي اچ سو اڄ وٺ انجوائي ڪر!”.
    علي بوتل کئني لکيل هئس سفاري مري بريوري، دوست چيس، “اڄ هي ٿا پيئون!”. سڀ گڏجي ويٺا، علي کي به پئگ ٺاهي ڏنن اهو ئي پنير جهڙو کارو ذائقو دال موٽ ذرڙن سان ڪجهه ڪجهه ٽيسٽ بهتر لڳڻ لڳس.
    هڪ پئگ هڪ ساهي پي ويو وري ٻيو دوست ٺاهي ڏنس اهو پيئڻ کان پوءِ ڪجهه ڪجهه سرور ٿيڻ لڳا هئس جڏهن ٽيون پيتائين ته موبائل تي ميوزڪ آن ڪري مختلف سونگ ٻُڌڻ لڳو، ٻُڌندي ٻُڌندي چوٿون پئگ به خال ٿي ويو هاڻ مانجهيءَ جو ڪلام جڏهن ٿا پيئون پيئون تڏهن ٿا جيئون جيئون نشيلا نيڻ ڏاڍا نشا ڏئي تن ته ڇڏيا هلڻ شروع ٿيو ته اُٿي جهومڻ لڳو.
    جهومندي جهومندي ٻه ٻيا پئگ به خالي ڪري ويو هاڻ سندس ذهن آسمان جي بلندين تي هو، هاڻ کيس دنيا حسين پئي لڳي، ٿڙندي ٿڙندي ٻاهر نڪتو دوستن سان نشن جي خمارن کيس جيئڻ جو نئون دڳ ڏئي ڇڏيو هو......
    ٭
    هر بستي ۾ اکيون لغڙ ٿي اُڏيون.........
    هر ڳليءَ توکي ڳولڻ ڪو چرچو نه هو!.
    نشن جا خمار، ٿڙندڙ پير، ڳاڙهيون ٿيل اکيون ۽ انهن اکين ۾ عجيب ڪشش.......
    اڄ علي اُهو علي نه پئي لڳو جيڪو روز هوندو هو اداس اداس، ويڳاڻو، سوچن ۾ گُم، پريشان.......... اڄ علي جو ذهن سڀني پريشانين کان خالي بس سامهون هئس ته دوست ۽ انهن جو ساٿ اڄ محسوس ٿيس پئي ته سُورن کان پري به ڪا زندگي آهي، سُور رڳو ذهني عذاب جو سبب بڻجن ٿا، سوچون ذهن ولوڙ ڪري رت سُڪائين ٿيون، دوستن پروگرام ٺاهيو ته هلي ٻاهر ماني کائون، سڀ گڏجي اچي هوٽل تي ويٺا، ماني جو آرڊر ڏئي سڀ گڏجي ويٺا علي ڏٺو ته ماحول ڏاڍو خوشگوار هو، ماڻهن جا هُجوم هئا، ڪافي جوڙا هئا جيڪي هٿ ۾ هٿ ڏئي آيا پئي، ڪن ماني کاڌي پئي، ڪن اُتي ماني کائي پسار پئي ڪئي، ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو.
    علي جون نظرون اڄ الائي ڇو ماحول ۾ خوبصورت منظرن کي ڏسي تجسس ڀريون ٿي پيون هيون، سوچيائين هي به دنيا آهي، هي ماڻهو به هن ڌرتي جي گولي تي رهن ٿا، دوست کي، “يار ڏس هي جوڙا جوڙا ڪيڏا خوش آهن، ڪيئن نه هڪٻئي سان انجوائي پيا ڪن!”.
    دوست، “ها يار علي تڏهن ته توکي چوندا آهيون ته جيڪو بيوفا هو، جنهن کي پيار جو قدر نه هو اُن بيوفا کي ياد ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ هڪ نئين زندگي جي شروعات ڪر، ڇڏ انهن سوچن، خيالن کي، ڇڏ بيوفائن کي، ڇڏ انهن خيالن کي جيڪي توکي سُڪون نٿا ڪرڻ ڏين”.
    “ها يار تون سهي ٿو چوين.......... بس اڄ کان آئون نئين زندگي جي شروعات ڪندس...
    ٭
    زندگي سُورن سيج، زندگي ڏُک سُور، زندگي خبر ناهي ڇا آهي!!. هي سڀ ڪُجهه لُٽائي هُن بيوفا کي پنهنجو نه ڪري سگهيو هو ۽ عشق جي بُلندين تي هو ۽ هوڏانهن هُن بيوفا کي ڪا پرواهه ئي ڪونه هئي ته علي جي ڪهڙي حالت آهي ۽ هن سان ڇا ڇا ٿيو آهي!.
    چوندا آهن ته جنهن کي لڳي تنهن کي خبر پوي!.
    علي کي رات واري دعوت جيئڻ جو نئون گس ڏنو هو، اڄ ڪجهه قدر پنهنجي پاڻ کي رليڪس پئي ڀائنيائين، اڄ محسوس ٿيس پئي ته ڪو سالن جو ٿڪل ٽُٽل هو ۽ هاڻ وڃي رليڪس ٿيو آهي.
    شام ٿي رات آئي ڊيوٽي ٽائم تي نڪري آيو، دوست سان گڏ اڄ چئنل تي ڪجهه وڌيڪ ماڻهو پئي ڏسڻ ۾ آيس، پُڇڻ تي خبر پيس ته پروگرام جي ڪا ريڪارڊنگ پئي هلي، ٿوري دير وڃي پروگرام ۾ ويٺو مزو نه آيس، خاص نه هو وري اچي پنهنجي چيئر تي ويٺو، اُتي اڄ ان ساڳي پوڙهي اداڪار کي ڏٺائين جيڪو رات جو چئنل جي پروگرام ۾ ڇت تي مليو هئس، هُن کي ڏسي ڏاڍي چاهه سان مليو، “هيلو هائو آر يُو ينگ مئن؟”.
    “آءِ ايم فائن سر.......... هائو ابائوٽ يُو سر؟”.
    “مي آلسو فائن ينگ مئن.......... سُڀاڻ ڪٿي هوندا اچو ته گڏجي ڪچهري ڪريون!”.
    “جي سر فري هوندس ضرور ايندس”.
    ٻيو ڏينهن دوست کي ٻُڌائي نڪري آيو ان اداڪار ڏي هُو به صدر ۾ فليٽ تي اڪيلو رهندو هو اچڻ سان ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين، پاڻ چانهه پئي پيتائين هُن کي به چانهه جو ڪپ ڀري ڏنائين، ٻنهي گڏجي چانهه پيتي پوءِ گئلري ۾ ڪرسيون رکي ويهي رهيا، زندگي جي لاهن چاڙهن جون ڳالهيون ڪندي پوڙهي دوست پنهنجي زندگي جو سڄو داستان ٻُڌايس ته هُن اڄ تائين شادي ناهي ڪئي، هُن عشق ڪيو پر سندس محبوبا جي وقت کان اڳ ۾ ڊيٿ ٿي وئي هئي ان ڪري اڄ تائين شادي نه ڪئي هئائين بس هاڻ سندس زندگي ۾ شراب جو گلاس، هي فليٽ ۽ گئلري کان سواءِ چند تصويرون هيون بس ٻيو ڪجهه نه هئس. ٻي ڪنهن شئي جي سندس زندگي ۾ هاڻ ڪا جڳهه به نه هئي.
    علي کي ٻُڌايائين ته، “ماڻهو اسان کي ٽي وي تي ڏسي سمجهندا آهن ته اسان دنيا جا تمام وڏا خوشنصيب انسان هونداسين پر اسان جي لائف به سُور ئي سُور آهي!”.
    علي سندس ڳالهيون ٻُڌي خاموش ئي ويٺو رهيو، ٿوري دير ۾ سندس مُلازم هڪ وڏي بوتل بلئڪ ليبل شراب جي ۽ ٻه گلاس کڻي آيو، گڏ ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون به هُيون، هُن شراب جا پئگ ٺاهيا کيس پئگ هٿ ۾ ڏئي چيئرس ڪري پيئڻ شروع ڪيو.
    ٭
    جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست مدام.........
    شراب مذهبن ۾ حرام پر ان جهڙو جام دنيا ۾ ٻيو ڪوئي ناهي ڇاڪاڻ ته شراب پيئڻ کان پوءِ غمِ جانان ۽ غم دنيا وسريو وڃي!.انسان وڃي عرش تي پهچي ٿو علي ۽ پوڙهو اڌ رات تائين سِپ سِپ ڪري شراب پيئندا رهيا ۽ مختلف موضوعن تي ڪچهري به ڪندا رهيا، علي ماني کائي اُتي ئي سُمهي پيو هو ڇو ته پنهنجي روم تي پهچڻ واري حالت نه هئس.
    صبح سوير اُٿيو ته بورچي چانهه ناشتو آڻي ڏنس، اُن کان دوست جي پُڇا ڪيائين هُن ٻُڌايس ته صاحب ته رات ئي نڪري ويو آ ڪا خبر ناهي ڪيڏانهن ويو، توهان جي لاءِ چئي ويو هو ته وري جلدي ملجئو.
    علي وهنجي ناشتو ڪري پنهنجي جڳهه تي پهتو ته دوست اڃان سُتو پيو هو پاڻ کيس جاڳائڻ مُناسب نه سمجهيائين سو موبائل کڻي دوستن جا نمبر ڊائل ڪرڻ ويٺو، ڪجهه دوستن سان ڪچهري ڪري وري موبائل رکي ليٽي پيو.
    عمومن چوندا آهن ته مرد عشق ناهي ڪندو، مرد عشق جي ع کان به واقف ناهي پر ائين ناهي علي جنهن عشق جي سطح تي وڃي پهتو هو اُتان کان رڳو فنا جو رستو پئي نڪتو، اُتان کان واپسي نامُمڪن هئي.
    شام ڌاري دوست ۽ علي ٻئي نڪري پيا ٻاهر ويجهو ئي فُٽبال گرائونڊ هو جتي ڪا ٽورنامينٽ پئي هلي، اڄ علي دلچسپي سان مئچ پئي ڏٺو، ڏٺائين ته هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي گڏجي ويٺا آهن ۽ هٿن ۾ هٿ ڏئي هڪٻئي سان پنهنجائپ ۽ پيار مان پيا ڏسن، سندس دل ۾ اوچتو خيال آيو ۽ دوست کي ڇڏي سڌو روم ۾ هليو آيو، مٿو گُهميس پئي، نراڙ تان پگهر جي ڊگهي لڪير ڳل کي ڇُهندي هيٺ لٿي پئي، ٻئي هٿ وارن ۾ وجهي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، سندس نظرن کي ڪنهن شئي جي ڳولها هئي، روم ۾ سڀ جڳهين تي ڳوليائين الماري کولي چيڪ ڪيائين ته سندس نظر وڃي شراب جي ننڍڙي بوتل تي پئي، چهري تي شانتي جا آثار اُڀري آيس.
    هاڻ بوتل کولي بغير پاڻي ملائڻ جي سِپ سِپ ڪري پيئڻ لڳو، هاڻ سوچيائين ته کيس ان پيئڻ سان ڪجهه ڪجهه شانتي ملي ٿي، ڪجهه ذهني عذاب گهٽ ٿئيس ٿو پر علي اهو نه پئي ڄاتو ته هُن بيوفا کان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هُو ٻي اُونهي ۽ گهري کاهي ۾ پيو ڪري!.
    علي نشن ۾ جهومندو رهيو ۽ موبائل تي ميوزڪ ٻُڌندو رهيو......
    ٭
    تنهنجي ماٺ منهنجو موت پرين
    تنهنجي ياد حيات پرين..............
    نشن جي خُمارن ۾ جهومڻ زندگي ۾ موجود سُورن جي گهٽتائي ثابت ٿئي ٿو پر شايد اهو به ڪو مُستقل حل ناهي، پرين جي يادن، عشق جي خُمارن، زُلفن جي لشڪارن کان مُنهن موڙڻ وسارڻ لاءِ عشق وجود جي بقا جو ضد آهي. جنهن عشق ڪيو ان وجود کي وساري ڇڏيو.
    علي جنهن عمر ۾ عشق جي شروعات ڪئي، جنهن وقت کيس حضرت عشق جا نشا چڙهيا ان وقت اها عمر گُهمڻ ڦرڻ، موجن مستين جي هئي. سندس عمر ۾ ڇوڪرا شرارتون ڪندا آهن، دوستيون وڌائيندا آهن، گڏجي زندگي کي انجوائي ڪندا آهن پر هن کي الائي ڇو اهي سڀ ڳالهيون وسري ويون جو وڃي عشق جهڙي رت پياڪ بلا جي ور چڙهيو!.
    عشق ۾ هُن صرف سچائي، پاڻ ارپڻ ۽ بي حد انتها کان وڌيڪ چاهڻ ئي سکيو هو. هُو جيڪو ايترو نازڪ مزاج هو جو ڪنهن ٻار جي روئڻ تي به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئس، دنيا م ڪٿي ڪو انسان تڪليف ۾ ڏسندو هو ته روح بي چين ٿي پوندو هئس ۽ ڪئي راتين تائين ننڊ نه ايندي هئس.
    هُو جيڪو گهر ۾ سڀ کان وڏو هو، جنهن کي يتيمي اُن عمر ۾ حصي ۾ آئي جڏهن ٻارن کي اڃان اها به خبر ناهي هوندي ته هنن جون ضرورتون ڪيئن ٿيون پوريون ٿين!. بس هو ته اسڪول لائف کي انجوائي ڪندا آهن.
    علي طبيعتن ڏاڍو ٿڌو مزاج، سمجهدار ۽ احساس رکڻ وارو ڇوڪرو هو. هو هميشه چوندو هو ته اهو پيار محبت ڪجهه به ناهي، آئون ته قصا ڪهاڻيون پڙهي پڙهي ٿڪجي پيو آهيان مون کي ته ناهي ٿيو. هُو اها ڳالهه ورجائي ڪندو هو. چوندا آهن ڪڏهن زبان مان نڪتل ڪا ڳالهه به قُبول ٿي ويندي آهي سو هن جي اها ڳالهه به قبول ٿي پئي ۽ هي عشق جي پنڌ جو راهي ٿي پيو.
    هُوءَ بيوفا جنهن کي هن دل جي گهرائي سان چاهيو، جنهن لاءِ هن سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو ايستائين جو هُن کي يقين ڏيارڻ لاءِ انتهائي قدم به کنيائين پر هُن جو شايد ايترو نصيب خراب هو جو علي جي جذبات عشق کي سمجهي نه سگهي ۽ اهڙي ماڻهو جي ساٿ کان محروم ٿي وئي........
    ٭
    عشق وڃائڻ!، عشق لا حاصل........ پوءِ ڪهڙو مطلب ڪرڻ عشق جو؟.
    ”علي.......... علي............ علي...........!”.
    دوست زور سان سڏيندو رهيو پر علي مدهوشي جي دنيا ۾ ڪو سڏ ئي نه ٻُڌو، علي سڄي رات پيئندو رهيو هو، خيال ئي نه رهيو هئس ته ڪيترو پيتو اٿائين، دوست ٻانهن کان وٺي جنجهوڙيندي اُٿاريس، اکيون مهٽيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر دماغ زور سان چڪرائجي ويس، سمجهه ۾ نه پئي آيس ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي!.
    ٿڙندو واش روم پهتو، مُنهن کي ٿڌو پاڻي هڻي مٿي تي ٿڌو پاڻي لڳايائين ڪجهه سامت ۾ آيو، ٻاهر آيو پر دماغ اڃان به چڪرايس پئي، لڳو ته هينگ اوور ٿي ويو هئس. دوست، “يار علي ڇا آهي؟، ڪيتري دير ٿي وئي آهي اڃان سُتو پيو آهين، بُک کان منهنجو بُرو حال ٿي ويو آهي!”.
    علي، “يار اڃان هاڻ صبح ٿيو آهي ڇو ٿو رڙيون پيو ڪرين!”.
    دوست، “علي صاحب ٿورو گهڙي ڏي ڏسو ڇا ٽائم ٿيو آهي؟”.
    علي گهڙي کي ڏٺو ڏينهن جا ٻه پئي ٿيا، “يار واقعي ٽائم جام ٿي ويو آهي تو مون کي اٿاريو ئي ڪونه!”.
    “يار علي صبح کان رڙيون ڪري ڪري ٿڪي پيو آهيان اُٿين تڏهن نه يار!”.
    “رات مون کي ماني ڇو ڪونه ڏنئو!؟”.
    “اڙي توکي ماني جو هوش ڪٿي هو؟، اسان ماني کائي سُمهي پياسين پوءِ به تو ويٺي پيتو........... يار ماني ته رات واري اڃان پئي اٿئي..........
    علي، “خير يار هل ته رات واري رهيل ماني، ناشتو ۽ هينئر واري گڏجي هلي کائون!”، علي کلندي چيس.
    خير علي کي اڃان به هينگ اوور هئس، علي ؟ دوست ٻئي گڏجي ٻاهر آيا، گڏجي ماني کاڌن، شام جو گڏجي آفيس آيا، چئنل تي اڄ علي جي دل نه پئي لڳي بس عجيب حال لڳو پيو هئس، عشق ڪري اڳي ئي حال خراب هئس وري جڏهن کان پيئڻ شروع ڪيو هئائين تڏهن کان دماغي حالت اڃان وڌيڪ بگڙجندي پئي ويس.
    چئنل تي رات به عجيب هوندي آهي هرڪو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ مُنهن هڻي ڪم ۾ رُڌل هوندو آهي، ڪنهن کي ڪنهن جو هوش نه هوندو آهي، علي سوچيو پئي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، دل پئي ڪيس ته بس ڳالهائيندو رهي، ڪو هُجي جنهن سان سڀ سُور سلي پر سڀ ڪم ۾ بِزي رات جا ٽي وڳا آهن ڪال به ڪنهن کي نه پيو ڪري سگهي ٻاهر به نه پيو وڃي سگهي بس عجيب ڪشمڪش، بي چينيءَ، بي سڪوني مٿو ڦريس پيو، ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي ڪُرسي تي ٽيڪ لڳائي ويهي رهيو!.
    ٭
    علي محسوس ڪيو پئي ته هاڻ سندس حواس ڪم ڪرڻ ڇڏيندا پيا وڃن، هاڻ هُو نارمل ناهي رهيو پر دوستن جي همٿ ۽ حوصلي ڏيارڻ تي ڪڏهن ڪڏهن بهتر محسوس ڪندو هو.
    اڄ علي بيچينيءَ واري ڪيفيت ۾ هو، سڄي رات ڊيوٽي تي به ڪو سُڪون محسوس نه ڪيو هئائين بس اچڻ سان ئي بستري ۾ ڪري پيو هو. دوست ماني لاءِ اٿاريس پر نه اٿيو. وري اچي رات ٿي هئي پر علي اڄ اٿيو ئي نه هو. اڄ رات موڪل هئس ان ڪري رات جو اڪيلو ئي نڪري پيو.
    اچي ٻاهر ويٺو هو ڪيتري ئي دير شاهراهه فيصل تي هلندڙ گاڏين کي ڏسندو رهيو بس نظرون روڊ ۾ کُپي ويون هئس، علي ويهڻ کان پوءِ اهو وساري ويٺو هو ته هُن کي واپس به وڃڻو آهي!.
    رات جا ٻارنهن ٿيا پئي علي مسلسل ويٺو رهيو، هوڏانهن دوست پريشان هو، علي جو موبائل به روم تي پيو هو، هُو ڳولهيندي ڳولهيندي اچي علي وٽ پهتو هو، علي جي ڪُلهي تي هٿ رکيائين ته علي ڇرڪي پيو، دوست کي ڏسي پُڇيائين، “ته تون ڪڏهن آيو آهين؟”.
    دوست، “يار علي ڇا ٿي ويو آهي توکي!؟. آئون ڪيترو پريشان ٿي ويو هئس، تون موبائل به روم تي ڇڏي آيو آهين يار اهو ڇا آهي ڀلا!؟”. دوست ڳالهائيندو رهيو پر علي کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي ته هو ائين ڇو پيو چوي. دوست، “يار اچ ڀلا ماني کائون تو صبح کان ڪجهه ناهي کاڌو!”.
    علي بس ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ خاموشي سان دوست سان گڏ هلڻ شروع ڪيو، ماني کائي ٻئي روم تي آيا، ٽائم رات جو هڪ پئي ٿيو، دوست سُمهي پيو پر علي کي ننڊ نه پئي آئي وري ساڳي بيچينيءَ ٿيڻ لڳي هئس، مٿو چڪرايس پئي، خبر نه پئي پيس ته هُو ڪٿي آهي!.
    علي هاڻ مڪمل خاموش رهڻ لڳو هو، ٻئي ڏينهن ڊيوٽي تي به نه ويو، ننڊ به نه پئي آيس، اکيون ڳاڙهيون لال هئس، علي هاڻ ذهني طور ڊسٽرب ٿي ويو هو، هُن جو ذهن پنهنجي جڳهه تي نه رهيو هو.
    ٭

    رقص دل هي جاري تيري عشق ڪه سازون په
    ڪوئي ايسا سُر نه ڇيڙ ڪه دل تڙپ ڪه مر جائي....
    هُو جنهن عشق ڪيو، هُو جنهن وفا ڪئي، هُو جنهن پاڻ ارپيو، هُو جنهن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو، هُو جيڪو عشق ڪرڻ ڄاڻيندو هو، هُو جنهن جي من ۾ ڪا ميراڻ نه هُئي، هُو جيڪو وِک وِک تي هُن کي ياد ڪرڻ وارو هو، هُو جنهن هن کي ديوتا وانگر پُوڄيو هو، جنهن خواهشُون ختم ڪري ڇڏيو، هُو جيڪو صرف هُن لاءِ زندهه هو!.
    اڄ هُن جو دماغ خالي کوکو ٿي پيو هو، هُن جي دل ۽ دماغ جي ڪنيڪشن ڪاٽا ٿي چُڪي هئي، اڄ علي سائڪالاجيڪلي بيمار ٿي چُڪو هو. دوستن علاج ڪرايس پئي وس آهر پُٺيان گهر به نه پئي ٻُڌائي سگهيا ڇو ته گهر جو وڏو علي ئي هو!.
    علي جنهن کي هاڻ اهو به هوش نه رهيو هو ته هُو ڪري ڇا پيو!، وڃي ڪيڏانهن پيو!، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ بس هلندو رهندو هو خبر نه پوندي هئس ته ڪيترو پنڌ ڪيو اٿائين!. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه ڏينهن ننڊ نه ايندي هئس، اي ٽي ون ٽئبليٽ ٻه ٻه گڏ کائيندو هو پوءِ به ننڊ نيڻن جي ڀرسان به نه گذرندي هئس.
    علي ڪراچي جي مشهور سائڪالاجسٽ کي ڏيکاريو پئي جنهن جو چوڻ هو ته علي کي گهرو صدمو پهتو آهي جنهن ڪري رڪوري (ٺيڪ ٿيڻ) لاءِ ٽائم لڳي سگهي ٿو، علي سڀ ڪجهه وڃائي به ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو هو ها باقي علي عشق جو هڪ نئون قصو داستان جوڙيو هو!.
    ٭
    عشق جنين جي اندر سي ٿُلها ڪين ٿين!.
    عشق جن کي لڳو تن کي وڻ ويڙهي جيئان وڪوڙي ڇڏيندو آهي، عشق سهي معنى ۾ پاڻ وڃائڻ ئي آهي ڇو ته عشق جي منزل جُنون جي حدن تي وڃي رسندي آهي ۽ جنون انسان کي ڪٿان کان کڻي ڪٿي پهچائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن انسان جي وس ۾ هُجي ها ته هوند عشق ڪڏهن به نه ڪري ها!.
    عشق ڪرڻ فنا ٿيڻ کي ڏسي دنيا جا سڀ عاشق ان پنڌ کان شايد پري ڀڄن ها پر عشق اُهو جذبو آهي جيڪو وس ۾ ناهي، بس عشق ٿي ويندو آهي، جڏهن ٿيندو آهي ته فنا ڪري ڇڏيندو آهي.
    علي جي حالت ڏينهنون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وئي، هاڻ ڊاڪٽر هُن کي چيو هو ته مڪمل آرام ڪري پر آرام اچي ڪٿان!؟. سُڪون الائي ڪيڏانهن علي کان رُسي هليو ويو هو. سُک ڪهڙي ديس جو رهواسي هو هُن کي اُها ڄاڻ به نه هُئي!. سوچي ٿو ڪاش دنيا ۾ ڪا اهڙي بازار هُجي جتي خوشي، سُک، شانتي وڪامي ته پنهنجو سڀ ڪجهه وڪڻي رڳو ڪجهه پلن جي خوش خريد ڪري وٺان!.
    پاڙي ۾ شادي جي دعوت هئي علي جي دوست کي به دعوت هئي دوست کيس زبردستي دعوت ۾ وٺي ويو، اُتي هر طرف خوشي ۾ ٻهڪندڙ چهرا، نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون، پوڙها پوڙهيون، ٻار سڀ خوش لڳا پيا هئا، انجوائي ڪين پئي، علي به دوست سان هڪ ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو، کيس ماحول وڻندڙ لڳو پئي پر بيچينيءَ اڃان به ٿيس پئي. اندر ۾ گُهٽ ٻُوسٽ جو احساس پئي ٿيس، ائين ڀائنيائين پئي ڪنهن کڻي اهڙي اونداهي ڪوٺي ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿس جتي روشني سان گڏ هوا جو گُذر به ناهي هوندو، ساهه تي مونجهارو پئي ٿيس، دوست کي چيائين آئون روم تي ٿو وڃان...............
    ٭
    سانسين تو بس اڪ نمائش هين
    ميري اصل زندگي تو تم هي هو.
    سائڪالاجسٽ کي ڏيکارڻ جي تاريخ اچي وئي هئي، علي ڪڏهن ميڊيسن وٺندو هو ته ڪڏهن ڄاڻي ٻُجهي نه وٺندو هو يا وري ڪڏهن بي خيالي ۾ وٺڻ وسري ويندي هئس. بس ائين ئي وري ڊاڪٽر کي طبيعت ڏيکارڻ جي تاريخ اچي وئي هئس.
    اڄ دوست سان گڏ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي آيو هو، علي ڪافي ڏينهن کان گهر به نه ڳالهايو هو، گهران ڪال ايندي هئس ته بس مختصر ڳالهه ٻولهه ڪري رکي ڇڏيندو هو، کيس اڄ محسوس ٿيو پئي ته پويان امان اڪيلي آهي، ڀاءُ ننڍا آهن انهن جو ڇا ٿيندو!؟. جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته امان مري ويندي......... بس احساس هو جنهن اندر ۾ وڍ وڌس پئي، سوچيائين پئي هُنن جو ڪهڙو ڏوهه؟ جيڪي منهنجي آسري ويٺا آهن، هُو مون کان سواءِ ڪيئن رهي سگهندا؟.
    ڊاڪٽر سان ملاقات به اڄ ڪجهه قدر سُٺي ماحول ۾ ٿي هئس ڇو ته رش ڪونه هئي، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مريض ويٺل هئا، ڊاڪٽر، “پُٽ هن عمر ۾ ڊپريشن تمام خطرناڪ آهي جيڪڏهن تون پنهنجي پاڻ تي ڪنٽرول ڪندين ۽ ميڊيسن پراپر وٺندين ته جلدي ٺيڪ ٿي پوندين. تون مون سان شيئر ڪر ته ڇا جي ڪري تون رليڪس نه پيو رهي سگهين؟”.
    دوست ڊاڪٽر کي سڀ ڪجهه پهريان ٻُڌائي چُڪو هو پر ڊاڪٽر علي جي زباني پئي ٻُڌڻ چاهيو. علي پنهنجو سڄو عشق جو داستان ڊاڪٽر کي ٻُڌايو، ڊاڪٽر، “پُٽ ڀلا ڪنهن هڪ انسان لاءِ پنهنجي زندگي تباهه برباد ڪبي آهي ڇا؟؟، هيڏي ساري دنيا پئي آهي ان ۾ هزارين ڇوڪريون موجود آهن تون ڪنهن سان به ڳالهائي سگهين ٿو يا تون شادي ڪري ڇڏ”.
    علي ٿڌو ساهه ڀري ڊاڪٽر ڏي نهاريو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڊاڪٽر صاحب اهو عشق جيڪو آهي نه اهو قاتل زهر اٿئي جنهن کان بچڻ ناممڪن آهي ڀلا توهان ٻُڌايو توهان ڪڏهن عشق ڪيو آهي؟”.
    تو ڪڏهن نه پُڇيو
    ڪيئن جيئان پيو................!!!.
    ٭
    درد کي آ شاباس
    جيڪو نڀائي پيو
    علي جي سوال ڊاڪٽر کي مُنجهائي وڌو هو، ڊاڪٽر گهري سوچ ۾ گُم ٿي ويو هو سوچيائين پئي هن کي ڪهڙو جواب ڏي، گهڻو سوچڻ کانپوءِ به جڏهن ڪو جواب نه سُجهيس ته علي کي چيائين، “پُٽ تون ڳوٺ وڃ توکي هاڻ ماحول تبديل ڪرڻ کپي!”.
    علي کيس ڏسندو رهيو بس ائين ڳالهيون ختم ٿيون ۽ ڊاڪٽر وري هڪ پرچو ڪارو ڪري علي جي دوست کي ڏيندي چيو، “ته هي دوا وڃي استعمال ڪريو الله بهتر ڪندو!”.
    علي سوچڻ لڳو الله ته پالڻهار آهي خلقيندڙ آهي ته پوءِ کيس منهنجا ڏُک، سُور، تڪليفون نظر ڇو نٿيون اچن؟، کيس منهنجون دانهون، آهون ٻُڌڻ ۾ ڇو نٿيون اچن؟. ڇا پاڻ ٻُڌڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويو آهي يا ٻُڌڻ نٿو چاهي!. علي مٿي آسمان طرف ڏسي ٿو کيس هاڻ الله سان به شڪايت ٿيڻ لڳي آهي، کيس سمجهه نٿو اچي ته ڇا ڪري!!. اڄ صدر مان نڪرندي لڪي اسٽار چورنگي کان اڳيان واري ڳليءَ مان گُتي تان شراب جو ليٽر وٺي دوست سان گڏ روانو ٿئي ٿو، روم تي اچي دوست سان سڄي رات شراب پيئي ٿو، سڄي رات شراب پيئندو رهي ٿو ۽ صادق فقير جي سُريلي آواز ۾ مختلف ڪلام ٻُڌندي ٻُڌندي رات کي کُٽائي ٿو.
    صبح جو سج پنهنجا پر پکيڙي چُڪو آهي، هر طرف روشني ٿي وئي آهي، پاڙي جي گهرن جون دريون ڳليءَ طرف کُلي ويون آهن، ڪٿان ٻارن جي روئڻ جو آواز پيو اچي ته ڪٿان وري صبح جي ناشتي ڪرڻ لاءِ اسڪول ويندڙ ٻارن جي مائرن پاران کين ناشتو ڪرڻ لاءِ دڙڪا ٻُڌڻ ۾ ٿا اچن، علي روم ۾ ڀِت کي ٽيڪ لڳايو ويٺو آهي، ننِڊ سندس نيڻن مان ائين غائب آهي جيئن سندس رُٺل محبوبه کائنس ڏُور آهي!.
    سوچي ٿو ڊاڪٽر به حد درجي جو بيوقوف آهي، کيس ڪهڙي خبر ته عشق جي مرض جو ڪو علاج ناهي!. عشق لا علاج بيماري آهي کيس ته اُها بيماري لڳل آهي جنهن سسئي کي پُنهون پُٺيان جبل جهاڳڻ تي مجبور ڪيو، جنهن سُهڻي کي درياءَ پار ڪرڻ لاءِ اُڪسايو کيس سندس بيماري جو اڄ سُٺي نموني احساس ٿئي پيو، علي پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي ڳائي ٿو، “اسان کي او سُهڻا وساري نه ڇڏجئو..........
    ٭
    بهول تو جائون تجهي پر ميري پاس باقي رهيگا ڪيا!؟.
    کيس عشق ان چئو واٽي تي اچي بيهاري ڇڏيو هو جتان کان هاڻ سمجهه نه پئي پيس ته ڪهڙي رستي تي نڪرجي!.
    علي جي عليل ٿيڻ کان پوءِ بس هڪ ئي دوست نڀايو هئس جيڪو اڃان تائين گڏ هئس، کيس ياد پيو پنهنجي شهر وارو يار جيڪو روز چوندو هئس، “علي هي ڇوڪري سهي ناهي تون ان جي پچر ڇڏي ڏي، تون سڌو سادو ماڻهو آهين هي شهري ڇوڪريون بيوفا هونديون آهن هي رُڳو گلئمر جي پُٺيان ڀڄنديون آهن، هي موسم سان مٽجڻ واريون آهن، هي توکي دوکو ڏيندي!”.
    پر علي عشق جي اُٺ تي چڙهيل کيس اهي ڳالهيون بلڪل به سمجهه ۾ نه اينديون هيون بس هي سوچيندو هو ته عشق شروع عشق آخر، عشق ڪلمو عشق مذهب، عشق خوشي عشق زندگي، عشق حيات عشق سُونهن، عشق سِڪ، عشق سڀ ڪجهه...........!!.
    هن ڀائنيو ته سندس زندگي جي منزل اُها ئي آهي سوچيندي سوچيندي سُڏڪا ڀري روئڻ ٿو لڳي، سوچي ٿو، “الله سائين اهي عشق محبت جا احساس ڇو ٺاهيا؟، ماڻهو سڀ بي حس هُجن ها، مون کي به ڪو احساس نه هُجي ها، آئون به سُڪون سان رهان ها، عشق جو احساس به نه هجي ها ته اهي سُور به نه هُجن ها!”.
    سوچي ٿو، “مُعاشري جا ڪردار ايڏا سنگدل ۽ سفاڪ ڇو ٿي ويا آهن؟. هن سندس لاءِ زندگي نالي ڪري ڇڏي پر هُوءَ جنهن کي ڪو احساس ناهي!. هُوءَ گلئمر جي پُٺيان ڀڄي سُٺي زال نه بڻجي سگهي، چمڪ پويان “ٻانهي” ٿي ويهي رهي!”. سوچي ٿو، “ڪڏهن ته کيس منهنجي محبت جو احساس ٿيندو ۽ جڏهن احساس ٿيندس ته هُوءَ به تڙپندي روئندي پر ان وقت آئون جام پري هليو ويندس سڀني کان ڏُور................
    ٭
    هم ني تاخير سي سيکهي هين محبت ڪي اصول
    هم په لازم هي تيرا عشق دوباره ڪر لين...............
    تنهنجي بيوفائي توکي هڪ ڏينهن ضرور ڏنگيندي جڏهن دنيا توکي دوکو ڏيندي، جڏهن دنيا توسان بيوفائي ڪري توکي رڻ ۾ رولي ڇڏي هلي ويندي ان وقت توکي ياد ايندو ته تو ڪيڏو وڏو ڏوهه ڪيو آهي، دل ڏُکائڻ مها پاپ آهي، ڏُک ڏيڻ، دل ٽوڙڻ ڪنهن کي سُورن حوالي ڪرڻ گُناهه ڪبيره آهي، مان سمجهان ٿو دنيا جي مذهبن جي خبر اُنهن جي ڄاڻن کي بس آئون ايترو سمجهان ٿو ته تون مها پاپي آهين تون بيوفا آهين!.
    اڄ علي کي الائي ڇو هُن تي ڪاوڙ پئي آئي شايد اُن ڪري ته پاڻ ذهني طور تي اپ سيٽ ٿي پيو هو، ان ڪري کيس هاڻ عشق لفظ تي ڪاوڙ پئي آئي پر اهو به سچ هو ته عشق سندس وجود تي قابض ٿي چُڪو هو. علي ڪيترو نه چاهيو هو ته ان عشق جي بيماري مان جان ڇُٽي پر چاهيندي به پاڻ جان نه ڇڏائي سگهيو هو.
    علي کي سائيڪالاجيڪل بيمار عشق ڪيو هو، ڊاڪٽر چيس پئي ته گهڻو سوچڻ جي ڪري ذهن تي دٻاءُ پيو آهي ۽ تون ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو آهين، نفسياتي طور تي جڏهن انسان جو ڪنهن هڪ شئي تي فوڪس ٿي پوندو آهي ۽ وري اتان کان کيس ڪو خاطر خواهه نتيجو نه حاصل ٿيندو آهي ته انسان جي اندر ان شئي سان رليٽڊ سوچ پئدا ٿيندي آهي ۽ انسان ڏينهن رات ان شئي جي باري ۾ سوچڻ لڳندو آهي، سوچي سوچي خيالي طور تي ان ۾ گُم ٿي پوندو آهي ۽ اها گُمنامي ئي سندس لاءِ دنيا کان ڪٽجڻ جو سبب بڻجندي آهي.
    علي ان گُمنامي جي آخري اسٽيج تي پُهچي چُڪو هو، کيس هاڻ گهٽ شيون محسوس ٿينديون هيون، هُو هميشه خيالن ۾ گُم رهڻ لڳو هو، جڏهن هوش حواس ڪم ڪندا هئس وري شراب پيئندو هو، شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي جهومندو هو، ڪڏهن راڳ ٻُڌندو هو ته ڪڏهن پنهنجي مُنهن ويٺو راڳ کي جهونگاريندو هو...........
    ٭
    رضائي يار په خواهش ڪو وارني والي
    عجب سخي هين محبت مين هارني والي.......
    “علي او علي.............. ڪٿي آهين يار!”. دوست علي کي سڏ پئي ڪيا پر علي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري بُت بڻجيو ويٺو هو. دوست ٻانهن کان جهلي سڏ ڪيس، “علي ڪيتري دير کان توکي پيو سڏيان جواب ڇو نه پيو ڏئين؟، ڪٿي گُم آهين؟”.
    علي، “يار اتي ئي ڪيڏانهن ويندس!. تون ٻُڌائي ڇا ٿيو؟”.
    “يار ٿيو ته ڪُجهه ناهي بس اڄ چئنل جي آفيس تان ڪجهه دوست ٿا اچن ۽ پئسو به گهٽ آهي سوچيان پيو ڇا ڪجي!”.
    “يار ان ۾ سوچڻ واري ڳالهه ڪهڙي آهي؟. اڄ ماني گهر ٿا ٺاهيون”.
    “پر علي يار مون کي ڪجهه نٿو ٺاهڻ اچي”.
    علي، “تون ٽينشن نه وٺ تون چڪن وٺي اچ آئون پاڻهين ٺاهيان ٿو باقي مانيون ٻاهران وٺي وٺنداسين!”.
    دوست چيس، “ٿئنڪس يار علي”.
    علي، “ان ۾ ٿئنڪس جي ڪهڙي ڳالهه آهي سڀ کان گهڻو ته آئون کائيندس اڌ رڌيندي ۽ اڌ مهمانن سان گڏ!”.
    دوست ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کلي پيو علي به زور زور سان کلڻ لڳو، علي اڄ وڏي عرصي کان پوءِ کليو هو، اهو ڏسي دوست به خوش هو ته علي جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي، چيائين، “عشق ڏُکيو اٿئي!”.
    چيومانس، “اسان ته فنا ٿي چُڪاسين هاڻ ڏُکيائي ڇا جي!؟”.
    شام ٿي دوست ڏسيل سامان وٺي آيو هو، علي چڪن ليمن ڪڙهائي ٺاهڻ جي تياري پوري ڪري ورتي هئي، ايستائين چئنل تان دوست به اچي ويا هئا اهي پاڻ سان ٻه بوتلون به وٺي آيا هئا، سڀني دوستن علي کان پُڇيو، “يار تون چئنل تي ڇو نه پيو اچين؟، خير ته آهي!؟”.
    علي جي بدران دوست جواب ڏنن، “يار علي ٻي جاب جي ڳولا ۾ آهي هتي کيس مزو نه پئي آيو!”.
    علي دوستن سان ويهي اڄ پاڻ کي فريش محسوس ڪري رهيو هو. اڄ گهڻي عرصي کان پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو هو، سڀني دوستن علي جي ڪُوڪنگ جي تعريف پئي ڪئي، موبائل جي گهنٽي وڄڻ جو آواز ٿيو ته علي ننِڊ مان سُجاڳ ٿيو، دوست ته رات جو ئي هليا ويا هئا، اُٿي ٽائم ڏٺائين ته ڏينهن جا ڏهه پئي وڳا، موبائل ۾ نمبر ڏٺائين ته ڀاءُ جو نمبر هو گهران ڪال پئي آيس.
    ٭
    عشق رنجيدن ڪُفر است
    عشق جي مذهب ۾ رنج رهڻ ڪُفر آهي.
    علي ڪال اٽينڊ ڪري هيلو چيو ته پريان امڙ جو آواز ڪنن سان ٽڪرايس، “هيلو ڪيئن آهين علي پُٽ؟. ڪٿي گُم آهين ڪا ڪال به نٿو ڪرين!، طبيعت ڪيئن اٿئي؟، نوڪري ڪهڙي پيو ڪرين؟، پُٽ هيترا ڏينهن ٿيا آهن پئسه به ڪونه موڪليا اٿئي ضرورت به حد کان وڌي وئي آهي!”. پريان کان علي جي امان مسلسل ڳالهائيندي رهي ۽ علي بُت بڻجيو موبائل ڪن سان لڳايو ٻُڌندو رهيو.
    امڙ وري ڳالهائي بس ڪئي ته وري هيلو هيلو ڪيائين، “علي پُٽ ٻُڌين ٿو؟، ڪٿي گُم ٿي وئين ڪو جواب ته ڏي پُٽ!؟”. علي جي امان ڪري جواب ڏنو، اداسي سندس لفطن مان ظاهر ٿي پئي، ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “امان طبيعت بس بهتر آهي ۽ نوڪري ڇڏي ڏني اٿم، هاڻ نئين جي ڳولا پيو ڪريان”.
    امڙ سندس ڳالهائڻ جي انداز مان سمجهي وئي ۽ چيائينس، “علي پُٽ تون فڪر نه ڪر، تون پريشان نه ٿي بس گهڻئي ٿي ڪراچي جي نوڪري واپس ڳوٺ هليو اچ اسان کي تنهنجي نوڪري نٿي کپي بس”.
    علي ڳالهه ٻُڌي ته ڪُجهه سُڪون محسوس ٿيس ڇو ته ڪافي عرصي کان علي به اها ڳالهه امان کي چوڻ پيو چاهي پر الائي ڇو چئي نه سگهيو هو، امڙ به ڪيڏي نه وڏي سائڪالاجسٽ هوندي آهي ٻار جي من کي ائين پڙهي وٺندي آهي جيئن ڪا اسڪينر مشين سڀ ڪجهه اسڪين ڪري وٺندي آهي.
    علي، “جي امان آئون جلد واپس ايندس!”. چئي ڪال ڪٽي ڇڏي.
    ٭
    پاڻ ڳوليان پاڻ کي
    ملي نه ٿو مون،
    مدد ڪر ڪا تون
    ته پسان آئون پاڻ کي.............!!.
    علي جي هاڻ ڪراچي ۾ دل نه پئي لڳي. هوڏانهن گهر وارا به هِن جي ڪري پريشان هئا، علي دوست کي چيو، “يار هاڻ مون کان هتي نٿو رهجي بس هاڻ آئون واپس گهر وڃڻ ٿو چاهيان!”.
    دوست ڏٺو ته علي هاڻ ڪُجهه بهتر پئي لڳو، هُن به چاهيو پئي ته علي ڀلي پنهنجن جي وچ ۾ رهي ته جيئن طبيعت بهتر ٿئيس سو علي کي چيائين، “ٺيڪ آهي علي جيئن تنهنجي دل ڪري تون ڀلي وڃ توکي دل سان اجازت آهي پر پاڻ اڄ شام ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايون پوءِ ڀلي تون سُڀاڻ نڪري وڃجان.”.
    علي ۽ دوست گڏجي ٻنپهرن جي ماني کاڌي، دوست شام جو علي جي لاءِ آفس تان موڪل ورتي هئي، شام ٿي ته ٻئي ڄڻا ڊاڪٽر وٽ وڃي پُهتا. ڊاڪٽر علي جي طبيعت ڏسي ٻُڌايو ته هاڻ علي جي طبيعت بهتر آهي ۽ هاڻ هُو گهر وڃي سگهي ٿو، اُهو ٻُڌي علي جي چهري تي مُسڪراهٽ اچي وئي.
    علي کي خوش ڏسي دوست به خوش ٿي ويو ۽ چيائينس، “هل يار هلون سي ويو تي ڪي پل هلي موسم جو مزو وٺون”.
    علي ۽ دوست سي ويو تي اچي پُهتا ان وقت هلڪي بُوند هلي پئي تمام پيارو ۽ وڻندڙ منظر هو، چوڌاري رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ٻارڙا سمُنڊ جي ڪناري ڊوڙيا پئي، ڪي جوڙا هٿ هٿن ۾ ڏئي دنيا کان بي نياز ٿيو پاڻيءَ ۾ پير پُسايو پسار ڪري رهيا هئا، علي به ڪافي دير سمُنڊ کي گهوري ڏسندو رهيو، اڄ سندس دل ۾ ماٺار هئي، اڄ علي هُن “بيوفا” جي باري ۾ نه پئي سوچيو، بس سمُنڊ ڪناري گڏ ٿيل ماڻهن کي پئي ڏٺو!.
    ڪافي دير ٻئي ڄڻا سمُنڊ ڪناري تي گهُمندا رهيا، رات جي اونداهي ٿي وئي هئي، سج هاڻ گُم ٿي ويو هو دوست چيو، “يار علي هتي ئي ماني کائي پوءِ واپس هلجي”.
    علي، “نه يار مون کي منهنجي دوست ڏي وڃڻو آهي آئون سُڀاڻ ڪراچي کي هميشه لاءِ الوداع ڪري پيو وڃان سو دل چئي پئي ته ساڻس هڪ ملاقات ڪجي تنهنجو ڇا مُوڊ آهي هلون؟”.
    دوست چيو، “ڀلي هل”.
    علي پوڙهي اداڪار دوست کي فون ڪيو پريان کان هُن خوش ٿيندي چيو، “ويلڪم ويلڪم مسٽر علي آئون به اڪيلو فلئٽ تي ويٺو آهيان اچو”. علي ۽ دوست فلئٽ تي پُهتا ته هُن سندن ڪافي گرمجوشي سان استقبال ڪيو، هُن اڳي ئي سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، ٽيبل تي وڏي شراب جي بوتل ۽ چرڪاڻ رکيل هئي، بورچي برائون چڪن ٻوٽيون به ٺاهي اچي رکيون هيون، ڪچهري هلندي رهي علي ٻُڌايس ته، “آئون هميشه لاءِ ڪراچي کي الوداع چئي وڃان پيو”. اهو ٻُڌي هُو ٿورو اُداس ٿيو پر وري ٻئي لمحي نئون پئگ ٺاهي چيئرس ڪندي چيائين، “مطلب اڄ اسپيشل سيليبريشن آهي!. پاڻ هميشه گڏ آهيون تون منهنجي دل ۾ رهندين علي!”.
    علي به گرمجوشي سان ڀاڪر پاتس، محفل هلندي رهي هي سڄي رات شراب پيئندا رهيا....
    ٭
    سُنو تمهين ايڪ راز ڪي بات بتائون
    جهان تُم نهين هوتي، وهان لمحي اُداس هوتي هين!.
    علي ۽ سندس دوست صبح جو سوير دوست جي فلئٽ تان نڪتا ۽ اچي صدر مان ڪوچ جي ٽڪيٽ ورتي، ٽڪيٽ شام جو پنج بجي جي هئي، علي ۽ دوست ٻئي واپس اچي رهائش واري جڳهه تي پهتا، فريش ٿي گڏجي ناشتو ڪين پوءِ علي جي دوست ٻين سڀني دوستن کي ڪال ڪري چيو ته علي اڄ واپس ڳوٺ وڃي پيو اچو سڀ ته ڪچهري ڪريون.
    دوست هڪ هڪ ٿي اچي پُهتا هئا، هڪڙو دوست ته ڏينهن جو ئي بوتل وٺي اچي نڪتو هو، سڀئي دوست علي سان ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان مليا، سڀني علي کي چيو ته اسان توکي ڪڏهن نه وساري سگهنداسين، تون اسان جو پيارو دوست آهين.
    ڪچهري هلندي دوست بوتل کولي ورتي هئي ۽ سڀني جا پئگ ٺاهي ورتا هئا، سڀني پنهنجا پنهنجا پئگ کڻي ورتا پر علي شراب جو پئگ دوست کي واپس ڪندي چيو، “يار اڄ کان بس شراب بند”.
    دوستن زور ڀريو ته علي چين، “يار ڇا توهان نٿا چاهيو ته آئون نئين زندگي شروع ڪريان!؟. بس اڄ کان جيئن آئون پنهنجي شهر واري بس ۾ چڙهندس ته هي پُراڻي زندگي وساري نئين زندگي شروع ڪندس سو پليز........
    دوست ان ڳالهه تي ڏاڍا خوش هئا ته علي اڄ ايترو پُرسُڪون ۽ پُر اميد آهي، سڀني دوستن علي جي نئين زندگي لاءِ نعرو هنيو ۽ چيئرس ڪري جام پي ورتو، ڪچهري هلندي ڏينهن جي ماني به اچي وئي، سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ علي کي سامان پئڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
    ٽائم ڏينهن جا چار پئي ٿيا سامان پئڪ هو، سڀني دوستن فيصلو ڪيو ته علي کي گاڏي تي چاڙهي اچن سو سڀ گڏجي صدر پُهتا. علي اڄ ڪراچي جي روڊ رستن، عمارتن کي الوداعي نظرن سان ڏسي رهيو هو.
    علي سڀني دوستن سان ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائيندي موڪلائي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو، ٽائم ٿي چُڪو هو گاڏي هلڻ لڳي هئي، دوست ٻاهران کان علي کي هٿ لوڏي الوداع چئي رهيا هئا علي به هٿ لوڏي کين الوداع چيو ته سندس نيڻن مان ٻه لُڙڪ هيٺ ڪري پيا......
    ٭
    جيئن جيئن گاڏي تيزي سان هلي پئي تيئن تيئن علي جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي پئي وئي، اُن وقت هُو اُهو اندازو نه پئي لڳائي سگهيو ته اها بيچيني ڇو پئي ٿئيس!. ڇا هُو واپس بيوفا جي شهر ڏي پئي ويو ان ڪري؟، يا گهڻي عرصي کان پوءِ گهر وڃڻ جي جلدي هئس!.
    بس علي اکيون پوريو سيٽ کي ٽيڪ ڏيو ليٽيو پيو هو، سندس ذهن ۾ خيالن جو وهڪرو تيزي سان هليو پئي الائي ڇا ٿيندو!. متان منهنجي واپس اچڻ جي کيس خبر پئجي وڃي!، متان هُن کي ڪا تڪليف پهچي!، متان هُوءَ ڪاوڙجي پئي.............
    علي جي دماغ ۾ عجيب خيال آيا پئي ان وقت گاڏي ٽول پلازه تي بيٺي هئي، جُوس ۽ مختلف شيون وڪڻڻ وارن جي هوڪن تي علي خيالن جي دُنيا مان واپس ٿيو ته ڏٺائين گاڏي حيدرآباد ٽول پلازه تي پهتي هئي. هاڻ علي جي منزل ويجهو هئي بس ڪجهه ڪلاڪن جو سفر هو، علي گهر ميسيج ڪيو آئون اچان پيو ۽ سندس چپن تي مُرڪ اچي وئي، سوچيائين انهن ماڻهن جي باري ۾ ڇا سوچڻو جيڪي بيوفا آهن!. بس هاڻ پنهنجي گهر امڙ ۽ ننڍن ڀاءُ ڀيڻن جي باري ۾ سوچڻو آهي، پنهنجو فيوچر ٺاهڻو آهي، هي جيڪي هيترا سال خوامخاهه ۾ خراب ڪيا اٿم محنت ڪري اهو عرصو زندگي جي بُڪ تان ڊليٽ ڪرڻو آهي.
    علي جي چهري تي هاڻ سُڪون اطمينان نظر پئي آيو، علي جُوس واري ڇوڪري کان جُوس خريد ڪيو ۽ دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳو.
    ٭
    علي جيڪو پاڻ مُرادو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي شهر کان ڏُور هليو ويو هو اڄ ڪافي عرصي کان پوءِ واپس پئي آيو، جيئن جئين علي پنهنجي شهر جي ويجهو ٿيندو پئي ويو تيئن خوشي سان گڏو گڏ دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ تڪليف جو احساس پُڻ ٿيس پئي!.
    علي اڄ انتهائي همٿ ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪندي ان تڪليف کي پنهنجي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه پئي ڏنو، علي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته واپسي پهچڻ کان پوءِ پُراڻا گذريل لمحا خواب وانگر ڀُلائي ڇڏبا ۽ پنهنجي زندگي ۾ نئين جوش جذبي سان پيار ۽ اُمنگ جو ٻج ڇٽبو، اُهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏبو جيڪو علي سان ٿيو، جنهن علي کي ايتري اذيت ڏني.
    گاڏي هاڻ علي جي شهر جي ويجهو پهچي چُڪي هئي، علي دريءَ مان ٻاهر پنهنجي شهر جا روڊ رستا پئي ڏٺا، ڏسندي ڏسندي گاڏي شهر ۾ داخل ٿي ۽ بس اسٽاپ تي پهچي وئي، علي پنهنجي پاڻ کي سنڀالي اُٿيو ۽ پنهنجو سامان کڻي بس مان هيٺ لٿو، گهڻن سالن کان پوءِ شهر ۽ شهر جي ماڻهن تي نظر ڊوڙايائين ڪُجهه به نه بدليو هو، ساڳا منظر ساڳا روڊ رستا، ساڳيون بلڊنگون علي اڃان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو پئي ته سندس ڀاءُ اچي اسٽاپ تي پهتو جيڪو علي کي وٺڻ آيو هو، علي ننڍي ڀاءُ سان ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي مليو ۽ ساڻس گڏ سامان کڻي گهر ڏي روانو ٿيو.
    ٭
    علي ڀاءُ سان گڏ گهر پهتو ته امڙ کي ڏسي روئي پيو ۽ ڀاڪر پائي سُڏڪا ڀرڻ لڳو، کيس گهڻي عرصي کان پوءِ سامهون ڏسي امڙ جي اکين مان به ڳوڙها وهي نڪتا، علي ڪافي دير امڙ جي ڀاڪر ۾ ٻارڙن وانگر روئندو رهيو ۽ گهڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو ته امڙ کيس پنهنجي هٿن سان پاڻي پيئاريو ۽ حال احوال وٺڻ لڳس.
    علي خودڪشي ۽ بيماري واري ڳالهه کان علاوه سڀ ڪُجهه امڙ کي ٻُڌايو، علي هاڻ مُڪمل ٺيڪ ٿي چُڪو هو، ڀاءُ سان ۽ ٻين گهر وارن سان ڪچهري ڪري فريش ٿي ليٽي پيو هو. شام جو اُٿي دوستن ڏي ويو، ڪراچي وڃڻ کان پوءِ دوستن سان به رابطو ڪٽي ڇڏيو هئائين سو سڀني کان معافيون وٺي ڪچهريون ڪيائين ۽ سالن کان رُٺل ٽهڪ ورجايائين. اڄ کيس محسوس ٿيو ته دوست زندگي جو اُهو حصو آهن جتان رڳو پيار ۽ ٽهڪ ملي سگهن ٿا.
    ٽهڪ ڏيندي ڪچهريون ڪندي رات جا ٻه ٿي ويا هئا، دوستن علي جي اچڻ جي خوشي ۾ دعوت ڪئي هئي، هن هاڻ شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو هو سو ماني کائي گهر پهتو. اڄ علي کي سُڪون واري ننِڊ آئي هئي ڇو ته علي سڀني سوچن کي ذهن مان تڙي ڪڍي ڇڏيو هو.
    صبح جو علي وهنجي تيار ٿي ناشتو ڪري بورڊ آفس روانو ٿيو اُتان پنهنجا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪڍرائي واپسي ٿيو. گهر اچي موبائل کنيائين ته ياد آيس اهو موبائل ۽ اها سِم اها ساڳي ئي هئي جنهن تي هُن بيوفا سان پهريون ڀيرو ڳالهايو هئائين، گهڻي دير موبائل کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اچانڪ اُٿي ڪِچن ۾ ويو ۽ باهه ٻاري اُهو موبائل ۽ سِم باهه جي حوالي ڪيائين.
    باهه جي مٿان ايتري دير بيٺو رهيو جيستائين موبائل مڪمل سڙي نه ويو. علي سرٽيفيڪيٽ کڻي فائل ۾ رکيا ۽ طئي ڪيو ته پنهنجي رهيل پڙهائي شروع ڪبي ۽ اهو طئي ڪيو ته وري ٻيهر “عشق” نه ڪبو!!!.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927167
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760759
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ