ڪتاب جو نالو: سَرسوَتِي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر
مصنف: مشڪور ڦلڪارو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 17 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 364 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 136 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • اداري پاران ٻه لفظ
  • مھاڳ
  • سنڌ جي تاريخ جو سچو محقق
  • عشق جي ڪشالن مان نڪتل ڪتاب
  • ”جت نه پکيءَ پير“
  • تحقيق جي ڇاڻڻي مان ڇاڻيل سچ
  • جيئن مون ڏٺو ، مشڪور کي
  • پنهنجي پاران
  • ڀاڱو پهريون سَرسَوَتِي تَهذِيبَ

  • تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت
  • تاريخ نويسي ۾آرڪيالاجي جي اهميت
  • ٿرڪول جي بلاڪ 2 جون ارضياتي رپورٽون
  • ڪارونجهر جبل بابت ارضياتي سروي مان اٿندڙ نوان سوال
  • هماليا جبل جو تاريخي جائزو
  • هماليائي ندين مان جنم ورتل ڊيلٽا ۽ تهذيبون
  • قديم دريائي وهڪرن بابت ماهرن جا رايا
  • سرسوتي ندي بابت مليل احوال ۽ تازي تحقيق
  • سرسوتي جي ريگستان اڇڙو ٿر جي طبعي حالت بابت مختلف رايا
  • سرسوتي ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻي جي اٿل پٿل
  • سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۾ پهريون ارتقائي دور
  • سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جو تقابلي جائزو
  • سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري حصي ۾ قديم تهذيب جا نشان
  • سرسوتي ڊيلٽا ۾ زندگي جا پهريان قدم
  • سرسوتي ڊيلٽا ۾ انساني تهذيب جي شروعات
  • سرسوتي تهذيب ۽ فڪري لاڙا
  • سرسوتي تهذيب ۽ هندو ڌرم
  • ٻڌ ڌرم ۽ سرسوتي تهذيب
  • سرسوتي تهذيب ۽ جين ڌرم
  • جين ڌرم ۽ ان جا بانيڪار
  • مهاوير جين
  • جين ڌرم جا متا
  • جين مت جا فرقا :
  • جين ڌرم جا ڪتاب :
  • شو مهاديو
  • سرسوتي تهذيب تي مذهبن جو اثر
  • سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل قديم ماڳ مڪان
  • وڄڻوٺ جو دڙو :
  • مومل جي ماڙي :
  • اروڙ
  • آباد وارو دڙو
  • دُٻِيءَ جو دڙو
  • سوامي دت گر جي مڙهيءَ جو دڙو
  • سوامي دت گر ۽ گرهوڙي جي وچ ۾لڳل جنگ بابت ڪجهه سوال
  • چانهوءَ جو دڙو
  • برهمڻ آباد
  • رتو ڪوٽ
  • ڪاهو جو دڙو
  • ڳاڙهو ڀڙو
  • ليهور جو دڙو
  • داسڙن جو دڙو
  • شيرڪوٽ
  • سيف الملوڪ جو دڙو
  • آمري جو مقام
  • منڌرن جو دڙو
  • ٻرڙائي ڪوٽ
  • سماننگر
  • بروڙ جو دڙو
  • نوهٽو
  • ڀوڏيسر
  • عمرڪوٽ
  • پاريننگر
  • ڏوتڙ
  • ويرا واه
  • علي بندر
  • تاريخي ماڳن جي مشاهدي جي حاصلات
  • سرسوتي تهذيب جي اجڙڻ ۽ خشڪ سالي جا سبب
  • سرسوتي تهذيب بابت حاصل ڪيل نتيجا
  • اڇڙو ٿر سنڌ جي تاريخ جي آئيني ۾
  • اڇڙو ٿر عربن جي فتح بعد جئسينه جي پناهه گاهه
  • اڇڙو ٿر محمود غزنوي جي ڪاهه وقت
  • اڇڙو ٿر سومرن جو دور ۾
  • اڇڙي ٿر ۾ سمن جي حڪومت
  • اڇڙي ٿر ۾ سوڍن جي حڪومت
  • اڇڙِي ٿر ۾سوڍن ۽ راٺوڙن جو دؤر
  • اڇڙو ٿر مغلن جي دور حڪومت وقت
  • ارغون ۽ ترخان دور
  • اڇڙو ٿر ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾
  • اڇڙو ٿر ۽ ٽالپر حڪمران
  • اڇڙو ٿر ۽ برطانوي دور حڪومت
  • سنڌ جي راشدي پاڳارا خاندان جي وطن دوستي جو مختصر جائزو
  • حضرت پيرسيد محمد راشد شاهه روضي ڌڻي رح
  • سيد صبغت الله شاهه اول ( تجر ڌڻي ) رح ، پهريون پاڳارو :
  • سيد علي گوهر شاهه “ اصغر” (بنگلي ڌڻي) رح ٻيون پاڳارو
  • سيد حزب الله شاهه “ مسڪين ” ( تخت ڌڻي) رح ، ٽيون پاڳارو..
  • سيد علي گوهر شاهه ثاني ( محافي ڌڻي ) رح ، چوٿون پاڳارو
  • سيد شاهه مردان شاهه اول ( ڪوٽ ڌڻي) رح ، پنجون پاڳارو.
  • سيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه ( پڳ ڌڻي) رح ، ڇهون پاڳارو.
  • سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) رح ، ستون پاڳارو
  • سيد صبغت الله شاهه ثالث. اٺون پاڳارو
  • شهيد سورهيه بادشاهه اڇڙو ٿر کي حر جدوجهد جو مرڪز ڇو بنايو؟
  • اڇڙو ٿر ۽ حر گوريلا تحريڪ
  • ڇا حر تحريڪ ڌاڙيلن جي تحريڪ هئي ؟
  • ڇا شهيد الهه بخش سومري کي حرن قتل ڪيو هو؟
  • حر ويڙهاڪن جو مزاج ۽ ڪارواين جو طريقو
  • حرن جي مقابلن جو طريقو
  • اڇڙي ٿر ۾ حر گوريلا جنگ جا شهيد
  • حر گوريلا جنگ جا غازي.
  • حر جدوجهد جا گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ جا سبب
  • حر جدوجهد جا اڇڙي ٿر تي پوندڙ ماحولياتي اثر
  • حر جدوجهد جا اڇڙي تي پوندڙ سماجي اثر
  • ڀاڱون ٻيون : اڇڙو ٿر

  • اڇڙو ٿر ڇا آهي ؟
  • اڇڙوٿر تي اهو نالو ڪيئن پيو ؟
  • اڇڙي ٿر جي طبعي بيهڪ
  • اڇڙي ٿر جو طبعي جائزو:
  • اڇڙي ٿر جي اقتصادي حالت
  • اڇڙي ٿر ۾ پاڻي جا کوهه ۽ انهن سان لاڳاپيل ڳوٺ
  • اڇڙي ٿر جون ڍنڍون
  • اڇڙي ٿر جا ٻيلا
  • اڇڙي ٿر ۾ جانور
  • اڇڙي ٿر ۾سُرندر جانور، جِيت ۽ بلائون
  • اڇڙي ٿر جا پکي
  • اڇڙي ٿر ۾ وڻ ٻوٽا
  • اڇڙي ٿر جا نخلستان
  • اڇڙي ٿر جا ڏٿ ۽ انهن جو استعمال
  • اڇڙي ٿر جون گئس فيلڊون
  • چوٽياريون ڊيم
  • اڇڙي ٿر جا گهرو هنر
  • رڱاوت جو ڪم
  • پاکڙا ٺاهڻ جو هنر
  • هٿيارن جي صنعت دُٻِيءَ جا لوهار
  • اڇڙي ٿر جا عجائبات
  • اڇڙي ٿر جون ڍاڻيون :
  • اڇڙي ٿر جو لباس
  • اڇڙي ٿر جا علمي مرڪز
  • اڇڙي ٿر جي رهڻي ڪهڻي
  • اڇڙي ٿر جا سوڍا
  • اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ ڀيل قبيلو
  • اڇڙي ٿر ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون
  • اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي سماجي حالت
  • اڇڙو ٿر ۽ ڏڪار
  • موجوده دور ۽ وساريل اڇڙو ٿر
  • اڇڙو ٿر جي غربت ۽ انهي جا سبب
  • اڇڙو ٿر جي ترقي لاءِ سفارشون
  • مون اڇڙو ٿر ڪيئن ڏٺو
  • اڇڙي ٿر جي سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي
  • جن ماڻهن کان روبرو ڪچهرين ۾ يا فون ذريعي معلومات ورتي ويئي
  • جن ڪتابن ۽ انٽرنيٽ جي سائيٽن جي مطالعي جي روشني ۾ ڪتاب لکيو ويو.
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سرسوتي تھذيب ۽ اڇڙو ٿر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي اھم جاگرافي حصي اڇڙي ٿر بابت تحقيق ۽ تاريخ تي مشتمل آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
    ”اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!“. فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي ”سرسوتي تهذيب“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي ”اڇڙو ٿر“
    هي ڪتاب ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سهڪار سان 2019ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين مشڪور ڦلڪاري جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب بابت

    حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر
    موضوع: تحقيق ۽ تاريخ
    محقق: محمد بخش ”مشڪور“ ڦلڪارو
    ڇاپو: پهريون: اپريل 2019ع
    تعداد: هڪ هزار
    ڪمپوزنگ: شير محمد ڦلڪارو
    ڇپائيندڙ: ريڊيو وائيس آف سنڌ، لنڊن
    سهڪار: ورلڊ سنڌي ڪانگريس
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    Name of Book: SARSWATI TAHZEEB AEN ACHHARO THAR
    (Sarswati Civilization and White Desert)
    Subject: History and Research
    Author and Research: M.B. Mashkoor Phalkaro.
    Composed By: Sher Muhammad Phalkaro.
    Year: April 2019
    Publisher: Radio Voice Of Sindh London.
    Co،operation: World Sindhi Congress.


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    شهيد صبغت الله شاهه، سورهيه بادشاهه
    ۽
    سنڌ جي آزادي
    لاءِ
    حر جدوجهد
    جي
    انهن
    شهيدن
    ۽
    غازين
    جي
    نالي
    جن ساهه ڏيئي
    ويساهه قائم رکيو.


    اداري پاران ٻه لفظ

    اداري پاران ٻه لفظ
    ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن طرفان، سائين مشڪور ڦلڪاري جو هي ٽيون ڪتاب ، سنڌ کان ٻاهر رهندڙ دوستن جي سهڪار سان ڇپائيندي، انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جو مواد جڏهن ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان قسطوار نشر ٿيو، ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين طرفان هن تحقيقي ڪتاب کي گهڻو ساراهيو ويو. پوءِ ريڊيو طرفان جڏهن هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ريسرچر سائين سرور شاهه صاحب ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي هدايت ڀٽو صاحب هن ڪتاب جي اهميت جو اعتراف ڪندي ڇپائڻ ۾ به سهڪار ڪيو. ائين هي ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهتو.
    سائين مشڪور ڦلڪارو سنڌ جو هڪ اهڙو عاشق آهي . جيڪو هميشه ننڊ کي نڀاڳ ۽ جاڳڻ کي عبادت سمجهي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو هي نه صرف سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر پوري دنيا ۾ هن جا عاشق موجود آهن. سائين مشڪور جو آواز سالن کان ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان گونجندو رهيو آهي. سندس پيش ڪيل پروگرام گهڻي ڀاڱي سنڌ جي تاريخ ۽ تاريخي شخصيتن جي حوالي سان هوندا آهن. جن ۾ انتهائي نئين ۽ اهم معلومات هوندي آهي. جنهن کي پوري دنيا ۾ سنڌ جا عاشق پسند ڪندا آهن. اهڙي ريت سندس چاهيندڙن جو انگ روز بروز وڌندو رهي ٿو.
    جيئن ته اداري طرفان ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جا پروگرام ٻڌي ۽ نشريات لاءِ ايڊٽ ڪري فائنل ڪرڻ جو ڪم منهنجي ذمي هوندو آهي، سائين مشڪور جا پروگرام ٻڌي مان اڪثر اهو سوچيندو رهيو آهيان، ته سنڌ ڪيترا نه املهه ۽ ماڻڪ موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جيڪي هماليه جبل جيڏو علم پنهنجي سيني ۾ سمائڻ جي باوجود به وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ فقير بڻجي سنڌ جا جر ۽ جهنگ جهاڳي. اڙانگن رستن تي پنهنجي ساهه جو آهو پلي هلندا ۽ نئين معلومات جا موتي سنڌي قوم ۽ دنيا کي آڇيندا رهن ٿا. معلومات به اهڙي نئين ۽ نڪور جيڪا شايد ئي اسان کي ڪٿان ملي سگهي. انهي ڪري هن گهڻ رخي ۽ سنڌ جي جاکوڙي ڪردار سائين مشڪور ڦلڪاري تي لکڻ مون لاءِ ايڏو سولو ناهي، پر مان ايترو ضرور لکندس، ته خاص ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪيل سندس تحقيقي ڪم هڪ تاريخي اهميت رکي ٿو ۽ اهو ڪم اسان جي ايندڙ نسلن کي نه رڳو معلومات ڏيندو، پر کين سائنسي سوچ تحت شين کي جانچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو گس به ڏسيندو.
    سائين مشڪور صاحب جي هن ڪتاب ( سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر ) ۾ سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر بابت تفصيل سان احوال ڏنو ويو آهي. ڪتاب پڙهي حيرت ٿي ٿئي، ته جيڪو ڪم ملڪي ادارا نه ڪري سگهيا، سو هن اڪيلي سيلاني فقير پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي همت ۽ حوصلي سان مڪمل ڪري، پنهنجي سنڌ سان عشق ۽ کاهوڙي هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. سندس عشق کي شاباس آهي. هي اهم ڪتاب تاريخ ۽ سياسي شاگردن لاءِ هڪ خاص تحفو آهي، جيڪو کين سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخي اهميت، جاگرافيائي حدن، اتي موجود قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ اتان جي ماڻهن جي دردن ۽ سورن جي واقيت ڏيندو. مان کيس اهڙي معلوماتي مواد ڏيڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو ۽ وچن ڪيان ٿو، ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان نشر ڪرڻ بعد اسان اهو تحقيقاتي اهم مواد ڊجيٽل سي ڊي کان سواءِ وائيس آف سنڌ ٽي وي تان ڊاڪيومينٽريز جي شڪل ۾پيش ڪري پوري دنيا ۾ موجود سنڌ جي عاشقن تائين پهچائينداسين.
    آئون ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن سان سهڪاري سنڌ جي گهڻگهرن جا ٿورا مڃيندي ، عرض ڪندس، ته وائيس آف سنڌ، ويب ٽي وي سان به سهڪار ڪن، ته جئين اسان سنڌ جي هن معلوماتي ذخيري کي اوهان تائين نه رڳو ڪتابي صورت ۾ آڻيون. پر ان جي تاريخي اهميت کي ويب ٽي وي تان به ڊاڪيومينٽري جي صورت ۾ نشر ڪري دنيا جي اڳيان آڻي سگهون، آخر ۾ سائين مشڪور ڦلڪاري صاحب جو وري ٿورائتو آهيان جو هن پنهنجي تحقيقي مواد کي اسان معرفت ڇپرايو ۽ اهو ڇپجي اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي.
    سدائين گڏ
    سرويچ حيدراوڍو
    ڊائريڪٽر
    ڪرنٽ افيئرز ۽ نيوز
    وائس آف سنڌ لنڊن


    مھاڳ

    مھاڳ
    سنڌ جي عظيم عالم، مصنف ۽ محقق، محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جو تحقيقي ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” منهنجي ليپ ٽاپ تي موجود آهي. مشڪور صاحب مون کي فون ڪري ٻُڌايو، ته “هن ڪتاب بابت، مهاڳ اوهان کي لکڻو آهي”. اها مشڪور صاحب وٽ منهنجي لاءِ اهميت، سندس نيڪ نظر جي نشاني آهي، جو هُن مهاڳ لکڻ جي لاءِ، منهنجو نالو منتخب ڪيو. مون انهي کان اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا کيس روبروعرض ڪيو، ته “سائين! آئون اوهان جي ان عظيم ڪارنامي ۽ ڪتاب تي مهاڳ لکڻ جي لاءِ، پنهنجي پاڻ کي اهل نه ٿو سمجھان، ڇو جو آئون محقق ناهيان. آئون صرف شاھ جي رسالي جو شارح آهيان، مُترجم، مُقلم ۽ مُرتب نگار آهيان. شيخ اياز وانگر ته “مان شاعر آهيان، ٻوليءَ جو وينجھر آهيان. ماڻڪن موتين جهڙا لفظ جَڙيندو رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي زلفِ دراز ۾، گُلاب جا گُل اٽڪايا آهن ۽ ان جي منهن کي شبنم سان ڌوتو آهي. مان اهو بُتگر آهيان، جنهن حَسين تَرين لفظ ڇلي،گھڙي، انهن مان عجيب و غريب صنم خانو بڻايو آهي. منهنجي دنيا حُسن جي دنيا آهي ۽ منهنجي تخليق حُسن جي تخليق آهي”. توهان جو هيءُ ڪتاب، ڪائنات جي تخليقي تهذيب جي تحقيق آهي، ان ڪري مان معذرت جو طلبگار آهيان”. پر پاڻ مون ڏانهن نهاري مرڪي مون کي پابندِ تحرير بڻائي ڇڏيائون، ۽ گهر پهچي مون کي ڪتاب جو مسودو اي ميل ڪري، فون تي حڪم ڪيائون ته مهاڳ لکڻو اٿئي. ڇو ته تون اڇڙي ٿر جو ڄائو آهين.
    ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” بابت تحقيق جي سلسلي ۾، محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب، 28 جنوري 2018ع تي، علم و ادب جي عاشق استاد محمد جمن گجو صاحب جي خاص مهربانيءَ سان، کپري شهر ۾، مون مسڪين جي جھُريل جھُونِي جھُوپڙيءَ تي اچي اوطاقي ٿيو. جتان کان ڪُجھ سُهڻن ساٿين ۽ سُونهن سڄڻن جي سٿ سان سنبري، پاڻ اڇڙي ٿر ڏانهن اُسهيو. اڇڙو ٿر، جيڪو سرسوتي تهذيب جي سُونهن ۽ قدامت جي ساک ڀري ٿو. جتان جون سُڪل سُوندڪيون، سِپيون، ڪچ ڪوڏيون، ڊوڻا ۽ ٺوٺ ٺڪريون، پنهنجي پنهنجي قدامت جي زبان ۽ تاريخ رکن ٿيون. جن کي ٻُڌڻ وارا ڪن، پڙهڻ واريون اکيون ۽ سمجھڻ واريون کوپڙيون کپن. محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي حساس ڪنن اتان جون ٻوليون ٻُڌيون، اکين اتان جون لکيتون ۽ لڪيرون پڙهيون ۽ سندس دل ۽ دماغ انهن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌڻ سان گڏ سمجهيون ۽ فيصلو ڪري ٻُڌايو آهي، ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي تاريخ ۽ ڪَٿا ڪيتري قديم ۽ ڪيتري پُراڻي آهي؟ هي تهذيب ڪيئن وجود ۾ آئي؟ ۽ ڪيئن اُڄڙي ويئي؟ ان کي چئبو آهي، ڪنهن به عظيم محقق جي محنت ۽ تحقيق جو ڪمال!
    فاضل محقق پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي، ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو آهي. پهريين ڀاڱي جو عنوان آهي “سرسوتي تهذيب” ۽ ٻئي ڀاڱي جو عنوان آهي “اڇڙو ٿر”. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو، يعني “سرسوتي تهذيب” 93 عنوانن جو احاطو ڪري ٿو. جنهن ۾ “تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت” کان وٺي، “حُر جدوجهد جا اڇڙي ٿر تي پوندڙ سماجي اثر” تائين، هر هڪ عنوان کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي ڪيل تحقيقي ڪمن بابت، محقق لکي ٿو، ته “هن کان اڳ ۾، سنڌ جي تاريخ تي ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، اسڪالرن، توڙي محققن ڪم ڪيو آهي. پر انهن جي لکيل ڪتابن مان، اسان کي گھربل ڄاڻ ۽ پيدا ٿيل سوالن جا حل ٿيل جواب نه ٿا ملن. سنڌ جي تاريخ جي بنيادي سوالن، يعني سنڌ جي قدامت ڪيتري آهي؟ سنڌ جي جاگرافي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون آيون؟ ۽ انهن تبديلين جا ڪهڙا اسباب هئا؟ سنڌ ۾ زندگيءَ جو وجود ڪڏهن کان آهي؟ سنڌ جي تهذيب جي ارتقا جا ڪهڙا محرڪات هئا؟ سنڌ جي سماج تي ڪهڙن اقتصادي ضرورتن جا اثر پيا؟ سنڌ جي آس پاس جي ملڪن جي سماجي صورتحال ڇا هئي؟ آس پاس جي ملڪن جي سماجي حالتن جا، سنڌ جي سماج تي ڪهڙا اثر پيا؟” وغيره.
    فاضل محقق دنيا جي ترقي يافته ۽ زنده دل قومن جي تاريخ بابت جيڪي سوال اٿاريا آهن، اهي بيشڪ بجا ۽ بلڪل جائز آهن. سُجاڳ قومون، پنهنجي ماضيءَ کي آئيني وانگر اڳيان رکي، ان جي روشنيءَ ۾، اڳتي وڌڻ جي منصوبه بندي ڪنديون آهن. اسين ڏسون ٿا، ته اسان جو ماضي شاندار هو، پوءِ اسان جو حال هيڻو ڇو آهي؟ ۽ اسان جو آئيندو ۽ مستقبل، متان هن کان به وڌيڪ هيٺانهون هجي! آخر اهو ايئن ڇو آهي؟ انهيءَ جو سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ۽ انهيءَ حقيقت جو حل آخرڪار ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ سُجاڳ قومون پنهنجيون تاريخون تحرير ڪنديون آهن. اهي تاريخون، رڳو عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪو نه هونديون آهن. پراهي تاريخون، اهو تعين ڪرڻ جي لاءِ به هونديون آهن، ته هاڻي اسان کي، هن کان اڳتي ڇا ڪرڻ کپي؟ جو اسان پنهنجي ماضيءَ ۽ حال کان به وڌيڪ بهتر، محفوظ ۽ خوشحال بنجي سگھون. محقق لکي ٿو، ته “اسان جي محققن، تاريخي واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت، زميني حالتن، جاگرافيائي تبديلين، موسمي اثرن سبب انساني لڏپلاڻ ۽ معاشي ٽڪرائن کي، هميشه نظرانداز پئي ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ ۽ تحقيق جو علم، صرف واقعن جي پوتاميل تائين محدود رهجي ويو آهي. جڏهن ته انساني ارتقاءَ جو سفر، ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندو، ترقيءَ جا اُوچا مينار طئي ڪندو، انساني سماجي رابطن ۽ ضابطن کي سوڙهو ڪندو، موجوده گلوبل وليج جي حد تائين وڃي پهتو آهي”. ان ڪري اسان کي به، پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب جي شاندار علم کي آڏو رکي، مستقبل جي رٿابندي ڪرڻي پوندي.
    جيالاجي سروي جي موجوده رپورٽن جو بلڪل مختصر خاڪو پيش ڪندي، محقق لکي ٿو، ته“ٿر ۾ موجود واريءَ جي دڙن ۽ ڀِٽن جي ٺهڻ جي عُمر، ويھ هزار سال آهي. انهن ڀٽن جي هيٺان، ڪٿي ڏيڍ سَو فوٽ ته ڪٿي هڪ سَو پنجهٺ فوٽن تي، پاڻيءَ جو پندرنهن کان ارڙنهن فوٽن جو هڪ تھ موجود آهي. انهيءَ پاڻيءَ جي تھ جي عمر، چاليھ هزار سال آهي. انهي پاڻيءَ جي هيٺان، لٽاسي مٽي ۽ واريءَ جا، گرمي ۽ هيٺين طرف پريشر وارا ٻه تھ آهن. اهي ٻيئي تھ، پنج لک سال پُراڻا آهن. انهيءَ جي هيٺان، وري ٻيو پاڻيءَ جو تھ موجود آهي. انهن پاڻي، لٽاسي مٽي ۽ واريءَ جي مختلف تهن جي هيٺان، سنگ مرمر جو تھ موجود آهي. جيڪو اڄ کان هڪ ارب سال پهريان، زيرِ زمين پليٽن جي چُرپُر سبب آيل زلزلن جي دوران، پاڻيءَ جي سمنڊ هيٺان ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ۽ لاوي جي مٿي اچڻ ۽ پاڻيءَ ۾ مليل لوڻ جي مقدار جي گڏجڻ، يعني ميگما ايسڊڪ جي عمل مان گذري، سنگ مرمر جو هڪ تھ بنجي ويو. پهرين ڳالھ ته، اڄ کان ارب سال اڳ ۾، ڌرتيءَ تي پاڻي موجود هو، جيڪو لُوڻياسو هو. انهيءَ وقت زلزلن اچڻ سان، پاڻيءَ جي اندر موجود ٻرندڙ جبل ڦاٽا ۽ نتيجي ۾، لاوو زمين کان ٻاهر نڪري، لُوڻياسي پاڻيءَ ۾ اُجھامڻ سببان، سنگ مرمر جي تھ ۾ تبديل ٿي ويو”. انهن زميني تهن جي تبديلين جي وڌيڪ رپورٽ، محقق جي موجوده ڪتاب ۾ پڙهي سگھجي ٿي.
    مصنف جي راءِ موجب ته، “اڇڙو ٿر، هندوستان جي اراوالي ٽڪرين کان ٿيندو، جوڌپور جي اُلهندي طرف کان شروع ٿي، جيسلمير کان ٿيندو، سنڌ تائين پهچي ٿو. انهيءَ ريگستان جي ٺهڻ جو عمل به، سرسوتي ندي جي قديم دريائي وهڪرن، تمام گھڻو ريٽ آڻڻ ۽ رخ بدلائڻ سبب وجود ۾ آيو آهي. انهن دريائي وهڪرن کي، “سنڌوءَ جا وهڪرا” سمجھيو ويو آهي. يا وري “هاڪڙي جا وهڪرا” به چيو وڃي ٿو. انهيءَ مونجھاري جي ڳنڍ کولڻ لاءِ، اسان کي جاگرافيائي حقيقتن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. انهيءَ ڏس ۾، قديم وهڪرن جي ڳولا کان پهريان، هاڪڙي ۽ پُراڻ جا پيرا کڻڻا پوندا، جن بابت چيو وڃي ٿو، ته اُهي “سنڌوءَ جا وهڪرا” هئا. پُراڻ جا پيرا اروڙ کان شروع ٿين ٿا، جنهن کي تاريخ ۾ “لوهاڻو ندي” به سڏيو ويو آهي. لوهاڻي نديءَ بابت، حضرت سيد شاھ عبدالليف ڀٽائي رحه جن به، پنهنجي رسالي ۽ ڪلام ۾ ذڪر ڪيو آهي. پاڻ فرمائن ٿا:
    مُحبتِي ميهارَ جون، دِلَ اَندَرِ دُونھِيُون،
    آڻيو وِجھي آرَ ۾، ڏي “لوهاڻو” لُوھِيُون،
    جي ساهَڙَ جون سُونھِيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
    محقق جي انهيءَ راءِ سان مڪمل اتفاق ڪجي ٿو، ته “پُراڻ نديءَ کي، يا ان جي ڪنهن هڪ وڏي ڇاڙ کي، “لوهاڻو ندي” به ڪوٺيو ويندو هو. هي ندي، ضلعي سانگھڙ جي تعلقي شهداد پور ۽ ٽنڊي آدم کان ٿيندي، ڪاهُوءَ جو دڙو، ميرپورخاص، جرواڙي، جھلوري، ميرواھ گورچاڻي، ڊگھڙي، ڪاڇيلو ريلوي اسٽيشن، ٽنڊو جان محمد، جُھڏو، نئون ڪوٽ، ونگو پتڻ، ڄارپتڻ، علي بندر، راهمڪي بازار ۽ وڳھ ڪوٽ وٽان ور وڪڙ کائيندي، وڃي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
    سرسوتي تهذيب ۾ ڪيترن ئي ڌرمن، متن ۽ مذهبن پنهنجا پنهنجا پاسا اٿلايا. سرسوتي تهذيب کي، صرف اڇڙي ٿر جي اوائلي تهذيب طور نه ڏٺو وڃي. هن تهذيب جو دائرو، پوري هندوستان تائين پکڙيل هيو. جنهن ۾ ڪيترن ئي متن کي مڃيندڙ ماڻهو شامل هئا. سنڌ جي ماڻهن وٽ ٻُڌ ڌرم به پهتو ۽ سنڌ جي رهواسين جي وڏي اڪثريت ان کي قبول ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾، جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ، فقط ٿر ۾ ملن ٿا. جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ ۾ هي ڌرم صرف ٿر ۾ وڌيڪ اثرانداز رهيو ۽ سرسوتي تهذيب جو، مذهبي عنصر طور حصو بنيو. اها ئي ڳالھ “سنڌو تهذيب” ۽ “سرسوتي تهذيب” جي وچ ۾، سَنڌو پيدا ڪري ٿي. جيڪي ماڻهو، سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب کي هڪ سمجھن ٿا، انهن جي ڄاڻ لاءِ، جين ڌرم کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، جين ڌرم جو تاريخي جائزو وٺڻو پوندو، ته جيئن ڳالھ چٽي ٿئي. ڇاڪاڻ ته هيءَ به هڪ پراڻو مذهب آهي”. اهڙيءَ ريت، سرسوتي تهذيب جي تاريخي، فڪري، مذهبي ۽ مزاحمتي موضوعن کان ٿيندو، محقق سنڌ جي پاڳارا خاندان جي وطن دوستي، جدوجهد ۽ قربانيءَ تي به قلم کڻي ٿو ۽ اڇڙي ٿر کي، سنڌ جي قومي مزاحمتي جنگين جي پناھ گاھ طور به ڏسي ٿو. هن موضوع جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته محقق، دت گر ساميءَ جي مڙهيءَ کان وٺي، شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رحه تائين ۽ برهمڻ آباد کان وٺي، درسگاھِ سريواريءَ تائين، هر هڪ عنوان جي چڱيءَ طرح سان جانچ جونچ ۽ اُٿل پُٿل ڪئي آهي.
    فاضل محقق، جڏهن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي، يعني “اڇڙي ٿر” بابت تحقيق جي ڳنڍ کولي ٿو، ته هو انهيءَ ڀاڱي جي 45 هن عنوانن جو احاطو ڪري ٿو وڃي. جنهن ۾ “اڇڙو ٿر ڇا آهي؟” کان وٺي، “سفر جي مددگار ۽ سُونهن ساٿين” تائين، هر هڪ عنوان تي تفصيلي روشني وجھي ٿو. هو لکي ٿو، ته “اڇڙو ٿر، سرسوتي تهذيب جي ختم ٿي وڃڻ بعد، اُنهيءَ قديم ۽ عاليشان تهذيب جو رهجي ويل کنڊر آهي”. حالانڪه دنيا جي نقشي تي موجود، هن منفرد ريگستان بابت، مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ، وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي سخت ضروت آهي. محقق موجب ته “سانگھڙ ضلعي جي، کپري تعلقي کان ئي، واريءَ جي دڙن ۽ ڀِٽن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. انهن ڀِٽن جي واريءَ ۾، جابلو ريتي ۽ لٽاسي مٽيءَ جو مقدار نه هئڻ جي برابر آهي. جنهن ڪري نج واريءَ هجڻ سبب، اهي ڀِٽون رنگ ۾ اڇيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. انهن ڀِٽن جي اوچائي، ٿرپارڪر جي ڀِٽن کان وڌيڪ اوچي آهي. هتي وڻن ۽ ٻُوٽن جي قسمن جي وڌيڪ گھڻائي نه آهي، انهيءَ ڪري اهي ڀِٽون، وڻڪار گھٽ هئڻ سبب اڇيون نظر اچن ٿيون. انهيءَ سبب جي ڪري ئي، اڇي رنگ وارين ڀِٽن واري علائقي کي “اڇڙوٿر” سڏجي ٿو. هن اڇڙي ٿر واري ريگستان ۾، “ڊِرنءُ” جي نالي سان بلڪل اڇي، سنهي، کليل ۽ وهندڙ واريءَ وارا صحرائي علائقا به آهن. جيڪي ساوڪ نه ٿيڻ سبب، بلڪل سفيد ۽ اڇا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ حساب سان به، هن ريگستاني علائقي يا ڀاڱي کي “اڇڙو ٿر” سڏجي ٿو.
    سنڌ جي “ڊِرنءُ” بابت تحقيق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته هي سلسلو کپري تعلقي کان خيرپور تائين، ٽٽل حالت ۾ موجود آهي. هن پٽيءَ جي ويڪر سراسري طور، پنجٽيهن کان چاليهن ڪلوميٽرن تائين آهي ۽ ڊيگھ سَوَن ڪلوميٽرن تائين هلي ٿي وڃي. ڊِرنءُ جي واري ساجُهر تپي ۽ ساجُهر ٺري ٿي. هي واري، هلڪي هلڪي هوا سان گڏ اڏامندي رهي ٿي. جنهن ڪري هي واريءَ جون ڀِٽون، هوائن جي رخ تي، پنهنجيون جايون به بدلائينديون رهنديون آهن. هوا لڳڻ تي، هن واريءَ جي کُوھ نُما گھيرن، ور وڪڙن ۽ لهرن مان، عجيب قسم جا آواز به نڪرندا آهن. جنهن سبب اڇڙي ٿر جي ڊِرنءُ واري علائقي جو ماحول، پُراسرار ۽ ڀوائتو به بنجي ويندو آهي. اڇڙي ٿر ۾ دريائي وهڪرن ۽ انهن جي ڇاڙن جو هڪ وڇايل ڄار وهندڙ هوندو هيو. جن جي ڪنارن تي، ڪيترائي ننڍا وڏا شهر، ڳوٺ، وسنديون ۽ واهڻ آباد هئا.
    ڪجھ محققن جو خيال آهي، ته هن ريگستاني صحرا ۾، چار وڏا شهر ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ پتڻ پُوريل آهن. اهڙن قديم آثارن جي کوٽائيءَ ڪرڻ کان پوءِ ئي، صحيح معلوم ڪري سگھبو، ته “سنڌو” ۽ “سرسوتي” تهذيبن جي تاريخ ۽ قدامت ڪيتري آهي. اڇڙي ٿر جي مختلف هنڌن، دڙن، ڀِڙن ۽ ڀِٽن تي، پاڻيءَ ڀرڻ توڙي رڌ پچاءُ طور ڪم ايندڙ ڪُنينِ، ڪَرين ۽ ماٽين جا ڀڳل ڳل، ٽُڪرا ۽ ٽوٽا به پيل آهن. انهن کان سواءِ، مٽيءَ جي ٻين پڪل ٿانون جي ٺڪرين جا حصا ڏسڻ سان به، انسان حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. جن ۾ اُکريون، ڀِرڙا، ٿوٻيون، پاٽوڙا، پاٽيون، پيالا، جنڊن جون ماترون، دانگيون، دِلا، دِليون، دنور، دنوريون، ڪرا، ڪريون، ڪُنا، ڪُنيون، ڪُونڊا، ڪُونڊيون، گگھريون، گُگھيون، ماٽيون، مٽ، ناديون، وٽا ۽ وٽوهڙ وغيره به شامل آهن. فاضل محقق نه فقط انهن مٽيءَ جي ٿانون ۽ ٺڪرين کي ڏٺو آهي، پر انهن تي ڪڍيل چٽساليءَ کي به پڙهيو آهي. جن مان سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي قدامت ۽ اهميت اُجاگر ٿي آهي.
    محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب، سرسوتي تهذيب واري ڀاڱي جي 93 ۽ اڇڙي ٿر واري ڀاڱي جي 45 عنوانن سميت، ڪل ٽوٽل 138 موضوعن کي پنهنجي تحقيق جي دائري ۾ داخل ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ آرڪيالاجي ۽ جيالاجي جي اهميت کان وٺي، سرسوتي نديءَ بابت مليل احوالن ۽ تازي ٿيل تحقيق ۽ سروي رپورٽن تائين، هر هڪ عنوان کي ڇُهي ٿو. ان کان علاوه سرسوتي تهذيب جي فڪري لاڙن، ڌرمن، انهن جي بانيڪارن، مُول متن ۽ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل ماڳ مڪانن تائين، پنهنجي تحقيق جو دائرو وڌائي ٿو. تحقيق جي ٻئي ڀاڱي يعني “اڇڙي ٿر” بابت، جڏهن پنهنجي قلم کي جُنبش ۾ آڻي ٿو، ته ان ۾ اڇڙي ٿر جي بيهڪ، اڇڙي ٿر جي عمر، اڇڙي ٿر جو وجود ۾ اچڻ، اڇڙي ٿر جي ڳوٺن، کوهن، تڙن، ڍاڻين، واهڻن، وسندين، ڍنڍن، ڍورن، وڻن، ٻُوٽن، گاهن، گلن، گَونچن، ڏُٿن، نخلستانن، جانورن، جيتن، بلائن، سِرندڙ ساهدارن، گھرو هنرن، علمي مرڪزن، مدرسن، درسگاهن، ٻولين جي لهجن، ثقافتي طور طريقن، راندين ۽ رهڻين ڪهڻين بابت به مستند معلومات مهيا ڪري ٿو. راقم جي مقالي “شاھ لطيف جي شاعريءَ تي اڇڙي ٿر جي ٻوليءَ جو اثر” تان به ڪجھ قيمتي ۽ معلوماتي نقطا اخذ ڪري، پنهنجي تحقيق کي چار چنڊ لڳائي ٿو. اهڙيءَ ريت، محقق جيڪا بامقصد ۽ بامعنيٰ مالها ويهي پوتي آهي، اها پڻ پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي لائق آهي.
    هن ڪتاب جي لکڻ لاءِ، ليکڪ جيڪا جاکوڙ ۽ جانفشاني ڪئي آهي، اها وڏي قدرشناسيءَ جي مُتقاضي آهي. تحقيقي عمل، هوائي جهازن تي چڙهي، سراسري سروي ڪرڻ يا جائزي وٺڻ سان مڪمل نه ٿيندا آهن. انهن ماڳ مڪانن تي، زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ، ڏسڻ، پرکڻ ۽ جانچڻ جي لاءِ، روبرو پهچڻو پوندو آهي. فاضل محقق لڳاتار ڪيترائي ڏينهن سرزمين تي سفر، سخت محنت ۽ جُستجوءَ کان پوءِ نوٽس وٺي، پنهنجي تحقيق جي تڪميل ڪري سگھيو آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪو ماڻهو اُٺ تي چڙهي، ڊِرنءُ ۾ داخل ٿئي، اڇڙي ٿر جي سُونهنِ جي سڳر ۽ ساٿ سان، ماڳ مڪانن ۽ ور وڪڙن جو روبرو وڃي جائزو وٺي، اُتي جي ماڻهن سان ملي، ٺڪريون، پٿريون، سِپيون، سُوندڪيون، ڪچ ڪوڏيون ۽ ڇٻيون گڏ ڪري، انهن جي ور وڪڙن ۽ پيچن ۾ پيل واريءَ جون چِپٽيون چَکي ۽ پَرکي، چٽساليون پڙهي ۽ پروڙي. انهيءَ عمل، جاکوڙ ۽ جُستجوءَ ۾، ڏينهن جا ڏينهن صرف ڪري ڇڏي، ته ان جهڙو عظيم عالم، مصنف ۽ محقق ٻيو ڪير به ٿي نه ٿو سگھي. قوي اميد آهي، ته محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جو هي تحقيقي ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” علائقي جي طبعي، تهذيبي ۽ تاريخي قدامت کي سمجھڻ جي لاءِ، سنگِ ميل ثابت ٿيندو ۽ سنڌ، پاڪستان، توڙي دنيا جي ليوَل تي وڏي مڃتا ماڻيندو.
    علم جو خادم
    استاد لغاري
    07 جنوري 2019ع
    03332888300 + 03453721300
    ustadlaghari333@gmail.com


    سنڌ جي تاريخ جو سچو محقق

    سنڌ جي تاريخ جو سچو محقق
    سائين مشڪور ڦلڪارو سنڌ جوهڪ انتهائي کاهوڙي محقق آهي. سندس نئين تحقيقي ڪتاب “ سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر ” تي هي ٻه اکر لکندي انتهائي سرهائي محسوس ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته مشڪور ڦلڪارو سنڌ جو هڪ اهڙو عاشق آهي. جيڪو پنهنجي همت ۽ عشق جي طاقت جي آڌار تي سنڌ جي انتهائي ڏورانهن علائقن ۾ نڪري پوي ٿو. هو جتي به وڃي ٿو، اتي وڃي مشاهدا ڪري ڏٺل شاهدين تي سوچي نتيجا ڪڍي سائنسي بنيادن تي سنڌ جي تاريخ بيان ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي، جو سندس هر تحقيق تي سنڌي ماڻهو فخر محسوس ڪن ٿا. سائين جي ايم سيد چوندو هو ،“ ته محبت وڌي آهيان مامري ، نه ته ڪير ڪشالا ڪري ” .انهي وانگر مشڪور به سيلاني فقيرن وانگر ڪشالا ڪري، سنڌ جي لٽيل ۽ گم ٿيل تاريخ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وڏي همت ۽ جرئت سان ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو ثبوت سندس هي ڪتاب آهي. جنهن ڪتاب لکڻ لاءِ هن اڇڙي ٿر جهڙي ڏکئي علائقي ۾ گهمي انمول معلومات گڏ ڪري ، پڙهندڙن تائين پهچائي آهي.
    اهڙي سچي محقق لاءِ هئڻ ته ائين کپندو هو، ته سنڌ سرڪار پاران سندس سرپرستي ۽ مدد ڪئي وڃي ها. پر شايد حڪمرانن جي ترجيحات ۾ سنڌ جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ جهڙو اهم ڪم ۾ شامل ناهي. جيڪو رويو غلامانه سوچ ۽ انگريزن جي پيروي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته انگريزن پوري دنيا ۾ پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪن جي تاريخ کي مسخ ڪيو. هنن پنهنجي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيل پنهنجي ظالمانه حڪمراني بابت اصل حقيقتون هڪ منظم سازش طور لڪايون. انهي جو مثال انهي کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ته انگريز محققن سچائي تي پردا رکي، سنڌ جي آزادي جي تحريڪ حر جدوجهد کي به ڌاڙيلن جي تحريڪ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر مشڪور پنهنجي تحقيقي ڏاهپ کي استعمال ڪندي، سندن سمورن ڪوڙن جا پردا چاڪ ڪيا آهن. انهي ڪري هي ڪتاب يقينن اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ مشڪور جو هي پورهيو سجايو ٿيندو. آئون سنڌي قوم ۽ خاص طور تي سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي گذارش ڪندس ته هي ڪتاب ضرور پڙهن. کين ڄاڻ سان گڏ سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ رهنمائي حاصل ٿيندي. شال خدا! مشڪور ڦلڪاري کي وڏي ڄمار، صحت ۽ طاقت ڏي، ته جيئن هوسنڌ جي لڪل تاريخ ڳولڻ لاءِ پنهنجا تحقيقي سفر جاري رکي، اسان سنڌين ۽ سموري دنيا جي ماڻهن کي سنڌ جي تاريخ بابت آگاهي ڏيندو رهي .
    ڊاڪٽر هدايت ڀٽو
    ورلڊ سنڌي ڪانگريس


    عشق جي ڪشالن مان نڪتل ڪتاب

    عشق جي ڪشالن مان نڪتل ڪتاب
    “ سرسوتي تهذ يب ۽ اڇڙو ٿر” هڪ تاريخي ڪتاب آهي. هي ڪتاب سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي مختصر تاريخ ۽ سماجي حالتن کي بيان ڪري ٿو. هي ڪتاب جديد سنڌ جي مها محقق ۽ تاريخدان سائين مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي جھرجهنگن، برن ۽ ٿرن ۾ڪيل پنڌ جي ڪشالن ۽ تحقيق جو نچوڙ آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انهي ڳالهه جو ڪاٿو نٿولڳائي سگهجي، ته هن ڪتاب ۾سهيڙيل مواد ۽ معلومات لکڻ لاءِ مشڪور سائينءَ سيلاني بڻجي ڪهڙا جتن ڪيا هوندا ۽ ڪيترا ڪشالا ڪڍيا هوندا. اهو اندازو هو پاڻ ئي لڳائي ۽ ٻڌائي سگهي ٿو. پرمونکي پڪ آهي، ته جڏهن هي مسودو هڪ مڪمل ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپجي پڌرو ٿي سنڌين ۽ سنڌ جي عاشقن کانسواءِ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙن جي هٿن ۾ ايندو. تڏهن کيس جيڪا مڃتا ملندي، تنهن سان سائين مشڪورجا سڀ ٿڪ لهي ويندا ۽ هو اتساهه وٺي وري سنڌ وطن جي ڪنهن وساريل ڪنڊ، تاريخي ماڳ يا سامونڊي پٽيءَ جو اڀياس ڪندو ۽ ان بابت لکندو. ائين سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ وري ڪنهن نئين ڪتاب جو اضافو ٿيندو.
    هن بي بها تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ سائين مشڪور ڦلڪارو جس جي لائق آهي. پر رڳو تعريف ڪافي ناهي. حقيقت ۾ هن تاريخي تحقيق جي ڪم ۾ سڀني سرنديءَ وارن سنڌين ۽ سنڌ دوستن کي هن ڪتاب جهڙا ڪئين ڪتاب لکڻ، سهيڙڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ ذاتي ۽ مالي حصو وٺڻ ۽ سهڪار ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جي روش مان ته اهو پڌرو آهي، ته اهي رڳو من پسند ماڻهن جي مدد ۽ پنهنجي مطلب جا ڪتاب ۽ مواد ڇاپڻ ۾ رڌل آهن. اها روش مٽجڻ کپي ۽ مشڪور ڦلڪاري جهڙن نواڻ پسند محققن، مورخن، شاعرن ۽ ليکڪن جي لکيل سنڌي ڪتابن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي مدد ۽ سهائتا ڪرڻ گهرجي. جيڪو اصل ۾ سند ن ئي ڪم ۽ ڪاروهنوار آهي.
    هاڻي ڪجھ لفظ هن ڪتاب ۾ شامل تاريخي مواد تي پيش ڪجن ٿا. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سرسوتي تهذيب جي اوڀر کان اولھ ۽ اتر کان ڏکڻ ۾ واري سموري حصي بابت قدامت جي سوالن، زيرزمين پاڻي، جيالاجي رپورٽن جي روشني ۾ زميني تهن جي عمر بابت اهم انڪشاف، هيستائين ٿيل هماليائي تهذيبن جي باري ۾ ٿيل تحقيق جو جائزو، سرسوتي تهذيب جي سنڌ سان لاڳاپيل علائقي اڇڙي ٿر جي تاريخي ۽ مذھبي ماڳن، مذهبي اثرن، علمي درسگاهن، مختلف سياسي دورن، مزاحمتن ۽ ويڙھاڪ تحريڪن، ڌارين جي ڪاھن، حر جدوجهد دوران سنڌي سورمن ۽ سورمين جي بهادري سان گڏ حر جدوجهد سبب اڇڙي ٿر جي سماج تي پوندڙ اثرن بابت قيمتي ڄاڻ ڏني ويئي آهي. جيڪا اسانجي نوجوان نسل لاءِ تمام ڪارائتي آھي ۽ سمجھڻ لائق آھي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ ۾ موجود اڇڙي ٿر جي جاگرافي جي ڄاڻ ڏنل آھي. ھن ڀاڱي ۾ اڇڙي ٿر جي نالي کان وٺي، ان جي بيھڪ، طبعي ۽ اقتصادي حالتن، ڍنڍن ۽ ڍورن، ٻيلن ۽ ٻوٽن، جانورن ۽ جيتن، نانگن ۽ بلائن، پکين ۽ پاڻيءَ جي پياسن، چئونرن ۽ چوڙين، ھنرن ۽ لباس، علمي مرڪزن ۽ ساڃاه رکندڙ ماڻھن بابت احوال ڏيڻ سان گڏ عام ماڻھن جي مالي حالتن، غريبيءَ جي ڪارڻن ۽ انھن جي تدارڪ لاءِ تجويزون پڻ تحرير ڪيل آھن. انهي ڪري هر لحاظ کان هي ڪتاب بهترين تحقيق آهي.
    آخر ۾ ھن ڪتاب جي ليڪک سائين مشڪور ڦلڪاري کي ھن بي بها ۽ تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ وڌايون ۽ ھي ڪتاب ڇپائيندڙن ۽ ان ڪم ۾ ذاتي ۽ مالي سھڪار ڪندڙ سنڌ دوست ساٿين کي پڻ جس ھجي. اھو پڻ اھم آھي ته وت آھر ھر سنڌيءَ کي ھي ڪتاب ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ پڙھڻ گھرجن.
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ۽ سدائين جيئن سنڌي.
    سيد سرور شاھ
    آڪسفورڊ يونيورسٽي
    آڪسفورڊ، انگلينڊ
    10 فيبروري 2019
    ( ڊاڪٽرسيد سرور شاهه ، برونل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي، ساڳي يونيورسٽي ۾ 12 سال ريسرچ فيلو به رهيو. هن وقت آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ريسرچر طور ڪم ڪري رهيوآهي. هن وقت پاڻ ڪيترن ئي عالمي ريسرچ رسالن جو معيار چيڪ ڪندا آهن. سندن شمار دنيا جي بهترين محققن ۾ ٿئي ٿو. )


    ”جت نه پکيءَ پير“

    ”جت نه پکيءَ پير“
    سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ۽ قديم آثارن تي مختلف دورن ۾انفرادي طور تي جن سـڄاڻ شخصيتن پنهنجو نالو ڳڻايو آهي، تن ۾ هلندڙ دوٌر۾ مشڪورڦلڪارو به هڪ نمايان نالو آهي، جنهن ٿر، بر، وستيون، واهڻ، ڪارونجهر، ڪوهستان، لاڙپٽ ۽ رڻ پٽ جهاڳي جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو اسان جي سامهون آهي. مشڪورڦلڪاري جي شخصيت گهڻ رخي آهي. هو پنهنجي هيانو جي زورتي پنهنجي حال سارو سنڌ ۾ تحقيق واسطي ميدان ماري، جبل جهاڳي، پيرپٿون ڪري، سرديون گرميون برداشت ڪري لُڪ ۽ جهولن ۾ پنڌ جهاڳڻ کي پنهجو فرض سمجهي، سنڌ جي عاشق وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ۽ هڪ سجاڳ کاهوڙي مثل جتي به وڃي ٿو ، اتي زندگي جو اتساهه ڀري دونهين دکائي ۽ ميلا مچائي اچي ٿو.
    جت نه پکي پير آت ٽمڪي باهڙي
    ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کيرَ ري.
    سنڌ جي ڏاکڻي حصي لاڙ سان تعلق رکندڙ اسان جو هي جاکوڙي ساٿي، من موجي ماڻهوجيڏانهن پوُر پويس، بس وَر کُنجيو لڙيو پوي. مشڪورجي تحقيق جو انداز به پنهجو آهي. هو هڪ آزاد منش ڏات ڌڻي آهي، جنهن کي تحقيق، جاکوڙ، رهاڻين ۽ ميدان مارڻ ۽ لتاڙڻ ۾ئي مزو ايندو آهي، ۽ انهن ئي رولاڪين ۾ هو جتي به وڃي اتان سمورا موتيءَ ميڙي ۽ لنڪا لُٽي اچي ٿو. انهي سلسلي ۾ گذريل سال انهن ئي رولاڪين ۽ پنڌن جي نتيجي ۾ جيڪومشاهدو ماڻيائين ، سو هينئرسرسوتي تهذيب ۽ اَڇڙو ٿر بابت هي تاريخي دستاويز آهي. جنهن ۾مانواري مشڪور وادي سنڌ جي گم ٿيل ندي سرسوتي ۽ ان سان لاڳاپيل سموري تهذيب جو احوال ڏنو آهي ۽ سنڌ جي اڀرندي علائقي جي هڪ حصي اَڇڙي ٿر بابت انتهائي اهم معلومات گڏ ڪري، هن ڪتابي صورت ۾ آندي آهي. سرسوسوتي تهذيب ۽ اَڇڙي ٿرجي واري ، جاگرافيائي حدن جي تاريخ، تهذيب، سماجيات، ماڻهن جي نفسيات، ماحوليات، معاشيات، زراعت، واپار وغيره جو احوال ڏيئي ڪتاب جي اهميت ۾اضافوڪيو اٿس. مشڪورڦلڪارو قديم آثارن واري علم جو ته ماهرنه ئي سهي، پر پنهنجي هيانوَ جي ڏڍ، وسيع مطالعي ۽ مشاهدن جي آڌار تي مختلف ماهرن کان مدد وٺندي، سنڌ جي قديم آثارن بابت لکندڙن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو اٿس. هن جو مشاهدي ۽ تحقيق جو انداز به منفرد آهي. هو ڪيل مشاهدن جي تور تڪ ڪري نتيجا ڪڍي پنهنجي راءِ ڏيندڙ ليکڪ آهي. جيڪو پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ محسوس ٿيندو.
    هن ڪتاب کان اڳ ليکڪ جو سنڌ جي ڪوهستان بابت به ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي تاريخ، جاگرافي، قديم آثارن، رهڻي ڪهڻي، ماحوليات، ريتن رسمن ۽ ماڻهن تي لکيو آهي، انهي ڪتاب پڻ چڱي مڃتا ماڻي آهي. ان کان اڳ سندس لکيل ڪتاب “ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس ” پڻ ٿر بابت نئين معلومات جو ڀنڍار ۽ پڙهڻ وٽان آهي. هن سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري ۾ پنهنجي شاعري ترتيب ڏيئي ، سنڌي ٻولي ۾ پهرين ٻاونجاهه اکري لکندڙ شاعر جو اعزاز پڻ ماڻيو آهي.
    زيرنظرڪتاب سندس چوٿين ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اَڇڙوٿر” ۾ مشڪور صاحب سنڌو تهذيب جي گم ٿيل درياهه سرسوتي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ته قديم هاڪڙو، سرسوتي درياهه جي آخري شڪل يا وهڪرو هيو جنهن جو ڇوڙ پراڻ ۾ ٿيندو هو. جيڪو بدين ضلعي ۾علي بندرلڳ شڪورڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندوهو. هن ئي وهڪري جي ڪنارن تي لاتعداد تاريخي ماڳ ملن ٿا، گم ٿيل سرسوتي نديءَ جا پيرا کڻندي، هوان کي وهندي ڏسي ٿو. جنهن ۾ هي ندي روپارا گليشيئر کان وهي انبالا ۽ ڪنال شهرن جي ڀرسان گذري ڪالي بينگن کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي، گنويريوالا کان ٿيندي ڪوٽ ڏيجي ۽ چانهون جو دڙو کان سفر ڪندي اَڇڙي جي دنگ کپري تعلقي، ڏاهلي عمر ڪوٽ وٽان اوڀر طرف مڙي وري راجستان ۾ داخل ٿيندي هئي ۽ اتان کان وهندي گجرات وٽ سنڌي سمنڊ ۾ سمائجي ويندي هئي، هن ڪتاب ۾ ليکڪ سرسوتي جا مختلف وهڪرا ڏيکاريا آهن. سرسوتي جي عروج ۽ زوال جي داستان ۾ هو اَڇڙي ٿر جي به عروج ۽ زوال، ڏڪار ۽ سڪار جو احوال پڻ بيان ڪري ٿو. اها حقيقت آهي ته ڪٿي تهذيبون دنيا ۾ ندين جي رخ موڙڻ يا سڪي وڃڻ سبب زوال هيٺ آيون.
    تاريخ ۾ سرسوتي کي گم ٿيل يا وڃايل ندي جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي، پر درياهي وهڪرن جا ڄاڻو هن گم ٿيل نديءَ جي هڪ نشاني سنڌ ۾ ٻڌائين ٿا. جنهن موجب سرسوتي جو هڪ وهڪروموجوده 200 ميل ڊگهو نارا ڪئنال آهي. ايم ايڇ پنهورموجب سرسوتي اوائلي دور ۾ لوڻي نديءَ ۾ ڇوڙڪيو ٿي، وچئين دور ۾ هن گهگهر نديءَ جي روپ ۾ امر ڪوٽ ويجهو ڇوڙ شروع ڪيو. ان بعد پوئين دور م هن مکي ڍنڍ، فراش ڍنڍ ۽ چوٽياريون وارين ڍنڍن ۾ هاڪڙي وسيلي ڇوڙ ڪيو ٿي ۽ اٽڪل 10 هزار ورهيه اڳ سرسوتي پنهنجو نئون وهڪروبيڪانير ۽ بهاولپور کان سکر ڏانهن جوڙي ورتو ۽ پوءِ هاڻوڪي ريڻي ۽ اوڀر واري ناري (هاڪڙي) وسيلي ڪڇ جي ڪوري نار(Gulf of Kutch) ڏانهن وهڻ شروع ڪيو. قديم سرسوتي جي موجودگي ۽ وجود بابت ماهرن کوجنائون به ڪيون ۽ ان جا پيرا به کنيا ۽ اهي گس ڳولي لڌا، جتان هي خوشحالي جي ديوي وهي هلي هئي. ان سلسلي ۾ جنوري 1997 کان ڪيترن ئي سائنسي کوجنائن وسيلي سرسوتي جي قديم وجود جي ثابتي ملي آهي. اهڙي تحقيق ۾ بارڪ سائنسدانن ۽ ٻين کوجنا ڪندڙن، جهڙوڪ پروفيسر والديا، پوري، ورما ۽ ٻين محققن هن گم ٿيل درياهي وهڪرن واري علائقي جي زيرزمين پاڻي جي نمونن سرسوتي، سرسوتي جي منڍ هرڪي دن (Har-ki-dun) ۽ ان جي جابلو سلسلي بندر پونچ (Bandar Ponch) نيتوار(Natwar) تائين ۽ اتان کان وٺي ان جي بر پٽ وارن وهڪرن ۽ آخر ۾ نال ڍوري(Nal Lake) ۾ ڇنڊجي وڃڻ ۽ ڪڇ جي رڻ مان لنگهي پنهجي سهيوڳي درياهن سنڌو،ستلج ۽ جمنا سان گڏ ڪوري نار ۾ڪرڻ. هڪ ٻئي مفروضي موجب سرسوتي جو ڏکڻ گجرات ۽ احمد آباد لڳ نال ڍوري يا ڍند ۾ وڃي ڇوڙ ڪرڻ ۽ امڪاني طور تي اتان پوءِ گهڻي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ اها وڃي کنڀات نار ۾ ڇوڙڪندي هئي .
    سرسوتي جي وهڪري جو اهواُوچتو بند ٿيڻ يا سڪي وڃڻ سنڌو سماج لاءِ هڪ وڏي نقصان مثل هو. اهڙي هاڃي کي ماڻهو پيڙهي به پيڙهي پنهجي سينن ۾ سانڍيندا آيا آهن .
    ڪن جو خيال آهي 3500 ورهيه اڳ سرسوتي (هاڪڙي) پنهجو وهڪرو وڃايو هو. سنڌ جي سرتاج شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي به انهي هاڃي کي پنهجي شاعري وسيلي بيان ڪيو آهي.
    سَچ ڪ سڪو ڍورڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا
    جنگن ڇڏيو جور،سَر سُڪو سُونگي گيا
    ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهه ڀريوئي ڍور وهي
    جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو ڏٺو پَيَڙو .
    ٻئي طرف اوائلي سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ سرسوتي هاڪڙي جي ٻيهر وهڻ بابت هڪ اڳڪٿي ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ پڻ موجود آهي
    هاڪ وهندو هاڪڙو ، ڀڄندي ٻنڌ اَروڙ
    بهه مڇي ۽ لوڙه، ويندا سمي سوکڙي
    اڳتي هلي ليکڪ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، جين ڌرم جي عروج ۽ زوال جا داستان بيان ڪري ٿو ۽ ان ڌرمن جي بانيڪارن ۽ پيروڪارن جو سربستو احوال به اوري ٿو.
    سرسوتي تهذيب سان واڳيل قديم ماڳن ۾ مومل جي ماڙي، اروڙ، وڃڻوٽ، دٻي جو دڙو، آباد وارو دڙو، سوامي دت گرجي مڙهي وارو دڙو، چانهون جو دڙو، برهمڻ آباد، رتوڪوٽ، ڪاهو جو دڙو، نوهٽو، ڀوڏيسر، عمرڪوٽ، پاري نگر، ڏوتڙ، ويرواه علي بندر وغيره شامل آهن جن جي عروج ۽ زوال جو سربستو احوال ڏنو آهي .
    مشڪور صاحب اڇڙي ٿربابت به ڪافي احوال پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ اڇڙي ٿرجي تاريخ جاگرافي، ماحوليات، رهڻي ڪهڻي، ڏهر، چوپايو مال، خوراڪ، پکي پکڻ، ۽ قديم آثارن جا مشاهداتي احوال قلمبند ڪيا آهن. سنڌ جي هن اڀرندي علائقي جي پنهجي هڪ تاريخي جفرافيائي اهميت آهي، جنهن بابت اها قيمتي ڄاڻ هن ڪتاب جي مطالعي مان ماڻي سگهجي ٿي.
    اها حقيقت آهي ته سانگهڙ ۾ پوسٽنگ دوران اسان جي دوستن گڏجي فيصلو ڪيو، ته اڇڙي ٿر جي الڳ سڃاڻپ ڪرائجي، ڇو جو ان کان اڳ اَڇڙي ٿر جومختصر ذڪر صرف“تاريخ ريگستان” ۾ ملي پيو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سنڌي ڊڪشنري ۾ به اَڇڙو ٿر نٿو ملي. اسان سڀني دوستن نواز ڪنڀر، بخشڻ مهراڻوي، مير محمد نظاماڻي، مولا بخش ملاح، اسلم ميمڻ وغيرهه انهي ڏس ۾ باضابطه منصوبابندي سان ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ اَڇڙو ٿر عام ماڻهن۽ ميڊيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ اسان 5 مارچ 2000ع تي کاروڙڍنڍ وٽ “اٺن جي گوءِ” ڪرائي. ان گوءِ ۾ خاص مهمان عبدالقادر جوڻيجو، جامي چانڊيو، سردار شاهه، نثار کوکر، مظهر لغاري، نياز خٽڪ، مبين وساڻ، ارباب نيڪ محمد، زلفي پنهور، حسن درس وغيرهه هئا. جنهن ۾ استاد گلزار، بسنت فقير، چاندي فقير ، ڪستورو ۽ ڀاڳو فقير پنهنجي ڏات سان سامعين کي موهيو. عبدالقادر جوڻيجو اٺن جي گوءُ کٽندڙن ۾ انعام ورهايا.
    ان کان علاوهه مون به پنهنجي ڪتاب ”خيما کاهوڙين“ جومهورت بخشش مهراڻوي، بشير ساريو، نواز ڪنڀر، مير محمد نظاماڻي، حاجي محمد چانيهو جي تعاون سان اَڇڙي ٿر جي ڪاڪاهو ڍنڍ تي ڪرايو. جنهن ۾ خاص مهمان ابراهيم جويو، مسٽربنبر، يوسف لغاري، ابرار قاضي، جامي چانڊيو، انعام شيخ، نصيرمرزا، ذوالفقار هاليپوٽو، معشوق بلوچ، معصوم سانگهڙائي، علي محمد شاهه لڪياري، امر لغاري، استاد نظاماڻي، مير حسن سريوال، نظير ڪنڀر، نور چاڪراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست هئا. اسر مهل تائين هلندڙ ان محفل ۾ استاد گلزار ۽ صادق فقير واهه جو محفل جو رنگ ڄمايو.
    مطلب اهڙين ڪوششن بعد سنڌ ۾ عام ماڻهن ۽ ميڊيا ۾ اڇڙي ٿر جي الڳ سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. ان سلسلي ۾ منهنجو ٽماهي مهراڻ ۾ اڇڙو ٿر مضمون شايع ٿيو. ساڳي وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان نواز ڪنڀر جو 2018 ڌاري ”اڇڙو ٿر“ ڪتاب شايع ڪيو.ويو
    مشڪور ڦلڪاري وڏي باريڪ بيني سان اَڇڙي ٿرجي تاريخ بيان ڪئي آهي. اَڇڙي ۾ عربن جي فتح، اَڇڙي ٿر تي محمود غزنوي جي ڪاهه. اڇڙوٿرسومرن جي دور ۾، اَڇڙوٿر سمن جي دور ۾، اَڇڙي ٿر۾سوڍن جي ۽ راٺوڙن جي حڪومت يا دور ۾، اَڇڙوٿر مغلن جي دور ۾، اَڇڙوٿر ارغون ۽ ترخان دور ۾، اَڇڙوٿر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۽ برطانوي دور۾. بابت به مختصر تاريخي جائزو ورتو آهي.
    زيرنظرڪتاب ۾ اڇڙي ٿر ۾ واقع حر هلچل يا حُر تحريڪ ان سان لاڳاپيل ڪردارن ۽ ماڳن مڪانن، جو سربستو احوال ڏنل آهي. جنهن ۾ راشدي پاڳارا خاندان، اَڇڙوٿر کي حُرتحريڪ جو مرڪز بنائڻ جو سبب، شهيد الله بخش سومري جو قتل، حر مجاهدن جون جنگي حڪمت عمليون. اڇڙو ٿر۾حرن جا شهيد ۽ غازي، اڇڙي ٿر تي پيل ماحولياتي سماجي ۽ اقتصادي اثر. اڇڙي ٿر ۾ ڍرنهون، ڀٽون ڏهر، پاڻي جا کوهه ۽ ٻيا ذريعا، مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ڍنڍون، جانور، وڻ، ٻوٽا، جيت، بلائون، پکي، نخلستان، ڏٿ، چوٽياريون ڊيم، گئس، تيل جون فيلڊون ۽ کوهه، گهرو هنر، لباس، درسگاهون ۽ مدرسا، وسندڙقبيلا، رانديون، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو تفصيلي ذڪر ملي ٿو.
    ڪتاب جي ليکڪ هڪ سٺي روايت قائم ڪندي يا ان جو بنياد رکندي، سنڌ جي هن وساريل ڀاڱي اڇڙي ٿر جي ترقي لاءِ سفارشون ۽ تجويزون به ڏنيون آهن. بحيثيت ليکڪ پاڻ هاڻوڪي حال ۾ اڇڙي ٿر کي ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز سان ڏٺو۽ ڇا ڏٺو، سوته ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿيندو. خاص ڪري هن مطالعي ۽ مشاهدي واري سفر ۾ مشڪور صاحب انهن سڀني دوستن کي ياد ڪري کين پنهنجي هن ڪتاب جي زينت بڻايو آهي. جن جو ساڻس سفرن ۾ ساٿ ۽ سهڪار رهيو.
    اميد ته مشڪورڦلڪارو صاحب جي هن پگهر جي پورهئي مان مطالعي جي طالبن ۽ علم حاصل ڪندڙن سوين دوستن جي اڃ اُجهامندي ۽ هي ڪتاب صحرا ۾ نخلستان مثل ثابت ٿيندو.

    اشتياق انصاري
    حيدرآباد
    01 فيبروري 2019


    تحقيق جي ڇاڻڻي مان ڇاڻيل سچ

    تحقيق جي ڇاڻڻي مان ڇاڻيل سچ
    تواريخ هڪ علم سان گڏ هڪ سچ به آهي،۽ وري سچ به اهڙو جيڪو حقيقتن کي وقت جي ڇاڻڻي ۾ ڇاڻي، ڪوڙ جا سمورا نقاب لاهي ،اصل حقيقتن جي تصوير کي چٽو ڪري ڏيکاري ٿو جنهن سچ کان ڪو به ماڻهو نه انڪار ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿو. تواريخ وقت ۽ حالتن جي حقيقتن جو هڪ اهڙو سمنڊ آهي. جنهن ۾ بحيثيت محقق جي ڳولا جي ٻيڙي ۾ چڙهي اسان جڏهن سفر شروع ڪيون ٿا، ته هڪ طرف ان جون لهرون ڪڏهن ڪومل ۽ معصوم ادائن سان اٿندي محسوس ٿين ٿيون ، ته ڪڏهن وري هڪ ظالم جلاد وانگرحقيقتن تان ڪوڙ جا پردا چاڪ ڪري سفاڪ بي رحم طوفان جي سونامي اٿاري اسان جي اندر کي به جهنجهوڙي وجهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ، جوهن ڪتاب جي مطالعي مان جيڪا ڳالهه مونکي سکڻ لاءِ ملي، اُهو آهي اجرو سچ ، هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن لاءِ “حالتن، حقيقتن ۽ ڪردارن متعلق بيان ڪيل هڪ اهڙي سچائي ظاهر ڪئي ويئي آهي، جنهن کي مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه ٿي رهي، پوءِ ڀل اُها سچائي واقعن، حقيقتن يا ڪردارن متعلق بحيثيت فرد جي يا بحيثيت قوم جي اسان لاءِ قابلِ قبول هجي يا نه هجي. پر هر حال ۾ سچائي مڃڻي پوندي. ڇو ته هن ڪتاب ۾ حقيقتن کي ڇاڻي اصل روپ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
    ڪتاب ”سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” پنهنجي موضوع جي حساب سان نهايت ئي منفرد ڪتاب آهي. ان جي انفراديت جو هڪ ڪارڻ ٻيو به آهي، ۽ اُهو آهي هن ڪتاب جو محقق محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب. جيڪو مولائي شيدائي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، تاج صحرائي ، شيخ محمد سومار، ايم ايڇ پنهور، يا مجمدار جون سڪون لاهيندڙ موجوده دور جي اهڙن چند محققن منجهان هڪ آهي. جن تواريخ سان بحيثيت subject جي عشق ڪيو آهي ۽ انهن جي ڪيل تحقيقي ڪم سان حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي تواريخ تي تحقيقي ڪتابن ۾ هڪ ڪارائتو اضافو ثابت ٿي رهيو آهي. صرف ڪتابن منجهان تراشا ميڙي حوالن کي سهيڙي ڪتاب لکڻ جي روايت کي ٽوڙيندي. هي محنتي محقق سرزمين تي وڃي تواريخ جي ڳولا لاءِ مشاهدا ڪري نه صرف قديم انساني ڪارگذارين جون شاهديون ڳوليندا آهن ، پر هو اتان جي ماڻهن سان به ملي جلي منجهن پنهنجائپ پيدا ڪري کانئن لڪل حقيقتن بابت به ڄاڻ حاصل ڪندا آهن. مشڪور صاحب به اڇڙي ٿر جهڙي ڏکئي علائقي ۾ وڃي اتان جي هر شئي جو مشاهدو ڪري ، ماڻهن کان حقيقتون معلوم ڪري ، وري مختلف ڄاڻ جي ذريعن مان معلومات هٿ ڪري موضوع جي گهرائي۾لهي تحقيق ڪرڻ بعد وري ان کي شاندار ترتيب ڏيئي، پنهنجي تواريخ نويس هئڻ جو فرض ادا ڪيو آهي، نه صرف ايترو پر هُن جامع مواد گڏ ڪري اڳتي لاءِ انهي ميدان ۾ ايندڙمحققن لاءِ هڪ مشعل راهه ٺاهي ڇڏي آهي. ته هو به جيڪڏهن تواريخ جي موضوع کي پنهنجو passion بڻائڻ چاهين ٿا. ته حقيقي رُخ ۾ تحقيق ڪن، انهن ماڳن مڪانن، قديم آثارن، حادثن ۽ واقعن سميت تواريخي ڪردارن متعلق حقيقي معلومات کي پنهنجي لکت جو حصو بڻائين ۽ پنهنجي سوچ جي آڌار تي صحيح، غلط، پسند ناپسند وارو رويو ختم ڪندي سائنسي اصولن پٽاندڙ “جيئن آهي جي بنياد تي ” تحقيق کي اڳتي وڌائين، اهو ئي حقيقي مورخ جو فرض هئڻ گهرجي، هي انتهائي ذميداري جو ڪم آهي. اهڙي تحقيقي عمل سان ئي قومن جو مستقبل لاڳاپيل هوندو آهي، ڇو ته قومون پنهنجي ماضيءَ جي بنياد تي ئي پنهنجي آئيندي جي پيڙهه رکنديون آهن، اڳتي وڌڻ ۽ نون امڪانن جي تلاش جو سلسلو شروع ڪنديون آهن. سائين مشڪور صاحب هن ڪتاب جي پنهنجي پهرئين مضمون “تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت” کان وٺي پنهنجي تحقيق جي سفر جي ساٿين جو ذڪر ڪندي “حسن علي راڄڙ” متعلق لکيل مختصر خاڪي تائين جنهن محنت، لگن ۽ ڪوششن سان هن ڪتاب کي سينگاريو آهي ، سو سٽاءَ به انتهائي قابل تحسين آهي.
    ٻن ڀاڱن تي مشتمل هي ڪتاب سرسوتي ندي جي ابتدا يعني هماليه جبل جي هنج کان وٺي ان جي ڊيلٽا تائين جو ذڪر ئي نه ، پر ان جي دڳن پيچرن ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن جي ذڪر ۽ خاص طور تي سنڌ جي حوالي سان ڦلڪاري صاحب اڇڙي ٿر، ٿرپارڪر واري سنڌ جي ريگستاني علائقي جو جنهن تفصيل سان بيان ڪيو آهي. اُهو سنڌ جي هن علائقي متعلق پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ جو هڪ نئون خزانو آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي هنن علائقن جي آبهوا، ڍنڍن ڍورن، ان ۾ موجود پاڻي جي ڪيفيت، انهن علائقن ۾ موجود پکين، جانورن ۽ انهن جي قسمن سميت وڻن ٽڻن، انهن جي خدوخال ۽ بيهڪ ۽ خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ اڇڙي وچ ۾ تقابلي جائزي ۽ انهن علائقن جي جاگرافي جي بيهڪ ۽ انهي ۾ موجود شين جي موجودگيءَ جي انگن اکرن کان وٺي، انهن جي بڻاوت ۽ ساخت تائين جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. ڪارونجهر جي حوالي سان به ڪافي معلومات ته اهڙي حيرت ۾ وجهندڙ ڏني اٿس، جيڪا منهنجي نظر مان پهريون ڀيرو گذري آهي. خاص طور تي ان جي قدامت، ڊيگهه، ويڪر، ان مان ملندڙ جڙي ٻوٽين ۽ ان جي مختلف ٽڪرين ۾ مختلف پکين جانورن جون آماجگاهون، مختلف نوعيت جي وڻن، ٻوٽن جون نرسريون مون سميت پڙهندڙن لاءِ پڻ نهايت ئي حيران ڪندڙ آهن. نه صرف ايترو پر پهرين ڀاڱي ۾ سرسوتي ڊيلٽا ۾ زندگي جي آثارن کان وٺي انساني تهذيب جي شروعات ۽ فڪري لاڙن کان وٺي هندو ڌرم، ٻُڌ ڌرم، شوپنٿ ۽ جين ڌرم تائين ۽ انهن ڌرمن جي مختلف فرقن تائين جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. ڪتاب جي هن پهرئين حصي ۾ سرسوتي تهذيب کي سمجهڻ ۽ سنڌ سان ان جو ڳانڍاپو، سنڌ تي ان جا اثر يا سنڌ ۾ هن تهذيب سان لاڳاپيل قديمي ماڳ مڪانن جو پڻ بيان شامل آهي. موجوده دور ۾ سرسوتي تهذيب کان وٺي ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن، ڪارونجهر جبل بابت جيالاجي سروي مان اٿندڙ نون سوالن، دريائي پاڻي جي اٿل پٿل، هماليائي ندين مان جنم وٺندڙ ڊيلٽائن، بندرن، قديمي دريائي وهڪرن ۽ ان جي آس پاس قائم دڙن ۽ قديم ماڳن وغيره کان وٺي، انهي زماني جي سياسي سماجي حالتن سميت جائزو ورتو ويو آهي. خاص طور تي حر تحريڪ ۽ حر گوريلا جنگ ۽ انهي جي سماج تي پوندڙاثرن کان وٺي هن جنگ ۾ وطن جي آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين جو به ذڪربيان ڪيو ويو آهي. مطلب ته سرسوتي تهذيب ۽ انهي سان لاڳاپيل هر موضوع کي هن ڪتاب ۾ سهيڙي پيش ڪيو ويو آهي..
    ڪتاب جو ٻيو حصو خاص طور تي اڇڙ ٿر تي مشتمل آهي، جنهن ۾ بنيادي سوال “اڇڙي ٿر تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ ” کان وٺي،اڇڙي ٿر ۾ ڏڪار، ان جي طبعي بيهڪ، اقتصادي حالت، اڇڙي ٿر ۾ موجود جانورن، پکين، جيت، بلائن، وڻن، ٻوٽن، ٻيلن ۽ نخلستانن کان وٺي معدني ذخيرن ، گئس فيلڊن، ڍنڍن ڍورن ۽ چوٽياريون ڊيم سميت هن حصي جي ماڻهن جي سماجي حالت، انهن جي وندر، هٿ جي هنرن ، رهڻي ڪهڻي وغيره بابت تفصيل درج آهن، جنهن جي پڙهڻ سان اسان جي ذهن ۾ “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” جي عنوان سان هن ڪتاب ۾ سمورا عڪس چٽا اڀري اچن ٿا .
    مشڪورڦلڪاري صاحب جو هي انمول ڪتاب نه صرف سنڌ جي تواريخ تي تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندو پر گڏوگڏ پڙهندڙن لاءِ سرسوتي تهذيب جي حوالي سان ڄاڻ ۽ تحقيق جا نوان در کوليندو .ڪنهن به محقق جي تحقيق جي وڏي ڪاميابي اها هوندي آهي، ته سندس تحقيق کلي آسمان جيان پڙهندڙن جي آجيان ڪري ۽ ڪتاب جا پڙهندڙ انهي ڪتاب جي موضوع ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن رُخن تي ڀرپور معلومات حاصل ڪري سگهن. هي ڪتاب پڻ ان طرح جي تحقيق جو هڪ مثال آهي.

    منظوراحمد ڪناسرو
    ڊائريڪٽر جنرل
    ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو
    حڪومت سنڌ


    جيئن مون ڏٺو ، مشڪور کي

    جيئن مون ڏٺو ، مشڪور کي
    جڏهن مون اڇڙي ٿر جي ٿڌي نرم ۽ نفيس واري تي اک کولي ۽ وڌي وڏوٿيس راند روند ڪندي وقت گذرندورهيو، پر آھستي آھستي مون اهو محسوس ڪيو. ته جنهن واريءَ جي ڀٽن واري زمين تي اسان موجود آھيون، اها ڪنهن وقت ۾ پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ۽ تهذيب رکندڙآھي. هتان جا رهواسي مهمان نواز، ڏاڍا بهادر ۽ وطن جي حفاظت ۾ سڀ کان اڳڀرا آھن . هتان جي اڪثر آبادي درگاه راشديه ۽ روزي ڌڻي جي عقيدت مندن جي آھي. هي شھيد سورهيه بادشاه جي نظريي تي اڄ به قائم آھن. هي آزاديءَ تي ساهه گهوريندڙ ويڙھاڪ ۽ آزاد خيال ۽ آزادي پسند ماڻھو آھن، اڇڙي ٿر جا ماڻھو پکين جانورن سان به محبت ڪرڻ سان گڏ وڏا فطرت دوست به آهن. هو پنهنجن کوهن تي پکين جي پاڻي پيئڻ لاء به انتظام ڪن ٿا. اڇڙي ٿر ۽ حرهلچل جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق آھي. اڇڙي ٿر مان جيڪڏهن حرهلچل کي ڪڍي ڇڏبو. ته هي ڪتاب به اڇڙي ٿر جي ڊرينهن وانگرٿي پوندو، جنهن تي ڪوبه وڻ ٻوٽوناهي هوندو، ڇوته حرهلچل سنڌ ۽ اڇڙوٿر جي قومي غيرت جو زنده ثبوت آھي. جنهن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آھي . سائين مشڪور صاحب پنهنجي هن تحقيق ۾ حرهلچل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري حقيقي ڄاڻ ڏني آھي. جنهن ۾ حر جھدوجهد خلاف انگريزن جي پيدا ڪافي سوالن جا جواب به ڏنا آھن. مثال طور جيئن هن تحقيق ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ، ته شھيد سورهيه بادشاھ ۽ سڀاش چندربوس جي وچ ۾ ڪٿي به ملاقات نه ٿي هئي ، نه ئي سورهيه بادشاهه جو هٽلر جي نازي پارٽي سان ڪو تعلق هو. انهي جي ثبوت ڏيندي هو لکي ٿو، ته پوري حر جدوجهد ۾ حرن وٽان ڪوجرمني جو هٿيارنه مليو. انهي کان سواء ٽنڊي آدم ۽ اڏيري لال وچ ۾ ريل ڪيرائڻ واري واقعي کي حرن طرفان الهه بخش سومري جي قتل ڪرڻ واري سازش جي الزام کي به هن دليلن سان رد ڪيو آهي . هو ثابت ٿو ڪري ته حرن اهو واقعو الهه بخش سومري کي قتل ڪرڻ لاءِ نه پر انگريز فوج جي ريل گاڏي ڪيرائڻ لاءِ ڪيو هو. هن سڄاڻ محقق انگريزن جي سمورين حرن خلاف تيار ڪيل جاسوس رپورٽن کي به دليلن سان رد ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه سندس علمي لياقت سنڌ شناسي جووڏوثبوت آھي . هي سڀ اهي منجهايل سوال هئا، جيڪي انگريزن حرجماعت ۽ سنڌ جي ٻين ماڻھن ۾ ويڇا وڌائڻ لاءِ پيدا ڪيا هئا. جن منجهيل سوالن کي پهريون ڀيرو حقيقتن جي روشني ۾ حل ڪيو ويو آهي . هن کان اڳ ۾ جنهن به ليکڪ حرتحريڪ تي قلم کنيو. انهن يا ته ان دور جي انگريزي اخبارن ، انهي وقت جي جاري ڪيل رپورٽن يا لئمبرڪ جي لکيل ڪتابن کي اڳيان رکي بنا ڪنهن ڇنڊڇاڻ جي هڪ طرفو لکيو، اهوئي سبب هو جو اهي ليکڪ صحيح نتيجا نه ڪڍي سگهيا. حر تحريڪ خلاف پيدا ڪيل سوال حل نه ٿي سگهيا. جن سوالن سبب حرجماعت ۽ سنڌين جي ذھنن ۾غلط فهميون پيدا ٿيون . هن ڏاهي تاريخدان اهي سوال حل ڪري سنڌي قوم ۽ حر جماعت جي هڪٻئي لاءِ اوپرائپ ختم ڪئي آهي. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي.
    اڇڙي ٿر بابت تحقيق ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. سائين مشڪوراڇڙي ٿر تي تحقيق ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ سنڌ جو وڏو کاهوڙي محقق آهي . اهڙن کاهوڙين بابت شاهه صاحب چيو آهي ته،
    ڏيهُه ڏيهائِي ناهِ، جِتي پـيرُ نه پَکِيان؛
    تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
    هن کان اڳ ۾ اڇڙي ٿر ۽ سرسوتي تهذيب تي ڪوبه جامع ۽ تحقيقي ڪتاب نه آيوآھي. رائچند هريجن ، ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ ، اشتياق انصاري ، استادلغاري ۽ ٻين جا ڪجھ مضمون ۽ لکڻيون اڇڙي ٿر، هاڪڙي ۽ ڪوٽن قلعن تي لکيل ملن ٿيون .پر هي ڪتاب هڪ منفرد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نه صرف هڪ وڃايل قديم سرسوتي تهذيب کي ظاهر ڪيو ويو آهي نه صرف حرهلچل تي ايماندارانا انداز ۾ روشني وڌي آهي، پر سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙوٿر جي رهڻي ڪهڻي، جاگرافي ، وڻ ٻوٽن جيتن ، نانگ بلائن، راندين روندين، ڍنڍن ڍورن، سوڍن ۽ شڪارين جي احوال کي به اهڙي ته ڪاريگري ۽ تحقيقي مهارت سان پيش ڪيوويو آھي، جو سموري قديم ۽ جديد تصوير اکين آڏو اچو وڃي . جنهن مان اهومحسوس ٿيندو ته ڄڻ مشڪور ٽنڊو محمد خان جو نه پر اڇڙي ٿر جو مقامي رهواسي هجي. سندس لکڻ جوانداز واقعي نرالو ۽ الڳ قسم جو آھي. هن پوري ٽحقيقي سفر ۾ اسان ساڻس گڏ هئاسين ۽ مون اهونوٽ ڪيو ، ته وڏي عمر۽ پيرسنيءَ هئڻ جي باوجود هي مون کي ڪڏهن ڪٿي به مايوس يا ٿڪل محسوس نه ٿيو. اسان سمورا ساٿي نوجوان هئاسون. جيڪي ساڻس کل ڀوڳ مذاق به ڪندا هئاسون . پرهن هيڏي وڏي محقق پر فقيرصفت ماڻھوء ڪنهن هڪ هنڌ به اسان تي نه ته ڪاوڙ ڪئي ،۽ نه ئي ڪا ٽوڪ هنئي . بلڪه کل ڀوڳ ، لطيفا ۽ شاعري سان گڏ مختصر واقعا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي سفرکي ويتر خوشگوار بڻائي ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب هو جو هي اڻ ورچ انسان ٿورڙن ڏينهن ۾ هڪ وڏي تاريخي ۽ شاهڪارڪتاب لاء گهربل مواد مشاهدي جي بنياد کڻڻ سان گڏ ، سرزمين تي حقيقتن جي روشني ۾ نتيجا پڻ حاصل ڪري موٽيو. جنهن جي شاهدي هي ضخيم ڪتاب آهي .
    سائين مشڪورکي مون سموري سفر ۾ خاموشي سان شين کي پرکڻ ۽ ڳوڙهي غور ويچار سان انهن مان نتيجا ڪڍندي به ڏٺو. جيڪو بعد ۾ ڪتاب جي مسودي ۾ مون جڏهن پڙهيو ته حيران ٿي ويس. ته هن فقيرصفت انسان جي ڪيتري نه گهري ۽ وسيع النظري آھي . وڏي ڳالهه ته هن بي رياءَ محقق هن سموري ڪتاب ۾ ڪنهن جي به ڌر ٿيڻ جي بجاء حقيقي نتيجا ڪڍي ڪيترن ئي تاريخ جي منڌل سوالن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جيڪا ڳالهه تعريف لائق آھي ،
    هن شخص جي تحقيقي اڻ ورچائي جو انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ملي سگهندو، جو هو جڏهن تحقيقي سفر دوران جمعي سومي جي تڙ ۾ 1250 فوٽن جي گهرائي تي ٿيل بورنگ مان جڏهن ڦاٽي نڪتل پاڻمرادو وهندڙ پاڻي ڏسي ٿو، ته هو حيران ٿيڻ بجاءِ انهي ڳالهه جي اصل حقيقت کي ڳولڻ لاءِ ٿرڪول ۾ ٿيل کوٽائي کي ڏسڻ لاءِ وڃيو نڪري ۽ اتان ٿر ڪول جي کليل کوٽائي بابت سائنسي ۽ جديد تحقيق تي مشتمل جيالاجي جي رپورٽن ڏسڻ کانپوءِ سرسوتي تهذيب جي قديم وهڪرن جي ڳولا لاء دنيا جي نقشن ذريعي ڳوڙھو مطالعو ڪري نتيجا ڪڍڻ بعد پڪ ڪرڻ لاءِ وري قديم ندين جي وهڪرن جا پيرا کڻندو، دڙن ۽ ڀڙن جا نشان ڳوليندو ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي تاريخي ماڳن جي مشاهدي لاءِ وڃيو نڪري ۽ انهن سڀني ذريعن مان معلومات گڏ ڪري هڪ شاهڪار۽ سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙوٿر جهڙو تاريخي ڪتاب آڻڻ ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه آھي. مون ساڻس گڏ هلندي هن ڪتاب سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙوٿر جي تياري ۽ تحقيق دوران ڪافي گهڻو ڪجھ سکيو آھي .
    مشڪورڦلڪارو هونئن به پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سبب سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا آھي. سموري سنڌ ۾ ٿيندڙ علمي ۽ ادبي سرگرمين جي سونهن آھي. کيس سنڌ کان ٻاهر به سنڌ جي محقق طور سڃاتووڃي ٿو. هن جي ڪم ڪرڻ جو انداز پنهنجوآھي، جو ڪو به دنيا جو محقق جڏهن سنڌ ۾ ڪٿي به تحقيق لاءِ ايندو آهي، ته مشڪور ڦلڪاري سان ملي خوشي محسوس ڪندو آهي، ۽ سندس وسيع علم مان فائدو وٺندو آهي. اهڙو اعتراف لنڊن جي محقق ’الائيس البينيا‘ پنهنجي ڪتاب ’امپائرس آف انڊس‘۾ پڻ ڪيو آهي. هڪڙي ڳالهه جيڪا منفرد آهي ، ته هن جو هر ڪتاب پهريائين ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان نشر ٿيندو آهي. جنهن ڪري سندس ڊجيٽل انداز ۾ ڪتاب پهريائين پوري دنيا جي سنڌين تائين پهچندو آهي ، جنهن سبب ڇپجڻ کان پهريائين ئي سندس ڪتاب عالمي شهرت ماڻي وٺندو آهي . اهوئي سبب آهي ، جو سندس ڪتاب ريڊيووائيس آف سنڌ طرفان پرڏيهي سنڌين طرفان شاندار نموني ڇپجي عام ماڻهن تائين پهچن ٿا . ڪتاب جي شهرت عام هئڻ سبب سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ تمام گهٽ عرصو موجود رهن ٿا. جيڪا ڳالهه سندس ڏيهي توڙي پرڏيهي مقبوليت جو ثبوت آهي. تاريخ ، تحقيق ۽ لوڪ ادب سان لاڳاپيل موضوعن تي اپريل 2015ع ۾ سندس ڪتاب هڪ سماجي تنظيم ايل ايڇ ڊي پي،’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس،ڇپرايو . جنهن ۾ هن ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي جديد سائنسي انداز ۾ پيش ڪيو ، جيڪوسندس وڏو ڪارنامو آهي. وڏي ڳالهه ته ايڏي شهرت هوندي به هي فقيرُ منش انسان پنهنجي مزاج ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ تمام سادڙو ۽ سٻاجهو ۽ سڌو ماڻهو آهي. هي کاهوڙيءَ انسان، ’تتيءَ ٿڌي ڪاهه‘ ۽ “ مون سان هلي سا ، جيڪا جيء مٺونه ڪري” تي پورولهندي ۽ ساري ڄمار سنڌ جي محبت ۾ گهڙيون گهاريندڙ آھي . مون کي سندس سڀ کان حيران انهي ڳالھ ڪيو جو هن ۾ وڏائي ۽ اوپرائپ نظر نه ٿي اچي. جنهن به حال ۾ هجي اتي خوش گذارڻ ۽ ماحول ۾ گڏجي وڃڻ جو وٽس وڏو ڏانءَ آهي. ساڻس گفتگو ۽ ڪچھري ڪندڙ ڪڏهن بوريت محسوس نٿو ڪري . سندس گفتگو ٻڌندڙ جي اندر جي اونهائي ۾ لهندڙ آهي منهنجي ساڻس اڳ ۾ ڪا به ڏيٺ ويٺ نه هئي . صرف فيس بوڪ تي عليڪ وسليڪ ڪري اڻ ڏٺل دوست ٿياسين ، پر منهنجي سڏ تي جڏهن اڇڙي ٿر جي لاء سنبت ڪري پهريون ڀيرواچي مليو، ته ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ ساڻس پراڻو روح جو رشتو هجي.اسان پنهنجي اڇڙو ٿر ادبي فورم جي ساٿين سان گڏ جنهن ۾ جان محمد راڄڙ، غلام علي راڄڙ، ملوڪ درس، محمدخان راڄڙ، حافظ نورمحمد راڄڙ ۽ فقيرميرمحمد نظاماڻي ساڻس پنهنجي حال ساروکيس پنهنجو سمجهندي نڀايو، جنهن جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو. ڇوته ڪا به تحقيق مقامي ماڻھن جي تعاون کان سواء ڪڏهن به ڪارگر ثابت نه ٿيندي آھي، پر جي مقامي ماڻھن جوتعاون هجي ته تاريخ جا پيرا کڻڻ ۾ ڪافي ڪجھ اڳڀرائي حاصل ٿيندي آھي. اڇڙو ٿر جتي روڊ رستن ۽ بجلي،اسڪولن، اسپتالن يا ڪنهن به جديد سهوليت جو ڪو وجود ئي ناهي . جتي صدين کان رهندڙ مقامي ماڻهو به مشڪل حالتن ۾ گذارين ٿا، اتي ڪنهن محقق جي مجال آھي، جو ايڏي وڏي ۽ خطرناڪ ڌٻڻين وارن ڊرينهن ۾ وڃي بي يارومددگار تحقيق ڪري ، جتي پنج کان پندرهن ڪلوميٽرن تائين پاڻي به نٿو لڀي اتي مقامي تعاون کان سواء ھڙ حاصل نه ٿي ٿي سگهي. پر اهو مشڪور جو پنهنجائپ وارو رويو ئي آهي ، جنهن کيس هن تحقيق ۾ سوڀارو ڪيو. اها به وڏي ڳالهه آهي جو هن مون کي پنهنجو سمجهي ڪجهه اکر لکڻ جو چيو.هي به اسانجي لاء ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، جو مون جهڙي ادنيٰ انسان کي به هن شاهڪارڪتاب ۾ ٻه لفظ لکڻ جو موقعو ڏنو. اها ڳالهه هن جي وڏماڻھپي ۽ پنهنجائپ سان نڀاءُ جو وڏو ثبوت آھي. انهي سان گڏ آئون اهوضرور چوندس ته جهڙي نموني سان جديد سائنس جي اصولن ۽ ثابتين سان توري تڪي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مشڪور صاحب هي ڪتاب لکيوآھي. ان لاء اميد ڪري سگهجي ٿي، ته هي ڪتاب اڳتي ايندڙ اڇڙي ٿر۽ سرسوتي تهذيب تي ڪم ڪندڙمحققن جي لاء ۽ حرتحريڪ تي ڪم ڪندڙن لاء هڪ دستاويز ۽ گائيڊ ثابت ٿيندو. آخر ۾ سائين مشڪورڦلڪاري صاحب جا ٿورا جنهن اڇڙي ٿر تي ڪارگر قلم کنيو ۽ دنيا آڏو اڇڙي ٿرکي آندو.
    سانوڻ راڄڙ
    اڇڙوٿر
    03415023036


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران
    منهنجو تحقيقي ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” توهان جي هٿن ۾ آهي. مون انهي ڪتاب لکڻ لاءِ پنهنجي زندگي جا خطرناڪ سفر ڪيا ۽ ڪوشش ڪري توهان کي هن موضوع تي ڀرپور معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون اهو ڪتاب ڪيئن لکيو، ڪيئن آڏ تراڇا لڪ ، رڻ ۽ صحرا جهاڳيا. اهو سڀ منهنجي عشق جي طاقت آسان ڪيو. جيڪو عشق ئي منهنجو اتساهه آهي. مون نه صرف اڙانگا سفر ۽ مشاهدا ڪيا آهن، پر مون انهن مشاهدن جي روبڪاري بيان ڪرڻ کي به ڪافي نه سمجهيو. مون هر مشاهدو غور سان ڪري سنجيدگي سان سوچي، نتيجا ڳولي، پنهنجي راءِ به قائم ڪئي آهي. اها راءِ ٿي سگهي ٿو، ته اڳتي هلي رد به ٿئي. ڇو ته تحقيق جا نتيجا يا انهي تي رايا ڪي حتمي نه هوندا آهن. تحقيق جي پوري ارتقائي تاريخ هر قديم سوچ کي جديد تي قربان ڪندي آئي آهي. جيڪي سوچون ۽ نظريا ڪلهه عقيدا ۽ ايمان بنيل هئا. اهي اڳتي هلي رد ٿيا ، وري انهن جي جاءِ نون نتيجن والاري.. اهو ڄاڻندي مون پنهنجا رايا ۽ نتيجا بيان ڪندي، مصلحت پسندي ۽ تنقيد کان بيپرواهه ٿي لکيو آهي. ڇو ته آئون اڪثر ماڻهن جيان اکيون پوري ساڳين ڳالهين کي بار بار لکڻ کي به وقت جو زيان سمجهان ٿو. لکجي ته نئون لکجي، جيئن تحقيق جي ماٺار ٽٽي نوان بحث ٿين ۽ فڪري تازگي سان وري تحقيق جو سفر اڳتي وڌي.
    اسان جي سنڌ جي تاريخ،ِ چچنامي، تاريخ معصومي مذهبي ڪتابن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي لوڙهي ۾ قيد آهي. مون کي سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب پڙهي حيرت ٿيندي آهي، ته اسانجا اڪثر محقق انهن ڪجهه ڪتابن کي ئي سند سمجهي انهن جا ٽڪرا حوالي طور ڏيئي. ساڳي ساڳي ڳالهه وري وري دهرائي رهيا آهن. اهوئي سبب آهي، جو اسين سنڌ جي تاريخ جا سوين ڪتاب هوندي به پنهنجي تاريخ کي مڪمل نه ڪري سگهيا آهيون. اسان جڏهن تاريخ جي موضوع تي ڳالهايون ٿا ، ته وڏي فخر سان اهو چئون ٿا، ته اسين موهن جي دڙي جا وارث ۽ پنج هزار سال پراڻو تاريخي ورثو رکندڙ قوم آهيون ۽ بس. انهي کان اڳتي لوڙهو ڏنل آهي. وڌيڪ اڳ ۾ اسين ڇا هئاسون؟ انهي تي سوچڻ جي کوٽ آهي. جيڪا ڳالهه ئي اسانجي تاريخ جي ڪم تي تحقيقي جمود جو سبب آهي. جنهن جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ئي مون هي ڪشالن جو سفر بي سمري هوندي به شروع ڪيو آهي.هڪڙي ڳالهه جي به وضاحت ڪندو هلان ته آئون ڪو آرڪيالاجي يا جيالاجي جو ماهر ناهيان ، پر مون آرڪيالاجي، جيالاجي ۽ جاگرافي جي ماهرن کان تحقيق ڪرڻ وقت مدد ضرور ورتي آهي. جيئن جديد سائنس موجب بهتر نتيجا ڏيئي سگهان. منهنجي تحقيق جو دارومدار مشاهدن تي هوندو آهي. پر انهن مشاهدن مان نتيجا ڪڍڻ لاءِ مون راتيون جاڳي مطالعو به ڪيو آهي. هن ڪتاب کان اڳ مون ڪوهستان ۾ وڃي پنهنجي ڪتاب “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو” ۾ تصويرن سان انهي ڳالهه جا ثبوت ڏنا، ته اڄ کان ڏيڍ لک سال اڳ سنڌ ۾ قلعا تعميرڪيا ويا. ڳوٺن ۽ شهرن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ واٽرسپلاءِ لائنون جوڙيون، مصر جي اهرامن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ اهرامن جهڙيون تعميراتون ڪيون ويون ۽ شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گڏيل گدام تعمير ڪيا ويا. مون انهن شين جون تصويرون به ڏنيون ، وٺي هلي ڏيکارڻ لاءِ به تيار آهيان. پر افسوس ذميوار ادارن ۾ ويٺل صاحبن اڃان انهن شين کي ڏسڻ جي به تڪليف نه ورتي آهي. ڇا اهو جمود جو نشو ناهي، ته ٻيو ڇا آهي.؟ ڪوهستان ۾ تحقيقي سفر دوران منهنجي مشاهدن مون ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو. مون بي توجهي کي ڏسي ويهي رهڻ جي بجاءِ وري نواڻ جي تلاش ۾ قديم سرسوتي ندي جي وهڪرن ۽ انهن تي موجود تهذيبي نشانن جي ڳولا لاءِ اڇڙي ٿر جهڙي خطرناڪ ريگستان جو رخ رکيو. جتي مون انهي ڳولا جي سفر ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي اهو ثابت ڪيو آهي، ته اڄ کان هڪ ارب سال اڳ پري ڪئمبرين دور ۾سنڌ ۾ برساتي پاڻي موجود هو. مون ٿر ڪول جون جيالاجي رپورٽون ۽ جيالاجي نقشو هٿ ڪري ڪارونجهر جي عمر بابت انهي مفروضي کي غلط ثابت ڪيو آهي، جنهن ۾ اهو ٻڌايو پئي ويو، ته ڪارونجهر جي عمر اڍائي ارب سال آهي . جڏهن ته جديد سائنسي بنيادن تي جيالاجي جي رپورٽن موجب ڪارونجهر جبل جي ٺهڻ جي شروعات هڪ ارب سال اڳ ٿي ۽ اهو چوڏهن ڪروڙ سال اڳ مٿي اڀري آيو. مون جيالاجي رپورٽن موجب اهو پڻ ثابت ڪيو آهي، ته ٿر جو ريگستان ويهه هزار سالن کان موجود آهي. مون ڪولمبو پلان جي سيٽلائٽ ذريعي نڪتل اڍائي سئو نقشن کي راتيون جاڳي باريڪ بيني سان ڏٺو، ۽ اهو ثابت ڪيو آهي، ته گنگا ۽ سنڌو تهذيبن جي وچ ۾ هڪ ٽئين تهذيب به موجود هئي . جيڪا سرسوتي تهذيب هئي. سچ پڇو ته اڇڙي ٿر جو سفر جيترو خوفناڪ ۽ جوکم جهڙوهو، اوترو ئي وڌيڪ حيرتناڪ حقيقتن سان ڀرپور هو. مون کي انهي سفر ۾ جڏهن ڪاميابيون نصيب ٿيون، ته منهنجا سمورا ٿڪ اتساهه ۾ تبديل ٿي ويا . هونئن به اڇڙي ٿر تي ڪو منظم ڪم نه ٿيو آهي. نه ئي ڪنهن محقق انهي ڳالهه جي ضرورت کي محسوس ڪندي ڪو سنجيدگي سان ڪم ڪيو.اڇڙو ٿر جيئن ته تاريخي طور سنڌين جي قومي مزاحمت جي پناهه گاهه سان گڏ ويهه هزار سالن کان ريگستاني حالت ۾ رهيو آهي. انهي ڪري يونانين، عربن يا مغلن جا سرڪاري منشي هتي نه اچي سگهيا. انگريزن جي قبضي بعد به اڇڙوٿر حر گوريلا مزاحمتن جو مرڪز رهيو. انهي ڪري ڪنهن به انگريز محقق هتي اچڻ جي جرئت نه ڪئي. بعد ۾ به بنيادي سهوليتن کان وانجهيل هن سنڌ جي علائقي ۾بنيادي سهوليتن جي اڻهوند سبب هتي اچڻ ۽ هر شئي کي جانچڻ جي ڪا تفصيلي ڪوشش نه ڪئي. ڪجهه محقق وري هتي اچي هن علائقي جي ماڻهن جي مخصوص نفسيات موجب انهن سان ويجهڙائي رکي علائقي ۽ ماڻهن جي سماجي حالت بابت حقيقتون معلوم ڪرڻ بجاءِ سطحي نموني پنهنجي منهن گهمي ڦري ڪتاب لکيا. انهي ڪري مقامي ماڻهن جي سهڪار کان سواءِ هو هتان جي اندروني حالتن ۽ ڪيفيتن ، سماجي روايتن ۽ پيڙائن، احساس محرومين ۽ بي اعتمادي سبب پيدا ٿيل ماڻهن جي سخت روين جي سببن کي صحيح نموني لکي نه سگهيا. نتيجي ۾ هن کان اڳ ۾ اڇڙو ٿر بابت لکيل سڀ ڪتاب مجموعي معلومات فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن. اڇڙي ٿر ۾ برطانوي سامراج خلاف مزاحمتي حرگوريلا جنگ، هڪ قابل فخروطن جي آزادي جي تحريڪ هئي، بهادر حر ويڙهاڪن ثابت قدمي سان مسلسل برطانوي سامراج سان مهاڏو اٽڪائي کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. پر وطن جي انهن غازين ۽ شهيدن بابت سچيون حقيقتون ڪنهن غير جانبداري سان ظاهر نه ڪيون، اهو ئي سبب آهي، جو حر تحريڪ بابت صرف انگريزن جي لکيل ڪتابن ۽ جاسوس رپورٽن جي بنياد تي اصل سچائي کي لڪائي هن هيڏي ساري قربانيون ڏيندڙ تحريڪ کي به سنڌ ۾ متنازع بنايو ويو. انهي ڪري حر جدوجهد تي هڪ مستند تحقيقي ڪتاب لکڻ جي پڻ ضرورت آهي، جنهن ضرورت جي اهميت کي سمجهندي مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه اصل حقيقتون ظاهر ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. پرحر تحريڪ تي هڪ جامع ڪتاب لکڻ ۽ هن عظيم وطن دوست تحريڪ جي سمورين سچاين ۽ اصل حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. مون هن ڪتاب ۾ نه صرف سرسوتي تهذيب ۽ سنڌ جي قدامت جي سوالن جا جواب ڳوليا آهن ، پر اڇڙي ٿر جي سمورين اصل حقيقتن، وسيلن، ناانصافين، غربت، اهنجن ايذائن تي به لکڻ سان گڏ مون اڇڙي ٿر جي اهنجن ۽ غربت کي دور ڪرڻ لاءِ به صلاحون ۽ طريقا ڏسيا آهن. انهي ڪري منهنجو هي ڪتاب سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي باري ۾ مجموعي معلومات فراهم ڪندڙ آهي. جيئن ته سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر ڌار ڌار موضوع آهن. انهي ڪري مون هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. جيئن پڙهندڙ بغير مونجهاري جي سڀ ڳالهيون سولائي سان سمجهي سگهن. منهنجي هي ڪوشش ڪيتري ڪاميابي ٿي ماڻي اهو ڪتاب جي پڙهندڙن جي موٽ بعد ئي معلوم ٿيندو.
    هن ڪتاب لاءِ منهنجي دوست سانوڻ راڄڙ ۽ سندس اڇڙو ٿر ادبي فورم جي ساٿين سان گڏ محترم استاد لغاري، سائين محمد جمن گجو، فقير ميرمحمد نظاماڻي، عاجز منگي، مٺو سانگهڙائي، فقير دين محمد ڪنڀار، شيرمحمد لاشاري جو ساٿ به منهنجي اتساهه جو سبب بڻيو، جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان. انهي کانسواءِ دوستن نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر جو به ٿورائتو آهيان جن مونکي ٿرڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي ماهرن جي رپورٽن ۽ ٿر ڪول جي اوپن پٽ ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪيو. گڏو گڏ آئون ٿر ڪول جي جيالاجي ماهرن وقاص عزيز ۽ فرقان مجاهد جو به ٿورائتو آهيان،جن ٿر ڪول جي جيالاجي رپورٽن مان مون کي منهنجي ڪم جي رپورٽن بابت ڄاڻ ڏني. ساڳئي وقت آئون پنهنجي دوست ۽ جاگرافي جي ماهرپروفيسرڊاڪٽر شفيق جوڻيجي جو ۽ جيالاجي جي ماهر مظفر علي ڪلوڙ جو به ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب ۾ شامل جيالاجي جي رپورٽن ۽ جاگرافي جي مسئلن کي سلجهائڻ ۾ مدد ڪئي.
    انهي کانسواءِ آئون سرويچ حيدر اوڍو، استاد لغاري صاحب ، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، ڊاڪٽر سرور شاهه ، اشتياق انصاري ، منظور احمد ڪناسرو، سانوڻ راڄڙ جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجن قيمتي راين کي هن ڪتاب جي زينت بنايو. امداد علي اوڍو صاحب ۽ سندس لائق فرزند سرويچ حيدر اوڍو جا به لک لائق جو هو هر وک تي سهڪار ڪندا ۽ مون کي هن ڪتاب لکڻ تي اتساهيندا رهيا . نه صرف ايترو پر هن ڪتاب کي ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان قسطوار نشر ڪري، انهن پروگرامن جون لنڪون يوٽيوب تي منهنجي آواز۾رکڻ سان گڏ هن ڪتاب جي ڊجيٽل سي ڊي پڻ جاري ڪئي، جنهن سان هن ڪتاب جي شهرت پوري دنيا ۾ پهتي. وري جڏهن ڇپائي جو مرحلو آيو، ته محترم امداد علي اوڍو صاحب سرگرم ٿيو سندس ڪيل اپيل تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻ ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي محقق سائين ڊاڪٽر سيد سرورشاهه به مالي مدد ۾ هٿ ونڊايو ۽ ائين هي ڪتاب توهان جي هٿن ۾ پهتو. هيڏي وڏي ساٿ ڏيڻ لاءِ لک ٿورا.
    سمبارا پبليڪيشن جي سربراهه پياري ساجد سنڌي جا به لک قرب جنهن منهنجن اڳين ڪتابن جيان هن ڪتاب جي خوبصورت ڇپائي ۾به سهڪار ڪيو.
    مشڪورڦلڪارو
    ٽنڊو محمد خان.
    16 مارچ 2019ع
    03322058701 ___ 03473222554
    Email ; mashkoor.phalkaro@gmail.com


    ڀاڱو پهريون سَرسَوَتِي تَهذِيبَ

    تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت

    تاريخ جي علمي ۽ سائنسي اهميت
    هن ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ ڳالهه سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ته اسين تاريخ جي علمي حيثيت کي سمجهي پوءِ انهي ڏس ۾ پڙهون يا قلم کڻون. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ۾تاريخ لکڻ وقت سنجيدگي سان تاريخ جي علمي اهميت کي نظر ۾ رکندي، طئه ٿيل دائري ۾ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ غير اطمينان بخش آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اڃان ڪيترائي سوال آهن، جن جي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    سنڌ جي تاريخ تي ڪيترن ڏيهي ۽ پرڏيهي محققن ڪم ڪيو آهي، جن جي ڪتابن مان اسان کي گهربل ڄاڻ ۽ پيدا ٿيل سوالن جا حل ٿيل جواب نه ٿا ملن. سنڌ جي تاريخ جي بنيادي سوالن يعني سنڌ جي قدامت ڪيتري آهي. سنڌ جي جاگرافي ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون ۽ انهن تبديلين جا ڪهڙا سبب هئا؟ سنڌ ۾ زندگي جو وجود ڪڏهن کان آهي؟ سنڌ جي تهذيب جي ارتقا جا ڪهڙا محرڪات هئا ؟ سنڌ جي سماج تي ڪهڙن اقتصادي ضرورتن جا اثر پيا؟ سنڌ جي آسپاس جي ملڪن جي سماجي صورتحال ڇا هئي؟ آسپاس جي ملڪن جي سماجي حالتن جا سنڌ جي سماج تي ڪهڙا اثر پيا؟ وغيره . اهڙن سوالن جي جوابن نه ملڻ جا ڪيترائي سبب آهن. پر ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو، ته تاريخ جي علم کي تحقيق جي بنياد تي سنجيدگي سان سائنسي ضرورتن پٽاندر ڪم ڪرڻ جي اهميت کان پاسيرو رکيو ويو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق لاءِ ڪي به منظم ادارا نه جوڙيا ويا. جيڪو ڪجهه ڪم ٿيو، سو انفرادي طور مختلف محققن پنهنجي شوق يا جذبي تحت ڪيو. انفرادي طور ڪم ڪرڻ وقت انهن محققن کي نه ڪنهن طئه ٿيل قاعدي موجب ڪم ڪرڻ جو پابند ٿيڻو پيو، ۽ نه ئي کين تحقيقات لاءِ گهربل سهوليتون مهيا ٿيون. نتيجي ۾سڀ ڪنهن پنهنجي انداز ۽ خيال ۾ تحقيق جو گهوڙو ڊوڙائي ڪتاب لکيا، جنهن سبب سندن لکيل ڪتابن ۾ رهجي ويل کوٽن سبب ڪيترن سوالن جا جواب منجهيل يا اڌورا رهجي ويا.
    سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ محققن وسيلن جي کوٽ سبب نه ته سنڌ جي جاگرافي جو گهمي مشاهدو ڪيو. نه ئي هنن سڄي سنڌ ۾ موجود سنڌي سماج جي حالتن کي گهرائي کان ڏٺو، سنڌ جي اقتصادي وسيلن ۽ سماجي ضرورتن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪرڻ سبب هنن کي سنڌي سماج جي اندروني ڪيفيتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٽڪرائن جي به واقفيت نه ٿي سگهي. ساڳئي وقت تحقيق دوران کين سنڌ جي ماضي جي تباهه ٿيل علمي ذخيري مان معلومات وٺڻ جو به موقعو ملي نه سگهيو. نه ئي اسان جي محققن کي سنڌ جي قديم آثارن بابت ڪا مڪمل ڄاڻ ملي سگهي. جن سببن جي ڪري اسانجي محققن جون لکيل تاريخون اڌوريون رهجي ويون.
    اهڙي ريت صرف سنڌ جي تاريخ ۾ ارتقا جي منجهيل سوالن جا جواب موجود ناهن. پر اها ساڳي حالت پوري دنيا جي قومن جي ارتقا جي تاريخن جي آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت هيڏي ساري سائنسي ترقي جا دعويدار ترقي يافته ملڪ به پنهنجي تاريخي ارتقا جي سوالن جي ڳولا ۾ سرگردان آهن. اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو، ته هن وقت دنيا جي ڪا به قوم اهڙي ناهي،جنهن پنهنجي ارتقا جي سوالن جا سمورا جواب ڳولي ورتا هجن ۽ هو پنهنجي تاريخ کي مڪمل دستاويز سمجهندي هجي.
    جيئن ته تاريخ جي علم تي ٻين علمن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آڳاٽي وقت کان لکيو ويو آهي، پر هر محقق يا تاريخ نويس صرف واقعن جو پوتا ميل ڪيو آهي . انهي ڪري هن وقت تائين تاريخ کي انساني ارتقا جي سفر ۾ ڪيل پنڌ ۽ پيش ايندڙ واقعن جو تذڪرو ته چئي سگهجي ٿو، پر انهن واقعن جي ورجاءَ جي نتيجن ۽ انهن واقعن جي حال ۽ مستقبل تي پوندڙ اثرن بابت ڪي رهنما اصول طئه نه ڪيا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو تاريخ جي علمي حيثيت تي ڪيترائي سوال اٿندا رهيا آهن .
    تاريخ کي علمن جي ماءُ يعني ام العلوم به سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته تاريخ انساني تهذيبي ارتقا جي سموري سفر جي پنڌ جي وک وک جو دستاويز ۽ ياداشت نامو آهي. ٻئي طرف وري انساني ڄاڻ انهي ارتقائي پنڌ دوران اسانجي وڏڙن جي ڪيل مشاهدن ۽ عملي تجربن جو نچوڙ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ کي علمن کي جنم ڏيندڙ يعني علمن جي ماءُ سڏيو وڃي ٿو. ٻئي طرف وري تاريخ جي علم بابت اڃان انهي سوال جو جواب به مونجهاري جو شڪار آهي، ته تاريخ فن آهي يا سائنس ؟ تاريخ کي سائنس طور نه مڃيندڙن جو چوڻ آهي، اهي انساني عمل جيڪي بار بار ساڳيا نتيجا ڏيندا رهيا، انهن کي سائنسي علم جو درجو مليو. انهي حساب سان تاريخ جيئن ته ماڻهن جي ماضي جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آهي، جنهن جو تعلق صرف ماضي سان ئي رهي ٿو. تاريخ جا واقعا يا انساني تجربا جيڪي ٿي چڪا آهن، انهن جو تفصيل ته ڏيئي سگهجي ٿو. پر اهي واقعا ٻيهر نه دهرائجڻ سبب تجربي جو سامان مهيا نه ٿا ڪن. انهي ڪري اهي سائنس جي علم طور شمار نه ٿا ڪري سگهجن. ڇاڪاڻ ته سائنس انساني عملن جي بار بار دهرائجڻ ۽ وري وري ساڳيا نتيجا ڏيڻ بعد قاعدن ۽ قانونن جو طئه ڪندڙ ۽ تجربن مان گذريل علم آهي. جن قاعدن ۽ قانونن تحت بار بار نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. تنهن ڪري جيستائين ٻين سائنسي علمن وانگر تاريخي علم بابت قانون نه ٺهندا، تيستائين علم التاريخ کي سائنسي علمن ۾ ڳڻي نه سگهبو. انهي لاءِ تاريخ جي شعبي ۾ محققن کي اڃان به وڌيڪ نوان رويا ۽ کوجنا جا قاعدا ۽ اصول متعارف ڪرائڻا پوندا.
    حقيقت ۾تاريخ جو علم هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن کي ڳولا ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصري واري سائنس چئي سگهجي ٿو. پر انهي لاءِ تاريخ جي علم ۽ ان تي تنقيد ۽ تبصري لاءِ هيٺيان شرط ضروري لاڳو ڪرڻا پوندا.
    هاڻي اچو ته ڏسون ته لفظ تاريخ اصل ۾ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. لفظ هسٽري اصل ۾ ماهرن جي مختلف خيالن موجب مختلف معنائون رکي ٿو. پر لـُغت جي لحاظ کان فقط هڪڙي معنيٰ رکي ٿو. هسٽري لفظ يوناني زبان جي لفظ هسٽوريا مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ڳولا يا تلاش يا تحقيقات جي روشني ۾ حق يا سچ کي دريافت ڪرڻ..
    بهتر ائين ٿئي ها، جو مختلف رايا جوڙي مختلف زاوين ۾تاريخ لکڻ کان اڳ ۾،هسٽوريا لفظ کي سمجهي پنهنجي اصلوڪي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ها. ۽ انهي موجب سچ دريافت ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ها، ته هن علم جي باري ۾ وڌيڪ مونجهارا پيدا نه ٿين ها. پر شروع کان ائين نه ٿي سگهيو. جيڪڏهن لفظ هسٽوريا جي اصل معنيٰ کي سمجهي، تاريخ کي لکڻ شروع ڪيو وڃي ها، ته ۽ سچ جي ڳولا لاءِ سڀ علمي طريقا ۽ وسيلا ڪتب آڻجن ها، ته صحيح معلومات ۽ واقفيت گڏ ڪرڻ ۾آساني ٿي سگهي ها. يعني جيڪڏهن تاريخ جي معنيٰ فقط حق ۽ سچي ڳالهه لاءِ تجسس ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصرو ڪرڻ هجي ها، ته پوءِ انهن ڳوليل حقيقتن جو تفسير يا حقيقت جي ترجماني ٿي سگهي ها ، ۽ تاريخ جو علم پنهنجي کوجنا جي سفر ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويل هجي ها. جنهن ڳالهه تي اڄ به وڌيڪ سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ وري ضرورتن موجب تاريخي حقيقتن جي بيان ۽ تذڪري لاءِ ڪو ٻيو جدا لفظ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿئي، ته پوءِ رستو وڃايل ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو تاريخ جي حقيقتن بابت مختلف معنائن جي روشني ۾ سچائي معلوم نه ڪري سگهندا ،۽ هيءُ هنر ۽ علم جو جهيڙو ختم ٿي نه سگهندو. هن بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو جدا لفظ تاريخ نويسي يا انگريزي ۾ هسٽوريوگرافي آهي، جنهن جو مطلب تاريخ لکڻ جو فن يا هنر آهي. جنهن مان تاريخ بابت اهو چئي سگهبو ته تاريخ علم آهي، ۽ تاريخ نويسي هڪ هنر آهي.انهي ڏس ۾ تاريخ لکندڙن ۽ تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ محققن کي آئنده هيٺين اصولن جي روشني ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. .
    1 . واقعن جي ڳولا ڪرڻ : واقعن جي ڳولا ڪرڻ واري هن مرحلي ۾واقعن جي ٿيڻ جو زمانو، انهن جي ٿيڻ جا سبب ۽ انهي وقت جي حالتن موجب انهن واقعن ٿيڻ جي ضرورتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ انهن واقعن جي سماج تي پوندڙ اثرن سان گڏ، انهن جي مستقبل ۾ٿيندڙ نتيجن کي ڳنڍي، انهن کي موجوده وقت جي حالتن سان ڀيٽي، انهي نتيجي کي آئنده لاءِ سماجي تبديلين سان لاڳو ڪرڻو پوندو. جيئن ماضي ۾ ٿيل تاريخي واقعن کي قومن جي هلندڙ وقت يعني حال جي تجربن سان جوڙي سگهجي.
    2 . واقعن جي اصل سچائي کي ڳولڻ پرکڻ : تاريخ جي دستاويز ۾ ڄاڻايل سمورن واقعن ۽ انهن جي مثبت ۽ منفي پاسن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ. انهن واقعن جي سببن، ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ ۾ سنڌو يا حد قائم ڪري سچ ۽ ڪوڙ کي چٽو ڪرڻ سان گڏ انهن ماضي ۾ ٿيندڙ واقعن کي موجوده دور جي حالتن سان ڀيٽي، سماجي ارتقا جي رفتار جو ڪاٿو لڳائڻ کانپوءِ، انهن واقعن جهڙي ورجاءَ ۽ ٺهڪندڙ حالتن موجب مستقبل جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ. جنهن سان واقعن کي ورجاءَ جي نتيجن سان ڳنڍي ڪي اصول ٺاهي سگهجن. جن کي سائنسي قاعدن طور تسليم ڪيو وڃي .
    3 . تاريخي واقعن جي اصليت کي سمجهڻ : واقعن جي جانچ پڙتال ۽ ڳولا دوران سمورن پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ڳولي، انهن جي جوابن مان ڪارائتا نتيجا ڪڍي، مستقبل ۾ ايندڙ ممڪن سماجي تبديلين لاءِ رهنما اصول طئه ڪرڻ.
    4 .تحقيقات دوران لڌل شين جي جديد سائنسي چڪاس ڪرڻ : ماضي جي قديم آثارن مان ملندڙ سمورين شين کي خبرداري سان ڳولي گڏ ڪرڻ. سائنسي ٽيسٽ مان انهن شين کي گذاري سندن قدامت بابت راءِ قائم ڪرڻ. ماضي ۽ حال جي وچ ۾ گذريل وقت جي اندازي ڪرڻ بعد، انهن شين جي حال ۾موجود شين سان نسبتي ڀيٽ ڪري، مستقبل لاءِ انهن شين ۾ جدت آڻڻ جي ضرورتن کي چٽو ڪرڻ. جيئن انساني ارتقا جي رفتار موجب شين ۾ ايندڙ ممڪن تبديلين بابت ڪي رهنما اصول چٽا ٿي سگهن.
    5 .راءِ قائم ڪرڻ : مشاهدن جي خالي ذڪر ڪرڻ بجاءِ ،ڪيل مشاهدن بابت سنجيدگي سان غور ويچار ڪري نتيجن سان ڀرپور راءِ قائم ڪرڻ. جيئن اها راءِ اڳتي هلي صحيح مشاهدا ڪرڻ جي واٽ طور تسليم ٿي سگهي.
    6 . تاريخي واقعن جي زميني حالتن ۽ جاگرافيائي حالتن موجب ڇنڊڇاڻ ڪرڻ : ماضي ۾ مورخن ۽ محققن تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت زميني حالتن، جاگرافيائي تبديلين، موسمي اثرن سبب انساني لڏپلاڻ ۽ معاشي ٽڪرائن کي نظر انداز پئي ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو تاريخ جو علم صرف واقعن جي پوتاميل تائين محدود رهجي ويو. جڏهن ته انساني ارتقا جو سفر ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندو، ترقي جا اوچا مينار طئه ڪندو. انساني سماجي رابطن ۽ ضابطن کي سوڙهو ڪندو، موجوده گلوبل وليج جي حد تائين وڃي پهتو آهي. انسان جي مواصلاتي سائنسي ترقي ۾ حيرتناڪ اضافو انساني سماجي جوڙجڪ کي سخت متاثر ڪندو رهيو آهي. انهي ڪري واقعن جا اثر جاگرافيائي حدون ٽوڙي پري پري تائين اثرانداز ٿيندا رهيا. جن اثرن بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ ڇنڊڇاڻ نه ڪرڻ سبب تاريخ جو علم پنهنجي اصل حيثيت نه ماڻي سگهيو. انهي لاءِ مستقبل جي مورخن ۽ محققن کي تاريخ جي علم کي اهم حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. واقعن جي ذڪر ڪرڻ وقت انهن واقعن ٿيڻ جي زميني حالتن، جاگرافيائي اٿل پٿل، موسمي اثرن سبب پوندڙ سماجي اثرن جي دائري کي انهي وقت جي مواصلاتي ڳانڍاپي سان جوڙڻو پوندو. تڏهن وڃي تاريخ جو علم نتيجن جي بنياد تي سائنسي علم جو درجو حاصل ڪندو.
    تاريخ جي انهن ٻنهي حيثيتن کي چٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اسان کي نه فقط ماضيءَ جي صحيح ۽ سچي احوال جي گهرج آهي، بلڪه اسان کي ماضيءَ جي احوال جو بيان ۽ تذڪرو به خشڪ بي مزي صورت ۾ نه گهرجي. هن احوال جو بيان جيڪڏهن حسن ادب و فن سان سينگاريل ۽ وڻندڙ انداز ۾ هوندو ته تمام بهتر ٿيندو. ۽ تاريخ لکڻ يا انهي جي اهميت کي سمجهڻ جي لاءِ اسان جي دل ۾ چاهه ۽ ذوق وڌندو. حق ۽ سچ جي ڳالهه مونجهارن، ڪوڙ، مبالغي ۽ وڌاءُ کان سواءِ ادبي ۽ لساني استعارن، ڪناين، تشبيهن، صنائع ۽ بدايع سان سينگاري پيش ڪرڻ هميشه ممڪن ٿي سگهندو. بشرطيڪ مؤرخ پنهنجي علمي معيار کي ۽ تاريخي سچاين کي ادب و فن جي ديوي جي قدمن ۾ قربان نه ڪري ڇڏي. يا تحقيق جي ڏانءَ ۽ مليل مواد جي مونجهارن جي ڪاڪ محل جي رستن ۾ پنهنجي موضوع جي اهميت ۽ افاديت وڃائي نه ويهي رهي.
    هن وقت سنڌ پريشان ڪندڙ حالتن مان گذري رهي آهي. انهي ڪري ذهني پريشاني سبب ماڻهو سڪون حاصل ڪرڻ جي مصنوعي طريقن ڏانهن وڌي رهيا آهن، جيڪو رجحان اسانجي آئندي لاءِ ڪو سٺو سوڻ ناهي. اسانجي ادبي صنفن جي اوسر جي رفتار منفي رجحانن جي ور چڙهيل آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي جي ادبي تخليقن ۾ سنجيده فڪري لاڙا گهٽجي رهيا آهن. ادبي صنفن جي اوسر ۽ تعداد کي ڏسي انهي ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ مختلف ادبي صنفن ۾ شاعري جو عروج آهي، پر روزانه لکجندڙ شاعري جي صنفن ۾ تخليقي لاڙن بجاءِ خيالن ۾ پيروي جو رجحان وڌيڪ آهي . جيڪا ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي . ڇو ته پيروي جو رجحان غلامانه سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته پيروي جو رجحان حقيقت ۾ تخليق جي موت جو ثبوت آهي. جڏهن ڪنهن قوم جي اديب جي سوچ مان تخليقي سگهه ختم ٿي وڃي ، ته انهي قوم جو فڪري موت ٿي ويندو آهي. فڪري طور مرده قومون ئي اڳتي هلي جيئڻ جو حق وڃائي ويهنديون آهن. ساڳي ريت هن وقت تاريخ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ محقق اڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي رهيا آهن. هر سال شايع ٿيندڙ تاريخ ۽ تحقيق جي ڪتابن کي پڙهجي ٿو، ته ويتر من ۾ مانڌاڻ مچي ٿو. اسانجا محقق تاريخ جا ڪتاب لکڻ وقت، شين ۽ تاريخي حقيقتن کي ڳولڻ ۽ زميني حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ بجاءِ بند ڪمري ۾ ويهي ٽيبل تي ڪجهه اڳ ۾ لکيل تاريخ جا ڪتاب سامهون رکي، انهن مان اڳين مورخن جا لکيل ڪجهه ٽڪرا حوالي طور ڪتب آڻي نئون ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپائي پڙهندڙن تائين پڄائي رهيا آهن. جنهن سبب تاريخ جا پڙهندڙ ساڳيو ورجاءَ ڏسي تاريخ جي ڪتابن پڙهڻ کان پاسيرا ٿي رهيا آهن. جيڪو رجحان اسانجي نئين نسل کي تاريخ جي علم کان پري ڪري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه هر لحاظ کان نقصانڪار آهي.
    انهي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي، ته تاريخ نويسي جي فن ۾ دلچسپي رکندڙ محقق ڪتابن مان حوالا چونڊي انهن کي ترتيب ڏيئي نئون ڪتاب ميدان ۾ آڻڻ ۽ محقق سڏرائڻ جي شوق بجاءِ ، خود وڃي شين ۽ تاريخي ماڳن جو مشاهدو ڪن، زميني شاهديون ۽ نتيجا گڏ ڪري تحقيقي ڪتاب ميدان ۾ آڻي، تاريخ جي تحقيق ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪري نئين نسل ۾ تاريخ جي ڪتابن پڙهڻ جو چاهه ۽ شوق پيدا ڪن. جنهن سان نه صرف اسانجي اڌوري تاريخ مڪمل ٿيندي، پر نوجوانن ۾ پيدا ٿيل چاهه نوان محقق پيدا ڪندو ۽ اسان جي قوم تاريخ جي ياداشت واپس موٽائي وري نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجون ارتقائي منزلون طئه ڪري، دنيا جي قومن سان ڪلهو ملائي اڳتي هلي ۽ جيءَ سگهندي. جنهن ڳالهه جي هن وقت سخت ضرورت آهي.


    تاريخ نويسي ۾آرڪيالاجي جي اهميت

    تاريخ نويسي ۾آرڪيالاجي جي اهميت
    هن ڪتاب کي پڙهڻ وقت وڌيڪ ڪجهه ڳالهيون به اڳواٽ ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهن. جيئن اڳتي هلي هن ڪتاب جي مطالعي وقت سڀ ڳالهيون آساني سان سمجهه ۾ اچي سگهن. ڇاڪاڻ ته تحقيق جي ڪم جا ڪجهه اصول ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا ڪجهه طريقا آهن. جن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. جڏهن ڪو محقق ڪنهن علائقي بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ لاءِ قلم کڻي ٿو. ته هن کي شين ۽ زميني شاهدين مان نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ آرڪيالاجي جي ڄاڻ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. يا خود قديم آثارن، جاگرافيائي ۽ سماجي حالتن جي مشاهدي ڪرڻ وقت هن کي هر شئي کي سنجيدگي سان ڳولڻو، ڏسڻو، جانچڻو۽ پرکڻوپوي ٿو.
    آرڪيالاجي هڪ انگريزي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ ٿلهي ليکي قديم شين بابت ڄاڻ ۽ ماضي جي حالتن بابت سُڌ ۽ خبر چار وٺڻ آهي. اهڙي ريت هن شعبي جو واسطو تاريخ ۽ تحقيق سان جڙيل رهي ٿو. آرڪيالاجي جي روشني ۾ ٿيل تحقيق جي دائري ۾ اهي سڀ شيون اچي وڃن ٿيون ، جن جي اُپائڻ، ٺاهڻ ، ترتيب ڏيڻ يا استعمال ڪرڻ ۾ ماضيءَ جي انسان جو هٿ ۽ سندس ضرورتون رهيون هيون. هڪ طرف طريقي ۽ ترتيب سان هي علم تاريخ جي شاهدين کي گڏ ڪرڻ جي ڏاهپ مهيا ڪري ٿو، ته وري ٻئي طرف تاريخي ۽ زميني حالتن ۽ شين جي قدامت ، شين جي وجود ۾ اچڻ جي سببن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ جو به سبب بڻجي ٿو. بهرحال تاريخ ۽ آرڪيالاجي ٻنهي جو تعلق ماضيءَ سان آهي. ماضي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انسان جو دماغ آهي. انسان کان جيڪڏهن سندس ماضي کسيو وڃي يا سندس ياداشت ميسارجي وڃي، ته سندس حالت چريائپ واري ٿي ويندي. انهي چريائپ واري حالت ۾ هو اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻ جي لائق نه رهندو آهي. ياداشت وڃائڻ بعد هو پنهنجا سمورا رستا وڃائي ويهندو آهي ۽ سندس سوچ جي عمل مان تخليقي سگهه ختم ٿي ويندي آهي. آرڪيالاجي ۾ شين جو مطالعو ۽ مشاهدو هڪ مخصوص نموني سان ڪيو وڃي ٿو. هي شعبو پنهنجي تحقيقي ڪم جي پورائيءَ لاءِ ڪيترن ئي ٻين سائنس جي شعبن کان مدد وٺي ٿو، پر سندس دارومدار طبعي علوم سان وڌ ۾ وڌ لاڳاپيل رهي ٿو. انهي ڪري حاصل ڪيل ڄاڻ ۽ نتيجا ڪافي پڪا پختا ۽ سائنسي هجن ٿا، نه رڳو ايترو پر ٻيا ڪيترا علمي شعبا هن جي سهڪار سان پنهنجي تحقيق کي سگهارو ڪندا رهن ٿا. آرڪيالاجي سڀ کان وڌيڪ سائنس جي روشني ۾ هڪ هٿراڌو عمل يا عملي ترڪيب پڻ آهي، پر جيڪڏهن اسان هن کي فن يا اڃان به وڌيڪ فلسفو ڪري سمجهون، ته پوءِ ان ۾انساني زندگي ۽ انساني سماجي ارتقا بابت ڪيل باريڪ نقطن جي سائنسي تشريح جي روشني ۾سموري ترڪيب يا ترتيب کي به سمجهڻ ضروري ٿي پوندو آهي. جيئن ماضي بابت تفصيلي احوال بيان ڪري سگهجي. خاص ڪري گذريل وقت جي واقعن جي اصلي ڪارڻن ۽ انهن جي ٿيڻ جي سببن بابت ڄاڻڻ جو ذريعو به ثقافتي شين، قديم ماڳن مان ملندڙ ڪيترين ئي زميني شاهدين بابت غورويچار ڪري ۽ ملندڙ شين جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪري اصل معلومات گڏ ڪرڻ واري ماهراڻي ڏاهپ ئي آهي. انهيءَ حوالي سان آرڪيالاجي جو ماهر فني ٽيڪنيشن سان گڏ هڪ مترجم يا مفسر به آهي، جيڪو گم ٿيل يا خشڪ انساني فلسفي کي ماضيءَ ۾ ڏسي ٿو. آثار قديمه جو ماهر هڪ ئي وقت معلومات به گڏ ڪري ٿو، ته وري ساڳي وقت ڪيل مشاهدي مان مليل نئين ڄاڻ جي وضاحت ڪري، شين بابت يا ماضي ۾ ٿيل واقعن بابت ڄاڻ ۾ واڌارو به ڪري ٿو. توڙي جو ڪا به هنري ڄاڻ ، ماضيءَ جي تاريخ ۽ فلسفي جي جاءِ وٺي نٿي سگهي. نه ئي وري ان جو پوري طرح اڀياس ممڪن به آهي. ڇاڪاڻ ته ماضي لڪل هوندو آهي. انڪري هن وقت اسان تاريخ کي آرڪيالاجي جي روشنيءَ کانسواءِ صحيح طرح ڏسي نٿا سگهون. حالانڪ زندگيءَ جي ارتقا ، انسان جي سماجي ارتقا جي مختلف مرحلن بابت ڄاڻ يا زميني ۽ موسمي تبديلين جي اثرن جي تاريخ جو تمام وڏو حصو تاريخ جي دائري جي پهچ کان ٻاهر آهي. ڇو ته زمين تي آيل جاگرافيائي تبديلين ۽ موسمي اثرن سبب ڪافي شيون يا شاهديون ميسارجي چڪيون آهن. بهرحال گهڻي حد تائين ميسارجڻ جي باوجود به محققن طرفان کوجنا جو عمل جاري هئڻ سبب آرڪيالاجي جي تحقيقي دائري مان انهن گم ٿيل شين يا ميسارجي ويل شاهدين کي ڪڍي نه ٿو سگهجي..
    آرڪيالاجي جي کوٽائيءَ واري شعبي جو اهو ڪم آهي، جنهن جي مدد سان ته ماضيءَ جي شين ۽ تاريخي شاهدين کي ظاهر ڪري حال جي تجربيگاهه ۾ آڻي، اتي انهن جي جانچ جونچ ڪرڻ لاءِ بهتر حالت ۾ آندو وڃي ٿو ۽ پوءِ سائنسي طريقن سان پرکيو ۽ پرجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت انهن قديم شين سان لاڳاپيل زماني جي ماڻهن ۽ سندن زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻ حاصل ڪجي ٿي. جنهن سان ماضيءَ جي ڪن ڳالهين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
    انسان تخليقي طور زندگي جي وڏي وڻ جي هڪ اهم ٽاري آهي. هو عقلي بنيادن تي پنهنجي ارتقائي سفر ۾ ترقي ڪندو، ٻين ساهوارن کان اڳتي وڌندو رهيو. هن پنهنجي عقل جي بنياد تي ضرورت وارين شين جي ايجادن سان پنهنجي عملي سگهه ۾ اضافو ڪيو۽ پاڻ کان به سگهاري ٻي جيوت کي پنهنجي وس ۾ آڻي اڳتي وڌندو رهيو. آرڪيالاجي جو شعبو انسان جي ارتقائي سفر جو هڪ دفتر آهي، جنهن جي اڀياس جا طريقا صرف ماضيءَ جا رازکولڻ لاءِ ئي آهن. جن رازن کولڻ لاءِ آرڪيالاجي جي طريقن مان فائدو وٺي. انساني ارتقا جي سفري ڪارنامن تان وقت جي دز هٽائي، پنهنجي وڏڙن جي عملي ڪارڪردگي مان ٿيل نفعي ۽ نقصان جو ڪاٿو لڳائي، پنهنجي حال سان ڀيٽي هڪ طرف پنهنجي سماجي ارتقا جي رفتار جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، ته ٻئي طرف پنهنجي وڏڙن جي ڪيل غلطين مان سبق پرائي، پنهنجي روش کي سڌاري سگهجي ٿو، ۽ ٽئين طرف وري وڏڙن جي ڪاميابين مان اتساه وٺي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
    آرڪيالاجي اهو علم آهي، جو شين جي مدد سان انساني سماجي ارتقا جو اڀياس ڪري ٿو. هي شعبو اسان کي انسان جي جسماني ۽ سماجي ارتقا جي هڪ مرحلي کانپوءِ ٻئي مرحلي جي نشونما، تخليق، هنري، فڪري واڌاري ۽ ان جي نتيجي ۾ ماضيءَ جي معاشرن ۽ انهن ۾ آيل تبديلين بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. ماضي جا انسان اسان لاءِ گهڻو مواد ڇڏي ويا آهن. انهن کي ڏسڻ، فني ۽ فڪري لاڳاپن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن مان هڪ ذهين ماڻهوئي پنهنجي ڳولا، ڪيل مشاهدي مان سمجهه موجب نتيجا ڪڍي ماضي جي اهميت جو اندازو ڪري سگهي ٿو.
    . قديم آثارن جو ماهر زميني شاهدين ۽ ملندڙ شين سان ڳالهائي ٿو، موٽ ۾ وري اهي شيون ساڻس ڳالهائين ٿيون. ائين هو پنهنجي حاصل ڪيل معلومات ماڻهن اڳيان پيش ڪري ٿو. آرڪيالاجي ذريعي ئي تاريخي واقعن جي سچائي بابت شاهديون ملن ٿيون، جنهن جي روشني ۾ محقق پنهنجي راءِ قائم ڪن ٿا. اسان وٽ هن شعبي ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. جي جيڪڏهن ڪو ڪم ٿيو به آهي، ته انهي کي پنهنجي تاريخ لکڻ وقت انهن شاهدين کي شامل ڪرڻ جورواج نه هئڻ جي برابر آهي، يا ائين کڻي چئجي، ته اسان وٽ آرڪيالاجي ۽ تاريخ نويسي هڪٻئي کان الاهي پري ۽ هڪٻئي لاءِ اوپرا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ اڻ مڪمل آهي.
    حقيقت ۾ محقق جي تحقيقي ذميوارين ۾ اها ڳالهه شامل هئڻ گهرجي، ته هو اڳ ۾ لکيل مواد کي ٻيهر اتاري، دوباره لکڻ جي بجاءِ اڳئين لکيل مواد کي پڙهي، انهي مطالعي جي روشني ۾ پنهنجا ذاتي مشاهدا ڪري شين کي ٻيهر جانچي، آرڪيالاجي جي اصولن موجب ڇنڊڇاڻ ڪري، تاريخي واقعن کي مليل شاهدين جي روشني ۾سمجهڻ کان علاوه واقعن ٿيڻ وقت جاگرافيائي تبديلين ۽ انهن جي زندگي تي پيل اثرن تي به غور ويچار ڪري، پوءِ ڪا پنهنجي راءِ قائم ڪري. جنهن تحقيقي انداز سان ئي تاريخ جي تحقيقي سفر ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
    تاريخ نويسي هڪ فن به آهي، ته سائنس به آهي. انهي ڪري جيستائين اسان جديد علمي ضرورتن کي نظر ۾ رکي تاريخ لکڻ جو ڪم نه ڪنداسين، تيسيتائين تاريخ جي علمي حيثيت اجاگر نه ٿيندي ۽ نتيجي ۾ اسان جا ايندڙ نسل تاريخ جي علم ۾ روايتي ورجاءَ ۽ نئين ڄاڻ نه ملڻ سبب دلچسپي نه وٺندا، جنهن سبب تاريخ جو علم هميشه لاءِ ڪٻاڙخاني ۾اڇلائجي ويندو. جيڪو هڪ تمام وڏو نقصان ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ تاريخ قومن جي ماضي ۽ وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن جو رڪارڊ آهي، ماضي جو ذڪر يا ماضي بابت ڄاڻ سان قومن جي ياداشت سگهاري ٿيندي آهي. هر اها قوم ترقي جي رفتار ۾ اڳتي وڌندي آهي، جنهن قوم کي پنهنجي تاريخي ناڪامين، محرومين، مجبورين، ذلتن، ڪيل غلطين جي نتيجن ۽ انهن نتيجن مان سبق حاصل ڪندي ماڻيل ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي آهي. هو پنهنجي تاريخ سان پيار ڪندي، ماضي ۾ ڪيل قومي غلطين کي ٻيهر ورجائڻ بجاءِ پنهنجي ڪاميابين ۽ پنهنجي قومي هيرن جي ڪارڪردگي مان اتساهه وٺي اوچي ڳاٽ سان اڳتي نڪري ويندي آهي. پر ڪا به قوم پنهنجي تاريخ کان بي خبر رهي، پنهنجي ماضي جي ياداشت وڃائڻ بعد چريائپ ۾ اڳتي وڌي منزل ماڻي نه سگهندي آهي.


    ٿرڪول جي بلاڪ 2 جون ارضياتي رپورٽون

    ٿرڪول جي بلاڪ 2 جون ارضياتي رپورٽون

    ٿرڪول جو ارضياتي گراف


    ٿرڪول جو اندروني ارضياتي خاڪو

    Geological Map Of The Nangar Parkar Lgneous Complex
    ( Modified after But et al.,1994 ;Jan et al.,1997;Muslim et al., 1997: And Rizvi et al.,2006)
    ننگرپارڪر جو ارضياتي نقشو
    مٿي ڏنل رپورٽن بابت وضاحت : ضلعي ٿرپارڪر جي شهر اسلام ڪوٽ ڀرسان ڪوئلي جي ڪڍڻ لاءِ بلاڪ نمبر 2 ۾کليل کوٽائي ڪئي ويئي آهي. جنهن مان ٿر جي زمين جي اندرين ڳجهن جي باري ۾ پهريون ڀيرو معلومات منظر عام تي آئي آهي. جنهن سان محققن لاءِ تحقيق جا نوان گس کلندا. انهي ڄاڻ مان سرسوتي جي ريگستاني علائقن جي ٺهڻ جي سببن بابت ڪافي حقيقتون سامهون آيون آهن. انهي ڪري انهن رپورٽن ۽ انهي کان اڳ ۾ ٺاهيل ننگر پارڪر جي ارضياتي نقشي کي پڙهڻ ضروري ٿيندو. جيئن اڳتي هن ريگستاني علائقي بابت رپورٽن جي روشني ۾ نتيجا ڪڍڻ آسان ٿين.
    ٿر ڪول جي انهن ارضياتي رپورٽن ۾ڪجهه دورن جو ذڪر آهي انهن دورن بابت وضاحت ڪرڻ ضروري آهي. جيئن پڙهندڙ انهن اوپرن ۽ غير مانوس لفظن ۽ دورن کان واقف ٿي سگهن . جيئن رپورٽ ۽ نتيجا سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي، اهي دور هيٺ ڏجن ٿا.
    پري ڪيمبرين : ڪيمبرين دور کان اڳيون دور جيڪو تقريبن ٻه ارب سال (200 بلين سال) کان اڳ شروع ٿيو، ۽ سٺ ڪروڙ سال (600 ملين سال) اڳ تائين ڳڻيو وڃي ٿو. هن دور ۾ قديم جبل ۽ ٽڪريون ٺهڻ شروع ٿيون ، هن دور ۾ ڌرتي مان اندران ڪيترائي ٻرندڙ جبل ڦاٽي نڪتا هئا. هن دور ۾ زندگي جي به شروعات ٿي. پر اها اوائلي زندگي تمام گهٽ تعداد ۾ موجود هئي .
    ڪريٽاسيوس : هي زمانو چوڏهن ڪروڙ سال (140 ملين سال) اڳ کان ست ڪروڙ سال (70 ملين سال) اڳ تائين ڳڻيو وڃي ٿو. هن دور ۾ ڌرتي جي مٿانهين ٿڌي ماحول ۽ اندروني گرمي جي رد عمل سبب جبلن ۾ اوڀار آيا ۽ سندن اوچائي ۾ اضافو ٿيو. هن دور ۾ زندگي جي پهرين قدمن جا نشان ڌرتي تي لڳا.
    ايوسين : هي دور پنج ڪروڙ ستر لک سال (57 ملين سال) اڳ کان 3 ڪروڙ پنجٽيهه لک سال (35 ملين سال) اڳ تائين ڳڻيو وڃي ٿو. هن دور ۾ کرن وارا جانور پيدا ٿيا. هن دور ۾ ڪجهه اهڙا جانور به پيدا ٿيا. جيڪي هٿن ۽ پيرن ۾ شيون جهلي سگهندا هئا ۽ وڻن جي ٽارين کي جهلي ٽپا به ڏيئي سگهندا هئا. ڪجهه اهڙن جانور جي جسماني بناوت ۽ ميڄالي جو وزن به ماڻهو سان ملندڙ جلندڙ هو.
    ڪواٽرنري : هي دور اڄ کان ويهه لک سال (2 ملين سال) اڳ کان شروع ٿي. اڄ تائين جاري آهي. هن دور ۾ موجوده ڌرتي جي سموري مانڊاڻ جي شروعات ٿي. هن دور ۾ برفاني ۽ گرم دور شروع ٿيا. جيڪي تحقيق موجب هيل تائين اٺ چيا وڃن ٿا ، يا جن جون نشانيون ۽ شاهديون مليون آهن. ڌرتي تي موجود اڪثر پنڊپهڻ ٿيل جسم هن ئي دور جي موسمي اثرن جي شاهدي ڏين ٿا.
    ٿرڪول جي بلاڪ 2 جون ارضياتي رپورٽون جيڪي جديد سائنسي انداز ۾ مٽي ۽ اندر موجود شين جي ريڊيو ميٽرڪ ڊيٽنگ موجب ڪاربان ڊيٽنگ ٽيسٽ ۽ فاسلز ۽ ووڊ اسٽيٽمينٽ ڊيٽنگ جي بنيادن تي عالمي سائنسي ماهرن ۽ مقامي ماهرن گڏجي تيار ڪيون آهن. انهن موجب ٿر ۾ موجود واري جون ڀٽون ڪوارٽرنري دور ۾ ٺهيون جن جي عمر ويهه هزار سال آهي، انهن ڀٽن جي هيٺان ڪٿي ڏيڍ سئو فوٽ ته ڪٿي هڪ سئو پنجهٺ فوٽن تي پاڻي جو پنڌرهن کان ارڙهن فوٽن جو هڪ تهه موجود آهي. جيڪو پاڻي برساتن سبب اتي گڏ ٿيندو رهي ٿو. جنهن پاڻي مان ٿر جا ماڻهو کوهه کوٽي پاڻي استعمال ڪن ٿا. هن پاڻي جو تهه به ڪواٽرنري دور جو آهي، هن جي عمر چاليهه هزار سال آهي. انهي پاڻي جي هيٺان مٽي ۽ واريءَ جا گرمي ۽ هيٺئين طرف پريشر وارا ٻه تهه آهن، پهريون تهه ڪٿي ٻه سئو چاليهن فوٽ ، ته ڪٿي ٻه سئو_ڏهن فوٽن جو آهي. اهو تهه واري، سنهي مٽي،۽ ريتي وارو آهي. ۽ انهي جي هيٺان ٻيو تهه جيڪو نج دريائي واري جو آهي انهي تهه جي ٿولهه ڪٿي پنڌرهن فوٽ ته ڪٿي وري ٻارهن فوٽ آهي. اهي ٻئي تهه به ڪواٽرنري دور جا ۽ پنج لک سال پراڻا آهن. انهي جي هيٺان وري پاڻي جو تهه آهي، جنهن جي ٿولهه ڪٿي ٽيهه فوٽ ته ڪٿي پنجيتاليهه فوٽ آهي. انهي جي هيٺان ڪوئلي، چينيءَ مٽي، ۽ ڪاربان جي سنهڙن ذرڙن جو هڪ گڏيل تهه آهي. هن مٽي جي تهه مان پاڻي گذري نه ٿو سگهي. جنهن سموري تهه جي ٿولهه ڪٿي ٻه سئوچاليهه فوٽ ته ڪٿي ٻه سئو ستر فوٽ آهي. جيڪو تهه ايوسين دور ۾ ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳي هتي جي گهاٽن ٻيلن جي آڪسيجن جي کوٽ سبب سڪي وڃڻ ۽ پوءِ انهي جي مٿان مٽي جي وري وڃڻ بعد مٿئين مٽي جي دٻاءَ ،گئسن جي ڪيميائي عمل مان گذري انهي حالت ۾ پهتو آهي. انهي ڪوئلي واري تهه جي هيٺان وري پاڻي جو تهه آهي. جيڪو ڪٿي نوي فوٽ ته ڪٿي هڪ سئو ويهه فوٽ ٿلهو آهي. انهي جي هيٺان گرينائيٽ (Granite ) جو تهه آهي. جيڪو پري ڪئمبرين دور ۾ اڄ کان هڪ ارب سال (100 بلين سال) اڳي زير زمين زميني پليٽن جي چرپر سبب سمنڊ اندر ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ۽ لاوي جي مٿي اچڻ ۽ ان لاوي جو پاڻي ۾ مليل لوڻ سان گڏجڻ ۽ پوءِ ڄمڻ جي عمل مان گذري گرينائيٽ جو هڪ تهه بنجي ويو، وري ڪريٽاسيوس دور ۾ يعني چوڏهن ڪروڙ سال اڳ اهو لاوي مان جڙيل گرينائيٽ جو تهه تيزي سان مٿي اڀرڻ شروع ٿيو ۽ سوين فوٽ مٿي اچي جبل جو روپ اختيار ڪيائين. انهي گرينائيٽ جا رنگ گلابي۽ ٻين رنگن مائل آهن. انهي کان هيٺ ارضياتي سروي نه ٿيڻ سبب خبر ناهي ته ڇا آهي؟
    ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي ارضياتي رپورٽن ۾ ڄاڻايل ڳالهين مان هيٺيون حقيقتون پڌريون ٿيون آهن. جيڪي اڳتي هلي تحقيق جي دنيا لاءِ نوان گس کولينديون. انهي ڪري اچو ته انهن رپورٽن جي بنياد تي ڪجهه نتيجا حاصل ڪري پوءِ اڳتي وڌون.
    پهرين ڳالهه ته اڄ کان هڪ ارب سال اڳ يعني پري ڪيمبرين دور۾ ڌرتي تي پاڻي موجود هو، جيڪو لوڻياٺو هو. انهي وقت زلزلن اچڻ سان پاڻي جي اندر موجود ٻرندڙ جبل ڦاٽا ۽ نتيجي ۾ لاوو زمين کان ٻاهر نڪري لوڻياٺي پاڻي ۾ اجهامڻ سبب ميگما ايسڊڪ عمل مان گذري گرينائيٽ جي تهه ۾تبديل ٿيو.
    انهي ڳالهه مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته انهي وقت زمين تي موجود ماحول جي گئسن جي رد عمل جي نتيجي ۾ برساتن جو دور شروع ٿيو. جنهن سبب پکڙيل پاڻي زميني ۽ فضائي ڪيميائي مادن جي ملڻ سبب نمڪين ٿيو. انهي ئي دور ۾ زمين جي اندروني پليٽن ۾ چرپر پيدا ٿي. ۽ زلزلن جو دور شروع ٿيو، جنهن سلسلي جي ڪڙي هي زلزلو به هو. زلزلن جي ڪري زمين مان ڦاٽي نڪتل لاوو زمين جي مٿاڇري تي موجود برساتي لوڻياسي پاڻي ملڻ سان گرينائيٽ جو تهه ٺهيو. ٻي ڳالهه ته ڪريٽاسيوس دور ۾ انهي پکڙيل گرينائيٽ جي تهه ۾ تيزي سان اڀار آيو، جنهن سبب پکڙيل لاوي جو تهه مٿي اچي سوين فوٽ ٿلهو ۽ اوچو ٿي ويو.
    انهي ڳالهه مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته پکڙيل پهرئين لاوي جي تهه تي بعد ۾ آيل ڪنهن ڊگهي برساتي دور سبب ڌرتي جي مٿاڇري تي مٽي جو تهه چڙهيو، جنهن سبب ننڍين پاڙن وارا ٻوٽا اڀڙي آيا ، ۽ پوءِ مٽي جي تهه ٿلهي ٿيڻ بعد گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگ اڀڙي آيا، جيڪي سڀ برساتي پاڻي، دريائي وهڪرن ۽ ڪوهستان مان آيل برساتي پاڻي جي هن طرف ايندڙ وهڪرن سبب اڀڙيا، ساوا رهيا ۽ ٻيلا ٿي ويا. جن مان نڪتل آڪسيجن سبب ڌرتي جي مٿاڇري تي ٿڌ وڌي ۽ گرينائيٽ جي تهه ۾ سوين فوٽن جو اوڀار آيو. جنهن جي شاهدي ڪارونجهر جبل جي سلسلي جون ڌار ڌار بيٺل هڪ سئو نوَ ٽڪريون ۽ ٿر ڪول ايريا جي آسپاس پنجيتاليهه ٻيون ننڍڙيون ٽڪريون ڏين ٿيون. انهن ڳالهين جي پڪي شاهدي گرينائيٽ جي مٿان بيٺل پاڻي جو ڪٿي هڪ سئو ويهه فوٽ ته ڪٿي نوي فوٽ جو تهه ڏيئي رهيو آهي. انهي کان سواءِ انهن گهاٽن جهنگلن ۽ ٻيلن جي آڪسيجن جي کوٽ سبب سڪي وڃڻ ۽ مٽي ۾ دٻجي وڃڻ جي شاهدي ڪوئلي جي ذخيرن جي شڪل ۾ اڄ ٿر ڪول ايريا ۾ موجود آهن. انهن وڻن جي اوچتي آڪسيجن ختم ٿي وڃڻ ۽ سڪي وڃڻ جو سبب ڪريٽاسيوس دور ۾ آيل اهو گرينائيٽ جي تهه جو اوڀار هو، جنهن ٻرندڙ جبلن جيان ڦاٽي مختلف جاين تي ڪارونجهر جي ٽڪرين ۽ آسپاس جي ننڍڙين جابلو ٽڪرين جي صورت ورتي. جنهن سبب لاوي ۽ باهه پکڙڻ سبب ۽ دونهين پيدا ٿيڻ سان آڪسيجن ختم ٿي ويئي، نتيجي ۾ اهي گهاٽا ٻيلا سڙي ۽ سڪي ويا. انهن ٻيلن جي سڙڻ جي عمل جي شاهدي ڪوئلي واري تهه ۾ چيني مٽي ۽ ڪاربان ۽ سڪڻ جي شاهدي ڪوئلو ڏيئي رهيا آهن. جيڪي سڀ شيون ڪوئلي جي ذخيرن واري ڪٿي ٻه سئو ستر فوٽ ته ڪٿي ٻه سئو چاليهه فوٽ ٿلهي تهه ۾ موجود آهن. جيڪو سمورو عمل ايوسين زماني ۾ پنج ڪروڙ ستر لک سال اڳ ٿيو هو. انهي بعد وري برساتن سبب پاڻي جي وهڪرن جو دور هليو، جنهن جي شاهدي ڪوئلي جي ذخيرن مٿان پاڻي جو پنجيتاليهه فوٽن کان ٽيهه فوٽن جو تهه ڏيئي رهيو آهي. انهي بعد وري خشڪ دورن ۽ برساتي ۽ دريائي دورن جو دور هلندو رهيو. جنهن جي شاهدي پهرئين پاڻي جي هيٺان ڪٿي ٻه سئو ويهه ته ڪٿي ٻه سئو ايڪيهه فوٽن وارو ٿلهو ، ريتي ، واريءَ ۽ سنهي مٽي وارو تهه ۽ انهي جي هيٺان گڏوگڏ ڪٿي پنڌرهن فوٽ ته ڪٿي ٻارهن فوٽ دريائي واريءَ وارا تهه ڏيئي رهيا آهن. جيڪي ٻئي تهه پنج لک سال اڳ ٺهيا. انهي جي مٿان موجوده دور جي برساتن جو پاڻي جيڪو چاليهه هزار سالن کان گڏ ٿيندو اچي، جنهن تي هن دور جي ماڻهن جا کوهه موجود آهن، ۽ انهن جي مٿان واري جون ڀٽون جيڪي ارضياتي رپورٽن موجب گذريل ويهه هزار سالن کان موجود آهن.
    ٿر ڪول جي ارضياتي رپورٽن مان حيران ڪندڙ صحيح سائنسي معلومات ۽ انهي معلومات مان اخذ ڪيل نتيجن جي روشني ۾ هن ڪتاب جي ايندڙ موضوعن تي غور ويچار ڪري ڪي وڌيڪ نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، جيئن هن ڪتاب جي موضوعن کي سائنسي انداز ۾ ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري، هنن موضوعن تي آئنده لکڻ وارن محققن لاءِ ڪي تحقيقي بنياد رکي سگهجن. جنهن سائنسي انداز ۾ ٿيل تحقيق ئي اڳتي هلي، تاريخ جي علم کي سائنسي علم جي درجي ڏيارڻ ۾ مددگار ٿيندي.


    ڪارونجهر جبل بابت ارضياتي سروي مان اٿندڙ نوان سوال

    ڪارونجهر جبل بابت ارضياتي سروي مان اٿندڙ نوان سوال

    هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي جو موضوع آهي “ سرسوتي تهذيب ” انهي ڪري تحقيقي ضابطن ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي، اسان کي سرسوتي تهذيب جي بنيادي ڳالهين کي سمجهڻو پوندو. ته سرسوتي تهذيب تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ سرسوتي تهذيب ڇا آهي؟ اها ڪيئن وجود ۾ آئي؟ سرسوتي تهذيب ڪهڙن جغرافيائي تبديلين ، حالتن . موسمي اثرن ، مان گذري نڪري نروار ٿي؟ سرسوتي تهذيب ۾ زندگي جي اوسر ۽ ارتقا جا مرحلا، سرسوتي تهذيب ۾ انساني سماج جا مختلف ارتقائي مرحلا ۽ انساني ڪارگذاريون، سرسوتي تهذيب جي مذهبي رجحانن ۽ تخليقي اندازن بابت غور ويچار، سرسوتي تهذيب جي ماڻهن جو معيار زندگي ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ اقتصادي سرگرميون، مختلف سياسي سماجي ٽڪراءُ، هٿيار بند ويڙهون، قديم شهرن جي اڏاوت وغيره موضوعن تي مشاهدن ۽ مطالعي جي روشني ۾ غور ويچار ڪري، سرسوتي تهذيب بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. سرسوتي جيئن ته هڪ قديم ندي هئي، جنهن جي ڪنارن تي هن تهذيب جنم ورتو. سرسوتي ندي هماليا جبل مان وهي نڪرندي هئي، ۽ سندس آخري ڇوڙ ڪارونجهر جبل جي آسپاس مختلف جاين وٽ يا گجرات جي رڻ ڪڇ واري قديم سمنڊ ۾ ٿيندا رهيا. انهي ڪري . سڀ کان پهريائين ڪارونجهر بابت ڄاڻڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر کڻي جو هماليا کان پوءِ وجود ورتو، پر ڪارونجهر کان اڳ ۾ هتي پاڻي موجود هو، انهي پاڻي تي زندگي جي به ڪا نه ڪا شڪل موجود هوندي. جنهن جي به ڳولا ڪرڻ ضروري آهي. انهي لاءِ تحقيقي ادارن جو هتي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته سڀ کان پهريائين ڪارونجهر بابت ڄاڻڻ کان شروعات ڪجي.
    ڪارونجهر جبل دنيا جي قديم جبلن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جي عمر بابت ماهرن جو چوڻ آهي، ته هي جبل اڍائي ارب سال اڳ وجود ۾ آيو. جڏهن ته ڪي ماهر هن جي عمر ٽي ارب سال به لکن ٿا. پر تازو ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي کليل کوٽائي مان جيالاجي جي ماهرن حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ڪيو آهي، ته هڪ ارب سال پهرين هتي سمنڊ موجود هو. جنهن مان هڪ زلزلي دوران هڪ زير زمين ٻرندڙ جبل ڦاٽي نڪتو. جنهن جو لاوو مٿي فضا ۾ اڏامي واپس لوڻياٺي پاڻي ۾ ڪري ٿڌو ٿيڻ بعد گرينائيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن جو وڏو حصو ٿرڪول جي هيٺان موجود آهي. وري چوڏهن ڪروڙ سال اڳي انهي پکڙيل گرينائيٽ جي تهه جي مٿان برساتي دور آيو. انهي برساتي پاڻي جي سبب آيل وهڪرن انهي گرينائيٽ جي تهه کي مٽي ۽ واري سان ڍڪي ڇڏيو. ساڳئي ئي برساتي ڊگهي دور دوران انهي مٽي ۾ وڻ ٻوٽا ڦٽي نڪتا ۽ گهاٽا ٻيلا ٿي ويا. انهن پيدا ٿيل گهاٽن ٻيلن ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ آڪسيجن جي مقدار ۾ اضافوٿيو. جيڪو اڳتي هلي زميني مٿاڇري تي ٿڌ جو سبب بڻيو، جنهن ٿڌ جي رد عمل ۾ ڌرتي جي اندروني گرمي جي شدت وڌي ويئي. جنهن رد عمل ۾ گرينائيٽ جي تهه تيزي سان مٿي اڀرڻ شروع ڪيو. جنهن سان هن تهه جي اوچائي ۾ سوين فوٽن جو اضافو ٿيو. اهو گرينائيٽ جو تهه ڪٿي وڌيڪ دٻاءَ وارن هنڌن تي اوڀار کائي ڪارونجهر جي هڪ سئو نوَ ڌار ڌار ٽڪرين جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. انهي ڳالهه جي پڪ انهي ڳالهه مان ٿئي ٿي، ته ارضياتي رپورٽن موجب زمين جي اندر موجود گرينائيٽ جا رنگ گلابي ۽ ٻين رنگن تي مائل آهن. ساڳي ريت ڪارونجهر جي ٽڪرين جي گرينائيٽ ۾به گلابي رنگ وڌيڪ موجود آهي. جيڪا ڳالهه ڪارونجهر کي ٿرڪول جي هيٺان موجود انهي هيٺئين گرينائيٽ واري ٿلهي تهه سان ڳنڍي ٿي. انهي رپورٽ جي روشني ۾ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، انهي جو مٿانهون حصو ڪارونجهر جي شڪل ۾ ڌرتي تي موجود آهي. تازي انهي اهم انڪشاف بعد خود ڪارونجهر جي عمر بابت سائنسدانن جي ڏنل راءِ تي سواليه نشان اچي ويو آهي. ساڳئي وقت ڌرتي تي آيل مختلف دورن ۽ حياتيات بابت به ڪافي مونجهارا پيدا ٿيندا. ٿر ڪول جي ارضيات جي ماهرن موجب ڪارونجهر جي جاءِ تي لوڻياسي پاڻي جو سمنڊ موجود هو، جنهن پاڻي تي وڏا جهنگ ۽ ٻيلا اڀڙي چڪا هئا. اوچتو پاڻي اندر زير زمين ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سان لاوو مٿي اڏامي پاڻي ۾ ڪريو، جنهن سبب گرمي ۾ اتي موجود پاڻي ٻڙڪڻ ۽ ٻاڦ ٿيڻ بعد سڪي ويو، ڪيترو عرصو هي علائقو ڌٻڻين سان ڀرپور رهيو، گرمي وڌي وڃڻ ۽ وڻن ٻوٽن کي باهه لڳڻ سبب آڪسيجن ختم ٿي ويئي، اتي موجود جهنگ ۽ ٻيلا به سڙي ۽ سڪي ويا. جيڪي بعد ۾ ڌرتي جي ماحول ۾ گئسن سبب آيل برفاني ۽ گرم دورن جي لڪ لڪوٽي ۾ دٻجي ويا، ائين مٿان دريائي ريٽ اچڻ ، اندروني گرمي ۽ دٻاءَ ۾ ڪيميائي تبديلين ۽ ردعملن جي نتيجي ۾اڄ کان پنج ڪروڙستر لک سال اڳ تائين اهي دٻيل گهاٽا ٻيلا ڪوئلي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويا. جيڪو ڪوئلو، ٿر ڪول ۾ موجود آهي. اهي ذخيرا پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڇو ته ڪوئلي سان گڏ زير زمين مٺي پاڻي جو سمنڊ موجود آهي.
    انهي رپورٽ بعد ڪيترائي سوال پيدا ٿيا آهن. پهريون سوال ته ڇا ڌرتي تي هڪ ارب سال اڳ پاڻي جو وجود موجود هو؟ انهي پاڻي تي اوڀڙ اڀڙڻ ۽ انهي جو ارتقائي مرحلا طئه ڪري وڏن گهاٽن جهنگن ۾ تبديل ٿيڻ جو عرصو به شامل ڪجي، ته پوءِ ڌرتي جي ڪٿيل عمر ڪيتري وڃي بيهندي؟ وڻن جي گهاٽن جهنگلن مان پيدا ٿيندڙ آڪسيجن جي گهڻائي سبب بي انداز پاڻي جي موجودگي سبب جهنگلي جيوت ، جيت جڻيا به موجود هوندا. انهن بابت به ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. اهم سوال اهو به آهي، ته جڏهن هماليا جبل جي عمر ساڍا چار ارب سال ڪٿي ويئي آهي، پر هماليا جبل جي اوچائي ستيتاليهه ڪروڙ سال اڳ ۾ آيل زلزلن ۾ زميني پليٽن جي شدت سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ وڏي زلزلي بعد آئي، ته هماليا جي اوچي ٿيڻ کان اڳ ۾ يعني هڪ ارب سال اڳ هتي موجود لوڻياسي پاڻي جو سمنڊ ڪٿان آيو. انهي پاڻي جي ذخيري جي پيدا ٿيڻ جا ذريعا ڪهڙا هئا . مطلب ته ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي کوٽائي، ڌرتي جي تاريخ بابت ڪيترن ئي اهم سوالن کي جنم ڏنو آهي. جن بابت اڳتي هلي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ٿيڻي آهي. بحرحال تازي تحقيق موجب ڪارونجهر جبل اڍائي يا ٽي ارب سال قديم نه پر چوڏهه ڪروڙ سال قديم آهي. شايد انهي حساب سان هي دنيا جو سڀ کان قديم ترين گرينائيٽ جوجبل آهي. وڏي ڳالهه جيڪا ڪارونجهر جي جابلو سلسلي جي ٽڪرين ۾ مشاهدي سان معلوم ٿئي ٿي. سا اها آهي ته هن جابلو سلسلي جي هڪ سئو نوَ ٽڪرين ۾ هر هڪ ٽڪري جي ايڪالوجي ڌار ڌار آهي. انهن ٽڪرين ۾ موجود جيوت ۾ به فرق آهي. جيڪا ڳالهه حيران ڪندڙ آهي. تحقيق جي حساب سان هن جبل جي اهميت وڌي ويئي آهي. انهي ڪري دنيا جي تحقيقي ادارن کي هن جبل جو گهرائي سان معائنو ڪري، تاريخ ۽ جاگرافي جي منجهيل سوالن جا جواب مهيا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي .


    هماليا جبل جو تاريخي جائزو

    هماليا جبل جو تاريخي جائزو
    ڪارونجهر جبل جي انهي مٿي ذڪر ڪيل قدامت ۽ انهي نئين جديد ارضياتي رپورٽن جي انڪشاف مان اٿندڙ سوالن جي جواب حاصل ٿيڻ تائين اچو، ته پراڻي تحقيق موجب ڳالهه کي اڳتي وڌائجي. انهي لاءِ اسان کي اڳ ۾ ڪيل تحقيقن جو سهارو وٺڻو پوندو. اڳتي ڳالهه کي وڌائڻ لاءِ اسان کي ارضياتي ماهرن جي چوڻ موجب ڌرتي ۾ آيل تبديلين کي به ڏسڻو پوندو. جيئن اسين انهي ڳالهه جي تهه تائين پهچي سگهون. ارضياتي ماهرن جي چوڻ موجب اڄ کان ساڍا چار ارب سال اڳ ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو. جنهن سبب هماليا جي جبلن جو سلسلو وجود ۾ آيو. يعني هماليا جبل ڌرتي تي موجود جبلن ۾ قديم جبلن ۾ شمار ٿئي ٿو. پر تازي تحقيق بعد هماليا جو اوچي جبل جووجود ڪارونجهر جبل کان اڳ ۾ ظاهر ٿيو. ان بعد ڌرتي تي ماحولياتي گئسن سبب آيل برفاني دورن جي پڇاڙي ۽ گرم دورن جي شروعات ۾ زير زمين زميني پليٽن جي چرپر سبب انهي جبل جي شڪل ۽ اوچائي ۾وقت بوقت تبديليون اينديون رهيون. زميني ماهرن جي اها به راءِ آهي، ته ستيتاليهه ڪروڙ سال اڳ ۾ ڌرتي تي وڏن زلزلن جو دور آيو. جنهن سبب هماليا جي اوچائي ۾ واڌ آئي. انهي کان سواءِ هماليا بابت به ٻيو ڪو تحقيقي تاريخي مواد موجود ناهي. البت انديشن، انومانن ۽ مذهبي قديم ڪتابن ۾ ڏنل ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ هماليا جي وجود جي نشاندهي بابت ڪجهه مواد موجود آهي. پر انهي مواد جي به ڪا سائنسي بنيادن تي تحقيقي کوجنا نه ٿي آهي. نه ئي ڪا حتمي راءِ جڙي سگهي آهي. انهي ڪري بين الاقوامي تحقيقي ادارن کي هن طرف توجهه ڏيڻ گهرجي. انهي ڏس ۾ اڃان صرف هڪڙي ڪوشش جي سلسلي ۾ سال 1950ع ۾ ڪولمبو پلان منصوبي تحت ڪئنيڊا جي ماهرن ڌرتي جا فضائي فوٽو ڪڍيا هئا. انهن ڪولمبو پلان جي نقشن جو تعداد اڍائي سئو کن آهي. جن فوٽن ۽ نقشن مان به اها تصديق ٿئي ٿي، ته هماليا ۽ ڌرتي جي ٻين حصن ۾ زلزلن سبب مختلف جغرافيائي تبديليون آيون. ڌرتي جي مٿاڇري تي زلزلن سبب وڏا ڏار به پيا، جيڪي ڏار هماليا ۾ به پيا. اڳتي هلي انهن پيل ڏارن مان هماليائي ندين جو جنم ٿيو، ۽ وهڪرن سبب ڊيلٽائن ٺهڻ جو عمل شروع ٿيو. انهي ساراهه جوڳي ڪوشش کان سواءِ وري ٻي ڪا قابل ذڪر ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي .
    انهي ڪوشش جي نتيجن کي سامهون رکندي ، قديم ڪتابن ۽ لوڪ ادب ۾ موجود ڏندڪٿائن کي پڙهڻ بعد انديشن ۽ اندازن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو، ته هماليا جي منظر عام تي اچڻ بعد هڪ طرف برفاني دورن ۽ گرم دورن جي لڪ لڪوٽي ۾ هن ڌرتي جي تمام وڏي ۽ اوچي جبل جي جوڙجڪ ۾ تبديليون اينديون رهيون، ته ٻئي طرف وري برساتي دورن ۾ پاڻي جي هئڻ سبب هماليا ۾ زندگي پهريان ساهه کنيا . لڳي ٿو ته برساتن سبب هتي هڪ طرف هماليا جي گرمي ۾ گهٽتائي ٿي، ته ٻئي طرف وڻ ٻوٽا به اڀڙڻ شروع ٿيا. وڻن سبب آڪسيجن جي مقدار ۾ اضافو ٿيو. آڪسيجن جي موجودگي ۾ پاڻي ۾ حياتياتي سگهه پيدا ٿي. ائين هماليا جبل شايد ڌرتي جو پهريون حصو هجي، جتي زندگي جي واڌ ويجهه ٿي. پر انهي زندگي جي واڌ ويجهه کي زلزلن کانسواءِ برفاني دورن ۽ گرم دورن جي اچ وڃ سخت متاثر ڪيو هوندو. بحرحال گئسن سبب آيل برفاني دورن جي خاتمي بعد آيل گرم دور جي زلزلن سبب هماليا جي موجوده جوڙجڪ ٿي، ۽ هماليا ڌرتي جي گولي تي تمام وڏي اوچائي واري جبل جي شڪل ۾ وڃي بيٺو آهي. هماليا جبل جي ارتقا ۽ تبديلي جو عمل ائين ڪروڙين سالن ۾ وڃي مڪمل ٿيو. هماليا جي تقريبن ڌرتي جي پوري فضا کي والاريندڙ اوچائي زلزلن سبب گرمائش ۽ گئسن جي پيدائش ۽ هيٺان کان وڻن مان جنم ورتل آڪسيجن جي مقدار سبب هماليا کان برساتن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿيو. هماليا جي چوٽي تي فضائي ٿڌ وڌڻ سبب برف وسڻ شروع ٿي، ائين هماليا جي چوٽي کان هيٺين جابلو اوچن ميدانن تي گليشيئر ٺهڻ لڳا. جيڪي دريائن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻيا. جن دريائن اڳتي هلي هماليا جي هيٺائين پاڙ کان ڊيلٽا ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ ائين ڊيلٽائن ٺهڻ جو عمل شروع ٿيو. جيڪو انهن دريائن جي پوڇڙي يعني ڇوڙ تائين قائم رهندو آيو ۽ اڃان تائين اهو ڊيلٽائن جي ٺهڻ ۽ ختم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. اهو سلسلو تيسيتائين جاري رهندو، جيسيتائين هماليا جبل جي موجوده هيئت ۾ ڪا تبديلي نه ٿي اچي.


    هماليائي ندين مان جنم ورتل ڊيلٽا ۽ تهذيبون

    هماليائي ندين مان جنم ورتل ڊيلٽا ۽ تهذيبون
    انهي سموري بحث مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، موجودهه هماليائي دريائن جو جنم ٽئين برفاني دور جي پڄاڻي بعد موجوده شڪل ۾ مڪمل ٿيو. انهي ڪري انهن هماليائي دريائن جي ٺاهيل ڊيلٽائن جون تهذيبون تمام گهڻيون آڳاٽيون آهن. جن ۾ هماليا جي اوڀرئين گليشيئر مان جنم ورتل ندين ، گنگا ، جمنا ، نربدا ، برهمپترا ۽ ٻين ننڍين ندين جي وهڪرن بنگلاديش کان وٺي دهلي تائين مختلف ڊيلٽا ٺاهيا. جن کي مجموعي طور گنگا جي تهذيب چئي سگهجي ٿو. هماليا جي وچئين گليشيئر جنهن کي روپارا جي گليشيئر جي نالي سان قديم ڪتابن ۽ 1950ع ڪولمبو پلان جي نقشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي. انهي روپارا واري گليشيئر مان وري جمنا ندي ۽ستلج کان سواءِ قديم ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل سرسوتي يعني گهڻين ٻانهن واري ندي يا گهگهر ندي جي سوين وهڪرن هڪ تمام وڏي ڊيلٽا کي جنم ڏنو. جيڪو موجوده دهلي جي اولهه طرف کان شروع ٿي اراوالي ٽڪرين کي وچ ۾ آڻي اتر کان هندستاني پنجاب، هريانا صوبو، راجستان جي ڪڇ ، گجرات کان ٿيندو سمنڊ تائين پهچندو هو. پاڪستان جو چولستان وارو علائقو، اڇڙو ٿر ، ٿرپارڪر ۽ رڻ ڪڇ به انهي ڊيلٽا جو حصو هئا. جنهن سموري ڊيلٽا جي علائقن جي تهذيب کي سرسوتي جي تهذيب طور ڳڻي سگهجي ٿو. جنهن تهذيب جي حصي طور سنڌ جا قديم شهر وڄڻوٺ، آباد وارو دڙو، سامي جي مڙهي، رتو ڪوٽ ، ڪاهو جو دڙو، ڳاڙهو ڀڙو، بروڙ جو دڙو، نوهٽو ۽ پاريننگر ڳڻي سگهجن ٿا. جڏهن ته ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جو دڙو ۾ ٻنهي تهذيبن يعني سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جا نشان ملن ٿا.
    ٽئين طرف وري هماليا جي اولهه وارن گليشيئرن مان سنڌو درياهه ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ درياهه وهي نڪتا. جن وري ڪي پي ڪي، پاڪستاني پنجاب ۽ سنڌ کي پراڻ جي وهڪري تائين جنم ڏنو. جن ۾ قديم شهر ٽئڪسيلا ، هڙپه ، موهن جو دڙو، آمري جو دڙو، تونگ ۽ ڀنڀور وغيره شامل هئا. جن کي سنڌو تهذيب سڏجي ٿو. انهي سموري جائزي بعد اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي، ته گنگا ۽ سنڌو تهذيب جي وچ ۾ سرسوتي تهذيب موجود هئي. جيڪا انهن ٻنهي تهذيبن کان ڌار هڪ تهذيب هئي. انهي جائزي مان اها ڳالهه به چٽي طور ظاهر ٿئي ٿي، ته سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب کي هڪ سمجهڻ واري مورخن جي راءِ سراسرغلط آهي. جڏهن ته قديم ندين جي وهڪرن، ٺاهيل ڊيلٽائن جي زميني حالتن، موجب سنڌوتهذيب ، سرسوتي تهذيب کان بلڪل الڳ آهي. هن بحث مان اها ڳالهه به ظاهر ٿي ته ، سرسوتي تهذيب جو جنم هماليا جي روپارا گليشيئر مان نڪرندڙ سرسوتي ندي ۽ ان جي جوڙيوال ندين جي وهڪرن جي آندل ريٽ مان ٺهيل ڊيلٽا ۾ ٿيو. سرسوتي تهذيب، گنگا تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي وچ ۾ هڪ ڌار تهذيب طور نڪري نروار ٿي.


    قديم دريائي وهڪرن بابت ماهرن جا رايا

    قديم دريائي وهڪرن بابت ماهرن جا رايا
    سنڌ مان قديم پاڻي جي وهڪرن بابت ڄاڻ مونجهاري جو شڪار آهي. انهي مونجهاري جي حل لاءِ اهو ضروري آهي، ته هيلتائين دريائي وهڪرن بابت ٿيل تحقيقي ڪم جو جائزو ورتو وڃي . هن کان اڳ ۾ ڪيل تحقيق جي وچ ۾ تضادن جي ڇنڊڇاڻ ڪري موجوده جاگرافي قديم آثارن جي مشاهدي ذريعي ڳوليل شاهدين جي بنياد تي ڪا راءِ قائم ڪئي وڃي . انهي ڪري اچو ته اڳ ۾ مختلف محققن طرفان ٿيل تحقيق جو جائزو وٺون :
    سنڌ جي جاگرافي قديم دريائي وهڪرن سبب ٻن حصن ۾ اُسريل نظر اچي ٿي. اوڀر وارو حصو، جنهن کي هاڪڙويا قديم درياءَ سرسوتي جا وهڪرا سيراب ڪندا نظر اچن ٿا. جيڪو سرسوتي تهذيب جي حصي طور سنڌ ۾ شامل آهي، ۽ سنڌ جي اولهه واري حصي کي سنڌو درياءَ آبياري ڪندو نظر اچي ٿو. اها حقيقت آهي، ته دنيا جي ٻين پراڻين تهذيبن جيان سنڌ ۾ به قديم دريائي وهڪرن جي ڪنارن سان قديم شهرن جا ڪيترائي آثار ملن ٿا. پر اڃا تائين سنڌ جي اوڀرئين پاسي مان وهندڙ قديم ندين جي ڪنارن تي آباد اوائلي آثارن جي پوري کوجنا نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به اهڙو اشارو ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ، “رَورَ سسٽم وارين ايراضين مان وهندڙ پراڻا دريائي وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن. ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳاٽو جيڪي قديم شهر يا ڳوٺ هئا. تن جي ڳولا لاءِ قديم دريائي وهڪرن جي ڪنارن تي ڳولا ڪرڻي پوندي. سنڌو نديءَ جي الهندي طرف وارن وهڪرن جي ڪناري تي قائم ٿيل قديم انساني بستين جي ته اسان کي خبر آهي. مثلاً آمري هئي يا موهن جو دڙو هو، پر اڀرندو نارو جيڪا به هڪ پراڻي ندي آهي، تنهن جي ڪناري لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي ڪا توجهه نه ڏني ويئي آهي. اڀرندو نارو جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي به ڳولي لهڻو پوندو. انهي ڳالهه تي به ڪافي محقق متفق آهن، ته سنڌ جي اوڀر واري حصي ۾ ڪنهن دور ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. جنهن درياءِ جي الڳ وجود لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شاهديون ملن ٿيون. انهيءَ آڌار تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو، ته هاڪڙي درياهه جو سنڌوءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو. ليڪن تحقيق جي ميدان ۾ ڪن مورخن بي خبري ۾ هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏي بيان ڪيو آهي ۽ سندن آڏو هاڪڙو خود سنڌو جو هڪ وهڪرو هو ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو ۽ آخر ۾ سندس وجود ٿر جي وارياسي علائقي ۾ گم ٿي ويو.”.
    هاڪڙي نديءَ جي مٿاهين اترئين پاسي واري قديم آثارن تي کوجنا جو ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. البت ان وهڪري جي هيٺئين پاسي تي موجود قديم آثارن جي نه صحيح ڳولا ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ٿي آهي.
    محمد حسين ڪاشف پنهنجي مقالي “ هاڪڙو درياءَ ” ۾ حوالو ڏيندي لکي ٿو، ته ڊاڪٽر محمد رفيق مغل هاڪڙي جي اترئين علائقي ۾ چار سؤ ست اهم قديم ماڳن جو پتو لڳايو آهي. جن کي هن ٽن دؤرن ۾ تقسيم ڪيو آهي:
    . چار هزار سال قبل مسيح کان ٽي هزار سال قبل مسيح
    . ٽي هزار سال قبل مسيح کان اڍائي هزار سال قبل مسيح
    . ڏيڍ هزار سال قبل مسيح
    مغل صاحب لکي ٿو ته “ هاڪڙي واديءَ جي سروي سنڌ جي متعلق اسان کي ثقافتن جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي، هاڪڙي واديءَ مان ئي سنڌ جي قديم تهذيب جي شروعات ۽ تمام سڌريل ۽ آخري هڙپائي دؤر جون شاهديون ملن ٿيون، ۽ ان کانپوءِ جي ثقافتي لاڳاپن تي پڻ روشني پوي ٿي. ” ڊاڪٽر مغل جو چوڻ آهي ته “ انهيءَ معلومات اسان کي سنڌ جي واديءَ جي تحقيق لاءِ نوان نقطا مهيا ڪيا آهن.” ڊاڪٽر مغل صاحب جو خيال آهي، ته هيلتائين نارا ڪئنال جي رستي، جتان هاڪڙو درياهه وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. انهي جي اثرن تهذيبي اوسر ۽ انهي جي باقيات جو پتو لڳائڻو پوندو. انهي رستي سان وهندڙ دريائي وهڪري کي سنڌ ۾ ريڻي، نارا يا هاڪڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌ جي انهيءَ وسيع العريض علائقي تي اڃا تائين ڪا به تحقيق نه ٿي سگهي آهي.
    چيو اهو وڃي ٿو، ته قديم جاگرافيائي ورهاست مطابق درياءِ هاڪڙو سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحد طور ڪم ايندو هو. هي درياهه سابق بهاولپور رياست جي ڏکڻ اوڀر ۾ بيڪانير رياست کي جيسلمير کان جدا ڪندو هو، ۽ اتر جي سرحد ته واضح طور ظاهر نظر ايندي هئي. ان درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي هو، جيڪو واديءَ سنڌ جي ستن دريائن مان هڪ هو.
    هاڪڙي جي باري ۾ راءِ بهادر شنڪر اوجها تشريح ڪئي آهي، ته گهگهر نديءَ جي هڪ شاخ جو نالو ساڪرا يا هاڪڙا هو، جيڪا پهريائين پنجاب کان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور جي راڄن مان وهندي سنڌ ۾ وڃي سنڌو نديءَ ۾ پوندي هئي، رام سنگهه راٺوڙ ”ڪڇ اتهاس“ ۾ ذڪر ڪري ٿو، ته پراڻي زماني ۾ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. سنڌوءَ جي شاخ هاڪڙو اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ امرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان بيٺل آهن.
    هيگ، لئمبرڪ ۽ ڊاڪٽر هربرٽ ولهيلمي 1500ع کان 1750ع تائين هيٺ سنڌ جي نقشي ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان سڪل هاڪڙي جي نشانن سان گڏوگڏ اوڀر ۽ اولهه پراڻ جو رستو ڏيکاريو آهي. ڪن محققن جو وري رتو ڪوٽ ڀرسان وهندڙ وهڪري جي باري ۾ خيال آهي، ته ”رتو ڪوٽ به سنڌوءَ مان نڪرندڙ درياهه اڀرندو نارو تي هو. هيءُ هڪ تمام پراڻو پاڻيءَ جو وهڪرو آهي. جدا جدا ماهرن ان وهڪري جي لاءِ هڪ ٻئي جي ابتڙ نظريا قائم ڪيا آهن. ڪجهه ڄاڻن جو خيال آهي، ته اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهه صديون اڳ ستلج ڇڏي ويو. ڪن جي راءِ موجب اها هڪ پراڻي ندي آهي، جيڪا ستلج جي اڀرندي طرف کان هماليه جبلن مان نڪري، سنڌ مان وهندي هئي، ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي گهاگهڙ سڏيندا ها، پر گهڻي وقت کانپوءِ گهٽجي ناري واهه جي صورت اختيار ڪري وئي آهي.
    جيمس مئڪمرڊو 1834ع ۾ ان پراڻي وهڪري لاءِ لکي ٿو، ته ”اهو سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليهه ميل مٿي، سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي، الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف تي وهندو هو. ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ”لوهاڻو درياهه“ سڏيندا هئا. اهو وهڪرو ڀنڀور لتاڙي ديبل وٽ سمنڊ ۾ پوندو هو. جيمس مئڪمرڊو جي ان راءِ کان ڏهاڪو سال کن پوءِ ڪئپٽن بيڪر لکي ٿو، ته اهو سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو. جن مان هڪڙو سنڌو نديءَ جي آمهون سامهون هو، ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بهاولپور جي نزديڪ هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي منهن سان اچي ملندو هو.
    ڪن پاڻي جي ماهرن جو نظريو آهي، ته سڪندر اعظم جي حملي وقت سنڌ مان 2 درياهه وهندا هئا. جن مان اوڀر واري درياهه کي هاڪڙو يا وهندا سڏيندا هئا، ۽ اهو ئي ان وهڪري جو پيٽ آهي. لئمبرڪ سڀني کان آخر ۾ تحقيق ڪرڻ بعد لکي ٿو، ته هاڪڙو ۽ نارو انهي هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن. اهو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. سندس پهرئين حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا. حقيقت ۾ ڪجهه ننڍڙا درياهه گهاگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چوٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهيءَ وهڪري جو وجود بهاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ به ملي ٿو. ان کي هاڪڙو سڏيندا هئا. وڄڙوٺ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف پوءِ اولهه طرف وهي وڃي وهندا سان ملندو هو. ان کي ريڻي سڏيندا هئا. ٻنهي حصن وهندا ۽ ريڻي جي ميلاپ کانپوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻه ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن سان سٺ ميل سفر ڪندو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. هن آخري ٽڪريءَ کي وري به هاڪڙو سڏيندا هئا.
    ليفٽيننٽ فائيف 1859ع ۾ روهڙي ءَ کان ٿورو مٿي درياهه مان وڍ ڏئي پراڻي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو، ۽ سکر بئراج ٺهڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو. بهرحال هاڻي ڏسون، ته رتو ڪوٽ جي آثارن ڀرسان پنهنجي پوري زندگي گذاريندڙ محمد صالح هنڱورجي جو اتان وهندڙ دريائي وهڪري بابت ڇا خيال آهي “ اڳئين زماني ۾ رتو ڪوٽ ڀرسان وهندڙ درياهه کي هاڪڙو دريا يا نارو واهه جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي ڍورو يا ڍورو نارو ڪري به لکن ٿا. هن کي الڳ الڳ وقتن ۾ جدا جدا نالن سان ڳايو ويو آهي. ”
    هو ان جي اڳتي وضاحت ڪندي چوي ٿو، ته ”هن وقت جنهن کي نارو واهه چئون ٿا، تنهن جا قديم زماني کان الڳ الڳ وقتن ۾ جدا جدا نالا هئا. هاڪڙو، نارو واهه، مهراڻ نديءَ جي اڀرندي شاخ جيڪا وهي وڃي ريگستان جي ڀر وارو حصو آباد ڪندي هئي، تنهن تي مهراڻو نالو پيو. ان کانسواءِ پنجاب مان نڪري بهاولپور رياست مان اروڙ وٽان سکر مان ئي ريگستان جي ڀر واري زمين آباد ڪندو، ڪڇ تان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، تنهن کي هاڪڙو درياهه ڪري چوندا هئا. مهراڻ ندي جيڪا اڳ ۾ نصرپور کان وهندي هئي. تنهن پنهنجو وهڪرو ڦيرائي بکر يا سکر طرف ڪيو، جتان اڃا تائين وهي ٿي. تنهن ڪري مهراڻ وارو اڳيون ملڪ سڪي ۽ غير آباد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح اروڙ وارو حصو جتان پنجاب ۽ بهاولپور وارو هاڪڙو وهندو هو، اهو به ساڳيءَ حالت ۾ بند ٿي ويو. ان ڪري هاڪڙي درياهه جي آباديءَ وارو حصو غير آباد رهيو. جنهن زماني ۾ هاڪڙي جو اوج هيو، ان وقت ۾ ڪڇ جو شهر لکپت هڪ وڏو بندر هو. آمد رفت جو وسيلو درياهه ۾ ٻيڙين ۽ آگبوٽن تي هو. هاڪڙي جي زماني ۾ ”پاري ننگر“ ”ويرا واه“ ”اسلام ڪوٽ، ”ڏوئتڙ“، ”علي بندر“ هئا. جيڪي سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۽ ڪڇ ملڪ تائين هئا، جن جا نشان اڃا تائين قائم آهن. رتوڪوٽ قلعو اصل هاڪڙي درياهه جي ڪپ تي آهي. سو به ان وقت جو هڪ عاليشان ۽ آباد شهر هو.
    هاڪڙي درياءَ جي تاريخ بابت مشرق ميگزين جو حوالو آهي ته ”جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي نقشي تي نظر رکندا، ته اوهان کي قلعا، بيڪانير (هندوستان) کان شروع ٿي. بهاولپور ۾ فورٽ عباس، فورٽ مروٽ، موج ڳڙهه، ڍيرور کان اسلام ڪوٽ تائين ملندا. هي سڀ قلعا هاڪڙو درياهه تي قائم هئا. هاڻي اهو درياهه سڪي ويو آهي. تاريخ جي صفحن ۾ موجود اهي قلعا ۽ ماڳ کنڊرن جي صورت ۾ اڃان موجود آهن. هيءُ علائقو سڪندر اعظم ۽ محمود غزنويءَ جي فوجن جو رستو به رهيو هو..
    سنڌ ۽ ڪڇ جي انهي علائقي جنهن کي هاڪڙو آباد ڪندو هو، ان جي ويران ٿيڻ جو هڪڙو سبب سنڌ ۾ هاڪڙي نديءَ تي بند ٻڌائڻ به چيو وڃي ٿو. جنهن جي باري ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو. ”غلام شاهه ڪلهوڙو سنه 1757ع کان 1771ع تائين سنڌ جو حاڪم رهيو. ڪڇ جي راجا سان جنگيون ڪيون. آخري جنگ ۾ غلام شاهه ڪڇ کان نا اميد ٿي، ملڪ کي غير آباد ڪرڻ جو پروگرام ڪيو. ڪڇ جو ملڪ اڳ ۾ تمام آباد ۽ سرسبز هو. ساريال فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. گاديءَ جو هنڌ لکپت شهر هو، جيڪو تمام وڏو واپاري مرڪز ۽ بندر به هو. ان درياءَ کي غلام شاهه ڪلهوڙي، اروڙ لڳ بند ڏياريو. غلام شاهه جي حڪومت ملتان تائين هئي. ”اروڙ بند جي ڊيگهه ٻه ميل ۽ ويڪر سٺ گز ڏيکاريل آهي. ڪڇ جو ملڪ ڦري رڻ ڪڇ ٿيو. ڪڇ جو رڻ جيڪو هن وقت تائين غير آباد آهي، سو غلام شاهه ڪلهوڙي جي يادگيري آهي. سنڌ ۾ هاڪڙي تي اروڙ بند بابت ماموئي فقيرن جي پيشن گوئي بابت محمد صالح لکي ٿو ”بادشاهه ڄام تماچي سمون جي وقت ۾ ساموئي جي شهر جا پنج فقير جن کي ڄام تماچي مارڻ جو حڪم ڪيو، تڏهن وٺي اڏاڻا آمريءَ جي لڳ دفن ٿيا. بزرگن مان هر هڪ پيشن گوئي چوندو ويو. پهرئين فقير چيو ته

    ”هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
    بهه مڇي، لوڙهه- سمي ويندا سوکڙي.

    هو اڳتي ٻڌائي ٿو ته ”هي بيت جي صورت ۾ پيشنگوئي هاڪڙو ٻنڌ بابت آهي. جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي ڏياريو هو
    انگريز دور ۾ سنڌ جي سڌارن لاءِ سال 88-1887ع ۾ نارو واهه جي اٿل سبب بند ڏيارڻ شروع ڪيو. جيڪو پڪ سري کان نئون ڪوٽ تائين قيدين هٿان ڏياريو ويو هو. اهو بند ”بچاءَ بند“ جي نالي سان اڃا قائم آهي.
    انهي اڳين محققن ۽ ڪتابن جي جائزي ۾ هر محقق جو الڳ خيال آهي. جنهن سبب ئي خاص ڪري اڇڙو ٿر جيڪو هندستان جي اراوالي ٽڪرين کان ۽ جوڌپور جي اولهه طرف کان شروع ٿي جيسلمير کان ٿيندو سنڌ تائين پهچي ٿو. جنهن ريگستان جي ٺهڻ جو عمل به قديم دريائن جي وهڪرن ، تمام گهڻو ريٽ آڻڻ ۽ رخ بدلائڻ سبب ٿيو آهي. پر انهن دريائي وهڪرن کي سنڌو جا وهڪرا سمجهيو ويو آهي، يا وري هاڪڙي جا وهڪرا چيو ٿو وڃي. انهي لاءِ انهي مونجهاري جي ڳنڍ کولڻ لاءِ اسان کي جاگرافيائي حقيقتن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. انهي ڏس ۾ قديم وهڪرن جي ڳولا کان پهريائين اچو، ته هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڪرن جا پيرا کڻون ، جن بابت چيو ويندو آهي، ته اهي سنڌو درياءَ جا وهڪرا هئا .
    هاڪڙو ؛ هي درياءَ سنڌ جي تاريخي ماڳن سان ڀرپور قديم درياءَ آهي ، جيڪو قديم ڊگهي عرصي کان انگريزن جي دور تائين مختلف حالتن ۾ وهندو رهيو، انگريزن جي دور ۾ هن کي سنڌو درياءَ جي هڪ وهڪري ۾ تبديل ڪيو ويو. جيڪو نارو سڏجڻ لڳو. هي وهڪرو سنڌ ۾ داخل ٿي اڇڙي ٿر جي ڪناري سان مختلف رخ بدلائيندو رهيو. حقيقت ۾ جاگرافيائي شاهدين جي بنياد تي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته هي سنڌو درياءَ کان بلڪل الڳ قديم سرسوتي جي وهڪرن جي هڪ شاخ هو. بعد ۾ زميني تبديلين ۽ زلزلن سبب سرسوتي جي گم ٿيڻ بعد به هي سرسوتي جي بقايا وجود جي شاهدي ڏيندي وهندو رهيو. هن جي ڪنارن تي آباد شهر به سنڌو تهذيب جا نه پر سرسوتي تهذيب جو حصو هئا . هاڪڙو درياءَ تاريخ جي زماني جو ڊگهو عرصو وهندو رهيو ، انهي ڪري هن کي سرسوتي درياءَ جي آخري شڪل به چئي سگهجي ٿو. يا ائين به چئي سگهجي ٿو. ته هي سرسوتي ندي جو آخري وهڪرو هو. جنهن جا مختلف وهڪرا اڇڙي ٿر ۾ ڪافي جاين تان ننڍن ننڍن وهڪرن جي صورت ۾ وهندا رهيا . جن وهڪرن جا نشان اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر ۾ پاري ننگر تائين ملن ٿا . وري صفا آخري وهڪرا ڄار پتڻ ۽ ڪاجهر وٽان پراڻ ۾ ملندا هئا، اڳتي هلي پراڻ وري بدين جي علي بندر وٽ شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. .
    هاڪڙي ۽ پراڻ جا پيرا جيڪي مون هن ڪتاب جي تحقيقي سفر دوران ڏٺا ، جيڪي مون کي محمد حسن زاهد ڪنڀر ڏيکاريا. جنهن کاهوڙي شخص پنهنجي زندگي جو وڏو حصو هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن سان پنڌ ڪندي قديم تاريخي ماڳ ڳوليندي گذاريو آهي. منهنجي مشاهدي جي شروعات اڇڙي ٿر کان شروع ٿئي ٿي. اڇڙي ٿر ۾ هاڪڙي جا قديم پيرا سرسوتي جي پيرن جيان وڃايل آهن. صرف ناري واري يا ڪس واري اڇڙي ٿر جي حصي ۾ ڪجهه نشان موجود آهن. هاڪڙو ناري مان وهي اڇڙي ٿر جي دنگ هٿونگي کان جڏهن ٻاهر ميداني علائقي ۾ اچي ٿو، ته هن جا پيرا چٽا نظر اچن ٿا. ڪلهوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ جي قلعي جي مرمت لاءِ جڏهن پاڻي جي ضرورت پئي، ته هاڪڙي کي هٿراڌو طور کوٽي عمر ڪوٽ تائين پاڻي به پهچايو ويو هو. جنهن هٿراڌو کوٽائي جا نشان موجود آهن. پر اصل هاڪڙو صوفي فقير کان اولهه طرف وهندو، همير سومري جي راڄڌاني جيڪا هن وقت هڪ ڦٽل قديم آثار جي صورت ۾ ڳاڙهو ڀڙو جي نالي سان سڏجي ٿي. جي ڀرسان گذري اتان کان ساماري جي حدن مان گذرندو، ڪنري شهر ڀرسان ٿيندو، قديم تاريخي آثار نوهٽي وٽان ٿيندو، نئون ڪوٽ وٽ پهچندو هو. نئين ڪوٽ وٽان هي ٻن شاخن ۾ ورهائبو هو. جن مان هڪڙي شاخ نئون ڪوٽ مان هلندي، ڪوٽ مير جان محمد کان گذرندي وڃي، پراڻ جي وهڪري ۾ ملندي هئي. ٻي شاخ درگاهه راضي شاهه جي اولهه وٽان گذري موجودهه ڪلوئي شهر وٽ پهچي، ڪاجهر ڍنڍ مان گذري مٺي تعلقي جي قديم شهر ڪاجهر جي آثارن کان ٿيندي، ڄار پتڻ کان پراڻ جي وهڪري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڄار پتڻ پراڻ ندي جو پتڻ هو. انهي کان اڳتي هاڪڙي جي ڪنهن به وهڪري جا نشان نه ٿا ملن. اڳتي صرف پراڻ ندي جا نشان ملن ٿا. وري ٻئي طرف هڪ وهڪري جا نشان تعلقي ڏيپلي جي پاسي مان گذرندا رڻ ڪچ تائين وڃن ٿا. جنهن وهڪري جا نشان ٽٽل حالت ۾ ملن ٿا، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته اهو وهڪرو به هاڪڙي جو هو، پر انهي بابت صحيح نشان نه ملڻ سبب تصديق سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. باقي هاڪڙي جا پراڻ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ٻئي وهڪرا پنهنجي نشانن سميت موجود آهن. جن بابت يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اهي هاڪڙي جا وهڪرا هئا.
    پراڻ ندي : هاڻي وري اهو ڏسجي، ته اها پراڻ ندي ڪٿان وهندي هئي. انهي جا پيرا کڻندي مٿان کان هلبو ته، پراڻ جا پيرا اروڙ کان شروع ٿين ٿا. هي سنڌو درياهه جو ڪو قديم وهڪرو آهي. جنهن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ لوهاڻو ندي به سڏيو ويو آهي. عربن چچنامي ۾ هن کي مهراڻ درياءَ پڻ سڏيو آهي. جيڪا شهداد پور جي پاسي مان گذري ٽنڊي آدم جي اوڀر طرف برهمڻ آباد ڀرسان ٻن شاخن ۾ ورهائبو هو. هن جي هڪڙي شاخ منصورهه وٽ پهچندي هئي ۽ هن جو وڏو وهڪرو برهمڻ آباد کان منصورهه جي اوڀر طرف کان ٿيندو اڳتي هلندو هو. منصورهه کان اڳتي ٻئي وهڪرا وري گڏجي هلندا هئا. اهو وهڪرو اڳتي ڪاهو جودڙو موجوده ميرپور خاص جي اولهه طرف کان وهندو، جرواڙي کان اوڀر طرف هلي، جهلوريءَ کان ٿيندو، ميرواهه گورچاڻي وٽان گذرندو، موجوده ڊگهڙي شهر جي اوڀر طرف ڪاڇيلو ريلوي اسٽيشن وٽان گذرندو، ٽنڊو جان محمد پهچندو هو. اڳتي هلي جهڏي کان ٿيندو، نئون ڪوٽ وٽان گذري ونگو پتڻ ۽ پوءِ ڄار پتڻ کان هلندو ڀٽن جي ڀر وٺي علي بندر جي ويجهو گذري راهمڪي بازار وٽان اڳتي سومرن جي قديم تخت گاهه وڳهه ڪوٽ ڀرسان شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
    هاڪڙو ۽ پراڻ جا وهڪرا ڪٿي هڪٻئي جي ويجهو ته ڪٿي هڪٻئي کان پري وهندا هئا . انهي ڪري انهن وهڪرن جي منجهائيندڙ دريائي نشانن سبب ڪيترائي صطحي جانچ ڪندڙ محقق ڪئين غلطيون ڪري ويٺا. جنهن سبب ئي ڪن پراڻ ۽ هاڪڙي کي هڪ ڪري لکيو. ته ڪن وري ڌار ڌار لکي شڪ جي گنجائش باقي رکي. جنهن ڪري ئي هنن ٻنهي قديم دريائي وهڪرن جي نشاندهي شڪ جي بنياد تي منجهيل رهي. ساڳي ريت اها غلطي هاڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي نشاندهي ڪرڻ وقت به رهجي ويئي. ڇو ته اڪثر محققن هاڪڙي جي وهڪري کي سنڌو درياءَ جي هڪ وهڪري طورسمجهڻ جي غلطي ڪئي، حالانڪ هاڪڙو سرسوتي درياءَ جو آخري وهڪرو هو. جڏهن ته سنڌو درياءَ جو وهڪرو بلڪل ڌار هو. هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان، ته هاڪڙي درياهه جو مٿي ذڪر ڪيل وهڪرو سرسوتي ندي جي وهڪرن جي سلسلي جو آخري وهڪرو هو. جنهن کي سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي سرحد سمجهڻ گهرجي. يعني هاڪڙي جي اولهه طرف سنڌو تهذيب ۽ هاڪڙي جي اوڀر طرف قديم سرسوتي تهذيب هئي.


    سرسوتي ندي بابت مليل احوال ۽ تازي تحقيق

    سرسوتي ندي بابت مليل احوال ۽ تازي تحقيق
    سرسوتي ندي بابت احوال ويدن ۾ خاص طور رگويد ۾ ملي ٿو. رگويد ۾ پنجاهه کان مٿي جاين تي هن ندي جو ذڪر موجود آهي. جنهن ۾ سرسوتي کي گهڻين ٻانهن واري يا شاخن واري ندي طور ڄاڻايو ويو آهي. قديم ڪتابن جن ۾ پراڻ ۽ شاستر به اچي وڃن ٿا، انهن ۾ به ڪٿي ڪٿي ٽڪرن جي صورت ۾ سرسوتي ندي جو ذڪر ملي ٿو. قديم مذهبي ڪتابن جي احوال ۾ ڏنل احوال مان معلوم ٿئي ٿو، ته گنگا ۽ سنڌو ندي کان به اها ندي قديم هئي. جنهن تي ديوتائن جا بسيرا هئا. ڪن جاين تي اهي به اشارا ملن ٿا، ته گنگا ندي جو جنم به سرسوتي مان ٿيو. ڪتابن ۾ اهو به ذڪر ملي ٿو، ته اها ندي وهندي وهندي اوچتو ڌرتي ۾ ٽٻي هڻي گم ٿي ويئي.
    ويدن ۾ هن ندي جي ساراهه سان ڀرپورڪجهه سلوڪ به موجود آهن. پر ويدن ۾ هن ندي جو ماضي جي وهندڙ ندي طور ذڪر ڪيو ويو آهي. يعني ويدڪ دور کان اڳ ۾ هي ندي گم ٿي چڪي هئي. ۽ انهي وقت وهندڙ نه هئي. البت انهي جون ڪجهه شاخون ننڍڙن وهڪرن صورت ۾ موجود هيون. سرسوتي جي ڳولا جي سلسلي ۾ محقق ڪيتري وقت کان سرگردان رهيا، هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سرسوتي جي ڳولا جو ذڪر ۽ ڪجهه انومان ۽ انديشا بيان ٿيندا رهيا. جن موجب ڪيترين ڪهاڻين جو به جنم ٿيو. جنهن سبب مليل احوال موجب هن قديم ندي جي هڪ ديومالائي حيثيت اڳيان هلي ظاهر ٿي. انهي ديومالائي ذڪر سان ڀرپور سرسوتي تي وڌيڪ نه کوجنا ٿي، نه ئي ڪنهن انهي ندي جي تهذيب تي ڪو توجهه ڏنو. ائين اها ڳالهه ڪتابن ۾ ديومالائي ڪٿائن تائين ئي محدود رهجي ويئي. سرسوتي ندي جي قديم تهذيب جو به ڪو اتو پتو تاريخ جي ڪتابن ۾ نه ٿو ملي. انهي جا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ، هڪ ته اها ندي تاريخ کان اڳ واري دور ۾ وهندي هئي. جيڪڏهن انهي ندي جي تهذيب جي باري ۾ ڪو احوال لکيو به ويو هوندو، ته اهو زماني جي گردشن ۾ اڏوهي جو کاڄ ٿي ويو. ٻيو سبب اهو به رهيو، ته انهي قديم سرسوتي جي تاريخي ماڳن جي نه ئي ڪا کوٽائي ٿي، نه ئي ڪا ڳولا ڪئي ويئي. سرسوتي تهذيب جا قديم آثار سنڌ ۾ موجوده اڇڙي ٿر، ٿرپارڪر يا هندستان جي راجستان جي وارياسي علائقي۾ ئي موجود آهن. جيڪي هن وقت سوين فوٽ هيٺ واري ۾ دفن ٿيل آهن. اڇڙي ٿر جون جاگرافيائي حالتون ۽ سوين سالن کان انهي علائقي جو غير آباد هئڻ ۽ اتي انساني سرگرميون گهٽ هجڻ به اهم سبب آهن، جو انهي وساريل علائقي تي تحقيق ڪندڙن جو توجهه به نه رهيو. موجوده تاريخي رڪارڊ ۾ ڏسبو، ته عربن جي آمد وقت به اهو علائقو غير آباد ۽ واريءَ جي خطرناڪ ڌٻڻين سبب ويران علائقو هو. هي علائقو ايترو خطرناڪ هو، جو ڪو قديم عام واپاري رستو به هتان نه گذرندو هو. هي بلڪل هڪ ويران صحرا جي شڪل ۾ هو، جتي صرف مشڪل حالتن ۾ ماڻهو وڃي پناهه وٺندا هئا. اهو ئي سبب هو جو راجا ڏاهر جي شڪست بعد بچيل سنڌي فوجي قوت هن ئي محفوظ پناهه گاه ۾ ساهي کڻي ٻيهر گوريلا جنگ جي تياري ڪئي. علائقائي حالتن سبب هن خطرناڪ علائقي مان عرب اڳتي سنڌي فوجن جوپيڇو ڪندي وڌي نه سگهيا. ۽ برهمڻ آباد کان اوڀر طرف نه وڃي سگهيا، ۽ وري اتر طرف اروڙ ۽ ملتان ڏانهن وڌيا، هن اڇڙي ٿر جي محفوظ پناهه گاهه ۾ راجپوتانه جي حاڪمن کان مدد وٺڻ بعد راجا ڏاهر جو بهادر پٽ جئسينا عربن تي راتاها هڻندو ۽ کين ڪمزور ڪندو رهيو. سنڌ جي پوري تاريخ ۾ سواءِ مشڪل وقت جي ڪو به لشڪر اڇڙي ٿر مان نه گذري سگهيو، نه ئي ڪو فاتح يا حمله آورپنهنجي فوج وٺي هتان کان حملي آور ٿيو. انهي مان انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته قديم سرسوتي جي گهڻين ٻانهن وارن وهڪرن جي بند ٿيڻ بعد هي علائقو غير آباد رهندو آيو. انهي ڪري هتي قديم تهذيب جا آثار به سوين فوٽ واري هيٺ دٻيل رهجي ويا، پوءِ هتي ڪا به انساني آبادي پنهنجا ڪي وڏا تهذيبي نشان نه ڇڏي سگهي. جنهن سبب اڇڙو ٿر صرف اڇڙو ٿر ئي رهجي ويو. هتي جو هي پورو ريگستاني علائقو محققن جي توجهه کان رهجي ويو. اڇڙو ٿر هڪ طرف پنهنجي منجهائيندڙ جاگرافيائي حالتن سبب نا قابل سفر سمجهيو ويو. جنهن ڪري ڪنهن به محقق هتي اچڻ جي همت نه ساريندي، هتي اچي تحقيق نه ڪئي. ٻئي طرف برصغير ۾ صرف هي ريگستاني ئي علائقو هو. جنهن ۾برطانوي دور حڪومت ۾ هن علائقي ۾ سنڌ جي آزادي جي جدوجهد جنهن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ حر جدوجهد سڏيو وڃي ٿو. جيڪا برطانوي قبضي جي خلاف سنڌ جي آزادي پسند ماڻهن جي بهادرانه تحريڪ هئي. جنهن جدوجهد اڳيان فيل مست سڏائيندڙ انگريز بيوس هو. انهي ڪري ڪو به انگريز محقق پنهنجي موت کي دعوت ڏيئي، هتي تحقيق ڪرڻ لاءِ نه اچي سگهيو. نه ئي اڇڙي ٿر جي ڪنهن تاريخي ماڳ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪا کوٽائي ٿي سگهي. اهڙي ريت هتان جي تاريخي حقيقتن جي آگاهي کان دنيا واقف نه ٿي سگهي. ائين اڇڙو ٿر تحقيق جو موضوع بڻجي نه سگهيو. انهي لاءِ ضروري آهي، ته هن ندي جي ڳولا جي سلسلي ۾ ڪيل تازين تحقيقاتن کي نظر ۾ رکي ڪجهه احوال هٿ ڪجي.
    سرسوتي ندي بابت قديم ڪتابن، محققن جي اڳ ۾ لکيل ڪتابن ۽ بعد ۾ ڪولمبو پلان جي نقشن، سيٽلائٽ ذريعي نڪتل زميني تصويرن ڏسڻ کان پوءِ مجموعي طور جيڪو احوال ملي ٿو. انهي موجب سرسوتي ندي، جمنا ۽ ستلج جي وچ ۾ هڪ ڊگهي ۽ وڏي ندي هئي. جيڪا هماليا جي سواليڪ سلسلي جي روپارا گليشيئر مان نڪري، پنجاب راجستان سنڌ ۽ گجرات تائين وهندي هئي. هن ندي جي ڪناري تي ڀنوالي ، ڪاليبنگن ، گنويريوالا ، لوٿل جهڙا قديم ماڳ هن ندي جي تهذيبي دائري ۾ اچن ٿا. سرسوتي ندي جي گم ٿيڻ بابت اڃان تائين ماهر هڪ راءِ جا نه ٿيا آهن . ڪن جو چوڻ آهي، ته زلزلن سبب هن ندي جا هماليا مان وهندڙ گس بند ٿي ويا، ۽ هي ندي سڪي ويئي. ٻين جو چوڻ آهي، ته سرسوتي گهڻي واري آڻيندڙ ندي هئي، جيڪا لٽجي گم ٿي ويئي. آخري راءِ سان اتفاق ڪري سگهجي ٿو. آئون هن راءِ جو آهيان ته سرسوتي سڪي نه پر گم ٿي آهي. جيڪا اڃان تائين وهندڙ آهي. انهي جو ثبوت اهو آهي، ته اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري علائقي ۾هيٺاهين وارين جاين تي صرف ٻه فوٽ واري هٽائڻ سان صاف مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. انهي ڳالهه جي ٻي اها به ثبوت ڏيندڙ شاهدي موجود آهي، ته ڊرينهن جي وچ ۾ هيٺانهين وارين جاين تي سرسبز نخلستان موجود آهن. انهي ڳالهه جي وڌيڪ پڪ ٿر ڪول جي رپورٽن جي انهي ڳالهه مان به ٿئي ٿي، ته ٿر ڪول جي هيٺان موجود پاڻي وهندڙ آهي. جن رپورٽن ۾ اهو به اندازو لڳايو ويو آهي، ته ٿر جي زمين هيٺان اسي کان نوي ارب مڪعب فوٽ زير زمين پاڻي موجود آهي. ساڳي شاهدي سومون جي تڙ مان وهي نڪرندڙ بورنگ جو اهو پاڻي به ڏيئي رهيوآهي، جيڪو مسلسل 2005ع کان پاڻمرادو وهي رهيو آهي. ساڳي صورتحال راجستان ۾ به اهڙي قسم جي ڪيترن ئي بورنگن جي آهي، جن تي جواڻ جو فصل ٿي رهيو آهي. وري هندستان جي هريانه صوبي ۾ ڏهن فوٽن تائين کوٽائي ڪري زير زمين پاڻي مان ڪئنال وهايو ويو آهي.
    شايد هندستان ۽ پاڪستان جي صحرائي علائقن ۾ قديم زماني ۾ ڪا وڏي گهرائي موجود هئي، يا ڪوسمنڊ موجود هو، جنهن سبب هيٺائين هئڻ ڪري پاڻي جا وهڪرا هتي وهڻ شروع ٿيا. انهي شروعاتي زماني ۾ عربي سمنڊ جي جاءِ تي قديم ڪتابن موجب رتناڪر جو ميداني علائقو هو، جيڪو آفريڪا تائين ڳنڍيل هو. انهي زماني ۾ صحرائي علائقن جي هيٺائين تي هئڻ سبب هماليائي دريائن جا وهڪرا اتي ڪِرڻ شروع ٿيا. جڏهن دريائن جي آندل ريٽ سبب هي اونهائي وارا علائقا ڀرجي ويا، ته پوءِ پاڻي رتناڪر جي ميدان کي پائڻ لڳو جيڪو اڳتي هلي عربي سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويو.
    سرسوتي هماليا تان لهي اتراکنڊ کان پنجاب هريانه راجستان سنڌ ۽ پوءِ گجرات کان سمنڊ ۾ ويندي هئي. سائنسدانن جي سيٽلائيٽ نقشن ۽ تصويرن مان معلوم ٿو ٿئي، ته هماليا کان هن طرف سرسوتي سان گڏ روپارا جي گليشيئر مان جمنا ۽ ستلج جا وهڪرا به لهندا هئا . سرسوتي جا وهڪرا پنجاب ، هريانا کان اوڀر اولهه رخ تي وهندي چولستان کان سنڌ ۾ داخل ٿي، پوءِ سڌو اتر کان ڏکڻ طرف ڪيترن ئي وهڪرن جي شڪل ۾ وهي، کپري تعلقي جي ڏاکڻئين حصي ۾ هڪ ڍنڍ ٺاهي وري پوءِ هڪ وهڪري جي شڪل ۾ عمرڪوٽ کان اتر طرف اڇڙي ٿر جي سرحد وٽان اوڀر طرف وهي، راجستان کان ٿيندي، وري رخ ڦيرائي ڏکڻ اوڀر وهندي گجرات مان گذري دوارڪا وٽ اهو سرسوتي جو وهڪرو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سرسوتي جي پوين ڪجهه وهڪرن تي لکپت جو مشهور بندرگاهه به هو. جڏهن ته انهي ندي جو هڪ ٻيو وهڪرو عمرڪوٽ جي اوڀر کان گذري پاريننگر وٽ سانگاهه نالي وڏي تلاءَ ٺاهڻ بعد سامونڊي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهي زماني ۾ ڪارونجهر جبل سمنڊ جي پاڻي ۾ گهيريل هوندو هو. اها نار ڪارونجهر ۽ پاريننگر جي وچ ۾ هئي. انهي زماني ۾ رڻ ڪڇ به سمنڊ هو.
    سرسوتي بابت گوگل ِجي مختلف سائيٽن ۽ يوٽيوب تي موجود آرڪيالاجي جي ماهرن جي راين موجب سرسوتي تهذيب جا هڙپه کان آڳاٽا 640 ماڳ، هڙپه جا هم عصر 360 ۽ بعد جا 1378 ۽ ٽوٽل 2378 ماڳ هئا، جن جا نشان صحرا جي واري جي هيٺان موجود آهن، جن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماهرن جو رايو آهي، ته سرسوتي ۽ ان سان گڏ نڪرندڙ جمنا ندي ۽ ستلج جي مٽي مان هڪ وڏي ڊيلٽا جو جنم ٿيو، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ڏهه لک چورس ڪلوميٽر ايراضي آهي. جنهن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ريگستاني علائقو به شامل آهي. جنهن کي سرسوتي تهذيب چئي سگهجي ٿو. جيڪا هڪ ڌار وڏي تهذيب هئي. ماهر سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جو تقابلي جائزو وٺندي، سرسوتي تهذيب سان ڳنڍيل سنڌو تهذيب جي قديم ماڳن جو وچور بيان ڪندي لکن ٿا، ته سنڌو تهذيب جا هڙپه کان آڳاٽا 367 هم عصر 416 ۽ بعد جا 12 ۽ ٽوٽل 795 ماڳ آهن. جڏهن ته سرسوتي جا ٽوٽل قديم ماڳ 2378 آهن. انڊين آرڪيالاجي سروي موجب سرسوتي 1600 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 3 کان 8 ڪلوميٽر ويڪري ندي هئي. جيڪا هماليا جي روپارا گليشيئر مان نڪرندي هئي. هي ندي پاڻي سان گڏ پنجاب ۽ هريانا جي ڊگهي ميداني علائقن مان گذري وڌيڪ ريٽ آڻيندي هئي. ماهرن موجب سرسوتي جي پاڻي ۾ ڏهه سيڪڙو کان به وڌيڪ ريٽ موجود هو، جنهن سبب هريانا کان پوءِ هن ندي جي وهڪرن جي تيزي گهٽجي ويئي. ۽ انهي نتيجي ۾ راجستان ، اڇڙوٿر ۽ ٿر جا وارياسا علائقا وجود ۾ آيا. ماهرن موجب عام درياءَ هڪ سئو سالن ۾ چار انچ زمين جي سطح مٿي ڪندا آهن، انهن جي پاڻي ۾ ڇهه سيڪڙو ريٽ موجود هوندو آهي. پر سرسوتي هڪ سئو سالن ۾ اٺ انچ جي حساب سان ريگستان جي اوچائي ۾ اضافو ڪندي رهي. اهوئي سبب آهي جو سرسوتي جو پاڻي هريانا ۾ ڏهن فوٽن تي زير زمين موجود آهي. راجستان ۾ ڇهه سئو فوٽن کان هڪ هزار فوٽن تائين ۽ سنڌ ۾ سومو جي تڙ تي ٻارهن سئو فوٽن تائين ۽ وري سرسوتي جي اوڀر طرف رخ ڦيرائڻ سبب گهٽ ريٽ جي اچڻ سبب ٿر ڪول وٽ ساڍا چار سئو فوٽن کان 990 فوٽن جي گهرائي تي پاڻي موجود آهي.
    اڇڙي ٿر جي زميني مشاهدي دوران ڏسبو، ته اڇڙي ٿر جون سموريون ڀٽون اتر کان سڌو ڏکڻ طرف وڇايل آهن. انهن ڀٽن جا ڏهر به ننڍا آهن. جيڪي انهن قديم دريائي وهڪرن جا نشان آهن. واري ۾ مٽي جو مقدار به تمام گهٽ موجود آهي. اها واري دريائي وهڪرن جي آندل واري آهي. جڏهن ته سرسوتي جي وهڪرن جي اوڀر طرف موڙ کائي وري راجستان ڏانهن وڃڻ بعد ٿر پارڪر جي ڀٽن جو رخ اولهه ڏکڻ ڪنڊ کان اتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن آهي. انهن ڀٽن جا ڏهر به وڏا آهن ۽ انهن ڀٽن جي واري ۾ مٽي جومقدار وڌيڪ موجود آهي. ڇاڪاڻ ته سرسوتي جي وهڪرن جو رخ ڦيرائڻ بعد اڳتي ٿرپارڪر ڏانهن صرف هاڪڙي جا وهڪرا ئي وهي هليا هئا.
    نقشن ۾ سرسوتي جو رستو : هي ندي روپارا کان وهي انبالا ۽ ڪنال شهرن جي ڀرسان گذري ڪاليبنگن کان سنڌ ۾ داخل ٿي، گنويريوالا کان ٿيندي، ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جودڙو کان گذري اڇڙي ٿر جي دنگ يعني کپري تعلقي ۽ ڏاهلي يا عمرڪوٽ جي سرحد وٽان اوڀر طرف موڙ کائي وري راجستان ۾ داخل ٿيندي هئي. پوءِ راجستان مان ٿيندي، گجرات وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جڏهن ته سرسوتي جو هڪ وهڪرو هاڪڙو ندي رڻ ڪڇ وٽ قديم سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ئي سلسلي جو هڪ وهڪرو ڪنهن دور ۾ پارينگر وٽ سامونڊي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهي عرصي دوران ڪارونجهر جبل اتر طرف کان سرسوتي جي پاڻي ۽ ڏکڻ طرف سامونڊي پاڻي ۾ گهيريل هو. مٺي ۽ سامونڊي پاڻي جي ميلاپ سبب انهي وقت هتي آسپاس تمر جا ٻيلا هئڻ گهرجن، ڪارونجهر انهي زماني ۾ پاڻي ۾ گهيريل هڪ خوبصورت جابلو سلسلو هوندو جتي فطرت جا ڪئين رنگ موجود هوندا، انهي ڪري قديم جيوت بابت به ادارن کي هتي ڪارونجهر ۾ ڳولا ڪرڻ گهرجي.
    هن ندي جو ٻيو وهڪرو ڪاليبنگن کان ڌار ٿي گنوريوالا جي اوڀر کان گذري ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جي دڙي جي اوڀر طرف هلندي اوڀر طرف سڌو موڙ کائي راجستان مان ٿيندو، اچي گجرات وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، سنڌ ۾ ڪوٽڏيجي ۽ چانهو جو دڙو اهڙا ماڳ آهن، جيڪي سرسوتي ۽ سنڌو ندي جي وهڪرن جي وچ ۾ هئا. هنن ٻنهي ماڳن تي جيڪڏهن سنجيدگي سان ادارا تحقيق ڪن ته ٻنهي تهذيبن جا لڪل راز ۽ قدامت بابت نوان انڪشاف ٿي سگهن ٿا . روهڙي جي جابلو سلسلي ۾ قديم پٿرجي دور جي گهريلو صنعت جا مرڪزهئا، جيڪي قديم اوزار هڪ طرف سنڌ جي قديم تهذيبي ماڳن جي آثارن مان ملن ٿا، ته ٻئي طرف هندستان جي قديم تهذيبي ماڳن مان ملن ٿا. جن مان انهي دورجي رهڻي ڪهڻي بابت چٽي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.
    هڪ سوال اهو به اٿي ٿو، ته هند ۽ سنڌ جي صحرائي علائقي ۾ جيڪڏهن کاري پاڻي جو ڪو قديم سمنڊ هو، ته انهي جو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ انهي سوال جي جواب ۾ اسان کي وري ٿر ڪول جي جيالاجي رپورٽن طرف اچڻو پوندو. جن رپورٽن ۾ ڄاڻايل آهي، ته پاڻي جي سمنڊ ۾ موجود زير زمين ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنهن جو لاوو اڏامي واپس پاڻي ۾ ڪريو،۽ ٺري گرينائيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن بعد پيدا ٿيل گرمائش سبب اتي موجود پاڻي سڪي ويو، ڪجهه رهيل پاڻي موجود رهيو جنهن سبب ڌٻڻيون پيدا ٿيون. جيڪڏهن ڪٿي ڪو پاڻي بچيو هوندو، ته انهي جي مٿان هماليائي ندي سرسوتي جي پاڻي جي وهڪرن انهي موجود کاري پاڻي کي هيٺان آڻي ڇڏيو هوندو، ڇو ته کارو پاڻي مٺي پاڻي جي بنسبت ڳرو هوندو آهي. هڪ ٿانو ۾ وجهڻ سان کارو پاڻي هيٺان وڃي تر وٺندو آهي، ۽ مٺو پاڻي مٿي وڃي بيهندو آهي، انهي لاءِ هڪ ٻيو مثال به ڏيئي سگهجي ٿو، ته برف سمنڊ ۾ اڇلائبي ته اها انهي پاڻي جي مٿان ترندي رهندي آهي. ٿرڪول جي جيالاجي جي انڪشاف موجب زير زمين مٺي پاڻي جي سمنڊ ۽ سومو جي تڙ جي ڪيل ڊرلنگ جي پائپ مان پاڻي پاڻمرادو وهڻ جي عمل کي اسان جا عام ماڻهو قدرت جي ڪرامت سمجهن ٿا ۽ حڪومت انهي پاڻي جي وڌيڪ ڳولا ۽ استعمال بابت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وري ٻئي طرف ڀرواري پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ انهي پاڻي کي ڳولي استعمال ڪري فائدا ورتا پيا وڃن. هندستان حڪومت باقاعدي سنجيدگي سان هن ندي جي وهڪرن کي ڳولي هريانا صوبي ۾ هڪ ڪئنال کوٽيو، جنهن مان هڪ سئو ڪيوسڪ جو وهڪرو آبپاشي لاءِ حاصل ڪيو ويو آهي. هي پاڻي ڏهن فوٽن جي گهرائي تي مليو آهي، جڏهن ته انهي هندستاني ماهرن جي ڳوليل سرسوتي وهڪري کان ٻاهر زير زمين پاڻي ڏيڍ سئو فوٽن تي موجود آهي. انهي کان سواءِ صوبي راجستان ۾ سرسوتي جي گم ٿيل پاڻي کي ڇهه سئو کان هڪ هزارفوٽن تائين ڊرلنگ ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو زير زمين پاڻي پريشر سان ٻاهر نڪري پاڻمرادو وهي رهيو آهي. جنهن تي جواڻ جو فصل وڏي مقدار ۾ حاصل ٿي رهيو آهي. ساڳئي نموني هتي عمرڪوٽ تعلقي ۾ ڳوٺ سومون سمون ڀرسان ٿرديپ جي ڪيل ٻارهن سئو فوٽن جي ڊرلنگ جو پاڻي به ڇهه انچ جي پائپ مان 2005ع کان مسلسل پاڻمرادو وهي رهيو آهي. جڏهن ته تازو ٿر ڪول جي اوپن پٽ جي کوٽائي مان مليل پاڻي بابت ماهرن راءِ قائم ڪئي آهي، ته هتي زير زمين پاڻي جو هڪ سمنڊ آهي، جنهن ۾اسي کان نوي ارب مڪعب فوٽ پاڻي موجود آهي. جڏهن ته انهن ڳولا جي جديد ڪوششن کان سواءِ اڇڙي ٿر جي ڊرينهن وارن علائقن ۾ صاف مٺو پاڻي ٻن فوٽن جي کوٽائي تي ملي ٿو. انهي مان صاف ظاهر آهي، ته سرسوتي گم ٿيڻ جي باوجود به زير زمين پاڻي جي وهڪري جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي.


    سرسوتي جي ريگستان اڇڙو ٿر جي طبعي حالت بابت مختلف رايا

    سرسوتي جي ريگستان اڇڙو ٿر جي طبعي حالت بابت مختلف رايا
    اڇڙي ٿر بابت ان جي زميني بيهڪ تي مختلف خيال ۽ انومان موجود آهن. ڪتابن ۾ انهي بابت مختلف رايا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙن جو خيال آهي، ته هي علائقو ڪنهن قديم سمنڊ جو ڇڏيل علائقو آهي. جيڪو بعد ۾ هوائن جي لڳڻ سبب واري جي ڀٽن ۾ تبديل ٿي ويو. ٻين جي راءِ آهي ته هي ڪنهن زميني مها زلزلي سبب آيل زميني بيهڪ جي اٿل پٿل جو نتيجو آهي. جيڪو هوائن جي لڳڻ سبب صدين جي تبديلين جو سفر طئه ڪري هن حالت ۾ پهتو آهي. ٽئين طرف ڪن زميني ماهرن جو انديشو آهي ته هتي قديم دريائي وهڪرن جي بند ٿيڻ بعد هي زميني صورتحال بڻي آهي. انهن مجموعي راين تي جيڪڏهن غور ويچار ڪبو ۽ ڪجهه نتيجا سامهون رکي سوچبو ته مختلف راين جي روشني ۾ مختلف نتيجا نڪرندا. اچو ته هرهڪ راءِ تي ٿورو ويچار ڪريون.
    پهرين راءِ موجب هي قديم ڪنهن سمنڊ جو ڇڏيل علائقو آهي. جيڪڏهن انهي راءِ تي غور ڪبو ته ٿر کي ويجهو ئي رڻ ڪڇ جو علائقو آهي. جيڪو پڻ سمنڊ جو ڇڏيل علائقو آهي. جيڪو هڪ طرف ڪلراٺو ۽ سڌو ميداني علائقو آهي، جيڪو هيٺائين وارن هنڌن تي لوڻ سان ڀريل آهي. جتي خطرناڪ لوڻياٺيون ڌٻڻيون آهن. هن علائقي ۾ واري جي ڀٽن جو ڪو به آثار موجود ناهي. انهي مان ثابت ٿيو ته پهرين ڳالهه صحيح ناهي.
    ٻئي طرف ته ڪنهن مها زلزلي جي نتيجي ۾ ائين ٿيو آهي. دنيا ۾ زلزلن سبب جابلو علائقا ۽ ريتيلا ويران صحرا ته ٺهيا آهن، پر ڪٿي به ريگستان جو ڪو وجود موجود ناهي. الاجي ڪهڙي حساب سان اها راءِ قائم ڪئي ويئي. جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جنهن راءِ بابت صرف اهو چئي سگهجي ٿو،ته مڙئي بار لاهڻ لاءِ سوچڻ بنا ائين ئي انهي راءِ جو اظهار ڪيو ويو.
    ٽئين طرف اها راءِ ته هي دريائن جي ڇڏيل وهڪرن سبب وارياسين ڀٽن وارو علائقو ٺهيو آهي. جيڪا ڳالهه درست لڳي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن وقت به دريائن جي ويجهڙائي ۾ ڇڏيل علائقن جي حالت ائين ئي لڳي ٿي، اتي هوائن جي رخ تي ڀٽون به ٺهي رهيون آهن. پر اهي وارياسا علائقا انهن دريائي وهڪرن سان گڏ ٿوري علائقي تائين موجود آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن وسيع علائقي ۾ دريائي وهڪرن جي تبديلي جو عمل رهيو آهي، ته اهي ريگستان وسيع ايراضي تائين به پکڙيا آهن.
    جيڪڏهن انهي حساب سان ٿر جي ريگستان جيڪو هندستان جي جوڌپور کان وٺي عمرڪوٽ ۽ کپري تائين موجود آهي ۽ اتر طرف ضلعي خيرپور ۽ گهوٽڪي جو اڀرندو پاسو والاريندو وڃي پنجاب جي چولستان سان ملي ٿو. اهو ريگستان هڪ وسيع ايراضي ۾ تاريخ جي ڊگهي عرصي کان موجود آهي. صرف سنڌ ۾ به اڇڙو ٿر23000 چورس ڪلو ميٽر ۽ ٿرپارڪر19638 چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ موجود آهي. انهي لاءِ اسانکي انهي ريگستان ۾ قديم دريائي وهڪرن بابت جانچ ڪرڻي پوندي. هيستائين محققن جا خيال انهن مٿين ٽن راين جي چوگرد ڦريا آهن. جنهن سبب غير اطميناني انداز ۾ ڪابه سنجيده تحقيق نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب هي سوال مونجهارن جو شڪار رهندو آيو آهي.
    انهي سوال جي جواب جي ڳولا جي سلسلي ۾ اسان کي هن ريگستاني علائقي ڏانهن وهي ايندڙ دريائي وهڪرن جي ڳولا ڪرڻي پوندي. هماليا کان سائوٿ ايشيا ڏانهن وهندڙ درياهن جي گسن کي جانچڻو پوندو. انهي سلسلي ۾ اسين ڏسنداسين ته هماليا کان ندين جو هڪ سلسلو جن ۾ گنگا ، نربدا ، برهمپترا وغيره ندين جو سلسلو اسان کي اوڀر هندستان کان ويندي بنگلاديش تائين وهندي نظر اچي ٿو. هماليائي وهڪرن جو ٻيو مشهور وهڪرو سنڌو درياءَ ۽ ان سان لاڳاپل ندين جو آهي. جيڪوهماليا ۾ اوڀر کان اولهه طرف وهي، پوءِ هيٺ لهي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ طرف وهي، پوءِ سڌو ڏکڻ طرف وهي اچي، عربي سمنڊ ۾ ملي ٿو. جڏهن ته سنڌو درياءَ جي انهي وهڪري ۾رستي ۾ ٻيون نديون به اچي ملن ٿيون. انهن موجوده وهڪرن کان سواءِ اسان کي تاريخ جي قديم ڪتابن ۾ هماليائي جبلن مان نڪرندڙ هڪ ٽئين وهڪري جو به ذڪر ملي ٿو. جنهن وهڪري مان اڳتي هلي، جمنا ، ستلج ۽ سرسوتي جا وهڪرا نڪرندي نظر اچن ٿا. هن ٿر جي ريگستان مان اسانکي انهن ندين جي گذرڻ جا گس ۽ پيچرا قديم ڪتابن ۽ موجوده جديد سيٽلائيٽ ڪولمبو پلان جي سوين تيار ڪيل نقشن ۾ ڳولڻ سان ملن ٿا. جن جو ذڪر ويدن ۽ ٻين قديم ڪتابن ۾ سرسوتي ندي جي وهڪرن نالي سان ملي ٿو. جيئن انهن دريائي وهڪرن جو لاڳاپو هن وسيع ريگستان سان لاڳاپيل آهي. انهي ڪري اسان کي هتي انهن وهڪرن بابت جانچ ڪرڻي پوندي. جيئن اسين ڪنهن نتيجي تائين پهچي سگهون. انهي سان گڏ هن ٻه لک اسي هزار چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ پکڙيل وسيع ريگستاني علائقي جي ٺهڻ بابت به ڪا راءِ قائم ڪري سگهون.


    سرسوتي ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻي جي اٿل پٿل

    سرسوتي ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻي جي اٿل پٿل
    تاريخ جي قديم ڪتابن ۽ ويدن ۾ سرسوتي ندي جي باري ۾ لکيل آهي، ته هي ندي سرسوتي يعني گهڻن واتن واري هئي. هن ندي جي ذڪر ڪندي ائين به لکيل ملي ٿو، ته سرسوتي ماتا تمام گهڻين ٻانهن واري هئي. جيڪا تمام وڏي علائقي کي پنهنجن گهڻين ٻانهن جي ڀاڪر ۾ ڀري هلندي هئي. اڇڙي ٿر جي ريگستان جي گهرائي سان ڪيل مشاهدي ۾به اها ڳالهه چٽي طرح نظر اچي ٿي ته ، هن علائقي مان اڪيلو صرف سرسوتي جو ڪو هڪ وهڪرو نه گذريو آهي. پر هتان اهڙا سوين ندين جا قديم وهڪرا گذريا آهن. جن جا نشان پوري اڇڙي ٿر جي سنڌ واري علائقي ۾ موجود آهن . اهڙا نشان هندستان ۾ سنڌ جي سرحد سان لڳو لڳ اوڀر طرف به موجود آهن. سنڌ مان گذرندڙ انهن قديم دريائي وهڪرن جي مشاهدي سان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ طرف هماليا کان ايندڙ وهڪرو اڪيلو سرسوتي ندي جو نه هو. پر اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي وهڪرا ساڳئي وقت يا انهي کان پوءِ به هتي وهندا رهيا. انهن وهڪرن جي نشانن کي ڏسي اهو به چئي سگهجي ٿو، ته هماليا کان ايندڙ اهي قديم دريائي وهڪرا تمام ججهي مقدار ۾ واري ۽ لٽ آڻيندا ۽ هتي ڊيلٽا ٺاهيندا رهيا. جيڪا دريائن جي آندل واري هزارين سال وڌيڪ پاڻي ۽ انساني آبادي نه هئڻ جي صورت ۾ هن وقت به هڪ خطرناڪ ريگستان جي صورت موجود آهي. انهن سوين وهڪرن جي باري ۾ اسان کي تاريخي ريڪارڊ مان به شاهديون ملن ٿيون. جديد تحقيقي ريڪارڊ ۾ اهو لکيل آهي. ته ستيتاليهه ڪروڙ سال اڳ ۾ هماليا ۾ هڪ تمام وڏو زلزلو آيو هو، جنهن سبب زمين ۾ تمام وڏا ڏار پئجي ويا هئا. اهوئي سبب هو جو سرسوتي جا وهڪرا جيڪي سڌو هماليا کان وهندي هيٺ لٿا هئا سي انهن ڏارن مان وهي اڳتي هليا. جن جو ذڪر ئي سرسوتي جي نالي سان ويدن ۾ موجود آهي. ائين اهي وهڪرا هماليه کان تيزي سان لهندي تمام گهڻو ريٽ آڻيندا ۽ انهن ڏارن کي ڀرڻ بعد ڊيلٽا ٺاهيندا ، ريگستاني ايراضي ۾ واڌارو آڻيندا رهيا. ائين هي ريگستان ٺهندو رهيو.
    موجوده جاگرافيائي مشاهدي ۾ اها ڳالهه چٽي طرح موجود آهي، ته اهي سمورا قديم وهڪرا اتر کان ڏکڻ طرف وهندا ڊيلٽا ٺاهيندا، پنهنجا رخ بدلائيندا، سرسوتي جي وهڪرن جي ريٽجي گم ٿيڻ کان گهڻو پوءِ تائين سرسوتي جي آخري وهڪري هاڪڙوندي ۽ سنڌو ندي جي وهڪرن پراڻ ، نارو، پٽيهل، ساڱرو کان هلندا ، اچي موجوده سنڌو ندي جي هلندڙ وهڪري تائين پهتا آهن . آثارن مان ائين لڳي ٿو، ته هتي سرسوتي جي آخري وهڪري هاڪڙو کان اڳ ۾ هڪئي وقت گهڻا وهڪرا سرسوتي جو ٻانهون يا وات بڻجي، هماليا کان لٽ وارو پاڻي آڻيندا اڇڙي ٿر مان گذري موجوده ٿرپارڪر کان به اڳتي رڻ ڪڇ تائين ويندا هئا. ٻيا وهڪرا وري عمرڪوٽ ۽ کپري تعلقي جي دنگ کان اوڀر طرف مُڙي راجستان کان ٿيندا، گجرات تائين وهندا رهيا. هن وقت به اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري صحرا ۾ ٿورو کوٽائي ڪرڻ سان سرسوتي جي گم ٿيل وهڪرن جو تازو پاڻي موجود آهي. اڇڙي ٿر جي طبعي ڀاڱن جي صورتحال مان انهن وهڪرن جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پر انهي لاءِ جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪرڻ کان سواءِ وڌيڪ ڪجهه صرف اندازي جي بنياد تي ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.


    سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۾ پهريون ارتقائي دور

    سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۾ پهريون ارتقائي دور
    اڇڙي ٿر ۾ مليل قديم نشانن، زير زمين پاڻي جي گهرائي ۽ ان جي مٿان مٽي ۽ پٿريلا تهه زيرزمين تهن هيٺان پاڻي جو ذائقو ۽ انهن ۾ مختلف ڪيميڪلن جو مقدار شامل هئڻ مان اها شاهدي ملي ٿي، ته ڌرتي مٿان آيل مختلف موسمن جا اثر به سنڌ جي هن ٺهيل ڊيلٽائي حصي تي به پيا . لڳي ٿو، ته ڌرتي تي آيل سڀني موسمي دورن بابت هتي ثابتيون موجود آهن، پر اهي ثبوت هن وقت جاگرافيائي حالتن جي تبديلين سبب گهڻو هيٺ دٻجي ويا آهن. جن کي ظاهر ڪرڻ سان اهي ناياب اهڃاڻ ملي سگهن ٿا ، جيئن پهريون ڀيرو ڪوئلي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي کوٽائي سان جيالاجي جي رپورٽن ۾ حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ٿيا آهن. جيڪي دنيا جي عالمي ادارن کي ارتقا جي منجهيل سوالن جي حل ڪرڻ جو سامان مهيا ڪري سگهن ٿا، انهي ڪري اهو تمام ضروري آهي، ته عالمي ادارن کي هتي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي. جيئن تاريخ جا اهي دفن ٿيل راز پڌرا ٿي سگهن. سومون جي تڙ واري ٻارهن سئو فوٽن تي زير زمين مليل گهرائي واري پاڻي جي ذخيري کي جيڪڏهن يونيسيف جي انڊس ڊيلٽا جي سروي رپورٽ 1964ع موجب حساب ڪجي، ته اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته هماليا کان ٿر جي ڊيلٽا طرف آيل قديم پاڻي جا وهڪرا ٽي لک اسي هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻا آهن. وري ٿر ڪول جي جيالاجي رپورٽن موجب انهي زير زمين پاڻي جي عمر پنج لک سال آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته هتي شايد ڪنهن قديم برفاني يا برساتي دور جي خاتمي سان ئي گرم دور جي اچڻ شرط برساتي پاڻي جا قديم وهڪرا وهي هليا هئا، جنهن سبب هتي اڳ ۾ موجود قديم سمنڊ دريائي ريٽ سان ڀرجي ختم ٿي ويو ۽ ڊيلٽا جو جنم ٿيو. ٿر ۾ موجود ڪارونجهر جبل انهي کان به گهڻو آڳاٽو اڍائي ارب سال اڳ جو ٻڌايو ويو هو. پر تازي ٿر ڪول جي جيالاجي جي رپورٽن موجب ڪارونجهر چوڏهن ڪروڙ سال قديم ثابت ٿيوآهي. جيڪو هتي پهرين موجود لوڻياسي پاڻي جي سمنڊ اندران ڦاٽي مٿي ظاهر ٿيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي. يعني هماليا جا وهڪرا پهرين هتي نه پهتا هئا، ڇو ته تڏهن هماليائي ندين جي وهڪرن جو پاڻي هندستاني پنجاب ۽ هريانا جو ڊيلٽائي علائقو ٺاهڻ ۾ مصروف هو. شايد انهن ٻنهي علائقن جي اونهائي اڇڙي ٿر کان وڌيڪ گهري هئي. جيڪا ڳالهه وري انهن هندستاني علائقن جي مشاهدي کان پوءِ ئي چئي سگهجي ٿي. في الحال انهي بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. پر اڇڙي ٿر جي مشاهدي مان اهو معلوم ٿو ٿئي، ته ٿرپارڪر اڇڙو ٿر، هريانا ۽ هندستاني پنجاب ، وري اوڀر ۾ راجستان، جيسلمير، ڪڇ ۽ گجرات وارا علائقا ويندي مائونٽ آبو تائين سمنڊ هيٺ هئا. انهي زماني ۾لوڻياسو سمنڊ اتي موجود هو. جنهن سمنڊ مان ڪارونجهر ٻرندڙ جبل جي ڦاٽي نڪتل لاوي مان ٺهي ظاهر ٿيو، وري موجود هندي سمنڊ وارو علائقو انهي سمنڊ جو ساحلي علائقو يا ميداني پٽ هو. جنهن کي قديم ڪتابن ۾ رتناڪر جو ميدان سڏيو ويو آهي، جيڪو وسيع ميدان آفريڪا تائين پکڙيل هو. انهي سبب ئي اونهائي ۽ سمنڊ سبب هماليا کان وهي ايندڙ پهريان دريائي وهڪرا هتان کان گذرندا ۽ آندل مٽي سان سمنڊ کي پوريندا ڊيلٽا ٺاهيندا اڳتي وڌندا رهيا. جن وهڪرن جي شاهدي اڇڙي ٿر ۾ موجود واري جون ڀٽون ڏين ٿيون. انهن وهڪرن مان هڪ وهڪرو ٿرپارڪر جي پاري ننگر تي سامونڊي بندرگاهه ٺاهڻ جو سبب بڻيو. جنهن کي ڪتابن ۾ سرسوتي درياءَ جي آخري وهڪري هاڪڙي جو وهڪرو سڏيو ويو آهي. جيڪو اڳتي هلي قديم زماني ۾ ئي پنهنجي آندل ريٽ ۾ پورجي گم ٿي ويو، جاءِ نه ملڻ سبب پاڻي ڀر ۾ ٻيا وهڪرا ٺاهي وهندا رهيا ۽ ائين هڪ ڀٽن جو سلسلو ٺهي ويو.
    هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪجي، ته انهي ڳالهه کي وڌيڪ چڱي طرح سمجهڻ ۽ اطمينان ڪرڻ لاءِ وري ٿر ڪول جي جيالاجي سروي رپورٽن کي پڙهڻو پوندو. ٿر ڪول جي جيالاجي سروي موجب ٿر جو ڪوئلو مٺي پاڻي ۾ ٻڏل آهي ۽ انهي پاڻي ۾ ٻڏل ڪوئلي جي هيٺان سنگمرمر موجود آهي. جيڪو شايد ڪارونجهر جي سلسلي جو هيٺيون زير زمين حصو آهي. جنهن جي مٿان پوءِ هماليائي دريائن يعني سرسوتي جي وهڪرن سبب دريائن جي آندل ريٽ وري ويو. ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن ۾ اها ڳالهه به چٽي طرح واضح آهي، ته ٿر جي ڪوئلي جي مٿان هڪ دريائي پاڻي جي نج واري جو هڪ تهه موجود آهي، جيڪو ڪٿي پنڌرهن فوٽ ته ڪٿي ٻارهن فوٽ ٿلهو آهي. انهي جي مٿان وري واري سان گڏ ريتي ۽ تمام گهڻي سنهي ريٽ جو تهه آهي. جيڪو ڪٿي به سئو چاليهه فوٽ ته ڪٿي به سئو ڏهه فوٽ ٿلهو آهي. اهي ٻئي تهه وري جيالاجي جي رپورٽن موجب پنج سال پراڻا آهن. يعني هن حصي جي هيٺئين دريائي واريءَ جي تهه مان اهو ثبوت مليو، ته پنج لک سال اڳي هتي وهندڙ دريائي وهڪرا ، چار کان پنج هزار سال لاڳيتو وهي پوءِ بند ٿي ويا. ان بعد لاڳيتو برساتي دور آيو، جنهن سبب سنڌ جي ڪوهستان جو پاڻي هتي وهي آيو، جنهن ۾ واري سان گڏ ريتي، چيني مٽي جو مقدار به شامل هو، جيڪو ڪوهستاني پاڻي جو دور به مسلسل ستر کان اسي هزار سال رهيو. جنهن سبب دريائي وهڪرا هيڏانهن اچڻ گهٽجي ويا ۽ مٿان کان ايندڙ پاڻي جي دٻاءٌ سبب دريائي وهڪرا عمرڪوٽ کان اتر طرف هڪ ڍنڍ ٺاهڻ بعد وري اوڀر ۽ ڏکڻ طرف مُڙي راجستان، ڪڇ ۽ گجرات ڌانهن وهڻ لڳا. .
    ٿر ڪول جي جيالاجي سروي جي شاهدي بابت ڪجهه سچايون تحقيقي مشاهدي ۾به آيون آهن. جن موجب اڇڙي ٿر جي واري جي ڀٽن جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف آهي، ۽ انهن ڀٽن جي واريءَ دريائي ۽ نج ڪرڪ واريءَ آهي ۽ ٿرپارڪر جي ڀٽن جو رخ اولهه ڏکڻ يا اوڀر اتر جي ڪنڊ تي آهي ۽ انهي واري ۾ ريتي جو مقدار به شامل آهي. انهي جو سبب منهنجي تحقيق موجب اهو آهي، ته اڇڙي ٿر جون ڀٽون هماليائي ندين جي وهڪرن سبب ٺهيون جيڪي وهڪرا اتر کان سڌو ڏکڻ طرف وهندا هئا . جڏهن ته ٿرپارڪر جون ڀٽون برساتي دور ۾ ڪوهستان کان آيل برساتي پاڻي جي تيز وهڪرن سبب ٺهيون. جن ڀٽن جي هماليائي ندين جي وهڪرن به ٽوڙ ڦوڙ ڪئي. نتيجي ۾ ٿرپارڪر جون ڀٽون ٽٽي ڌار ڌار ٿي ويون. پر جئين ته ٿرپارڪر ۾ انهن سرسوتي سلسلي جي ندين جي پاڻي جا وهڪرا تيز نه هئڻ سبب ريٽ ته آڻيندا رهيا ، پر اڳ ۾ موجود ڀٽن جي شڪل پنهنجي وهڪرن موجب اتر ڏکڻ نه ڪري سگهيا. ٿرپارڪر جي ڀٽن ۾ سنهي جابلو ريتي ۽ مٽي به شامل آهي. انهي جو سبب منهنجي تحقيق موجب اهو آهي، ته ڪوهستان ۾آڳاٽي برساتي دور جو پاڻي ڪوهستان جي اوڀر طرف زميني لاهي سبب اوڀر طرف وهندي، ٿرپارڪر تائين پهتو هو. جنهن سبب انهي پاڻي جي وهڪرن ۾جابلو سنهي ريتي ۽ مٽي جي شامل هئڻ سبب ٿرپارڪر جي ڀٽن جي واري ۾ ريتي ۽ مٽي شامل ٿي ويئي. انهي ڳالهه جي ثابتي انهي ڳالهه مان به ملي ٿي، ته ڪوهستان جي وڻن ۽ ٻوٽن جا قدرتي ٻج به انهن وهڪرن سان گڏجي ٿرپارڪر پهتا. انهي ڪري ٿرپارڪر جي وڻن ٻوٽن ۽ ڪوهستان جي وڻن ٻوٽن ۾ هڪجهڙائي آهي. يعني ڪوهستان جا وڻ ۽ ٻوٽا ٿرپارڪر ۾ به موجود اهن. انهن ڪوهستان ۾ وسندڙ برساتي دور جي پاڻي جي وهڪرن سبب به ٿرپارڪر جي ڀٽن جو رخ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٿي ويو. انهي ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جو تقابلي جائزو وٺڻ ضروري آهي.


    سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جو تقابلي جائزو

    سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جو تقابلي جائزو
    سرسوتي ڊيلٽا جي ٻين حصن جو تقابلي جائزو زميني مشاهدي جي بنياد تي ئي ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌ جي اوڀرئين سرحد تي ٿرپارڪر وارو وارياسو علائقو ۽ اڇڙو ٿر بلڪل لاڳاپيل ۽ هڪٻئي سان بغير وٿي جي مليل علائقا آهن. پر انهن ٻنهي ۾ زميني حالتن ۽ جاگرافي جي صورتحال بنهه مختلف آهي. جيڪا ڏسي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اڀرن ٿا. جن سوالن جي جوابن سان ئي هنن ٻنهي علائقن جي تاريخ بابت ڪا راءِ پيدا ڪري سگهجي ٿي. انهي لاءِ تاريخ تي غور ڪرڻ لاءِ انهن ٻنهي علائقن جو تقابلي جائزو وٺڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
    ٿرپارڪر جيڪو ڏاهلي يعني عمرڪوٽ تعلقي کان شروع ٿي ننگرپارڪر تائين پهچي ختم ٿئي ٿو. انهي جا ظاهري طور ٽي ڀاڱا آهن، ٿر جي ڀٽن وارو علائقو ۽ ٻيو ڪارونجهر جي سلسلي جو جابلو علائقو ۽ ٽيون ڪاسبي جو زرخيز علائقو. پر اندروني طور گهرائي سان ڏسبو، ته اهو طبعي لحاظ کان ڏهن ڀاڱن کاهڙ، ڍاٽ، مهراڻو، ونگو، اونيهر، سامروٽي، وٽ ، ڪنٺو،پائر، ۽ پارڪر ۾ ورهايل آهي. پارڪر واري علائقي ۾ ڪارونجهر جبل جون 109 ٽڪريون ۽ ڪاسبو اچي وڃن ٿا.
    جڏهن ته جاگرافيائي حساب سان اڇڙي ٿر جا 6 ڀاڱا آهن. 1، کليل واري جي ڀٽن ۽ ڏهرن وارو ٿر، 2. ڊرينهن (ڊينئن ) وارو کليل واري جو صحرائي علائقو، 3. روهي يا ننڍين ڀٽن وارو علائقو. 4. پٽ يا کارو، 5. مهراڻو يا ڪس. 6 . ٽاڪرو ٿر وارو جابلو علائقو.
    ٿرپاڪر جي ڀٽن جو سلسلو اولهه ڏکڻ ۽ اوڀر اتر جي ڪنڊ تي آهي، اهي مٿاڇري تان ڄميل يا ٿري ٻڌل آهن. جنهن سبب ئي هن علائقي تي نالو ٿر پئجي ويو.
    جڏهن ته اڇڙي ٿر جون ڀٽون سڌو اتر کان ڏکڻ رخ تي آهن. اڇڙي ٿر جي ڀٽن جو مٿاڇرو بغير ڄميل تهه جي بلڪل کليل واريءَ وارو آهي.
    ٿرپارڪر جي علائقي جي واري ۾ سنهي جابلو ريتي جومقدار شامل آهي، جنهن سبب اهي ڀٽون مٿاڇري کان ڪجهه پٿرائين رنگ جهڙيون ڏسڻ ۾اچن ٿيون. هنن ڀٽن جا وچ وارا ڏهر به وڏا ۽ ويڪرا وڏي ايراضي وارا ۽ زرخيز مٽي وارا آهن. جن ۾ برسات تي اوڀڙ اڀرڻ ۽ فصل پيدا ڪرڻ جي طاقت موجود آهي. جڏهن ته اڇڙي ٿر جون ڀٽون نج ڪرڪ واري جون آهن، جنهن سبب سندن رنگ اڇو يا ڀورو آهي. هنن ڀٽن جي وچ وارا ڏهر به ننڍا آهن. هنن ڏهرن جي زمين ڪا گهڻو زرخيز ناهي. منجهن برسات تي صرف ڪجهه گاهن جا قسم اڀڙي اچن ٿا. باقي فصل پوکڻ جي گهٽ لائق آهي. هتي ٿيندڙ فصلن جي پيداوار به ڪو گهڻو اُپراسو ڏيندڙ ناهي. جنهن سبب اڇڙي ٿر ۾ فصلن جي پوکي نه هئڻ جي برابر ٿئي ٿي.
    ٿرپارڪر ۾وڻن جو تعداد به وڌيڪ آهي. جن ۾ ڪوهستاني وڻن جو تعداد گهڻو آهي. انهن وڻن جو قد به وڏو آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ وڻن جو تعداد گهٽ آهي. اهي وڻ ريگستاني وڻ آهن. سندن قد به ننڍو آهي.
    ٿرپارڪر ۾ ڦوڳ، ڪرڙ، کپ، اڪ، کجي جا ٻوٽا يا وڻ تمام گهٽ آهن. پر اڇڙو ٿر انهن وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀريو پيو آهي.
    ٿرپارڪر ۾ پاڻي جون ڍنڍون کاريون آهن، جن مان وڏي مقدار ۾لوڻ ملي ٿو. ڪابه مٺي پاڻي جي ڍنڍ موجود ناهي. جڏهن ته اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ۾ لوڻ جون سنون گهٽ آهن. ڪجهه ڍنڍن مان سوڍا کار به ملي ٿي. ڪجهه ڍنڍن مان مڇي جي پيداوار به حاصل ٿئي ٿي. هتي ڪجهه ڍنڍن ۾ واڳون ۽ واڳون جو ناياب نسل سيسر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪو شڪار سبب باقي هاڻي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيو آهي. ڍنڍن جو پاڻي مٺو، ڪڙو، ڪسارو، لوڻياٺو۽ ڪن جو پاڻي زهريلو ۽ جيوت لاءِ نقصانڪار به آهي. مثالطور جيئن پورچنڊ ڍنڍ جو پاڻي زهريلو آهي، جنهن ۾ ڪابه جيوت موجود ناهي.
    ٿرپارڪر ۾ زير زمين پاڻي ملڻ جي آخري حد 450 فوٽن کان 990 فوٽن تائين آهي. جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ ٻارهن سئو فوٽن کان هيٺ به زير زمين پاڻي موجود آهي.
    ٿرپارڪر ۾ ڪو به کليل واري وارو ڌٻڻين سان ڀريل خطرناڪ صحرا موجود ناهي. پر اڇڙي ٿر ۾ اهڙو خطرناڪ صحرا به موجود آهي.
    ٿرپارڪر ۾ نانگن بلائن ۽ ٻين سرندڙ جيتن جا ڪافي قسم موجود آهن. جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ انهن جو گهٽ تعداد موجود آهي. ٿرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي 109 ٽڪرين جي جابلو گرينائيٽ سان ڀرپور سلسلي کان سواءِ 45 ٻيون به جابلو ننڍيون ٽڪريون موجود آهن. ڪارونجهر جي ٽڪرين جي وادين ۾ ساوڪ ۽ وڻن ٻوٽن جو تعداد وڌيڪ آهي. هتي ڪيتريون ئي ناياب جابلو جڙي ٻوٽيون به پيدا ٿين ٿيون . ڪارونجهر جو جابلو سلسلو هڪ عجائبات سان ڀرپور سلسلو آهي. وڏي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي، ته ڪارونجهر جي هر جابلو ٽڪري جي وڻن ٻوٽن ۽ رهندڙ حياتيات مختلف آهي. مثال طور ڪارونجهر جي هڪ ٽڪري ۾ ڳجهون رهن ٿيون، ٻيءَ ٽڪري ۾ ڏينڀو گهڻا رهن ٿا ته وري ٽئين ٽڪري ۾ چندور جو ناياب وڻ گهڻو ٿئي ٿو. جيڪا ڳالهه مشاهدو ڪندڙن کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. جڏهن ته اڇڙي ٿر جوجابلو سلسلو روهڙي کان چونڊڪو ۽ سُوراهه تائين آهي. ڊيگهه هڪ سئو ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريبن پنجاهه ڪلوميٽر آهي. هن سلسلي جي ٽڪرين مان اڪثر ٽڪريون تهدار آهن. کيرٿر جي جابلو سلسلي جي حصي طور هڪ طرف ته هنن ٽڪرين جي عمر ڪارونجهر کان گهٽ آهي، ته ٻئي طرف پاڻي جي دريائي وهڪرن سبب گهڻيون ٽڪريون تهدار آهن . جن ۾ مٺي پاڻي جي اثرن سبب فاسفورس ، چن ۽ ڄاري يا سينور جو مقدار وڌيڪ آهي. هتي پاڻي جي وهڪرن سبب ڪٿي جابلو لاهيون به سڌيون ۽ ميداني آهن، ته ڪٿي وري اڀيون ۽ اڙانگيون آهن. هتي جابلو ٻوٽا به چن جي مقدار وڌيڪ هئڻ سبب گهٽ اوڀڙ ڪن ٿا. البت پاڻي جي وهڪرن جي سڌن ميداني جابلو ڪنارن تي وري وڻ ٻوٽا صحتمند ۽ سگهارا آهن.
    ٿرپارڪر جا ڳوٺ ۽ شهر ڀٽن جي پاسن ۾ يا ڏهرن ۾ موجود آهن. جڏهن ته اڇڙي ٿر جا ڳوٺ گهڻي ڀاڱي ڀٽن جي چوٽين تي آهن، ڇاڪاڻ ته کليل واري جي اڏامڻ سبب هيٺ رهڻ مشڪل ٿيو پوي.
    ٿرپارڪر جيئن ته سمنڊ جي ويجهو آهي. انهي ڪري اتي سامونڊي موسمي اثرن سبب ڀٽون گهم سبب ۽ منجهن مٽي جو مقدار وڌيڪ هئڻ سبب ڄمي ويون، جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ ائين نه ٿيو، جنهن سبب واري کليل رهجي ويئي. هتي جي واري ۾ سامونڊي گهميل هوا جا اثر موجود ناهن. ساڳئي وقت پاڻي جي تيز وهڪرن سبب اڇڙي ٿر جي واري ۾ مٽي جو مقدار به پاڻي سان ملي ٿرپارڪر ڏانهن وهي ويو.
    ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر جي انهي تقابلي جائزي بعد ئي انهن علائقن جي تاريخي حيثيت يا قدامت بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهبي. انهي لاءِ هن تقابلي جائزي کي نظر ۾ ضرور رکڻ کپي. ٻي حالت ۾ ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ مشڪل ٿيندو.


    سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري حصي ۾ قديم تهذيب جا نشان

    سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري حصي ۾ قديم تهذيب جا نشان
    ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر جي تفصيلي مشاهدي مان ورتل تقابلي جائزي مان يا هنن ٻنهي ٿرن جي جاگرافي ۽ ڀٽن جي جوڙجڪ مان سندن ٺهڻ بابت ڪجهه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. ۽ هنن ٻنهي ٿرن جي ٺهڻ بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
    هيستائين انهي سلسلي ۾ بلڪل ماٺار رهي آهي. ڪنهن به محقق انهي ڏس ۾ ڪو ڪم نه ڪيو آهي، نه ئي انهي بابت ڪو ڪتاب هيلتائين منظر عام تي آيو آهي. ۽ نه ئي ٿرڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن کانسواءِ ڪا جديد سائنسي تحقيق پڌري ٿي آهي. انهي لاءِ انهي ماٺار ٽوڙڻ ۽ تحقيقي ادارن جو توجهه ڇڪائڻ لاءِ ڪي انديشا ۽ انومان بيان ڪري سگهجن ٿا. جيئن انهي ڏس ۾ ڪي بحث ڇڙي پون ۽ ماٺار ٽٽي، ۽ هن ڏس ۾ ڪا حتمي نتيجن سان ڀرپور تحقيق سامهون اچي سگهي. انهي لاءِ اسان ڌرتي جي ارتقا جي سفر جو جائزو وٺنداسين جيئن موجوده شاهدين کي انهن سان جوڙي ڪجهه چئي سگهجي. انهي ڏس ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اهو جائزو وٺڻ نهايت ضروري آهي.
    ڌرتي جي ارتقا جي سفر جو جائزو: ڌرتي جي عمر هن کان اڳي ارضيات جي ماهرن جي چوڻ موجب ساڍا چار ارب سالن کان به وڌيڪ آهي. انهي عمر کي وري ڌرتي جي ماحول ۽ مانڊاڻ بابت مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پر ڌرتي تي ماحول، موسمن، جاگرافيائي حالتن جي فرق سبب ڌرتي بابت ورهايل دورن تي به اختلاف ۽ مونجهارا موجود آهن. مثال پٿر جي دور بابت به اندازا مفروضن تي ٻڌل آهن. ڇاڪاڻ ته جابلو علائقن تي ته اهي اندازا درست ثابت ٿي سگهن ٿا ، پر جتي جبلن جو ڪو وجود ناهي، يا ميداني علائقا ۽ صحرا آهن. اتي پٿر جي دور واري رهڻي ڪهڻي ساڳي نه هو ندي. انهي لاءِ بهتر ائين ٿيندو، ته ڌرتي جي مختلف دورن کي زميني حالتن ۽ جاگرافي سان جوڙي پوءِ ڪا راٰءِ قائم ڪئي وڃي. انهي لاءِ هر جاءِ جي جاگرافي حالت ۽ موسمي ماحول کان پوءِ ئي تاريخ تي ڪم ڪندڙ محققن کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
    هاڻي اسين ڌرتي جي ٺهڻ جي شروعاتي دورن کي ڇڏي ، پوين دورن جن ۾ ڌرتي جي جاگرافي تي موسمي دورن جا اثر جن جي بنياد تي ڌرتي تي زندگي وجود ورتو، اتان کان سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب جي حصي اڇڙي ٿر بابت تحقيق جي سفر جي شروعات ڪرڻ بهتر ٿيندو. جيئن هنن علائقن جي باري ڪجهه چئي سگهجي.
    ٿرپارڪر جي ڀٽن جي جوڙجڪ کي پهريائين نظر ۾ رکي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اڇڙي ٿر جون ڀٽون اتر کان ڏکڻ رخ تي آهن ۽ دريائي آندل نج واري مان ٺهي راس ٿيون. ڀٽن جي رخ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اهي دريائي وهڪرا اتر کان ڏکڻ طرف وهندا ۽ پنهنجي آندل ريٽ سان ڊيلٽا ٺاهيندا رهيا. اهي وهڪرا هن پاسي انهي ڪري وهڻ شروع ٿيا، جو هي علائقو انهي وقت هيٺاهين تي هو، جنهن سبب وهڪرا هن پاسي وهندا هئا . اهو پاڻي هماليا کان ايندڙ پاڻي جي وهڪرن جو هو.
    قديم ڪتابن ۾ به سرسوتي ندي جو ذڪر ملي ٿو. جيڪا هتي گم ٿي ويئي هئي. سا به انهن قديم وهڪرن جي نشاني جا پيرا کڻي، انهي ڳالهه جي تصديق ٿي ڪرائي، ته اهي وهڪرا پڪ سان هماليا کان ايندڙ پاڻي جا هئا. هماليا جا اهي وهڪرا هيٺ لهي ڀارتي پنجاب کان هن طرف ايندي هريانا مان گذرندي، موجوده اڇڙي ٿر جي منڍ کان اچي موجوده سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. انهن وهڪرن جي رفتارمٿان کان هيٺائين تي لهڻ سبب نهايت تيز هئي. پر سنڌ ۽ راجستان ۾ سرسوتي جي انهن وهڪرن ۾ زمين جي سڌائي سبب وهڪرن جي تيزي گهٽجي ويئي، انهي ڪري اهي درياءَ پنهنجي وهڪرن ۾ آندل واري سان جلد ڀرجي وري هيٺائين طرف وهندا ۽ رخ بدلائيندا رهيا. اهڙي ريت هن علائقي ۾ دريائن جو هڪ سلسلو اوڀر کان اولهه طرف ٺهڻ لڳو، جن دريائن جا رخ اتر کان ڏکڻ طرف هئا. جن جا آثار اڇڙي جي ڀٽن جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهن. اڇڙي ٿر جون نج واري واريون ڀٽون انهن قديم درياهي وهڪرن جي اڄ به شاهدي ڏيئي رهيون آهن. هاڻي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي، ته هماليا جا اهي قديم وهڪرا ڪيترو عرصو اڳ هتي وهڻ شروع ٿيا. جنهن جي شاهدي اسان کي زير زمين پاڻي جي ذخيرن مان ئي ملي سگهي ٿي. جيڪو پاڻي هيٺ دريائي آندل مٽي ۾ دٻجي ويو. اهڙي پاڻي جو هڪ ذخيرو اسان کي هڪ سماجي تنظيم ٿرديپ طرفان پاڻي جي ڳولا ۾ ڪرايل بورنگ ڳوٺ سومون سمون جي تڙ مان ملي ٿي . جيڪو پاڻي جي ڳولا ڪندڙ عملي کي يارهن سئو سٺ فوٽن جي گهرائي تان مليوهو. انهي پاڻي جي ذخيري ۾ ايترو پريشر هو، يا اهو پاڻي ايترو هيٺ دٻيل هو. جو ٺڪاءَ سان ڦاٽي نڪتو ۽ سال 2005ع کان مسلسل ڇهن انچن جي لڳايل پائپ مان بغير ڪنهن مشين جي مسلسل پاڻمرادو وهي رهيو آهي، ۽ ڏسندڙن کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. انهي مليل پاڻي جي زير زمين پاڻي جي ذخيري جي اونهائي مان ئي هن علائقي ۾ وهندڙ پهرين دريائي وهڪرن جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جيڪو عالمي اداري يونسيف جي انڊس ڊيلٽا بابت 1964ع جي سروي رپورٽ موجب هڪ هزار سالن ۾ هڪ ميٽر جي ڊيلٽا جي اوسر جي حساب سان اندازولڳايو وڃي، ته لڳ ڀڳ ٽي لک ڇهانوي هزار سال بيهي ٿو. يعني سومون سمي جي تڙ وارو زير زمين پاڻي جو ذخيرو ٽي لک ڇهانوي هزار سالن کان به آڳاٽو آهي. وري جيڪڏهن سرسوتي جي ڳولا جي سلسلي ۾ ڪيل تازي تحقيق جي روشني جنهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي، ته سرسوتي عام دريائن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ريٽ يعني هڪ سئو سالن ۾ اٺن انچن جو ڊيلٽا جي اوچائي ۾ اضافو ڪيو، ته انهي حساب سان به يارهن سئو سٺ فوٽن جو حساب ڪبو، ته انهي پاڻي جي عمر وڃي ٽي لک اٺيتاليهه هزار سال بيهندي. وري ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن موجب اهو زير زمين پاڻي پنج لک سال پراڻو آهي. جيڪي جيالاجي رپورٽون جديد سائنسي بنيادن تي ڪيل تحقيق جي سلسلي ۾ وڌيڪ مستند مڃي سگهجن ٿيون. يعني اهو بي ڌڙڪ چئي سگهجي ٿو، ته اهو پاڻي پنج لک سال پراڻو آهي.
    انهي نتيجي جي آڌار تي اهو چئبو، ته اڇڙي ٿر مان هماليا جي آندل پاڻي جا وهڪرا ٽي لک ڇهانوي هزارسالن يا گذريل سائنسي تحقيقن جي حساب سان ٽي لک اٺيتاليهه هزار سال آڳاٽا چوڻ جي بجاءِ هاڻي ائين چئبو ته هماليائي ندين جا وهڪرا پنج لک سال آڳاٽا آهن. انهي قديم وقت ۾ اڇڙي ٿر وارا علائقا ٻارهن سئو فوٽن کان وڌيڪ موجوده سطح کان هيٺ گهرا هئا ، جنهن گهرائي سبب انهن قديم دريائن جو پاڻي هتان وهندو هو. انهي وقت گهرائي جي حساب سان هماليا کان ايندڙ وهڪرا ٻئي پاسي وهڻ بجاءِ هتي وهڻ شروع ٿيا ۽ پنهنجي آندل وهڪرن جي ريٽ مان سرسوتي ڊيلٽا کي اولهه طرف وڌائڻ لڳا. انهي زميني گهرائي جي حدن جو اندازو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن هماليا کان وٺي هندستان مان ٿيندو، موجوده اڇڙي ٿر تائين زير زمين پاڻي جي گهرائي جو مشاهدو ڪبو. جيڪا ڳالهه وري هن ڪتاب جي دائري کان مٿي آهي. انهي ڪري انهي گهرائي جون حدون جانچڻ لاءِ بين الاقوامي تحقيقي ادارن کي اڳيان اچڻ گهرجي. جيڪا ڳالهه ڪنهن انفرادي نموني ڪيل تحقيق کان مٿڀري آهي. جيڪا ڪنهن اڪيلي محقق جي وس کان به مٿي آهي.
    تازو ٿرپارڪر مان ڪوئلي جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن . جيڪي زير زمين ساڍا چار سئو فوٽ گهرائي تي مليا آهن .ٿر ڪول جي جيالاجي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي ڪي قديم گهاٽا ٻيلا هئا جيڪي دٻجي وڃڻ سبب ڪيميائي تبديلين مان گذرندا ڪوئلي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويا آهن. خاص ڳالهه ته اهو ڪوئلو به مٺي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٿرڪول جي جيالاجي رپورٽن موجب ٿر جي پٽيءَ ۾ اسي يا نوي ارب مڪعب فوٽ پاڻي جو سمنڊ موجود آهي. اهو ايڏو وڏو دٻيل زير زمين مٺي پاڻي جو سمنڊ اها شاهدي ٿو ڏي، ته لکين سال اڳ ۾ هتي دريائي پاڻي جا تمام گهڻا وهڪرا موجود هئا. جنهن سبب اهو پاڻي جو ايڏو وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويو. ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن موجب ٿر ڪول جي مٿان وارو پاڻي جو ذخيرو يا تهه، پنج لک سال پراڻو آهي. انهن جيالاجي جي رپورٽن ، خود يونيسيف جي انڊس ڊيلٽا بابت 1964ع جي سروي رپورٽ کي به سواليه بڻائي ڇڏيو آهي. زير زمين پاڻي جي عمر ۾ ايڏو وڏو تضاد پهريون ڀيرو جديد سائنسي انداز ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن تي آئنده تحقيقي ماهرن کي نئين انداز سان سوچڻو پوندو.
    مٿئين جائزي مان اهو اندازو ٿيو ته هماليا کان ايندڙ سرسوتي جي پاڻي جا وهڪرا ٽي لک اسي هزار سالن يا ٽي لک اٺيتاليهه هزارسالن يا ٿرڪول جي جيالاجي سروي رپورٽن موجب پنج لک سالن کان به آڳاٽو وهندا هئا. يعني قديم سرسوتي درياهه جي آخري وهڪرن جي پڄاڻي اڇڙي ٿر ۾ اچي ٿي، جنهن سبب قديم ڪتابن ۾ آيل سرسوتي جي گهڻن وهڪرن جو ذڪر شامل آهي. ائين اهي وهڪرا ريٽ آڻيندا ، پوربا ۽ وري مختلف طرفن ڏانهن رخ بدلائيندا رهيا. ائين اڳتي هلي سرسوتي جو ڊيلٽا ٺهيو. جيئن سنڌ جي موجود تاريخن ۾ سرسوتي جي گم ٿيڻ کان پوءِ وهندڙ دريائن هاڪڙو، نارو، چوٽانگ، گهگهر، ريڻي، جو ذڪر ملي ٿو. سرسوتي جي وهڪرن جو آخري وهڪرو هاڪڙو اڳتي هلي انگريزن جي دور ۾ موجوده سنڌو درياهه سان ملايو ويو ۽ اڄ تائين نارا ڪئنال جي صورت ۾ وهي رهيو آهي.. ائين وري سنڌو ندي جي وهڪرن پراڻ، پٽيهل، ساڱرو۽ ٻين نالن سان درياهه جي وهڪرن جا نشان موجود آهن. سنڌو جي انهن وهڪرن جي شروعات اڇڙي ٿر جي اولهه کان ٿي ۽ پوءِ اهي وهڪرا رخ بدلائيندا اولهه طرف هليا ويا.
    انهي جائزي مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته سرسوتي جا وهڪرا دهلي جي اولهه کا وهندا ڊيلٽا ٺاهيندا اچي سانگهڙ ۽ کپري تائين پهتا، ۽ وري سنڌو ندي جا وهڪرا ڪي پي ڪي کان ڊيلٽا ٺاهيندا سنڌ کي جنم ڏيندا اچي سانگهڙ وٽ سرسوتي ڊيلٽا سان مليا. پوءِ سرسوتي سنڌو جي هنج ۾ آرامي ٿي سمهي رهي ۽ محقق بغير تاريخي ڇنڊڇاڻ جي يا جاگرافيائي حالتن جي اڻ ڄاڻائي ۾ سرسوتي ۽ سنڌو تهذيب کي هڪ سمجهڻ جي غلطي دهرائيندا رهيا .
    اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري علائقن کي ڏسڻ سان اهو پڻ چئي سگهجي ٿو، ته دريائن جا اهي قديم وهڪرا سرسوتي درياهه جي رخ تبديل ڪرڻ يا گم ٿيڻ کان پوءِ به هتان صديون برساتي موسمن ۾ آب وتاب سان وهندا رهيا. جن جي باقيات طور اڇڙي ٿر جو ڊرينهون اڄ به درياهي مٺي پاڻي کي سانڍيو اچن. جيڪو ڪجهه فوٽن جي کوٽائي سان ڊرينهن وارن علائقن مان اڄ به ملي ٿو. ڊرينهن جي واري جو خطرناڪ صحرائي روپ به اهو ثابت ڪري ٿو، ته ڪجهه هزار سال اڳ تائين انهن ڊرينهن مان درياهي وهڪرا وهندا هئا. انهن ڊرينهن وارا علائقا ٿر جي شروعاتي ٺهڻ واري عمل کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ وڏي شاهدي ڏيندڙ آهن. جتي رهي ارضيات جا ماهر صحرائن، ريگستانن، واريءَ جي ڀٽن جي ٺهڻ واري عمل جو جائزو وٺي سگهن ٿا . شايد اهڙي مشاهدي واري جڳهه دنيا ۾ ٻئي هنڌ گهٽ ملي. جيڪڏهن اسانجي حڪومت هن رخ تي دنيا جي تحقيقي ادارن کي مشاهدي ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏي ته ، انساني تهذيبي ارتقا ۽ جاگرافي بابت ڪيترائي منجهيل سوال حل ٿي وڃن. انڊس ڊيلٽا جي گهرائي ماپڻ ۾ اڇڙي ٿر جي مشهور ڊرينهن ۾ گهيريل پورچنڊ ڍنڍ به وڏي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. اگر ڪو ادارو هن ڍنڍ جي گهرائي ۽ پاڻي ۾ شامل ڪيميائي جزن جو جائزو وٺي تڏهن به گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو


    سرسوتي ڊيلٽا ۾ زندگي جا پهريان قدم

    سرسوتي ڊيلٽا ۾ زندگي جا پهريان قدم
    سموري سرسوتي ڊيلٽا جي تحقيقي مشاهدي کانسواءِ ڪجهه چوڻ ناممڪن آهي. پر سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري اڇڙي ٿر جي جاگرافيائي صورتحال ۽ ندين جي وهڪرن جا نشان، واريءَ جون ڀٽون، ڊرينهن وارو صحرا ۽ جابلو سلسلي ۾ قديم غارن ۾ مليل ڪجهه نشان انهي ڳالهه جي ثابتي ٿا ڏين ته سرسوتي جي ڊيلٽا ۾ هن پاسي پاڻي جي تمام گهڻي ۽ لکين سال ريل ڇيل رهي. جنهن سبب زندگي جو وجود پڻ هن علائقي ۾ لکين سال اڳ موجود هو. جيڪا زندگي هماليا کان ايندڙ پاڻي جي وهڪرن کان به اڳ ۾ موجود هئي. ڇاڪاڻ ته هتي هڪ ارب سال اڳ پاڻي موجود هو. آثارن مان اهو لڳي ٿو، ته هتي سڀ کان پهريائين پاڻي جي جيوت جنم ورتو هوندو، پاڻي جي گهڻائي سبب هتي وڻ ۽ ٻيلا به موجود هوندا. پاڻي ۽ گهاٽن ٻيلن جي گهڻائي سبب هتي وڏن ديو هيڪل جانورن ۽ پکين جي پيدائش به ٿي هوندي. جنهن جي باقيات طور، تاريخي سڪار جي ديوتا جو درجو ماڻيندڙ يڪشرنگ يعني هڪ سڱي ڍڳي جهڙي جانور جون لڌل مورتيون ، هن دور ۾ موجود گينڊن، هاٿين، وڏن لومڙي چمڙن، اٺن ۽ مينهن، جي وجود انهي قديم زماني جي گهاٽن ٻيلن ۽ پاڻي جي ريل ڇيل مان جنم ورتو. انهي شروعاتي دور ۾ هتي جانورن جي افزائش سان گڏ پاڻي جي جيوت جو به جنم ٿيو هوندو. انهي جيوت جي باقيات طور واڳون ۽ سيسر جو وجود شاهدي طور اڄ به اڇڙِي ٿر جي ڍنڍن ۾ موجود آهي. مٿين جانورن، پکين ۽ آبي جيوت جي موجود باقيات مان اهو پتو پوي ٿو، ته هتي مٺو پاڻي موجود هو. جنهن جي موجودگي جي شاهدي هتان جي جهنگلي جيوت ، آبي جيوت جي باقيات مان ملي ٿي. ڇاڪاڻ ته واڳون يا سيسر مٺي پاڻي ۾ هوندا آهن . سمنڊ ۾ واڳون نه ڏٺا ويا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو مٺو پاڻي ڪٿان آيو. انهي لاءِ هڪ طرف ته اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو، ته اهو پاڻي هماليا جي دريائي وهڪرن کان به آڳاٽو موجود هو. هماليائي دريائن جي وهڪرن کان اڳ ۾ پاڻي جي موجودگي بابت جيڪڏهن سوچبو، ته پوءِ اهو پاڻي ڌرتي تي ڪروڙين سال اڳ ڌرتي تي موجود گئسن سبب آيل برساتي دورن يا برفاني دورن جي پويان آيل گرم دورن ۾ برف پگهرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل پاڻي ٿي سگهي ٿو. جن موسمي دورن جي برساتن سبب يا برفاني دورن جي برف پگهرڻ سبب هتي مختلف موسمي دورن ذريعي به پاڻي جي گهڻائي ٿي. جنهن پاڻي سبب هتي زندگي وجود وٺي پنهنجي ارتقا جي عمل جي شروعات ڪئي. اڇڙو ٿر جيڪو ماضي ۾ صحرا ٿيڻ کان اڳ گهاٽن جهنگن، خوبصورت ڍنڍن وارو علائقو هو. موجودهه واري جو ڀٽون ساون گاهن ۽ ٻوٽن سان جنت جي نموني جو ڏيک ڏينديون هيون. وچ وارا ڏهر ۽ رڃ وارا علائقا گهاٽن جهنگن سان ڀريل هئا ، جن ۾ ديوهيڪل جانور ، پکي موجود هئا . مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ آبي جيوت ۽ آسمان قسمين قسمين پکين جي اڏارن ۽ پرن جي آوازن سان عجيب غريب آوازن سان گونجندو هو. ائين هن صحرا ۾ زندگي پهريان ساهه کنيا .


    سرسوتي ڊيلٽا ۾ انساني تهذيب جي شروعات

    سرسوتي ڊيلٽا ۾ انساني تهذيب جي شروعات
    مٿئين سموري جائزي مان اهو ثابت ٿيو، هماليا جي دريائي وهڪرن کان اڳ ۾ به سرسوتي ندي جي ڊيلٽا يا اڇڙي ٿر ۾ مٺي پاڻي جو وڏو سمنڊ موجود هو. جيڪو ڌرتي تي موجود شروعاتي گئسن سبب آيل اڳئين برساتي ۽ برفاني دورن جي نتيجي ۾ گڏ ٿيوهو. پر انهي پاڻي جي دٻجي وڃڻ ۽ مٿان زلزلن، خشڪ سالين ، گرم دورن جي گرمي جي شدتن سبب شايد ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قديم زندگي جي آثارن جو ڪو وجود باقي رهيو هجي. جن ۾ ڪجهه قديم وڻن ۽ ٻوٽن جو وجود ، ڪجهه پاڻي جي تلائن ۾ بيٺل پاڻي جي ذخيرن ۾ زنده رهندڙ جيوت ۽ ڪجهه نقل مڪاني ڪندڙ اڏامندڙ جيوت جو وجود ڪٿي زندگي جي بقاءَ جي جنگ ۾ سوڀارو ٿيو هجي . جن ۾ اڇڙي ٿر ۾ ڌرتي تي سڀ کان پهرين اوڀڙ کائيندڙ بنا پنن يا مختصر پنن وارن وڻن مان ڪجهه وڻ اڃان تائين وڏي تعداد ۾ موجود آهن. جن ۾ کپ ، کجي، ٿوهر، ڪرڙ،گگرال ۽ ڦوڳ جا وڻ ، اڏامندڙ جيوت ۾ ڳجهه جو نسل ، وڏا لومڙي چمڙا ، ۽ آبي جيوت ۾ واڳون يا سيسار جا نسل انهي وجود جي بقاءَ جي جنگ کٽيندڙ قديم جيوت طور ڳڻي سگهجن ٿا. باقي نسل انساني جي وجود بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، جي ڪو انساني نسل هوندو به سهي، ته اهو ڌرتي تي آيل موسمي قهر جي مقابلي ۾ جيون جي جنگ هارائي ختم ٿي ويو هوندو. ائين ڌرتي تي موجود پاڻي مان پساهه کڻندڙ زندگي جو پهريون دور پڄاڻي کي پهتو هوندو.
    هماليائي ندين جي وهڪرن سبب وري زندگي جي اوسر جو ٻيون دور شروع ٿيو هوندو، جنهن ۾ به انساني وجود گهڻو پوءِ ساهه کڻڻ جهڙو ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته اڳئين دور جي پڄاڻي بعد وري هماليائي وهڪرن جي دور ۾ زندگي جو سفر نئين سر پنهنجن ارتقائي مرحلن مان گذريو هوندو. جنهن بعد انساني وجود هتي پهريان قدم رکيا هوندا. انساني وجود به شروعاتي اشتراڪي دور کان پنهنجي ارتقا جو سفر شروع ڪيو هوندو. قبائلي دور، زرعي دور کان شيون ٺاهڻ واري دور تائين پنهنجي ارتقا جي سفر ۾ هلندي پنهنجي وجود جي احساس ڏيارڻ جهڙو ٿيو هوندو. اڳتي هلي موسمي سعوبتن سبب لڏپلاڻن ، گهرجن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ هٿ پير هڻندي اقتصادي ٽڪرائن جي بحرانن مان به گذريو هوندو. انهي شروعاتي ارتقائي سفر دوران هو کيس آسائشون ڏيندڙ يا مٿس قهر نازل ڪندڙ شين جو پوڄاري به بڻيو هوندو. ديوتائن سان بي انتها عقيدت سبب موقعي پرست ۽ چالاڪ ماڻهن جي ويساهه گهاتين سبب منجهس مذهبن خلاف بغاوت به شروع ٿي هوندي. هو پنهنجي انهي ارتقائي سفر دوران مذهبي جنگين جي جنون جو به شڪار ٿيو هوندو. وغيره. انهن امڪاني مرحلن مان گذري هن نسل در نسل گذري تجربن جي حاصلات جي نتيجن مان ڏاهپ به سکي هوندي. جنهن ڏاهپ جي بنياد تي هن پنهنجي ترقي جو سفر اڳتي وڌايو هوندو. ايجادون به ڪيون هونديون، ضرورتن جي بنياد تي ڪم به ورهائي کنيا هوندا، ائين ڳوٺاڻي زندگي مان اڳتي وڌي مارڪيٽ جي اهميت کي سمجهندي شهرن جي اڏاوت تائين پهتو هوندو. حڪومتون ٺاهيون هونديون، سماجي قاعدا ۽ قانون به جوڙيا هوندا. طلم ۽ ناانصافين خلاف امن جي بحالي لاءِ قانون جي بحالي جي اهميت کي به سمجهيو هوندو. مطلب ته جياپي جي جنگ جي سڀني چئلينجن کي قبول ڪري بهتر کان بهتر طرف وڌيو هوندو.
    سرسوتي تهذيب جي انهي قديم انسان بابت ڄاڻڻ لاءِ تحقيق جي فن کي کڻي سائنسي انداز ۾ ڏسڻ لاءِ تمام گهڻيون شاهديون گم ٿيل آهن. سرسوتي تهذيب بابت بنيادي ڄاڻ جا سمورا نشان سرسوتي ڊيلٽا جي تمام گهڻي وارياسي علائقي ۾ خود سرسوتي ندي جي وجود جيان گم ٿيل آهن. انهي ڪري سرسوتي تهذيب بابت تحقيق ڪندڙ محققن يا ادارن لاءِ هڪ تمام وڏو چئلينج موجود آهي. جنهن کي قبولڻ لاءِ هن تهذيب جي بقاياجات جي نشانن، انساني روين، سماجي رسمن، مذهبي رجحانن، قديم آثارن جي نشانن جو گهرائي سان مشاهدو ڪري، آرڪيالاجي جي سائنسي اصولن جي روشني موجب نتيجا ڪڍي، محققن کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻي پوندي.
    انهي ڳالهه کي محسوس ڪندي مون هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ جديد تحقيق جي تقاضائن موجب سرسوتي تهذيب جي اصليت، حدن، قدامت، ڌرتي تي آيل مختلف موسمي دورن ۽ جاگرافيائي تبديلين، قديم آثارن، قديم دريائي وهڪرن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٺهيل ڊيلٽا ۽ انهي ۾ زندگي جي وجود جي ڳولا، انساني تهذيب جي ارتقا ۽ انساني سرگرمين بابت جانچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ اڇڙي ٿر جي موجوده صورتحال جو ذڪر ڪيو آهي. جيئن سرسوتي تهذيب جو مڪمل خاڪو پڙهندڙن جي اکين آڏو اچي سگهي.


    سرسوتي تهذيب ۽ فڪري لاڙا

    سرسوتي تهذيب ۽ فڪري لاڙا
    انهي سموري کوجنا جي تحقيقي دائري ۾ انساني سرگرمين کي ڳولڻ لاءِ اسان کي قديم فڪري لاڙن کي جانچڻو پوندو. حالتن جي ستم ظريفي ۽ انساني جنگاهه جي نتيجي ۾ انساني فڪري لاڙن جي جانچڻ لاءِ اسان کي فڪري لاڙن ۽ قديم انساني سوچن بابت کوج لڳائڻ ۾ صرف هڪڙو فڪري ميدان ڪنهن نه ڪنهن حالت ۾ هزارين نقطن ۽ نشانن جي وڃائڻ بعد به رهي کهي حالت هوندي، به ڪجهه اصليت تائين پهچائڻ جو سبب بنجي ٿو. سو آهي مذهبي رجحان، ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجي هر شئي کان وڌيڪ پنهنجي عقيدي سان پيار ڪندڙ رهيو آهي. انسان فطرت موجب پنهنجي پيار تان سڀڪجهه قربان ڪندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي، جو انساني فڪري سرمايي ۾ صرف مذهبي ڪتاب ئي گهڻو عرصو سلامت رهيا آهن. قديم انساني سرگرمين جي جانچڻ ۽ پرکڻ لاءِ مذهبي ڪتاب ئي وڌيڪ جٽاءَدار سرمايو رهيا آهن. انهي لاءِ محققن مذهبي ڪتابن جي رهيل کهيل سرمايي مان نتيجا اخذ ڪري ماضي کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهي ڪري سرسوتي تهذيب جي انساني لاڙن رجحانن ۽ فڪري محرڪات جي ڳولا لاءِ جيسيتائين ڪا جديد سائنسي تحقيق سامهون اچي، تيسيتائين اسان کي به مذهبي ڪتابن، مذهبي قديم پوڄا گهرن جي آثارن، قديم ماڳن جي آثارن مان مليل نشانن جي آڌار تي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻي پوندي. سرسوتي تهذيب جي دائري ۾ آيل ايراضي جي قديم آثارن جي مشاهدي مان اسان کي سرسوتي تهذيب جي ماڻهن ۾ ٽن مذهبن جي پوئلڳي جا اهڃاڻ ملن ٿا. جيڪي مذهب هندو ڌرم، شوَ پنٿ، ٻڌڌرم ۽ جين ڌرم آهن، انهي لاءِ اچو ته انهن مذهبن جي باري ۾ ڪجهه مطالعو ڪريون.


    سرسوتي تهذيب ۽ هندو ڌرم

    سرسوتي تهذيب ۽ هندو ڌرم
    هندو ڌرم جو شمار به دنيا جي قديم ترين مذهبن ۾ ٿئي ٿو، هن مذهب جو بنياد انساني شروعاتي عقيدن تي پيو، پوءِ انساني ارتقا سان گڏ هن مذهب جي عقيدن ۾ واڌارو ۽ اصلاح ٿيندي رهي. هن ڌرم کي سناتن ڌرم به سڏيو ويو آهي. هندو ڌرم ڪنهن هڪڙي متي يا مذهب جو نالو ناهي. هي متضاد عقيدن، رسمن، رجحانن ۽تصورن جو مجموعو آهي. هن ڌرم جو ڪو به اڪيلو باني ناهي، پر انساني ارتقا سان گڏ هن ۾ ڪئين متضاد عقيدن، رجحانن يا رسمن جي ڦيرڦار به ٿيندي رهي. هن ڌرم جي جوڙجڪ ۽ ارتقا ۾ به ڪئين صديون لڳيون. هن ڌرم جي عقيدن ۾ انڪاري روين، ۽ هاڪاري روين جا تضاد به رهيا. جنهن ڪري هي ڌرم پنهنجي ارتقائي مرحلن ۾غيبي خدائيت جي انڪار، بت پرستي، وڻن جي پوڄا، حيوانن جي پوڄا، ۽ وري انساني روپ ۾ خدا کي مڃڻ وارن رجحانن مان به گذرندو رهيو. هن ڌرم ۾ هڪ طرف مندرن ۾ وڃي پوڄا ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت وري ڪنهن انساني طبقي جي مندر ۾ داخل ٿيڻ سان مندر جي پليت ٿي وڃڻ جهڙا رويا به موجود آهن، ساڳئي وقت ويدن جي پڙهڻ ۽ ڌيان سان ٻڌڻ جي هدايت سا گڏ ، وري ڪن ماڻهن جي ويد يا ڪنهن ڌرمي ڪتاب جي پڙهڻ تي زبان وڍڻ ۽ ٻڌڻ تي ڪنن ۾ گرم شيهو پلٽڻ جي سزائن جا مثال به موجود آهن. حاصل مطلب ته هندو ڌرم مذهب گهٽ، پر نظام وڌيڪ آهي.
    هن ڌرم جي تاريخ کي پڙهبو، ته هن ڌرم جو جنم ته هندستان ۾ ٿيو، پر هن ڌرم ۾ واڌارو۽ سندس ڌرمي طاقت نيپال ۾ وڌيڪ رهي. اڳتي هلي قديم نيپال جي حڪومت هن ڌرم کي ملڪي مذهب جو به درجو ڏنو. هماليائي حدن ۾ هن ڌرم جا شروعاتي تيرٿ آستان ٺهيا ۽ پوءِ عاليشان مندرن ٺهڻ جي شروعات به نيپال کان ٿي، پوءِ اهو سلسلو هندستان تائين پهتو. هماليا مان نڪرندڙ ندين ۾ سڀ کان پهريائين سرسوتي ندي ۽ پوءِ گنگا کي جل ماتا طور تسليم ڪيو ويو، گهڻو پوءِ سنڌو ندي کي به ماتا جو درجو مليو. جيئن جيئن هن ڌرم جي مڃيندڙن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو، تيئن تيئن نون شامل ٿيندڙ ماڻهن جون سماجي رسمون ۽ رويا به هندو ڌرم جي حصي طور تسليم ٿيندا ويا. هن ڌرم جي ڪتابن ۾ پراڻ ، شاستر، اپنيشد ، ويد ، رامائڻ ، گيتا ۽ ٻيون ڪيتريون ننڍيون پوٿيون به شامل آهن، جن جي لکڻ وارو به ڪو اڪيلو ليکڪ ناهي، پر صدين جي فڪري خيالن جا مجموعا آهن. صرف هڪ ڪتاب رامائڻ جي اڪيلي ليکڪ رشي والميڪ جي نالي کي تسليم ڪيو ويو آهي. رشي والميڪ لاءِ ڪن جاين تي اهو به مڃيو ويو آهي، ته هن رامائڻ سنڌو ندي جي ڪناري تي ويهي لکيو. رامائڻ بابت اهو به خيال موجود آهي، ته هي ڪتاب پوڻا نو لک سال اڳ قديم زماني ۾ ڪٽنب جي رشتن جي تقدس ۽ ڪٽنب جي فردن جي حقن ۽ فرضن جي وضاحت لاءِ لکيو ويو. جنهن ۾ اڳتي هلي ڀڳت تلسيداس هندو ڌرم جي اوتار شري رامچندر جي ڪهاڻي کي شامل ڪيو. جنهن نئين رامايڻ کي تلسي ڪرت رامايڻ جي نالي سان سڏيندا آهن، جيڪو هن وقت به موجود آهي. هندو ڌرم جي شروعاتي ديوتائن ۾ برهما ، شِيوَ ۽ وشنو کي تسليم ڪيو ويو. جن کي سندن عقيدي موجب الاهيت جي ٽمورتي جو درجو ڏنو ويو. برهما کي سڀ کان وڏو ديوتا تسليم ڪيو ويو۽ سرسوتي جيڪا مور تي سواري ڪندي هئي ان کي برهما جي زال جو درجو مليو، سرسوتي کي علم۽ دانائي جي ديوي طور مڃيو ويو. اڳتي هلي برهما جي عظمت گهٽائي وشنو ۽ شيوَ کي برتر ديوتا مڃيو ويو. اهڙي ريت مختلف ديوتائن ۽ ديوين جي مڃتا جي لڪ لڪوٽي هن ڌرم جي تاريخ جو حصو آهي، جنهن جو تفصيل به ڏاڍو منجهائيندڙ آهي.
    سن 1000 ق م کان 600 ق م جو دور ويدن جو دور آهي . جنهن ۾ هندو ڌرم جي ڪجهه سگهارن قبيلن گڏجي پنهنجو هڪ نظام حڪومت ڏيڻ ۽ سماجي درجه بندي جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي اڪثر مورخن آرين جي اچڻ ۽ قابض ٿيڻ بابت ذڪر ڪيو آهي. اصل ۾ آريا ڪي ٻاهريان ماڻهو نه هئا، پر هتان جي انهن ماڻهن جي گڏيل جماعت جو نالو آهي، جيڪي هندو ڌرم کي هڪ سياسي نظام تحت هلائڻ جا خواهشمند هئا. پر اڳتي هلي انهي جماعت مختلف جنگين ۽ ٽڪرائن ۾ اڪثريتي ماڻهن جي مزاحمت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا. ۽ هتان جي اڪثريتي ماڻهن سان ٻيهر رسمن رواجن ۾ گڏجي ويا. آرين ئي چئني ويدن جي روشني ۾ هڪ نظام حڪومت جوڙڻ چاهيو ٿي، سماج کي چئن طبقن برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر ۾ ورهائي ڪار وهنوار هلائڻ چاهيو ٿي. پر هو انهي ۾ اڪثريتي ماڻهن جي سخت مزاحمت سبب ڪامياب نه ٿي سگهيا. اڳتي هلي مهاراجا منو پنهنجي دور حڪومت ۾ هندو ڌرم جي روشني ۾ رياستي قانون ٺاهيا، جنهن کي منو سمرتي چيو ويندو آهي . پر اهي قانون به ايترا سخت هئا، جو انهن جو نفاذ به نه ٿي سگهيو.
    هن ڌرم جي ڪتابن ۾ هڪ وڏي يا ائين کڻي چئجي، ته پهرين عظيم جنگ جو ذڪر به ملي ٿو، جنهن کي مهاڀارت جي جنگ سڏيو ويو آهي. جيڪا هتان جي هندو ڌرم جي ٻن گروپن ڪورون ۽ پانڊون جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ لڳي. جنهن جنگ ۾ سنڌ جو حاڪم جئدرٿ به پنهنجي سهري ۽ ڪورون راجا ڌرتراشٽر جي مدد ۾ اچي پانڊون سان وڙهيو هو ۽ جنگ هلندي مارجي ويو. ائين هن جنگ ۾ پانڊون جي ڪاميابي ٿي، جنهن بعد شري ڪرشن کي ڀڳوانن نارايڻ ، واسديو ، وشنو ۽ برهما جو اوتار سمجهي پرستش شروع ڪئي ويئي.
    هندو ڌرم جي جنگي داستانن ۾ شري رامچندر جي به وڏي اهميت آهي. جنهن جي پتني سيتا کي لنڪا جو حاڪم راوڻ اغوا ڪري کڻي ويو هو، جيڪا هن هڪ ويڙهه بعد ظالم راوڻ کي ماري واپس ورتي هئي. جنهن جي واپسي تي هڪ وڏو جشن ڪيو ويو ۽ شري رامچندر کي ڀڳوان جو اوتار سمجهي پوڄڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهڙي ريت هندو ڌرم جي عقيدي موجب هر جنگي جوڌو ۽ بهادري سان ڪنهن وڏي طاقت سان وڙهندڙ ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ ڀڳوان جو اوتار آهي. جنهن جي پرستش جائز آهي .
    هندو ڌرم هڪ قديم ڌرم جي حيثيت ۾ ڪئين مختلف مرحلا طئه ڪندو، موجوده حالت ۾ به ڪيترن ئي ڌار ڌار فرقن ۽ خيالن سان ڀرپور ڌرم آهي. هن ڌرم جا تمام گهڻا فرقا هن وقت به موجود آهن. ساڳئي وقت ۾ هندوڌرم جا ديوتا ۽ ديويون به انيڪ ۽ فرقن وٽ انهن جي حيثيت ڌار ڌار آهي. علائقائي حساب سان به انهن فرقن جي وچ ۾ متڀيد موجود آهي. مثال طور پارڪر جا ڪولهي ، واڳڙ جي ڪولهين کان پاڻ کي ڌار سمجهن ٿا. ساڳي ريت وري هندو ڀيل ۽ مينگهواڙ عقيدن جي حساب سان يا ڌرمي طور طريقن ۽ معاملن ۾ الڳ الڳ سوچون رکن ٿا.
    مجموعي طور هندو ڌرم هڪ قديم انساني عقيدت مان اسريل ڌرم آهي، جنهن ۾ انساني ارتقا سان گڏ تبديليون اينديون رهيون ۽ اڄ هن ڌرم جو ڪو به هڪ ضابطوتسليم ٿيل ناهي. جنهن کي جيئن پوڄا پاٺ ڪرڻي آهي، سو پنهنجي مرضي موجب پوڄا ڪري سگهي ٿو. اڄ به هن ڌرم کي مڃيندڙن جو وڏو تعداد دنيا ۾ موجود آهي. ۽ هن ڌرم کي دنيا جي وڏن مذهبن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. گنگا تهذيب ، سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي علائقن جي قديم آثارن مان ملندڙ نشانين مان اها سڌ پوي ٿي. ته هندو ڌرم انهن ٽنهي تهذيبن جي اترين علائقن ۾ وڌيڪ اثر انداز هو، جيئن سرسوتي جي سنڌ واري حصي ۾ مومل جي ماڙي ، وڄڻوٺ ، آباد وارو دڙو، اروڙلڳ ڪالڪان جي غار ۽ سامي جي مڙهي واري دڙي جي قديم آثارن ۾ هندو ڌرم جي مڃتا جون نشانيون ملن ٿيون. انهن آثارن کان هيٺين يعني ڏکڻ طرف وارن آثارن ۾ هندو ڌرم جي مڃتا جون گهٽ شاهديون ملن ٿيون.


    ٻڌ ڌرم ۽ سرسوتي تهذيب

    ٻڌ ڌرم ۽ سرسوتي تهذيب
    ٻڌ ڌرم جو باني مهاتما گوتم ٻڌ آهي. سندس اصل نالو سڌارٿ هو، هوراجا سڌوڌن جوپٽ هو، سندس ماءِ جو نالو راڻي مايا ديوي ٻڌائين ٿا. سندس پيدائش جي باري ۾ انهي وقت جي رواج موجب سندس مڃيندڙن هڪ ديومالائي ڪهاڻي به گهڙي آهي، جيڪا نهايت دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. انهي ڪهاڻي موجب گوتم ٻڌ جي ماءُ کي ويهن سالن تائين ڪو ٻار نه ٿيو. هڪ ڀيري چوڏهين جي پورنماسي رات جي چانڊوڪي ۾ هو عطر عنبير وارن کي لڳائي، پنهنجا وار کوليو اڱڻ ۾ستي پئي هئي، ته هن وٽ چار ديو يا روح آيا. جيڪي هن کي هماليا جبل تي انوٽتا ڍنڍ تي وٺي آيا. انهي ڍنڍ جي صاف ۽ شفاف پاڻي ۾ سنان ڪرائڻ کانپوءِ ديون هن کي نهايت خوبصورت لباس پارايو ۽ ڪيترن قسمن جا عطر ۽ خوشبوئون لڳائي معطر ڪيو. ان کان پوءِ هن ڏنو ته هڪ اڇو هاٿي پنهنجي سونڍ ۾ هڪ خوبصورت ڪنول جو گل جهلي کڻي آيو، ۽ هن جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳو. ٽي ڦيرا ڏيڻ بعد هو راڻي جي ساڄي ڪک وٽان پيٽ ۾ داخل ٿي ويو، ان بعد راڻي مايا ديوي جي اک کلي ويئي، ته هن پاڻ کي پنهنجي بستري تي چانڊوڪي ۾ ستل ڏٺو. ان بعد هو حامله ٿي ويئي ۽ پورن مهينن بعد هن کي خوبصورت سهڻو پٽ ڄائو. کيس جنم ڏيڻ بعد سندس ماءُ راڻي مايا ديوي هفتي اندر گذاري ويئي. ان بعد کيس سندس ماسي مها پاجا پتي نپايو. گوتم پنهنجي جنم جي هنڌ لمبني شهر ۾ 29 سالن جي ڄمار تائين رهيو. کيس تمام گهڻي آرام ۽ آسائش جي ماحول ۾ نپايو ۽ وڏو ڪيوويو. هن ڀيري هو هڪ اپاهج ماڻهو جي بيوسي، هڪ غريب جي غربت ۽ زندگي جي بيوفائي جي نتيجي ۾هڪ جنازو ۽ ان جي پونئرن جو ڏک ڏسي ڏکارو ٿي ويو ۽ پنهنجو محل تياڳي جهنگل ۾ نڪري ويو. کيس واپس آڻڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويا، پر هو واپس نه وريو. هن جي دل ۾ خيال آيو، ته ماڻهو جي دردن جو درمان ٿيڻ کپي، جيئن ماڻهو ڪو ڏک نه ڏسي. انهي لاءِ هو هندستان جي هڪ شهر “ گيا ” جي ڀرسان پپر جي وڻ هيٺان سالن جا سال ويٺو رهيو. ان بعد هن کي نرواڻ جي روشني ملي، جنهن روشني کي ٻڌتا سڏيو ويو. جتان ئي هي سڌارٿ مان ڦري گوتم ٻڌ طور مشهور ٿي ويو. جنهن وڻ هيٺان ويهي هن دردن کان نجات جي راهه ڳولي هئي، انهي وڻ واري جاءِ کي “ٻوڌيورڪڇ” جي نالي سان مشهوري ملي. ان بعد هو اتان نڪري شهر سرناٿ پهتو . هو ڏاڍو مطمئن ۽ خوش نظر اچڻ لڳو، ڇو ته هن کي دنيا کي تڪليفن کان نجات ڏيارڻ جي راهه ملي چڪي هئي. هن کي انهي وقت جي هڪ پوڙهي رشي آستا سان ملڻ جو شوق جاڳيو، جيڪو دنيا کي تياڳي هماليا ۾ اڪيلائپ ۾ گذاريندو هو. جيڪو هن جي پهچڻ کان اڳ ۾ گذاري چڪو هو. ان بعد هن ٻين ٻن انهي وقت جي دنيا تياڳيندڙ رشين الارا ڪلاما ۽ راما سان ملڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر اهي به هن سان نه ملي سگهيا. ڇو ته اهي به وفات ڪري چڪا هئا. گوتم جو خيال هو، ته هو انهن ٽنهي بزرگ رشين کان ڪجهه وڌيڪ سکي ۽ کين پنهنجو مرشد ڪري. پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. انهي بعد هن پاڻ مرشد ٿيڻ جو سوچيو۽ سڀ کان پهريائين ٻن سوداگرن تپوسا ۽ ڀالڪا سان مليو۽ کين پنهنجو مريد ڪيائين ۽ مٿو به ڪوڙايائين . سندس اهي وار هن پنهنجن انهن ئي پهرين مريدن کي سوغات طور ڏنا. جيڪي وار هن وقت برما ميانمار جي ٻڌ مندر شويداگون پگوڊا ۾ تبرڪ طور رکيل آهن. جن جي زيارت لاءِ پوري دنيا مان لکين ٻڌمت جا پيروڪار ايندا رهندا آهن . هي مندر ٻڌڌرم جو سڀ کان وڌيڪ متبرڪ مندر آهي. هي مندر برما جي گادي واري شهر رنگون يا موجوده ينگون جي ڪانڊاگي نالي مشهور ڍنڍ جي اولهه طرف ٽي سئو ٽيهه فوٽ بلند پهاڙي تي ٺهيل آهي.
    گوتم ٻڌ سڀني اڳوڻين مذهبي سخت رسمن جي مخالفت ڪئي. قرباني ۽ جانور ڪهڻ جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي، ته جانورن جي ڪهڻ ۽ قرباني ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجون خواهشون قربان ڪريو. هن پوڄا پاٺ جي به سخت مخالفت ڪئي. هن چيو ته پوڄا سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. انسان جا نيڪ عمل ئي سندس عزت جو سبب بنبا. هن چيو ته انسان هڪ عقلمند ساهوارو آهي، انهي ڪري انسان کي هن دنيا کي خوبصورت بنائڻ لاءِ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انسان ئي پنهنجي عمل ڪردار ۽ روين سان دنيا کي درد کان نجات ڏيئي سگهي ٿو. خواهشن جي پوئلڳي ڏوهه ڪرائي ٿي. خوهشون قربان ڪرڻ سان ئي محبت ۽ امن پيدا ٿي سگهي ٿو. زندگي سان پيار ڪرڻ ئي انسان جي پيدائش جو مقصد آهي. جنهن انسان جي هٿان ڪنهن جيوَ کي نقصان پهچي ٿو، سو انسان نه پر حيوان آهي. گوتم ٻڌ جي نظر ۾ سڀ ڪجهه انسان ۽ انهي جو نيڪ ڪردار آهي. هو خدائيت جي سڀني نظرين جو مخالف هو. هو عبادت خانن جوڙڻ عبادتون ڪرڻ جو به مخالف هو. بت پرستي ۽ هرقسم جي غلامي جي خلاف هو.
    انهي زماني ۾ هندستان ۾ ويدڪ ڌرم ڦهليل هو، هندو ڌرم ۾ ملوڪيت ۽ آقائيت جو عروج هو. مذهبي پيشوا پنهنجي پوئلڳن کي غلام سمجهندا هئا ، مندرن ٺاهڻ ، ظاهري عبادتون ڪرڻ ۽ ظاهري مذهبي رسمن تي گهڻو زور ڏنو ٿي ويو. انهي کانسواءَ ذات پات ، ۽ طبقاتي متڀيد جو زمانو هو. برهمڻ حاڪمن جا ساٿاري ٿي عوام تي وڌيڪ ظلم ڪندا هئا . مذهبي بندشن ۽ جوڙيل سخت قانونن سبب ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ هو. گوتم ٻڌ انهن سڀني ڳالهين خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. هن ظاهري عبادتن کي هڪ ڍونگ سڏيو. هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو، ته عبادت جي ڏيکاءَ وارين رسمن ۾ ڪابه صداقت ناهي. اهڙي طرح هن ٻڌ ڌرم جي پوڄارين کي متحد ڪرڻ لاءِ ڀڪشوئن جي تنظيم ٻڌ سنگه جو بنياد وڌو. سندس اهڙي تبليغ جي نتيجي ۾ مصيبت ماريل ماڻهن جو وڌو تعداد سندس پوئلڳ بڻجي ويو. هندستان کان وڌيڪ نيپال ،برما ، تبت ، جپان ، سريلنڪا ، چين ۽ ڪوريا تائين پکڙيو.سندس فڪري پوئلڳي سنڌ تائين به پهتي. سنڌ ۾ سندس پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ٿيو.
    مها گوتم جي تعليمي پرچار جي نتيجي ۾ هندو ڌرم جا پنڊت پنهنجي اثر کي بچائڻ لاءِ پنهنجن هٿ ٺوڪيل سخت قانونن تان هٿ کڻي ويا. ۽ هندو ڌرم جي نالي ۾ سماجي ڏاڍ گهٽجي ويو. مهاتما گوتم ٻڌ جي پوري عمر انسان جي خودشناسي جي پرچار ۾ گذري ، پر سندس وفات بعد سندس پوئلڳن طرفان کيس عظيم ديوتا جي حيثيت ڏني ويئي. سنگتراشن سندس خوبصورت مجسما ٺاهيا . سندس پوڄا شروع ڪئي ويئي . سندس وفات کان ٽي سئو سال پوءِ هندستان جي مهاراجا اشوڪ ، گوتم بڌ جا يادگار تعمير ڪرايا . اسٽوپا ٺهرايا، يادگار ٿنڀا هڻايا ، سنڌ ۾ به سنڌ جي راءِ گهراڻي جي حاڪمن جي اجازت سان اسٽوپا ، يادگار ٿنڀا ۽ ڀڪشو.ئن لاءِ عاليشان سنگهاسن تعمير ڪرايا، اهو سلسلو افغانستان جي باميان علائقي تائين پکيڙيو ويو. اهڙو ذڪر چيني ياتري هيونت سانگ به پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي.
    اهڙي ريت گوتم ٻڌ جي وفات بعد سندس پوئلڳن جي سماجي ۽ سياسي مفادن جي ور چڙهڻ سبب هي ڌرم به پنهنجو اصلي فڪري روح وڃائي ويٺو. تڏهن به ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن جو تعداد دنيا ۾ تمام گهڻو آهي. ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ اڄ به انساني خدمتن ۾ ايمان رکن ٿا. منجهن برداشت جي قوت وڌيڪ موجود آهي. هو هر قسم جي مذهبي انتهاپسندي جي خلاف آهن.
    ٻڌ ڌرم، هندو ڌرم خلاف هڪ اصلاحي ۽ انقلابي تحريڪ هئي، هن ڌرم نيپال ، تبت ، چين، جپان، ڪوريا کان سواءِ گنگا تهذيب، سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي وچ وارن حصن ۾ پنهنجو اثر قائم ڪيو. سرسوتي تهذيب جي سنڌ واري حصي اڇڙي ٿر جي ڪاهو جي دڙي ۾ هن ڌرم جي مڃتا جون نشانيون ملن ٿيون.


    سرسوتي تهذيب ۽ جين ڌرم

    سرسوتي تهذيب ۽ جين ڌرم
    هندستان ۾ هندو ڌرم جي سخت گير رويي جي ردعمل ۾ ٻه تحريڪون وجود ۾ آيون . اهي هيون ٻڌمت ۽ جين مت جون تحريڪون. ٻڌ ۽ جين تحريڪن اڳتي هلي ٻن جدا جدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا. جين ڌرم جي تحريڪ ٻڌ ڌرم جي همعصر آهي، پر ٻڌ ڌرم جي تحريڪ کان 30 سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم هندستان کان سواءِ ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به ڦهليو. جهڙوڪ چين، جپان، ٿائيلينڊ، برما وغيره انهي کانسواءِ سنڌ ۾ به هن ڌرم جو وڏو ڦهلاءَ ٿيو. ٻڌ ڌرم جي ايڏي وڏي ڦهلاءَ ۾ مهاراجا اشوڪ جي سرپرستي هئي. ٻڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم جي سنڌ ۾ ٽڪراءَ جو فائدو وٺي ئي عرب سنڌ تي قابض ٿي سگهيا. البته جين ڌرم هندستان کان ٻاهر ڪونه پکڙيو، جتي ٻڌ ڌرم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو، ۽ سنڌ جي رهواسين جي وڏي اڪثريت ٻڌ ڌرم کي قبول ڪيو، ان جي ڀيٽ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ فقط “ٿر” ۾ ملن ٿا. جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ ۾ هي ڌرم صرف ٿر ۾ وڌيڪ اثر انداز رهيو. سرسوتي تهذيب جو مذهبي عنصر طور حصو بڻيو. اهائي ڳالهه سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب جي وچ ۾ سنڌو پيدا ڪري ٿي. جيڪي ماڻهو سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب کي هڪ سمجهن ٿا. انهن جي ڄاڻ لاءِ جين ڌرم کي سمجهڻ ضروري آهي. .انهي ضرورت کي محسوس ڪندي، جين ڌرم جو تاريخي جائزو وٺڻو پوندو. جيئن ڳالهه چٽي ٿئي. جين ڌرم جي تاريخ به ڊگهي تاريخ آهي. ڇاڪاڻ ته هي به هڪ پراڻو مذهب آهي. عمر ۾ ٻڌ ڌرم کان فقط ٽيهه سال ننڍو آهي. پر جين مت جي مڃيندڙن جي نظر ۾ جين ڌرم تمام گهڻو آڳاتو آهي.


    جين ڌرم ۽ ان جا بانيڪار

    جين ڌرم ۽ ان جا بانيڪار
    جين ڌرم جي عقيدي موجب (جين) تمام پراڻو ڌرم آهي. موجوده جين ڌرم جي باني “مهاوير” کان اڳ ۾ 23 ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن. جن مختلف زمانن ۾ جين ڌرمن جو پرچار ڪيو جين ڌرم جي روايتن موجب انهن جون عُمريون ناقابل يقين جي حد تائين ڊگهيون هيون ۽ هو انتهائي ڊگهي قد وارا هئا. انهن جا نالا هي آهن . 1 . رشڀ ناٿ 2 ، اجيت ناٿ 3 ، سامير 4 ، اڀنيون 5 ، سمي 6 ، پدم پرڀا 7 ، سپر شو 8 ، چندر پرڀا 9 ، پشپ دلت 10 ، سيتل 11 ، شري انشاناٿ ، 12 ، واسو پوجيا 13 ، ڍمل 14 ، اننت 15 ، ڌرم 16 ، شانتي 17 ، ڪنٿو 18 ، ارا 19 ، رلي 20 ، مني سورت 21 ، نمي ، 22 ، نيمي 23 ، پارسو ناٿ .
    جين ڌرم جي انهن ٽيويهن بانيڪارن جي لسٽ مان معلوم ٿو ٿئي، ته جين ڌرم به شروعاتي انساني سماج جي عقيدت جي اظهار مان ڦٽي نڪتو. جيڪو ڪيترا ئي شروعاتي ارتقائي مرحلا طئه ڪندو اڳتي وڌندو رهيو. اهو عرصو به ڪو ڊگهي وقت تائين رهيو ۽ ائين هي ڌرم اسري نسري انساني روحاني سڪون جي تلاش جي جاکوڙ جي نتيجي ۾ پنهنجي اصلي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. جنهن کي موجوده جين ڌرم جي نالي طور تاريخ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. انهي بانيڪارن جي لسٽ ۾ ڄاڻايل يارهين اڳواڻ شري انشاناٿ جو تعلق سنڌ سان ڄاڻايو وڃي ٿو. اهو سنڌ ۾ رهيو پنهنجي ڌرم جي پرچار ڪري جين ڌرم جو سنڌ ۾ بنياد رکيائين ائين جين ڌرم جي مڃيندڙن جي دائري ۾ سنڌ به شامل ٿي . شري انشاناٿ سنڌ ۾ رهڻ کانسواءِ هندستان جي ٻين علائقن ۾ به رهيو ۽ ڌرمي پرچار ڪيائين ائين عمر جي آخري حصي ۾ هو هلندو هو اولهه بنگال تائين پهتو جتي پنهنجا پراڻ تياڳيائين . سندس زمانو ڪتابن جي ڄاڻ موجب 1500 ق م کان به آڳاٽو ٻڌايو وڃي ٿو. موجوده جين ڌرم جو باني، جين ڌرم جي بانيڪارن جي سلسليوارلسٽ موجب چوويهون اڳواڻ شري مهاوير جين هو. جنهن بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ وڌيڪ تفصيل ملن ٿا . جنهن مان هن ڌرم جي ارتقا جي رڪارڊ ۽ لاهن چاڙهن بابت بعد جا تفصيل معلوم ٿين ٿا .


    مهاوير جين

    مهاوير جين
    : موجوده جين ڌرم جي عقيدي موجب موجوده جين ڌرم جو باني “مهاوير” آهي مهاوير جو اصل نالو “ورڌماڻ” هو سندس پي جو نالو “سرهارته” هو جيڪو “ڪندا پور” ۽ “تير ساله” جي قبيلي “جڻاٿ” جو “سڏيو ويو آهي، هو “وديها” جي گادي جي هنڌ ويسامي ۾ ڄائو. سندس نالو ورڌماڻ جٿا تپترا رکيو ويو. جين ڌرم جي روايتن موجب هن جو ديهانت 545 ق_م ۾ ٿيو ٻئي اندازي موجب هو 599 ق_م ۽ 527 ق_ م جي وچ واري زماني ۾ جيئرو هو. انهي زماني ۾ هندستان ۾ گوتم ٻڌ، چين ۾ ڪنفيوشس ۽ لائوزي ، ايران ۾ زرتشت، ۽ عربستان ۽ فلسطين ۾ حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق پنهنجن پنهنجن مذهبن جي تبليغ ۾ مصروف هئا . هي زمانو دنيا ۾ خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ مذهبن جي شروعاتي جوڙجڪ جو زمانو هو. .
    ورڌماڻ جئين ته وڏ گهراڻي ۾ ڄائو هو. انهيءَ ڪري ابتدائي جواني جو زمانو ڏاڍي عيش، آرام سک ۽ آسودگي ۾ گذاريائين، جڏهن 30 سالن جو ٿيو ته دنيا ترڪ ڪري ٽيويهين ڌرم نيتا “پرسوناٿ” جو طريقو اختيار ڪيائين 12 سال اگهاڙو رهيو ۽ راهبانه زندگي اختيار ڪيائين، انهي زماني ۾ جهنگلن ۾ گهمندو ۽ رلندو رهيو. جانورن ۽ ماڻهن جي ڌِڪن ۽ ٿاٻن جي ڪري سندس جسم کي ڪيترا ئي زخم رسيا. پنهنجي جان تي ڏک ۽ سور انهيءَ ڪري سٺائين، ته جيئن هن کي پنهنجي جسم ۽ نفس تي ضابطو ۽ سهپ ٿئي. هي مذهبن جي تاريخ ۾ ڪنهن مذهبي بانيڪار جوهڪ منفرد تجربو هو. جيڪو اڳتي تصوف ۾ به اثر انداز ٿيو ۽ صوفين جو ملامتي فرقو تصوف جي دنيا جو اهم فرقو ليکجڻ ۾ آيو. سو شايد هن ڌرم کان متاثر ٿيل ٿو ڏسجي. سنڌ ۾ به هن فرقي جا ڪيترائي بزرگ ٿيا آهن. .
    جڏهن شري مهاوير کي يقين ٿيو، ته کيس پنهنجو پاڻ تي ضابطو ٿي ويو آهي. تڏهن هو رياضت جي تيرهين سال سماجي زندگيءَ ڏانهن موٽي آيو ۽ ڌرم نيتا ٿي، پنهنجي ڌرم جو پرچار شروع ڪيائين، هن هڪ غير معروف ڳوٺ “ڀاڪا گرام” (جيڪواجوپا لگا نالي درياءَ جي ڪناري تي آباد هو) ۾ اچي ديرو دمايائين. ان وقت کيس حقيقي گِيان حاصل ٿي چڪو هو، جنهن کي “ڪيول جتاتا” سڏيو ويندو هو، هن نئين مذهب “نرگرنٿا” جو پرچار شروع ڪيو، جنهن کي عام طرح جين ڌرم سڏيو ويو. “جين” جو مطلب آهي فاتحن جو ڌرم، جين ڌرم جي فرقي “سويتامبر” موجب هن وڪرمي سنبت کان 470 سال اڳ پرچار شروع ڪيو، “ڊگمبرا” فرقي موجب هن وڪرمي سنبت کان 605 سال اڳ پرچار شروع ڪيو، هن 30 سال پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو پوئلڳ بڻايائين، ان سلسلي ۾ هن “انڪار ويحا” ۽ “مگڌ” نالي علائقن جو سفر ڪيو، مگڌ جي مشهور حڪمران “ميسيار” ۽ ان جي پٽ “اجاتا استرو” سان ڪيترائي ڀيرا ملاقاتون ڪيائين. جين توڙي ٻڌ ڌرم جون روايتون انهن ٻنهي حڪمرانن کي پنهنجي پوئلڳن ۾ شامل ڪن ٿيون. انهن کان سواءِ هو ٻين علائقن جي راجائن سان به مليو ۽ ڌرمي پرچار ۾ چئن راجائن جو سهڪار حاصل ڪيائين، ڪن هنڌن تي وڏو اثر حاصل ڪيائين. اهڙي طرح هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هي ڌرم ڦهليو. مهاوير 72 سالن جي عمر ۾ ڏکڻ بِهار جي شهر “پاوا” ۾ پراڻ تياڳيا . يعني وفات ڪئي. هن ڌرم جي پرچار جي دائري ۾ هندستان ۽ سنڌ اچي وڃن ٿا . جنهن ڪري سرسوتي تهذيب جو پورو علائقو جين مت جي اثر ۾ رهيو.


    جين ڌرم جا متا

    جين ڌرم جا متا
    : ان زماني ۾ “نرواڻ” جو مسئلو مشهور هو “مهاوير” “نرواڻ” جا ٻه طريقا بيان ڪيا اهي هئا، “سلبي” يعني نفي يا انڪاري ۽ “ايجابي” يعني اثباتي يا هائوڪاري. “سلبي” نفي يا انڪاري طريقو هي آهي ته پنهنجي دل مان هر قسم جون خواهشون ۽ تمنائون ڪڍي ڇڏڻ. ڇاڪاڻ جو خواهشون ۽ تمنائون ڏک ۽ غم جو باعث بڻجن ٿيون. مهاوير جي سکيا موجب نرواڻ جو ايجابي يعني اثباتي يا هائوڪاري طريقو هي آهي، ته انسان جا عقيدا عمل ۽ علم صحيح هجن. هن عملن جي درستگي جو بنياد هيٺين پنجن ڳالهين تي رکيو آهي. .
    اهمسيا (آزادي) يعني ڪنهن به ساهه واري کي نه مارجي ۽ نه تڪليف ڏجي. ڇو ته هر ساهواري کي جيئڻ جو ايترو ئي حق حاصل آهي ، جيترو خود انسان کي حاصل آهي.
    ستيام يا سڌو رستو : سڌي رستي تي هلجي ڪنهن کي به نه ڏُکائجي هر ڪنهن سان ميٺ محبت سان هلڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته محبت سان ئي روحاني سڪون حاصل ٿي سگهي ٿو. ٻئي کي تڪليف ڏيندڙ ڄڻ پنهنجو ئي سڪون برباد ڪري ٿو. .
    استيام: چوري ۽ پرماريت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. حِلال روزي ڪمائجي۽ ٻين جا حق هضم نه ڪجن. ڇاڪاڻ ته جيترو ماڻهو پنهنجن شين سان پيار ڪري ٿو، اوترو ئي ٻيا پنهنجي شين سان محبت ڪن ٿا.
    برهم چاريت(پاڪ دامني): يعني پاڪائي واري زندگي گذارجي. ڇاڪاڻ ته نفساني خواهشون ئي انسان ۾ وحشيت پيدا ٿيون ڪن ۽ انسان ٻين جو احترام ۽ ساڃاهه وڃائي ٿو ويهي. ساڃاهه وڃائڻ بعد انسان غلط راهن تي ڀٽڪي پنهنجي زندگي جي مقصد جو رستو وڃائي ڇڏيندو آهي.
    اپري گراهه (مادي لذتون): يعني حواسن (ٻڌڻ، ڏسڻ، سنگهڻ ۽ چکڻ)کي قبضي ۾ رکڻ ، انهي ڪري جو مادي لذتون انسان جي گمراهي جو باعث بڻجن ٿيون. انسان جي حواسن جي بي قابو ٿي وڃڻ سان سندس سکيا جو عمل رڪجي وڃي ٿو ۽ انسان ۾ جهالت پيدا ٿئي ٿي. جيڪا ڳالهه انساني شعور کي ڇيهو رسائيندڙ آهي. انهن پنجن اصولن تي ئي جين ڌرم جو بنياد بيٺل آهي..
    جين مت ڪنهن به مافوق الفطرت تخليق ڪندڙ قوت جا قائل نه آهن. هنن جي عقيدي موجب خدا انسانن جي روح ۾ سمايل لياقتن ۽ صلاحيتن جي جِلا تڪميل ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي، يعني انسان جا سٺا عمل ئي خدائي اظهار آهن. مهاوير ويدن جي نظريه روح يعني اوتار جو به مخالف آهي، هن اها سکيا ڏني، ته انسانن کي ڪنهن انسان يا ڪنهن شئي جي پوڄا نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه هو پنهنجي خواهشن کي ضابطي ۾ رکي زندگي گذاري، ڪنهن کي به ڏک نه ڏئي نه ئي ڪنهن جي پوڄا ڪري، مطلب ته هن بت پوڄا ، انسان يا ڪنهن ٻئي شئي جي پوڄا کان روڪيو. ان هوندي به بعد ۾ سندس پوئلڳن بت ٺاهي، انهن جي پوڄا شروع ڪئي. البته ساهه وارن کي مارڻ يا تڪليف نه ڏيڻ واري اصول تي جين ڌرم جا پوئلڳ اڄ تائين قائم آهن. هو ڪنهن به ساهه واري جو گوشت نه واپرائيندا آهن. وات ۽ نڪ تي سنهو ڪپڙو ٻڌندا آهن، ته جئين ڪو تمام ننڍڙو ساهه وارو به وات ۽ نڪ ۾ هليو نه وڃي . هو پيرن اگهاڙا گهمندا آهن ته متا ڪو جيت جڙو جتي جي زور تي چيڀاٽجي مري نه وڃي


    جين مت جا فرقا :

    جين مت جا فرقا :
    چندر گپت موريا واري زماني ۾ ڪپڙن پائڻ واري مسئلي تي جين ڌرم جا ٻه فرقا ٿيا. هڪ فرقي جو نالو “سوتيامبر” آهي. هن فرقي وارا اتر هندستان ۾ رهائش پذير آهن ۽ سفيد ڪپڙا پائيندا آهن. ۽ ٻيو فرقو ڏکڻ هندستان ۾ رهي ٿو ۽ ان جو نالو “ڊگمبر” آهي. هي ڪپڙا بلڪل ڪون پائيندا هئا ۽ اگهاڙا رهندا هئا. مسلمانن جڏهن ڏکڻ هندستان جا علائقا فتح ڪيا، ته هنن “ڊگمبر” فرقي وارن کي ڪپڙن پائڻ تي مجبور ڪيو. پر انهي زماني ۾ به جين ڌرم مڃڻ وارا ٻاهرئين ڪار وهنوار لاءِ نڪرڻ وقت گهرن مان ڪپڙا پائي نڪرندا هئا . پر واپس پنهنجي گهرن ۾ ذاتي زندگي دوران اگهاڙا رهندا هئا .
    ڀدر باهه ”ڊگمبر فرقي جو وڏو پيشوا ٿي گذريو آهي، جنهن جو ديهانت 357ق -م ۾ ٿيو. ڪن جي چوڻ موجب سندس ديهانت سن 83ع ۾ ٿيو. اڳتي هلي هن فرقي شري سوڀرتي جي اڳواڻي ۾ پنهنجو اوج ورتو. ائين هن ڌرم۾ وقت بوقت وڌيڪ فرقا به ٺهندا رهيا. جن مان هيٺيان فرقا مشهور رهيا.
    کرتر: هن جو بنياد “ورڌماڻ” جي شاگرد “جنسيور” 967ع ۾ وڌو. البت ڌرم ساگر ڪتاب ۾ “جيندت آچاريه” کي هن فرقي جو بنياد وجهندڙ تسليم ڪيو ويو آهي. هي فرقو پڻ جين ڌرم جو اهم فرقو آهي. سندس پوئلڳ پڻ موجود آهن..
    آئوچل گچيڇ: هن فرقي جو بنياد 1104ع ۾ پيو جيڪو “چندر گچيڇ” فرقي جي هڪ شاخ هو. هن فرقي جا پوئلڳ به پيدا ٿيا. اڃان تائين هن فرقي جا مڃيندڙ موجود آهن..
    پرڻي يڪ پڪش: چندر پرڀا آچاريا چتر درسيا پڪش جو جڏهن جاءِ نشين ٿيو، تڏهن هن نئين فرقي “پرڻي يڪ پڪش” جو بنياد وڌو. هن فرقي جا پوئلڳ پڻ موجود آهن.
    لمپاڪ: هن فرقي جو بنياد 1451ع ۾ پيو، هن فرقي جي شاخ “وشڌو” جو بنياد 1477ع ۾ پيو: 1511ع ۾ لمپاڪ فرقي جي شاخ “ناگپوريه” جو بنياد “روپ رشيءَ” وڌو، هو “مالساڊو” ڳوٺ جو رهاڪو هو هن جي پوئلڳن پنهنجي لاءِ پنهنجو نالو ناگپور اختيار ڪيو جئين هنن کي “اندر” ڳوٺ جي روپ رشيءَ جي پوئلڳن طور الڳ حيثيت رهي..
    ڪٽڪ: هن فرقي سن 1507ع ۾ ترقي ڪئي، هن جي بانيڪار بابت ڪو ذڪر نه ٿو ملي ، البت هن فرقي جا پوئلڳ پڻ هڪ الڳ طور طريقي سان سان جين ڌرم تي هلن ٿا. اهڙي ريت هڪ وڌيڪ فرقي پاسچندر جو ذڪر پڻ ملي ٿو . جنهن جو بنياد 1515ع ۾ پيو هو.


    جين ڌرم جا ڪتاب :

    جين ڌرم جا ڪتاب :
    چوٿين صدي قبلِ مسيح جي آخر ۾ ڏکڻ بِهار ۾ ڏڪار ٿيو. جنهن ڪري “ڀورڀا هُو” جي اڳواڻي ۾ جين ڌرم وارن جو وڏو تعداد ميسور ۽ ان جي پسگردائي ۾ وڃي آباد ٿيو، جيڪي جيني “پاتلي پترا” ۾ رهيا .انهن هڪ ڪائونسل قائم ڪئي، ته جيئن مقدس ڪتابن کي نئين سر مرتب ڪيو وڃي، هن ڪائونسل 12 انگس ڪتاب تيار ڪيا. سوتيامبر فرقي جي روايتن موجب ڪائونسل جي تيار ڪيل انگس جو مجموعو “ڀدرباهُه” جي پيشوائي جي ڏينهن ۾ مرتب ٿيو، سن 139ع ۾ جين ڌرم وارن پنهنجون ڌرمي ڳالهيون لکت ۾ آنديون، هنن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي، ته اصل ۾ اهي ڳالهيون 545 ق م ۾ لکيون ويو هيون، جيڪي وري نئين سر لکيون ويو آهن . 453ع ۾ ترتيب ڏنل جين ڌرم جي ڌرمي ڪتابن تي آخري نظر ثاني ڪئي وئي، ان مقصد لاءِ ولي ڀائي گجرات ۾ ڪائونسل قائم ڪئي، انهي ڪائونسل جي “دور ڌيگڻن” ۽ “ڪشما سرمڻ” جين مت جا سمورا متا گڏ ڪري انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيو.
    آساڌر پٽ سڪلشن، “سپا دلڪش” جو رهاڪو هو. 1235ع ۾ مسلمان حڪمران التمش جي ڏينهن ۾ جڏهن اهو علائقو مسلمانن فتح ڪيو، ته هو مالوا ۾ اچي رهيو. اتي جين ڌرم جا متا سکيا ۽ جين مت جي سکيا بابت “ترشش ٽسمڙتي” نالي ڪتاب لکيو
    مطلب ته جين ڌرم جي لکيتن کي انگس سڏيو ويندو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي هدايتون، اصل ۾ جسم جا ٻارهن وڏا عضوا آهن، جن کي انهن انگس جي هدايتن موجب ڪنٽرول ڪرڻو آهي. مستند انگس بابت به جين ڌرم جي فرقن ۾ تضاد آهي ، سٿنڪواسي فرقي موجب ٽيٽيهه انگس مقدس آهن. سوتيامبر فرقي موجب مقدس انگن جو تعداد پنجيتاليهه آهي.باقي ٻيا فرقا چوراسي انگس کي مقدس مڃين ٿا. انگس اصل پراڪرت يعني پالي ٻولي ۾ لکيل آهن. انهن جي شرح سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل آهي. ڪن انگس جو ترجمون نموني طور ڏجي ٿو...
    جيڪو ماڻهو ساهه وارن کي ايذائي ٿو، انهي ڄڻ ڌرم جي حقيقت کي نه سمجهيو ۽ ڏوهه جا ڪم ڄڻ نه ڇڏيائين. جيڪو ماڻهون ساهه وارن کي تڪليف نه ٿو ڏئي، ان ڌرم جي اصولن کي سمجهيو ۽ ڏوهه گناهه ڄڻ ڇڏي ڏنائين ۽ سچو جيني بڻجي ويو..
    ڄاڻي ٻجهي سياڻي ماڻهو کي ساهه وارن کي ڏکوئڻ نه گهرجي، نه فقط ايترو پر هن کي ٻين لاءِ به اهڙن ڏوهن ڪرڻ جو سبب پيدا ڪرڻ نه گهرجي. ۽ ٻين کي اهڙين خطائن ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو ساهه وارن کي ايذائڻ وارن ڏوهن جا سبب ڄاڻي ٿو، اهو نرواڻ وارو آهي.
    جين ڌرم، ٻڌ ڌرم وانگر هڪ تعميري ۽ انساني ڪردار جي اهميت کي مڃيندڙ ڌرم آهي. گنگا ، سرسوتي ۽ سنڌو تهذيب جي ڏاکڻين علائقن جي قديم آثارن ۾ هن ڌرم جي مڃتا جا اهڃاڻ ملن ٿا. سرسوتي تهذيب جي سنڌ واري حصي جي ٿرپارڪر واري ٿر ۾ نوهٽو، ڀوڏيسر، پاريننگر، ڏوتڙ، ويرا واهه ، گوڙِي مندر۽ ڪارونجهر جي ٽڪرين ۾ جين ڌرم جي مڃتا جا اهڃاڻ چٽي نموني موجود آهن.


    شو مهاديو

    شو مهاديو
    هندو ڌرم سماجي تصورن ۽ خيالن مان ڦٽي نڪتل مذهب آهي. هي مذهب ارتقائي منزلون طئه ڪندي هزارين سالن جو سفر ڪندي، هندستان جي مختلف علائقن ۾ اتان جي جاگرافي، سماجي حالتن سان پنهنجو ناتو جوڙيندي، ڪيترين ئي ڪهاڻين کي جنم ڏيندي، اڳتي پنهنجو ارتقائي سفر جاري رکيو اچي. انهي ڪري مختلف جاين تي سندس عقيدتي تصورن ۾ به ڪجهه فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هندو مذهب جو ڪو به هڪ باني ناهي، پر هي هزارين سالن جي انساني روين ۽ عقيدن مان جنم ورتل مذهب آهي. هن مذهب جي ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار ديومالائي آهن. هندو ڌرم جي ٽمورتي ۾ برهما ، وشنو ۽ شو مهاديو آهن. انهي ڪري هڪ ديومالائي ڪردار شو مهاديو به آهي. جنهن جو شمار هندو ڌرم جي قديم بانيڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن ڌرم جو اثر هندستان ۽ سنڌ جي ڏاکڻين حصن ۾ نمايان رهيو آهي. اڄ به شو جا قديم مندر هندستان ۽ سنڌ جي ڏاکڻين حصن ۾ موجود آهن. جن جي جوڙجڪ مان هتان جي ماڻهن جي روين ، عقيدن ، ۽ سماجي لاڙن جو پتو پوي ٿو. شو جا ڪجهه مندر ڪاريگرن جي ڪاريگري جا شاهڪار . جن مان هن مندر اڏيندڙن جي انتهائي جذباتي عقيدت جي خبر پوي ٿي.
    هي مذهب ويدن کان به آڳاٽو آهي. رگويد ۾ شو مهاديو جو ذڪر ردر جي نالي سان موجود آهي. شو مهاديو جي ديو مالائي ڪهاڻي ۾ هن کي پنهنجي زال پارپتي سان پيار ڪندڙ ۽ هن سان گڏ نچندي ڪڏندي گهمندي ڦرندي ڏيکاريو ويو آهي. شو پنٿ ۾ عورت ۽ مرد جي جنسي لاڳاپن ۽ انهن جي مثبت اثرن جو تصور ڏنل آهي. عورت کي تخليق جو سرچشمو سڏيو ويو آهي. هن ڌرم جي بنيادي تصورن ۾ اها ڳالهه چيل آهي، ته عورت ۽ مرد جا جنسي ۽ هڪٻئي سان پيار ڪرڻ وارا رويا ئي هن ڪائنات ۾ تخليق سان گڏ سڪون ڏيندڙ آهن. شوپنٿ ۾ اها ڳالهه مجموعي طور چٽي ڏيکاريل آهي، ته سگهاري تخليق لاءِ ذهن جو پر سڪون هئڻ ضروري آهي. ذهن جي طاقتور خوراڪ تفريح آهي. جيڪو ذهن تفريح کان وانجهيل آهي سو تخليق نه ٿو ڪري سگهي. انهي ڪري ذهني تفريح لاءِ ۽ ذهن ۾ سماجي ناانصافين جا درد گهٽائڻ لاءِ نشي جو سهارو وٺڻ گهرجي. ذهني تازگي لاءِ شراب ، ڀنگ وغيره جهڙا نشا واپرائڻ گهرجن. جيئن انسان پرسڪون رهي، ڪجهه سوچي سگهي.
    شو مهاديوجي ڪهاڻي ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ مست شيطان هئا، جيڪي هن جي طاقت هئا. جن وسيلي هن اشورت سان وڙهي، سندس مضبوط قلعا فتح ڪيا. مجموعي طور شو پنٿي شو مهاديو کي سڀ کان وڌيڪ سگهارو ديوتا سمجهندا آهن. سندن عقيدي موجب شو مهاديو سڀني ديوتائن جيتري طاقت رکي ٿو. مهاڀارت ۾ به ڪيترين جاين تي شو مهاديو جي سگهه کي تسليم ڪيو ويو آهي. شو مهاديو سندس اها بي انتها طاقت سڀني ديوتائن مان حاصل ڪئي. جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو. ته اشورون ديوتا هڪ سگهارو ديوتا هو. جنهن جا مضبوط قلعا هئا، جن تي هن جو قبضو هو. انهن قلعن کي واپس وٺڻ لاءِ اهو ضروري هو، ته هڪ ئي تير هلائي اشورون کي ختم ڪري . ديوتائن جي حڪمران اندر ديوتا، شو مهاديو کان مشورو ورتو ته ڇا ڪجي . شو ديوتا چيو ته آئون ديوتائن کي پنهنجي اڌ طاقت ڏيان ٿو. جيڪڏهن ديوتائن همت ڪئي، ته هو فتحياب ٿي موٽندا. ان بعد شو مهاديو پنهنجي اڌ شڪتي انهن ديوتائن کي ڏني. پر هو ناڪام موٽي آيا. ان بعد شو مهاديو ديوتائن کان سندن اڌ طاقت ورتي ۽ اشورون سان مقابلي لاءِ روانو ٿيو. شو مهاديو اشورون تي فتح پائي ڪاميابي سان موٽيو، ۽ هن ديوتائن کي سندن ڏنل طاقت واپس نه ڪئي. ائين هن ۾ سڀني ديوتائن جي شڪتي رهجي ويئي ۽ هو سڀني ديوتائن کان شڪتي ۾ وڌي ويو. شو مهاديو جا سندس عقيدتمندن طرفان رکيل هزارين نالا آهن ، جن مان مهاديو کان سواءِ مهيشور، ايشور، شنڪر، شمڀو، ۽ مهاڪال سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن. شو جو رنگ اڇو ۽ ڳچي ڪاري يا نيري رنگ جي آهي. هن جون پنج سسيون ، چار ٻانهون ۽ ٽي اکيون آهن، سندس هڪ اک نرڙ ۾ به آهي. اهڙي قسم جا بت شوپنٿي ماڻهن جي پوڄا ۾ اچن ٿا. شو پنٿي ماڻهن جو عقيدو آهي، ته هندو ڌرم جي ٽمورتي ۾ برهما ۽ وشنو جي رهائش لاءِ آسمان آهن، پر شومهاديو وٽ هڪ آسمان آهي. هن جي رهائش جو ٺڪاڻو هماليائي سلسلو ۽ ڪيلاش پربت آهي. ۽ شو جو اهو آسمان آهي. جتان گنگا کان سواءِ ٻيون نديون به نڪرن ٿيون، انهي ڪري هو اناج پيدا ڪندڙ ديوتا آهي.
    شو مهاديو جا پوڄاري پنهنجي مندرن ۾ شو جي لنگم جي پوڄا ڪندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ته شو جا لنگم ٺاهي، پنهنجي گهرن ۾ رکڻ کي به برڪت جي نشاني سمجهيو ويندو هو. اهڙا لنگم سان ڀريل ٿانو سنڌ جي تاريخي ماڳن تان مليا آهن. سنڌ ۾ شوپنٿي عقيدا ايترا ته مقبول هئا، جو سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي سلوارن ۾ جهوڙيدار اڳٺ وجهڻ تي فخر ڪندا آهن ۽ سنڌي مسلمان پنهنجن پٽن جي طهر تي شاندار خوشي ۽ وڏا ڀت ڪرڻ ضروري سمجهندا آهن. جيڪا سندن انهي شو پنٿي عقيدت ۽ لنگم جي پوڄا جي رهجي ويل باقيات جون نشانيون آهن.
    ڏکڻ سنڌ جي خاص ڪري سرسوتي تهذيب جي ڀاڱي ۾ قديم تاريخي ماڳن ۾ شو جا مندر موجود آهن . جنهن مان اهو ثبوت ملي ٿو، ته سنڌ ۾ شوپنٿ جو وڏو اثر هو. ورهاڱي بعد شو جا ڪجهه پوڄاري پنهنجي رشتن ۽ مائٽي جي تعلق سبب هندستان ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا . هن وقت سنڌ ۾ شو مهاديو جا پوڄاري ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. اڃان به شو مندرن تي ميلا ملهايا وڃن ٿا . جن ميلن ۾ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ وڏي تعداد ۾ شامل ٿين ٿا . رتوڪوٽ جي ڀرسان ناري واه جي ڪپ سان هڪ شو مندر آهي، جتي ٺڪر مجاور رهي ٿو . هتي به هرسال ميلو لڳي ٿو. جنهن ۾ ٺڪر، هندو سونارا ، مينگهواڙ، مالهي ، ڪولهي ۽ کٽي وڏي تعداد ۾ ايندا آهن.


    سرسوتي تهذيب تي مذهبن جو اثر

    سرسوتي تهذيب تي مذهبن جو اثر
    سرسوتي تهذيب جو دائرو گنگا تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جي وچ ۾ هئڻ ڪري هڪ طرف ٻنهي هم عمر تهذيبن جو اثر سرسوتي تهذيب تي ٿيو، ته ٻئي طرف وري ٻنهي تهذيبن جي ٽڪرائن جي وچ ۾ اچڻ ڪري هن تهذيب جو نظام به متاثر ٿيو. هندو ڌرم جي ارتقائي مرحلن دوران عقيدتمندن جي اندروني تضادن سرسوتي تهذيب تي اثر ڇڏيا، تهذيبي ارتقائي مرحلن دوران وچ ۾ هئڻ سبب سرسوتي تهذيب جي ماڻهن ۾ اڻ ڌريو رويو پيدا ٿيو. جنهن سبب هندو ڌرم جي مذهبي تضادن دوران سرسوتي تهذيب جي ماڻهن جي من ۾ هندو ڌرم کان بيزاري به پيدا ٿي. اهوئي سبب هو جو هندومت جي خلاف جڏهن ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم برسر پيڪار ٿيا ، ته سرسوتي تهذيب جي ماڻهن جو لاڙو ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم طرف ٿيو. ويدڪ دور جي هندو مت جي فرقن وچ ۾ جنگين جي دوران سرسوتي تهذيب جي دائري ۾ ايندڙ علائقا به ميدان جنگ بڻيا . هندو ڌرم جي فرقن جي وچ ۾ پهرين وڏي جنگ مهاڀارت به سرسوتي تهذيب جي حدن ۾ لڳي ، جنهن جا سرسوتي تهذيب جي ماڻهن کي نقصان به برداشت ڪرڻا پيا. جنهن سبب هتي ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جي پوئلڳي وڌي ويئي. سڪندر يوناني جي حملي بعد چندر گپت موريا جي حڪومت جي طاقت به سرسوتي تهذيب جي علائقن ۾ اسري ۽ نسري، حالانڪ شروع ۾ چندر گپت جي استاد چاڻڪيه کي پاڻيپٽ مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. مٿس بي انتها تشدد ڪري کيس پاڻيپٽ جي ڀرسان گهاٽن جهنگلن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪيو هو، پر جڏهن چندر گپت جي حڪومت قائم ٿي، سرسوتي جي ماڻهن سندس ساٿ ڏنو. جيئن هو ٽڪرائن کان بچي سگهن. انهي مان ثابت ٿيو ته سرسوتي تهذيب جي ماڻهن ۾ لڳاتار مذهبي جنگين سبب مصلحت پسندي جو ڏانءَ پيدا ٿي چڪو هو. جنهن مصلحت پسندي سبب هنن موريا سلطنت سان ٽڪراءُ نه کاڌو. پر مهاراجا اشوڪ جي زماني ۾ سرسوتي تهذيب جي ماڻهن مهاراجا اشوڪ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن زماني ۾ ئي ٻڌ ڌرم جي اوسر سرسوتي تهذيب جي دائري کان ٻاهر نڪري سنڌ افغانستان ۽ چين تائين پهتي. سرسوتي تهذيب جي ماڻهن ٻڌ ڌرم کي دل سان قبوليو. پر جين ڌرم جو اثر به هتي هندو ڌرم کان بيزاري سبب موجود هو. مهاراجا اشوڪ جي زماني ۾ جين مت جا پوڄاري سرسوتي تهذيب جي ڏاکڻئين علائقن طرف هليا ويا ، جتي مهاراجا آشوڪ جو اختيار نه هو. اهوئي سبب آهي جو ٻڌ ڌرم جا آثار سرسوتي جي شهرن جي قديم آثارن کان ويندي، سنڌوتهذيب جي هڙپه ، ٽيڪسيلا ، موهن جو دڙي کان به اڳتي ٽپي افغانن جي باميان علائقن تائين پهتا ، ڏکڻ ۾ ڪاهو جي دڙي کان ڏکڻ طرف سرسوتي جي دائري ۾ ايندڙ علائقن ۾ٻڌ ڌرم جو ڪو به آثار موجود ناهي . انهن ڏاکڻين علائقن ۾ وري جين ڌرم جو عروج هو. جتي جين ڌرم جا قديم مندر ۽ ڏهرا موجود آهن. سرسوتي تهذيب جي حدن کان ٻاهر اوڀر طرف سنڌو تهذيب جي علائقن ۾ جين ڌرم جو ڪو به آثار نه ٿو ملي . انهي مان ثابت ٿيو ته جين ڌرم جو ڦهلاءَ سرسوتي تهذيب جي ڏاکڻين علائقن کان ويندي، پوري ڏکڻ هندستان ۾ مهاراشٽر صوبي تائين ٿيو. جتي جين ڌرم جا مندر ۽ ڏهرا موجود آهن. هن وقت به ڏکڻ هندستان ۾ جين ڌرم جا مڃيندڙ وڌيڪ موجود آهن. هندستان ۾ مذهبي ٽڪرائن جو مرڪز هندستان جو شهر بنارس وڌيڪ رهيو ، جيڪو هن وقت تائين هندو ڌرم جو وڏومرڪز آهي. بنارس جو شهر جيئن ته سرسوتي تهذيب جي اوڀرئين سرحد تي هو. انهي ڪري اڳتي هلي، .مسلمانن جي ڪاهن وقت به هندو مسلم قوتن جو ميدان جنگ سرسوتي جو علائقو پاڻيپٽ رهيو. سن 1194ع ڌاري قطب الدين ايبڪ بنارس تي حملو ڪري هن شهر جا سمورا مندرڊاهي ڇڏيا. 1376ع ۾فيروز شاه تغلق به هتي حملو ڪري رهيا کهيا مندر ڊاهي ڇڏيا. ڪجهه مندر ٺاهيا ويا ته 1496ع ۾سڪندر لوڌي مندرن جي تعمير ڪرڻ وارو ڪم سختي سان روڪائي ڇڏيو. ساڳئي نموني وري سرسوتي جي ڏاکڻئين طرف سومناٿ مندر کي به محمود غزنوي لٽيو. مطلب ته سواءِ اڪبر اعظم جي دور جي مسلمانن جي حملن سمورا مندر اسرڻ نه ڏنا. اهڙين حالتن ۾ ڀڳتي تحريڪ شروع ٿي جيڪا هڪ صوفي قسم جي تحريڪ هئي، جنهن تحريڪ جو مقصد هندو مسلم تضاد گهٽائڻ هو. هن ڏس ۾ ڀڳت ڪبير، سورداس وڏو فڪري ڪم ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ جلد ئي 1507ع ۾ گرونانڪ سک مت جي تحريڪ شروع ڪئي. جنهن صلح ڪل مذهب جو نعرو هنيو. پر انهي تحريڪ جو اثر سرسوتي جي اترين علائقن يعني پنجاب ۾ وڌيڪ رهيو. جڏهن ته سرسوتي جي ڏکڻ ۾ ڀڳتي تحريڪ جي اثر سبب صوفي بزرگن جي روحاني اثر سبب مذهبي ايڪتا سگهاري ٿي. اهوئي سبب آهي جو هريانه کان هيٺ سرسوتي تهذيب جي علائقن، راجستان ، گجرات ۽ اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر ۾ مذهبي تضاد نه هئڻ جي برابر آهي. سرسوتي تهذيب جي ڏاکڻئين حصي ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون ۽ راجواڙا قائم ٿيا ، جن راڄواڙن جا راجا به سيڪيولر قسم جا هئا . هن طرف سرسوتي جي گم ٿيڻ سبب ۽ ريگستاني علائقن جي اڙانگن رستن سبب هتي دهلي جي سرڪار يا سنڌ جي حڪومت جي پهچ به گهٽجي ويئي. جنهن سبب هتي قبائلي ننڍڙيون حڪومتون راڄوڻي حساب سان هلڻ لڳيون . جيڪو راڄوڻي نظام اڃان تائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود آهي

    .


    سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل قديم ماڳ مڪان

    سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل قديم ماڳ مڪان
    سرسوتي تهذيب جو دائرو هونئن ته تمام وڏو آهي. جيڪو گنگا ندي جي ڊيلٽا ۽ سنڌو ندي جي ڊيلٽا جي وچ ۾ پکڙيل آهي. جنهن ۾ سوين قديم ماڳ مڪان آهن. جن جي کوٽائي ۽ مڪمل تحقيق بعد ئي هن قديم تهذيب جا ڳجها راز پڌرا ٿيندا. جيڪو هڪ تمام وڏو ڪم آهي، جيڪو ڪي ملڪي ادارا ئي ڪري سگهن ٿا. اڪيلي ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي. هن ڪتاب ۾ جيئن ته سنڌ ۾ موجود سرسوتي جي ڊيلٽا جي ننڍڙي حصي کي ڏسي مشاهدو ڪري ڪجهه نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. انهي ڪري اهو ضروري آهي، ته سرسوتي ڊيلٽا جي سنڌ واري حصي ۾ موجود قديم ماڳ مڪانن بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪجي. هونئن ته سرسوتي جي سنڌ واري حصي ۾ به ڪافي ماڳ مڪان اهڙا به هوندا، جيڪي ڊيلٽا جي هن حصي جي ريگستان ۾ هزارين مڻ مٽي جي هيٺان دٻيل هوندا. جن جي ڳولا به ادارن لاءِ ئي ممڪن آهي. باقي اڪيلي سر انهن سمورن ماڳن جا رڳو نالا به هٿ ڪرڻ مشڪل آهن. پر جن ماڳن جي ماضي ۾ کوٽائي ٿي آهي، يا انهن جي باري ۾ ڪجهه محققن تحقيق به ڪئي آهي. يا مون پنهنجي تحقيقي سفر ۾ جيڪي ماڳ ڳولي لڌا. تن جو ذڪر ڪرڻ هن ڪتاب ۾ نهايت ضروري آهي. جيئن قديم سرسوتي تهذيب جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. هيستائين سنڌ جي سرسوتي ڊيلٽا جي حصي ۾ جن به تاريخي ماڳن جي معلومات ملي سگهي آهي سا هيٺ ڏجي ٿي.


    وڄڻوٺ جو دڙو :

    وڄڻوٺ جو دڙو :
    هي گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏهرڪي کان 15 ڪلوميٽر ۽ ريتي کان 6 ڪلو ميٽر اوڀر اتر جي ڪنڊ تي پهريائين 60 ايڪڙن تي پکڙيل هو، پر هاڻي انهي جا نشان باقي نالي ماتر وڃي رهيا آهن. هن ڀڙي ۾ هڪ عاليشان قلعي جا آثار به هئا، هن آثار ۾ تمام وڏيون سرون جن جو وزن 5 ڪلو کان 10 ڪلو تائين آهي، ملن ٿيون، جيڪي هٿ سان بنا ڪارپ جي ٺهيل آهن. هنن سرن جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ ۽ ويڪر هڪ فوٽ آهي. هتان هيڊي رنگ جي پٿر جا بلاڪ پڻ ملن ٿا. جيڪي ڪنهن مذهبي جاءِ جي باقيات آهن. آثارن جي ڀر ۾ پاڻي جي وهڪري جا به نشان ملن ٿا. هتان جي ماڻهن جي چوڻ موجب هڪ وڏي مورتي به هٿ آئي هئي، جيڪا پنجاب جو ڪو همراه کڻائي ويو. هن آثار مان ٽامي جا ٽيڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا سڪا به مليا هئا. جيڪي گم ٿي ويا. هن دڙي جي کوٽائي نه ٿي آهي. هنن آثار جي ڪابه مالڪي نه آهي، انهي ڪري هي قيمتي قديم آثار لاوارثي سبب ختم ٿي ويا آهن. بيهڪ جي لحاظ کان هي قديم ماڳ سرسوتي تهذيب جو ماڳ هو. جنهن ۾ رهاڪو ماڻهن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ کوٽائي ۽ تحقيق بعد ئي معلوم ٿي سگهندي.


    مومل جي ماڙي :

    مومل جي ماڙي :
    گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلي ۾ دڙي جا نشان آهن. جنهن کي اتان جا ماڻهو مومل سان منسوب ڪندي مومل جي ماڙي سڏين ٿا . هن دڙي هيٺان عاليشان عمارتون دفن آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون ٻيون عمارتون ۽ دڙا به هجن، جيڪي وقت جي وهڪرن ۽ ماڻهن جي هٿ چراند سبب گم ٿي ويا هجن. بحرحال اڇڙي ٿر جي اترئين سري تي هٿ ايل هي دڙو به هڪ قديم تهذيب جو نشان آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سرسوتي ۽ هاڪڙي جا قديم وهڪرا هتان گذرندا هئا. ته ٻئي طرف هتان کان اولهه ۽ اوڀر جي ملڪن ڏانهن ويندڙ واپاري شاهراهه به هئي. انهي ڪري هر لحاظ کان هي هڪ وسندڙ ۽ آباد علائقو هو. انهي ڪري هتي قديم تهذيب جا نشان ملڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته هتان جي لڌل دڙن جي باقاعدي کوٽائي ڪري قديم ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.


    اروڙ

    اروڙ
    روهڙي کان اوڀر ڏکڻ 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سنڌ جي هڪ قديم ۽ صدين تائين سنڌ جي تختگاهه رهندڙ شهر اروڙ جا ڦٽل آثار موجود آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ هن شهر جي شاندار ماضي ۽ خوبصورت عمارتن سان گڏ مضبوط ترين قلعي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جا ڪئين داستان موجود آهن. عربن جي حملي کان به اڳ ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومتن جي دور ۾ هي شهر سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. چيني سياح هيونت سانگ به هن شهر جي مهمان نوازي ، امن امان ۽ خوبصورتي جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر سورلي پنهنجي مشهور ڪتاب گزيٽيئر ۾ هن شهر کي سنڌ جي هڪ وڃايل ندي ( سرسوتي ) جي رهجي ويل باقيات ناري جي ڪناري تي موجود ڄاڻايو آهي، جنهن کي ڪنهن دور ۾هاڪڙو ندي به سڏيو ويندو هو. سورلي پنهنجي انهي ڪتاب ۾ ٿامس پيننٽ جي تيار ڪيل هندستان جي نقشي جي آڌار تي ٻڌائي ٿو، ته اها ندي هماليا کان نڪري ستلج جي اڀرندي پاسي کان وهندي عمرڪوٽ جي پاسي مان گذري ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڊاڪٽر سورلي جي راءِ موجب هن ندي کي هاڪڙو ندي کان سواءِ ڪن جاين تي گهگهر ندي به سڏيو ويو آهي . جيڪا هاڻي ناري جي روپ ۾ سنڌو درياءِ جي اٿل جو پاڻي کڻي پراڻي ڍوري رستي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن شهر جي بربادي کي ڪن ڪتابن عام حڪايتن جي بنياد تي سنڌ جي حاڪم راجا دلوراءِ جي ظلمن سان منسوب ڪيو آهي. پر تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ۾ اها ڳالهه صحيح نظر نه ٿي اچي. محققن جو رايو آهي، ته هن شهر جي ويران ٿيڻ جو سبب سن 962ع ۾ آيل وڏو زلزلو هو. جنهن زلزلي جي نتيجي ۾ سنڌو درياهه هن شهر کان پنهنجو رخ مٽايو. جنهن بعد هي شهر اجڙڻ لڳو.
    هن شهر جي آثارن ۾ محمد بن قاسم سان منسوب ٿيل هڪ مسجد جا آثار به موجود آهن ، جنهن بابت وري ڪن محققن جورايو آهي، ته اها مسجد اورنگزيب عالمگير تعمير ڪرائي. جيڪا ڳالهه به ڪن محققن جي راءِ موجب درست ناهي. مسجد جي طرز تعمير کي نظر ۾ رکي ۽ انهي جي تعمير ڪرائيندڙ جي نالي بابت اڃان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اروڙ جي مسجد بابت آئون به انهي راءِ جو آهيان ته هي مسجد محمد بن قسم جي ٺهرايل ناهي. ڇو ته هن مسجد کي محراب آهي. جڏهن ته انهي زماني ۾ مسجدن ۾ محراب ٺاهڻ جو رواج نه هو. هتي ٻن بزرگن جون مزارون به موجود آهن . جن مان هڪ حضرت قلندر لال شهباز جي همعصر بزرگ شاهه شڪر گنج رح ۽ ٻي حضرت مخدوم جهانيان جي مريد مخدوم شيخ قطب رح جي آهي، ان جي ڀرسان هڪ ننڍي مسجد به آهي. انهن درگاهن کانسواءِ هتي ڪالڪان ديوي جو تاريخي مندر پڻ موجود آهي.
    هن شهر جي آثارن جي آسپاس به ڪجهه قديم انساني آبادين جا نشان مليا آهن. مسٽر اين جي مجمدار ايڪسپلوريشن ان سنڌ ۾ لکيو آهي، ته اروڙ جي آثارن جي اتر اوڀر پاسي ننڍڙن دڙن جو هڪ جهڳٽو آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو ڳڙهي گور جي نالي سان سڃاڻن ٿا. جڏهن هن دڙي کي کوٽيو ويو، ته انهي مان ستين يا اٺين صدي جون چٽيل سرون هٿ آيون. جن جي چٽن ۽ نشانن کي ڏسي معلوم ٿيو ته اهي هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهن جون ٺاهيل آهن. هن شهر جي وڌيڪ کوٽائي نه ٿي سگهي . ائين آثار گم ٿي ويا . اهڙي ريت روهڙي جي ڏکڻ ۾ هاڪڙي جو ڳوٺ آهي . جنهن جي ۽ اروڙ جي وچ ۾ ناري جيِ هڪ شاخ آهي. انهي جي 1855ع ۾ کوٽائي ڪرائيندڙ مسٽر ڪربي پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو، ته کوٽائي ڪندي ڏهه فوٽ کن هيٺان تمام گهڻن گهرن جي بنيادن جا آثار نظر آيا. انهن آثارن مان قسمين قسمين ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا به مليا. جن ۾ پاڻي رکڻ جا ٿانو، پاٽون، ننڍيون پاٽيون، پيالا، ڇلون، ۽ ٻارن جا رانديڪا به شامل هئا. هتان ڪجهه ٽامي جا سڪا به مليا. جنهن ، مان معلوم ٿو ٿئي، ته هتي پڻ ڪنهن وڏي قديم انساني آبادي جا نشان هئا. جيڪي ضايع ٿي ويا. بيهڪ جي لحاظ کان هتي ملندڙ سمورا قديم آثار سرسوتي تهذيب جا هئا، جيڪي بعد ۾ سنڌ جي حڪومت جي سياسي غلبي سبب سنڌو تهذيب جي حصي طور ڳڻيا وڃن ٿا.


    آباد وارو دڙو

    آباد وارو دڙو
    هي تعلقي روهڙي جي ڳوٺ سهتيجن کان ڏيڍ ڪلوميٽر اتر طرف ۽ روهڙي کان 35 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. هي آثار اڌ ڪلوميٽر ڊگهي ايراضي ۾ پکڙيل آهن. هتان جي ٺڪر جي ٿانون تي اٺ ۽ ٻين جانورن جو تصويرون ملن ٿيون، جيڪا ڳالهه هن دڙي جي انفراديت ۾ شامل آهي، هتي ٽامي ۽ ڪنجهي جي ٿانون جا سڙيل ٽڪرا به ملن ٿا. هتي ٺڪر جي ٿانون ۾ ڇلن جا ٽڪرا ۽ ٻارن جا رانديڪا به مليا آهن. هن دڙي جي کوٽائي به نه ٿي سگهي آهي. جيڪڏهن هن دڙي جي کوٽائي ٿئي ها، ته تمام گهڻي ڄاڻ ملي ها. ۽ شهر جي قدامت ۽ ٻين ڳالهين بابت به معلومات حاصل ٿي سگهي ها. پر افسوس ائين نه ٿي سگهيو. بيهڪ جي لحاظ کان هي قديم ماڳ به سرسوتي تهذيب جو ماڳ آهي. هن ماڳ مان ملندڙ شيون راجستان جي قديم ماڳن مان به انڊين آرڪيالاجي وارن کي لڌيون آهن. جن جون تصويرون سرسوتي جي ويب سائيٽ تي موجود آهن.


    دُٻِيءَ جو دڙو

    دُٻِيءَ جو دڙو
    ضلعي خيرپور جي تعلقي ميرواهه جي اڇڙي ٿر ۾ هي قديم دڙو موجود آهي. آسپاس واريءَ جون ڀٽون ڏاکڻئين پاسي ڊرينهن واري کليل صحرا سبب هن قديم آثار جا نشان ڪڏهن واري مان ظاهر ٿيندا آهن، ته ڪڏهن واري ۾ پورجڻ سبب گم هوندا آهن. هن دڙي بابت ڪا منظم تحقيق يا کوٽائي نه ٿي آهي. انهي ڪري هن قديم ماڳ بابت ڪا مستند ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي آهي. آثارن کي ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي، ته هي تاريخي ماڳ قديم ماڳ جي حيثيت رکندڙ آهي. هتان ملندڙ شين ۾ آڳاٽا ٺڪر جا ٿانو، بنا ڪارپ جي ٺهيل قديم شروعاتي دور جو سرون، انهي کان علاوه پٿر جي دور جا اوزار جن ۾ ڪپ ، ڇريون ، پٿر مان ٺهيل تيرن جون اڻيون ، پٿر جون ڇلون ۽ چقمقي پٿر جا ٽڪرا پڻ ملن ٿا. هتان ملندڙ شيون ، هاڪڙي درياهه جي ڪناري وارن ماڳن ۽ ڪوٽڊيجي مان ملندڙ شين سان مشابهت رکن ٿيون. هن ماڳ جي کوٽائي ۽ مالڪي ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هن ماڳ جي کوٽائي سان تاريخ جا ڪيترائي دفن ٿيل راز ظاهر ٿيندا.


    سوامي دت گر جي مڙهيءَ جو دڙو

    سوامي دت گر جي مڙهيءَ جو دڙو
    هي دڙو خيرپورضلعي جي نارا تعلقي ۾ موجود آهي. هن دڙي جا آثار 30 فوٽ اوچائي تي تاريخ جا ڪئين راز پنهنجي اندر دفن ڪريو بيٺا آهن. هونئن ته مقامي ڏند ڪٿائن جي روشني ۾ هن دڙي سان سوامي دت گر ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي وچ ۾ لڳل جنگ جي نسبت سان هن دڙي کي سامي جي مڙهي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو، ته اها مڙهي سن 500 هجري ۾ تعمير ڪرائي ويئي هئي، ۽ سن 1192 هجري ۾ انهي مڙهي تي سوامي دت گر رهندو هو. جيڪو هڪ جادوگر هو. هن جادو جي ذريعي ڪيترائي مسلمان پنهنجي اثر هيٺ آڻي ڇڏيا هئا ، سندس ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اثر کي ڏسي انهي وقت جي مشهور عالم دين ۽ بزرگ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي انهي جادوئي اثر کي اسلام جي خلاف هڪ سازش سمجهي، انهي فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ انهي مڙهي تي ڪاهه ڪئي. نتيجي ۾ جنگ جي شروعات ۾ ئي مخدوم عبدالرحيم شهيد ٿي ويو ۽ سوامي دت گر به مارجي ويو. انهي کان پوءِ اها مڙهي ڦٽي ويئي ۽ وري آباد نه ٿي. روايتن ذريعي اها ڳالهه به ملي ٿي ته ، هي شهر جوڌپور جي راجائن جي حڪومت جي اثرهيٺ رهيو. گرهوڙي جي جنگ بعد هن علائقي کي ٽالپرن پنهنجي قبضي هيٺ آندو.
    پر جڏهن وسيع ايراضي ۾ پکڙيل انهن آثارن کي ڏسجي ٿو، ته هن قديم شهر بابت ڪجهه مٿان ظاهر پيل نشانين يا انهي دڙي مان مليل مختلف عجائب گهرن ۾ رکيل شين کي ڏسجي ٿو ته ، معلوم ٿو ٿئي ته هن دڙي هيٺان دفن ٿيل ڪو قديم ۽ عاليشان شهر موجود آهي. هن دڙي جي مٿان پکڙيل بيشمار ٺڪر جي ٿانون جي ٺڪراٺ به ڏسڻ وٽان آهي. ٺڪر جي ٿانون جو گهاڙيٽو، ٿانون جي نفاست ۽ مٿن ٿيل چٽسالي کي ڏسي هتان جي ڪنڀار ڪاريگرن جي فني سچائي کي داد ڏيڻ تي دل چوندي.. ٺڪر جي ٿانون ۾ ڏيئا ، ننڍڙيون قسمين قسمين پياليون ، به شامل آهن . جيڪي پياليون شايد هتان جو عورتون پنهنجي سينگار جون مختلف شيون رکڻ لاءِ استعمال ڪنديون هيون . هنن پيالين ۾ ڪجهه پياليون شايد مندر ۾ شيوا ڪرڻ وقت سينڌر يا تلڪ جو ٻيو سامان رکڻ ۽ لوبان يا ٻين خوشبوئن جي واس ڏيڻ ۾ به استعمال ٿينديون هونديون . ان کان علاوه شيشي جون چوڙيون ، آرسيون ، سرميداڻيون، ڪجل رکڻ جون دٻليون به ڀڳل ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙيل نظر اچن ٿيون. جن نفيس شين کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هن شهر جا ماڻهو وڏا شوقين ۽ رنگين مزاج رکندڙ هئا. هتي وڏي تعداد ۾ پٿر جون شيون، پٿر جا ڪونڊا، ٿوري تعداد ۾ پٿر جا بت جيڪي جين ڌرم جا لڳن ٿا ، سي به مليا آهن . انهي کان علاوه هتي عاج ، لوهه ، ٽامي ، ڪٽ ، ڪنجهي ، پتل جون به شيون ملن ٿيون. هن دڙي جي مٿان وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج پڻ پکڙيل نظر اچي ٿو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هتي آسپاس اناج جا فصل به ٿيندا هئا ۽ وڏي خوشحالي هئي. هتي جي ماڻهن جي نفاست ۽ مليل شين مان هتان جي ماڻهن جي زندگي جي سٺي معيار مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو، ته هتي تعليمي معيار به بهتر هو. ماڻهو سڌريل ۽ پڙهيل لکيل هئا . شايد کوٽائي سان هتي ڪنهن وڏي تعليمي درسگاهه جا به نشان ملن. بهر حال هن هڪ قديم سڌريل شهر جا ٽيهارو فوٽ کن اوچا آثار آهن. جنهن جي کوٽائي سان تاريخ جا ڪيترا ئي دفن ٿيل راز ظاهر ٿي سگهن ٿا. هتي سامي جي مڙهي گهڻو پوءِ تعمير ٿي انهي ڪري هنن آثارن جي قدامت کي سامي جي مڙهي سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. هتي جي شين مان مان اهو به محسوس ٿئي ٿو، ته هن شهر جي ماڻهن جي گهڻو اٿل پٿل راجستان جي علائقن سان رهي هوندي، هتان چانهو جي دڙي سان مطابقت رکندڙ به ڪجهه شيون ملن ٿيون. وڌيڪ صحيح خبر کوٽائي بعد ئي پوندي . بحرحال هي قديم ماڳ به مڪمل طرح سرسوتي تهذيب جو ڳڻي سگهجي ٿو.


    سوامي دت گر ۽ گرهوڙي جي وچ ۾لڳل جنگ بابت ڪجهه سوال

    سوامي دت گر ۽ گرهوڙي جي وچ ۾لڳل جنگ بابت ڪجهه سوال
    سامي جي مڙهي سان منسوب سوامي دت گر جي جادوئي ٽڪساٽ خلاف علامه گرهوڙي جي جنگ واري ڳالهه به تحقيق طلب آهي. هن منسوب ڳالهه جون ڪافي ڪڙيون تحقيق طلب آهن. جن تي غور ڪرڻ کپي. مثال طور علامه گرهوڙي پنهنجي ڪلام ۾ صوفي مزاج رکندڙ وڏي دل وارو انسان هو. روحاني طور هو خواجه محمدزمان لنواري واري جو مريد هو. جيڪو پڻ نقشبندي صوفي هو. اهڙو باوقار عالم ۽ صوفي بزرگ جڏهن سوامي دت گر جي مقابلي لاءِ نڪري ٿو، ته هو پنهنجي انهي وقت جي مرشد خواجه گل محمد لنواري واري ڏانهن پنهنجي هڪ فقير طرفان اهڙي قسم جو نياپو يا اطلاع ٿو موڪلي، ته سندس مرشد لنواري وارو، گرهوڙي جي اهڙي فيصلي تي صرف ڏک جو اظهار ٿو ڪري، پر سندس مدد لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري. صرف اهو جواب ٿو ڏي ته ، شيخ صاحب پنهنجي عمر جي پڄاڻي ڏٺي آهي. هو مرشد جي اهڙي رويي تي به نه سوچيندي، سوامي دت گر سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو. انهي وقت سنڌ جا ٽالپرحڪمران به سندس ساٿ نه ٿا ڏين. رستي ۾ به ساڻس ڪو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. هو اڪيلو صرف پنهنجي ٻاهتر شاگردن سان جنگ تي نڪتو. سڄي سنڌ جا ماڻهو ته پنهنجي جڳهه تي پر سندس حلقه احباب ، دوست، سندس ڪڙم قبيلي جا ماڻهو به سندس ساٿ نه ٿا ڏين، آخر ڇو؟ وري ٻئي پاسي ڏسجي، ته سوامي دت گر جا جادوئي طلسمات به عجيب وغريب عقل کان پري لڳن ٿا. سامي جي مڙهي ۾ اناج جا انبار موجود هئا. جيڪو اناج اڃان تائين آثارن ۾پکڙيل نظر اچي ٿو. مطلب ته اناج جي ڪا به کوٽ نه هئي . پوءِ سامي جي جادوئي جمنيءَ پني ماڻهن لاءِ راشن آڻي ٿي جيڪو ماڻهو کائين ٿا . ٻئي طرف جيڪڏهن سوامي دت گر اسلام جي خلاف هڪ ڪافر قسم جو جادوگر هو، جنهن سان جنگ ڪرڻ علامه گرهوڙي صاحب ضروري ٿي سمجهيو ته پوءِ سامي جي طرفان وڙهندڙ سندس حامي ماڻهن ۾ مسلمان شامل ڇو هئا ؟ خود گرهوڙي صاحب کي شهيد ڪندڙ لکاڏنو چانيهو، ستابو گجو، هنڱورنو ۽ راڄڙ چارئي مسلمان هئا. اتي به حملي وقت کيس بچائڻ لاءِ اڪيلو ماروءَ ٿيٻو ڪوشش ڪري ٿو. جيڪو پڻ ساڻس گڏ شهيد ٿي وڃي ٿو. جيڪا ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي.
    اهي اهڙا سوال آهن جيڪي علامه گرهوڙي جي سڄي قرباني تي پاڻي ڦيريو بيٺا آهن. مطلب ته هن جنگ جا اهم پاسا گم ڪيل آهن. پوري ڪهاڻي کي پڙهڻ کان پوءِ علامه گرهوڙي کي هڪ جنوني انتهاپسند ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. علامه گرهوڙي جهڙي حق پرست مشهور عالم دين ۽ صوفي بزرگ جي ڪردار کي اصل حقيقتون گم ڪري ڌنڌلو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جيڪا سازش لڳي ٿي. انهي سازش جي اصل ڳجهه ڳولڻ لاءِ محققن کي اڳيان اچي تحقيقات ڪرڻ گهرجي.
    منهنجي خيال ۾ جيئن ته علامه گرهوڙي انگريزن جي آمد ۽ انهن جي تباهي بابت پيشنگويون ڪيون هيون، جيڪي پيشنگويون حر ويڙهاڪن جي اتساهه جو ذريعو هيون. حر جدوجهد جي اتساهه ۾ شهيد سورهيه بادشاهه صبغت الله شاهه جو بهادرانه ڪردار، حرن جو وفادارانه ڪردار ۽ علامه گرهوڙي جوپيشنگويون اهم هيون . انگريزن پير صاحب جي خاندان ۽ خاص ڪري شهيد سورهيه بادشاه جي خلاف سوين سازشون، حر جماعت ۾ باهمي جهڳڙا پيدا ڪرڻ ۽ عام ماڻهن ۾ حرن خلاف نفرتون پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ وسان نه گهٽايو. ساڳئي ئي مقصد خاطر هنن علامه گرهوڙي جي عالمانه ، حق پرستانه ۽ بهادرانه ڪردار کي مشڪوڪ بنائڻ لاءِ سوامي دت گرسان گرهوڙي جي جنگ جي ڪهاڻي جي اصل حقيقتن کي به منجهائي ڇڏيو آهي. پر اها ضرورت آهي ته بزرگ علامه عبدالرحيم گرهوڙي جي ڪردار ڪشي ڪندڙ هن جڙتو ڪهاڻي جي اصل جي حقيقتن کي ظاهر ڪري ڪوڙ جي پت وائکي ڪري ، سنڌ جي هن مرد مجاهد جي ڪردار کي چٽو ڪيو وڃي.


    چانهوءَ جو دڙو

    چانهوءَ جو دڙو
    نوابشاهه ضلعي جي سُکپور اسٽيشن کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي هڪ قديم شاهي کنڍر موجود آهي. جيڪو چانهو جو دڙو جي نالي سان مشهور آهي. هن قديم آثار جي 1936ع ۾ محڪمه آثار قديمه جي طرفان کوٽائي ڪئي ويئي. هن دڙي جي کوٽائي مان موهن جي دڙي جي دور جهڙي جهوني تهذيب جا نشان ڏسڻ ۾ آيا. ڪن جاين تي کوٽائي ڪندي اهڙيون به نشانيون ۽ ثابتيون مليون ته ڪنهن زماني ۾ هن جي ڀرسان ڪو درياهه وهندو هو. هن دڙي جي مڪمل کوٽائي نه ٿيڻ سبب اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته هي دڙو موهن جي دڙي کان آڳاٽو هو يا پاڇاٽو آهي. هن دڙي جي مڪمل کوٽائي ڪرڻ تمام گهڻي ضروري آهي . جنهن سان تمام وڏا تاريخ جا دفن ٿيل راز هٿ اچي سگهن ٿا . هن دڙي جي ڪيل مختصر کوٽائي مان ٺڪر جا ٿانو، پتل ۽ ٽامي جا ڪيترائي اوزار ڪهاڙين جا ڦر ، ڀالن ۽ رنبن جا منهن، ۽ گهڻن ئي قسمن جا ٿانو لڌا ويا آهن. جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڌاتو جي شين ٺاهڻ جو هڪ وڏو مرڪز هو. هتان جون لڌل شيون جهڪر ۽ موهن جي دڙي جي لڌل شين سان ملندڙ جلندڙ آهن. پروفيسر پٿاوالا جو چوڻ آهي، ته جيتريون ڌاتوءَ مان ٺهيل شيون چانهو جي دڙي مان هڪ دفعو کوٽائي ڪرڻ سان مليون آهن، اوتريون ڌاتوءَ جون شيون موهن جي دڙي مان چار دفعا کوٽائي ڪرڻ سان به نه ملي سگهنديون. ڊاڪٽر منڪي پوسٽر ميوزيم آف فاٽن آف بليٽن ۾ لکي ٿي ته چانهو جو دڙو هڙاپا جي تهذيب سان گهرو واسطو رکندڙ آهي. هو وڌيڪ لکي ٿي، ته لڳي ٿو پراڻي زماني جي سيلاب ۾ هن شهر جا ٻه حصا ٿي ويا. ۽ هن شهر جي برباد ٿيڻ جو سبب به درياهي ٻوڏون ٿيون ، هن وقت به درياهه هنن آثارن کان ٻارهن ميلن جي فاصلي تي وهندڙ آهي. پر آڳاٽي زماني ۾ اهو درياهه هن شهر کان کان وڌ ۾ وڌ ٽي ميل پري وهندو هو.
    دڙي جي کوٽائي ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي، ته هي درياهه جي ڪنهن قديم شاخ جي ڪناري تي آباد هو. کوٽائي مان اهي به شاهديون مليون آهن، ته هي شهر به موهن جي دڙي وانگر درياهي سيلابن جي ضد ۾ رهيو. جن سبب ماڻهن کي ڪجهه ڀيرا هي شهر ڇڏڻو به پيو. انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته، هڙاپا ، جهڪر ، موهن جي دڙي ۽ چانهو جي دڙي جي رهاڪن کي دشمنن جي مقابلي بجاءِ دريائي ٻوڏن جو مقابلو ڪرڻو پيو.
    هن دڙي جي آثارن مان ملندڙ ماڻهن جي بي ترتيب لاشن ۽ آسپاس پيل هٿيارن کي ڏسندي ڪي محقق اهو به چون ٿا، ته هي شهر ٻوڏن سبب نه پر ڪنهن حملي آور جي ڪاهه سبب ويران ٿيو. بحرحال انهن سمورن سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ لاءِ گهربل سموريون شاهديون اڃان هن دڙي جي مٽي ۾ دفن ٿيل آهن. جن جا جواب مڪمل کوٽائي بعد ئي ملي سگهن ٿا . هن دڙي جي جغرافيائي بيهڪ مان اهو چئي سگهجي ٿو، ته هي قديم ماڳ به سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب جو سرحدي قديم شهر هو.


    برهمڻ آباد

    برهمڻ آباد
    سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور شهر کان اڀرندي تقريبن ٻارهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پنجويهه ڊگريون ٽي انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ اٺهٺ ڊگريون اوڻونجاهه انچ ڊگهائي ڦاڪ جي قطر تي تقريبن ڇهن ڪلوميٽرن ايراضي ۾ پکڙيل ۽ سطح زمين کان سراسري طور پنڌرهن فوٽن جي اوچائي تي هڪ قديم شهر جا وسيع آثار پکڙيل هئا. جيڪي قبضاگير مافيا جي والار ۽ آرڪيالاجي کاتي جي ننڊ سبب ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن . پر اڃان به ڪافي ايراضي ۾ موجود آهن. هنن آثار کي تاريخ جي ڪتابن ۾ بهمنوا ، ڀانڀرا ، ٻانڀڻاهه ۽ برهمڻ آباد جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهو هنن آثارن کي دلور جو دڙو سڏين ٿا. هاڪڙي ندي جا قديم ڪجهه وهڪرا ۽ بعد ۾ سنڌوندي جو هڪ وهڪرو هن شهر جي ڀر مان گذرڻ سبب هي شهر صدين کان پنهنجي اوج سان سنڌ جي خوبصورت ، ۽ وڏي مرڪزي شهر طور قائم ۽ دائم رهيو. هن شهر کي سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جو سرحدي شهر چئي سگهجي ٿو. هن شهر جي حڪمراني جي تاريخ ۾ لوهاڻي حاڪم راجا اگهم ، راجا چچ ، راجا چندر ۽ راجا ڏاهر جي ڀاءُ ڏهرسين ، راجا ڏاهر جي ڀيڻ مايين ، راجا ڏاهر، جئسينا ۽ جسوڌڻ ، جا نالا حڪمراني ڪندڙن ۽ هن شهر جي سياست تي پنهنجو اثر رکندڙن ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. مذهبي لحاظ کان هي شهر بڌ ڌرم جي پوئلڳن جي اثر ۾ گهڻو وقت رهيو. هتي ٻڌ ڌرم جو هڪ اسٽوپا به زبون حالت ۾ موجود آهي. برهمڻ آباد مان ڪيتريون ئي تاريخي نادر شيون مليون آهن. جيڪي هن شهر جي قدامت ۽ اهميت کي اجاگر ڪن ٿيون . برهمڻ آباد جي تباهي جي باري ۾ ساڳئي ئي ريت سنڌ جي راجا دلوراءِ جي جي ظلمن جي آکاڻي لاڳو ڪئي ويئي آهي . جنهن ۾ اهو چيل اهي ته راجا دلوراءِ هڪ بزرگ درويش ڇٽي عمراڻي سان ظلم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ زلزلو آيو جنهن ۾ هي شهر تباهه ٿي ويو. انهي ڏند ڪٿا کي ڪيترو صحيح مڃجي اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر هن ڪهاڻي ۾ شهر جي تباهي جو سبب خطرناڪ زلزلو ڄاڻايو ويو آهي. مشهور محقق محبوب علي چنا جي هڪ مضمون جيڪو ويچار ويب سائيٽ تي موجود آهي ، جي لکڻ موجب ته هن کي بزرگ درويش ڇٽي عمراڻي جي درگاهه جي سنڀاليندڙن وٽان هڪ پتل جي سيل ملي هئي جنهن ۾ بزرگ ڇٽي عمراڻي جي وفات جو سال ٻه سئو پنجاه هجري مطابق اٺ سئو چوهٺ عيسوي سن ڄاڻايل آهي. انهي سيل مان اهو پتو پوي ٿو ته برهمڻ آباد کي تباهه ڪندڙ زلزلو سن اٺ سئو چوهٺ عيسوي ۾ آيو. اهڙي ريت سنڌ جو هي تاريخي شهر هميشه لاءِ مٽي جو ڍير بڻجي ويو. حڪومتي ادارن طرفان هن شهر جي آثارن جي بچاء ۽ شهر جي کوٽائي تي توجهه ڏيڻ گهرجي .


    رتو ڪوٽ

    رتو ڪوٽ
    سانگهڙ ضلعي جي کپري شهر کان 22 ڪلوميٽر پنڌ تي ديهه کڄڻي ۾ نارا ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي اڌ ڪلوميٽر پري هڪ قديم ڪوٽ جا آثار موجود آهن. هي دڙو تقريبن پنجاهه فوٽ کن اوچو ۽ ڳاڙهي رنگ هئڻ سبب پري کان ئي ڏسندڙن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.
    هن قديم آثار جي نالي بابت به تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪجهه ڏند ڪٿائي ڪهاڻيون ۽ مختلف رايا موجود آهن. رتو ڪوٽ سنڌ جي تاريخ ۽ خاص طورسرسوتي جي اڇڙي ٿر جو هڪ اهم ماڳ آهي . جنهن جو تفصيلي ذڪر مشهور محقق اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ تفصيل سان ڪيو. جنهن ڳالهه کي هن ڪتاب ۾ بيهر ورجائڻ هن ڪتاب جي طوالت جو سبب ٿيندو. عام ماڻهن جو اهو به رايو آهي، ته هن دڙي جو رنگ پري کان ڳاڙهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انهي ڪري هن کي رتائين رنگ سبب رتو ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو. رتو ڪوٽ جيئن ته سرسوتي تهذيب جي شهرمارواڙ ۽ سنڌ جي تهذيب جي قديم رستي تي موجود هو، انهي ڪري هن کي سنڌ جي ڪنجي به سمجهيو ويو. هي ماڳ پڻ سرسوتي ۽ سنڌو تهذيب جو سرحدي ماڳ آهي. مختلف دورن ۾هن قلعي جي جنگي ۽ دفاعي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي. تاريخ جي ڪتابن ۾ سنڌ جي سومرا دور کان هن شهر جو ذڪر ملي ٿو. پر هن دڙي جي قلعي ۽ ٻين عمارتن جي تعمير ۾ سرن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو. ته هي قلعو سومرا دور کان به گهڻو آڳاٽو موجود هو. هن دڙي مان ٽن قسمن جون سرون مليون آهن، جيڪي پنهنجي ساخت جي حساب سان مختلف آهن. هن دڙي جي عمارتن جي شروعاتي تعمير ۾ استعمال ڪيل سرون ننڍي سائز جون ۽ بنا ڪارپ جي هٿ سان ٺهيل آهن. انهن کي پچائڻ وقت به ڪيتريون فني خاميون نظر اچن ٿيون . شايد اهي سرون سرن جي دور جون اوائلي سرون اهن. جڏهن اڃان نه ڪارپ جي ايجاد ٿي هئي نه ئي سرن کي سٺي نموني پچائڻ جي ڏاهپ پنهنجا شروعاتي مرحلا طئه ڪري مڪمل ٿي هئي. ننڍي سائز جي سر نو يا ڏهه انچ جي آهي. هٿ سان ٺاهڻ ڪري نه هنن جي ماپ هڪ آهي نه ئي سڌائي ۽ لسائي ڪا بهتر آهي. هنن سرن جون ڪنڊون به گونيون ناهن . پچائڻ ۾ غلطين سبب ڪي سرون سڙي کنگهر ٿي ويون آهن، ته ڪي وري اڌ پڪل يا ڪچيون رهجي ويون آهن. هنن سرن مان اهو ثابت ٿو ٿئي، ته هن دڙي جي عمارتن جي اڏاوت انسان جي شروعاتي تهذيبي دور ۾ ٿي آهي ۽ هي دڙو تمام گهڻو قديم آهي، جنهن جي کوٽائي ڪرڻ سان تمام گهڻا تاريخ جا لڪل راز پڌرا ٿي سگهن ٿا. هن دڙي جي عمارتن جي تعمير جي ٻئي دور ۾ ڪارپ جون ٺهيل ڪچيون سرون استعمال ڪيل آهن. جيڪي دڙي جي اتر ۽ اوڀر پاسي اندروني اڏاوتن ۾ استعمال ڪيل آهن. ۽ دڙي جي ٽئين دور جي اڏاوتن جن ۾ قلعو به شامل آهي، ۾ وڏيون ڪارپ جون ٺهيل ۽ سٺيون مضبوط سرون استعمال ٿيل آهن. جيڪي هن دڙي جي آخري مرحلي جون سمجهڻ گهرجن.
    هن دڙي جي آثارن ۾ پڪل وڏين سرن مان ٺاهيل هڪ قلعو به شامل آهي، جيڪو چورس شڪل جو لڳي ٿو. جنهن جي ڪنڊن تي حفاظتي برج به هئا. هن قلعي جي اتر ۽ اوڀر واري ديوار تي پاڻي جي گاٺ جا به نشان آهن. جنهن مان اهو ثبوت ٿو ملي، ته هن قلعي جي ديوار سان لڳولڳ ڪو پاڻي جو وهڪرو وهندو هو. هن دڙي مان ڏيڍ مڻ وزني پٿر به مليا آهن، جن جي وچ ۾ سوراخ آهن. جن مان اهو ثبوت ٿو ملي، ته اهي اتي دريا۽ ۾ وڏن واپاري ٻيڙن جي لنگر ڪرائڻ ۾ استعمال ٿيندا هئا. هن قديم شهر جي واپاري مرڪز هئڻ جو اهو به سبب آهي، ته هي شهر هڪ طرف هاڪڙي درياءَ جي وهڪري جي ڪناري تي موجود هو، ته ٻئي طرف هي هندستان کان ايندڙ واپاري قافلن جي سنڌ جي گيٽ وي تي موجود هو. جنهن ڪري هڪ طرف هي شهر سامونڊي ۽ دريائي واپار ته ٻئي طرف خشڪي جي واپاري قافلن جي گذرگاهه تي موجود هو. جنهن سبب هي ماضي جو خوشحال ترين شهر رهيو هوندو. هتان ملندڙ مختلف سڪا هتان جي واپاري لاڳاپن جي شاهدي ڏين ٿا. پر انهي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ هتان جو لڌل شيون هتي ميوزيم ٺاهڻ جي بجاءِ ملڪ جي ٻين ميوزمن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري رکيون ويون آهن، جنهن سبب تحقيق ڪندڙن کي وڏو رولڙو ڪرڻو پوي ٿو، جنهن سبب هن دڙي بابت تحقيق ڪرڻ مشڪل ٿي ويئي آهي. اها بدقسمتي سنڌ جي سمورن آثارن سان لاڳو آهي. ته هتي اڪثر قديم دڙن جي هڪ طرف ته ڪا باقاعدي کوٽائي نه ڪئي ويئي آهي. ته ٻئي طرف وري دڙن مان لڀجندڙ شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ دڙن جي ويجهو ڪي عجائب گهر موجود نه آهن. جنهن ڳالهه طرف توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.
    هن دڙي بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ سومرن، سوڍن جي راڄ ڪرڻ جو ذڪر موجود آهي. پر هن شهر بابت مڪمل تاريخي حقيقتون اڃان سوين مڻ مٽي هيٺ دٻيل آهن.
    هن دڙي جي آخري دور جي تعميري فني ڏاهپ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جنهن ۾ هن دڙي جو مضبوط ترين پڪو قلعو، پاڻي ۽ ٻوڏن کان امڪاني خطرن جي بچاءَ لاءِ تعميراتن جو مٿي هئڻ ۽ سيلاب کي روڪڻ لاءِ هڪ عجيب و غريب مسالي جو وڏي مقدار ۾ ملڻ جيڪو نيري رنگ جو پلاسٽڪ سان مشابهت رکندڙ آهي، انهي جا ٽڪرا به هن دڙي تي پکڙيل حالت ۾ ملن ٿا. هي ڪيميائي مادو پاڻي روڪيندڙ ڪمپائونڊ هتان جي ماڻهن جي تعميري ڏاهپ کي تمام گهڻو مٿانهون ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
    هن دڙي مان مليل شين ۾ رنگين چٽسالي وارا مٽي جا ٿانو عام مٽي جا پڪل مختلف ٿانو، مٽي جا رانديڪا ، ياقوت جهڙي قيمتي پٿر جا ٻڙا ، ٻيڙين جي لنگر ڪرائڻ لاءِ ڳرا وچ مان سوراخ ڪيل پٿر، چاندي ۽ ٽامي جا مختلف قديم سڪا ، تغلق ۽ ارغون دور جا سڪا ،لوهه جا ٽڪرا ، شيشي جا ٽڪرا ۽ ڪچ ڪوڏيون شامل آهن . هن دڙي بابت ارغون دور کان پوءِ تاريخ ۾ ڪابه شاهدي نه ٿي ملي. شايد هي قديم شهر ارغون دور جي زماني ۾ ڦٽو آهي يا تباهه ٿيو آهي. هن شهر جي بربادي جي سببن بابت اهو چئي سگهجي ٿو، ته هي ماڳ ڪنهن زلزلي سبب ئي تباهه ٿيو آهي. هتي ڪجهه ٻاهه لڳڻ جا نشان به ملن ٿا. پر اهي آڳاتا آهن . بحرحال هي دڙو هڪ تمام قديم ۽ اهم ماڳ آهي. جنهن تي مڪمل تحقيق ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
    رتي ڪوٽ کان اولهه طرف هڪ مڙهي ۽ مندر آهي جتي شو جو ميلو هرسال ٿيندو آهي رتي ڪوٽ جي آثارن جي وچ ۾ هڪ بزرگ جنهن جو نالو ميان پلو ٻڌائين ٿا ، انهي جي چليگاهه ۽ مچ به آهي . جتي فقراءَ قسم جا ماڻهو ايندا رهندا آهن ، پر اهو انهي ڀڙي تي بعد ۾ ٺاهيل ٿو لڳي .


    ڪاهو جو دڙو

    ڪاهو جو دڙو
    هي دڙو1897ع ميرپور خاص کان نوابشاه ريلوي لائين وڇائڻ جي دوران برطانوي دور ۾ ظاهر ٿيو.سر جان جيڪب هن جي کوٽائي ڪرائي. جنهن مان ٻڌ جو اسٽوپا ۽ ننڍڙِي شيشي ۾ بند خاڪ به هٿ آئي. هتان ٻڌ جا مجسما، ٺڪر جا ٿانو به هٿ آيا، شروعات ۾ هي دڙو ٽن ميلن تائين پکڙيل هو . سرڪاري رڪارڊ ۾ هن دڙي جي ايراضي 32 ايڪڙ آهي. پر هن وقت 7 ايڪڙن تي وڃي رهيو آهي. هن دڙي مان کوٽائي دوران لڌل شيون به ملڪ جي مختلف عجائب گهرن ۾ رکيل آهن. جن کي مڪمل طرح ڏسڻ ۽ صحيح تحقيقات ڪرڻ لاءِ محققن کي ڏاکڙا ڏسڻا پوندا. هي قديم ماڳ به سرسوتي جي آخري وهڪري هاڪڙي جي ڀر ۾ موجود آهي. انهي ڪري هن قديم ماڳ کي به سرسوتي تهذيب جي ماڳ طور ڳڻي سگهجي ٿو.


    ڳاڙهو ڀڙو

    ڳاڙهو ڀڙو
    هي دڙو ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي سنڌڙي جي يونين ڪائونسل سامارو موري جي ڳوٺ علي شير مري جي ڀرسان، هن وقت به ويهن ايڪڙن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب هي آثار اڳ ۾ وڏي ايراضي ۾پکڙيل هئا، جن ۾ کوهه به موجود هئا ، پر ماڻهن جي والار سبب هاڻي وڃي ويهه ايڪڙن تائين رهيا آهن. ماڻهن جي چوڻ موجب برساتن ۾ هتي ڪجهه انساني بي ترتيب لاش به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهي شاهدي مان اهو گمان پيدا ٿئي ٿو ته ، هي شهر ڪنهن حمله آور جي قتل عام يا ڪنهن زلزلي سبب برباد ٿي دڙي ۾ تبديل ٿي ويو. هتان ماڻهن کي قيمتي پٿر ، سون جا ننڍا زيور، به اڪثر برساتن جي وهڪرن مان ملن ٿا. جنهن مان انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته هي شهر تمام گهڻو خوشحال هو. هتان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون مان اها خبر پوي ٿي، ته اهي ٿانو هٿن سان ۽ چڪ جي شروعاتي دور جا ٺهيل آهن. جنهن مان هن شهر جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هي ڪو قديم شهر هو. هن شهر بابت وڌيڪ خبر کوٽائي ۽ سائنسي چڪاس بعد لڳائي سگهبي. هي قديم ماڳ سرسوتي جي آخري وهڪري هاڪڙي جي ڀرسان آهي، انهي ڪري هن کي به سرسوتي تهذيب جي ماڳ طور ڳڻي سگهجي ٿو. هن قديم آثارن جي باري ۾ اڪثر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي. ته هي سومرا خاندان جي حاڪم همير سومري جي به راڄڌاني رهيو هو.


    ليهور جو دڙو

    ليهور جو دڙو
    ميرپورخاص ضلعي جي سنڌڙي تعلقي جي يونين ڪائونسل کيراهو۽ ميرپورخاص کان اوڀر طرف ميرپورخاص ۽ کپرو روڊ مان نڪرندڙ ڦلهڏيون واري رستي تي هلندي پنجن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ حاجي همير درس جي ڀرسان هڪ تاريخي قديم ماڳ جا پنجاهه ايڪڙن ۾ پکڙيل آثار نظر ايندا، والار ٿيڻ بعد به اڃان ڏهن ايڪڙن ۾ پکڙيل لاڳيتي ايراضي جا هي آثار ڏسڻ سان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه ٿيندو، ته هي هڪ قديم دور جو اجڙيل شهر هو. مقامي ڏند ڪٿائن ۾اهو به چيو وڃي ٿو ، شاه جي رسالي جي سر ليلان چنيسر جي اهم ڪردار ليلان هن شهر جي هئي . انهي شاهدي مان خبر پوي ٿي، ته هي شهر سما دور ۾ به وسندڙ ۽ آباد شهر هو. بنا کوٽائي ٿيل هن شهر جي آثارن ڏسڻ سان ۽ دڙي جي مٿاڇري تي پکڙيل سرن ۽ ٺڪراٺي مان اهو اندازو ٿئي ٿو، ته هي شهر ڪافي آڳاٽو ۽ پڪين جاين ۾ رهندڙ خوشحال ماڻهن جو شهر هو. وڌيڪ صحيح پتو هن دڙي جي کوٽائي بعد پوندو.


    داسڙن جو دڙو

    داسڙن جو دڙو
    هي دڙو عمرڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ شادي پلي کان اولهه طرف هاڪڙي ندي جي قديم وهڪري جي ڪناري سان موجود آهي. انهي ڪري هي قديم ماڳ به سرسوتي تهذيب جي ڳاڻاٽي ۾ آهي. هن دڙي بابت مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب شاهه جي سر ليلان چنيسر جي داستان ليلان چنيسر جو چنيسر داسڙو هن شهر جو حاڪم هو. پر آثارن جي اوچائي، مٿاڇري تي پکڙيل ٺڪراٺ مان اندازو ٿئي ٿو، ته هي شهر به آڳاٽي وقت کان آباد هو. هتان ماڻهن کي قيمتي پٿر وغيره به برساتن جي وسڻ بعد ملندا رهن ٿا . وڌيڪ شهر بابت کوٽائي ۽ جديد بنيادن تي سائنسي کوجنا بعد ئي ڪجهه چئي سگهبو.


    شيرڪوٽ

    شيرڪوٽ
    ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي سنڌڙي جي يونين ڪائونسل بلوچ آباد ۾ قديم ريڻي ندي جي اڀرندي ڪناري سان هڪ قديم آثارن جو دڙو موجود آهي. عام طور ته مقامي ماڻهن طرفان هن کي سنڌ تي قبضي بعد انگريزن سان دٻي جي جنگ وڙهندڙ ٽالپر حڪمران مير شير محمد ٽالپر سان منسوب ڪندي ،هن دڙي کي شير ڪوٽ سڏيو ويندو آهي. هتي قلعي جا ڊٺل آثار به موجود آهن . وڌيڪ هن دڙي بابت کوٽائي بعد ئي خبر پوندي .


    سيف الملوڪ جو دڙو

    سيف الملوڪ جو دڙو
    ميرپورخاص ضلعي جي ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي يونين ڪائونسل ديالڳڙهه جي ڳوٺ ننڍي دبرجي کان هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي ڏهن ايڪڙن جي ايراضي ۾پراڻ ندي جي اوڀر طرف چاليهه فوٽ اوچا قديم شهر جا آثار موجود آهن. عام روايتن موجب لوڪ ادب جي ڪهاڻي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال به هن شهر جا رهواسي هئا ، سندن قبرون به هتي موجود آهن. پراڻ ندي جي ڪناري سان هڪ وڏو دڙو موجود آهي . جنهن کي عام ماڻهو سيف الملوڪ جي محل جا آثار سمجهن ٿا . وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ بعد ئي اصل حقيقتون منظرعام تي اينديون. هي قديم ماڳ سنڌو تهذيب جو ڳڻي سگهجي ٿو. جيڪو سنڌو ۽ سرسوتي تهذيب جي سرحد تي آهي.


    آمري جو مقام

    آمري جو مقام
    ميرپور خاص ضلعي جي تعلقي ڊگهڙي جي شهر ٽنڊوجان محمد کان اوڀر طرف ڪجهه فاصلي تي پراڻ ندي جي اوڀر طرف ڪناري سان هڪ قديم قبرستان موجود آهي. تاريخي طور ڏسبو ته هتي پراڻ ندي جو هڪ مشهور دريائي پتڻ به هو. جتان لاڙ ۽ ڪڇ جا واپاري قافلا گذرندا هئا . انهي ڪري هن علائقي کي تاريخي اهميت حاصل ٿي . هن قبرستان ۾ سنڌي ٻولي ۾ پهريون پيشنگويون ڪندڙ ماموئي فقيرن جون قبرون به هڪ وڏي چوڪنڊي ۾ هيون. جيڪا چئوڪنڊي هن وقت مٽي جو ڍير بڻيل آهي. انهي کان علاوه ڪلوئي ذات جي شمناڻي نک جي جد امجد شمن علي ڪلوئي جي هڪ ٻارهن دري ۾ قبر موجود آهي. هن تاريخي قبرستان بابت ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون موجود آهن. ماڻهن جي عام ڪهاوت موجب اهو به چيو ويو آهي، ته لاکي ڦلاڻي جي مهر راڻي سان شادي وقت ڄڃ به هن پتڻ تان گذري هئي ۽ لاکي ڦلاڻي هتان جا وڻ به اوڍايا هئا. مطلب ته سنڌ جي تاريخي قبرستانن ۾ هن مقام جي به وڏي اهميت آهي. هي قديم ماڳ سنڌو تهذيب جي ڳاڻاٽي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.


    منڌرن جو دڙو

    منڌرن جو دڙو
    ميرپورخاص جي تعلقي ڊگهڙي جي يونين ڪائونسل مير فتح خان ٽالپر ۾ قديم ندي پراڻ جي اولهه طرف ڳوٺ راڻو رمداڻ ويجهو هڪ وڏي ايراضي ۾ هي آثار پکڙيل آهن. هنن آثارن جي اوچائي چاليهه فوٽ آهي. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته هنن آثارن ۾ ڪو وڏين عمارتن وارو شهر دفن ٿيل آهي. هن دڙي جي ٺڪراٺ ۽ ٿانون جي نفاست هڪ سڌريل سماج جي شاهدي ڏين ٿا . جيڪڏهن کوٽائي ڪري هن دڙي جا دفن ٿيل راز ظاهر ڪيا ويا، ته هن شهر بابت سموري معلومات ظاهر ٿيندي. هتي سارين ڏرڻ جي جنڊين جا ٽڪرا وڏي تعداد ۾ پکڙيل آهن . جنهن مان اهو به گمان ٿئي ٿو ته هتي آسپاس پاڻي جي گهڻائي سبب زرعي خوشحالي هئي. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب هن شهر جي آسپاس سرنهن جا فصل به ٿيندا هئا. هتي جو تيل مشهور هو. هي قديم ماڳ به سنڌو تهذيب ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، پر هي سرسوتي تهذيب جي سرحد جي ويجهو هو.


    ٻرڙائي ڪوٽ

    ٻرڙائي ڪوٽ
    ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي جهڏي جي يونين ڪائونسل دلاورحسين رانگڙ ۾ پراڻ جي وهڪري جي اوڀر طرف هڪ قلعي جا آثار دڙي جي شڪل ۾ موجود آهن . اٺ ايڪڙن ۾ پکڙيل هن قلعي بابت چيو وڃي ٿو ته ، شاهه جي ڪردار پنري بڊاماڻي هي قلعو ڪڇ ۽ راجستان کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ لاءِ تعمير ڪرايو هو. جنهن سبب هن کي پنري بڊاماڻي جو قلعو به سڏيو وڃي ٿو. آثارن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هتي ڪا شهري آبادي نه هئي ، صرف جنگي مقصدن لاءِ هي قلعو جوڙايو ويو هو. هي ماڳ به سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب جي سرحدي ماڳ طور شمار ڪري سگهجي ٿو


    سماننگر

    سماننگر
    ميرپورخاص ضلعي جي جهڏي تعلقي جي نئون ڪوٽ جي وارڊ ڇهين ۾ چاليهه فوٽ اوچي قديم دڙي جا آثار موجود آهن. هنن آثارن جي ڀر ۾ سنڌي لوڪ ادب جي هڪ ڪردار مائي گنجڻي جي قبر ۽ اولياءَ راڄپال جي مزار به موجود آهي . انهي ڪري عام ماڻهو هن دڙي کي گنجڻي جو دڙو به سڏين ٿا. هن دڙي جي مٿاڇري جي آثارن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو، ته هتي ڪو آڳاٽو شهر دفن ٿيل آهي. دڙي جي مٿاڇري تي پکڙيل ٺڪراٺي مان معلوم ٿو ٿئي، ته هتي ڪو وڏو شهر موجود هو. هن دڙي جي ايراضي تي والار ٿي رهي آهي. انهي ڪري هن دڙي جي آثارن جي مالڪي ۽ کوٽائي تمام گهڻو ضروري آهي. هي ماڳ سنڌو تهذيب جي ماڳ طور ڳڻي سگهجي ٿو.


    بروڙ جو دڙو

    بروڙ جو دڙو
    ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي جهڏي جي يونين ڪائونسل فضل ڀنڀرو ۾ هاڪڙو ندي جي اولهه طرف فضل ڀنڀري کان ٻه ڪلوميٽر پنڌ تي تقريبن ٻٽيهن ايڪڙن تي پکڙيل هي قديم آثار دڙي جي شڪل ۾ موجود آهن. هن دڙي جي اوچائي پنجٽيهه فوٽ آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هتي ڪو وڏو عاليشان قديم شهر موجود هو. هن دڙي جي آثارن مان اهو به محسوس ٿئي ٿو، ته هتي ڪو وڏو قلعو به موجود هو. دڙي جي مٿاڇري تي پکڙيل ٺڪراٺي مان اهو به اندازو ٿئي ٿو، ته هتان جا رهندڙ ماڻهو خوشحال ۽ سڌريل هئا. هن دڙي جي آثارن ۾ تاريخ جا ڪيئي اهم راز دفن ٿيل آهن. جن جي کوٽائي ضروري آهي. هن دڙي بابت اهو به چيو وڃي ٿو، ته هتي شاهه جي رسالي جو اهم ڪردار بروو به رهندو هو. انهي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون هن دڙي بابت عام ماڻهن جي زبان تي آهن. هي ماڳ سرسوتي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جو سرحدي ماڳ هو


    نوهٽو

    نوهٽو
    نئون ڪوٽ جي اوڀر طرف ويهن ڪلوميٽرن پنڌ تي هڪ قديم ماڳ جا آثار موجود آهن. جنهن کي مقامي ماڻهو ڳاڙهو ڀڙو يا سون وارو ڀڙو سڏين ٿا. هتي آثارن جي ڪجهه حصي جي تازو آرڪيالاجي وارن کوٽائي به ڪئي آهي، پر اها رپورٽ اڃان جاري نه ڪئي ويئي آهي . شروعاتي بيانن ۾ آرڪيالاجي جي ماهرن اها دعويٰ ڪئي آهي، ته هي پڻ هڪ قديم تاريخي ماڳ آهي. هن قديم شهر جا آثار هاڪڙي ۽ پاريننگر جي وچ ۾ وهندڙ هڪ قديم سامونڊي نار جي ڪناري تي هئا . جيڪا نار 3000 ق م کان 1500 ق م تائين موجود هئي. جيڪا ڪڇ جي رڻ واري قديم سمنڊ جو حصو هئي . هن شهر جي هم عصر شهرن ۾ قديم شهر لوٿل ، ڏيسڙ پور ، رپڙ ، ناليا ، ڪوٺاڙا ۽ رنگپور ٻڌايا وڃن ٿا . جن جا آثار پڻ موجود آهن. هتان جي آثارن کي ڏسي اهو معلوم ٿو ٿئي، ته هتي جين ڌرم جا ماڻهو رهندا هئا . هتي راجستان جو ڳاڙهو پٿر به موجود آهي. عقيق جو قيمتي پٿر به ملي ٿو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قديم شهر واپاري مرڪز هو. اهو به چيو وڃي ٿو ته مصر جي فرعونن جي زيورن ۾ استعال ٿيل ڳاڙهو عقيق به هتان کان اتي ويندو هو. هتي لوهه ، ٽامي جا ٽڪرا به ملن ٿا. جنهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو، ته هتان جا ماڻهو لوهه ۽ ٽامي جي شين جو استعمال ڪندا هئا . هتي سارين ڏرڻ جون ٺڪر جون ٺهيل جنڊيون به گهڻي تعداد ۾ ملن ٿيون. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته هتي آسپاس آبپاشي جو پاڻي به ججهي مقدار ۾ موجود هو. جنهن تي سارين جو فصل به پوکيو ويندو هو. ۽ هن شهر جا باشندا پڻ خوشحال هئا. هن شهر کان عمرڪوٽ تائين قديم شهرن جي آثارن جو هڪ سلسلو آهي . جن ۾ هئدو ، کيجراڙي ، ميهار جي ڀٽ ، ملير جي ڀٽ ، راجاري ، لاليي جو ڀڙو ، جعفر شاهه جو مقام ، ڳاڙهياري جو ڀڙو، ارڻي جو دڙو اڃان تائين موجود آهن. جن دڙن جي کوٽائي ۽ تحقيق ڪرڻ سان ڪيترا ئي تاريخ جا لڪل راز پڌرا ٿيندا . ساڳئي نموني تي وري هتي قديم وهڪري پراڻ جا قديم پتڻ پڻ موجود آهن. جن ۾ ونگو پتڻ ۽ ڄار وارو پتڻ مشهور آهن . جتان کان دريائي واپار ٿيندو هو. انهي حساب سان هي تاريخي شهر دريائي ، سامونڊي ۽ خشڪي جي سفري رستن جي مرڪز هئڻ سبب وڏي اهميت رکندڙ هو. هي قديم ماڳ پڻ سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب جي سرحدي ماڳ طور ڳڻي سگهجي ٿو.


    ڀوڏيسر

    ڀوڏيسر
    ڀوڏيسر به هڪ قديم تاريخي ماڳ آهي، جيڪو ڪارونجهر جي ڪک ۾ اترئين طرف تي موجود آهي. هتي جين ڌرم جو قديم مندر، هڪ پاڻي جو وڏو تلاءَ ، هڪ عاليشان پٿر جي ٺهيل مسجد به موجود آهي. جنهن مسجد جي باري ۾ چيو ٿو وڃي، ته گجرات جي حاڪم سلطان محمود بيگڙي هتي جي ڏوهارين کي سيکت ڏيڻ لاءِ سن 1503ع کان 1505ع تائين ٽي ڀيرا فوجي چڙهايون ڪيون هيون ، انهي دوران هي مسجد پڻ تعمير ڪرائي ويئي. پر هن جي اوڀر طرف هن وقت به هڪ پاڻي جي وڏي ڍنڍ موجود آهي. جيڪا قديم زماني ۾ پاريننگر تائين هن تاريخي ماڳ کي ڳنڍندي هوندي . انهي ڪري اهو انديشو ڪري سگهجي ٿو، ته هي ماڳ پڻ قديم تاريخي ماڳ آهي. هتي جين ڌرم جو عاليشان ۽ تعمير جي حساب سان خوبصورت مندر به هتي جي ماڻهن جي جين ڌرم کي مڃڻ جي ثبوت ڏيڻ لاءِ موجود آهي. انهي ڪري هن تاريخي ماڳ تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ماڳ قديم سرسوتي تهذيب جي ماڳ طور ڳڻي سگهجي ٿو.


    عمرڪوٽ

    عمرڪوٽ
    عمرڪوٽ يا امر ڪوٽ به هڪ تاريخي ۽ اهميت رکندڙ شهر آهي . هن شهر بابت ڪن جو رايو آهي ته هي قلعو سومرن جي دور ۾ عمر سومري تعمير ڪرايو، جنهن نسبت سان هن کي عمر ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو. ته ٻئي طرف هن بابت مورخن جي راءِ آهي، ته هي قلعو ڇهين صدي عيسوي ۾ سوڍن طرفان جوڙايو ويو، جنهن کي گڍ امراڻ يا امرڪوٽ سڏيو ويندو هو. بهرحال اها هڪ تحقيق طلب ڳالهه آهي، جنهن ڳالهه جو نبيرو تحقيق سان ئي ممڪن آهي.
    تاريخ جي صفحن ۾ يا هن شهر جي بيهڪ جي حساب ڏسبو، ته هن شهر جي ماضي ۾ به وڏي تاريخي اهميت رهي هوندي. ڇاڪاڻ ته هن جي هڪ طرف قديم تاريخي دريائي وهڪرو هاڪڙو موجود هو، ته ٻئي طرف هن جي آسپاس نوهٽي کان وٺي راجستان تائين قديم شهرن جا آثار موجود آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قديم دور ۾ هڪ وڏي واپاري گذرگاه تي موجود هو. جنهن جو ثبوت اهو به آهي، ته مغل بادشاهه همايون به شيرشاه سوري کان هارائڻ ۽ پنهنجو تخت وڃائڻ بعد هن ئي رستي سان ڀڄي نڪتو هو. انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ هتي پهتو، ته هتان جي سوڍي حاڪم راڻا پرساد اخلاقي قدرن جو مان رکندي نه صرف سندس آڌرڀاءُ ڪري کيس رهڻ ڏنو، پر همايون جي راڻي حميده بيگم هتي اڪبر اعظم کي به جنم ڏنو. جنهن واقعي سان پڻ هن شهر جي شهرت ۾ اضافو ٿيو.
    تاريخي رڪارڊ ۾ ڏسبو ته هي شهر 1439ع کان 1709ع تائين سوڍن جي هٿ هيٺ رهيو. جنهن بعد هن شهر تي ڪلهوڙن جي حڪمراني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. 1746ع ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان نور محمد جو پيڇو ڪندي نادرشاهه هتي اچي هن قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ ميان نور محمد مقابلي ڪرڻ جي بجاءِ نادرشاهه کي ڏن ڏيئي کيس راضي ڪري جنگ جا ڪڪر ٽاريا. 1748ع ۾ وري سوڍن ڪلهوڙن کان هن قلعي قبضو ڇڏايو، ۽ هي شهر وري سوڍن جي هٿ هيٺ رهيو. پر ٻن سالن بعد 1750ع ڪلهوڙن وري هي قلعو واپس ورتو. جيڪو ڪلهوڙن جي هٿ هيٺ رهندو آيو. وري 1782ع ۾ ڪلهوڙي حڪمران ميان عبد النبي هي قلعو جوڌپور جي راجا وجئه سنگهه کي ڏيئي ڇڏيو.
    ٽالپرن جي دور ۾ وري مير ڪرمعلي خان ٽالپر 1813ع ۾ هي قلعو فتح ڪيو. جيڪو وري ٽالپرن جي زير اثر رهيو. اپريل 1843ع ۾ هي قلعو انگريزن جي قبضي هيٺ آيو. انگريزن جي قبضي ختم ٿيڻ سان 1947ع کان هي شهر پاڪستان جو حصو بڻجي ويو. هن وقت پڻ هي شهر ٿر جو تمام وڏو واپاري اهميت رکندڙ شهر آهي. هن ماڳ کي سنڌو ۽ سرسوتي تهذيبن جو گڏيل ماڳ شمار ڪري سگهجي ٿو.


    پاريننگر

    پاريننگر
    ٿرپارڪر جي قديم شهرن ۾ پاريننگر کي هڪ وڏي تاريخي اهميت حاصل آهي. هن جي هاڻي اها شهر واري قديم حيثيت ته موجود ناهي. پر آسپاس جي قديم آثارن کي ڏسندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هتي ڪو وڏو گجگاه شهر موجود هو. هن شهر کي ٻه بندرگاهه موجود هئا. هڪ مٺي پاڻي جو بندرگاه جيڪو قديم درياه هاڪڙي تي هو، ته ٻيو ساموندي بندرگاه جيڪو سامونڊي کاري تي موجود هو. انهي ڪري هن کي ڏوتڙ يعني ٻن تڙن وارو به سڏيو ويو آهي. هن جي آسپاس جي آثارن ۾ هندو ڌرم جي مندرن جا نشان ۽ جين ڌرم جي مندر جا عاليشان نشان پڻ نظر اچن ٿا . رائيچند هريجن، ڪئپٽن اسٽنئلي، نيپيئر، ريڪس جي کوجنا جوحوالو ڏيندي لکيو آهي، ته پاريننگر جي ادمشماري چاليهه هزار هئي. سانگاه ڍنڍ کي قديم هاڪڙي ندي جو پيٽ ڄاڻايو آهي. سروي آف انڊيا جي آرڪيالاجي سروي رپورٽ ۾ لکيل آهي، ته هن شهر جو بنياد 456 ق م ۾ جپسي پرمار راجپوتن رکيو. هي شهر جين ڌرم وارن جو مرڪز هو. هتي ڪيترائي جين ڌرم جا ڏهرا ۽ مندر موجود هئا. شايد سرسوتي تهذيب جي ڌرمي تڪرارن کان پوءِ جين ڌرم وارن هتي پنهنجو ڌرمي مرڪز ٺاهيو هو. هن قديم شهر جي تباهي جي باري ۾ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ، ته جلال الدين خوارزم شاهه 1223ع ۾ هن بندر گاهه تي وڏو حملو ڪيو. پورو هڪ سال هن شهر ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم رکي. جنهن بعد هن شهر جو اوج وري واپس نه ٿي سگهيو. مٿان هاڪڙي جي رخ ڦيرائڻ سبب هي عاليشان شهر کنڊر ٿي ويو. هي پنهنجي دور جو هڪ نهايت خوشحال ۽ خوبصورت شهر هو. هن شهر جي اثارن تي ڪا سنجيده تحقيق نه ٿي آهي . جيڪڏهن ڪا تحقيق ٿي ته وڏا تاريخي راز ظاهر ٿيندا.


    ڏوتڙ

    ڏوتڙ
    پاريننگر کان ڪجهه فاصلي تي هاڪڙي جي ڇوڙ وٽ سانگاه جي تلاءَ وٽ هڪ بندرگاه جا آثار موجود آهن ، جن کي ڏوتڙ سڏيو وڃي ٿو. اصل ۾ اهي آثار به پاريننگر سان لاڳاپيل آهن. هتي هاڪڙي جي مٺي پاڻي تي بندر يا پتڻ موجود هو، جنهن تي دريائي واپاري پنهنجو سامان آڻيندا هئا، ۽ پوءِ اهو سامان سامونڊي کاري تي ٺهيل بندر ذريعي سامونڊي غورابن ۾ ڏيساور جي ملڪن ڏانهن ويندو هو. انهي ٻه طرفي واپار ذريعي هي شهر ماضي جو وڏو ۽ خوشحال شهر هو. هتي هندو ۽ جين ڌرم کان سواءِ پارسي مذهب وارن جي عبادتگاهن جا به آثار ملن ٿا. جنهن سان هن شهر جي بين الاقوامي اهميت جو پتو پوي ٿو. هتي جين ڌرم جو هڪ قديم مندر موجود آهي. هن ماڳ کي به سرسوتي تهذيب جي جين مت مڃيندڙ ماڻهن جي مرڪزي شهر پاريننگر جي هڪ حصي طور ڳڻي سگهجي ٿو.


    ويرا واه

    ويرا واه
    هي پڻ موجود ڪتابن موجب پاريننگر جي ڦٽڻ بعد وجود آيو ، پر آثارن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي پڻ پاريننگر جو حصو هو. هن شهر بابت ڪيتريون ئي لوڪ ڪهاڻيون ۽ ڪهاوتون موجود آهن. پر جديد تحقيق جي بنياد تي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي. ويراواه جي پاسي ڪيترا ئي کوهه موجود آهن . جيڪي انهي ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته ، ڪنهن زماني ۾ آيل جاگرافيائي ڦير ڦار سبب پاڻي جي موڪلائڻ ۽ بندرگاهه جي ڦٽڻ بعد به ماڻهن ڪافي عرصو هتي هن شهر جي اوج کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي . وڌيڪ خبر ڪنهن منظم تحقيق بعد ئي پوندي. ويرا واهه هن وقت به هڪ ننڍڙي شهر جي شڪل ۾ موجود آهي . هتي جو مائو مشهور آهي.


    علي بندر

    علي بندر
    سنڌ جو ساحلي علائقو اتر کان وهي ايندڙ سرسوتي ، هاڪڙي ، ۽ پراڻ سبب دريائي رابطي سبب سامونڊي بندرگاهن سان ڀرپور رهيو. اهي بندرگاه پوءِ جاگرافيائي تبديلين ۽ دريائي وهڪرن جي گهٽ وڌائي سبب بدلبا به رهيا . جن ۾ علي بندر به هڪ آهي. جيڪو ويجهڙائي واري وقت تائين آباد رهيو. هتي اچي سرسوتي جي آخري وهڪري هاڪڙي ۽ سنڌو ندي جي وهڪري پراڻ ندين جي تهذيبن جو ڇيهه ٿئي ٿو. هن بندرگاهه جو ڊگهي عرصي تائين قائم رهڻ جو سبب به انهن ندين جا وهڪرا هئا . ندين جي وهڪرن بعد هي بندرگاهه به اجڙي رڻ جو حصو بڻجي ويو. هاڻي اتي ڪاري ڪلر کان سواءِ ڪجهه نه بچيو آهي . صرف نالو ئي رهيو آهي .


    تاريخي ماڳن جي مشاهدي جي حاصلات

    تاريخي ماڳن جي مشاهدي جي حاصلات
    مٿي ذڪر ڪيل تاريخي ماڳ ۽ آثار سرسوتي تهذيب جي سنڌ ۾ موجود حصي اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر کان سواءِ سنڌو ۽ سرسوتي تهذيب جي سرحدي پٽي جا آهن. انهن آثارن مان ڪي قديم ماڳ آهن ، ڪي بعد جا آهن. قديم ماڳن جي آثارن مان خبر پوي ٿي، ته اهي وقت جي لاهن ۽ چاڙهن ۾ ڪيئي دفعا ڦٽا ۽ وري آباد ٿيا آهن. ڪو قديم آثار اهڙو ناهي جيڪو وقت ۽ حالتن جا مقابلا ڪري مستقل نموني ڪيئي صديون آباد رهي، سڪون واري ماحول ۾ ترقي جون ارتقائي منزلون طئه ڪري ترقي جي اوچن مينارن کي ڇهي پوءِ سرسوتي جي بيوفائي سبب ويران ٿي ويو هجي. انهي ڪري انهن سمورن آثارن جي مشاهدي مان معلوم ٿو ٿئي، ته هي سمورو علائقو مختلف جاگرافيائي ، ماحولياتي ۽ سياسي سماجي تبديلين جي هڪ وڏي لڪ لڪوٽي مان گذريو آهي. هتي تاريخ جي تمام وڏن سانحن جو جنم ٿيو آهي. انهن تبديلين ۾ سرسوتي جي ريٽ آڻيندڙ وهڪرن جي بند ٿي وري ٻئي هنڌان وهڻ جون به شاهديون ملن ٿيون، ته سنڌو ۽ گنگا تهذيب جي وچ ۾ هئڻ ڪري ٻنهي تهذيبن جي خوشحالي جي زمانن ۾ هي وچ واري سرسوتي تهذيب به ترقي ۾ ڀروارين ٻنهي تهذيبن سان بهتر لاڳاپن هئڻ سبب ترقي جي ارتقائي رفتار ۾ تيزي آڻي، مندرن جي صورت ۾ اعليٰ شاهڪار اڏي پنهنجي بي انتها دلي سڪون لاءِ سخاوت جون سموريون حدون به ٽپي ويئي آهي. جنهن مان هن تهذيب جي ماڻهن جي محبت ۾ سڀ ڪجهه لٽائڻ جي جذبي جي شاهدي ملي ٿي. ته ٻئي طرف وري ڀروارين ٻنهي تهذيبن جي حالتن جي ستم ظريفي دوران جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اچي پيسجي وڃڻ جون نشانيون به موجود آهن. هن تهذيب جي مشاهدو ڪيل آثارن ۽ کنڊراتن ۾ مومل راڻي جي شوخ محبت جا به نشان ملن ٿا ، ته ٻئي طرف بروو جو محبت ۾ پنهنجي جسم جو ماس ڪوري ڏيڻ جا شاهد بروڙ جي اوچين عمارتن جا ڊٺل آثار به آهن . هتي مالوندن جي مال تي لوڙيون هڻندڙ لاکي ڦلاڻي جي پيرن جا نشان به آهن ته ٻئي طرف وري انهن لوڙائن کي روڪڻ لاءِ گسن تي پنري ٻڊاماڻي جوقلعو به آهي، هتي مڻيي تي موهجي ور مٽڻ واري ليلان جو شهر ليهور به هو، ته هتي انهي بيوفائي جي سزا ڏيڻ واري چنيسر داسڙي جي شهر جا به نشان آهن. هتي سرسوتي ۽ هاڪڙي جي وهڪرن ڪناري واپاري وسندڙ شهرن ، پتڻن جا به نشان آهن ته وري ٻئي طرف ڏوتڙ ۽ پاريننگر ۾ دريائي ۽ سامونڊي بندرگاهن تان هتان جي وڻجارن جي ڏيساور ڏورڻ جون به شاهديون ملن ٿيون. هن علائقي جي تاريخي ماڳن جا آثار اها به گواهي ڏين ٿا ، ته هتي ڪنهن هڪڙي شاهي حاڪم جو فرمان نه هلندو هو، پر هر شهر ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجي ئي راڄوڻي محبت جي ٺاهيل قانونن تي هلندا هئا. انهي شاهدي ڏيڻ لاءِ طوالت کان بچڻ لاءِ هڪڙوئي مثال ڪافي آهي ، ته سنڌ جي حاڪم ڄام تماچي جڏهن ماموئي فقيرن کي مارڻ جو حڪم ڏنو، ته هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄي جڏهن آمري جي پتڻ تي پهتا، ته اتان جي راڄن جي طاقت اڳيان مجبور ٿي ڄام تماچي کين زندهه ڇڏي ڏنو. پيشنگويون ڪندڙ ماموئي فقير پنهنجي باقي زندگي سڪون سان گذاري وڃي آمري جي مقام ۾ هميشه آرامي ٿيا. هتي جي وطن دوستي ۽ بهادري اڳيان سنڌ فتح ڪندڙ عرب به سرحدي شهر برهمڻ آباد فتح ڪرڻ بعد اروڙ ۽ ملتان تائين ته فتحون حاصل ڪري سگهيا. پر ساڻن سنڌ جي آزادي ٻيهر موٽائڻ لاءِ گوريلا جنگ وڙهندڙ جئسينه کي پڪڙڻ لاءِ اڇڙي ٿر جي حدن ۾ لهي نه سگهيا، محمود غزنوي سومناٿ مندر ڊاهي ڦرلٽ ڪري هتان واپسي ۾ گذرندي خود پاڻ ڦرجي ويو. دهلي جو تخت ڦريندڙ شير شاهه سوري ، پنهنجي حريف همايون جو هن علائقي ۾ داخل ٿيڻ بعد پيڇو نه ڪري سگهيو. انهي بعد به ڪو سگهارو حاڪم نه هتي حملو ڪري سگهيو نه ئي داخل ٿي سگهيو. انهي احوال جون شاهديون قديم آثارن ۽ ڪجهه احوال هتان جي لوڪ ادب ۽ ڪجهه تاريخ جي ڪتابن مان ملي ٿو. اهي شاهديون ته هن تهذيب جي ماءُ سرسوتي ندي جي گم ٿيڻ بعد سندس آخري ننڍڙي هڪ وهڪري هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آثارن مان ملن ٿيون. پر جڏهن سرسوتي برهاڙا ڪري سوين ٻانهون کولي جڏهن هنن علائقن کي پنهنجي پيار جي ڀاڪرن ۾ ڀريندي هوندي، ته انهي دور ۾ هتان جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ شهرن جو حسن ڇا هوندو. جنهن جا سمورا داستان هن ريگستان ۾ دفن ٿيل آهن. يقين سان چئي سگهجي ٿو. ته هنن آثارن جي کوٽائي ۽ لڪل آثارن جي پذيرائي سان گم ٿيل سرسوتي تهذيب جو شاندار ماضي ، پنهنجي ڀروارين ٻنهي تهذيبن گنگا تهذيب ۽ سنڌو تهذيب کان ڪنهن صورت ۾ گهٽ نه هوندو.


    سرسوتي تهذيب جي اجڙڻ ۽ خشڪ سالي جا سبب

    سرسوتي تهذيب جي اجڙڻ ۽ خشڪ سالي جا سبب
    جيئن ته اڇڙي ٿر جي ڊيلٽا جي ٺهڻ جي شروعات هماليا کان وهي آيل ندين جي سلسلي جي آندل ريٽ سان ٿي هئي، جن کي قديم ڪتابن ۾ سرسوتي ندي جا وهڪرا سڏيو ويو آهي. پر اڳتي هلي سرسوتي جا اهي وهڪرا ڊيلٽا ٺاهڻ بعد پنهنجي ئي آندل ريٽ ۾ پوربا ۽ رخ بدلائيندا رهيا. اهو سلسلو به هزارن سالن تائين هلندو رهيو، جن وهڪرن جي آثارن جا اهڃاڻ اڇڙي ٿر جي ڀٽن جي اتر ڏکڻ رخ ۾ ٺهيل ڀٽن ۾ نشاني طور موجود آهن. اهي سوين وهڪرا ڊيلٽا ٺاهيندا اوڀر کان اولهه طرف وڌندا رهيا . جنهن سبب اڳتي هلي انهن وهڪرن جي سلسلن جي بند ٿيڻ سبب هن علائقي کان پاڻي هٽندو پري ٿيندو ويو. سرسوتي ندي جي حياتيات ۽ تهذيب جي اوسر ۾ جاگرافيائي تبديلين جو وڏو اثر رهيو. دنيا جي جديد تحقيق ۽ سيٽلائيٽ نقشن جي گهري مطالعي سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي، ته وقت بوقت آيل زلزلن سبب ۽ زميني تبديلين جي ڪري به دريائن جي وهڪرن جا رخ بدليا ۽ وسندڙ تهذيبون ويران ٿيون . تحقيق دوران اهي به اهڃاڻ سامهون آيا آهن، ته زميني پليٽن جي ٽڪرائجڻ سبب هتي به وڏيون تبديليون آيون. خاص ڪري ستيتاليهه ڪروڙ سال اڳي ڌرتي جي هن ڀاڱي ۾ خطرناڪ زلزلن جو هڪ دور شروع ٿيو هو. جنهن سبب ئي هماليا جي اوچائي وڌڻ سبب هماليا جا برفاني گليشيئر ٺهيا، جن مان وهندڙ پاڻي ندين کي جنم ڏنو. تهذيبون ٺهيون اسريون ۽ نسريون ، وري انهن ئي زلزلن سبب ڪجهه ندين جي پاڻي جا وهڪرا بدليا يا بند ٿيا ، جنهن سبب اهي وسنديون ويران صحرا ۾ تبديل ٿيون. جنهن سبب ئي اڳتي هلي ندين جي رسڻ سبب هي سمورو علائقو ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو. پاڻي واري زماني جي سموري تهذيب جي آثارن ۾ هن وقت سوين فوٽ واري جي صحرا هيٺان دٻجي ويا. باقي جيڪي رهيا کهيا چند آثار اڃان تائين هن شاندار تهذيب جي اسرڻ ۽ نسرڻ جي شاهدي ڏيڻ لاءِ موجود آهن، سي به بي ڌياني سبب تباهه ٿي رهيا آهن. ائين اڳتي هن قديم تهذيب جا سمورا نشان گم ٿي ويندا. جيڪي اڃان به تحقيقي ادارن جي منظم ڪوشش سان ظاهر ٿي تاريخ جا ڪئين لڪل راز ظاهر ڪري سگهن ٿا. پر اڇڙي ٿر کان اولهه طرف موجوده ڪس ۽ ناري وارا علائقا جيڪي هن قديم تهذيب جي پاڻي جي رسڻ سبب انساني آبادي جا مرڪز بڻيا ۽ اتي پاڻي جي رسد اڃان تائين قائم آهي، سي علائقا اڃان صحرا ناهن ٿيا. جتي به هزارين سالن جا تاريخي ماڳ اهو ثابت ڪري رهيا آهن. ته سرسوتي جي وهڪرن سبب اڇڙي ٿر ۾ انساني تهذيب جي اوسر تمام گهڻو آڳاٽو ٿي هئي.
    ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي جيالاجي رپورٽن موجب ، ٿر ۾ موجود واري جي ڀٽن جي عمر ويهه هزار سال آهي. انهي مان ثابت ٿئي ٿو، ته هتي دريائن جي رسڻ ۽ گم ٿيڻ جو سلسلو به گهڻو آڳاٽو آهي. انهي ڪري هتي موجود قديم آثار به قديم زماني جا آهن. جيڪي هن علائقي ۾ ندين جي رسڻ ۽ رخ مٽائڻ سبب اجڙندا رهيا. وڌيڪ اڇڙي ٿر جو صحرا ۾ بدلجڻ جو عرصو ۽ ماڳن جي اجڙڻ ۽ آباد ٿيڻ جو ڪاٿو انهن ماڳن جي قدامت جي تحقيق سان ظاهر ٿي سگهي ٿو. بحرحال هن صحرا جي واري جي هيٺان سرسوتي تهذيب جا ڪئين قديم دور دفن ٿيل آهن. اڇڙي ٿر ۾ موجوده خشڪ سالي سرسوتي ندي جي وهڪرن جي گم ٿيڻ سبب شروع ٿي. جنهن جو سبب سرسوتي ندي جي پنهنجي آندل ريٽ جي هيٺان سندس دٻجڻ ئي آهي. سرسوتي جي انهي ريٽ بعد هماليا جا وهڪرا هن علائقي مان وهڻ بند ٿي ويا. ۽ هي علائقا ريگستان جي مختلف شڪلين ۾ موجود آهن.


    سرسوتي تهذيب بابت حاصل ڪيل نتيجا

    سرسوتي تهذيب بابت حاصل ڪيل نتيجا
    سرسوتي تهذيب محققن جي تحقيق کان هڪ رهجي ويل تهذيب هئي. جنهن بابت هن کان اڳ ۾ ڪنهن به سنجيده ڪوشش نه ورتي هئي. انهي جا ڪيترائي سبب هئا. جن ۾ سوسوتي جي ڊيلٽائي علائقي ۾ دريائي پاڻي جي مسلسل تبديل ٿيندڙ وهڪرن ڪري آيل ماضي جون جاگرافيائي ۽ سياسي تبديليون، انهن تبديلين دوران هتان جي تاريخي مواد جو ناپيد ٿي وڃڻ ، هن علائقي جو ڊگهي عرصي کان سرسوتي جي وهڪرن جي گم ٿيڻ سبب ريگستاني علائقو بنجڻ بعد آبادي گهٽجي وڃڻ، قديم شهرن جو ڦٽي وڃڻ ، ڪافي تاريخي ماڳن جو ريگستاني واري ۾ لٽجي گم ٿي وڃڻ، غير آباد هئڻ ڪري حڪمرانن جي پهچ کان پري ٿي وڃڻ ، يا سندن طرفان هن علائقي کي وساري ڇڏڻ ، حر جدوجهد سبب انگريز محققن جو هن علائقي ۾ تحقيق لاءِ نه اچڻ ۽ هن وقت جي محققن جو سنڌ جي هن وساريل علائقي ۾سهوليتن جي اڻهوند سبب نه اچڻ وغيره .
    سرسوتي تهذيب به گنگا ۽ سنڌو تهذيب جي هم عصر تهذيب هئي. تاريخ جي ڊگهي عرصي ۾ هي سرسوتي جو ڊيلٽا ، پاڻي جي وهڪرن سبب خوشحال ۽ من موهيندڙ نظارن سان ڀرپور ڊيلٽا رهيو. جنهن خوشحالي سبب هتي قديم دور کان زندگي جو وجود موجود رهيو. هتي انساني تهذيب به وسيلن جي گهڻائي سبب تمام گهڻو تيزي سان اسري ۽ نسري ، هتي عاليشان شهر تعمير ٿيا . جيڪي ترقي جي لحاظ کان ڀروارين تهذيبن گنگا تهذيب ۽ سنڌو تهذيب کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا. پر گنگا ۽ سنڌو تهذيب جي وچ ۾ هئڻ سبب هن تهذيب تي ٻنهي ڀروارين تهذيبن جا گهرا اثر رهيا. جيڪي ڪن دورن ۾ اهي اثر ايترا ته گهرا ٿي ويا ، جو گنگا تهذيب تي ڪم ڪندڙ محققن هن سرسوتي ڊيلٽا جي تهذيب کي گنگا تهذيب سان ڳنڍي ڇڏيو، ته بئي طرف وري سنڌو تهذيب تي ڪم ڪندڙ محققن هن کي سنڌو تهذيب جي حصي طور سمجهڻ جي غلطي ڪئي. جنهن ڪري ٻنهي طرفن جي تحقيق سرسوتي تهذيب جي الڳ وجود کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو. سرسوتي جي وهڪرن ذريعي ٺهيل سرسوتي ڊيلٽا جي انساني تهذيب ڀروارين ٻنهي تهذيبن جي مذهبي ، سماجي ۽ سياسي تهذيبن جي ٽڪراءَ جو کاڄ به ٿي. انهن ٽڪرائن سرسوتي تهذيب جي ماڻهن کي مذهبي طور لامذهب ۽ سياسي طور مصلحت پسند بنائي ڇڏيو. نتيجي ۾ هتي اڳتي هلي سماجي قوت ڀروارين ٻنهي سگهارين تهذيبن جي دٻاءَ ۾ اچي ٽٽي ويئي . اڳتي هلي سرسوتي ندي جي وهڪرن بند ٿيڻ ، گم ٿي وڃڻ يا گهٽجي وڃڻ سبب هتي ريگستان بنجي ويو. هتان جي معيشيت ۽ قدرتي وسيلا گهٽجي ويا. جنهن سبب هتي مضبوط سياسي نظام تحت مضبوط حڪومتي ڍانچو ٻيهرنه ٺهي سگهيو، جيڪو سرسوتي تهذيب کي الڳ نمايان طور ظاهر ڪرڻ جو سبب بنجي سگهي ها. نتيجي ۾ هتي جو سماجي ڍانچو ننڍن ننڍن راڄوڻي بنيادن تي هلندڙ رضاڪارانه راڄواڙن جي نظام موجب هلندو رهيو. گهٽ ۾ گهٽ انهي حالت ۾ به رهندي ٻه هزار سالن جو عرصو ٿي ويو. پاڻي جي رسي وڃڻ بعد هي دنيا جي قديم تهذيب ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي رهي ۽ ائين هي پنهنجو الڳ وجود برطانوي دور ۾ وڃائي ويهي رهي. جڏهن هاڪڙي جي آخري وهڪري کي انگريزن سنڌودرياءَ سان ملائي موجود نارا ڪئنال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي سرسوتي تهذيب دنيا جي نقشي تي هڪ وجود وڃايل تهذيب طور ڄاڻائي ويندي . آئنده هن تهذيب جون ڳالهيون صرف ڪتابن ۾ پڙهبيون . ليڪن سرسوتي تهذيب پنهنجي وجود وڃائڻ سان گڏ هڪ تهذيب جي موت جي سببن ڳولڻ لاءِ ايندڙ زماني جي محققن لاءِ ڪئين اسباب ڳولڻ جا ذريعا ۽ سبق ڇڏي ويئي آهي. جنهن مان سکڻ لاِءِ گهڻو ڪجهه موجود آهي. جيڪڏهن هن تحقيق کي سنجيدگي سان پڙهي نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته هن تحقيق مان سکڻ لاءِ يا تاريخ لکڻ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه مواد موجود آهي.


    اڇڙو ٿر سنڌ جي تاريخ جي آئيني ۾

    اڇڙو ٿر سنڌ جي تاريخ جي آئيني ۾
    سرسوتي تهذيب بابت قديم ڪتابن ۾موجود مواد ، تازين جيالاجي جي رپورٽن ، تحقيقي سلسلي ۾ ڪولمبو پلان جي نقشن، سرسوتي تهذيب بابت مختلف ويب سائيٽن تي موجود ڄاڻ ، ذاتي مشاهدن ۽ سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب جي قديم ماڳن۽ آثارن مان مليل نشانين جي روشني ۾ هن لڪل تهذيب جا ڪجهه نشان ڳولڻ ۽ راءِ قائم ڪرڻ بعد ، هاڻي اچو ته هن تهذيب جي جاگرافيائي اهميت ، هتان جي سماجي ۽ سياسي حالتن بابت سنڌ جي تاريخن ۾ هن علائقي بابت لکيل احوال جي روشني ۾ ڪجهه نتيجا اخذ ڪريون. جيئن سرسوتي تهذيب بابت مڪمل تاريخي جائزو وٺڻ جو مقصد ڪجهه قدر پورو ٿئي. هونئن ته پوري سرسوتي تهذيب بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ڪم بين الاقوامي تحقيقي ادارا ئي ڪري سگهن ٿا. پر نه هئڻ جي جاءِ تي وس آهر سرسوتي تهذيب جي هڪ ننڍڙي حصي اڇڙو ٿر بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.


    اڇڙو ٿر عربن جي فتح بعد جئسينه جي پناهه گاهه

    اڇڙو ٿر عربن جي فتح بعد جئسينه جي پناهه گاهه
    راوڙ جي جنگ ۾ محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي جنگ ۾ راجا ڏاهر جي وطن جي حفاظت ڪندي گهورجي وڃڻ بعد عربن برهمڻ آباد کي گهيرو ڪيو. راجا ڏاهر جو بهادر پٽ جئسينه هڪ طرف برهمڻ آباد جي مضبوط قلعي جا دروزا بند ڪرائي پنهنجي فوج جي وڏي حصي کي برهمڻ آباد جي حفاظت تي مقرر ڪيو، ته ٻئي طرف پاڻ پنهنجي وفادار فوج سان ويجهو ئي اڇڙي ٿر جي صحرا ۾ پناهه گزين ٿيو. جتان هن عربن خلاف پنهنجي گوريلا جنگ جي شروعات ڪئي. هن علائقي جي چونڊ ڪرڻ مان خبر پوي ٿي، ته جئسينه هڪ سٺو ۽ عقلمند ويڙهاڪ هو. اڇڙي ٿر ۾ پناهه وٺڻ سان هو هڪ طرف هن خطرناڪ ۽ منجهائيندڙ صحرا ۾ عربن جي حملي کان محفوظ هو، ته ٻئي طرف گجرات ۽ ڪڇ جي راجائن جي مدد به کيس آرام سان پهچندي رهي. ٽئين طرف ڊرينهن جا نخلستان سندس فوج کي ننڍن حصن ۾ ورهائي علائقي جي چوڪسي ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيا . مطلب ته اڇڙو هر لحاظ کان سنڌ جي آزادي ٻيهر واپس وٺندڙ جانبازن لاءِ بهترين پناهگاهه رهيو. اهوئي سبب هو جو جئسينه پورا يارهن سال وطن جي آزادي جي جنگ ڪاميابي سان لڙندو رهيو. جنهن سبب جئسينه جي اوچتن حملن سبب عرب فوج ڪٿي به سڪون سان رهڻ جي لائق نه رهي. هو مسلسل ميدانن ۾ کاهيون کوٽي رهڻ تي مجبور ٿي ويئي. نتيجي ۾ عربن جي گرفت سنڌ مٿان صرف نالي ماتر وڃي رهي، نتيجي ۾عمر بن عبدالعزيز جي دور ۾ جئسينه سان عربن کي ٺاهه ڪرڻو پئجي ويو. جئسينه انهي ٺاهه واري عرصي دوران پنهنجي گوريلا جنگ جي مورچن کي وسيع ڪرڻ ۽ عربن جي رستي جي ويجهو ڪوهستان ۾ پنهنجون ڳجهيون پناهه گاهون ٺاهي ورتيون. هي ٺاهه گهڻو عرصو قائم رهي نه سگهيو، ۽ يزيد بن عبدالملڪ جي دور ۾ عربن جي معاهدي ٽوڙڻ سان هي ٺاهه وري ختم ٿيو، ته جئسينه جي حملن عربن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. جئسينه انهي ٺاهه واري عرصي دوران پنهنجي ويڙهه جا مرڪز پوري سنڌ ۾ قائم ڪري چڪو هو. نتيجي ۾ جئسينه پنهنجي ڀاءَ سميت عربن سان مقابلا ڪندي قربان ٿيڻ بعد به جئسينه جي قائم ڪيل ويڙهه جي مرڪزن تان سنڌي گوريلن جا عربن تي حملا جاري رهيا. عرب صرف محفوظه ۽ منصوره جي شهرن ۾ قلعي بند ٿي ڪنڌ جهڪائي رهڻ تي مجبور ٿيا. ۽ هنن سنڌي ثقافت اپنائي ۽ پاڻ کي سنڌي تهذيب ۾ ضم ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ ائين اڳتي هلي سنڌ ۾ مقامي ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون. جن ۾ ڪجهه علائقن تي سومرن جي حڪومت به قائم ٿي. اڇڙي ٿر ۾ سومرا قبيلي، سوڍن ، راڄڙن، ۽ سما قبيلي جو گڏيل اثر قائم ٿيو.


    اڇڙو ٿر محمود غزنوي جي ڪاهه وقت

    اڇڙو ٿر محمود غزنوي جي ڪاهه وقت
    اڇڙي ٿر ۾سنڌ جي جنگجوءَ قبيلن جي گڏيل اثر سبب محمود غزنوي سومناٿ جي فتح بعد جڏهن هتان گذريو، ته سنڌي ويڙهاڪن سندس قافلن تي حملا ڪري کيس هتان جلد تيز رفتاري سان گذرڻ تي مجبور ڪيو. محمود غزنوي برهمڻ آباد تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سنڌي ويڙهاڪن سندس سومناٿ مان لٽيل مال اسباب ڦري ورتو. جنهن تي هن سومرا قبيلي سان ٺاهه ڪري سنڌ ۾ حملن ۽ ڦرلٽ نه ڪرڻ ۽ فتح ڪيل ملتان شهر کي به سومرن جي حوالي ڪرڻ جي واعدي تي پنهنجو ڪجهه مال واپس ورتو، ۽ افعانستان روانو ٿي ويو. انهي بعد انهي ٺاهه جي روشني ۾ تاريخن ۾ اهو ڄاڻايو ويو، ته محمود غزنوي سومرن کي ڏن عيوض سنڌ جي حڪومت ڏني. جيڪا ڳالهه محمود غزنوي جي بدنامي ۽ شڪست کي لڪائڻ لاءِ سندس مورخن لکي . حالانڪ محمود غزنوي جو ڪو به سنڌ تي قبضو نه ٿيو هو. پر هو شڪست کائي ٺاهه جي عيوض پنهنجو سر بچائي واپس وطن وريو هو. محمود غزنوي جي سومناٿ جي فتح بعد سنڌ مان واپسي کيس ڏاڍي مهانگي پئي. ڇو ته سندس رستي جا سمورا علائقا تاريخي طور هڪٻئي جا اتحادي هئا. سومناٿ کان برهمڻ آباد تائين وچ ۾ ايندڙ ڪڇ ، جيسلمير۽ راجستان جا علائقا سنڌين جا تاريخي طور اتحادي هئا. انهي ڪري محمود غزنوي سومناٿ کان واپسي جي سفر دوران سنڌين جي رحم ڪرم تي هو. اهو ئي سبب جو محمود غزنوي کان پوءِ ڪنهن به افغان يا مغل حمله آور وري هي رستو نه ورتو، پر پوءِ سمورا هندستان تي حملا دره خيبر کان پنجاب مان گذري ٿيندا رهيا. حالانڪ فاصلي جي لحاظ کان سنڌ مان گذرندڙ رستو کين وڌيڪ ويجهو پيو ٿي. پر اهو رستو وري نه وٺڻ پڻ محمود غزنوي جي بري حشر جي شاهدي ڏي ٿو.


    اڇڙو ٿر سومرن جو دور ۾

    اڇڙو ٿر سومرن جو دور ۾
    اڇڙو ٿر جيئن ته سنڌ جي وطن دوست ويڙهاڪن جو عربن جي حملي بعد مرڪز بنجي چڪو هو. محمود غزنوي جي گذرڻ سبب عربن جي رهي کهي نالي ماتر قوت به ختم ٿي ويئي. ۽ سنڌ ۾ سومرا خاندان راجستاني ۽ گجراتي حاڪمن جي ساٿ سان طاقت ورتي ۽ ملتان تائين پنهنجو اثر قائم ڪيو. سومرن جي اڪيلي قبيلائي طاقت نه هئي، پر ساڻن سما، سوڍا ، راجپوت ، ريٻاري ، ابڙا، جکرا، راٺوڙ ، راڄڙ ۽ ٻيا قبيلا به گڏ هئا . انهي ڪري سومرن جي حڪومت سنڌين جي عربن کانپوءِ ٻيهر قومي حڪومت جي بحالي هئي. سنڌ جي اها گڏيل راڄوڻي حڪومت هئي ، جنهن جي اڳواڻي سومرا قبيلو ڪري رهيو هو. سندن انهي طاقت ۾ خشڪي جي رستن تي قابض جتن جو ساٿ رهيو. ۽ سامونڊي رستن تي ملاحن جو ساٿ هو. اهڙي ريت هنن سنڌ جي سامونڊي بندرگاهن تائين پنهنجي رسائي قائم ڪري ورتي ۽ سنڌ ۾ مضبوط حڪمراني قائم ڪئي . عربن جي حملي کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جي ڊگهي حڪمراني جو دور رهيو. سندن دور دوران سندن جمهوري ۽ سنڌ دوست روين کين وڌيڪ سگهارو ڪيو. هو سنڌ ۾ هڪ مضبوط طاقت طور تاريخ ۾ سڃاتا ويا. هن دور ۾ سنڌي ٻولي تي مڙهيل عربي ٻولي جو زور ٽٽو، ڪيترن ئي لوڪ داستانن ۽ شاعري ۾ هڪ نئين صنف ڳاهن سان ڳالهيون جي شروعات ٿي . جنهن سبب عربي ۽ فارسي ادب جي رنگيني جي جاءِ تي سنڌي ٻولي اسري ۽ نسري اڳتي وڌي ترقي ڪئي. سنڌي ٻولي جي اهڙي مڃتا خود سنڌ ۾ رهجي ويل عربن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ، اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ رهندڙ انهي دور جي عرب قبيلن جو ڪو به پونئر ڪٿي به عربي ٻولي نه ٿو ڳالهائي. سومرا خاندان سنڌ ۾ جمهوري قدرن سان گڏ راڄوڻي طاقت کي به منظم ڪيو. عورتن جي اهميت جو ثبوت ڏيندي پنهنجي دور ۾ ٻن عورت حڪمرانن تارا ٻائي ۽ همون ٻائي جي حڪمراني تسليم ڪرائي. اڇڙي ٿر ۾ سومرن ، سمن، راٺوڙن، راڄڙن ۽ سوڍن کي به پنهنجي طاقت ۾ شامل ڪيو ۽ اڇڙي ٿر جي سموري انتظامي معاملن ۾ سندن شرڪت ڪرائي. هنن جي دور ۾ رتو ڪوٽ جهڙو مضبوط قلعو سوڍن جي حوالي ڪيو ويو. ساڳئي نموني سامي جي مڙهي تي هندو ڌرم جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ مضبوط هندو ڌرم جي اوسر ۽ سکيا لاءِ عاليشان ودياله تعمير ڪرائي، انهي کي هلائڻ لاءِ هڪ وڏي علائقي جي آمدني به هن ودياله جي ترقي ۽ تعمير لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙي نموني اڇڙي ٿر ۾ ٻين به ڪافي جاين تي سماجي ترقي ۽ علمي ڦهلاءَ لاءِ مرڪز ٺاهيا ، جن جو وجود هن وقت هزارين مڻ واري جي هيٺان دفن رهندي به کوجنا ڪارن کي سندن اهميت کان واقف ڪرڻ لاءِ سڏي رهيو آهي.


    اڇڙي ٿر ۾ سمن جي حڪومت

    اڇڙي ٿر ۾ سمن جي حڪومت
    سنڌ ۾ سومرا دؤر کان پوءِ جيئن ته سما حڪمران ٿيا، جن جي صاحبي 1351ع کان وٺي 1520ع تائين رهي. غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب سمن جي سلطنت ۾ سمن جي حڪومتي دائري جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي: ته “سمن جي دؤر ۾ عمرڪوٽ، نصرپور، بٺورو، ڪلان ڪوٽ ، رتو ڪوٽ ، سيوهڻ ، نيرون ڪوٽ ، سبي، بکر، ڪوٽ ماڇي، چانڊڪا، باغبان، ٺٽو، فتح پور، ٽلٽي ۽ بدين اهم فوجي مرڪز هئا . جتي ڪوٽ قلعا به موجود هئا . اڪثر سما حڪمران اقتدار جي واڳ وٺندي، سرحدي شهرن ڏانهن ويندا هئا ۽ اتي بچاءَ ۽ دفاع بابت حڪم ڏيندا هئا. هن تاريخي رڪارڊ مان انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته رتو ڪوٽ سمن جي سلطنت جي دائري ۾ ايندو هو. پر انهي زماني ۾ ڪنهن سمي حاڪم جي احوال ۾ اڇڙي ٿر بابت يا اتي ڪنهن آمد يا اثر جو احوال نه ٿو ملي . قديم آثارن جي جائزي مان اهو پتو پوي ٿو ته رتي ڪوٽ کان ڏکڻ طرف موجوده ٿرپارڪر سان لاڳاپيل هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنڌي تي چنيسر جو داسڙن جو دڙو ، ليلان جو ليهور ، ڳاڙهو ڀڙو ، بروڙ جو دڙو ، آمري جو مقام ، منڌرن جو دڙو ، سماننگر ، ٻرڙائي جو ڪوٽ وغيره جي آثارن ۾ سمن جي دور جون نشانيون يا انهي دور جي تاريخي ڪردارن بابت روايتي ڳالهيون ته ملن ٿيون ، جيڪي آثار موجوده ميرپور خاص ۽ عمر ڪوٽ ضلعن ۾موجود آهن . پر رتو ڪوٽ کان مٿي اتر طرف سمن جي دور جي ڪابه نشاني نه ٿي ملي . انهي مان لڳي ٿو، ته اڇڙي ٿر ۾ سما حاڪمن جو ڪو خاص اثر نه هو. جنهن ڳالهه جي سببن تي سوچڻ کانپوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ،
    اڇڙي ٿر جو سمورو علائقو راجستان سان لاڳاپيل علائقو آهي. انهي ڪري سياسي ۽ سماجي طور هي علائقو سماٽ قبيلن جي سورج ونسي ۽ چندر ونسي ذاتين جي زير اثر رهندو آيو. سرسوتي ندي جي سڪڻ بعد ۽ هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڪرن واري دور ۾ هي علائقو ويران صحرا ۾ تبديل ٿيڻ لڳو، جنهن سبب هتان جي آبادي هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن تي موجوده ناري واري علائقي ۾ رهائش پذير ٿي .
    جئين ته سرسوتي جي سڪڻ بعد هي صحرائي علائقو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيڻ لڳو. هن علائقي جي ماڻهن زراعت کي ڇڏي مال ڌارڻ شروع ڪيو. جنهن تي هنن جو گذر سفر هلڻ لڳو. جنهن سان وري مال جي چراگاهن تي ڏڪارن جي وقت ۾ ماڻهن ۽ قبيلن ۾ سخت ٽڪراءَ ٿيا . ماڻهن هڪٻئي جو مال ڪاهڻ شروع ڪيو. جنهن کي روڪڻ لاءِ قبائلي حفاظتي ٽولا ٺهيا ۽ راجستان ، گجرات ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ وقت بوقت اهڙا حملا ڪيا ويندا هئا . جن حملن ۽ لوڙهين جو ذڪر شاهه صاحب جي ڪلام ۽ سنڌي ، گجراتي ۽ مارواڙي لوڪ ادب ۾ به موجود آهي. سنڌ ۾ سما دور جو مرڪز لاڙ جي ٺٽي ضلعي ۽ ارغونن جي حملن سبب ڪوهستان رهيو. انهي ڪري هن طرف ڪو خاص حڪومتي توجهه نه رهيو. انهي عرصي دوران هتي سماٽ قبيلن جون ۽ سوڍن جون ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ٿيون . جيڪي قبيلن جي نکن جي حساب سگهاريون ۽ ڪمزور ٿينديون رهيون. ڀٽي قبيلي جي نکن جو راجستان تي اثر رهيو. جڏهن ته سمن ، سوڍن ۽ سميجن جو اثر وري ٿر ۾ قائم رهيو. هن دور جي خاص ڳالهه جيڪا حيران ڪندڙ آهي ته ٿر ، راجستان ، گجرات ۾ رهندڙ بااثر قبيلا علائقائي طور ٻين ذاتين ۽ ننڍن قبيلن سان ميٺ محبت ۾ رهيا . ڪٿي به انهي دور دوران انهن علائقن ۾ رهندڙ ذاتين جي وچ ۾ ڪي اندروني ٽڪراءُ موجود نه هئا . ٿر، راجستان ۽ گجرات ۾ انهي عرصي دوران بااثر قبيلن جو سياسي نظام به راڄوڻي نظر اچي ٿو. حڪمران بااثر قبيلو صرف ماڻهن جي حفاظت جو ذميوار هوندو هو ، ۽ ٻيا ماڻهو راڄوڻي حساب سان سندن مددگار رهندا هئا. انهي وقت ۾ ڏيتي ليتي ۾ سڪن جي استعمال جون به گهٽ شاهديون ملن ٿيون ، شايد انهي زماني ۾ جنس جي واپار جو رواج عروج تي هو. ماڻهو شين جي عيوض شيون وٺندا هئا. مزدورن کي به جنس جي شڪل ۾ اجرت ڏني ويندي هئي. جنهن کي آهت يا پنچري يا چاراڻي چيو ويندو هو. انهي زماني ۾ سوڍن ۽ ٻين سماٽ قبيلن ۾ به راڄوڻي اتحاد موجود هو. ڪو به مذهبي ٽڪراءُ موجود نه هو. سڀ معاملا راڄوڻي نموني نبيريا ويندا هئا. هن دور ۾ هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪناري وارن شهرن تان دريائي رستي وڻج واپار به هلندو هو. پر انهن پتڻن تي به ڪنهن به محصول يا مقرر ٽيڪس جي ڪا شاهدي نه ٿي ملي. بااثر ماڻهن کي ڏن يا ڍل جي عيوض ماڻهو ڀليون شيون سوکڙي طور ڏيندا هئا. جيڪي اهي ماڻهو فخر سان قبول ڪري موٽ ۾ وري انعام به ڏيندا هئا. اهڙين سوکڙين کي ڍوهڻو سڏيو ويندو هو. جنهن کي وٺندڙ ماڻهو وري موٽ ۾ ايترو انعام ڏيندو هو، جيڪو ڍوهڻو ڏيندڙ جي تصور کان به وڏو انعام هوندو هو. ائين سمورو نظام محبت ۽ عزت جي بنياد تي هلندڙ هو. هن دور جي لوڪ ادب مان اسانکي هڪ گڏيل ۽ عوام ۽ حڪمران جي وچ ۾ محبت ۽ عزت واري مضبوط رشتي جا اهڃاڻ ملن ٿا.


    اڇڙي ٿر ۾ سوڍن جي حڪومت

    اڇڙي ٿر ۾ سوڍن جي حڪومت
    راجپوت نسل جي سوڍن جون وري ڪيتريون نکون ۽ پاڙا آهن. جن ۾ سندن ڇٽيهه نکون مشهور آهن. جن بابت جيمس ٽاڊ جي ڪتاب راجستان ۾ تفصيل موجود آهن . جنهن جي مطالعي سان سوڍن جي مختلف نکن ۽ پاڙن بابت حيرت انگيز معلومات موجود آهي. جنهن بابت تفصيل هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر آهي. هندستان جي تاريخ کي غور سان پڙهبو ته . جوڌپور کان وٺي عمرڪوٽ تائين وارو ريگستاني علائقو سوڍن جي مختلف نکن ۽ پاڙن جي زير اثر رهيو. هندستان تي قبضو ڪندڙ هر حڪمران سان سوڍن جا راجپوت قبيلا حالت جنگ ۾ رهيا. انهي ڪري هو ڌڪجي هن ريگستان ۾ رهڻ لڳا. يا ائين کڻي چئجي ته سوڍا هر دور ۾ هن ريگستاني علائقي ۾ پنهنجي طاقت قائم رکندا آيا. هن ريگستان ۾ هنن ڪنهن جي آڻ مڃڻ کانسواءِ هر وقت حالت جنگ ۾ رهندي به پنهنجي عظيم روايتن جي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪئي. سوڍن پنهنجي مخصوص تاريخي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ بي شمار قربانيون ڏنيون. جن جي ذڪر سان تاريخن جا صفحا ڀريا پيا آهن. سنڌ تي عربن جي قبضي بعد به اڇڙي ٿر ۾ راجپوت قبيلن راجا ڏاهر جي پٽ جئسينا سان گڏ سندس گوريلا ڪارواين ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. سومناٿ مندر تان ڦرلٽ ڪري واپس ورندڙ محمود غزنوي کي هتان گذرندي ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياريو. سومرن جي سنڌ تي اقتدار قائم ڪرڻ دوران به هو سومرن جا ٻانهن ٻيلي رهيا. بعد ۾ سمن جي دور ۾ به سوڍا اڇڙي ٿر ۾ صاحب حيثيت رهيا. سوڍا مذهبي طور هندو ڌرم جي شوپنٿ ۽ جين ڌرم جي اثرن کي قبولڻ سبب انتها پسند نه هئا. مذهبي آزادي جي حامي هئڻ سبب ٿر ۾ ٻين ماڻهن سان مذهبي ٽڪراءُ ۾ به نه رهيا . هو پنهنجي روايتن ۽ مذهبي عقيدن تي نه ڪنهن جي دخل اندازي پسند ڪندا هئا، نه ئي ڪنهن جي مذهب تي ڪا تنقيد ڪندا هئا. انهي رويي سبب هو مذهبي ڇڪتاڻ جو حصو نه بڻيا . هو ٿر جي راڄوڻي قاعدن ۽ قانونن جي وڌ کان وڌ پاسداري ڪرڻ سبب سماج ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هئا . ۽ اڄ به کين اهڙي عزت حاصل آهي. سوڍن راڄ جي فيصلن کي مان ڏنو . انهي ڪري هر دور ۾ اڇڙي ٿر ۾ سندن اثر ۽ ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم رهيون . سندن حڪومتي بهترين رويي سبب ڪڏهن به سندن حڪومتون خانه جنگي ۽ عوامي بغاوتن جو شڪار نه ٿيون ، جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي. البت سندن حڪومتن تي قبضو ڪندڙ حمله آورن جي مقابلي ۾ هي بهادر جنگجو ثابت ٿيا. اها به هڪ حقيقت حيران ڪندڙ آهي ته، هنن مقامي قبيلن جي، راجستان يا سنڌ جي ديسي حڪمرانن سان پنهنجا معاملا جنگ بدران ڳالهين ذريعي نبيرڻ کي ترجيح ڏني . سوڍن وقت بوقت ٿر تي حڪومت دوران عوامي راڄوڻي قانونن جي پاسداري ڪئي . جنهن سبب سندن دور حڪومت ۾ عوامي ترقي ۽ خوشحالي کي ڪڏهن به ڪو نقصان نه پهتو. سوڍن جي انسان دوستي سان گڏ فطرت دوستي جو ثبوت راڻڪ ڏهر ۾ موجود سندن کوٽايل اهو شاندار تاريخي کوهه آهي . جنهن ۾ جانورن سان گڏ پکين جي پاڻي پيئڻ لاءِ به خانا يا ننڍڙا اواڙا ٺهيل آهن . جيڪو سندن فطرت دوستي جو زنده ثبوت آهي.


    اڇڙِي ٿر ۾سوڍن ۽ راٺوڙن جو دؤر

    اڇڙِي ٿر ۾سوڍن ۽ راٺوڙن جو دؤر

    اڇڙي ٿر ۾ راجپوت سوڍن جا ڪجهه ڳوٺ آهن. جيڪي پنهنجن راجپوتي رسمن ۽ روايتن سميت اڄ به اڇڙي ٿر جو حصو آهن. اڇڙي ٿر ۾ راڻڪ ڏهر ۾ هڪ قديم کوهه موجود آهي. جنهن جي اڏاوت حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جوڌپوري پٿر سان تعمير ڪيل انهي کوهه تي جانورن، ۽ پکين جا به اواڙا ٺهيل آهن. جنهن مان کوهه جي تعمير ڪرائيندڙن جي فطرت دوستي ۽ ماحول دوستي جو پتو پوي ٿو. انهي کوهه تعمير ڪندڙن جي انهي نرم دلي ۽ فطرت دوستي مان اها به سڌ پوي ٿي، ته انهن ماڻهن جو جين ڌرم يا هندو ڌرم جي شوپنٿ سان تعلق هو. ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر ۾ اڄ به سوڍا انهن ٻنهي مذهبي لاڙن سان سرشار ملن ٿا. پر هڪ طرف هو همت ۽ بهادري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. وٽن عورتن جو احترام به موجود آهي ۽ انهن ڳالهين سان گڏوگڏ سندن محفلن ۾ نشي جو استعمال به ٿيندو آهي. جيڪي رويا شو پنٿ جي اثرن کي نمايان ڪن ٿا. ته ٻئي طرف هو جيتن جانورن ۽ پکين سان پيار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي علائقي ۾ وڻن جي واڍي جي به خلاف آهن. هو پنهنجي اثر وارن علائقن ۾ ٻين قبيلن کان وڌيڪ وڏا فطرت دوست آهن . جيڪي خوبيون سندن جين ڌرم سان ماضي ۾ لاڳاپيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿيون.
    جيئن ته اڇڙي ٿر جي تاريخي معلومات بابت تاريخ جا ڪتاب خاموش آهن . جن جا ٻه سبب آهن هڪ ته هي سمورو علائقو مواصلاتي سهوليتن کان اڃان تائين وانجهيل آهي. انهي ڪري اڇڙي ٿر جي اڙانگن رستن ۽ پراسرار خطرن سان ڀرپور علائقي ۾ ڪو محقق اچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي همت نه ٿو ڪري. ته ٻئي طرف وري حر جدوجهد سبب هتان جو سماج شڪ شبهن سان ڀرپور هوندي، ڪنهن اوپري ماڻهو کي هتان جي حالتن کان اڻ واقف ٿو رکي. انگريز محقق به حر جدوجهد سبب هتي تحقيقي ڪم نه ڪري سگهيا. جنهن سبب اڇڙي بابت تفصيلي احوال نه ٿو ملي. پر ٿرپارڪر ۾ تعليمي شعور وڌيڪ هئڻ سبب ڪجهه مقامي محققن سٺو ڪم ڪيو آهي. جن ۾ رائچند هريجن جو ٿرپارڪر تي ڪيل تحقيقي ڪم ساراهه جوڳو آهي. انهي ڪري ضروري آهي ته رائچند هريجن ۽ ڪجهه انگريز محققن جي ڏنل احوال کي به پڙهڻ گهرجي. جيئن سوڍن بابت ڪتابن ۾ ڏنل احوال بابت ڄاڻ حاصل ڪندي، انهي حساب سان اڇڙي ٿر کي جوڙي پوري تصوير سامهون آڻي سگهجي.
    ڪئپٽن ريڪس سومرن جي دور ۾ ٿر ۾ آباد سوڍن لاءِ لکي ٿو. “ هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آهي، جيڪا راجپوت نسل سان لاڳاپيل آهي ۽ سندن تعلق پرمار سوڍن جي ڪڙم سان آهي. اٺ سؤ يا هزار سال کن اڳ پرمار سوڍا، اجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي جي علائقن تي حڪومت ڪندا هئا. گهڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏي. هٿيار پنهوار کڻي پنهنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانهن نڪري پيا.
    ڪئپٽن ريڪس ٿر جي عمرڪوٽ سان گڏ رتي ڪوٽ جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي، ته هي قلعو اڳ ۾ ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجهيو ويندو هو، ۽ مارواڙ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اهم گس تي موجود هو. تنهن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گهراڻي جي حڪومت هئي. عمرڪوٽ جي ضلعي کان 30 ميل اتر طرف ٿر۾ هڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اهڃاڻ موجود آهن. اهو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جهڙو اهم آهي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آهي، يا انهن کان به اڳ ۾ڪنهن تعمير ڪيوهو، سو پتو ڪو نه ٿو پوي. اهو چوڻ ڪافي ٿيندو، ته ڪنهن مدبر حڪمران ٿر تي ڏهڪاءَ ويهارڻ لاءِ اهڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، جن قلعن ذريعي هن سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ هندستان جي شاهي رستن تي پنهنجا فرمان جاري رکيا. هندستان مان ڪن سببن جي ڪري آيل راجپوت سوڍن جو هنن ٻنهي اهم قلعن پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سوڍن 1226ع ۾ حملو ڪري وڏي جدوجهد کانپوءِ انهن قلعن يعني رتوڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کي فتح ڪري ورتو..
    رتوڪوٽ ۽ عمرڪوٽ فتح ڪرڻ کانپوءِ سوڍا ماٺ ڪري ڪو نه ويٺا، پر پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ٻين علائقن ڏانهن به هليا ويا. اهو پتو ڪو نه ٿو پوي، ته جنهن زماني ۾ سوڍن پارڪر تي قبضو ڄمايو، انهي وقت اتان جي صورتحال ڪهڙي هئي. ڪي روايتون اسان کي ٻڌائين ٿيون، ته ڪن سوڍن عمرڪوٽ کان اچي، يارهين صدي عيسويءَ ۾ پارڪر تي قبضو ڪيو، ۽ ڪيترين صدين کان پارڪر ۽ ويرا واهه جون زمينون سوڍن راجپوتن جي قبضي هيٺ رهنديون آيون. تمام گهڻي وقت کان مليل دستاويزي معلومات مطابق پارڪر جي سوڍن جي مکيءَ کي راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.
    رائچند هريجن جي لکيل ڪتاب “تاريخ ريگستان” ۾به سومرا دور کان وٺي رتوڪوٽ جي حوالي سان مختلف هنڌن تي ذڪر اچي ٿو. “ سنه 974ع ۾ سنڌ ۾ ڌرڻي براهه جو پٽ مهيپال عرف ديوراج آيو، جو راجا ٿيو. ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه ڪو نه مليو. تنهن ڪري هو وڃي راڌنپور ۾ رهيو. هن کي ٽي پٽ سوڍو، سانکلو ۽ باگهه هئا. سوڍو سنه 1125ع ۾ سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگهي آيو. جنهن مٿس مهرباني ڪندي کيس رتو ڪوٽ ڏنو، جيڪو ڪوٽ هاڻي ڊٺو پيو آهي، مگر ان جا کنڊر اڃا تائين ڍوري ناري ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن. مگر رتوڪوٽ نالو اڃا قائم آهي. ان ئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ رائچند هريجن لکي ٿو ته، ڪي چون ٿا ته سوڍو پاڻ سان راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ وٺي آيو هو ۽ رتوڪوٽ سومري حاڪم کان پنهنجي طاقت جي زور سان ورتائين.” رائچند هريجن رتوڪوٽ وارن راڻن لاءِ اڳتي لکي ٿو، ته ”سوڍي جو پٽ چاچڪ ”ديو“ ۽ پوٽو ”راج ديو“ هتي رهيا ۽ هتي اچڻ کانپوءِ هو راڻا سڏجڻ لڳا. کپري تعلقي ۾ اڄ تائين ڳوٺ ”راڻاهر“ آهي، جتي ڪيترا سوڍا گهر ڪري وڃي ويٺا. جنهن ڪري ڳوٺ تي اهو نالو پيو. کپري تعلقي ۾ پٿوري طرف ڪي پٽ آهن، جن کي اڄ تائين راڻن جا پٽ ڪري سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪن آڳاٽن راڻن اهي پَٽ وسايا ۽ اها سموري حد رتي ڪوٽ وارن راڻن جي هئي، جي اڄ تائين پنهنجي وڏي ڏاڏي پرمار جي پٺيان پاڻ کي پرمار سوڍا راجپوت سڏيندا آهن.
    تاريخ ريگستان ۾ رتوڪوٽ سان گڏ راڻن جو شجرو به هن طرح ڏنو ويو هو. “باهڙ جي پٽ سوڍي 1125ع ۾ رتوڪوٽ هٿ ڪيو. سوڍي کانپوءِ سندس پٽ چاچڪ ديو ۽ هن جو پٽ راج ديو اتي رهيا. انهن جي پونئيرن مان ڌارا برش کي ٻه پٽ هئا. وڏو درجنشال جنهن جي اولاد مان امرڪوٽ وارا راڻا آهن ۽ ننڍو اسراءِ، جو لڏي پارڪر ڏي ويو، جنهن جي اولاد مان پارڪر وارا راڻا آهن.
    تاريخ ۾ آهي ته جڏهن سوڍن رتوڪوٽ هٿ ڪيو، ساڳئي وقت راجپوت به ٿر ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ مشغول هئا ، ته ان وقت ٿر ۾ آباد راٺوڙن کي به سوڍن جيان ملڪ گيريءَ جو شوق ٿيو. ان لاءِ رائچند لکي ٿو ته ”راٺوڙ جيڪي پنهنجي پيدائش ڏيوونس مان ڄاڻائين ٿا، ۽ هنن جون 26 ساکون آهن. ٿر ۾ ٿوري تعداد ۾ آهن. جڏهن راڻي سوڍي رتوڪوٽ هٿ ڪيو، تڏهن راٺوڙن کي به دل ۾ خيال آيو، ته اسين به ڇو نه سنڌ تي ڪاهه ڪري ڪجهه ڀاڱو هٿ ڪريون. سنڌ ۾ انهيءَ وقت سومرن جي صاحبي هئي، پر هو سوڍن ۽ راجپوتن سان پڄي ڪين ٿي سگهيا. راٺوڙن رتي ڪوٽ وارو پاسو ڇڏي باقي کپري تعلقي جو رهيل ڀاڱو پنهنجي قبضي ۾ڪيو. پوءِ پنهنجي حد وڌائي امر ڪوٽ جي اتر طرف ڇور اسٽيشن تائين ڪيائون. پوءِ اڳڀرو وڌي گڍڙو ۽ ان جي آس پاس وارو ملڪ هٿ ڪري، جوڌپور رياست جي ڪجهه ڀاڱن تائين وڃي پهتا. انهيءَ سموري حد کي اڄ تائين ”کائڙ“ سڏيندا آهن.
    انهي مٿئين تاريخن ۾ موجود احوال ۽ موجوده وقت ۾ سوڍن جا ڳوٺ سندن نالي سان سڏجندڙ علائقا ۽ راڻڪ ڏهر جي تاريخي منفرد کوهه کي ڏسڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو، ته اڇڙي ٿر ۾ سوڍن جي صاحبي جو به زمانو رهيو آهي. ۽ ساڳئي وقت راٺوڙ به مختلف علائقن ۾ پنهنجي اثر رسوخ قائم ڪرڻ لاءِ سرگردان رهيا. جڏهن ته رتوڪوٽ ، عمرڪوٽ ۽ پارڪر طرف سوڍن جا راڄ هئا ، ته ٻئي طرف وري خيرپور ۽ گهوٽڪي واري طرف ۽ راجستان جي ڪجهه حصي تي راٺوڙن جا راڄ هئا. انهن ٻنهي قبيلن جا سنڌ جي حڪمرانن ۽ ماڻهن سان سٺا تعلقات هئا. حالانڪ سياسي طور ٿرپارڪر جي سوڍن جو تعلق ڪڇ جي حڪمرانن سان رهيو. جڏهن ته اڇڙي ٿر جي سوڍن ۽ راٺوڙن جو سياسي تعلق راجستان جي راجائن سان رهيو. پر هنن جا واسطا سنڌ جي حڪمرانن سان به بهتر رهيا. اڇڙو ٿر تاريخي طور سنڌ تي قابض قوتن خلاف سنڌين جي مزاحمت ڪندڙ ٽولن جي پناهه گاهه رهيو آهي. مثال طوراسان کي چچنامي جي راجا ڏاهر جي احوال ۾ ۽ جئسينا جي عربن خلاف گوريلا جنگين جي احوال ۾ به راجپوتن طرفان عربن خلاف جنگين ۾ ۽ باغين جي پناهه ۽ مدد بابت احوال ملي ٿو. ٻئي طرف حر جدوجهد دوران به حر آزادي پسند گوريلن سان سوڍن جو ساٿ رهيو. راجستان جي حاڪم ته حر جدوجهد جي گوريلن سان ڀرپور ساٿ ڏنو، ۽ پنهنجون سرحدون انگريزن جي ستايل حر خاندانن لاءِ کولي ڇڏيون هيون. پوري حر جدوجهد دوران راجستان جي راجا حرن جي دل کولي مدد ڪئي. ايتري قدر جو هن شهيد سورهيه بادشاهه کي هٿيار به ڏنا. حر جدوجهد ۾ حصو وٺندڙ حر پنهنجي جدوجهد جون يادگيريون بيان ڪندي. راجپوت سوڍن ۽ راٺوڙن جي ڀرپور ساٿ جا اڄ به ڪيترا داستان ٻڌائين ٿا.


    اڇڙو ٿر مغلن جي دور حڪومت وقت

    اڇڙو ٿر مغلن جي دور حڪومت وقت
    اڇڙو هندستان تي قابض مغلن جي دور ۾ پنهنجي صحرا.ئي جاگرافيائي صورتحال سبب مغلن جي ڪاهن جو شڪار نه رهيو. جنهن جا سبب هي هئا، ته مغلن جي خلاف جنگجوءَ قبيلن جي هي پناهگاه رهيو. ۽ هتان جي جاگرافيائي صورتحال ٻاهرين حمله آورن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائدي مند نه هئي. جنهن ڪري هتي پناهه وٺندڙ باغي ماڻهو سڪون سان رهي، مغلن خلاف ڪاروايون ڪندا رهندا هئا. جنهن ڪري ٻاهرين حمله آورن لاءِ هي موت جي وادي قرار ڏنو ويو. اتفاقي طور هڪ مغل شهنشاه همايون جڏهن شير شاه سوري هٿان شڪست کائي هتان گذريو، ته سندس لشڪر جو تمام وڏو تعداد بک ۽ اڃ ۾ مري ويو. اهڙي ريت سندس شاهي فوج کي به هتان جو صحرا ڳڙڪائي ويو. هو انتهائي بدحالي ۽ڪسمپرسي جي حالت ۾ هتان جي مقامي ماڻهن ۽ سوڍن جي رحم ڪرم تي ريگستان مان گذري، جڏهن عمرڪوٽ پهتو، ته هتان جي رحمدل سوڍن پنهنجي روايتن جي پاسداري ڪندي کيس نه صرف پناه ڏني، پر آرام سان گذري وڃڻ جي به دل سان اجازت ڏني. جيڪڏهن سوڍا چاهين ها، ته همايون کي ماري ختم به ڪري سگهيا ٿي. انهي مان اهو ثبوت ملي ٿو، هتي مغلن جي حڪومت جو ڪو به وجود نه هو. ورنه ٻي حالت ۾ هتان جا ڪي مغل نواب سندس آجيان ڪن ها. جيڪڏهن مغلن جي حڪومت جو ڪو هتي اثر هجي ها ته ، همايون اڇڙي ٿر جهڙي محفوظ پناه گاه ۾ ويهي شير شاهه سوري خلاف جنگ جي تياري ڪري ها. ائين دربدر ٿي ايران تائين نه ڀٽڪي ها. اڪبر جي زماني ۾ به سنڌ تي قبضي دوران مغل اڇڙي ٿر ۾ نه پنهنجو ڪو نواب مقرر ڪري ڏن وصول ڪري سگهيا ، ۽ نه ئي هتي سندن ڪو نمائندو پير رکي سگهيو. اهڙي ريت پوري مغل دور دوران اڇڙو ٿر مقامي راڄوڻي نظام تحت آزاد رهيو.


    ارغون ۽ ترخان دور

    ارغون ۽ ترخان دور
    ارغونن سنڌ تي سمن جي حاڪم ڄام فيروز جي ناهلي سبب قبضو ڪيو. انهي ڪري سندن اثر ٺٽي کان سواءِ سنڌ جي انهن علائقن تي رهيو جتي سما سلطنت جو اثر هو. اڇڙي ٿر تي سمن جي حڪومت نه هئي، پر هتان جا سوڍا حڪمران سمن جا اتحادي هئا. انهي ڪري ارغونن يا ترخانن جو اڇڙي ٿر تي حڪومتي قبضو نه رهيو. ترخان دور جي تاريخ ۾ صرف ايترو احوال ملي ٿو ته. جڏهن سنڌ تي مرزا باقي (1556ع-1585ع) جي حڪومت هئي. ته سندس ڀاءُ مرزا جان بابا بغاوت ڪئي. هن رتي ڪوٽ جي سوڍن کان مرزا باقي بيگ خلاف مدد ورتي هئي. ڇاڪاڻ ته رتي ڪوٽ ۾ سوڍن جي حڪومت هئي. پر جلدئي مرزا جان بابا کي گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. انهي کان اڳتي رتي ڪوٽ جو وڌيڪ ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾نه ٿو ملي. ڪلهوڙن جي دور، ميرن جي دور يا انگريزن جي دور جي احوالن ۾ ڪٿي به رتو ڪوٽ جو ذڪر نه ٿو ملي. انهي ڳالهه مان اهو گمان ٿو پيدا ٿئي، ته شايد ممڪن آهي، ته مرزا باقي بيگ جي هٿان ئي رتو ڪوٽ برباد ٿيو هجي. جيڪو ٻيهر پنهنجو اوج ماڻي نه سگهيو هجي. انهي ٿوري ذڪر مان اها شاهدي ملي ٿي، ته ارغونن يا ترخانن جو اڇڙي ٿر تي ڪو به اثر نه رهيو. پر اڇڙي ٿر جا سوڍا ارغونن ۽ ترخانن جا مخالف هئا ، جو هنن ترخان حاڪم مرزا باقي خلاف بغاوت ڪندڙ باغي مرزا جان بابا جي مدد ڪئي، ۽ کيس اهڙي بغاوت ڪرڻ تي اڪسايو. ۽ نتيجي ۾ رتوڪوٽ مرزا باقي بيگ جي حملي سبب برباد ٿيو. جيڪو کنڊر جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي.


    اڇڙو ٿر ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾

    اڇڙو ٿر ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾
    سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي ميان يار محمد خان مغلن کان سندن زير اثر سنڌ جا علائقا ڏن جي عيوض ورتا هئا. پوءِ مغل شهنشاهت جي ڪمزور ٿيڻ وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي خود مختياري جو اعلان ڪيو هو. ڪلهوڙن جو ٿرپارڪر ۾ ته حڪومتي اثر هو. جنهن جي شاهدي نادر شاهه جي حملي وقت عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پناهه وٺڻ مان ملي ٿي، پر اڇڙي ٿر ۾ سندن حڪومتي اثر جي خاص شاهدي نه ٿي ملي. ڇو ته جيڪڏهن اڇڙي ٿر جهڙو صحرائي علائقو سندن اثر هيٺ هجي ها، هو هتي پنهنجو ڪو دفاعي قلعو تعمير ڪرائي سگهيا ٿي. جنهن قلعي کي هو مشڪل وقت ۾ پناهه گاهه طور استعمال ڪن ها. حالانڪ اڇڙي ٿر جي ناري واري علائقي ۾ سندن اثر رسوخ هو. جنهن جي شاهدي مائي ڄامان جي ٺهرايل مسجدن ۽ انهي دور جي ٻين اڏاوتن مان ملي ٿي. پر اڇڙي ٿر ۾ سندن حڪومتي اثرن جي شاهدي نه ٿي ملي. انهي ڳالهه جي شاهدي انهي ڳالهه مان به ملي ٿي، ته ڪڇ جي راجا سان ناراضگي سبب ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اروڙ کان هاڪڙي کي بند ٻڌائي پوري اڇڙي ٿر کي ويران ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اڇڙي ٿر ۾ سندن حڪومت هجي ها، ته هو اهڙو قدم اروڙ بجاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ بند ٻڌائي کڻي سگهيو ٿي. انهي ڳالهه مان اها به ثابتي ملي ٿي، ته ڪلهوڙن جي زماني ۾ اڇڙو ٿر سوڍن جي اثر هيٺ هو. شايد انهي دور جا سوڍا ڪلهوڙن جا سياسي اتحادي نه هئا. شايد سوڍا ڪلهوڙن جي عمرڪوٽ تي اثر ۽ حڪمراني سبب ڪلهوڙن کان پاسيرا هجن. پر انهي زماني ۾ اڇڙي ٿر جي سامي جي مڙهي هڪ آباد شهر هو، جتي هندن جو اثر هو. شايد اڇڙي ٿر ۾ ٻيا به شهر آباد هجن. جن جا آثار هن وقت واري جي ڀٽن هيٺ اچي گم ٿي ويا آهن. سامي جي مڙهي جهڙي هندو آبادي واري شهر جي آباد هجڻ مان به انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته اڇڙي ٿر ۾ ڪلهوڙن جي هلندي پڄندي گهٽ هئي، نه ته انهن جو هتي سامي جي مڙهي جي هندن سان ڪو ٽڪراءَ ضرور ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙا حڪمران ڪٽرمذهبي خيالن جا هئا. ڪلهوڙن جي دور ۾ رتو ڪوٽ جو ڪٿي ڪو به ذڪر نه ٿو ملي ، شايد انهي دور ۾ رتو ڪوٽ ويران ٿي چڪو هو. جنهن مان اهو چئي سگهجي ٿو، ته رتو ڪوٽ ترخانن جي دور ۾ برباد ٿيو


    اڇڙو ٿر ۽ ٽالپر حڪمران

    اڇڙو ٿر ۽ ٽالپر حڪمران
    سنڌ تي ڪلهوڙن بعد ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي. ٽالپر حڪمرانن سنڌ جو حڪومتي مرڪز ته حيدرآباد ۾ قائم ڪيو. پر هنن علائقائي نموني حڪومت جي ورهاست ڪئي. انهي حساب سان اڇڙوٿر خيرپور جي ميرن کي حصي ۾ آيو. ٽالپرن جيئن ته ڪلهوڙن کان حڪومت ورتي هئي. جيئن ته اڇڙي ٿر ۾ ڪلهوڙن جي به هلندي پڄندي گهٽ هئي. انهي ڪري ٽالپر به هتي پنهنجي مڪمل هلندي پڄندي واري سگهه حاصل نه ڪري سگهيا. ٻي ڳالهه ته ٽالپرن بلوچ قبيلن کي پنهنجي انتظامي معاملن ۾ شريڪ رکيو، پر سماٽ قبيلن کي هو گهٽ ويجها اچي سگهيا. اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته سوڍن ۽ سماٽ قبيلن جي اڪثريت هئي، انهي ڪري اڇڙي ٿر جا ماڻهو ميراڻي درٻار کي ويجها نه رهيا. انهي ڪري ٽالپر حڪمرانن کي اڇڙي ٿر مان ڍل وصول ڪرڻ لاءِ جانوري قبيلي کي اڇڙي ٿر ۾ رکڻو پيو. اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي ميراڻي درٻار سان ويجهڙائي نه هئڻ سبب ميرن کي اڇڙي جي ماڻهن طرفان بغاوت ڪرڻ يا وري راجستان طرفان سنڌ تي حملو ڪرڻ جو خوف رهيو. انهي ڪري ٽالپر حڪمرانن سنڌ ۽ راجستان جي سرحد تي ڪيترائي ننڍا وڏا قلعا ۽ چوڪيون تعمير ڪرايون. جتي سندن فوج يا ڪاردار رهڻ لڳا. جيئن ڪنهن اوچتي حملي کي منهن ڏيئي سگهجي. ميرن جي اڏايل اهڙن قلعن جا ڦٽل آثار جن ۾ ڪوٽ جهبو،امام ڳڙهه ،علي ڳڙهه ، چنڙو ڪوٽ ، کاروڙو يا کارو ڪوٽ ۽ ڪوٽ شاهه ڳڙهه جي نالن سان مشهور آهن. ورهاڱي بعد ڪوٽ شاهه ڳڙهه هندستان جي حدن ۾ اچي ويو. اڇڙي ٿر جي سانگهڙ واري حصي تي ڪلهوڙن جيان ٽالپرن جو به ڪو خاص اثر نه رهيو. هتان جا ماڻهو ٽالپرن جي دور کان ٿورو اڳ ۾ ئي روحاني طرح حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رح جي عقيدت سان سلهاڙجي چڪا هئا. انهي ڪري هتي ٽالپرن جي زماني ۾ ئي پير سائين جي روحاني حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. باقي سياسي طور هتان جي ماڻهن جو پنهنجو راڄوڻي نظام اڳ جيان قائم رهيو. پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رح ميرن جي حڪومتي اثرن ۽ حڪمن جو احترام ڪندڙ هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن شاهه شجاع سنڌ تي 1818ع ڌاري مير حڪمرانن کان ڏن گهريو ۽ مٿن دٻاءَ وجهڻ لاءِ سنڌ تي پهرئين فوج ڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، ته ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي شاهه شجاع کي واپس ڪري سنڌ کي وڏي خونريزي کان بچائي ورتو. اڳتي هلي ٽالپر حڪمرانن جي اندروني بي اعتمادي ۽ انگريزن جي پيدا ڪيل محلاتي سازشن جو شڪار ٿي، خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن پنهنجي سادگي سبب اڳ پوءِ جا نتيجا نه سمجهندي، انگريزن جو اندوروني طور ساٿ ڏنو. ۽ نتيجي ۾ انگريز مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قابض ٿيا.


    اڇڙو ٿر ۽ برطانوي دور حڪومت

    اڇڙو ٿر ۽ برطانوي دور حڪومت
    انگريز ڪلهوڙن جي دور ۾ واپارين جي حيثيت ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيا، سنڌ جي بي شمار اقتصادي وسيلن منجهن سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو. سنڌ جي حاڪمن جي سادگي، محلاتي سازشن، ۽ نااتفاقي سبب هو، مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏيئي، 1843ع کان سنڌ تي قابض ٿيا. چالاڪ انگريزن پنهنجي قبضي دوران جديد سامراجيت جي سمورين اٽڪلن کي استعمال ڪيو. ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي لٽيندا برباد ڪندا رهيا. اسان جا مورخ پنهنجي ڪم فهمي سبب سندن دور کي سنڌ جي ترقي جو دور ڪري ڄاڻائيندا آهن. جيڪا ڳالهه صحيح ناهي. اصل ۾ انگريز جنهن وقت سنڌ ۾ قابض ٿيا هئا. انهي وقت يورپ ۾ صنعتي دور شروع ٿي چڪو هو. انهن قائم ڪيل صنعتن کي هلائڻ ، ڪچو مال مهيا ڪرڻ ۽ صنعتن ۾ تيار ٿيل سامان جي لاءِ واپاري منڊين جي تلاش جي نتيجي ۾ هو برصغير ۾ داخل ٿيا هئا. سنڌ ۾ قبضي ڪرڻ کان پوءِ هتان جي حاصل ڪيل ڪچي مال کي يورپ جي ڪارخانن ۾ پهچائڻ لاءِ، هنن پهرين ريلوي لائين ڪوٽڙي کان ڪراچي تائين وڇائي، ڇاڪاڻ ته سياري ۾ سنڌو درياءِ ۾ ڪوٽڙي کان اڳتي سمنڊ تائين دريائي رستو وڏن ٻيڙن جي هلڻ جي لائق نه رهندو هو. سندن مال پهچائڻ ۾ رخنو ٿي پيو. ائين ان کانپوءِ هنن سنڌ ۾ ريلوي لائنن جو ڄار صرف ڪچي مال کي سامونڊي بندرگاهن تائين پهچائڻ ۽ سندن فوجي ، انتظامي ۽ واپاري ڪارندن جي آسان چرپر لاءِ وڇايو. ساڳي ريت سنڌو درياءَ تي بئراج سسٽم قائم ڪرڻ پويان به سندن سنڌ ۾ غير آباد زمينن کي آباد ڪرائي، وڌيڪ ڪچو مال حاصل ڪرڻ جو حوس ۽ لالچ هئي. سندن قبضي خلاف ٽالپرحڪمران ته ميدان جنگ ۾ هارائي ويا. پر سنڌ جا ماڻهو سندن خلاف ويڙهه ۾ رهيا ، جيڪب ۾ جکراڻين جي بغاوت ، شڪارپور ۾ صالو بڙدي جون ڪاروايون، ڪراچي ۾ بلوچن ، جوکين ۽ نومڙين جون ڪاروايون ، عمرڪوٽ ۾ راڻي رتن سنگهه جي بغاوت ، ننگر پارڪر ۾ راڻي ڪرڻجي ۽ روپلي ڪولهي جا مقابلا، سڀ انهي سلسلي جي ڪڙي ۽ انگريزن خلاف سنڌي ماڻهن جي مزاحمت جون شاهديون آهن. انهن سڀني مزاحمتن ۾ ڊگهي عرصي تائين ثابت قدمي سان انگريزن خلاف هلندڙ مسلسل ويڙهه حر گوريلا ڪاروايون هيون، جنهن ويڙهه ۾ ٻه ڀيرا شدت آئي، انهي ڪري انهن کي تاريخ ۾ ڌار ڌار حيثيت سان پهرين حر گوريلا هلچل ۽ ٻي حر گوريلا ويڙهه جي نالن سان ڳڻيو ويندو آهي. حر جدوجهد جيڪا 1886ع کان 1947ع تائين لڳ ڀڳ ايڪهٺ سال مختلف شڪلين ۾ انگريزن جي ظلمن ۽ ناانصافين خلاف مسلسل هلندي رهي، انهي سموري جدوجهد ، ۽ جنگين جو مرڪز اڇڙو ٿر رهيو. حر جدوجهد جي اڳواڻي سنڌ جي پير ڳوٺ جي صوفي خانقاهه الراشديه جي گادي نشينن طرفان ڪئي ويئي، انهي ڪري ضروري آهي ته، سنڌ جي راشدي خاندان جي گادي نشينن جي انهي جدوجهد ۾ ادا ڪيل ڪردار تي ٿوري نظر وجهون، جيئن حر تحريڪ تي مڪمل روشني پئجي سگهي.


    سنڌ جي راشدي پاڳارا خاندان جي وطن دوستي جو مختصر جائزو

    سنڌ جي راشدي پاڳارا خاندان جي وطن دوستي جو مختصر جائزو
    سنڌ جو راشدي سادات خاندان سنڌ جي لڪياري سيدن جي سلسلي مان آهي . هن خاندان ۾ جيئن ته سيد محمد راشد شاهه ، هڪ تمام وڏو عالم ۽ بزرگ شخصيت ٿي گذريو آهي . انهي نسبت سان هن خاندان کي راشدي خاندان سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ هن خاندان جي گادي نشينن جو ڪردار هڪ طرف علم ۽ بزرگي ۾ مٿانهون رهيو آهي ته ٻئي طرف وري هن خاندان هر دور ۾ سنڌ تي آيل ڏکئي دور ۾ پنهنجو وطن دوست ڪردار ادا ڪيو آهي. انهي لاءِ اهو ضروري آهي، ته هن خاندان جي گادي نشينن ۽ سندن پوئلڳن جي باري ۾ ڪجهه مختصر ذڪر ڪجي.


    حضرت پيرسيد محمد راشد شاهه روضي ڌڻي رح

    حضرت پيرسيد محمد راشد شاهه روضي ڌڻي رح
    هي سنڌ جو هڪ وڏو عالم ۽ اهل الله بزرگ ٿي گذريو آهي. سندن ولادت باسعادت 6 رمضان المبارڪ 1171هجري بمطابق 1757ع ۾ ٿي، ۽ سندس والد محترم جو نالو سيد محمد بقاءَ شاهه شهيد هو. پاڻ رمضان جي مهيني ۾ پيدا ٿيڻ سبب رمضان جي احترام ۾ ڏينهن جو والده جو کير نه پيئندا هئا ، تنهن ڪري مٿس روزي ڌڻي جو لقب پيو. جيڪو لقب اڳتي هلي ٻئين پاڳاري پير علي گوهر شاهه “ اصغر” جي دور ۾ مٿس روضو مبارڪ تعمير ٿيڻ بعد روضي ڌڻي ۾ تبديل ٿيو. هي ننڍپڻ ۾ صالح ۽ سلڇڻا ٻار هئا. کين سندس والد جي صحبت ۾ علمي ماحول مليو. جنهن سبب هي اڳتي هلي عارف ۽ اولياءَ صفت انسان بڻجي ويا. جواني ۾ ئي هن دور انديش ۽ عالم انسان پوري سنڌ ۽ راجستان جا سفر ڪيا. هن پنهنجي والد جي شهادت بعد 1783ع ۾مسند سنڀالي پنهنجي 36 سالن جي مسند نشيني دوران علم جي روشني پکيڙڻ ۽ محبتون ونڊڻ لاءِ پورا ستاويهه سال سنڌ ۽ راجستان جا 443 سفر ڪيا. ۽ صرف 9 سال پنهنجي گهر ۾ گذاريا. حضرت محمد راشد روضي ڌڻي جي علمي جاکوڙ ۽ سنڌ ۾ محبتن جو مانڊاڻ مچائڻ وارين ڪوششن جي شاهدي سندن لکيل خطن يعني مڪتوبات شريف ۽ سندس سفرن ۽ ڪچهرين جي گواهي ڏيندڙ ڪتاب ملفوظات شريف مان ملي ٿي. جن ٻنهي ڪتابن پڙهڻ سان سندس علمي بلندي ۽ عام ماڻهن سان محبت ۽ لاڳاپن وڌائڻ لاءِ روحاني حڪمراني جي سگهه جو پتو پوي ٿو. سندس علمي جاکوڙ، محنتن ۽ محبتن سنڌ ۾ ڪئين علم جا ڏيئا روشن ڪيا. سندس علمي محفلن ۽ انسان دوست رويي کين جلد هڪ تمام وڏو مقبول مرشد بڻائي ڇڏيو. هزارين ماڻهو سندس علم مان فيضياب ٿيا. جنهن جو ثبوت اهو آهي، ته سندس ساٿ ۾ رهندڙ صحبتي مريد اڳتي هلي سنڌ جا وڏا عالم ۽ بزرگ ٿيا. جن ۾ گهڻا مشهور ٿيا. انهي زماني ۾ سنڌ جي حڪمران ڪلهوڙا حڪمرانن جي وچ ۾ محلاتي سازشن ۽ گهريلو ڇڪتاڻ سنڌ کي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. جنهن سبب حڪومتي لاتوجهي سنڌ جي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. هن بزرگ انسان کان خوشحال سنڌ جي نڌڻڪي رعيت جو درد ڏٺو نه ٿيو. انهي ڪري هن بزرگ هڪ طرف ڪلهوڙن جي باهمي ڇڪتاڻ مان سنڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ، پر اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون. نتيجي ۾ ميرن ۽ ڪلهوڙن جي نااتفاقي سبب ميرن ڪلهوڙن کي هارائي سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. ٽالپر دور حڪومت ۾ انتظامي طور سنڌ کي ورهايو ويو. ۽ ميرن جي چوياري قائم ٿي. جنهن سبب حڪومتي نظام متاثر ٿيو. حضرت روزي ڌڻي پنهنجي عمر جا 63 سال علم سکڻ ۽ سيکارڻ کان سواءِ ذڪر الله ۽ سنت رسول جي خدمت ڪئي. کين مختلف شادين مان 18 فرزند تولد ٿيا، چار ننڍي هوندي وفات ڪري ويا. باقي چوڏنهن رهيا، پاڻ پنهنجي آخري ڏينهن ۾ سڀني فرزندن کي گهرائي فرمايائون ، ته توهان ڀائر پاڻ ۾ اتفاق سان رهجو ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪجو، ۽ گڏجي منهنجي اڳيان پنهنجو هڪ وڏو مقرر ڪريو، پوءِ سڀني حضرت پيرسائين سيد صبغت الله شاه اول کي پنهنجو اڳواڻ منتخب ڪيو. حضرت پيرسائين روزي ڌڻي جن جو به اهو ئي رايو هو، پاڻ کين ”وڏو يار“ چئي مخاطب ٿيندا هئا. ياد رهي ته، حضرت روضي ڌڻي پنهنجي پوئلڳن کي محبت مان يار سڏيندا هئا. سندن سڀ مريد هن جي نظر شفقت ۾ سندس يار هئا. حضرت پيرسائين روضي ڌڻي 63 سالن جي ڄمار ۾پهرين شعبان 1234 هجري بمطابق 1818ع ۾ وصال ڪيو. سندن وصال بعد سندن پڳ مبارڪ حضرت پيرسائين سيد صبغت الله شاه اول کي ٻڌائي ويئي.


    سيد صبغت الله شاهه اول ( تجر ڌڻي ) رح ، پهريون پاڳارو :

    سيد صبغت الله شاهه اول ( تجر ڌڻي ) رح ، پهريون پاڳارو :
    هي سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جي وصال بعد پڳ ٻڌڻ سبب پهريون پاڳارو ٿيو. هن جي ولادت سن 1779ع بمطابق 1193 هجري ۾ ٿي. پنهنجي ڪامل ولي بزرگ والد جي تربيت جي ڇانوَ ۾هي پڻ اهل علم ۽ اهل دانش انسان هو. سندس مسند نشيني کان ڪجهه وقت کان پوءِ سندن ڀاءُ سيد محمد ياسين شاه مطالبو ڪيو، ته مونکي به خانداني تبرڪات مان ڪو حصو ملي. حضرت پيرسائين روضي ڌڻي کي افغانستان جي حاڪم زمان شاه بن تيمور سندن علمي خدمتن کان متاثر ٿي هڪ جهنڊو تحفي طور ڏنو. انهي جهنڊي جو رنگ سائو هو ۽ مٿس سوني تند سان ڪلمون پاڪ لکيل هو، اهوسندس مطالبي تي پير ياسين شاهه کي ڏنو ويو، ان بعد حضرت پيرسائين روزي ڌڻي جو خاندان ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيو، هڪڙا پڳ وارا يعني پاڳارا ۽ ٻيا جهنڊي وارا. لڪياري جي بجاءِ هاڻي سندن خاندان پيرسائين محمد راشد روضي ڌڻي جي نالي پويان راشدي خاندان سڏجڻ لڳو.
    انهي زماني ۾ پنجاب جي سک حڪومت جي حڪمرانن جي سنڌ تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪرڻ جي نيت هئي. جنهن کي محسوس ڪندي، هن وطن دوست انسان جي دل ۾ وطن جي ويري سک حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. اهوئي سبب هو جو جڏهن 24 جون 1826ع تي سکن خلاف جدوجهد ڪندڙ سيد احمد بريلوي وٽس مدد لاءِ آيو، ته هن سندس ڀرپور مدد ڪئي. هن پنهنجي مريدن کي منظم ڪرڻِ شروع ڪيو. جيئن سنڌ تي ايندڙ هر ڏکئي وقت ۾ سندس مريد ڪو عملي ڪردار ادا ڪري سگهن. اها ڳالهه پير صاحب جي وطن دوستي ۽ عملي ڪردار جو هڪ زنده ثبوت آهي. جيڪا ڳالهه پير صاحب جي دور انديشي جو مظهرپڻ آهي.
    پير صاحب پوري زندگي جماعت کي منظم ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي وطن دوستي سان سنڌ تي آيل هر مصيبت کي پنهنجي دور انديشي سان ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهي وقت جا ناعاقبت انديش سنڌ جا ٽالپرحڪمران انگريزن جي وڇايل لالچن جي ڄار ۾ ڦاسي خود هڪٻئي لاءِ کڏون کوٽيندا رهيا. مگر پيرصاحب جو ڪردار تاريخ جو مياري ناهي. سنڌ جي هن عاشق ۽ انتهائي دور انديش انسان 8 فبروري 1831ع بمطابق 6 رمضان 1246هه ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات بعد پير علي گوهرشاهه “اصغر“ کي پڳ ٻڌائي ويئي


    سيد علي گوهر شاهه “ اصغر” (بنگلي ڌڻي) رح ٻيون پاڳارو

    سيد علي گوهر شاهه “ اصغر” (بنگلي ڌڻي) رح ٻيون پاڳارو
    هن پير صاحب جي ولادت 4 رجب المرجب 1231هه بمطابق 1816ع ۾ ٿي. کيس سندس والد پير صبغت الله شاهه اول جي وفات بعد سال 1831ع ۾ جماعت طرفان پڳ ٻڌائي ٻئين پاڳاري طور تسليم ڪيو ويو. هي پڻ وڏو صاحب علم انسان هو. انهي کان سواءِ بهترين شاعر پڻ هو. شاعري ۾ پنهنجو تخلص “اصغر” ڪتب آڻيندو هو. جنهن مان سندس نوڙت ۽ فقيري جو ثبوت ملي ٿو. مسند نشيني بعد آڪٽوبر 1834ع ڌاري سنڌودرياءَ ۾ پاڻي وڌڻ سبب ٻوڏ آئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندن ڳوٺ ۽ پير صاحب روزي ڌڻي ۽ سيد صبغت الله شاهه اول جي مزارن کي پاڻي پائڻ جو خطرو ٿيو. جنهن ڪري پير صاحب پنهنجي عقيدتمندن طرفان ڏنل زمين ۾ پنهنجي وڏڙن جا جسد خاڪي کڻائي ٻيهر مٽي ماءُ حوالي ڪيا ۽ نئون ڳوٺ ٻڌو. جيڪو اڳتي هلي پير ڳوٺ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن پير سائين محمد راشد رح تي روضو ۽ پير سائين صبغت الله شاهه اول رح مٿان تجر تعمير ڪرائي.
    سن 1834ع ۾جڏهن پير صاحب ٻوڏ سبب نئون ڳوٺ تعمير ڪرائڻ ۾ مصروف هئا، انهي ئي سال شاهه شجاع پٺاڻ سنڌ تي حملو ڪيو. هن پير صاحب پنهنجن ذاتي ڪمن مان هٿ ڪڍي، هڪ طرف پنهنجي جماعت ذريعي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجن مريدن کي سنڌ جي حفاظت لاءِ جنگ جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهڻ جو حڪم فرمايو. نتيجي ۾ کرڙي جي ميدان ۾ ڪيترائي پير سائين جا مريد وطن جي ويرين سان وڙهندي شهيد ٿيا. جن شهيدن جي سرفروشي کان متاثرٿي خليفي نبي بخش “قاسم” لغاري، ڪيڏارو لکيو. جڏهن ته انهي وقت جا مير حڪمران صرف نالي ماتر تياري ڪرڻ جي بهاني تماشو ڏسي رهيا هئا. جنهن ڳالهه مان پير صاحب جي وطن دوستي جوثبوت ملي ٿو.
    انهي زماني ۾ انگريزن جي چرچ تي جڏهن مير عليمراد ٽالپر پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان ٽالپر خلاف بغاوت ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ نونهار جي جنگ به لڳي، ته پير صاحب بي چين ٿي ويو. تمام گهڻي ڪوشش ۽ اثر رسوخ کي استعمال ڪري، سنڌ جي سگهارن ماڻهن کي گڏ ڪري ٽياڪڙِي ڪري ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو، انهي ٺاهه جو دستاويز خود پير صاحب پنهنجي هٿن مبارڪن سان لکيو. پر انگريز انهي ٺاهه جي خلاف هئا. هنن جي برغلائڻ تي وري مير عليمراد انهي ٺاهه جي دستاويز ۾ ڦيرڦار ڪئي. مير عليمراد کي خوف هو، ته متان پير صاحب مير رستم خان جي حق ۾ ڪا شاهدي ڏي يا ڪا مدد ڪري ، انهي ڪري هن انگريزن سان گڏجي گڏيل سازش تحت پير علي گوهر شاهه کي زهر ڏياريو. جنهن سبب پير صاحب شهيد ٿي ويا. اهڙي ريت هي سنڌ سان بي انتها محبت ڪندڙ عاشق پوري ڄمار سنڌ ۾ امن امان ۽ مسڪين ماروئڙن جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو، ۽ ناعاقبت انديش ٽالپر حڪمرانن جي ڀورائپ تي ڳوڙها ڳاڙڻ بجاءِ پنهنجي عقلمندي ۽ اثر رسوخ کي استعمال ڪندو، آخري ساهه تائين جاکوڙيندو رهيو. 1845ع بمطابق 11 جمادي الاول 1263 هه ۾ سندن شهادت بعد جماعت ٽئين پاڳاري طور سندن معصوم فرزند سيد حزب الله شاهه کي پڳ ٻڌائي، ۽ جماعتي اصولن جي پاسداري ڪندي پنهنجي وفا جو ثبوت ڏنو.


    سيد حزب الله شاهه “ مسڪين ” ( تخت ڌڻي) رح ، ٽيون پاڳارو..

    سيد حزب الله شاهه “ مسڪين ” ( تخت ڌڻي) رح ، ٽيون پاڳارو..
    سيد حزب الله شاهه جو جنم 18 شوال المڪرم 1258 هه بروز ڇنڇر بمطابق 1842ع ۾ ٿيو. جيئن ته هي پير علي گوهر شاهه “اصغر” جا اڪيلا فرزند هئا. انهي ڪري کين سندن والد صاحب جي اوچتي شهادت بعد ننڍڙي ڄمار ۾ سال 1845ع ۾ جماعت طرفان پڳ ٻڌائي، ٽئين پاڳاري طور تسليم ڪيو ويو. هن جي تربيت ۽ سار سنڀال سندن چاچي سيد علي حيدر شاهه ۽ بزرگ خليفي نبي بخش “ قاسم” لغاري جي حوالي ٿي. سندن نگراني ۾ پير صاحب انهي وقت جي مشهور استادن آخوند ميان محمد عرف ممون ۽ مولوي محمد عيسيٰ ٺاروشاهي وٽ پڙهي ديني علم ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪئي.
    جيئن ته انهي زماني ۾ هڪ طرف انگريز سرڪار راشدي گادي نشين پيرن کي پنهنجو مخالف سمجهندي هئي. ٻئي طرف خود سندس خاندان جي ماڻهن کي هن ننڍڙِي ٻار جي مسند نشيني تي اعتراض هو، ٽئين طرف مير عليمراد ٽالپر به هن جي والد مرحوم پيرعلي گوهر شاهه اصغر سائين کي مير رستم خان جو حامي سمجهندو هو. جنهن حق پرستي سبب سندن والد پير علي گوهر رح کي زهر ڏيئي شهيد به ڪرايو ويو هو. انهي ڪري مير عليمراد هن معصوم پير صاحب کي به پنهنجو مخالف سمجهندو هو. انهي ٽي طرفي مخالفت سبب حڪمران انگريزن طرفان مير عليمراد جي ساٿ سان پير صاحب کي جهڪائڻ ۽ کين پنهنجو ٻانهن ٻڌو غلام بنائڻ لاءِ ڪوڙن ڪيسن جو هڪ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ پير صاحب پنهنجي وفادار جماعت جي ساٿ سان سڀني ڪيسن کي ڪوڙو ثابت ڪندا رهيا. ان بعد مخالفن جي ساٿ سان انگريز سرڪار جماعت جي ماڻهن تي بي انتها ظلمن ۽ ناانصافين جي شروعات ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ جماعت طرفان به انگريزن کي سنڌ جو ازلي ويري قرار ڏنو ويو. جماعت طرفان حڪومت خلاف جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پير صاحب حزب الله شاهه جي حڪم تي حر جماعت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو. درگاهه کي سنڀالڻ لاءِ ٻارهن چوڪين جو بنياد وڌو ويو. جنهن سلسلي ۾ هڪ ويڙهاڪ جٿو پڻ تيار ڪيوويو. جنهن جٿي جو نالو حر جماعت رکيو ويو. هن حر جماعت جا هيٺيان چار اصول هئا.
    فرق : يعني قرباني لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيندڙ گروهه ، هن گروهه کي هروقت جدوجهد لاءِ تيار رهڻوآهي. پنهنجي معاملن جا راز پاڻ تائين محدود رکڻا آهن . ٻئي وٽ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا راز ظاهر نه ڪرڻا آهن. هنن جو نعرو هو ته “ سِر ڏِبو پَر سُر نه ڏِبو”
    ترڪ : يعني جدوجهد جي راهه ۾ پنهنجا سڀ لاڳاپا ۽ خواهشون ختم ڪري ڇڏڻ. هن اصول تحت جدوجهد جي خلاف هر سازش جو مقابلو ڪرڻ، ۽ پنهنجا لاڳاپا صرف جدوجهد سان سچائي جي بنياد تي مضبوط ڪرڻ . جيڪڏهن سندن ويجهو عزيز به جدوجهد جي خلاف ڪا سازش ڪري، ته انهي کي به معاف نه ڪرڻ ۽ دشمن سمجهڻ.
    غزوه : هر وقت پاڻ کي ويڙهه لاءِ تيار ڪرڻ. وقت اچڻ تي ميدان جنگ ۾ پنهنجي سموري سچائي سان ڪڏي ڪاهي پوڻ، ۽ آخري ساهه تائين وڙهندو رهڻ.
    اطاعت امير : پنهنجي چونڊيل وقت جي امير يا مرشد جي هر حڪم تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ ، مرشد يا امير جي هر حڪم تي عمل ڪرڻ کي پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهڻ .
    انهي جٿي جي اڳواڻن ۾ عبدالله فقير مهر عرف مست فقير، خليفو وريام فقير خاصخيلي عرف رِلي وارو، سيد سليمان شاهه عرف “حر” (جيڪو مشهور شاعر به هو،) غلام حيدر فقير غازي خليفي نبي بخش لغاري جو پوٽو خليفو غلام نبي لغاري ٻيا شامل هئا. هن جٿي طرفان هڪ سنگت قائم ڪئي ويئي، جنهن کي ٻارهن جي سنگت چيو ويندو آهي. خليفي غلام نبي لغاري پنهنجي مرشد جي خلاف مخالفن جي سرگرمين جي جانچ ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ ٽولو ٺاهيو. ۽ فرق جماعت جي شروعات ڪئي. هن ٽولي ۾ شامل ماڻهو مخالفن کي يزيدي لشڪر ۽ خود کي حيدري حر سڏائڻ لڳا .انهي ٽولي خلاف انگريز حڪومت جڏهن گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ، ته هي فقير گيڙوءَ ڪپڙا پائي روپوش ٿي جماعت ۾ همت پيدا ڪرڻ لاءِ نڪري پيا. جن ۾ خليفي غلام نبي لغاري کانسواءِ بهرم فقير لغاري، بهادر لغاري عرف اٺ وارو، فقيرالهه اوڀايو لغاري، غلام فقير راڄڙ، فقير بخش علي راڄڙ، پير بخش ڪپري عرف گرو، الهه ڏنو فقير مڱريو، ميوو فقير احمداڻي، سيد سنگهار شاهه ، سليمان شاهه ، ۽ ٻيا ڪل چوڏهن فقير هئا . جن ۾ فقير غلام نبي ۽ سليمان شاهه خود شاعر هئا. جن جي شاعري ۾ همت ۽ انقلاب جو روح ڀريل آهي. هنن فقيرن وڏيون مسافتون ڪري ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪري . جماعت ۾ سرفروش حرن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو. سندن محنتن سان جماعت سگهاري ٿي. اڳتي هلي جماعت جي سنگت 1886ع ۾ انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. وريام فقير جي نوجوان پٽ محمد بچل خاصخيلي کي انهي ويڙهه جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. جيڪو اڳتي هلي بچو بادشاهه جي نالي سان مشهور ٿيو. انگريزن جي خلاف جنگ جي سلسلي ۾ بچو بادشاهه جي قيادت ۾ آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو ويو، ۽ سانگهڙ جي مکي ٻيلي کي مرڪز بڻائي سول نافرماني شروع ڪئي ويئي. ان جي موٽ ۾ طاقت جي نشي ۾ سرشار انگريز حڪومت طرفان حر جماعت خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو. پر حرن جي منظم جماعت خلاف انگريز سرڪار کي هر محاذ تي ناڪاميون نصيب ٿيون. نتيجي ۾ انگريز سرڪار پنهنجو حڪومتي دٻدٻو ويهارڻ لاءِ حر جماعت کان سواءِ ٻين عام ماڻهن تي به ظلم ڪرڻ شروع ڪيا .
    پير صاحب حزب الله شاهه .جيڪو هڪ حساس دل رکندڙ انسان به هو، هو هڪ بزرگ عالم سان گڏ فارسي ٻولي جو بهترين شاعر به هو. شاعري ۾“ مسڪين ” جو تخلص استعمال ڪندا هئا. جيڪا ڳالهه پڻ سندن سادگي ۽ نهٺائي جو وڏو ثبوت آهي. پاڻ فارسي ٻولي جا صاحب ديوان شاعر هئا ، سندن ڪلام “ديوان مسڪين” جي نالي سان موجود آهي. اهڙي زنده دل انسان وٽ جڏهن عام ماڻهن سان حڪومتي ظلم جون شڪايتون پهچنديون هيون، ته کين دلي ڏک پهچندو هو. پر انگريز سرڪار طاقت جي نشي ۾ پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ بجاءِ، انهي سموري ڳالهه جو ذميوار پير صاحب ۽ سندن جماعت کي سمجهندي مٿن جبر ڪندي رهي. آخرڪار انگريز سرڪار جي حامي ماڻهن هٿان هن انتهائي حساس دل رکندڙ وطن دوست پير صاحب کي 4 محرم الحرام 1308 هه بمطابق 21 آگسٽ 1890ع ۾زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو. سندن شهادت بعد جماعت جي طرفان سندن فرزند سيد علي گوهر شاهه ثاني کي پڳ ٻڌائي چو ٿون پاڳارو تسليم ڪيو ويو


    سيد علي گوهر شاهه ثاني ( محافي ڌڻي ) رح ، چوٿون پاڳارو

    سيد علي گوهر شاهه ثاني ( محافي ڌڻي ) رح ، چوٿون پاڳارو
    سيد علي گوهر شاهه ثاني جو جنم 11 رمضان المبارڪ 1275هجري بمطابق 14 اپريل 1859ع تي ٿيو.کين سندن والد سيد حزب الله شاهه جي شهادت بعد 1890ع ۾ جماعت طرفان پڳ ٻڌائي، چوٿين پاڳاري طور تسليم ڪيو ويو. هي بزرگ جسماني طور ڪمزور رهندا هئا . انهي ڪري سفر ڪرڻ دوران جماعت جي طرفان کين ڍڪيل ڏولي يعني محافي ۾ کڻي هلڻ جو رواج شروع ٿيو. انهي ڪري هن پير صاحب کي جماعت محافي ڌڻي جي نالي سان ياد ڪندي آهي.
    جيئن ته سندس مسند نشيني کان اڳ ۾ ئي حر جماعت ۽ انگريز حڪمرانن جي وچ ۾ ٽڪراءُ هلندڙ هو. جنهن ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ ئي سندن والد صاحب کي زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو هو. انهي ڪري کين مسند نشيني اهڙي ٽڪراءُ واري صورتحال ۾ سنڀالڻي پئجي ويئي. کين هر روز انگريزن جي ظلم ۽ ناانصافين جون دانهون ملنديون رهنديون هيون. ٻئي طرف انگريز حڪمران پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا . انگريزن سانگهڙ ۾ عوامي بغاوت خلاف بلوچستان مان ڪجهه سرڪش ماڻهن کي سانگهڙ ۾ وسائڻ شروع ڪيو. جن اچڻ شرط عام ماڻهن سان ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. ايتري حد تائين جو ڪجهه لڄالٽ جا به واقعا ٿيا. جن خلاف حرن جي بچو بادشاهه جي حڪومت عوامي شڪايتن تي انهن بلوچ ماڻهن ۽ ڪامورن کي سيکت ڏيڻ شروع ڪئي. اهڙي ريت 1893ع کان 1896ع تائين حرن جي جٿن انگريز آفيسرن ۽ سندن حامين تي حملا تيز ڪري ڇڏيا. جنهن تي انگريز سرڪار جون اهڙي ردعمل کي ڏسندي وايون بتال ٿي ويون. انگريزن پنهنجي ڏاڍ کي وڌائي عام ماڻهن کي گرفتار ڪري 1895ع کان لوڙهن ۾ قيد ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪي اذيت خانا هئا. جن ۾ عورتن ، ٻڍن ۽ ٻارن کي به بند ڪيو ويو. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو انهي ڇڪتاڻ جي تيزي کان تنگ ٿي پير صاحب وٽ آزار ٽارڻ لاءِ اچڻ لڳا. ٻئي طرف وري انگريزن به پنهنجي هار کي لڪائڻ لاءِ پير صاحب کي پنهنجو بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. پير صاحب انتهائي دور انديشي سان انهي ڇڪتاڻ کي عارضي طورگهٽائڻ عوام تي انگريزن جي ناانصافي جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڪجهه نرمي اختيار ڪئي. نتيجي ۾ انگريز سرڪار طرفان کيس شمس العلماءَ جو لقب ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي ويئي. جيڪو پاڻ قبول نه ڪيائون. انهي بعد پير صاحب جي حساس دل سنڌ جي عام ماڻهن جي آزار کي گهٽائڻ لاءِ ويڙهه بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري 1896ع ۾ بچو بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي ڪاروايون بند ڪري پنهنجا سر قربان ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
    بچو بادشاهه جي ساٿين ويڙهه ۾ پنهنجا سر صدقي ڪيا ۽ بچو بادشاهه پير صاحب جي حڪم تي گرفتاري پيش ڪئي. بي رحم انگريز حڪومت وطن جي آزادي جي هن عظيم مجاهد کي معاف ڪرڻ بجاءِ سانگهڙ ۾ سرعام ڦاسي ڏيئي شهيد ڪري ڇڏيو. پير صاحب کي انگريز سرڪار جي انهي رويي تي سخت افسوس ٿيو. پاڻ ساڳئي سال 24 جمادالثاني 1314 هجري 30 نومبر 1896ع تي وصال فرمائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليا.


    سيد شاهه مردان شاهه اول ( ڪوٽ ڌڻي) رح ، پنجون پاڳارو.

    سيد شاهه مردان شاهه اول ( ڪوٽ ڌڻي) رح ، پنجون پاڳارو.
    سيد شاهه مردان شاهه اول جي ولادت باسعادت 7 صفر 1279 هجري بمطابق 1860ع ۾ ٿي . هي پير سائين علي گوهر شاهه ثاني جو ڀاءُ هو. جيئن ته پير صاحب علي گوهر شاهه ثاني (محافي ڌڻي) کي پٽ نه هو، انهي ڪري پير سائين سيد علي گوهر شاهه ثاني (محافي ڌڻي) جي وصال بعد کين 1896ع ۾ جماعت طرفان پڳ ٻڌائي پنجين پاڳاري طور تسليم ڪيو ويو. جيئن ته سندن ڀاءُ جي زماني ۾ ئي پهرين حر جدوجهد شهيد بچو بادشاهه جي شهادت سان پڄاڻي کي پهچي چڪي هئي. حر جماعت ٻيهر امن بحال ڪرڻ ۽ ڏکويل سنڌ جي مرڪن موٽائڻ طرف توجهه ڏنو. پر نااهل انگريز حڪومت حرن جي انهي امن پسندي کي سندن ڪمزوري سمجهي، ٻيهر عوام سان ظلم جاري رکڻ جي شروعات ڪئي. پير صاحب عام ماڻهن ۽ جماعت جي خبر چار وٺڻ لاءِ جڏهن 1898ع ۾ سفر تي نڪتو، ته سندن انهي دوري تي پابندي هڻندي ٿرپارڪر جي ڪليڪٽر کين هڪ حڪنامي ذريعي چوويهن ڪلاڪن اندر پنهنجي حدن مان نڪري وڃڻ جو حڪم جاري ڪيو. جنهن ظالمانه حڪم خلاف حر جماعت ۾ تاءُ پيدا ٿيو، ۽ حرن ٻيهر سورش شروع ڪري ڇڏي. پير صاحب ٻيهر جنگي ماحول کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انگريز سرڪار حرن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. وڏي پيماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. انگريز سرڪار حر جماعت جي ماڻهن کي لوڙهن ۾ بند ڪرڻ جو عمل به جاري رکيو. حالانڪ پير صاحب پهرين عالمي جنگ ۾ انگريزن جي مدد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو. 1914ع ۾ پير صاحب سنڌ جي انهي وقت جي انگريز ڪمشنر مسٽر لوڪاس وٽ انگريز آفيسرن جي ناانصافين جي شڪايت به ڪئي، پر انهي شڪايت جو مسٽر لوڪاس ڪو به تدارڪ نه ڪيو. انهي رويي کي ڏسندي پير صاحب انهي وقت جي سنڌ جي برک سياسي اڳواڻ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي کي مسٽر لوڪاس جي رويي بابت آگاهه ڪيو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي اهڙي شڪايت وائسراءَ هند وٽ ڪئي. جنهن شڪايت تي وائسراءِ هند جي حڪم تي مسٽر لوڪاس کي واپس انگلينڊ موڪليو ويو. پير صاحب سنڌ جي مظلوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف مسلسل آواز اٿاريندو رهيو. هن امن پسند ۽ سنڌ جي هڏ ڏوکي پير صاحب شاهه مردان شاهه اول ايڪهٺ سالن جي ڄمار ۾7 ربيع الاول 1340 هجري بمطابق 9 نومبر 1921ع تي وصال ڪيو.


    سيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه ( پڳ ڌڻي) رح ، ڇهون پاڳارو.

    سيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه ( پڳ ڌڻي) رح ، ڇهون پاڳارو.
    سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جو جنم مبارڪ 13 صفر 1327 هجري 1908ع تي ٿيو. ڄمڻ وقت کين سيد قائم علي شاهه به سڏيندا هئا. پر اڳتي هلي سيد صبغت الله شاهه جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سندن والد پير سيد شاهه مردان شاهه اول جي وصال بعد جماعت طرفان 9 نومبر 1921ع ۾ کين پڳ ٻڌائي، ڇهين پاڳاري طور تسليم ڪيو ويو. جيئن ته انگريز سرڪار، درگاه راشديه جي پيرن ۽ حر جماعت کي پنهنجو دشمن سمجهندي هئي. جنهن جو فائدو وٺندي ڪجهه مفاد پرست ماڻهو حر جماعت ۽ پير صاحب خلاف انگريز عملدارن جا ڪن پيا ڀريندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو پهرين حر هلچل جي ختم ڪرڻ بعد به انگريزن حر جماعت ۽ سانگهڙ جي عوام سان پنهنجا ظلم جاري رکيا. ماڻهن سان جيل ڀرجي وڃڻ بعد معصوم ٻارن ، عورتن ، بيمارن ، ضعيفن کي به لوڙهن ۾ واڙڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. پير صاحب شاهه مردان شاهه اول جي نرم پاليسي به ڪارگر ثابت نه ٿي ، فيل مست انگريز ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي برباد ڪرڻ واري ظلم کان باز نه آيو. اهڙي صورتحال ۾ پير صاحب سورهيه بادشاهه کي مسند نشيني ورثي ۾ ملي. انگريزن نئين پير صاحب سان سندس والد وانگر نرم پاليسي تي قائم رهڻ ۽ جماعت ۽ عوام سان ظلم جاري رکڻ جي پاليسي تحت کيس لقب ڏيڻ جي ڳالهه چوري. پير صاحب لاءِ اها فيصلي جي گهڙي هئي، ته هو ذاتي مراعاتون ۽ القاب وٺي حرجماعت ۽ عوام کي اڪيلو ڇڏي، يا انگريزن ۽ سندس ساٿارين جي مخالفت ۽ حڪومتي سختي لاءِ تيار ٿئي. پير صاحب پنهنجي وڏڙن جي وفا کي داغدار ڪرڻ نه ٿي چاهيو، انهي ڪري هن عوام سان گڏ رهڻ ۽ هر سختي سهڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ جو عهد ڪيو. پير صاحب انگريز ڪارندن کي حڪومتي القاب وٺڻ جي معاملي تي اهو چئي کين موٽائي ڇڏيو ، “اسان لاءِ جماعت طرفان پاڳاري جو مليل لقب ئي ڪافي آهي ” سندن انهي جواب انگريز عملدارن کي مڇرائي وڌو، هڪ طرف انگريزن پير صاحب کي سيکت ڏيڻ ۽ جهڪائڻ جو فيصلو ڪيو، ته ٻئي طرف خود راشدي خاندان جي ڪن لالچي ماڻهن کي راشدي درگاهه جي گادي نشيني جي آڇ ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو. پير صاحب تي هڪ نوجوان ابراهيم ڪوري کي يرغمال ڪري رکڻ ۽ هٿيار گڏ ڪرڻ جو الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيو ويو. پير صاحب جي وڪيل محمد علي جناح کي به حراسان ڪري کيس مجبور ڪيو، ته هو پير صاحب جو ڪيس نه وڙهي ۽ ورتل في واپس ڪري ڇڏي. محمد علي جناح هڪ شنوائي تي اچي وڪالت نامو داخل ڪري، اڳتي ڪيس وڙهڻ ۽ وڪيل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخر ڪار 28 آگسٽ 1930ع تي انهي جڙتو ڪيس ۾ پير صاحب کي ڏوهاري ڄاڻائي 8 سالن جي قيد بامشقت جي سزا ڏيئي، کين رتناگري جيل ۾ موڪلي ڇڏيو. جيل ۾ مٿس عام قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو ويو. کيس رتنا گري کان سواءِ ، مدناپور ، راجشاهي۽ علي پور جي جيلن ۾ رکيو ويو. 1936ع ۾قيد مان آزاد ٿيڻ بعد پير صاحب حالتن جو جائزو ورتو. 1937ع کان حر جماعت کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو انهي وقت جي گورنر مسٽر لينسليٽ گرهام پير صاحب سان ملاقات ڪئي، جنهن تي پير صاحب جي مخالفن، مسٽر لينسليٽ گرهام جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا، پر لينسليٽ گرهام جيئن ته هڪ سنجيده ۽ دور انديش ماڻهو هو، جنهن پير صاحب جي مخالفن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. تاريخ 31 مارچ 1941ع تي گورنر لينسليٽ گرهام بدلي ٿي ويو، سندس جاءِ تي مسٽر هيوج ڊائو سنڌ جو نئون گورنر ٿي آيو. جيڪو هڪ ناعاقبت انديش ، پرمتڙيو۽ ظالم طبيعت جو ماڻهو هو. هن اچڻ شرط سورهيه بادشاهه ۽ جماعت تي سختيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ پيرصاحب گڙنگ بنگلي سانگهڙ کي ٻئين حر جدوجهد جو مرڪز بنائي. انگريزن کان سنڌ کي نجات ڏيارڻ لاءِ جماعت جي ماڻهن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا. سورهيه بادشاهه اهو فيصلو انگريزن جي سنڌ تي ناجائز قبضي ۽ سنڌ تي حڪمراني دوران سنڌ جي عوام تي بيجا ظلمن خلاف رد عمل ۾ ڪيو. عام طور اهو چيو ويندو آهي، ته جيئن ته انهي زماني ۾ برصغير ۾ انگريزن جي خلاف جدوجهدون هلندڙ هيون، جن کان متاثر ٿي سورهيه بادشاهه وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي گوريلا جنگ شروع ڪئي. انهي سلسلي ۾ پير صاحب جي سڀاش چندر بوس سان به ملاقات ٿي هئي. هٽلر جي نازي پارٽي سان به پير صاحب جا تعلقات هئا. اهڙي رپورٽ انگريز جاسوس مسٽر فلپ جي رپورٽن ۾ به ڄاڻايل آهي. ليمبرڪ به حر جدوجهد بابت پنهنجي ڪتاب “ دي ٽيريرسٽ ” ۾ پير صاحب ۽ حرن جي جنگي جنون جي ڳالهه ڪئي آهي. انهي ڳالهه کي جيڪڏهن تحقيقات جي روشني ۾ڏسبو، ته انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد پاڳارا خاندان جي مفاد پرست ماڻهن ۽ موقع پرست جاگيردارن جي چرچ تي انگريزن وري “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي پاليسي تي هلندي، مسلسل وطن دوست ۽ عوام سان محبت ڪندڙ پاڳارا خاندان سان ۽ سندن جماعت سان ناانصافيون ڪندي آئي. جنهن جا مختصر تفصيل مون هن ڪتاب ۾ هر پاڳاري جي دور ۾ ڄاڻايا آهن. اصل ۾ پير صاحب انگريزن جي ناجائز سنڌ تي قبضي ۽ حڪمراني دوران مسلسل ناانصافين جو حل انگريزن جي وطن مان نيڪالي کي ئي سمجهيو. جيڪو هڪ جائز ردعمل هو. پير صاحب برصغير ۾ هلندڙ جدوجهدن کان متاثر ٿي اهو فيصلو نه ڪيو هو. انهي جي ثبوت طور ڪجهه تاريخي حقيقتن تي غور ڪرڻو پوندو. پهرين ڳالهه ته انگريزن خلاف 1857ع جي جنگ آزادي ۽ حر جدوجهد جي ڪارواين ۾ ڪٿي به هڪجهڙائي نظر نه ٿي اچي. ٻئين ڳالهه ته سڀاش چندر بوس جي پير صاحب سان ملاقات ڪڏهن به نه ٿي هئي. انهي جو ثبوت اهو آهي، ته سڀاش چندر بوس جڏهن 1931ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو، انهي وقت سورهيه بادشاهه رتناگريءَ جيل ۾ قيد هو. وري 1941ع ۾ جڏهن سورهيه بادشاهه گوريلا جدوجهد جي شروعات ڪري رهيو هو. انهي سال سڀاش چندر بوس نظربندي ٽوڙي جرمني وڃي چڪو هو. انهي ڪري پير صاحب جي ساڻس ملاقات ڪرڻ واري ڳالهه جي ڪٿي شاهدي نه ٿي ملي. ساڳئي نموني جرمني کان هٿيارن ملڻ واري ڳالهه جي به ڪٿان شاهدي نه ٿي ملي. پوري حر جدوجهد ۾ ڪٿي به جرمني جو ٺهيل هڪ هٿيار به نه مليو. نه ئي گڙنگ بنگلي يا حويلي مسمار ڪرڻ وقت ڪو اهڙو جرمني جو هٿيار هٿ آيو. انهي ڪري اهڙيون ڳالهيون يا مسٽر فلپ جون رپورٽون ڪوڙ تي ٻڌل آهن. جيڪي هٿراڌو طور گهڙي انگريزن پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. برصغير ۾ هلندڙ جدوجهدن کان متاثر ٿيڻ بابت به ڪا شاهدي نه ٿي ملي. انهي بابت ڏسبو ته ، پير صاحب، مولانا عبيد الله سنڌي جي 1939ع ۾ قائم ڪيل جمنا، نربدا ، سنڌ ساگر پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو. جڏهن ته مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ محبت جو رشتو قائم هو. انهي محبت جي رشتي جو ثبوت اهو آهي ، ته جڏهن پير صاحب سورهيه بادشاهه حج تي ويو، ته مولانا عبيد الله سنڌي ساڻس اتي وڏي احترام سان مليو هو ۽ سورهيه بادشاهه جا هٿ چمي کيس امام جو لقب ڏنو هو. سائين جي ايم سيد سان سورهيه بادشاهه جو محبت جو رشتو هو، پر جڏهن سائين جي ايم سيد کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي، ته سورهيه بادشاهه، سائين جي ايم سيد کي ٽوڪيندي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو. جڏهن سنڌ جا برک ڪانگريسي اڳواڻ ، ڊاڪٽر چوئٿرام، سندس ڀاءُ شامداس ، پروفيسر گهنشام ، مسٽر سڌوا ۽ سيٺ سيتلداس، سورهيه بادشاهه سان گڙنگ بنگلي تي هلي اچي مليا ، ۽ کيس ڪانگريس ۾ اڳواڻي ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته، پير صاحب کين ٺُپ جواب ڏيئي، اهو چيو ته اسانجو پنهنجو طريقئه ڪار آهي، مون کي ڪانگريس جي طريقئه ڪار سان اختلاف آهي. مطلب ته ڪٿي به ڪا هڪ به اهڙي شاهدي نه ٿي ملي ، جنهن سان انهي ڳالهه کي مڃجي، ته پير صاحب برصغير ۾ هلندڙ جدوجهدن کان ڪٿي متاثر ٿيل ڏسڻ ۾ آيو هجي. انهي مان اهو ثابت ٿو ٿئي، ته چالاڪ انگريزن طرفان اهي سڀ ڪوڙيون رپورٽون يا ڪوڙيون ڳالهيون تاريخ ۾ شامل ڪري، سورهيه بادشاهه کي جرمني يا ٻين انگريز دشمن قوتن جو ايجنٽ، حر گوريلن کي جنگي جنوني ۽ حر جدوجهد کي ڦرلٽ ڪندڙ وحشي ڌاڙيلن جي ٽولن جون ڪاروايون ڄاڻائي، سنڌ دشمن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. افسوس جي ڳالهه اها به آهي، ته اسانجا محقق به انگريزن جي لکيل انهن هڪ طرفين هٿراڌو ڳالهين کي سند بنائي حر جدوجهد جي تاريخي ڪردار کي سنڌ دوست يا وطن دوست آزادي جي تحريڪ ثابت نه ڪري سگهيا آهن. مطلب پير سائين سورهيه بادشاهه انگريزن کي تڙي سنڌ تان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي دور کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. هو برصغير ۾ هلندڙ ڪنهن به جدوجهد کان متاثر ٿي ميدان عمل ۾ نه لٿو هو. نه ئي هو ڪنهن ٻاهرين انگريز دشمن قوت جو ايجنٽ هو.
    پير صاحب 1937ع کان ئي گڙنگ بنگلي کي مرڪز بنائي حر جماعت کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو هو. جيئن ڪنهن ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ڪم اچي سگهجي. گڙنگ بنگلي تي گڏ ٿيندڙ مريدن ۾ اصلاح پيدا ڪرڻ لاءِ پير صاحب جماعت تي ڪجهه پابنديون به لاڳو ڪيون . جن ۾ ڪنهن به قسم جو نشو نه واپرائڻ ، عورتن کي عاج جا چوڙا پائڻ تي بندش وجهڻ ، عورتن جي لباس ۾ پٺيءَ اگهاڙي وارو گج نه پائڻ ، بالغ ڇوڪرين ۽ بيوهه عورتن کي گهڻو وقت بغير شادي جي نه ويهارڻ، برطانوي ملن جو ٺهيل ڪپڙو نه پائڻ ، هندو مسلم ايڪتا قائم ڪرڻ ، ڳئون ڪهڻ کان پرهيز ڪرڻ، شامل هيون . حرن انهن پابندين تي نه صرف انهي زماني ۾ عمل ڪيو، پر اڄ تائين حر جماعت جا ماڻهو انهن پابندين تي عمل پيرا آهن. انهي زماني ۾ انگريزن طرفان سنڌ کي گهرو ويڙهه ۾ ڌِڪڻ لاءِ مسجد منزل گاهه جو واقعو ڪرائي هندو مسلم فساد برپا ڪيا ويا هئا. پير صاحب حر جماعت کي هندن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جو حڪم فرمايو. انگريزن پير صاحب جي پاليسين کي پنهنجي سازشن جي خلاف ڏسي ، ۽ مٿان وري پاڳارا خاندان جي سرڪرده ماڻهن جي چرچ تي ، پير صاحب کي ڪراچي ۾ گهرائي اڻ اعلانيا نطربندي جي جبرجو فيصلو ڪيو. ڪراچي وڃڻ جي حڪمنامي کي ڏسي، وڃڻ کان اڳي پير صاحب اهو محسوس ڪيو، ته انگريز کيس هاڻي نه ڪم ڪرڻ ڏيندا ۽ نه ئي کيس هاڻي گهڻو وقت زندهه ڇڏيندا. انهي ڪري پنهنجي هڪ عقيدت مند ۽ ڀروسي جهڙي مريد نورو وساڻ کي سنڌ مان ٻاهر نڪري ڪنهن ٻئي انگريز مخالف ملڪ ڏانهن نڪري وڃڻ لاءِ سواري ۽ سفري ضرورتن جي جلد پورائي جو ڪم رکيو ۽ ڪراچي روانو ٿي ويو. ڪراچي ۾ کانئس پڇيو ويو ته ، معلوم ٿيو آهي، ته توهان گڙنگ بنگلي تي غازين جي ڀرتيءَ پيا ڪريو، جيڪو هڪ ڏوهه آهي . پير صاحب جواب ۾ چيو ته ، جڏهن مسلم ليگ پنهنجا نيشنل گارڊ ، ڪانگريس پنهنجا والنٽيئر ۽ راشٽريه شيوڪ سنگهه پنهنجا شيوڪ دل رکي سگهي ٿي، ته مون ڪنهن ڏکئي وقت لاءِ پنهنجا حر غازي ڀرتي ڪيا، ته ڪهڙو گناهه ڪيو آهي. انهي تي کيس ٻئي حڪم تائين ڪراچي ۾ رهڻ ۽ ڪيڏانهن نه وڃڻ جو حڪم ٻڌايو ويو. پر پير صاحب جيئن ته انهي ڳالهه کي پهريائين ئي سمجهي چڪو هو. انهي ڪري هن ڪراچي ۾ رهڻ بجاءِ ٻاهر وڃي حر جدوجهد جي اڳواڻي ڪرڻ جي فيصلي تي عمل ڪندي، 9 آڪٽوبر 1941ع تي جيپ ذريعي سفر ڪري گڙنگ بنگلي تي پهتو، جتي بندوبست لاءَ مقرر ڪيل نورو وساڻ موجود نه هو، نه ئي ڪو سنڌ کان ٻاهر وڃڻ جو انتظام ٿيل هو. پير صاحب کي پهريون ڀيرو پنهنجي مريد طرفان ڪيل ويساهه گهاتيءَ تي افسوس ٿيو. انهي بعد پير صاحب 10 آڪٽوبر تي پير ڳوٺ درگاهه تي آيو. پويان پير صاحب طرفان حڪمنامي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 13 آڪٽوبر 1941ع تي انگريز سرڪار کيس گرفتار ڪرڻ جو وارنٽ جاري ڪيو . جنهن جي نتيجي ۾ 14 آڪٽوبر 1941ع تي پير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. ڏهن ڏينهن بعد 24 آڪٽوبر 1941ع تي کين هندستان جي سيهوني جي جيل ۾ موڪليو ويو. پويان 26 مئي 1942ع تي بمباري ڪري گڙنگ بنگلو تباهه ڪيو ويو. 22 آگسٽ 1942ع تي حويلي ۽ ڪوٽ تي بمباري ڪري تباهه ڪيا ويا ، پير صاحب جي خاندان کي ڪراچي آڻي مير خدابخش ٽالپر جي بنگلي تي نظربند ڪيو ويو. پير صاحب جي حويلي مان نڪتل سامان جيڪو عدالت ۾ ظاهر ڪري امپريل بئنڪ ۾ جمع ڪرايو ويو انهي ۾ عورتن جا سون ۽ چاندي جا زيور، ڪجهه سڪا ۽ پنج لک رپيا روڪڙا، چوئيتاليهه رائفلون، چوڏهن ريوالور شامل هئا. جيڪي هٿيار مختلف دورن ۾ سندن بزرگن کي تحفي طور مليل هئا . انهن ۾ به ڪو جرمني جو ٺهيل هٿيار موجود نه هو، جنهن مان به پير صاحب جي پرڏيهي ايجنٽ نه هئڻ جي شاهدي ملي ٿي.
    پير صاحب کي انگريز سرڪار شهيد ڪرڻ جو فيصلو اڳواٽ ڪري ڇڏيو، انهي کي قانوني ڪاروائي جو برقعو پارائڻ لاءِ 14 جنوري 1943ع تي پير صاحب کي حيدر آباد سينٽر جيل آندو ويو. حر بغاوت ڏوهه ۾ مارشل لا تحت ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ پير صاحب کي نه سندن مرضي جو وڪيل ڪرڻ جي اجازت ملي، نه ڪنهن مددگار کي ملڻ ڏنو ويو، صرف پير صاحب کي هڪ وڪيل ڏيئل مل لالواڻي کي وڪيل ڪرڻ جي اجازت ملي ، پير صاحب جي مرضي محمد علي جناح کي وڪيل ڪرڻ جي هئي، پر نه سرڪار کين اهڙو موقع ڏنو، ۽ نه ئي جناح صاحب وڪالت ڪرڻ تي راضي ٿيو. ڪيس جي 26 ڏينهن جي ڪاروائي ۾ پير صاحب کي سندس وڪيل سان ڳالهائڻ جي به اجازت نه هئي، صرف لکت ۾سورهيه بادشاهه پنهنجي وڪيل ڏيئل مل کي ڪجهه چئي سگهيو ٿي. هي عدالت جي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪيس به آهي، جنهن ۾ ڪارواين دوران شاهدن ۽ پير صاحب سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ پردو ڏياريو ويو. اهڙي ريت کين آخر ڪار ڦاسي جي سزا ڏني ويئي . جنهن تي عمل ڪندي 13 ربيع الاول 1362 هجري بمطابق 20 مارچ 1943ع تي کين ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. سندن لاش کي به ڪنهن گمنام جاءِ تي دفن ڪيو ويو، جنهن جاءِ جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به خبر ناهي.


    سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) رح ، ستون پاڳارو

    سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) رح ، ستون پاڳارو
    سيد سڪندر علي شاهه “ شاهه مردان شاهه ثاني “ جي ولادت 8 جمادي الثاني 1347هه بمطابق 22 نومبر 1928ع ۾ ٿي . پاڻ شهيد سورهيه بادشاهه جي فرزند هئڻ جي ناتي شهيد سورهيه بادشاهه جي خاندان کي انگريزن طرفان مليل سمورين تڪليفن مان گذريا ، شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت بعد کين ۽ سندن ڀاءُ نادرعلي شاهه کي 2 فبروري 1944ع تي سنڌ مان جلاوطن ڪري پهريائين علي ڳڙهه ۽ پوءِ برطانيا نيو ويو. جتي هنن ٻنهي ڀائرن جي عام ماڻهن جي حيثيت سان تعليم ۽ تربيت ٿي. پاڪستان ته 1947ع ۾ قائم ٿيو، انگريز به سنڌ مان هليا ويا ، پر سنڌ ۾ حرن کي وطن دوست نه سمجهيو ويو۽ نه ئي پير صاحب ۽ سندس جلاوطن ڪيل ڀاءُ کي واپس آندو ويو. 1951ع ۾ سنڌ جي گورنر دين محمد جي ڪوششن سان کين 1951ع ۾ وطن آندو ويو. ۽ 1952ع ۾ گادي بحال ڪئي ويئي. جماعت طرفان 4 فبروري 1952ع تي پير سڪندرعلي شاهه “ شاهه مردان شاهه ثاني کي پڳ ٻڌائي ستون پاڳارو تسليم ڪيو ويو. هن دور انديش انسان سڀ کان پهريائين انگريزن جا قائم ڪيل لوڙها ختم ڪرايا. جماعت جي سمورن باندي ماڻهن کي آزاد ڪرايو. انهي بعد حويلي ، درگاهه ۽ جامعه الراشديه جي درسگاهه کي نئين سر تعمير ڪرايو. هن حر جدوجهد جي شهيدن جي وارثن کي نئين سر پنهنجي زندگي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوشش ڪري پنهنجي جماعت جي طاقت کي بحال ڪيو. هن 1965ع ۽ 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي مدد ۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ حر جماعت کي حڪم جاري ڪيو ، نتيجي ۾ ٻنهي جنگين ۾ حر مجاهدن سنڌ جي سرحدن جي بي مثال قربانيون ڏيئي حفاظت ڪئي. حڪومت طرفان کيس سولين جنرل طور تسليم ڪيو ويو. هن پير سائين پاڳاري جو ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو. سندس سخا جا به ڪيترا ئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن. سنڌ جي هن بااصول ۽ حر جماعت جي مالڪي ڪندڙ پير صاحب 16 صفر 1433 هجري 10 جنوري 2012ع تي ويلنگٽن اسپتال لنڊن ۾ وصال ڪيو. سندن جسد خاڪي کي سنڌ آڻي 12 جنوري 2012ع تي پير ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    سيد صبغت الله شاهه ثالث. اٺون پاڳارو

    سيد صبغت الله شاهه ثالث. اٺون پاڳارو
    سيد صبغت الله شاهه ثالث جو جنم 14 فبروري 1957ع تي ٿيو. کين سندن والد سيد شاهه مردان شاهه ثاني جي رحلت بعد 12 جنوري 2012ع تي جماعت طرفان پڳ ٻڌائي اٺون پاڳارو تسليم ڪيو ويو آهي. پاڻ هڪ دردمند دل رکندڙ انسان آهن. پاڻ حر جماعت سان گڏ سڄي سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي جا خواهان آهن. سنڌ جي سياست ۾ سندن مثبت ڪردار آهي. انهي جي ثبوت طور ٻه مثال ڏجن ٿا. هڪ ته پير سائين سنڌ ۾ ٻٽي نظام خلاف حيدر آباد ۾ تاريخي جلسو ڪري انهي نظام کي ختم ڪرايو. يا ٻيو مثال اهو آهي ته پير سائين سنڌ جي پاڻي جي حق لاءِ پنهنجي حڪومتي وزارت دوران وفاق سان بغير ڪنهن مصلحت پسندي جي مهاڏو اٽڪايو ۽ سنڌ جي پاڻي جي حق تي سوديبازي نه ڪئي. الله پاڪ کين وڏي ڄمار سان گڏ سندن وڏڙن جي لازوال وطن دوستي ۽ قربانين جي راهه تي ثابت قدمي سان هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.


    شهيد سورهيه بادشاهه اڇڙو ٿر کي حر جدوجهد جو مرڪز ڇو بنايو؟

    شهيد سورهيه بادشاهه اڇڙو ٿر کي حر جدوجهد جو مرڪز ڇو بنايو؟
    اڇڙو ٿر جيئن ته هڪ خطرناڪ ۽ ڌٻڻين سان ڀرپور ريگستاني علائقو آهي. جنهن سبب ڪنهن به اڻ واقف ماڻهو جو سلامتي سان هتان گذرڻ مشڪل آهي. اڇڙي جا رستا انتهائي منجهائيندڙ ۽ اوچتو گم ٿيندڙ آهن. انهي ڪري ڪنهن به قافلي يا لشڪر جو هن علائقي مان گذرڻ خطري کان خالي ناهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان ڏسنداسين، ته تاريخ جي پوري دور ۾ هتان کان نه ڪنهن وڏي پرڏيهي ماڻهن جي قافلي جي گذرڻ جي شاهدي ملي ٿي، ۽ نه ئي ڪو فاتح حمله آور فوج وٺي هتان کان ڪو حملو ڪري سگهيو آهي، ها پر هي علائقو سنڌ جي هارايل لشڪر جي پناهگاه ضرور رهيو آهي. مطلب ته تاريخي طرح هي علائقو سنڌ جي ماڻهن جي وطن جي حفاظت لاءِ لڙندڙ سرفروشن جي محفوظ پناهه گاهه رهندو آيو آهي. آڳاٽي دور کي ڇڏيندي اسان موجود سنڌ جي اڻپوري تاريخ يا ڪجهه آثارن جو جائزو وٺنداسين ، ته عربن خلاف جئسينه جي گوريلا جنگ ، محمود غزنوي خلاف سومرن ، سوڍن ، سمن ، راجپوتن جو گوريلا جنگيون ۽ ڪامياب راتاها . راجستاني ڌاڙيلن جي ڏڪارن ۾ ڪيل سنڌ تي حملن ۽ ڦرلٽ جي ڪارواين کي ٻنجو ڏيڻ ۾ سنڌ جي راڄن جي ڪاميابي، وغيره ۾ هن علائقي هڪ مضبوط دفاعي پناه گاه ۽ مورچي جو ڪم ڏنو. اهوئي سبب هو جوپهرين حر هلچل دوران حرن جي پهرين آزاد به حڪومت به بچو بادشاهه جي سربراهي ۾ سانگهڙ سرڪار جي نالي سان هن علائقي ۾ قائم ٿي. ٻي حر هلچل به شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي المعروف سورهيه بادشاهه به انگريزن جي خلاف هن علائقي ۾ مکي ٻيلي کي حر تحريڪ جو مرڪز بڻائي گوريلا ويڙهه شروع ڪئي. هن علائقي جي مشڪل ترين رستن سبب انگريز فوج اڇڙي ٿر جي گوريلا پناهه گاهن کي ختم نه ڪري سگهي. سندن منظم فوجي ڪاروايون زميني طرح ناڪام ٿيڻ بعد انگريزن کي هن علائقي ۾ هٿين خالي حرن سان مقابلي لاءِ هوائي جهازبه استعمال ڪرڻا پيا. ڪهاڙين وارن حرن هٿياربند انگريز فوج جا ڪنڌ لاٿا . جن حملن برطانوي فوجن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. افسوس حر تحريڪ صرف پير صاحب جي مريدن ۽ اڇڙي ٿر جي عام ماڻهن تائين محدود رهي، جيڪڏهن اها پوري سنڌ ۾ سڄي سنڌي قوم طرفان لڙي وڃي ها ، يا حر تحريڪ کي سنڌي اڳواڻن طرفان انگريزن جي منفي پروپئگنڊه جو شڪار ٿي اڪيلو نه ڪيو وڃي ها. ته سنڌ ڪڏهوڪو پنهنجي آزادي ماڻي وٺي ها. پير صاحب جي فوجي حڪمت عملي هڪ بهادر جرنيل جي حڪمت عملي هئي. جنهن موجب هڪ طرف سندن طرفان اڇڙي ٿر جهڙي محفوظ پناهگاهه کي حر گوريلا جنگ جو مرڪز بڻايو ويو، ته ٻئي طرف هن پنهنجي مريدن جي هڪ حصي سالم جماعت جي نالي ۾ پنهنجي مريدن کي جنگ کان پاسيرو رکي، ويڙهو حرن لاءِ مستقل مدد جو رستو کولي رکيو. جنهن ڳالهه خود انگريزن لاءِ ڪارواين ڪرڻ ۾ ۽ عام ماڻهن ۽ ويڙهاڪ حرن جي سڃاڻڻ ۾ مونجهارا پيدا ڪيا. جنهن سبب ڪيترا مريد سالم جماعت وارا لڪل نموني انگريزن جي فوجي چرپر کان ويڙهو حرن کي واقف ڪندا رهيا. اهڙي نظم و ضبط واري حڪمت عملي ۽ جنگي رٿابندي جو مثال شايد ئي دنيا ۾ وڙهجندڙ گوريلا جنگين ۾ ڪٿي ملي سگهي. جنهن ڳالهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته شهيد سورهيه بادشاهه هڪ عظيم جنگي جرنيل هو. سندن گوريلا مرڪز جي چونڊ اڇڙي ۾ ڪرڻ پڻ سندن جنگي ڏاهپ جو وڏو ثبوت آهي.


    اڇڙو ٿر ۽ حر گوريلا تحريڪ

    اڇڙو ٿر ۽ حر گوريلا تحريڪ
    مٿي ڄاڻايل راشدي پيرن جي سياسي ۽ سماجي ڪردار بابت ڏنل احوال مان حر جھدوجهد جي مختلف مرحلن ، مختلف دورن ۾ آيل لاڙهن ۽ چاڙهن بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد اچو! ته حر گوريلا جنگ ۾ عوامي ڪردار ۽ انهن جي گوريلا ويڙهه ۾ شرڪت بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون. حر جدوجهد جي اڳواڻي ته راشدي پيرن جي وطن دوستي ۽ سنڌ ۾ سندن پيري مريدي جي اثر سبب کين ملي. ۽ پوري حرجدوجهد جي تاريخ ۾ سندن اڳواڻي وارو ڪردار رهيو. پر هن جدوجهد ۾ اڇڙي ٿر جا ماڻهو وڌيڪ سرگرم رهيا. انهي ڳالهه جي سببن تي غور ڪبو، ته ڪجهه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. جن ۾ پهرين ڳالهه ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کان به گهڻو آڳاٽو هي علائقو سياسي سماجي طور هڪ علحده ۽ پاڻمرادو ٺاهيل راڄوڻي نظام تحت هلندڙ هو. انهي کانسواءِ سنڌ جي حڪمرانن جو رويو به اڇڙي ٿر جي ماڻهن سان بي اعتمادي وارو هو. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ، ميرن اڇڙي ٿر ۾ ٺاهيل سمورن قلعن ۽ سرحدي چوڪين تي بلوچ قبيلن جا ماڻهو مقرر ڪيا. جن جو رويو هتان جي ماڻهن سان صحيح نه هو. انهي ڪري موٽ ۾ اڇڙي ٿر جا ماڻهو به ٽالپرن کي پنهنجو خيرخواهه حاڪم نه سمجهندا هئا. انگريزن به سنڌ تي قبضي کان پوءِ ترت ساڳئي نموني وارو رويو اختيار ڪيو. جنهن سبب هڪ ته انهي آزاريندڙ رويي خلاف حڪمرانن سان دلي نفرتون ته اڳ ۾ ئي پيدا ٿيل هيون ، وري سندن غير هئڻ ۽ پير صاحبن جي انگريزن کان بيزاري هن جدوجهد کي جنم ڏنو. جاگرافيائي لحاظ کان به هي علائقو تاريخي طرح گوريلا جنگين جو مرڪز رهيو آهي. انگريزن خلاف پهرين حر هلچل جو مرڪز به مکي ٻيلي کي بنايو ويو. حر ويڙهاڪن جي مضبوط پناهه گاهه به اڇڙو ٿر هو، انهي ڪري انگريزن ۽ حرن جا وڏا تاريخي مقابلا به اڇڙي ٿر جي ئي حدن ۾ ٿيا. موٽ ۾ انگريز فوج جون قهري ڪاروايون، فو ج ڪشي ۽ هوائي جهازن ذريعي بمباري به هتي ڪئي ويئي. اڇڙي ٿر جي سمورن ڳوٺن کي ساڙي ماڻهن کي لوڙهن ۾ ٻارين بچين قيد رکيو ويو. انهن ڪارواين سبب اڇڙو ٿر ماڻهن کان مڪمل طور خالي ٿي ويو. هن علائقي ۾ هڪ طرف صرف حر ويڙهاڪن جون پناهه گاهون ته ٻئي طرف ناري ۽ ڪس واري پٽي ۾ انگريز فوج جون ڪيمپون، پوليس ٿاڻا ۽ چوڪيون هيون. پوري برٽش دور ۾ اڇڙي ٿر وارو علائقو ميدان جنگ هو.


    ڇا حر تحريڪ ڌاڙيلن جي تحريڪ هئي ؟

    ڇا حر تحريڪ ڌاڙيلن جي تحريڪ هئي ؟
    حر تحريڪ بابت هيلتائين انگريزن جي ڏنل رپورٽن ، ليمبرڪ جي ڪتاب دي ٽيريرسٽ ، کانسواءِ انهي وقت جي سنسر جي سخت قانونن جي پابندين هيٺان شايع ٿيل اخبارن جي رپورٽن جي هٿ ٺوڪي معلومات جي بنياد تي بغير ڪنهن تحقيق جي يا ڇنڊ ڇاڻ جي لکيل ڪتابن ۽ مضمونن ذريعي پڙهندڙن تائين اها معلومات پهچائي ويئي، ته حر تحريڪ صرف پير صاحب پاڳاري جي پوئلڳن جي هڪ جنوني تحريڪ هئي. جنهن ۾ پير صاحب پاڳاري جي شخصي اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ جي جنون ۾ قانون شڪني ڪئي ويئي. ملڪ ۾ عوام آزاريندڙ ڪاروايون ڪري دهشت پکيڙي ويئي. پير صاحب هڪ جذباتي نوجوان هو. جنهن برصغير ۾ هلندڙ انگريز مخالف تحريڪن کان متاثر ٿي . انگريزن جي وڃڻ بعد پنهنجي ذاتي شخصي حڪومت ڏاڍ جي بنياد تي قائم ڪرڻ ٿي چاهي. هي قومي آزادي جي ڪا گوريلا ويڙهه نه هئي، پر جنوني انسان دشمن ڌاڙيلن جون ڪاروايون هيون وغيره ، انهي انگريزن جي پکيڙيل هڪ طرفي پروپئگنڊا جو نتيجو ئي آهي، جو اڄ تائين سنڌ جا ماڻهو حر تحريڪ کي پنهنجي وطن جي آزادي جي جدوجهد يا قومي آزادي جي تحريڪ نه ٿا سمجهن. نتيجي ۾ حر جماعت ۽ سنڌي قوم جي وچ ۾ انگريزن جي انهي منفي پروپئگنڊه جي نتيجي ۾ هڪ وڏي وٿيءَ موجود آهي. جيڪا وٿيءَ سنڌي قوم جي مستقبل لاءِ ڪنهن به حساب سان فائدي مند ناهي. انهي لاءِ ضروري آهي، ته سنڌ جا باشعور محقق انهي ڏس ۾ اڳيان اچن ۽ حر تحريڪ بابت صحيح حقيقتون پڌريون ڪري ٻنهي ڌرين مان غلط فهميون دور ڪن. انهي پس منظر ۾ اچو ته ڏسون، ته حر تحريڪ هڪ آزادي پسند گوريلا جدوجهد هئي يا واقعي جنوني ۽ پيرپرست ڌاڙيلن جون عوام آزاريندڙ ۽ قابل مذمت ڪاروايون هيون. اصل ۾ حر تحريڪ ويجهڙائي وارين انهن گوريلا ۽ انقلابي جدوجهدن ۾ سر فهرست طور ڳڻي سگهجي ٿي. جيڪي ڊگهو عرصو هليون ۽ ڪاميابي ماڻي.
    انقلاب جي سائنس موجب هر انهي ويڙهه کي دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جي ويڙهه سڏي سگهجي ٿو، جيڪا ويڙهه ڪنهن هڪ مخصوص گروهه يا ماڻهو جي مفادن جي حاصلات لاءِ جنهن علائقي ۾ وڙهي وڃي، انهي علائقي جا ماڻهو انهي جدوجهد جي ويڙهاڪن کان نفرت ڪندا هجن ۽ انهن کي ساٿ نه ڏين. رد عمل ۾ اهي ويڙهاڪ انهي علائقي جي ماڻهن سان ظالمانه يا جابرانه رويو رکن. انهن ويڙهاڪن جون پناهه گاهون ڳوٺن ۽ ماڻهن جي گهرن بجاءِ جغرافيائي اڙانگن رستن وارن جهنگلن، پهاڙن جي غارن ۾ هجن. نتيجي ۾ عوامي ساٿ نه ملڻ سبب اهي ويڙهاڪ مارجي وڃن ۽ ويڙهه پڄاڻي کي پهچي وڃي. پر هر انهي بامقصد ويڙهه کي گوريلا ويڙهه سڏي سگهجي ٿو. جيڪا جنهن علائقي ۾ لڙي وڃي، انهي علائقي جا ماڻهو انهن ويڙهاڪن سان محبت ڪندا هجن ۽ انهن جي بچاءَ ۽ مدد لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏين. پنهنجن ڳوٺن ۽ گهرن کي انهن گوريلا ويڙهاڪن جي پناهه گاهه بنائي ڇڏين. ويڙهاڪن کي بي سمري جي حالت ۾ جاگرافيائي پناهه گاهن ۾ بچاءَ لاءِ لڪڻو نه پوي. انهي علائقي جي عام ماڻهن جي ڏکن تڪليفن ۾ ويڙهاڪ انهن ماڻهن جي ڏک ، سور ۾ گڏ هجن ۽ عوام آزاريندڙ يا عوام دشمن ماڻهن يا دشمن جي مخبرن کي انهي علائقي ۾ اُسرڻ نه ڏين. سندن بندوق مان نڪتل هر گولي سڄڻن ۽ علائقي جي ماڻهن لاءِ حفاطت ڪندڙ ۽ دشمن لاءِ موت جو پروانو هجي. ته انهي وصف تي پوري لهندڙ هر ويڙهه کي گوريلا جنگ سڏي سگهجي ٿو. انهي ڪسوٽيءَ جي روشني ۾ڏسبو، ته سنڌ ۾ ڊگهي عرصي تائين وڙهي ويندڙ حرن جي ويڙهه کي اڇڙي ٿر ۾ ڀرپور عوامي نه صرف حمايت حاصل هئي، پر انهي ويڙهه ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ حر ويڙهاڪن کي پناهه ۽ ساٿ ڏيڻ جي پاداش ۾ هزارين ماڻهن کي ٻار ٻچين قيد و بند جون سموريون سختيون سهڻيون پيون، جيڪي قربانيون انهن کلندي ڪڏندي ڏنيون. پوري حرجدوجهد ۾ ڪو هڪ مثال به اهڙو نه ٿو ملي، جنهن ۾ اڇڙي ٿر جي ڪنهن عام غريب ماڻهو حرن کان بيزاري جو اظهار ڪيو هجي يا سختيون برداشت نه ڪري ڪنهن حر ويڙهاڪ جي پناهه گاهه جي نشاندهي ڪئي هجي. هڪ تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ مون کي ڪٿي به ڪنهن گوريلا جنگ جي ويڙهاڪن کي اهڙي مڪمل عوامي حمايت حاصل ٿيندي نظر نه ٿي اچي.
    حالانڪ انهي وقت جي اخبارن ۾ بيشمار قتلن، ڦرن، ۽ ڳوٺن کي ڪڙو چاڙهي ڌاڙا هڻڻ جون خبرون شايع ٿينديون رهنديون هيون. سنڌ جي ماڻهن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته حر بي رحم دهشتگرد آهن. انهي وقت جو سرڪاري رڪارڊ به شاهد آهي ته انهي وقت ۾ ٿيندڙ هر ڏوهه کي حرن جي کاتي ۾ لکيو ويو. انهي ڳالهه جي تحقيق ڪندي جڏهن انهي وقت جي پوڙهن ۽ حر ويڙهاڪن کان پڇجي ٿو، ته هو انهي ڳالهه جي ترديد ڪندي ٻڌائين ٿا، ته انگريزن حرن کي بدنام ڪرڻ ۽ عوامي حمايت کي ڇيهو رسائڻ لاءِ پنهنجا ڌاڙيل ٽولا ٺاهي رکيا هئا ، جيڪي عوام آزاريندڙ ڪاروايون ڪندا هئا. جن جي ڏوهن تي پردو رکندي، اهي سمورا ڏوهن جا ڪيس حرن خلاف داخل ڪيا ويندا هئا. اهڙن سرڪاري سرپرستي ۾ ٺاهيل ڌاڙيلن جي ٽولن ۾ ڳوٺ ساڏوري جو سونو مينگهواڙ جو ٽولو، چڪ 39 جو هاشم جٽ پنجابي جو ٽولو، راوتياڻي ڳوٺ جي ياروءَ ٻالو جو ٽولو انگريز آفيسرن جي چرچ تي سندن سرپرستي ۾ عوام خلاف قهري ڪاروايون ڪندا هئا. جن جا ڏوهه مٿن مڙهڻ بجاءِ حرن تي مڙهيا ويا. نتيجي ۾ ڌاڙيل سونو مينگهواڙ جو ٽولو حرن ماري ختم ڪيو. جڏهن ته مذڪوره ٻيا ٽولا حرن جي علائقي مان ٻاهر نڪري ڀڄي ويا. انهي کان علاوهه انگريز آفيسر جيل ۾ قيد ڏوهارين کي هٿيار ڏيئي به ڪاوايون ڪرائيندا هئا. جيڪي ڏوهه پڻ حرن تي مڙهيا ويندا هئا. نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اهو تاثر ڏنو ويو، ته حر وحشي ڌاڙيل آهن. ٻئي طرف پوري حر جدوجهد جي تاريخ ۾اهڙا واقعا گهٽ ٿا ملن، جنهن ۾حر ويڙهاڪن ڪنهن عام غريب ماڻهو سان ڪا زيادتي ڪئي هجي يا ڪو لڄالٽ جو واقعو ڪيو هجي. حرن ڪنهن به عام راهگير مسافرکي نه ماريو، نه ئي مال ملڪيت ڦرڻ جا واقعا ڪيا. انهي ڳالهه جو ثبوت اهو آهي، ته 17 مئي 1942ع تي رات جو اڏيري لال ۽ ٽنڊي آدم جي وچ ۾ ڳوٺ ڇوراهو هنڱورا يا موجودهه اسٽيشن وهاب شاهه جي ڀرسان لاهور ميل ريل ڪيرائڻ واري هيڏي ساري حادثي ۾ صرف 32 ماڻهو مارجي ويا. انهي واقعي ۾ جيڪڏهن حر چاهين ها ته ، سڀني ماڻهن کي ماري سگهيا ٿي، هن واقعي ۾انهي وقت جي وزير سر غلام حسين هدايت الله جو پٽ منور حسين به مارجي ويو هو. باقي ڪنهن به عام ماڻهو کي قتل نه ڪيو ويو. حرن ريل گاڏي جي مسافرن کان ڪا به ڦرلٽ نه ڪئي. جيڪا ڳالهه حرن جي ڌاڙيل نه هجڻ جو ثبوت آهي. باقي حرن جو نشانو انگريز سامراجي فوجون، سرڪاري ڪارندا ۽ انهن جا ساٿاري وڏيرا سرڪار جا مخبر ۽ ڪامورن جون دعوتون ۽ مدد ڪندڙ سيٺ ضرور هئا. ٻئي طرف انگريزن انهي ريل واري واقعي جي رد عمل ۾ پهرين جون 1942ع تي سنڌ ۾ مارشل لا لڳائي قتل عام شروع ڪيو، جنهن قتل عام ۾ چند سئو ويڙهاڪن جي مقابلي ۾ سٺ هزار پيادل فوج ، چوويهه سئو گهوڙي سوار ۽ انهي آپريشن ۾ چوويهه هوائي جهاز بمباري ۾ استعمال ڪيا. جنهن آپريشن ۾ هزارين بي گناهه ماڻهو مارجي ويا . پر اهڙي سخت آپريشن دوران به حر ويڙهاڪن جو گهٽ جاني نقصان ٿيو. هنن جون پناهه گاهون سلامت رهيون ۽ هو جنگ ۾ مصروف رهيا. سوين ماڻهن سزائون، تشدد ۽ شهادتون ته قبول ڪيون، پر ڪنهن حر ويڙهاڪ جي نشاندهي نه ڪئي. ها باقي ڪجهه واقعا سورهيه بادشاهه جي شهادت بعد حرن جي ڪجهه ماڻهن ذاتي انتقام طور به ڪيا. ائين به نه ٿو چئي سگهجي، ته حرن هٿان بي قصور ماڻهو قتل نه ٿيا. ڪجهه اهڙن واقعن جون شاهديون ملن ٿيون. پر اهي واقعا يا قتل حر جماعت جي گڏيل فيصلي طور تسليم نه ٿا ڪري سگهجن . انهن واقعن کي ڪن حرن جي ڇڙواڳي ، غلط فهمي يا ذاتي انتقام طور شمار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت بعد قيادت جي کوٽ سبب ڪجهه حرن ۾ ڇڙواڳي به پيدا ٿي هئي
    حر جدوجهد جي واقعن کي پڙهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته، هن جدوجهد ۾ ويڙهاڪ گوريلن جي مدد جي سلسلي ۾ پوڙهن، ٻارن، ۽ عورتن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. حرجدوجهد جي واقعن ۾ اسانکي سنڌي عورتن جي بي مثال قربانين جا به اهڃاڻ ملن ٿا. انهن عظيم عورتن ۾مائي چيز سنجراڻي، مائي حاجاڻي ڌڃاڻي نظاماڻي، مائي بصران خاصخيلي، مائي زهران، مائي عاقلان، مائي فريدان، مائي فاطمه عرف ڦاپي، مائي ڀانءِ، مائي هوندل، مائي ڀاڳي هنڱورو، مائي بختاور وساڻ ، مائي والان،مائي جنت نظاماڻي، شهيد مائي ڌاڻو نظاماڻي، مائي ڌڃياڻي وساڻ، مائي سوڍي ، مائي قائمه ، مائي مکڻ وساڻ، مائي زليخان مهر، مائي مرکان، مائي مريم سنجراڻي، مائي ناملي، مائي نوري رند، مائي مرادان خاصخيلي، مائي جادو لوهارڻ، مائي سون ٻائي، مائي ڪرڙي، مائي لال، مائي زينب، مائي پارسا خاتون وساڻ، مائي پٽل وساڻ، مائي موران نظاماڻي، مائي بادلي نظاماڻي، مائي مرادن راڄڙ، مائي مرادي وساڻ، مائي راڻي، ۽ مائي سعيدان جا نالا ملي سگهيا آهن. انهن عظيم عورتن، حر گوريلن کي رسد پهچائڻ، جاسوسي ڪرڻ، علاج لاءِ دوائون پهچائڻ، هٿيارپهچائڻ، زخمين جو علاج ڪرڻ، کان سواءِ ڪن معرڪن ۾ عملي هٿيار بند ويڙهه ۾ به حصو ورتو. انهي مان اهو ثابت ٿيو ته حر جدوجهد هن ڌرتي جي درد مان ڦٽي نڪتل تحريڪ هئي، جنهن جدوجهد کي سچائي سان عوامي حمايت حاصل هئي ۽ هو وڙهي ويندڙ علائقي جي مقبول ترين جدوجهد هئي ، جنهن کي ڪنهن به حوالي سان دهشتگرد يا ڌاڙيلن جي تحريڪ نه ٿو چئي سگهجي. حر جدوجهد هڪ بامقصد جدوجهد هئي، جنهن جدو جهد جو اصل مقصد سنڌ تي قابض انگريز سامراج جي سنڌ مان نيڪالي ۽ سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي هو. انهي ڳالهه جي پڪي شاهدي انهي ڳالهه مان ملي ٿي، ته 1947ع ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد حرن جي حڪومت خلاف مزاحمت به بند ٿي ويئي. پاڪستان ٺهڻ بعد هزارين ناانصافين ۽ بي قدرين هئڻ جي باوجود به حرن 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ ۾ پنهنجون بي مثال قربانيون ڏيئي جيجل سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪئي.


    ڇا شهيد الهه بخش سومري کي حرن قتل ڪيو هو؟

    ڇا شهيد الهه بخش سومري کي حرن قتل ڪيو هو؟
    عام طور اها ڳالهه انهي وقت جي اخبارن کي نظر ۾ رکندي ڪتابن جي زينت بڻيل آهي، ته حرن شهيد الهه بخش سومري (جيڪو انهي وقت سنڌ جو وزير اعظم هو.) کي قتل ڪرڻ لاءِ اڏيري لال ۽ ٽنڊي آدم جي وچ ۾ تاريخي ڳوٺ ڇراهو هنڱورا يا موجوده وهاب شاهه اسٽيشن جي ڀرسان 17 مئي 1942ع وارو ريل ڪيرائڻ جو واقعو ڪيو. پر انهي ريل گاڏي ۾ چڙهيل شهيد الهه بخش سومرو اوچتو حيدر آباد ۾ لهي پيو، ۽ بچي ويو.انهي حملي مان اتفاقي طور بچي وڃڻ بعد به حرن ئي کيس اڳتي هلي شڪارپور ۾ شهيد ڪيو. انهي ڳالهه جي هن کان اڳ ۾ ڪنهن به محقق ڇنڊڇاڻ نه ڪئي. سڀني انهي ئي ڳالهه کي مڃيو ۽ سچ سمجهي لکيو. حالانڪ انهي وقت جون اخبارون انگريزن جي سنسر شپ جي سخت قانونن تحت نڪرنديون هيون. جيڪا به اخبار سرڪاري موقف سان ٽڪر کائيندي هئي. انهي جي ايڊيٽر يا اخبار جي مالڪ کي جيل جي هوا کارائي ويندي هئي. انهي وقت جي صحافتي تاريخ مان اهڙا ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا. مثال طور انهي دور جي هڪ بيباڪ صحافي محمد هاشم مخلص کي بيباڪي جي اها سزا ملي، جو هو ڪيترائي سال روپوشي جي حالت ۾نالو بدلائي دربدرٿي ڀٽڪندو رهيو. انهي دور ۾ ڪجهه به ٿورو سچ لکندڙ اخبارون به بند ڪيون وينديون هيون. جيئن مثالطور اخبار“ ڳوٺ سڌار” کي بند ڪرايو ويو. انهي ڪري هن دور جي محققن لاءِ اهو ضروري آهي، ته هو صرف انهي دور جي حڪومتي موقف تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ ، انگريزن جي مخالف قوتن، سنڌ جي عام ماڻهن ۽ حر ويڙهاڪن جو به موقف اڳيان آڻين، جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن. ٻئي طرف اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي، ته آخر شهيد الهه بخش سومري سان حرن جي اها ڪهڙي دشمني هئي، جنهن بنياد تي حر جماعت طرفان کيس قتل ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو. انهي ڳالهه جي تصديق لاءِ اسان کي شهيد الهه بخش جي دور جو سرسري جائزو وٺڻو پوندو . آل انڊيا ايڪٽ 1935ع موجب سال 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو ويو. ۽ سنڌ جو پهريون گورنر مسٽر لينسيلاٽ گراهام کي مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان الڳ ڪري خودمختياري ڏني وئي. 1937ع ۾ سنڌ ۾ پهرين عام چونڊ ٿي. پهريون وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله مقرر ٿيو ۽ سال اندر ئي هن جي حڪومت ختم ٿي. 1938ع ۾ الله بخش سومرو سنڌ جو واڳ ڌڻي بڻيو. 1939ع ۾ سکر ۾ هندو ــ مسلم فساد ٿيا، مسجد منزل گاه جو سڀ کان وڏو واقعو پيش آيو. ان جي نتيجي ۾ تحريڪ هلي ۽ الله بخش جي حڪومت 1940ع ۾ ختم ڪئي وئي. ان بعد مير بنده علي خان اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو . اپريل 1940ع ۾ شهيد الهه بخش جي صدارت ۾ دهلي ۾ آزاد مسلم ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ ٻه قومي نظريي موجب ورهاڱي جي مخالفت ڪئي ويئي. ۽ 1941ع ۾ وري ٻيهر الله بخش سنڌ جو وزيراعظم ٿيو. الهه بخش سومري 1942ع ۾ سنڌ جي جلاوطن ٿيل اڳواڻ مولانا عبيد الله سنڌي کي سنڌ ۾ آندو ۽ ڪراچي بندرگاهه تي سندس خود وڃي استقبال ڪيو. الله بخش جي وزارت جي عرصي دوران ئي گورنر هيوج دائو جي حڪم تي سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳاري کي 14 آڪٽوبر 1941ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. انهي وقت الهه بخش سومرو سنڌ ۾ نه هو. 20 مارچ 1942ع تي انگريز سرڪار حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ جي ليجسليٽو اسيمبلي مان حر ايڪٽ منظور ڪرايو. 26 مئي 1942ع تي سنڌ جي گورنر جي حڪم تي گڙنگ بنگلو تباهه ڪيو ويو. وري 22 آگسٽ 1942ع تي پير صاحب جي حويلي ۽ ڪوٽ بارود سان مسمار ڪيو ويو. جن قدمن خلاف 26 سيپٽمبر 1942ع تي شهيد الهه بخش سومري وائسراءِ هند کي احتجاجي خط لکيو ۽ انگريزن کان کيس مليل سمورا القاب واپس ڪري ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڊسمس ڪيو ويو. 20 مارچ 1943ع ۾ سورهيه بادشاهه پير پاڳاري کي شهيد ڪيو ويو. انهي وقت شهيد الهه بخش سومري جو انگريز حڪومت سان ڪو تعلق نه هو. 14 مئي 1943ع ۾ الله بخش سومري کي به شهيد ڪيو ويو. جنهن قتل ڪيس ۾ 26 سيپٽمبر 1944ع تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي گرفتار ڪيو ويو. انهي ڪيس ۾ حر جماعت جي محبت فقير کي به ملوث ڪيو ويو هو، جيڪو الزام ثابت نه ٿيڻ سبب عدالت مان انهي ڪيس ۾بري ڪيو ويو، کهڙي کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪجهه سندس ڪجهه هاري حرن کي شهيد الهه بخش جي ڪيس ۾ چالان ڪيو ويو. ڇو ته انهي وقت هر ڪيس ۾ حرن کي ڄاڻائڻ جو رواج هو.اهي هئا اهي واقعا جيڪي هن ڳالهه جي جانچ لاءِ غور طلب آهن. ٻئي طرف سياسي طور الهه بخش پنهنجي سياسي پاليسين موجب هڪ قومپرست اڳواڻ طور سڃاتو ويندو هو. ٻه قومي نظريي خلاف سرگرم هو. ايتري قدر جوهن اپريل 1940ع ۾ ورهاڱي خلاف آزاد مسلم ڪانفرنس به دهلي ۾ ڪوٺائي ان جي صدارت ڪئي. جنهن ڪانفرنس ۾ برصغير جي ٻه قومي نظريي تحت ورهاڱي جي سخت مخالفت ڪئي ويئي. ورهاڱي خلاف قرارداد به پاس ڪئي ويئي . جڏهن 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي . ته شهيد الهه بخش سومري، سائين جي ايم سيد کي چيو ته : ته ”تون ! (جي ايم سيد) هينئر سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشڪلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو. اهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو، ته اسان جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات ئي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي. شهيد الهه بخش هڪ آزاد خيال ۽ قومپرست هو. هو انهي وقت جي سياسي مانڊاڻ ۾ بلڪل الڳ طور بيٺل هو. ورهاڱي جي سخت خلاف هو. هن جا خيال مولانا عبيد الله سنڌي ۽ شهيد سورهيه بادشاهه سان ملندڙ هئا. اهو ئي سبب هو جو پير صاحب سندس اليڪشن يا مسجد منزلگاهه واري سانحي ۾ سندس مددگار هو. ٻي خاص ڳالهه جيڪا غور طلب آهي ته انهي وقت جي ظالم گورنر مسٽر هيوج ڊائو جي حڪم سان پير صاحب خلاف سڀ ڪاراويون به الهه بخش سومري جي ايامڪاري ۾ٿيون . جيئن الهه بخش سومري ۽ پير صاحب جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿين، يا حر جماعت الهه بخش سومري جي خلاف ڪوسخت قدم کڻي. نتيجي ۾ الهه بخش جي شهادت بعد پير علي محمد راشدي وڌ کان وڌ انهي ڏوهه ۾ حر جماعت کي ملوث ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. کهڙي به پنهنجي جان آجي ڪرائڻ لاءِ حرن خلاف موقف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر عدالت محبت فقير کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي کهڙو به آزاد ٿي ويو. انهي سموري واقعي ۾ انگريز سرڪار ملوث نظر اچي ٿي. شهيد الهه بخش جا اصل قاتل لڪايا ويا ۽ حرن کي ملوث ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. وڌيڪ ٻئي پاسي ڏسجي ، ته برصغير جي سياسي مانڊاڻ ۾ پير صاحب سورهيه بادشاهه ڪنهن به سياسي پارٽي يا شخصيت سان ٽڪراءَ واري پاليسي نه رکندو هو، ۽ نه ئي حرن ڪنهن سياسي اڳواڻ جو قتل ڪيو. حالانڪ حر تحريڪ سان اختلاف رکندڙ ۽ انگريزن سان سهڪار ڪندڙ ساڻن گڏ گول ميز ڪانفرنسن ۾ ويهندڙ انهي وقت جون سڀ سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ هئا. حر جدوجهد کي برصغير جي سياسي جدوجهد ۾ بلڪل اڪيلو ڪيو ويو هو. پر حر تحريڪ ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا پارٽي جي خلاف نه ڪو ٽڪراءُ کاڌو ۽ نه ئي ڪنهن جي خلاف ڪو سياسي موقف رکيو. ڇو ته حر تحريڪ جو مقابلو دنيا جي هڪ انهي سامراجي قوت سان هو. جنهن جي بادشاهي تان انهي وقت سج ئي نه ٿي لٿو. انهي لاءِ سائين سورهيه بادشاهه جي اها پاليسي هئي، ته صرف انگريز حڪومت سان ٽڪراءَ کائڻو آهي. باقي انهي وقت جي انگريزن جي سياسي حمايتين سان ٽڪراءُ ناهي کائڻو. انهي ڳالهه جو ثبوت اهو به آهي، ته سورهيه بادشاهه انهي وقت جي انگريزن جي سياسي مددگارن يا مخالفن سان هڪجهڙا تعلقات رکيا ، پير صاحب قيد ٿيڻ کان پهريائين ، قيد جي دوران يا سندس خلاف هلندڙ ڪيس جي دوران قاعد اعظم محمد علي جناح، ايوب کهڙي ، سائين جي ايم سيد ، سرغلام حسين هدايت الله ، سر شاهنواز ڀٽي، مولانا عبيد الله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ هندو اڳواڻن ڊاڪٽر چوئٿرام، سندس ڀاءُ شامداس ، پروفيسر گهنشام ، مسٽر سڌوا ۽ ٻين سان سٺا لاڳاپا قائم رکيا ۽ انهن مان چڱيون اميدون به رکندو آيو هو. ڪو هڪ به اهڙو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ سورهيه بادشاهه ڪنهن سياسي شخصيت خلاف سخت رويو رکيو هجي، يا ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو هجي. شهيد الهه بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم ضرور ٿيو. پر هن جا پير صاحب سان ڪي ٽڪراءُ وارا رويا نه هئا. اهوئي سبب هو، جو مسجد منزلگاهه واري هندو مسلم فسادن دوران پير صاحب حرن کي هندن جي حفاظت ڪرڻ جو حڪم فرمايو. ڇاڪاڻ ته پير صاحب شهيد الهه بخش سومري جي حڪومت جو حامي پڻ هو. ڇاڪاڻ ته سومرو صاحب ۽ شهيد سورهيه بادشاهه ڪيترين ڳالهين ۾ سنڌ جي مفاد تحت هم خيال هئا. مثالطور پاڪستان جي ٻه قومي نطريي خلاف ٻنهي جو موقف ساڳيو هو. شهيد الهه بخش سومرو حرن جي معاملي ۾ڪافي محتاط رهيو هو. شهيد الهه بخش سومري جي دور ۾ حر ايڪٽ پاس ته ٿيو، پر حر ايڪٽ تحت ٿيل ڪارواين مان انگريز مطمئن نه هئا . انهي جو ثبوت اهو آهي، ته حر ايڪٽ هوندي به انگريزن فوجي ڪاروائي ڪري 26 مئي 1942ع تي گڙنگ بنگلو تباهه ڪيو. 17 مئي 1942ع تي ٿيل ريل گاڏي ڪيرائڻ واري واقعي کي ڊرامائي انداز ۾ ۽ الهه بخش سومري تي حملو قرار ڏنو ويو. ۽ انهي واقعي کي جواز بنائي رد عمل واري ماحول جو فائدو وٺندي، پهرين جون 1942ع تي حرن خلاف مارشل لا نافذ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي . جنهن تي به شهيد الهه بخش سومرو خوش نه هو. انهي جو ثبوت سندس اهو وائسراءِ هند کي لکيل خط آهي. جنهن ۾ هن آزادي پسندن خلاف وحشيانه ڪارواين تي افسوس جو اظهار ڪندي مليل القاب واپس ڪيا هئا. جنهن تي کيس وزارت تان ڊس مس ڪيو ويو. شهيد سورهيه بادشاهه خلاف فوجي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس دوران يا شهادت وقت شهيد الهه بخش سومري جو انگريز حڪومت سان ڪو به تعلق نه هو. شهيد سورهيه بادشاهه کي 20 مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. پوءِ آخرڪار شهيد الهه بخش جو ڪهڙو ڏوهه هو . جنهن تي حرن کيس قتل ڪيوهوندو. انهي سمورين حقيقتن جي پوتاميل بعد اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ، ته شهيد الهه بخش جو ڪو اهڙو وڏو ڏوهه به نه هو جو حر کيس قومي غدار سمجهي قتل ڪن. شهيد الهه بخش سومري جي قتل بعد ڪيس ۾ گرفتار به خانبهادرمحمد ايوب کهڙو ٿيو، ته پوءِ حرن کي اڳتي هلي تاريخ جي رڪارڊ ۾ شهيد الهه بخش سومري جو قاتل ڄاڻائڻ لاءِ ريل حادثي جي واقعي کي شهيد الهه بخش سومري کي مارڻ جي سازش جو رنگ ڇو ڏنو ويو. آخر ائين ڇو ٿيو؟ انهي سوال جي جواب لاءِ اصل حقيقتن کي ڳولڻ تمام گهڻو ضروري آهي. انهي سوال جي جواب ۾ انهي ريل ڪيرائڻ واري واقعي بابت حر جدوجهد تي گهري نظر رکندڙ ۽ پوري سنڌ مان حر ويڙهاڪن کان انٽرويو وٺي گڏ ڪرڻ کان سواءِ انهي وقت جي انگريز سرڪار جي ريڪارڊ مان حقيقتون گڏ ڪندڙ فقير مير محمد نظاماڻي، هن واقعي جي اصل حقيقتن تان پردو کڻندي ٻڌائي ٿو، ( ياد رهي ته هن واقعي بابت ڪجهه ڳالهيون ڊاڪٽر حميده کهڙو جي مضمون ، ( جيڪو منصور قادر جوڻيجو طرفان ترتيب ڏنل ڪتاب شهيد سورهيه بادشاهه ۾ موجود آهن) سان ملندڙ آهن . فقير مير محمد نظاماڻي جو چوڻ آهي، ته حر جماعت جو هڪ فقير اسماعيل حجام جيڪو شهيد سورهيه بادشاهه جو نظربندي دوران بورچي هو. انهي کي ۽ ٻين فقيرن کي جيڪي سورهيه بادشاهه جي خدمت ۾ نظربندي دوران ڪراچي ۾ رهندا هئا . تن کي جڏهن انگريز آفيسرن سورهيه بادشاهه جي باقاعدي گرفتاري بعد تڙي ڪڍيو، ته هو ڪراچي کان ڳوٺ اچڻ لاءِ جڏهن صبح جو سوير ڪراچي جي سٽي ريلوي اسٽيشن تي پهتو، ته هن کي ريلوي اسٽيشن تي تمام وڏي تعداد ۾ فوج نظر آئي. هن انهي بابت پڇا ڪئي ته کيس معلوم ٿيو، ته هي فوج سانگهڙ ۽ سکر ڏانهن حرن خلاف آپريشن ڪرڻ وڃي رهي آهي. اها خبر ٻڌندي ئي هو تڪڙو ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ٽرين ۾ چڙهي ٽنڊو آدم پهتو ۽ گهر وڃڻ بجاءِ سڌو حر ويڙهاڪ اڳواڻ پنهون هنڱوري سان فوج جي ريل گاڏي اچڻ جي ڳالهه ڪئي. پنهون هنڱوري اها ڳالهه ٻڌي، جلد ٻين حر ٽولن جي اڳواڻن ميرو فقير نظاماڻي، مَٽُوءَ خاصخيلي، الهه بچايو خاصخيلي سان جلدي ميٽنگ ڪئي. ۽ ريل گاڏي تي حملو ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. انهي ريل تي حملي ڪرڻ جي پروگرام جي خبر ڪنهن ماڻهو ذريعي انهي علائقي جي بااثر وڏيري ڄام جان محمد جوڻيجي کي پئي. جنهن جي انگريز آفيسرن سان دوستي هئي. هو جيپ ۾ چڙهي حيدرآباد پهتو ۽ انگريز آفيسرن کي حملي جو اطلاع ڏنو. جنهن اطلاع ملڻ شرط فوج جي ڀريل ريل گاڏي کي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو. پويان لاهور ميل اچي رهيو هو. انهي ريل گاڏي ۾ شهيد الهه بخش سومرو به سوار هو. جيڪو سکر وڃي رهيو هو. جنهن کي حيدر آباد ريلوي اسٽيشن تي ريل مان لاٿو ويو. لاهور ميل کي اڳتي روانو ڪيو ويو. جنهن ۾ ٻين مسافرن سان گڏ سر غلام حسين هدايت الله جو پٽ منور حسين به چڙهيل هو. جنهن ريل گاڏي کي ئي حرن ڳوٺ ڇوراهو هنڱورا يا موجوده وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن لڳ پٽڙي اکيڙي ڪيرايو هو. سر غلام حسين هدايت الله جي پٽ کي انگريزي سوٽ پاتل هو. جنهن کي حرن ڀُل ۾ فوجي سمجهي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن حرن ڏٺو ته ريل ۾ عام ماڻهو سوار آهن، ته هنن وڌيڪ قتل عام نه ڪيو. نه ئي ڪا ڦر لٽ ڪئي. سندس چوڻ آهي، ته انهي حملي ۾ شامل ويڙهاڪن کي غلطي مان قتل ڪيل منور حسين جو به ڏک هو. ڇو ته حرن جو مقصد صرف فوج کي مارڻ هو. هنن جي حملي جو مقصد شهيد الهه بخش سومري کي يا ٻين سول ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو بلڪل نه هو. پر انگريز آفيسرن انهي حملي کي شهيد الهه بخش سومري تي حملو ڄاڻائي، سنڌ جي سياسي اڳواڻن جون همدرديون حاصل ڪيون. انهي حملي کي جواز بنائي. حرن خلاف سياسي اڳواڻن کي آماده ڪري، سندن حمايت سان حرن خلاف مارشل لا لڳائي ويئي. حرن ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو. جڏهن ته حرن خلاف سخت آپريشن ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ فوج اڳواٽ گهرائي ويئي هئي. چالاڪ انگريزن حر جدوجهد کي ظالمانه انداز ۾ ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. ڇو ته پير صاحب سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪرڻ بعد انگريزن سمجهيو ٿي، ته تحريڪ ختم ٿي ويندي. پر سندن سوچن جي برعڪس حرن وڌيڪ منظم ٿي ڪاروايون جاري رکيون هيون. انهي وقت سورهيه بادشاهه جي گرفتاري بعد ملڪي سياست جو ماحول گرم ٿي چڪو هو. جنهن ماحول مان انگريزن کي سندن برصغير جي ورهاڱي واري سازش جي ناڪامي نظر ٿي آئي. انهي ڪري سياسي ماحول کي حر جدوجهد خلاف ڪرڻ سان سندن من جي مراد پوري ٿي ويئي. انهي بعد انگريز سرڪار مارشل لا جي ڪورٽ ۾ جڙتو ڪيس هلائڻ جو ڊرامو ڪري شهيد سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو. بعد ۾ الهه بخش سومري کي به پير صاحب جي شهادت تي رد عمل پيدا ڪرڻ جي ڊپ کان شڪارپور ۾ شهيد ڪرايو ويو. جن ٻنهي سانحن تي سندن انهي اڳواٽ رٿابندي سان ڪيل پروپئگنڊه سبب سياسي جماعتن طرفان به ڪو خاص ردعمل نه ٿيو. نتيجي ۾ انگريز جڏهن پنهنجي مرضي موجب ورهاڱو ڪري هليا ويا ، پاڪستان 1947ع ۾ قائم ٿيو. پر حرن کي 1952ع تائين دهشتگرد ۽ باغي سمجهي لوڙهن ۾ قيد رکيو ويو. اڃان تائين سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مانڊاڻ ۾ حرن کي پنهنجي وجود جو حصو نه ٿو سمجهيو وڃي. حر جماعت ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ بي اعتمادي جي وڏي خليج موجود آهي. جيڪا ريل جي واقعي کان پوءِ انگريزن طرفان پيدا ڪئي ويئي هئي. اتي هڪڙو سوال ٻيو به پيدا ٿو ٿئي، ته آخرڪار انگريز پير صبغت الله شاهه عرف سورهيه بادشاهه کي غير منصفانه انداز ۾ شهيد ڪرڻ ۽ حر جدوجهد کي بلڪل نيست و نابود ڪرڻ ڇو ٿي چاهيو. يا ٻئي طرف شهيد الهه بخش سومري کي ڊرامائي انداز ۾ قتل ڪرايو. جڏهن ته سندن مرضي موجب برصغير جي ٻه قومي نظريي موجب، هو هندستان ۽ پاڪستان ٺاهڻ بعد وڃڻ وارا هئا. پوءِ هنن ڇو اهڙي ظالمانا روش رکي ۽ تاريخ جي عدالت ۾ ڏوهاري بڻيا ؟ انهي سوال جي جواب کي ڳولڻ لاءِ اسانکي انگريزن جي انهي مجبوري کي ڏسڻ لاءِ ڪجهه انهي دور ۾ انگريزن جي حالتن کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو ، 1914ع جي پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ مارڪيٽن جي قبضي جي ڇڪتاڻ ۾ انگريزن نه ٿي چاهيو، ته برصغير جي ساحلي بندرگاهن تي روس جو قبضو ٿئي. انهي ڪري هنن برصغير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن فيصلي موجب هنن 1920ع ۾ ئي برصغير مان نڪرڻ جي فيصلي سان گڏ برصغير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ هتي سندن مرضي موجب قائم ڪيل حڪومتن تي هٿ رکي روس کي روڪڻ ٿي چاهيو. انهي ڪري هنن برصغير جي ماڻهن جي مذهبي عقيدن کي نظر ۾ رکي ٻه قومي نظريي تي هتان جي سياسي قوتن کي گڏ ڪيو. هڪ طرف هندو ته ٻئي طرف مسلمان رياستن جي سوچ کي پکيڙيو. ساڳئي وقت هنن انهي نظريي جي خلاف اصل فتح ڪيل ملڪن جي ساڳي حالت ۾ آزادي چاهيندڙ جدوجهدن کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته انهي سان سندن منصوبي کي ڇيهو ٿي پهتو. انهي ڪري هنن برصغير ۾ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ سياسي قوتن تي نرم هٿ رکيو ۽ نج آزادي جي جدوجهدن کي سختي سان ختم ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي. پوري برصغير ۾ هو آزادي جي هٿياربند سڀني ويڙهن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پر سنڌ جي حر جدوجهد جهڙي مضبوط ويڙهه انگريزن لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻجي ويئي. انهي ڪري هنن سورهيه بادشاهه جي پاليسي ۾ لچڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن اڻ سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. پر جڏهن هنن ڏٺو ته شهيد سورهيه بادشاهه ٻه قومي نظريي جي خلاف آهي. هو انگريزن جي وڃڻ بعد سنڌ جي آزادي واري موقف تي بضد آهي، جيڪا ڳالهه سندن برصغير جي ٻه قومي نظريي موجب ورهاست ۾ وڏي رڪاوٽ هئي. جنهن سبب هنن پنهنجو پورو زور حر جدوجهد کي ختم لاءِ استعمال ڪيو. انهي لاءِ ضروري هو، ته وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جن اڳواڻن جي هٿ ۾ ڏجي، انهن کي به حر جدوجهد خلاف تيار ڪجي . جيئن سندن نڪري وڃڻ بعد به حر جدوجهد اسري نه سگهي. شهيد الهه بخش سومري کي قتل ڪرائڻ سان، هو انهي ڳالهه ۾ به سئو سيڪڙو ڪامياب ٿي ويا. سمورن حرن کي لوڙهن ۾ واڙي نئون جوڙيل پاڪستان سندن مرضي جي پاسداري ڪندڙ حڪمرانن کي ڏيئي ويا. جنهن ڳالهه جو اهو ثبوت آهي، ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به حر قيد رهيا ۽ اڄ تائين اڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ پنهنجي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ قيدي بڻيل آهن.


    حر ويڙهاڪن جو مزاج ۽ ڪارواين جو طريقو

    حر ويڙهاڪن جو مزاج ۽ ڪارواين جو طريقو
    حر ويڙهاڪ راشديه درگاهه سان والهانه عقيدت رکندا هئا. انهي درگاهه جي سجاده نشينن سان هو عقيدت ۽ محبت جي جذبي سان نثار هئا . جماعت طرفان چونڊيل پير صاحب جي برابر هو ڪنهن به انسان کي نه سمجهندا هئا . پير صاحبن جي خلاف هو هر ماڻهو سان جهاد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. گادي نشين پير صاحب جو حڪم هنن لاءِ حرف آخر هو. اهوئي سبب هو جو جڏهن پيرصاحب حزب الله شاهه کي ننڍي عمر ۾ گادي نشين چونڊڻ بعد جڏهن پير صاحب خلاف سازشون ٿيڻ شروع ٿيون ته جماعت انهن سازشن خلاف منهن ڏيڻ لاءِ منظم ٿي هر سازش جو مقابلو ڪيو. ۽ پوءِ هن جماعت ۾ سرفروش ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو . جن ظلم ۽ ناانصافين خلاف هٿيار کنيا. ائين اهو سلسلو شهيد سورهيه بادشاهه جي حڪم تي ٿيندڙ ٻئين حر جدوجهد تائين پهتو. شهيد سورهيه بادشاهه جماعت جي ويڙهاڪن ۽ عام عقيدتمندن ۾ اخلاقي ۽ سماجي اخلاقي قدرن کي منظم نموني نافذ ڪيو ۽ جن تيار ٿيل حر ويڙهاڪن ميدان جنگ ۾ جتي بهادرين جا بي مثال ڪارناما ادا ڪيا ، اتي پنهنجي اخلاقي قدرن کي به سلامت رکيو. پوري حر جدوجهد ۾ اهو هڪ رڪارڊ قائم ٿيو ته ڪٿي به لڄالٽ جو هڪ به واقعو نه ٿيو۽ نه ئي ڪٿي عورتن جي تذليل ڪئي ويئي. حر ويڙهاڪن وٽ ڪي به جديد هٿيار نه هئا . دٻي جي ڳوٺ ۾ ديسي هٿيارن جا ڪارخانا به بند ڪيا ويا. انهي کان علاوهه حر جماعت جي ماڻهن جي هٿيارن جا سمورا لائسينس به رد ڪيا ويا، صرف انگريزن جي وفادارن وٽ لائسينس وارا هٿيار هوندا هئا ۽ کين بارود به ملندو هو.ايتري قدر جو ڪهاڙين ۽ تلوارن تي به بندش وڌي ويئي ، ڪو ڌنار به هٿ ۾ ڪهاڙي کڻي نه سگهندو هو. نه ئي ڪٿي ڪنهن لوهار کي ڪهاڙي ، خنجر يا تلوار ٺاهڻ جي اجازت مليل هوندي هئي. انهي ڪري هٿيار ملڻ ڏکيا ٿي پيا. انهي بندش واري صورتحال ڪري مجبوري ۾ حرن کي ڪٿي به ڪنهن ماڻهو وٽ ڪنهن هٿيار بابت خبر پوندي هئي، ته هو اهو هٿيار ويڙهه لاءِ ڦري کڻي ويندا هئا. پوليس ٿاڻن يا فوجي ڪيمپن تي به هٿيارن جي حاصلات لاءِ هو ديسي هٿيارن سان حملا ڪري هٿيار ڦريندا هئا. هر ٽولي وٽ هڪ يا ٻه بندوق ۽ باقي ويڙهاڪن وٽ ڪهاڙيون ، تلوارون، خنجر۽ لٺيون ۽ گليل هوندا هئا . لٺ وارا ويڙهاڪ به هوندا هئا. سندن ڪاروايون پلاننگ موجب هونديون هيون. هر ويڙهاڪ ٽولي جي اڳواڻ جي حڪم جو تابع هوندو هو. جيئن ته حر ويڙهاڪ مقابلن وارن علائقن جا واقف هوندا هئا. انهي ڪري دشمن انگريز جي فوج کي منجهائي گهيري ۾ آڻي مٿن زوردار حملو ڪندا هئا. مقابلي ۾ مارجي ويل دشمن جي فوج جي هٿيارن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جان جي به پرواهه نه ڪندا هئا. حاصل ڪيل هٿيار ٽولي جو اڳواڻ مرضي موجب ورهائيندو هو. جنهن تي ڪو به اعتراض نه ڪندو هو. حر ويڙهاڪ ڪوشش ڪري پنهنجي شهيدن جا لاش کڻي گمنام جڳهه تي ٻعير اوچي قبر ٺاهڻ جي دفن ڪري ڇڏيندا هئا. رهجي ويل زخمي گرفتار ٿيڻ بجاءِ پاڻ کي مارڻ پسند ڪندا هئا. جيئن راز ظاهر نه ٿي سگهن . ڇو ته سندن اصول هوندو ته ، سِر وڃي ، پر سَر نه ڏجي. ٽولن ۾ شامل ويڙهاڪ عورتون به مردن جو ڏيک ڏينديون هيون ، هو پنهنجي مڙس کان سواءِ سڀني کي ڀائر سمجهنديون هيون. ويڙهاڪ ٽولن ۾ شامل ماڻهن جي پاڻ ۾ مثالي محبت هوندي هئي. هو پنهنجي مددگارن لاءِ ڇپر ڇانوَ هوندا هئا. باقي چغلن ، دلالن ۽ انگريزن جي مدد گارن جا جاني دشمن هوندا هئا. ڪنهن کي مارڻ کان پهريائين اهو فيصلو ڪيو ويندو هو، ته ڇا هن جو مارڻ ضروري آهي يا نه . مارڻ کان اڳ ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا کين سمجهائڻ جي به ڪوشش ڪندا هئا . نه مڙڻ جي صورت ۾ مارڻ ضروري سمجهندا هئا. حر ويڙهاڪ جدوجهد جي خلاف ماڻهن کي قتل ڪرڻ وقت سندن گهر جي عورتن يا سندن ڪنهن بي ڏوهي عزيز کي قتل نه ڪندا هئا. هو پنهنجي ڪيل فيصلن تي اٽل هوندا هئا. ڏوهه جي سزا ۾ هو بي رحم جلاد پڻ هئا. پوري حر جماعت پير صاحب جي حڪم عدولي کي نافرماني سمجهي ٿي. انهي جا ٻه مثال پيش ڪجن ٿا. پهرين حر جدوجهد جي بچو بادشاهه کي جڏهن پير صاحب پير علي گوهر شاهه ثاني المعروف محافي ڌڻي جڏهن حر حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سر قربان ڪرڻ جو حڪم فرمايو، ته بچو بادشاهه انهي عمل ۾ دير سان گرفتاري پيش ڪئي ، جنهن عمل کي به جماعت ميار طور ڏسندي آهي . وري جڏهن حر جدجهد جي هڪ وڏي ويڙهاڪ رحيم هنڱوري جماعت جي فيصلي موجب پير صاحب جي حڪم تي ڪاروايون بند نه ڪيون ، ته جماعت جي رڪارڊ ۾ هن کي شهيد طور تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. انهي مان ثابت ٿو ٿئي ته حر ويڙهاڪ ، جماعت ۽ پير صاحب جي حڪمن جي تابع هئا. ۽ حرن جو پنهنجو هڪ مضبوط ضابطو طئه ٿيل هو. جنهن مان نڪري ڪا به ڇڙواڳي ڪرڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو.


    حرن جي مقابلن جو طريقو

    حرن جي مقابلن جو طريقو
    حر ويڙهاڪن وٽ هٿيارن جي کوٽ هوندي هئي . انهي ڪري هو اجايو اسلحي جو زيان نه ڪندا هئا. هر مقابلو سوچي سمجهي پلاننگ سان ڪندا هئا. انهي سموري طريقئه ڪار کي سمجهڻ لاءِ هڪ مقابلي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ، جيئن حرن جي ويڙهه جي طريقي جي ڪجهه تصوير سامهون اچي سگهي.
    هڪ حر ويڙهاڪ اڳواڻ ابل مهڪاڻي جي يادگيرين تي ٻڌل هڪ انٽرويو جيڪو مير محمد نظاماڻي جي ڪتاب مڙيا مٿي مچ ۾ موجود آهي. ان موجب : ايڇ ٽي لئمبرڪ کي ڪنهن جاسوس ٻڌايو ته شيخيو راڄڙ جو ٽولو کارائُو تڙ واري علائقي ۾ موجود آهي. جنهن اطلاع تي ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي قيادت ۾ هڪ وڏي فوج وٺي حر گوريلا اڳواڻ شيخيو راڄڙ جي ٽولي سان مقابلي لاءِ تيار ٿي نڪتو. اڇڙي ٿر جي کارائو واري تڙ تي پهتو، گوريلا جاسوسن طرفان به انهي حملي کان اڳواٽ شيخيو راڄڙ کي به اطلاع ملي چڪو هو. ته لئمبرڪ هڪ وڏي فوج وٺي اچي پيو. شيخئي راڄڙ ڀڄڻ جي بجاءِ مقابلي جي پلاننگ ڪئي. ڳوٺن کان ٻاهر نڪري کارائو واري تڙ جي ڀرسان هڪ ڀٽ تي مورچابند ٿيو. هن جي ٽولي ۾ انهي وقت پنجاهه کن ويڙهاڪ موجود هئا. جن مان صرف ويهه ويڙهاڪن وٽ آتشي هٿيار موجود هئا. باقي ٽيهن ويڙهاڪن وٽ ڪهاڙيون ، خنجر ۽ تلوارون هيون. شيخئي راڄڙ پنهنجي ٽولي کي ٻن حصن ۾ ورهايو. ڪهاڙين ۽ تلوارن وارن ٽيهن ويڙهاڪن کي انگريز فوج سان مقابلي شروع ٿيڻ کانپوءِ پويان کان انگريز فوجين کي خاموشي سان قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. باقي ويهن هٿياربندن سان گڏجي مورچا بند ٿي شام جي وقت لئمبرڪ کي مقابلي لاءِ للڪاريائين . مقابلو شروع ٿيڻ کان پوءِ رات ٿيڻ تي اونداهي جو فائدو وٺندي ڪهاڙين وارن ۽ تلوارن وارن انگريز فوجين جو نهايت خاموشي سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. ٻئي طرف شيخئي راڄڙ پنهنجي هٿياربندن سان گڏجي انگريز فوج تي هوائي فائرنگ ڪري فوج جو سمورو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪايو. سندن طرفان هوائي فائرنگ اهڙي نموني احتياط سان ڪئي ويئي ، جيئن پويان حملو ڪندڙ حر گوريلا ويڙهاڪن جو نقصان نه ٿئي. پوري رات مقابلو هلندو رهيو. آهستي آهستي انگريز فوج جي فائرنگ گهٽبي ويئي لئمبرڪ شڪ پوڻ تي خبر وٺڻ لاءِ جڏهن روشني جا گولا فائر ڪرايا، ته سندس فوج جو وڏو تعداد مارجي چڪو هو.لئمبرڪ جو اٺ به مارجي چڪو هو. لئمبرڪ صبح جو شڪست کائڻ بعد پاڻ کي ڪلهن تي کڻائي کپرو پهتو. ڇو ته هو هڪ ٽنگ کان منڊو هو.حيدرآباد ۾ پريس وارن کي مقابلي جا تفصيل ڏيندي ٻڌايائين، ته حرن وٽ ڪو نئون هٿيار آهي شيخئي راڄڙ سان دوبدو بندوقن ۽ گنن سان مقابلو ٿيو. پر اسانجا سپاهي ڪهاڙين سان قتل ٿيا . يعني ٺڪاءُ بندوق جو ۽ زخم ڪهاڙي جو. حيرت ۾ وجهندڙڳالهه ٿي آهي. شيخئي راڄڙ جا انگريز سرڪار جي فوج سان اهڙا اڳ ۾ به ڪجهه مقابلا ٿيا هئا . هر مقابلي ۾ هن فوج کي شڪست ڏني هئي . هن حر تحريڪ جي بهادر ويڙهاڪ هڪ مقابلي ۾هوائي جهاز به ڪيرايو هو. انهي ڪري شيخئو راڄڙ انگريز فوجين لاءِ دهشت جي علامت بڻيل هو. اهڙي ريت شيخئي کان سواءِ ، ٻيا به ڪيترائي حر گوريلا اڳواڻ انگريزن جي فوج سان مقابلن ۾ سوڀارا ٿيا. شهيد بچو بادشاهه ، شهيد ميرو فقير نظاماڻي ، علي شير خاصخيلي ، ابل مهڪاڻي ، اڪ وساڻ ، پنهون هنڱورو، امام بخش سنجراڻي ، مٽوءَ خاصخيلي، الهه بچايو خاصخيلي، ڌڱاڻو ڪيريو، دودو ڪوري، راڻو مري، ڦلوءَ خاصخيلي، راڻو موچي، اميد علي عرف ميندو نظاماڻي وغيره جا نالا انگريزن لاءِ دهشت جي علامت هئا. جن وڏا مقابلا ڪري ڪاميابيون ماڻي انگريز فوجن جون ننڊو حرام ڪري ڇڏيون. حر گوريلا جنگ ۾ حر گوريلن جي ننڍن جٿن جي مقابلي ۾ انگريزن جي باقاعده تربيت يافتا ۽ انهي وقت جي جديد هٿياربند فوج هوائي جهازن جي مدد جي باوجود به هارائيندي رهي . جيڪا ڳالهه صرف وطن جي عشق جي طاقت ۽ سرفروشيءَ جو زنده ثبوت آهي.


    اڇڙي ٿر ۾ حر گوريلا جنگ جا شهيد

    اڇڙي ٿر ۾ حر گوريلا جنگ جا شهيد
    هيستائين محققن طرفان حر جدوجهد بابت ڪا تحقيق نه ڪرڻ سبب حر جدوجهد جون ڪافي ڳالهيون وقت سر ڪوشش نه ٿيڻ سبب ڪافي وڏي عمر جي ماڻهن جي گذاري وڃڻ سبب گم ٿي ويون آهن ، پر تنهن هوندي به رهيل معلومات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ وطن تان قربان ٿيندڙ انهن شهيدن جا صرف نالا ئي محفوظ ڪري سگهجن تڏهن به نه هئڻ جي جاءِ تي ڪجهه هئڻ جي مثال ٿيندو. انهي سلسلي ۾ مون مير محمد نظاماڻي ، سانوڻ راڄڙ، فقير ارباب راڄڙ ، جان محمد راڄڙ ۽ حافظ نورمحمد راڄڙ جي مدد سان صرف اڇڙي ٿر جي ڪجهه شهيدن جي نالن جي لسٽ ٺاهي آهي. هي لسٽ به مڪمل ته ناهي، ڪافي شهيدن جا نالا رهجي ويا هوندا، ڇو ته حر جدوجهد جي ڦاسي ڏنل شهيدن جا لاش ڦاسي بعد عزيزن کي نه ڏنا ويا ، جن کي گمنام جاين تي دفن ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ ڪجهه وڏي ڄمار جي ماڻهن جي وفات سبب به ڪافي نالا رڪارڊ ۾ محفوظ نه ٿي سگهيا . اڃان به جيڪڏهن حر جماعت جا باشعور ماڻهو حر جدوجهد بابت ڳالهين کي گڏ ڪن ته هن جدوجهد بابت ڪافي گم ٿيل معلومات گڏ ٿي سگهي ٿي.
    ڪجهه شهيدن جا نالا هي آهن:
    شهيد شيخيو راڄڙ: انگريزن جي لاءِ دهشت جي علامت ۽ گوريلا جنگ جو بهترين ڪمانڊر جنهن جي اڳيان انگريز فوجن کي مقابلي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. اهوئي سبب هو جو هن سان مقابلي ڪرڻ واري فوج سان لئمبرڪ کي خود اچڻو پوندو هو. ساڻس مقابلي ۾ هوائي جهاز به استعمال ڪيا ويندا هئا، هي بهادر حر اڳواڻ جنهن مقابلي ۾ شهيد ٿيو. انهي ۾ به هوائي جهاز استعمال ڪيا ويا. انهي آخري مقابلي ۾ به زخمي ٿيڻ بعد هن بهادر انسان پنهنجي ساٿين کي چيو ، منهنجو سر وڍي کڻي وڃو . جيئن انگريز مون کي زنده سمجهي ڊڄندا رهن . پر سندس وفادار ساٿين ائين نه ڪيو. ۽ هن بهادر انسان شهادت ماڻي. تڙ جيڻهار لڳ سندس شهادت گاهه واري جڳهه تي يادگار ٺهيل آهي . جتي سنڌ جا عاشق وطن جي هن شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ايندا رهندا آهن.
    شهيد فضل فقير راڄڙ : ( هي ڳوٺ تڙ نجهروئي جو هو. هن ڪيترائي مقابلا ڪيا. سندس شهادت به هڪ مقابلي ۾ ٿي. سندس مزار ٽنڊو مٺاخان ۾ اهي. )
    شهيد فقير دين محمد راڄڙ ( هن انگريزن جي هڪ جاسوس کي قتل ڪيو. هن وٽ سون جون ٻه سرون هيون. جن جي لالچ ۾ سندس ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو کيس گرفتار ڪرايو. هن کي حيدر آباد جيل ۾ ڦاسي ڏني ويئي . سندس لاش عزيزن کي نه ڏنو ويو.)
    هنن کانسواءِ شهيد جيئندو فقير راڄڙ، شهيد ڪامل راڄڙ ، شهيد عبدل راڄڙ ، شهيد الهوسايو راڄڙ ، شهيد لقمان راڄڙ ، شهيد جهنڊو راڄڙ ،شهيد باغ راڄڙ : هي ڇهه ئي شهيد پاڻ ۾ ڀائر هئا ۽ فقير اوڀايي راڄڙ ابداڻي جا پٽ هئا ، جن شهادت ماڻي ) انهي کانسواءِ شهيد فقير علي شير خاصخيلي، شهيد ميرو فقير نظاماڻي، شهيد کاهوڙي فقير خاصخيلي، شهيد سومر فقير ڳاهو ، چنو فقير موچي ، شهيد الهه بخش سهتو، شهيد گلڻ فقيرسهتو ، شهيد عمر فقير ڪارڙو، شهيد جيوڻ لغاري، تاجو ملون سهتو، ڏاتر ڏنو عرف ڏاتوفقير ڪارڙو، فقير محبت بهڻ ( اڇڙوٿر)، شهيد طيب لغاري ، شهيد عثمان هنڱورو، شهيد ٻٻر جانوري ، شهيد اميربخش نظاماڻي، ( هي مکي ٻيلي ۾ شهيد ٿيو، هن سان گڏ هن جي زال مائي موران به شهيد ٿي.) شهيد مريد شاهه ، شهيد ٻٻر ڳاهو، شهيد محمود حجام، شهيد ڀلو خان ڳاهو، شهيد مصري ڳاهو ، شهيد الله ڏنو هنڱورو، شهيد فقير دوسو راڄڙ ( اڳهم) شهيد پنهون هنڱورو، شهيد راڻو فقير مري، شهيد سيد مهرعلي شاهه، ( هن کي زندهه ساڙيو ويو) شهيد الهداد ابوپوٽو، ۽ شهيد مصري فقير ڳاهو، انهي کان علاوه حرن جي شهادت جو هڪ دردناڪ واقعو ٿيو جنهن واقعي ۾ مختلف ڳوٺن مان مرد عورتون ۽ ٻار گرفتار ڪري گيهلپور سانگهڙ ڪئمپ ۾ 80 قيدين کي زهر ڏيئي رانٽي جي ڀر ۾ کٻڙي واري گهيڙ وٽ ڦٿڪندي ڇڏيو ويو، جن اتي ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو. ڪنهن کي به اهي لاش دفن نه ڪرڻ ڏنا ويا. جن جا لاش جانورن پئي کاڌا ، جڏهن هڏا وڃي رهيا تڏهن حر جماعت کان سواءِ ٻين عام ماڻهن کي دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي. جنهن سانحي کي عام ماڻهن ۾ هراس پکيڙڻ ڪيو ويو.


    حر گوريلا جنگ جا غازي.

    حر گوريلا جنگ جا غازي.
    حر جدوجهد ۾ مقابلن دوران شهادتن ماڻيندڙن سان گڏ مختلف مقابلن کان پوءِ قيد جون سعوبتون سهي ٻاهر نڪرندڙ غازين جي لسٽ به تمام ڊگهي هئي. پر وقت جي طوفانن ۾ انهن جا نالا به هاڻي هٿ ڪرڻ ڏکيا ٿي پيا آهن. پر ڪوشش بعد صرف اڇڙي ٿر جي ڪجهه غازين جا نالا ملي سگهيا انهن جي لسٽ پڻ ڏجي ٿي. جيئن اهي نالا وقت جي وهڪري ۾ گم ٿيڻ کان بچي سگهن. جيڪي نالا هي آهن: ٻٻر فقير ڳاهو، فقير انب خان ڳاهو، علي خان ڳاهو، محمد فقير راڄڙ( ڏهرجو) فقير رستم نظاماڻي، فقيرامام دين ڪارڙو، ربنواز ٽانوري ، منعاعي هاليپوٽو، پيروز ٽانوري . فقير چاچڙ ٽانوري ، اميد علي فقير راڄڙ، فقير محمد بچل عرف بچو فقير راڄڙ، فقير قاضي سليم راڄڙ، ( ڏهرجو) صابو فقير راڄڙ، ( ڏهرجو) پانڌي فقير راڄڙ ( ڏهرجو) فقير سمانو راڄڙ ( ڏهرجو) حافظ حاميد فقير راڄڙ ، ( ڏهرجو) عثمان فقير راڄڙ ، فقير مانڌو راڄڙ، ( ڏهرجو) قاسم فقير راڄڙ،(ڏهرجو) فقير شامل راڄڙ ( ڏهرجو) فقير بادل راڄڙ( ڏهرجو) ستارڏنو راڄڙ (ڏهرجو) ،عباس علي شاهه، ( تڙ مٽيارو) فقير محمد بخش راڄڙ .عبد الله فقير راڄڙ ( دلاڻي) عمر فقير جوڻيجو، عثمان هنڱورو، سهراب فقير راڄڙ (اڳهم) اميد علي راڄڙ، مولابخش عرف پيراڻو درس، ساتل راڄڙ، ٻڍو فقير راڄڙ( راڄپار) ، سيد جلال شاهه ، ملوڪ فقير راڄڙ، فقير يوسف راڄڙ ، شاهو فقير راڄڙ ، برهان فقير راڄڙ، يوسف فقير مهر، فقير اسحاق راڄڙ، فقير يار محمد مڱريو، فقير لقمان راڄڙ، فقير راڻو مهر، رائيڌڻ ، وريام فقير راڄڙ، دادو فقير راڄڙ، چنو فقير راڄڙ ، گاگن مڱريو، فقير لقمان راڄڙ، فقير غلام محمد، عبدالرحمان ڪوري ، موسيٰ راڄڙ، صادق فقير راڄڙ، يوسف فقير راڄڙ ، عمر فقير راڄڙ ، عرس فقير راڄڙ، فقير ميوو ڪارڙو، لاکو فقير راڄڙ ، جمعون فقير راڄڙ ، فقير صالح ڀٽي ، فقير گاجي ڀٽي ، فقير ڪامل راڄڙ، فقير عيدو راڄڙ ۽ ٻيا ڪيترائي غازي هئا . جن مان ڪافي وفات ڪري ويا آهن.


    حر جدوجهد جا گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ جا سبب

    حر جدوجهد جا گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ جا سبب
    حر تحريڪ کي تاريخ جي رڪارڊ جي روشني ۾ ڏسبو ته، شروع ۾ هي تحريڪ هڪ ننڍي عمر جي مرشد پير سيد حزب الله شاهه جي گادي نشيني جي بقاءَ لاءِ هڪ تنظيمي صورت ورتي ۽ پنهنجا اصول ۽ ضابطا ٺاهيا. اڳتي هلي، انگريزن طرفان حر جماعت جي علائقن ۾ پنهنجا وفادار ٻاهريان بلوچ ماڻهو آندا ويا ، جن حڪومتي پٺڀرائي سبب هتي جي عام ماڻهن سان زيادتيون ويندي انهي حد تائين ته لڄا لٽ جا به واقعا ڪيا. انهي ردعمل ۾ پهرين حر هلچل عوامي سهڪار سان هڪ عوامي جدوجهد جو روپ ورتو۽ بچو بادشاهه جي سرڪردگي ۾ هڪ آزاد ننڍڙي حڪومت جو بنياد وڌو. اها آزاد حڪومت تقريبن ٻارهن سال عوامي سهڪار ملڻ سبب مضبوط رهي. جڏهن انگريز سرڪار تمام گهڻي زور لڳائڻ جي باوجود به انهي ننڍڙي آزاد حڪومت کي ختم نه ڪري سگهي. تڏهن انگريز سرڪار پنهنجي شڪست کي لڪائڻ لاءِ تمام وڏي پيماني تي عوامي قتل عام شروع ڪيو. جنهن تي انهي وقت جي پير صاحب جي دل ۾ عوام تان انگريزن جي حڪومت جو آزار گهٽائڻ لاءِ بچو بادشاهه کي ٻارهن سالن جي ڪاميابي سان هلندڙ حڪومت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پير صاحب جو خيال هو ته جنهن بچو بادشاهه جي حڪومت کي بهانو بنائي انگريز عوام تي طلم ڪري رهيو آهي ، سو بند ٿيندو ۽ عوام سک جو ساهه کڻندو. پر ائين نه ٿيو. انگريزن بدستور پنهنجو ڏاڍ ۽ جبر قائم رکيو. آخرڪار نتيجي ۾ پهريون ڀيرو سورهيه بادشاهه کي اهو احساس ٿيو، ته سنڌ جي خوشحالي لاءِ انگريزن جي سنڌ مان نيڪالي ضروري آهي. انهي ڪري هن وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي وطن جي آزادي ۽ خوشحالي جي بحالي لاءِ 1937ع ۾ سانگهڙ ڀرسان گڙنگ بنگلي کي مرڪز بنائي غازين جي ڀرتي شروع ڪئي. انهي زماني ۾سنڌ ۾ انگريزن جي خلاف هلندڙ هٿياربند ويڙهون تقريبن ختم ٿي چڪيون هيون ، انگريزن برصغير جي سياست کي مذهبي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو هو، هڪ طرف ڪانگريس آزاد هندستان لاءِ سياسي جدوجهد ڪري رهي هئي، ته ٻئي طرف مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ مسلمان هڪ آزاد ملڪ جي گهر ڪري رهيا هئا. پير صاحب جي نظر ۾ ٻئي ڌريون غلط هيون. ڇو ته تاريخ ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ رهي سوين سالن کان آزادي ۾ ساهه کڻي رهيا هئا. ٻي ڳالهه ته سياسي اڳواڻن طرفان هڪ طرف انگريزن خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ ٻئي طرف وري ساڻن گڏ ويهي گول ميز ڪانفرنسون ڪرڻ ، ۽ ٻه قومي نظريي تحت ورهاڱي تي راضي رهڻ واري عمل کي پير صاحب صحيح نه ٿي سمجهيو. ڇو ته هندو مسلم ٻه قومي نظريي جي بنياد تي ڪيل ورهاڱي کي پير صاحب هڪ دائمي انتشار جي سازش ٿي سمجهيو.. پير صاحب انهي راءِ جو هو ته، انگريز جيڪڏهن وڃڻ ۽ هتان جي ماڻهن کي آزاد ڪرڻ ٿا چاهين ته پوءِ جهڙي نموني هنن برصغير ۾ موجود اڳ ۾ قائم حڪومتن تي قبضو ڪيو هو، انهن کي سندن اصلي جاگرافيائي حدن ۾ آزاد ڪري هليا وڃن. سنڌ جيئن ته هنن ٽالپر حڪمرانن کان ڦري هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ قبضي ڪئي هئي. انهي ڪري کين سنڌ کي انهي ساڳي حالت ۾ ڇڏڻ گهرجي. انهن خيالن سبب پير صاحب جومسلم ليگي ۽ ڪانگريسي اڳواڻن سان ڪو ٺاهه نه ٿي سگهيو. انهي ڪري ڪانگريسي ۽ مسلم ليگي اڳواڻ پير صاحب کي پاڻ کان ڌار سمجهڻ لڳا. انهي جو ثبوت اهو آهي، قاعداعظم به پير صاحب کي مسلم ليگ جو مخالف سمجهي سندس وڪيل ٿيڻ ۾ دلچسپي نه ورتي. ٻئي طرف پير علي محمد راشدي جو اهو خيال هو، ته پير صبغت الله جي شهادت بعد انگريز کيس گادي نشين ٿيڻ ۾ مدد ڪندا ۽ هو پير پاڳارو ٿي ويندو. انهي جو ثبوت اهو آهي ته ، پير علي محمد راشدي، سائين جي ايم سيد کي پير صاحب جي حمايت کان روڪيندو هو. هڪ دفعي هن ائين به چئي ڏنو، ته آئون توهان جي ۽ پير صاحب جي ويجهڙائي کان انگريزن کي آگاهه ڪندس،اها ڌمڪي هن پير صاحب جي هر مددگار کي ڏني هئي. انهن سمورين ڳالهين سبب سورهيه بادشاهه ذاتي طرح اڪيلو ٿي ويو ۽ جنهن سبب حر تحريڪ بلڪل نڌڻڪي ٿي ويئي. نتيجي ۾پير صاحب جي شهادت بعد حرن جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريزن سان گڏ سڀ سياسي قوتون هن تحريڪ جي ختم ٿيڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳيون. انهي جو ثبوت اهو آهي ته ، انگريزن جي وڃڻ بعد ۽ پاڪستان جي ٺهڻ بعد جڏهن حرن هٿيار بند ويڙهه بند ڪري ڇڏي، پر پاڪستان جي مسلم ليگي حڪمرانن حرن کي آزادي جا ويڙهاڪ تسليم ڪري، کين اعزاز ڏيڻ جي بجاءِ ساڳين انگريزن جي قائم ڪيل اذيت خانن يعني لوڙهن ۾ بند رکيو. افسوس اهو آهي ته جن وطن جي آزادي جي تحريڪ جي ويڙهه ۾ پنهنجي قربانين جا بي مثال ثبوت ڏنا . جن جي قربانين جي نتيجي ۾فيل مست انگريزهتان نڪري ويو. انهن شهيدن جي وارثن کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجو نه سمجهيو ويو آهي. حر تحريڪ انگريزن کي نڪرڻ تي ته مجبور ڪيو، پر پنهنجن جي بيوفائي سبب اصل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. تاريخ جي عدالت ۾ حر جدوجهد جا شهيد ته اوچي ڳاٽ رهندا، پر هن جدوجهد سان ويساهه گهاتيون ڪندڙن جا ڪنڌ سدائين جهڪيل رهندا.


    حر جدوجهد جا اڇڙي ٿر تي پوندڙ ماحولياتي اثر

    حر جدوجهد جا اڇڙي ٿر تي پوندڙ ماحولياتي اثر
    حر جدوجهد دوران پورو اڇڙوٿر ميدان جنگ رهيو. حر گوريلن جي ڪارواين ۽ انگريز فوج جي بمباري سبب هتي وڏيون جاگرافيائي تبديليون آيون. جتي خوبصورت ٻيلا هئا، اتي ڍنڍون ٿي ويون، جتي ڍنڍون هيون اتي بارود جي باهه ويراني ڪري ڇڏي، بمباري سبب بارود جي برسات هتي پکين، جانورن ۽ وڻن کي به تباهه ڪري ڇڏيو. وسندڙ خوبصورت ڳوٺن وارو اڇڙو ٿر ويران ۽ سڙيل کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو. انگريزن جي فوج اڇڙي ٿر جي کوهن ۽ آبي ذخيرن ۾ زهر اڇلايو، جنهن سبب زهريلي پاڻي پيئڻ سان ڪافي جهنگلي جيوت به اڻ لڀ ٿي ويئي. انهي ٿيل تباهي جو انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ به هيترو عرصو گذرڻ جي باوجود ڪو ازالو نه ٿي سگهيو آهي. سرسوتي جي پاڻي جي بيوفائي کانپوءِ هي هن علائقي تي ٻيو وڏو سانحو هو جنهن هتان جي سموري حسناڪي کي ماضي جو حصو بنائي ڇڏيو.
    حر جدوجهد جا اڇڙي ٿر تي پوندڙ اقتصادي اثر
    اڇڙو ٿر خوبصورت نخلستانن، خوبصورت ڍنڍن ۽ خوبصورت ٻيلن ۽ ڪس ۾ ناري جي وهڪرن سبب هڪ خوبصورت ڏيک ڏيڻ سان گڏ وسندڙ ڀٽن تي قائم ڳوٺڙن سان گڏ ننڍن ننڍن شهرن ۽ واپاري مرڪزن سبب به خوشحال علائقو هو. هتي هڪ طرف مال جي چراگاهن سبب مالوند ماڻهو مال جا ڌڻ ڌاري گذر سفر ڪندا هئا، ته ٻئي طرف ڍنڍن جي ڪنارن تي مڇي ماري گذارو ڪندڙ ماڻهو موجود هئا ، ٽئين طرف هتان جي ننڍڙن شهرن ۾ هڪ طرف گيهه ، اناج، جا وڏا واپاري مرڪز هئا، ته ٻئي طرف هنن ننڍڙن شهرن ۾ رهندڙ هنر مند ماڻهو وڏي محنت سان خوبصورت شيون ٺاهي آڻي شهرن ۾ وڪڻندا هئا. وري ٽئين طرف هتان جا واپاري قافلا اوڀر طرف راجستان جي شهرن تائين مال آڻيندا ۽ نيندا هئا ، چوٿين طرف ناري جي اولهه طرف سنڌ جي شهرن سان به سندن ڏيتي ليتي ۽ وڻج واپار هلندو رهندو هو. جنهن سبب هتي شين جي مٽا سٽا سبب هر شئي انهن ننڍڙن شهرن ۾ ملي ويندي هئي. انهن سڀني ڳالهين سبب هتي بک بدحالي يا شين جي کوٽ سبب ضرورتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪا پريشاني نه هئي. انهي ڪري هتي محبت ۽ ميٺ جو ماحول هوندو هو. پرحر جدوجهد سبب هن علائقي جي ميدان جنگ ٿيڻ سبب اها سموري خوشحالي ۽ ننڍڙا شهر ويران ٿي ويا ، هن وقت انهن جا صرف کندرات موجود آهن . هتي هن وقت نه شهر آهي نه مال جو چارو نه خوشحالي ، هرسال سهوليتون نه هئڻ سبب يا ڏڪار ٿيڻ سبب ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيو وڃن. هتي زندگي گذارڻ هڪ وڏو چيلينج آهي.


    حر جدوجهد جا اڇڙي تي پوندڙ سماجي اثر

    حر جدوجهد جا اڇڙي تي پوندڙ سماجي اثر
    اڇڙو ٿر جيئن ته سرسوتي تهذيب جو حصو رهيو آهي. سرسوتي جي وهڪرن جي گم ٿي وڃڻ بعد به سرسوتي جو آخري وهڪرو هاڪڙو هتي زندگي جي نشانن کي قائم رکندو آيو. سماجي طرح هتي گڏيل راڄوڻي نظام تحت هتي جا ماڻهو راڄداري جي حساب ۾ هڪٻئي سان ميٺ محبت ۾ رهندا هئا. هتي خوشحال ماڻهن جون اوطاقون آباد هيون، جن اوطاقن جي مالڪن جي سخا جون سوين ڪهاڻيون، ماڻهن جي زبان تي موجود آهن. اڇڙي ٿر جي علمي درسگاهن جي وڏي هاڪ هئي. پري پري کان ڪيترائي علم جا پياسا هتان جي درسگاهن مان علم پرائي شهرت جي بلندين کي پهتا. پر حر جدوجهد سبب انگريزي فوج جي قهري ڪاراوين ۾ هتي جي هرشئي ماضي جو حصو بڻجي ويئي. انهي جنگ دوران هڪڙا ماڻهو هندستان جي راجستان وارن علائقن ڏانهن هليا ويا ، باقي جيڪي بچيا ، تن مان ڪجهه ماڻهوانگريزن جي آپريشن ۽ قتل عام ۾ مارجي ويا ، باقي جيڪي بچيا ، تن کي لوڙهن جي نالي سان اذيت خانن ۾ واڙيو ويو، انهن لوڙهن يا حر ڪيمپن جي شروعات 1895ع کان جانب ڍوري جي ڪيمپ ٺاهڻ سان ڪئي ويئي. اهي حر ڪيمپ جي نالي ۾ اذيت خانه 1952ع تائين قائم رهيا. يعني 57 سال اڇڙي جا ماڻهو انهن ڪيمپن جي نالي ۾ قائم ڪيل اذيت خانن ۾ رهيا . جن ۾ معصوم ٻار ، عورتون ، پوڙها هر عمر جا ماڻهو شامل هئا ، انهن ڪيمپن ۾ مائرن کي سندن ٻچن کان ڌار ڪيو ويو. اولاد جي سامهون سندن مائرن جون بي عزتيون ڪيون ويون. مائرن کان سندن ٻچا ڦري ٿڏا هڻي ماريا ويا. مطلب ته هر قسم جا انسانيت سوز عمل ڪيا ويا ۽ اذيتون ڏنيون ويون. انهن ڪيمپن ۾ پيداٿيل ٻار جڏهن جوان ٿيا ، انهن جي ذهنن ۾ نفسياتي طور اها ڳالهه گهر ڪري ويئي ته ، هر ماڻهو اسان جو ويري ۽ بي رحم دشمن آهي. ڪيمپن ۾ اک کوليندڙ هر ٻار ڏٺو، ته هر اها اک جيڪا کيس ڏسي رهي آهي، سا دشمن جي اک آهي. صرف لوڙهن ۾ موجود قيدي ئي هڪٻئي کي پنهنجوسڄڻ سمجهندا هئا . باقي سڀ ماڻهو ساڻن نفرت ڪن ٿا . اهڙي ماحول ۾ پلجندڙ ماڻهن کي جڏهن 1952ع ۾ ڪيمپن کان ٻاهر ڪڍيو ويو، ته سندن گهرن ۽ ڳوٺن جا نشان نه هئا. جن جاين ۽ ڳوٺن بابت سندن مائٽ قيد دوران ساڻن ڳالهيون ڪندا هئا ، انهن جاين تي هنن واپسي ۾ اوپرا ماڻهو ڏٺا. کين سندن وڏن جي مال ملڪيت ۽ گهرن جو ڪو به نشان نه مليو، وڏي ڳالهه ته انهن ماڻهن کي آباد علائقن ۾ وسائڻ بجاءِ کين اڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ اڇلايو ويو، اڇلائڻ بعد ڪنهن به انهن جي مالڪي نه ڪئي. انهن سمورين ويساهه گهاتين جي باهه مان گذرڻ بعد هو بي اعتمادي جو شڪار ٿي ويا . هاڻي هنن جي پنهنجي هڪ لاوارث دنيا آهي ، جنهن ۾ هو هڪٻئي جي سهاري وقت گذاري رهيا آهن. هنن جو هاڻي ڪنهن تي به اعتماد ناهي ، جماعت کانسواءِ هو هر ماڻهو کي پنهنجو نه ٿا سمجهن. نه ئي کيس ڪجهه ٻڌائڻ يا ساڻس سور ونڊڻ لاءِ تيار آهن. اهوئي سبب آهي جو جڏهن مون تحقيق لاءِ اڇڙي ٿر وڃڻ جي سنبت پئي ڪئي ، ته مون کي هر ماڻهو روڪيو ته تون ايڏانهن نه وڃ ، مون کان اڳ ۾ به ڪجهه محققن هتي تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هو ناڪام موٽي آيا هئا. پر مون جڏهن اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي ڏکويل نبض تي هٿ رکي، حال ڀائي ٿي، کين پنهنجائپ جو احساس ڏياريو، ته سندن دردن جا سمورا بند ٽٽي پيا. جن سمورن دردن جي ڪٿا هي ڪتاب آهي.


    ڀاڱون ٻيون : اڇڙو ٿر

    اڇڙو ٿر ڇا آهي ؟

    اڇڙو ٿر ڇا آهي ؟
    جديد تحقيق جي اصولن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي، مون هن ڪتاب جا ٻه ڀاڱا ترتيب ۾ آندا. جيئن ته پهرئين ڀاڱي ۾ مون سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙي ٿر جي لاڳاپي ۽ انهي علائقي بابت جديد تحقيق جي روشني ۾ مليل احوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن احوال ۾ هن علائقي جي ماضي جو احوال هو. هن ٻئي ڀاڱي ۾ منهنجي ڪوشش رهندي ، ته اڇڙي ٿر جي موجوده سموري صورتحال بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان. جيئن منهنجي هن تحقيق جو مقصد مڪمل ٿي سگهي. هن ڪتاب جي سموري مواد مان ايندڙ محققن کي ڪي نوان رستا ۽ معلومات ملي سگهي.
    اڇڙو ٿر سرسوتي ندي جي گم ٿي وڃڻ سبب سرسوتي تهذيب جي ختم ٿي وڃڻ بعد انهي قديم ۽ عاليشان تهذيب جو رهجي ويل کنڊر آهي. موجوده هندستان جي الهندي سرحد ۽ پاڪستان جي اڀرندي سرحد جي ويجهو هڪ وسيع علائقي ۾ پکڙيل هڪ ريگستاني علائقو آهي. هن ڪتاب ۾ صرف پاڪستان جي سنڌ واري حصي ۾ موجود ريگستاني علائقي بابت ڄاڻ موجود آهي. حالانڪ دنيا جي نقشي تي موجود هن منفرد ريگستان بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تحقيق جي سخت ضرورت آهي. پر اها تحقيق يا مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڪنهن اڪيلي محقق جي وس جي ڳالهه ناهي. انهي سلسلي ۾ بين الاقوامي ادارن کي اڳيان اچڻ گهرجي.


    اڇڙوٿر تي اهو نالو ڪيئن پيو ؟

    اڇڙوٿر تي اهو نالو ڪيئن پيو ؟
    ڌرتي جي گولي تي نظر وجهبي ته دنيا ۾ ڪيترائي صحرا ۽ ريگستان موجود آهن، جن ۾ موجود واري جي رنگ ۽ قسم ۽ ملڪ يا علائقي موجب انهن جا نالا به رکيا ويا آهن. سنڌ جو ريگستاني علائقو خاص ڪري ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور،سکر، گهوٽڪي ۾ پکڙيل آهي. ٿرپارڪر ۾ واري جو ڀٽون ڄميل يا ٿري ٻڌل آهن، انهي واري ۾ جابلو ريتي ۽ مٽي جو چڱيرو مقدار به موجود آهي. انهي ڪري انهي واري جو رنگ هلڪو ڳاڙهسرو آهي. پر جيئن جيئن ٿر ۾ گهمندي ڏکڻ کان اتر طرف وڃبو، ته واري ۾ ريتي ۽ مٽي جو مقدار به گهٽجندو ويندو. سانگهڙ ضلعي جي کپري تعلقي کان ئي واري جي ڀٽن جو رخ بدلجڻ سان گڏ انهن ڀٽن ۾ ريتي ۽ مٽي جو مقدار به ختم ٿي ويندو آهي، ۽ اتان کان ئي نج واري جون ڀٽون شروع ٿينديون آهن. انهن ڀٽن جي واري ۾ جابلو ريتي ۽ مٽي جو مقدار نه هئڻ جي برابر آهي. انهن ڀٽن جي واري به ٿلهي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڀٽن جي رخ کي ڏسبو، ته ٿرپاڪر ۾ موجود ڀٽن جو رخ اولهه ڏکڻ ڪنڊ کان اوڀر اتر ڪنڊ تي آهي ، پر کپري تعلقي ۾ ڏکڻ طرف کان داخل ٿيڻ سان ئي ڀٽن جو رخ سڌو اتر ڏکڻ ٿي ٿو وڃي. اهي ڀٽون واري جون آهن، جن ۾ مٽي جو مقدار نه هئڻ جي برابر آهي، جنهنڪري نج واري سبب اهي ڀٽون رنگ ۾ اڇيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ۽ سندن مٿاڇرو به مٽي جومقدار شامل نه هئڻ سبب ڄميل ناهي. اهي کليل واري جون ڀٽون آهن. انهن ڀٽن جي اوچائي به ٿرپارڪر جي ڀٽن کان وڌيڪ اوچي آهي. انهن تي چڙهڻ به ڏاڍو مشڪل آهي. ڀٽن جي وچ وارا ڏهر به ننڍي ايراضي وارا آهن. ٻي خاص ڳالهه اها به آهي ته کپري تعلقي جي نج واري جي ڀٽن تي وڻ ٻوٽا به ٿوري تعداد ۾ موجود آهن. هتي وڻن ۽ ٻوٽن جي قسمن جي به وڌيڪ گهڻائي ناهي. انهي ڪري اهي ڀٽون وڻڪار گهٽ هئڻ سبب اڇيون نظر اچن ٿيون، انهي سبب ئي هنن اڇي رنگ وارين ڀٽن واري علائقي کي اڇڙو ٿر سڏجي ٿو. اڇڙو ٿر واري جي رنگ ۽ ساوڪ جي گهٽ هئڻ ۽ کليل واري جي ننڍن ڏهرن وارين ڀٽن سبب طبعي لحاظ کان هڪ نرالوعلائقو آهي. هي ريگستاني حصو طبعي لحاظ کان هڪ فطرت جي جادوگري سان ڀريل علائقو آهي، انهي جادوگري سبب هي علائقو ڏسڻ ۾ عجيب وغريب لڳي ٿو. هتي هن ريگستان ۾ ڊرينهون جي نالي سان بلڪل اڇي سنهي کليل ۽ وهندڙ واري وارا صحرائي علائقا به آهن. جيڪي ساوڪ نه ٿيڻ سبب بلڪل سفيد ڏسڻ ۾ اچن ٿا . انهي حساب سان به هن ريگستاني ڀاڱي کي اڇڙو ٿر سڏيو وڃي ٿو. هن علائقي تي اهو نالو سندس طبعي حالتن، کليل واري جي اڇي يا سفيد رنگ سبب ئي پيو آهي.


    اڇڙي ٿر جي طبعي بيهڪ

    اڇڙي ٿر جي طبعي بيهڪ
    سنڌ جواڇڙو ٿر دنيا جي نائين نمبر صحرائي علائقي جي اوڀرئين سرحد تي موجود آهي . هي ريگستان هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي وچئين علائقي جي هڪ وڏي لاڳيتي ايراضي ۾ پکڙيل صحرا جو هڪ حصو آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي سرحد سان لاڳو پٽيءَ ۾سانگهڙ جي کپرو تعلقي، خيرپور، سکر۽ گهوٽڪي ضلعن جي اوڀرئين حصي ۾ موجود آهي. اڇڙي ٿر جي سنڌ ۾ ٽوٽل ايراضي 23000 چورس ڪلوميٽر آهي. هي اڳتي هلندي پنجاب جي چولستان واري علائقي سان وڃي ملي ٿو. پنجاب جي رحيم يار خان ،بهاولپور، بهاول ننگر جي حصي ۾ هن صحرائي ڀاڱي کي چولستان يا روهي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.ان کان علاوه پاڪستان جي صحرائي علائقن ۾ ٻيا به صحرائي علائقا موجود آهن. جن ۾ ٿل جو صحرا به آهي، جيڪو 20000 چورس ڪلوميٽرن ايراضي ۾ آهي. هي صحرائي علائقو پنجاب جي ڀڪر، خوشاب ،ميانوالي ، جهنگ ، ليه ۽ مظفرڳڙه ضلعن جي حدن ۾ آهي. اهڙي ريت وري بلوچستان جي حدن ۾ خاران جو ريگستان آهي. جيڪو به 20000 چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ آهي. انهي حساب سان اڇڙي ٿر جي هن ريگستاني علائقي جي پکيڙ پاڪستان جي ٻين ريگستاني علائقن کان گهڻي آهي. برصغير جي نقشي ۾ ڏسڻ سان معلوم ٿيندو، ته هي علائقوسنڌ ۾ صرف هندستان جي سرحدي پٽي سان لاڳاپيل حصي ۾ اچي وڃي ٿو، پر هن جو گهڻو ڀاڱو هندستان جي حدن ۾ آهي. سنڌ جي هن ريگستاني علائقي جا به وري ٻه حصا آهن. هڪ ٿرپارڪر وارو حصو جيڪو 19638 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي، ۽ ٻيو اڇڙو ٿر جيڪو 23000 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي. انهي حساب سان اڇڙي ٿر جي ايراضي ٿرپارڪر کان ڪجهه وڌيڪ آهي، جيڪا هندستان جي سرحد سان لاڳيتو سنهي پٽي ۾ هلي ٿي يا ائين کڻي چئجي، ته هي علائقو سنڌ جي ناري واري علائقي ۽ هندستان جي سرحد تائين جي وچ واري حصي ۾ اچي وڃي ٿو. هونئن ته عام طور اهو خيال آهي، ته هندستان ۽ پاڪستان کي ڳنڍيندڙکوکرا پار واري ريلوي لائين جي اتر کان اڇڙو ٿر شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته ريلوي لائين جو ڏکڻ وارو پاسو ٿرپارڪر سڏجي ٿو. پر زميني جائزي سان اها ڳالهه ٺهڪي نه ٿي بيهي. ڇو ته ريلوي لائين کان به اتر طرف سومون سمون جي تڙ تائين عمرڪوٽ يا ڏاهلي تعلقو آهي. انهي تڙ کان به اتر طرف تعلقي کپري جي ٿوري ڏاکڻئين حصي ۾ جعفراهو کان پوءِ اصل اڇڙو ٿر شروع ٿئي ٿو. اڇڙي ٿر ۽ ٿر پارڪر جي ورهاست انهي بنياد تي به ٿئي ٿي ته ، ٿرپارڪر ۾ پوکي راهي يعني برساتن تي فصل پوکيا وڃن ٿا ، پر اڇڙي ٿر ۾ پوکي راهي يا برسات تي فصل نه پوکيا ويندا آهن. جيڪا ڳالهه ئي هنن ٻنهي علائقن کي ڌار ڪندڙ آهي. اتان ئي اتر طرف ڏي اڇڙو ٿر شروع ٿئي ٿو.
    اڇڙي ٿر جي بيهڪ حدن جي حساب سان وڃي هيئن بيهي ٿي ته، هن جي اتر طرف پنجاب جو چولستان وارو علائقو، ڏکڻ طرف ٿرپارڪروارو ٿر، اوڀر طرف هندستان جو جيسلميروارو علائقو ۽ اولهه طرف ناري وارو سرسبز ۽ آباد علائقو آهي.
    اڇڙي ٿر جي هونئن ته مقامي ماڻهن طرفان اتي رهندڙ ذاتين جي حساب سان به ورهاست ٿيل آهي. هر ذات جي والاريل علائقي جي بنسبت انهي جو نالو رکيل آهي. جيئن راڄڙ ذات جي والاريل علائقي کي راڄڙڪي، ڳاها ذات جي والاريل علائقي کي ڳاهڪي، ڀنڀرا ذات جي والاريل علائقي کي ڀنڀرڪي، مهر ذات جي والاريل علائقي کي مهرڪي سڏيندا آهن. انهن ذاتين جي والاريل علائقن ۾ انهن ذاتين جي چڱ مڙسي قائم آهي.
    جاگرافيائي حساب سان اڇڙو ٿر جا 6 ڀاڱا آهن. 1،کليل واري جي ڀٽن ۽ ڏهرن وارو ٿر 2 ، ڊرينهن (ڊينهن ) وارو کليل واري جو صحرائي علائقو 3، روهي يا ننڍين ڀٽن وارو علائقو . 4 پٽ يا کارو 5 . مهراڻو يا ڪس . 6 . ٽاڪرو ٿر وارو جابلو علائقو.
    1، کليل واري جي ڀٽن ۽ ڏهرن وارو علائقو : هي علائقو ٿرپارڪر سان لاڳاپيل سلسلي سان ڳنڍيل آهي ۽ پوري اڇڙي ٿر ۾ اتر کان سڌو ڏکڻ طرف رخ تي پکڙيل اڇي واري جي ننڍين وڏين ڀٽن وارو آهي. هنن ڀٽن جي وچ وارا ڏهر ويڪرا ناهن، هنن ننڍن ڏهرن ۾ ڪنڊي، ٻائري، اڪ ، ڄار، ڪونڀٽ، ڪرڙ ، کپ ۽ ڦوڳ جا وڻ ۽ ٻوٽا وڏي تعداد ۾ موجود آهن. ڪٿي ڪٿي نم، گگرال، جا وڻ به موجود آهن. ڀٽن جي مٿان به وڻن جو ڪجهه تعداد موجود آهي. هي ڀٽون سڌي پاسي واريون ۽ چڙهائي ۾ اڙانگيون آهن. هنن ڀٽن جي مٿان انساني آبادي وارا ڳوٺ به موجود آهن. انهن ڀٽن تي يا هيٺ ڏهرن ۾ پاڻي جا قديم کوهه ۽ نلڪا به موجود آهن. پر انهن جو پاڻي ڪو گهڻو سٺو ناهي. اڪثر کارو ۽ ٻاڙو پاڻي آهي، جنهن ۾ سينکيو ۽ ٻيا زهريلا جزا شامل آهن. زيرزمين کاري پاڻي ۾ ڪلورائيڊ جو تعداد باءِ ڪاربوريٽ کان وڌيڪ آهي. انهي ڪري هتان جا ماڻهو پيٽ ۽ هڏن جي بيمارين ۾ ورتل آهن. برساتن وسڻ بعد هتي وڻ ٻوٽا ساوا ٿين ٿا، قدرتي گاهه به ڦٽن ٿا. جن تي هتان جي رهواسين جي چوپائي مال جو گذارو ٿيو پوي. باقي هتي فصل وغيره پوکڻ جورواج نه آهي. ڇاڪاڻ ته اڇڙي ٿر جي واري ۾ مٽي شامل ناهي، جنهن ڪري هڪ طرف هن واري ۾ زرخيزي گهٽ موجود آهي، ته ٻئي طرف واري ۾ پاڻي جلدي جذب ٿيو وڃي ۽ زمين جي وٽ گهڻو وقت نه ٿي رهي. انهي ڪري هتي برسات جي عارضي پاڻي تي فصل اپائي نه ٿا سگهجن. هتي جي ماڻهن جي گذران جو سمورو دارو مدار چوپائي مال تي آهي .
    هن ڀاڱي جي ڪٿي ڪٿي ڏهرن جي وچ وارن ميداني پٽن ۾ وڻ ٻوٽا به گهٽ ٿين ٿا، ڇو ته انهن پٽن جي هيٺان اڇي رنگ جو ڀورو پٿريلو سخت چن جهڙو پٿريلو تهه موجود آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو سِپَ سڏيندا آهن. اهڙن ميداني حصن کي هتان جا مقامي ماڻهو ليرَ به چوندا آھن. هن ڀاڱي جا اهڙا ننڍا علائقا ڏهرن ۽ رُڃ وارن علائقن جي بلڪل وچ ۾ آھن. اهڙي لير واري علائقي ۾ ھيٺ ٽي فوٽ کوٽائي ڪرڻ سان پٿر جھڙو سخت فوٽ يا ٻه فوٽ ويڪرو تهه ملي ٿو. جنھن جا چاپڙ کوٽائي وقت سليٽي رنگ جا ھوندا آھن. پر پوء جيئن جيئن مٿس سج جي روشني پوندي ويندي ، ته سندن رنگ تبديل ٿيندو ويندو . جيڪو آخر ۾ بلڪل سفيد رنگ ۾ تبديل ٿي ويندو آھي. ھن پٿرن جھڙن سخت چاپڙن کي پاڻي سان ڌوئبو، ته انھن جي مٿان مختلف شين جا نشان،ننڍن ٻارن ۽ وڏن ماڻھن، جانورن ۽ پکين جي پيرن جا نشان چٽي ريت ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنھن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اوائلي دور ۾ ھتي ڪا آبادي ضرور موجود ھئي. ليباريٽري ٽيسٽ ذريعي معلوم ٿيو، ته اھو پٿر جپسم سان ملندڙجزن جهڙو آھي. بھرحال ھي پٿر اڇڙي ٿر جي ڀٽن جي وچ وارن ڪجهه ميداني علائقن ۾ موجود آھي. جنهن کي علائقي جا رهواسي پنهنجي گهرن جي ٻنجرن ۽ ڀتين جي تعمير ۾ يا انهي کي ڪٽي سنهون ڪري پاڻي ملائي راڳي لاءِ گاري طوراستعمال ڪن ٿا . زمين ۾ موجود هن پٿريلي تهه جي پٿرن سان خيرپور جي ميرن هندستان جي سرحد جي چنڙو چوڪي جي ڀرسان هڪ قلعو به تعمير ڪرايو هو. جنهن کي هن وقت مقامي ماڻهو کارو ڪوٽ سڏين ٿا. جنهن جا ڪجهه آثار اڃان تائين ڊٺل حالت ۾ موجود آهن.
    2. ڊرينهون يا ڊينهن وارو کليل واري جو صحرائي علائقو: اڇڙي ٿر جو هي ڀاڱو هڪ پٽي جي شڪل ۾هڪ وهندڙ سنهي واري جي ڌٻڻين سان ڀرپورآهي. هي انتهائي حيرت انگيز واري جي اٿل پٿل وارو علائقو آهي. ڪو به اڻ واقف ماڻهو هن علائقي مان سلامتي سان گذري نه ٿو سگهي. هي پٽو سنڌ ۾ کپري تعلقي کان خيرپور تائين ٽٽل حالت ۾ موجود آهي. هن پٽي جي ويڪر سراسري طورپنجٽيهه کان چاليهه ڪلوميٽرن تائين آهي. هن علائقي جي واري هوا سان گڏ اڏامندي آهي، جنهن ڪري هن واري جون ڀٽون به هوائن جي رخ تي پنهنجون جايون بدلائينديون رهنديون آهن. هوا لڳڻ تي هن واري جي گهيرن ۽ لهرن مان عجيب قسم جا آواز به نڪرندا آهن. جنهن سبب ڊرينهن واري علائقي جو ماحول پراسرار ۽ ڀوائتو بڻجي ويندو آهي. ڊرينهن جي واري بنا مٽي جي مليل خالص ۽ سنهي ڀوراڻ مائل رنگ تي آهي. هتي ڪٿي ڪٿي ٿورين جاين تي سنهڙو رائو به مليل نظر ايندو آهي. هنن ڊرينهن جي واري ۾ خاص ڪري هڪڙو ننڍڙو عجيب ساهوارو به ججهي تعداد ۾ هلندي ڦرندي نظر ايندو آهي. خطري وقت هو واري ۾ ٽٻي هڻي لڪي به ويندو آهي. هن ساهواري کي مقامي ماڻهو سونپاٽيو جي نالي سان سڏيندا آهن. هتي لُنڊِيءَ جهڙي خطرناڪ زهريلي بلا به موجود آهي. جيڪا به واري ۾ هلندي لڪندي ۽ رانديون ڪندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ان کان علاوه گهوڙيال بلا ۽ ٻيون بلائون به ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هن واري جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڍنڍون ۽ خوبصورت ننڍا نخلستان به موجود آهن. هن علائقي ۾ ڪٿي به هيٺاهين جاءِ تي جتي مٿان واري تي پوسل هجي، اتي ٻه فوٽ کوٽائي ڪرڻ سان سٺو مٺو پاڻي به ملندو آهي. اهو پاڻي صحت لاءِ مفيد آهي. پر هن واري ۾ ڪو به جيت موجود ناهي. ڇاڪاڻ ته هي واري اس نڪرڻ تي جلد تپي ٽانڊا ٿي ويندي آهي، ۽ وري شام ، صبح ۽ رات جو ٿڌي برف جهڙي ٿي ويندي آهي. هتي واري ۾ رات گذارڻ تمام گهڻي مشڪل آهي. رات گذارڻ لاءِ ڪنهن مٿانهين جاءِ تي وڻن يعني ڄارين وغيره يا ڪنهن سَر، ڪانهن يا بنا ڪنڊن واري ٻوٽي جي ٽارين کي اُڀو کوڙي ، ان کي پٺيءَ يا سيرانديءَ کان ڪري مٿان واري اوڍي رهي ۽ سمهي سگهجي ٿو. حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته اها واري جيڪا مٿان برف جهڙي ٿڌي هوندي آهي، سا گرم اوڇڻ به بڻجيو وڃي. اهڙي ريت ماحول کان واقف ماڻهو هتي رات به آرام سان گذاري سگهي ٿو. ڊرينهن ۾ موجود نخلستان ڏاڍا خوبصورت آهن . انهن نخلستانن جي ڍنڍن جي ڪنارن تي گاهه موجود آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو ڪيهر، ڪيڙي يا ڪيهوري نالن سان سڏين ٿا. انهي گاهه جي هيٺان ٻه فوٽ کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي ٿو. انهن پاڻي لاءِ کوٽيل ننڍن کڏن کي مقامي ماڻهو تَس يا اوڪاري ۽ ويڪرن کڏن کي چَلها سڏين ٿا. هنن ۾ مٺو پاڻي موجود هوندوآهي. جتان ماڻهن ۽ چوپائي مال جي پيئڻ جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون. انهي ڪري هتي انساني آباديون به موجود آهن، جيڪي ماڻهو مهمان نواز ۽ کلي دل وارا ۽ سخي آهن. ڊرينهن ۾ جتي هڪ طرف ڀوائتو ۽ پراسرار ماحول آهي. اتي ڪيترا وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ حسين منطر به موجود آهن. هي علائقا قدرت جي عجائبات سان ڀرپور آهن. هتي سج جي روشني واري تي پوڻ سبب صبح جو هڪڙا رنگ منجهند جو ٻيا رنگ شام جو ٽيان رنگ ۽ روشنيون نظر اچن ٿيون. ڊرينهن جي واري ۾ ڪو به وڻ ٻوٽو اڀري نه ٿو سگهي. انهي ڪري ڊرينهون ساوڪ کان وانجهيل آهن. پر انهن جي وچ وارا نخلستان دل کي فرحت ڏيندڙ وڻڪار وارا ۽ ننڍين خوبصورت نظارن سان ڀرپور مٺي پاڻي سان ڀرپور ڍنڍن وارا آهن. هي علائقا قدرتي جادونگري جيان حيرت ۾وجهندڙ آهن.
    3 . روهِي وارو يا ننڍين ڀٽن واروعلائقو : هي علائقو ڇور کان اتر طرف ناري جي پوڇڙي وٽان شروع ٿئي ٿو، اولهه طرف هلي ناري جي ٻاهران ٿر واري پاسي سنهي وَٽ جهليندي، دُٻِيءَ کان پوءِ اتر اوڀر ڏي وري ٿو. اتان قادن واريءَ جي علائقي تائين هلي ٿو. قادن واريءَ کان سورهن ميلن جي پنڌ تي هندستان ۾ داخل ٿئي ٿو. سکر ضلعي ۾ کاڻل ، ماڙي واري علائقي ڪورياڻي، مٺڙائو کان اٻاوڙي جي پاسي ٻنڌالي تائين آهي. جيڪو پوري اڇڙي ٿر جي مختلف حصن ۾ ٽٽل حالت ۾ موجود آهي. هتي ڀٽون اتر ڏکڻ تي آهن . هي علائقا سنئين پٽ ۽ ننڍڙين واري جي ڊٻن سان ڀرپور آهن. ڪٿي ڪٿي اڀي ۽ آڏ تراڇي ڀٽ به هوندي آهي. هتي ڊٻن يا ننڍڙين ڀٽن جو اهڙو منجهائيندڙ ڄار آهي، جنهن مان مسافر رستو ڳولي نه ٿو سگهي. هن علائقي ۾ مقامي رهواسين جي مدد کانسواءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. هن علائقي۾ ڄارين ، ڦوڳ ، کپ ، گگرال ، ٿوهر۽ ڪنڊي جا وڻ ٻوٽا به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. هتي مٺي پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي. ،هتي زير زمين پاڻي موجود ناهي نه ئي تڙ آهن. دائمي يا برسات تي ساوا ٿيندڙ وڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڦٽندڙ گاهه سبب مال جو چارو موجود آهي. هتي مالوند ماڻهن طرفان برسات جي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ سيمينٽ جا پڪا ٽانڪا تعمير ڪيا ويندا آهن. جن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ڪري ڪجهه وقت لاءِ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي. زير زمين پاڻي ناهي، جي ڪٿي ملي به ٿو، ته اهو ٻاڙو يا زهريلو آهي. انهي ڪري هتي تمام گهٽ انساني آبادي جي رهائش آهي. هتي رهندڙ مالوند ماڻهو پاڻي جي اڻهوند واري وقت ۾مال کي هتي ڇڏي پاڻ لڏي نخلستانن ۽ ڊرينهن جي ڀر ۾ وڃي ويهندا آهن. مال جي پيئڻ لاءِ پاڻي اٺن يا گڏهن تي ساندارن يا واٽر ڪينن ۾ ڀري هن علائقي ۾ اچي مال کي پياريندا آهن. بچيل پاڻي سندن ٺاهيل ٽانڪن ۾ جمع ڪندا آهن. سندن مال اتي ئي پيو چرندو آهي. پاڻي کڻي ايندڙ ماڻهو واپسي ۾ سوئا مال کي ڏُهيء کير کڻي ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه ڏينهن جو ٿيندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڀاڳيا ڏينهن وارو ڏڌل کير ڄمائي ڇڏيندا آهن يا ضرورت موجب چانهه لاءِ ڪاڙهي رکندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر جا ماڻهو رات جو تازو کير نه ملڻ ڪري کير نه پيئندا آهن. البت ڄمايل کير مان ٺاهيل لسي ۽ گيهه مکڻ واپرائيندا آهن. هتي ڪافي اهڙو به سوئا مال هوندو آهي، جيڪو ڀاڳين کان ڏهڻ وقت رهجي ويندو آهي. جيڪو کير وري انهي مال جا ڦر پيئندا آهن. اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته مال ائين گڏ پيو پنهنجي منهن چرندو آهي، انهي ڪري ڀاڳيا مال کي سڃاڻڻ لاءِ ڏنڀ ذريعي پنهنجا مخصوص نشان ڪڍي ڇڏيندا آهن. جيڪو مال جي سڃاڻپ وقت ڪم ايندو آهي.
    هتي هڪ ناياب نسل جو جانور جنهن کي مقامي ماڻهو وِڄُوءَ جي نالي سان سڏيندا آهن، سو ڪجهه تعداد ۾ رهندو آهي. هي جانور سيڙهه کي ماري کائيندو آهي. انهي ڪري هتي سيڙه جو جانور گهٽجي ويو آهي، هن جانور جي پيرن جا نشان ماڻهو جي هٿ جي مُڪ جي هيٺئين حصي جهڙا آهن، هي جانورچئن پيرن تي هلي ٿو. هن جو رنگ ڀورو ۽ ڪتي جيڏو جانور آهي. هتي ڳورپٽ جانور به ڪجهه تعداد ۾ موجود آهي. هتي گئس جا ذخيرا به موجود آهن.
    4. پَٽ يا کارو : هي هندستان جي سرحد لڳ خيرپور جي حدن ۾ ڪجهه ننڍين ايراضين ۾ٿورا ميداني علائقا آهن. جيڪي ظاهري طرح سڌا سنوان ميدان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پر هنن ميداني علائقن ۾ ڌُٻڻيون تمام گهڻيون آهن. جنهن ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. هن علائقي مان اڻ واقف ماڻهوجو بچي نڪرڻ محال آهي. هتي زندگي جو وجود به ٿورو آهي. البت ڪجهه جيت جانور، نانگ بلائون موجود آهن. پر انهي جي آسپاس وري ڀٽون روهي واري علائقي جا حصا به موجود آهن. جتي وسڪاري ۾ ڪئين گاهه به ڦٽن ٿا ۽ مال جو چارو ملي ٿو.
    5. ڪس يا مُهراڻو: هي ناري جي سرسبز علائقي ۽ ٿر جي ريگستان جي وچ وارو علائقو آهي. هي علائقو خوبصورت نظارن، خوبصورت ڍنڍن ساوڪ سان ڀرپور ڀٽن وارو دل کي وڻندڙ علائقو آهي. هتي جانور، پکي به ڪافي تعداد ۾ آهن. هن علائقي ۾ پير پاڳاري ۽ خيرپورجي ميرن جي شڪار لاءِ رکون موجود آهن. رکن وارن علائقن ۾ تتر ، سها ، هرڻ ، ڦاڙها ، به ڪافي تعداد ۾ آهن . هنن رکن ۾ عام شڪار جي بندش سبب انهن ۾ جانورن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندڙ آهي. اهي پير صاحب يا خيرپور جي مير صاحبان جون رکون جهنگلي جيوت لاءِ بهترين پناهه گاهون آهن. هن علائقي ۾ موجود لئي، ڪانهن ، سر، ۽ پن به ڪافي مقدار ۾ پاڻي جي ويجهو ڀٽن، واهن جي ڪنارن ، خالي پئنتالن ۾ وڏن جهنگن جي صورت ۾ موجود آهن. جن مان خانه بدوش قبيلن جي شڪل ۾ ڪاريگر هنر مند خوبصورت موڙا ، ٽيبلون ، پکا ۽ تئونريون ، کارا ، کاريون ، ٽٻڪا ، ٽٻڻيون۽ ٻيون خوبصورت گهريلو استعمال جون شيون به ٺاهين ٿا. اڇڙي ٿر جي هن علائقي ۾ ڇنا ، ڇپر ، چئونرا ٺاهڻ وارا اهڙا ڪاريگر موجود آهن. جن جو هنري ۽ نفاست وارو ڪم ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. بحرحال اڇڙي ٿر وارو هي علائقو هر لحاظ کان خوشحال ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    6 . ٽاڪرو ٿر: هي پهاڙي سلسلو خيرپور ضلعي جي چونڊڪو شهر کان ويجهو ئي شروع ٿئي ٿو، اهوجابلو سلسلو روهڙي کان چونڊڪو ۽ سُوراهه تائين آهي. ڊيگهه هڪ سئو ڪلوميٽر ۽ ويڪر پنجاهه ڪلوميٽر آهي. هن سلسلي جي ٽڪرين مان اڪثر ٽڪريون تهدار آهن. اولهه طرف ڪوٽڏجي تائين ۽ اترطرف روهڙي جي ڪالڪان ٽڪرين تائين هي ٽاڪرو حصوهلي ٿو. هن ۾ ننڍيون ننڍيون تهدار ٽڪريون انهن تان لهندڙ برساتي وهڪرا ۽ نارا ڪئنال ۽ ريتيلا ميداني پٽ هن حصي ۾ شامل آهن. هي علائقو ناراڪئنال سبب آباد ۽ سرسبز ٻنين ۽ عاليشان ڳوٺن جي ڪري خوشحال نظر اچي ٿو. هتي جون جابلو پهاڙيون چن جي پٿر جي ذخيرن سان هتان جي ماڻهن جي گذران جو ذريعو بڻيل آهن. هتان معدنيات جنهن ۾ قيمتي ۽ صنعتن ۾ ڪم ايندڙ پلر ارٿ پائوڊر، چن ، پٿر، ريتي بجري وڏي مقدار ۾ ڪڍي وڃي ٿي. ته ٻئي طرف نارا ڪئنال جي پاڻي وارين آبادين سان گڏ هتي مٺي پاڻي جون ڍنڍون به موجود آهن. جن ۾اڪرو جي ڍنڍ رامسر سائيٽ جي حيثيت طور بين الاقوامي اثاثي ۾ ڳڻي وڃي ٿي. هتي وڻ ٻوٽا به چڱي مقدار ۾ موجود آهن. هي علائقو به ڪس وانگر اڇڙي ٿر ۽ سنڌ جي بئراجي علائقن کي ٽوڙي ڌار ڪري ٿو. اڇڙي ٿر جو هي جابلو حصو کيرٿر جبلن جي سلسلي سان لاڳاپيل آهي، هتي چقمقي پٿر ۽ پٿر جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندڙسيانٽو پٿر به عام ملي ٿو. جنهن مان شروعاتي پٿر جي دور جا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ اوازار ٺاهيندا هئا. انهي جي شاهديون ٽڪرين جي چوٽين جي مٿاڇري ۽ غارن جي آسپاس موجود آهن. آثارن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته قديم زماني ۾ هتي پٿر جي اوزارن جون صنعتون موجود هيون. هتي جا اڪثرجبل تهدار جبل آهن، جيڪي وهڪرن سبب وڌيا . هنن پهاڙين ۾ تاريخ جا ڪئين راز لڪل آهن. ڪجهه قديم غارون به موجود آهن. جن مان شروعاتي انساني تهذيب جا نشان ڳولي سگهجن ٿا. هتي روهڙي جي ٽڪرين ۾ڪجهه تاريخي ماڳ به موجود آهن ، پر انهن کي محفوظ نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب اهي تاريخي قيمتي آثار مٽجي رهيا آهن. جنهن طرف آرڪيالاجي وارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي .


    اڇڙي ٿر جو طبعي جائزو:

    اڇڙي ٿر جو طبعي جائزو:
    اڇڙو ٿر مٿي ذڪر ڪيل ڇهن مخصوص ۽ منفرد ماحول رکندڙ علائقن جو مجموعو آهي. هي علائقا جتي حسين نظارن ۽ عجائبات سان ڀرپور آهن، اتي هنن علائقن ۾ زندگي جي سموري درد جو جيئرو جاڳندو عڪس پڻ نظر اچي ٿو. هتي جي ماڻهن ۾ همت ، سهپ ۽ قرباني جا جذبا ڇوليون هڻندي ڏسڻ ۾ ايندا. پوري اڇڙي ٿر ۾ ڪس يا مهراڻي کانسواءِ وڻ ٻوٽا گهٽ ۽ ننڍي قد وارا آهن. هتي ڄاريون ، ڦوڳ، ڪنڊي جا وڻ ، ٻُوهه ، ٿُوهر۽ کِپ جا ٻوٽا گهڻي تعداد ۾ آهن. باقي وڻ جن ۾ ٻٻر ، ٻير ،ٻائوري ، گگرال ، ۽ نم جا وڻ ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. ڪس يا مهراڻي ۾ وڻن جو تعداد وڌيڪ آهي. هتي سرينهن ، بڙ ، ٽالهي ، ٻٻر جهڙا قيمتي وڻ به اڳ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ هئا ، پر ٽمبر مافيا ۽ وس وارن هتي وڻن جي واڍي ڪرڻ سبب اهڙن وڻن جي تعداد ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي آهي .اهڙي ريت اڇڙي ٿر جي ڊرينهن جي ڀر وارن نخلستانن ۾ به چوٽياريون ڊيم جي سم سبب خوبصورتي ختم ٿي رهي آهي. هتي کجين ۽ ڪنڊين جا وڻ تيزي سان سڪڻ شروع ٿي ويا آهن، جي اها رفتار رهي ته ٿر جي جياپي جا سگهارا ذريعا به ختم ٿي ويندا. هتي ڪٿي وڏيون اوچيون ۽ اُڀ ڪپريون ڀٽون ، ڪٿي منجهائيندڙ ۽ رستو ڀلائيندڙ بي ترتيب ننڍيون ڀٽون ۽ ڊرينهن وارو خوفناڪ ۽ هلندڙ واري جي ڌٻڻين وارو پر اسرار صحرائي علائقو، ڍنڍون، لوڻ جون سنون، سوڍا کار پيدا ڪندڙ کاڻيون ۽ ڪٿي ڪٿي ڏهرن ۾ اڇي مٽي يا جپسم جي ذخيرن سان گڏ اڇڙي ٿر ۾ گئس جا به وڏا ذخيرا لڌا ويا آهن. پوري اڇڙي ٿر ۾ ڏيڍ سئو فوٽن کان ويندي چوڏهن سئو فوٽن تائين زير زمين پاڻي جا ذخيرا موجود آهن. جڏهن ته ڊرينهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ٻن يا ٽن فوٽن تي صاف مٺو پاڻي به ملي ٿو. هتي ننڍا ننڍا ڳوٺ به هڪٻئي کان ڪافي پري موجود آهن. ڳوٺن ۾ اسڪول ، اسپتالون يا روڊ رستا ناهن. هتي بنيادي سهوليتون نه هئڻ برابر آهن. جن کي ڏسي حيرت ٿي ٿئي، ته هي ماڻهو هتي ڪيئن رهن پيا. ماڻهن جو گذر جو ذريعو صرف چوپائي مال تي آهي. رڍون ، ٻڪريون ، ڍڳيون ، گڏهه ، گهوڙا ،اٺ ۽ ڪٿي ڪٿي مينهون به پاليون وڃن ٿيون . هتي جهنگلي گڏهن جا به ڌڻ موجود آهن، جن کي ماڻهو ضرورت موجب ڌاريندا به آهن . هنن جهنگلي گڏهن بابت هتي جا مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا، ته حر تحريڪ خلاف انگريزن طرفان لڳايل مارشلا بعد وڏي پيماني تي هوائي جهازن ذريعي بمباري به ڪرائي ويئي هئي . ڳوٺ ساڙي سڀني ماڻهن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو. پورو اڇڙو ٿر انگريزن ۽ حر گوريلن جي ويڙهه سبب ميدان جنگ ٿي ويو هو. انهي زماني اڇڙو ٿر انساني آبادي کان بلڪل خالي ٿي ويو هو. ماڻهن جي اوچتي لڏ پلاڻ ۽ افرا تفري دوران اهي گڏهه هن علائقي ۾ لا وارث ٿيڻ سبب جهنگلي ٿي ويا . اڇڙي ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڦاڙها ، مختلف قسمن جا هرڻ ، لومڙ ، نور ، ڳوهون ، سانڊا، سوئر،سها، بگهڙ، سيڙهون ، خطرناڪ نانگ بلائون به موجود آهن. پاڻي جي ڍنڍن ۾ واڳون ، سيسار جو ناياب نسل به ڪٿي ڪٿي ٿورڙي تعداد ۾موجود آهي. جيڪو اڳ ۾ هتي تمام گهڻو موجود هوندو هو. اڃ سهندڙ پکي ، ڳيرا ،اڇڙا تتر، ڪانو، سِرڻيون ، ڪاٺڪُٽا ، چنڊُول ، ابابِيل ڪجهه قسمن جون جيت کائيندڙ جهرڪيون ۽ ٻيا پکي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا . جڏهن ته ڪس يا مهراڻي ۾ ڪارڙا تتر به موجود آهن . مظلب ته اڇڙو ٿر هڪ فطرت جي جادو نگري وارو علائقو آهي.


    اڇڙي ٿر جي اقتصادي حالت

    اڇڙي ٿر جي اقتصادي حالت
    اڇڙي ٿر ۾ ماڻهن جو تعداد ٿورو ۽ روزگار جا وسيلا به ڪافي تعداد ۾ آهن . جن ۾ پاڻي جا ذخيرا ، افرادي سگهه ، چوپايو مال ، جهنگلي وڻ ۽ ٻوٽا ، پاڻي جون ڍنڍون ، لوڻ ۽ سوڍا کار جون کاڻيون ، گئس جا ذخيرا ، پهاڙين مان ملندڙ چن ، ريتي، پٿر ۽ مختلف صنعتن ۾ ڪتب ايندڙ قيتي پلر ارٿ پائوڊر وغيره. پر انهن هيترن سارن وسيلن هوندي به هتان جا ماڻهو غربت جي لڪير کان به گهڻو هيٺ سعوبتن سان ڀرپور زندگي گذارين ٿا. اسي سيڪڙو ماڻهن جا پير اگهاڙا آهن . کاڌ خوراڪ جون شيون ۽ علاج لاءِ به کين سوين ميل پنڌ ڪري ناري جي شهرن ۾ اچڻو پوي ٿو. جنهن تي هنن جو تمام گهڻو پئسو ضايع ٿئي ٿو. افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته هن علائقي جي ڳوٺن ۾ دڪان وغيره به رستن جي سهوليت نه هئڻ سبب موجود ناهن. هتي گهريلو هنرن جي همت افزائي ۽ مارڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ به ڪو ادارو موجود ناهي . هتي فصل پوکڻ جو رواج به سواءِ ڪس يا مهراڻي جي ٻئي هنڌ ناهي. اڪثر ماڻهن جو گذران وسڪاري تي ڦٽل گاهه ۽ وڻن ٻوٽن تي پلجندڙ چوپايي مال تي آهي. جنهن لاءِ به مال جي چراگاهن ۾ پاڻي جي قلت ۽ وري پاڻي وارين جاين تي گاهه ۽ چاري جي قلت سبب مالوند ماڻهن جو سمورو وقت پاڻي جي پورائي لاءِ ڊوڙ ڊڪ ۾ گذري ويندو آهي . هتي ملندڙ پيئڻ جي پاڻي جي خرابي ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪمي ، سبب پيٽ ۽ هڏن جون بيماريون به عام آهن ، هتي ويم وقت اسپتالن جي ويجهو نه هئڻ ۽ شهرن تائين پهچڻ لاءِ روڊ رستا يا سواريون نه هئڻ سبب عورتن ۽ ٻارن جي موت جي شرح پڻ وڌيڪ آهي. هتي تعليم نالي ماتر به ناهي. اسڪول يا آهن ڪونه يا وري جي ڪٿي ڪٿي آهن، ته انهن ۾ استاد موجود ناهن. سڀ اسڪول بند پيل آهن. جنهن سبب هن علائقي ۾ جديد طرز تي زندگي گذارڻ جو ڪو به رجحان موجود ناهي. البت ڪٿي ڪٿي مالدار ماڻهن جا عاليشان جديد طرز تي ٺهيل بنگلا به موجود آهن . پر اهي به سندن ذاتي ٺٺ ڏيکارڻ لاءِ ٻاهران ايندڙ دوستن لاءِ يا پير صاحب جي رهائش لاءِ آهن ، هو پاڻ انهن اوطاقن جي ڀر ۾ ٺهيل لانڍين ۾ رهن ٿا. تعليمي اڻهوند سبب هتان جي علائقن ۾ قدرتي وسيلن جي نفعي لائق استعمال بابت يا پنهنجي حقن ۽ فرضن بابت ماڻهن کي ڪا ڄاڻ ناهي. هتي ڍنڍن ۾ مڇي جا جديد فارم لڳائي سگهجن ٿا ، پاڻي جي ذخيرن کي صاف ڪري استعمال لائق بڻائي سگهجي ٿو. ڪڪڙين جا فارم لڳائي سگهجن ٿا . گهريلو هنرن کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي. چوپايي مال جي وڪري ۽ خريد ڪرڻ جا سينٽر، ڳوٺن ۾ اسپتالون، اسڪول به هلائي سگهجن ٿا . رستن جو ڄار وڇائي آمدرفت جون سهولتون به پيدا ڪري سگهجن ٿيون . اڇڙي ٿر ۾ ننڍا شهر يا واپاري مرڪزبه اڏي سگهجن ٿا. پر اهي سڀ ڳالهيون حڪومت جي ڀرپور توجهه سبب ۽ هتان جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ سان ممڪن ٿي سگهن ٿيون . اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري علائقي جي پاڻي تي پلانٽ لڳائي صحتمند پاڻي جا وڏا ذخيرا ٺاهي، پوري علائقي جي پاڻي جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته ڊرينهن وارو مٺو پاڻي قدرت جو هڪ لاجواب تحفو آهي. هي اڻ کٽ پاڻي اڇڙي ٿر کان ٻاهر به صاف پاڻي پهچائڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو. افسوس اهو آهي ،ته هتي حڪومت نالي ڪا شئي به ناهي. هتان جا چونڊيل نمائندا به ڪو خاص تعميري ڪردار ادا ڪري نه سگهيا آهن. هو صرف ووٽ وٺي حڪومتي اقتدار ماڻڻ بعد هتان جي ماڻهن لاءِ پنهنجا درواز بند ڪريو ڇڏين. وڏي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ، ته هتي اليڪشن ۾ بيهندڙ اميدوار اليڪشن مهم به ڪونه هلائين، هتي جا ماڻهو پير صاحب پاڳاري ، مخدوم هالن وارن ۽ ملتان جي پيرن جا عقيدت مند آهن. انهي ڪري مرشدن جي حڪم تي وڏي جوش خروش سان ووٽ ڏيئي ڇڏيندا آهن. انهي ڪري به هتان کٽي آيل عوامي نمائندا هتان جي عوام سان سڌي رابطي نه هئڻ سبب عوامي مسئلن کان بيپرواهه آهن. اهوئي سبب آهي جو حڪومتي ادارا اڇڙي ٿر ۾ ڪو جامع ترقياتي پلان نه جوڙي سگهيا آهن. اڇڙي ٿر ۾ قدرتي وسيلن جي گهڻائي ۽ ماڻهن جي اهنجن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو، ته هتي صرف نيتن جو ڏڪار آهي. جيڪڏهن هتان جي قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال لاءِ ڪا رٿابندي ڪجي ته، اڇڙو ٿر سنڌ جي خوشحال علائقن ۾ ڳڻڻ جهڙو آهي .


    اڇڙي ٿر ۾ پاڻي جا کوهه ۽ انهن سان لاڳاپيل ڳوٺ

    اڇڙي ٿر ۾ پاڻي جا کوهه ۽ انهن سان لاڳاپيل ڳوٺ
    اڇڙو ٿر قديم درياهن جي وهڪرن سان ڀرپور علائقو آهي. هتي هزارين سال هماليا کان ايندڙ پاڻي جي ندين جي لڪ لڪوٽي رهي آهي. انهي ڪري هتي زير زمين پاڻي جا وڏا ذخيرا موجود آهن. جن جا هيٺ مختلف پاڻي جي ذائقن ۽ قسمن وارا تهه آهن. اڇڙي ٿر جي واري ۾ مٽي جو مقدار گهٽ آهي، انهي ڪري هن واري ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ آهي. جنهن سبب پاڻي جي زمين ۾ جذب ٿيڻ دوران زميني ڪيميڪل به گڏجيو وڃن،.جنهن سبب هتان جو زيرزمين پاڻي ڪو پيئڻ لائق ۽ سٺو ناهي. پر پوءِ به هتان جا ماڻهو اهو پاڻي استعمال ۾ آڻين ٿا. انهي ڪري اڇڙي ٿر جي ڳوٺن ۾ کوهن جو تعداد وڌيڪ آهي، هتي هاڻي کوهن جي جاءِ تي هينڊ پمپ به لڳايا وڃن ٿا. هتي کوهن کي تڙ سڏيو ويندو آهي. جنهنڪري اڇڙي ٿر جي ننڍڙن ۽ فاصلي تي موجود ڳوٺن جا نالا به انهن تڙن جي نالن سان آهن. اڇڙي ٿر ۾ موجود ڪجهه مشهور تڙ يا ڳوٺ هي آهن. لڪن واري کوهي ، ٻانهن واري کوهي ، ٻڍي واري کوهي، ٻهل واري کوهي، تڙ آت ، تڙ آڳاڙو، تڙ آنهيار، تڙ ارٿاهو، تڙ اسروهي ، تڙ اسو ڏهر، تڙ اڪا ڙاهو، تڙاوڪر، تڙ بچل وارو، تڙ ٻالوئي، تڙٻٻر، تڙ ٻلهار، تڙ ٻوڇڙ، تڙ ڀاني، تڙ پاڻواري، تڙبرڙاهو، تڙ ڀوڄار، تڙ پوريو، تڙ ڀيڏو، تڙ ڀيڳا راهو، تڙ پتاهو، تڙ پسايو، تڙ پسروئي.تڙ پنهل کاهي، تڙ پني، تڙ پورچنڊ، تڙ پوهاري، تڙ جان محمد، تڙ جسار، تڙ جعفراهو، تڙ جمردين، تڙ جمعي جو، تڙ جنگاهو، تڙ جنگيهر، تڙ جنيتاهو، تڙ جيسرو، تڙ جيڻهار، تڙ چيئو، تڙ جهڪوئي، تڙ چموئي، تڙ چنداهو،تڙ ڇهو، تڙ حاجي معروف، تڙ حنيف آريسر، تڙ دٻڪ، تڙ دنگاهو، تڙ دوداهو، تڙ ڌاراڙي، تڙ ڏيساراهو، تڙ ڏيساهو، تڙ ڏينو، تڙ ڏيئوئي،تڙ راڻڪ ڏهر،تڙ راڻو، تڙ رڪڻاهو، تڙ ريٽ، تڙ ريلڻهور،تڙ سائڙ ،تڙ سرگيلو، تڙ سعيداهو، تڙ سڦيادي، تڙ سلطاڻاهو، تڙ سميجو،تڙ سنهين وارو، تڙ سڻ وارو، تڙ سوراهو،تڙ سوماراهو، تڙ جمعون، تڙ سيڻاهو ،سنهو،تڙ طالب وارو،تڙ طيب گجو، تڙ ڦلاهو، تڙ قاسم وارو،تڙ ڪاڪ ، تڙ ڪانهيارو، تڙ ڪُٽاهو، تڙ ڪڪراهو، تڙ ڪارو، ڪيتلور، تڙ ڪيتهار، کارڪي،تڙ کاروڙي، تڙگانگهار، تڙ گبڙيو، تڙ کجڻهار، تڙ گداهو، تڙ گگهه ، تڙ گلو ٻڍو تڙ گماهو، تڙ گهٽ، تڙ لاکيو، ماڏيهر، تڙ مارل، تڙ ماڻڪاهو، تڙ ماڻڪور، تڙ مڇوئي، تڙ محمد آريسر، تڙ معصوم، تڙ ملڪوئي، تڙ ممداهو، تڙ منار، تڙ موڊاڪر، تڙ مينگهار، تڙ ناداڻو، تڙ نجروئي، تڙ نرهار، تڙ نريوئي، تڙ نورمحمد، تڙ نئون، تڙ ورياهو ،تڙ وڪويون، تڙ ويراهي، تڙ هنڱوراهو ،تڙ هوچنڊو، تڙدينپور، تڙ کوهه سامي جي مڙهي،کوهه گپڻي، متل واري کوهي، مٺي کوهي، مهرواري کوهي، واڻين واري کوهي، چنڙوئي تڙ، تڙ اميدعلي ,تڙريلڻهور۔ تڙھاشم ,تڙ وائي , تڙعيدل, تڙنرهاڙ۔ تڙ ڌنار , تڙ جيسرو , ڳوٺ وائي جوڻيجا , تڙ سيد وارو , تڙ ڊگهارائو, تڙ ٻٻر راڄڙ۔ تڙ ڀوريو راڄڙ , تڙ کٿورائو۔تڙ سعيدائو۔تڙجيڻھار تڙرابلائو۔ تڙفقير علي محمد راڄڙ ڌراڙي۔ تڙ نريوئي ۔ تڙ ٻھاري۔ تڙ گڙنگ ۔تڙ ويسرو۔ تڙ ويرسيار , تڙ الُوءَ جي کوهي , تڙ ساري وارو , تڙ ٽلهائو , تڙ ويڪار , تڙ وائي منڱريا , تڙ گانگهار , تڙ سَلهڙو , تڙ وسڻاهو , تڙ آرباهو , تڙ ورياهو , تڙ لکيارو , تڙ ڪڪرائو , تڙ پتاهو , تڙ ملڪاهو , تڙ ھنڱوراهو , تڙ کارو , ڳوٺ رامسر , تڙ ڪور , تڙ سرگيلو ۔تڙ موٽڻ ھنڱورو , تڙ ڪنڊو هنڱورو , تڙ تڳيو هنڱورو , تڙ اڪن واري راڄڙ , تڙ جرڪي هنڱورا , تڙ ڪڪرائو , تڙ ماڙل , تڙ طالب وارو , تڙ جرڪي راڄڙ , تڙ جنگهير , تڙ رامٽوئي , تڙ رهو , تڙ ڏيڌڙو , تڙ موجن وارو ,تڙ سيد قطب شاھ ڀاڻواري مٽن وارو۔تڙ ۔تڙڏيسائون ۔ تڙ اسروئي ۔ تڙ لهرڪوئي ۔ تڙ نجهروئي ۔ تڙ اوڪر جانون راڄڙ ۔ تڙ اوڪر عمر، تڙ اوڪر باجيد ، تڙ ٽورڙي ۔ تڙ پڙائي۔ تڙ ڇاڙھ ۔ تڙ سينگاري، تڙ حسين کوهيون ۔تڙهاشم راڄڙ ۔ تڙ خليفوجاني بيگ تڙ محمد بچل راڄڙ اڳهم راڄيجو۔ تڙ اٺ واري ۔ تڙ گهوڙو۔ تڙ ڇهو۔ اڳهمون تڙ، وڪوهين تڙ، موکٽ تڙ ، سمابي جي کوهي ، ڊگهڙائو تڙ ، تڙ امام ڳڙهه ، تڙ جيروڙي ، تڙ مٽيارو ، تڙ مٺڙائو، تڙ جهم وغيرهه


    اڇڙي ٿر جون ڍنڍون

    اڇڙي ٿر جون ڍنڍون
    مٺي پاڻي جون ڍنڍون: اڇڙي ٿر ۾ انگريزن جي قبضي کان اڳ ۾ خوبصورت ڍنڍن جو هڪ دل موهيندڙ نظارن سان ڀرپور ڄار هو، پر انگريزن طرفان سنڌو درياه تي بئراج اڏڻ حرتحريڪ خلاف مارشلائي دور ۾ مکي ٻيلي کي تباهه ڪرڻ ۽ ورهاڱي کانپوءِ چوٽياريون ڊيم جي اڏاوت بعد هتي جون مٺيون ۽ خوبصورت ڍنڍون هڪ طرف پنهنجا دلفريب نظارا وڃائي چوٽياريون ڊيم جو حصو ٿي ويون، ته ٻئي طرف سم جي پاڻي جي وڌڻ سبب کاريون ۽ لوڻياسيون ٿي ويون. هن وقت صرف ڪجهه ڍنڍون جيڪي چوٽياريون ڊيم ۽ ناري جي علائقي جي ويجهو آهن، انهن ۾ مٺو پاڻي موجود آهي. جن ۾کاروڙڍنڍ .رَدا ڍنڍ ، جکرائو ڍنڍ , رتڙو ڍنڍ , موکٽ ڍنڍ، لڙ واري ڍنڍ ، وغيره مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿيون. پر انهن ڍنڍن جي پاڻي جو ذائقو به ڏينهون ڏينهن بدلجي رهيو آهي.
    اڇڙي ٿر ۾ لوڻ ، سوڍا کار ۽ ٻين ڪيميڪلز واريون ڍنڍون : اڇڙي ٿر جي ڪجهه ڍنڍن يا سنن مان لوڻ ۽ سوڍاکار جنهن کي مقامي ماڻهو کارو سڏين ٿا ۽ ٻيا ڪيميڪل ملن ٿا. اهڙين ڍنڍن يا سنن مان مشهور ڍنڍون يا سنون هي آهن: هڪ نمبر سن ، ٻاندري ، ڀوڏيا سر، پاڻهياري ، کارڙي ڍنڍ , ڪنڊي تل ڍنڍ ، گابن واري ڍنڍ ,.ريٽ ڍنڍ ,.لوڻ کاڻ ڍنڍ ,.اڻھنيار ڍنڍ کارو.دٻڪ ڍنڍ , پورچنڊ .پکيارو ڍنڍ. ڇڇ ڍنڍ ، گابن واري ، بکيارو ، ڇڇ ، ريت ، اڻهنيار، پور چنڊ سان لاڳو ڍنڍون وغيره . کپري تعلقي ۾ 9 لوڻ جون ڍنڍون آهن، جيڪي موڍاڪر، ٻوسريو، کاروڙ، سنهڙي ، ٻانڊي واري ، جهونو گدام ،برهان واري ، سينهاري۽ پاڻي واري، آهن هڪ ڪيميڪل دم جي نالي سان به لوڻ کاڻين مان ملي ٿو . انهي جا ذخيرا کارهوڙ ڍنڍ جي اتر طرف پنيهل جي آسپاس موجود آهن. هي به هڪ قيمتي ڪيميڪل آهي.
    اڇڙي ٿر جي قدرتي وسيلن ۾ انهن ڍنڍن جو به شمار ٿئي ٿو ، جتان هرسال لکين ٽن لوڻ ۽ ٻيا ڪيميڪل حاصل ٿين ٿا . پر هتي جي مقامي ماڻهن کي انهي مان ڪو خاص فائدو نه ٿو ملي . لوڻ ۽ ڪيميڪل ڪڍندڙ مزدورن جي غربت جو فائدو وٺندي، کين تمام گهٽ مزدوري ڏني وڃي ٿي. هتي ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالت رحم جوڳي آهي. ٺيڪيدارن جي طرفان انهن مزدورن لاءِ ڪيميڪلن جي اثرن کان بچاءَ لاءِ ڪنهن قسم جي سيفٽي لباس يا جتين جو بندوبست به نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب ڪيترائي مزدور چمڙي جي موذي بيمارين جي وڙ چڙهيو وڃن، افسوس انهي ڳالهه جو آهي، ته انهن مزدورن جي علاج لاءِ به سرڪار يا ٺيڪيدارن طرفان ڪوبه انتظام ناهي. جيڪا ڳالهه وڌيڪ افسوسناڪ آهي .
    کاري ۽ لوڻياسي پاڻي جون ڍنڍون : اڇڙي ٿر ۾ کاري يا لوڻياسي پاڻي جو ن به ڪافي ڍنڍون هن وقت موجود آهن. جيڪي فطرتي سونهن سان گڏ آبي جيوت ، پکين ۽ ڪجهه گاهن کي زنده رکڻ جو سبب بڻجن ٿيون. اهڙين ڍنڍن مان ڪجهه ڍنڍون قابل ذڪر آهن. جيڪي هي آهن : باداهو ڍنڍ ، منڇر ڍنڍ ، کروڪي ڍنڍ ، کارهوڙ ڍنڍ ، سنر ڍنڍ ، کاري ڍنڍ ، اڳهمو ڍنڍ.کارهوڙ ڍنڍ ، پنيهل ڍنڍ ، لانرڙو ڍنڍ ، بچل راڄڙ واري ڍنڍ ، پٽيهل ڍنڍ ، مانڱاري ڍنڍ ، ڪڙميچي ڍنڍ ، سارهيجي ڍنڍ ، ڪلانڪر ڍنڍ ، ڳجهڙي ڍنڍ ، ليلانڪر، بڙٿي، سروهي ، پالارو، مٿوڻ، ڪنڙي ، هندو وارو، ڳجهڙي ،پنگڙيو اڪڙو، موڙهل، ڪلر واري ، ڊمن واري، سنهڙي ،ڀٽارو، ڪاهن واري ويرهاڻ ، تڏهڙي ، ٻوٽار، ڪنڊيتل، باداهو ، جکراهو ، چوراٿر، ڪڪو ۽ ٻيون ڍنڍون موجود آهن.
    انهي کان علاوهه ڪس يا مهراڻي جي ڀاڱي ۾کپرو کان ويندي چونڊڪو کان به اڳتي تائين پراڻي هاڪڙي درياءِ جي آثارن جي سلسلي سان گڏ ڍنڍن جو سلسلو آهي ، هنن ڍنڍن مان ڪن ۾ لوڻ ، ڪن ۾ کار ۽ ڪٿي مٺي پاڻي جون ڍنڍون به موجود آهن.
    نوابشاه کان خير پور جي سوراه ڳوٺ تائين ڍنڍن جو ٻيو سلسلو جيڪو نارا ڪئنال جي سم سبب ٺهيو آهي. جن مان ديهه اڪرو جون ڍنڍون پنهنجي ماحولياتي خوبصورتي سبب رامسر سائيٽون آهن. هنن ڍنڍن ۾ واڳون جو نسل به موجود آهي، جن ۾ڪجهه وقت اڳ واڳون جو ناياب قسم سيسار به شامل هو، جيڪو هاڻي موجود ناهي.


    اڇڙي ٿر جا ٻيلا

    اڇڙي ٿر جا ٻيلا
    اڇڙو ٿر تاريخي طور سرسوتي ۽ سنڌو ندي جي گڏيل وهڪرن سبب پاڻي جي ريل ڇيل ۾ رهيو. هتي سنڌ بابت قديم تاريخي ڪتابن ۾ گهاٽن اونداهن ٻيلن ۽ ديو هيڪل جانورن جو به ذڪر پراڻن اپنشدن ۽ ويدن ۾ موجود آهي. سنڌي لوڪ ادب ۾ به لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن ۾ اهڙو ذڪر ملي ٿو. سنڌ ۾ ايندڙ سياحن ۽ واپارين به سنڌ ۾ گهاٽن ٻيلن جو ذڪر ڪيو آهي . سرسوتي ۽ سنڌو تهذيب جي قديم آثارن ۾ ملندڙ هڪ جانور يڪشرنگ جي مهر جيڪو سڪار ۽ مينهن جي ديوتا طور پوڄيو به ويو هو. تنهن بابت به ذڪر ملي ٿو، ته هو گهاٽن جهنگن ۽ ٻيلن ۾ رهندو هو، صرف گرمي جي موسم ۾ ٻيلن کان ٻاهر ميدانن ۾ ايندو هو. انهي موسم ۾ مينهن به وسندا هئا. جنهن کي انهي زماني جا ماڻهو انهي جانور جي اچڻ جي برڪت يا ڀلائي سمجهندا هئا. جنهن ڪري کيس سڪار جو ديوتا سمجهي پوڄيو ويندو هو. سندس مورتيون ۽ تصويرون ٺاهي گهرن ۾ برڪت سمجهي پوڄيون به وينديون هيون. اهڙا سڪا ۽ مورتيون موهن جي دڙي ، سرسوتي تهذيب جي قديم ماڳ لوٿل جي دڙي مان به مليون آهن. جنهن مان اهو ثابت ٿيو، ته سنڌو ۽ سرسوتي ٻنهي تهذيبن ۾ هن جانور کي ديوتا جي حيثيت حاصل هئي. جنهن ڳالهه مان اها شاهدي ملي ٿي، ته هتي شاندار ۽ گهاٽا ٻيلا تمام قديم زماني کان موجود هئا. ويجهڙائي ۾ به هتي جو مکي ٻيلو سنڌ جو مشهور ٻيلو هو. جنهن ۾ ڏينهن جو به اونداهه هوندي هئي. هن ٻيلي ۾ آسپاس پاڻي جون ڍنڍون موجود هئڻ سبب وڏي پيماني تي ماکي ملندي هئي. جنهن جهجهي ماکي ملڻ سبب هن ٻيلي جو نالو مکي ٻيلو يعني ماکي وارو ٻيلو سڏيو ويندو هو. پر ترقي جي نالي ۾ ٺهندڙ بيراجن ۽ چوٽياريون ڊيم جي ٺهڻ سان هن اهم ٻيلي جو وجود ميسارجي ويو. هن وقت ڪس يا ناري ۾ ٻيلا نه هئڻ جي برابر آهن. پر تنهن هوندي به تاريخي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ٻيلا موجود آهن، جن ۾ ميهر ٻيلو، سرن واري ٻيلو، کوڙي ٻيلو، لنياري ٻيلو، ڪيٽي ٻيلو، ڀوپي ٻيلو، نانگنا ٻيلو. وارهيان ٻيلو، مورهڏي ٻيلو شامل آهن. جيڪي پنهنجا آخري ساهه کڻي رهيا آهن.


    اڇڙي ٿر ۾ جانور

    اڇڙي ٿر ۾ جانور
    اڇڙو ٿر هڪ وسيع ايراضي ۽ انساني آبادي جا ڳوٺ پري پري هئڻ سبب پالتو ۽ جهنگلي جانورن جي رهائش جو مرڪز آهي. انهي کان علاوه هتي خيرپور جي مير صاحبان ۽ پير صاحب پاڳاري جون رکون به آهن . جن ۾ ڪيترن ئي جانورن جي نسلي واڌ ٿئي ٿي. انهي حساب سان هي علائقو جانورن سان به ڀرپور آهي. هتي جي جانورن ۾ خاص طور هيٺيان جانور ڳڻي سگهجن ٿا، پالتو جانورن ۾ جهڙوڪ :اٺ ، ٻڪري، ڍڳي، مينهن، رڍ ، گهوڙو،گڏهه ، ۽ جهنگلي جانورن ۾ ٻلا، بگهڙ، هرڻ ، ڦاڙهو، سهو، سيڙهه ، گدڙ، جهنگلي گڏهه ، ڳورپٽ،ڳورنري،لومڙ، مرون ، وڄوءَ وغيره . شامل آهن. اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته حڪومتي لاتوجهي سبب جهنگلي جيوت جي نسلي واڌ ويجهه لاءِ ڪي به ادارا سرگرم ناهن. پر پير صاحب پاڳاري ۽ خيرپور جي مير صاحبان جون رکون جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه جو سبب رهنديون اچن .


    اڇڙي ٿر ۾سُرندر جانور، جِيت ۽ بلائون

    اڇڙي ٿر ۾سُرندر جانور، جِيت ۽ بلائون
    اڇڙي ٿر جي جاگرافيائي، موسمي، حالتن، ماحولياتي اثرن جي نتيجي ۾ هتي اسرندڙ جيوت ۾ سرندڙ جانورن، جيتن، نانگن ۽ بلائن جي به هڪ تمام وڏي دنيا آباد آهي . هتي اڪثر سال جي مختلف موسمن ۾ انهن جي چرپر ۽ اسرڻ جو عمل جاري رهندو آهي. انهن جيتن ، نانگن ۽ بلائن ۾ هيٺيون جيت بلائون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جهڙوڪ : آر. اجگر، اڏوهي، ارڙ نانگ ، اڪ مڪڙ، بلا بُنهن چير، ٻانڊي ، ٻنڊو، ٻنگاري، ٻوگهي، ڀٽون، ڀنڀوري، ڀونر، تڏ ، تِڏو، ٿُڪڻي، ٽانڊاڻو، ٽڪلو نانگ، ٽنڊڻ، ٽنڊڻي، پدم نانگ ،پرڙ، پوپٽ، پيئڻ بلا،ڄارو،ڄاهو، ڄوو، جهِرڙ، چچڙ، چچڙي، چندن ڳوهه، چور، چيلاٽو، ڇِرت، ڏانور،ڏنگ، ڏينڀوءَ، سانپوٽيو، سانڊو، سانڊي، سانو، سرو، سگهڙيو، سنگچور، سئوپيري، سينورو، شينهن مکو، ڦوڳڙيو، ڦيڱڻي ڦير،ڪاڇوڪيڙو، ڪاريهر، ڪُت، ڪرڙي، ڪنڀارونانگ، ڪنڪتڙي، ڪوراڙ، ڪوريئڙو، ماڪوڙي، ڪوئو، کپر نانگ، کڳترير، کنڀڙالو، کنڊي بلا، کينهوڙو، گڊو نانگ، گرڙس بلا، گگوٽنڊڻ، گلوئي، گينگهو،گينگهي، ڳوهه، ڳوهيرو، ڳوئڙ،ڳيلهڙ،گهرگهرو تڙي، لنڊ، لنڊي، ماڪوڙو، بزاري ماڪوڙو،مڪڙ، مڪڙي، ماکي ،مڇر، مک، مکو، مينهن وساوڙو، نور، نوريئڙو، نونوناتي، ريگ ماهي، هڻ کڻ ،وغيره. اهي سرندڙ جيت به موسمي تبديلين سبب پنهنجووجود وڃائي رهيا آهن. حالانڪ اهي جيت به فطرتي نظام جي هڪ سونهن آهن، جن جو وجود قائم رکڻ لاءِ هتي ڪو به ادارو موجود ناهي.


    اڇڙي ٿر جا پکي

    اڇڙي ٿر جا پکي
    اڇڙو ٿر جتي جاگرافي جي مختلف حالتن جو مجموعو آهي، اتي فطرتي حسن جون به ڪئين دلفريب رنگينيون سانڍي رکڻ سبب ڏسندڙن کي هي صحرا پاڻ جهاڳڻ تي مجبور ڪري ٿو. هتي هڪ طرف محدود قسم جا وڻ موجود آهن، ته ٻئي طرف انهن وڻن جي آسيس ۾ ڪئين خوبصورت پکي به پنهنجي ٻولين سان ماحول کي مترنم بنائين ٿا. هتي هڪ طرف ٻاهرين ملڪن جا پکي مختلف موسمن ۾ هتان جي آسمان کي پنهنجي اڏارن سان خوبصورت بنائين ٿا، ته ٻئي طرف هتان جي اداس شامن ۾ خوشي جا رنگ ڀري ماڻهن جي دردن جو درمان بڻجن ٿا. ته ٽئي طرف وري هتي ڪجهه اهڙا پکي به موجود آهن. جيڪي هتان جي حالتن ۽ موسمن سان پنهنجو ناتو قائم رکي، هتي جي حسن کي لانجهو ٿيڻ نه ٿا ڏين . اڇڙي ۾ هيٺيان پکي ڏسڻ لاءِ ملن ٿا . ٽاڪروڳيرو، ٽٽڻ ڳيري ، ابابيل، اڇڙوتتر، باز، بربلو، ٻاٻيهو، ٻاٽيڀڙ، ٻوڙي، ڀونتري، ڪويل، ٽڪلو، تلور،ٽٽيهر، پاريل ، پُٽيو، جهرڪي، چانهن پکي، چٻرو، چچوني، چنڊول، ڇاپاڪو، ڍُوڏ ، سرڻ، سوندو، شيخ ممولي، ڦدو، ڦوسڙي، ڪاٺڪٽو، وهيو، ڪارپيٽي، ڪارڪڻڇي، ڪانگ، ڪبوتر، ڪٻر، ڪونج ،گرڙ، گگهه پکي ،گوئڙ، ڳجهه، لالي، ليلهو، متاهه ، ملهاري، مور، هدهد ۽ هُڙيو وغيره.


    اڇڙي ٿر ۾ وڻ ٻوٽا

    اڇڙي ٿر ۾ وڻ ٻوٽا
    اڇڙي ٿر جي طبعي ڀاڱن جي پٽن ، ڀٽن ۽ نخلستانن ۾ڪيترائي وڻ، ٻوٽا ۽ گاهه موجود آهن . جن مان ڪي وڻ ٻوٽا دائمي طور هتان جي ماڻهن ۽ مال جي خوراڪ ۾ ڪم اچن ٿا ته ڪي وري موسمي ٻوٽا ۽ گاه آهن. جيڪي خاص ڪري برساتن ۾ زمين مان ڦٽي نڪرن ٿا ۽ اڇڙي ٿر ۾ ساوڪ ۽ سرهائي پکيڙڻ جو سبب بڻجن ٿا. اڇڙي ٿر جي اهڙن وڻن ، ٻوٽن ۽ گاهن ۾ هيٺيان وڻ ٻوٽا ۽ گاهه قابل ذڪر آهن : آسري لوو ، لئي ، ڪرڙ، نم ، کجي ، ڪنڊي ، ڄار، کٻڙ، ٿوهر ، گگرال ، ڦوڳ ، ٻير، ڄانڱري ٻير، ديوي ، ٻٻر ، ٻائوري ، بڙ ، پپر ،سرينهن ، ٽالهي ، ابت ڪنڊڙي ، اڙڪ ، اڪ ، اڪڙي ، بکڙو، بوڀريو، بورانج، بي پاڙي، ٻاجهري ، ٻائر ، ٻرو ، ٻوڙو ، ٻوهه ، ٻير، ڀتر، ڀُرٽ ، ڀڳڙا ول ، ڀنگري، تر، ٿوهر،ٽانڪار، ٽوهه ، ٽنگڙي، پاٻوڙو، پٽ تر، پپر، پپون ، پيرونئڙو، جوڳيئڙو، جوئر، ڄار، ڄانڱري ٻير، جهٽ جهيرڻو، چڀڙ، چڳ، چمڪ لاڻي، چيهو، ڇانهون، ڇپري، ديٻڻ ، ديوي، ڌڪڙي، ڊامڻ، روهيڙو، ريڀڙي، ساوڙي، سر، سگرو، سَيَنَ ،سڻهه، سيوڻ، ڦٽڪڻي ٻوٽي، ڦوڳ ، ڪاڙينگ، ڪالر، ڪانوڙو، ڪانهن، ڪُسر، ڪلورو، ڪورڙ،ڪونڀٽ، ڪوئاڍال، ڪهر،کٻڙ، کِپ، کجي، کيرول، کيهه، گدرو،گوار، گولاڙو،گگرال، ڳم ، ڳنڍير،ڳولاهو، گهوڙا ول، لاڻو، لاڻي، للر،لنب ،لوڻڪ،لئي ، ليار، مانڌاڻو،منيرو،مريئڙو، مکڻي، منڍيري، مڱ ،موٺ،مونهه ،مونيو،ميهو، نانگ ڦڻي،ٽانگور،نم، واهو، ونگي، وڻ ويڙهي، ويسوني، وڪر،هزار داڻي ، ڪتڻ ، ڇلانڊا ، پکڙو ، سٽي ، ڪوتڪ ، ڊاماهو ، هنڊڙي ، هلڙو ، سرهل ، ستاوڙي ،گائوزبان ، ٽنگڙ ، لاٺيو . ڳاڱي. گنڍيل،بکريا، ڪوتڪ ،گھوڙاول. آڏيري، منڍيري، ھنڌڙي، لنب ، مرٽ ، ڀرٽ ، ۽ ڦير ٿين ٿا. دنيا جي صحرائي علائقن ۾ زراعت جي جديد طريقن ، موسمياتي ڦيرگهير، هوائن ۽ طوفانن سبب صحرائي ٻوٽن ۽ گاهن جا نسل ختم ٿي رهيا آهن . جنهن سبب اڳتي هلي صحرائي علائقا ضروريات زندگي جي وسيلن جي اڻهوند سبب ويران ٿي ويندا . انهي ڪري ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته ، صحرائي ٻوٽن ۽ گاهن جي ٻجن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي . پاڪستان جي صحرائي علائقن ۾ اڇڙو ٿر ئي هڪ اڪيلو وارياسو علائقو آهي . جتي ٻوٽن ۽ گاهن جا وڌيڪ قسم اڃان تائين سلامت آهن. انهي ڪري هن ٿر جي ٻوٽن ۽ گاهن کي بچائڻ لاءِ واسطيدار ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي.


    اڇڙي ٿر جا نخلستان

    اڇڙي ٿر جا نخلستان
    اڇڙو ٿر فطرت جي عجيب رنگن وارو علائقو آهي. هتي جتي هن جي مختلف طبعي ڀاڱن ۾ مختلف زميني حالتون، جيوت ۽ فطرتي مانڊاڻ آهن. اتي وري زميني حالتن جا به عجيب قسم ۽ ڏيک آهن. انهن مانڊاڻن مان هڪ مانڊاڻ خوبصورت نخلستانن جو به آهي. اڇڙي ٿر جي پراسرار ڊرينهن وارن صحرائي حصن ۾ جتي هڪ طرف پراسرار ڀوائتو عجيب رڙيون ڪندڙ ۽ هوائن جي آڌار تي هلندڙ واري جو سمنڊ ۽ ڌٻڻيون آهن. اتي اوچتو وري انهن ڊرينهن جي صحرا ۾ خوبصورت ۽ فطرت جا حسين نظارا آڇيندڙ نخلستان به نظر ايندا. جتي پاڻي جون ننڍيون ڍنڍون ۽ انهن جي ڪنارن تي کجين ، ڪنڊين ، ٻين وڻن جا وڻندڙ جهڳٽا ۽ ڏير، ڪانهن، پن ۽ سرن جي گهاٽن ٿُٻن سان گڏ گلن وارا ٻوٽا ۽ گاهه به موجود هوندا آهن . هنن نخلستانن جي ڍنڍن جي ڪنارن سان ڪيهوري يا ڪيهر گاه به سائي غاليچي جيان وڇايل نظر ايندو. هن گاهه جي هيٺان ٻن فوٽن جي اونهائي تي صحتمند مٺو ۽ ٿڌو پاڻي به موجود هوندو آهي. جتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ ڏيڍ چورس فوٽ گول پاڻي جا تس ۽ جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ پنجن چورس فوٽن جا کوٽيل چلها صاف پاڻي سان ڀريل نظر ايندا . هتي ڌنار ۽ راه ويندڙ مسافرن لاءِ ساهي کڻڻ لاءِ آرامده مانڊاڻ موجود آهي. جتان نڪرڻ تي دل ئي نه چوندي آهي. اهڙن خوبصورت نخلستانن ۾ هيٺيان نخلستان مشهور ۽ قابل ذڪر آهن : بکيارو ، نڙوئي، نئون کوڙو، لئي وارو، ڊاٻوڙو، سونهايون، ترهون، ناگڻو ، مٺي ، راوڙا، سنهڙو، اهنيار، ڪٽاهو، گابن وارو، سنهيوئي ، سن ، ڳنهيڊي، ٻوهن وارو، چنڙوئي، ڌڱاڻي، ڪنڊڙي وارو، چڳن وارو، دٻڪ، هماءَ، پڌريو، لاکيو، ڇهو، جوڳو، لکتير، ميران ڇر، وغيره
    پر گذريل ڏهن سالن کان اهي نخلستان سڪي رهيا آهن. جن ۾ کجين ۽ ڪنڊين جا وڻ تيزي سان سڪي رهيا آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب چوٽياريون ڊيم جي تعمير بعد سم جي پاڻي اچڻ سبب اها حالت ٿي رهي آهي. بحرحال هنن نخلستانن جي تباهي اڇڙي ٿر جي دائمي گذران جي هن وسيلي جو هاڃيڪار نقصان ثابت ٿيو آهي.


    اڇڙي ٿر جا ڏٿ ۽ انهن جو استعمال

    اڇڙي ٿر جا ڏٿ ۽ انهن جو استعمال
    ڏٿ اهڙين خوراڪي شين کي چيو ويندوآهي. جيڪي مختلف موسمن ۾ مختلف قدرتي جهنگلي وڻن يا ٻوٽن ۽ گاهن مان حاصل ٿينديون آهن. جن کي مختلف نمونن سان رڌي خوراڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، يا ڏکي وقت لاءِ سڪائي رکي به سگهبو آهي. اهي شيون انساني جياپي لاءِ ڏڪارن يا خوراڪي کوٽ وارن وقتن ۾ نهايت ڪمائتيون هونديون آهن. اڇڙو ٿر جيئن ته غير زرعي علائقو آهي. روڊ رستا ۽ ويجها شهر نه هئڻ سبب هتي ضرورت زندگي جي شين کي شهرن مان آڻڻ لاءِ وڏا ڏاکڙا ڏسڻا پون ٿا. انهي ڪري هتي موسمي ڏٿن کي ٻوڙ ڀاڄي طور غذا ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. اڇڙي ٿر ۾ هيٺيان موسمي ڏٿ ملن ٿا: پٽ کنڀي ، ڀٽ کنڀي ، پپون ، مريئڙو ، للهر، لوڻڪ ، واهو ، ڦوڳي ، پسي ، ڏيلها ، پڪا ، سڱريون ، پيرون ، چڀڙ ، ڇانهيون ، ريڀڙيون، گوار ، ٽوهه ، پاٻوڙا ، بيهه ، لوڙهه ، ڪم ۽ ڪوڻيون وغيره . انهن ملندڙ ڏٿن جومختصر تعارف ڏيڻ ضروري ٿيندو، جيئن انهن ڏٿن ۽ انهن جي استعمال بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.

    کنڀيون : هي برسات جي وسڪاري تي ٿيندڙ هڪ تمام ٿورو وقت رهندڙ ڏٿ آهي. هي پيدا ٿيڻ کان وڌ ۾ وڌ چئن ڏينهن تائين ڀاڄي طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون. ڇهين ڏينهن ڇڻي ختم ٿي وينديون آهن. جيڪا کنڀي ڀٽن جي چوٽين يا ٿورو هيٺ ٿيندي آهي، ان کي ڀٽ کنڀي چوندا آهن. هي کائڻ ۾ نهايت لذيذ ٿيندي آهي. ٻي کنڀي جيڪا هيٺ ڏهرن ۾ ٿيندي آهي، ان کي پٽ کنڀي سڏيندا آهن. هي ڀٽ کنڀي کان لذت ۾ گهٽ هوندي آهي. کنڀين کي ڪڍي، هلڪو ڇلهي مٽي ۽ واري کان صاف ڪري ڪتر ڪري گوشت جيان داغ ڏيئي ڀاڄي تيار ڪبي آهي. کنڀين جو ٻوڙ ٿر جي سوکڙي آهي. کنڀيون ڀاڄي کان علاوه ٽانڊن تي سيڪي به کائبيون آهن. جيڪي ڌنارن جي خاص پسنديده شئي ٿي وينديون آهن. کنڀين جي پچي وڃڻ بعد منجهانئن ناسي رنگ تي هڪ پائوڊر نڪرندو آهي. جيڪو پڻ ماڻهو سانڍي رکندا آهن. هن پائوڊر جي چپٽي مکڻ ۾ ملائي کارائڻ سان ڀڳل هڏ کي ٻيهر جوڙڻ ۾ سلاجيت يا موميائي جيان فائديند آهي. هي ماڻهو کان علاوه مال جي ڀڳل هڏ کي جوڙڻ لاءِ پڻ ڪتب اچي ٿو.

    پپون : هي پڻ برساتن ۾ ننڍن ٻوٽن جي اندر يا ڪنڊي يا ٻين وڻن جي پاڙن ويجهو ڦٽنديون آهن. سندن شڪل ڊگهي ڦري جهڙي هوندي آهي. رنگ سائو ٿئي. هي صبح جو سوير ڳولي هٿ ڪبيون آهن، جيڪي ذائقي کٽيون هونديون آهن. عام طور هنن جي ڀاڄي نهايت لذيذ ٿئي ٿي. ڀاڄي تيار ڪرڻ لاءِ هنن کي ڌوئي صاف ڪري ڪترڪري کاٽيو تيار ڪبو آهي. جيڪو لذت ۾ سٺو هوندو آهي. ڌنار هنن کي ڪچو به کائي کٽاڻ جو مزو وٺندا آهن. منجهند يا شام جو پٽيل پپون گهڻيون لذيذ نه هونديون آهن.

    مريئڙو : هي ٻوٽو به برساتن تي گاهن سان گڏ ڦٽندو آهي. هن جي ڪچن پنن کي اوٻاري ٿوم جو داغ ڏيئي. مرچ مسالا ملائي تمام لذيذ ڀاڄي تيار ڪبي آهي. طبي لحاظ کان هي رت صاف ڪندڙ ڀاڄي آهي. جيڪا چمڙي جي بيمارين کي ختم ڪري ٿي.

    للهر : هي ٻوٽو به خاص ڪري اڇڙي ٿر جي ڪس واري ڀاڱي ۾برساتن تي زمين مان نڪري نروار ٿيندو آهي. هن جا به پن پٽي ڪاڙهي ٿوم جو داغ ڏيئي، منجهس گهاٽي پاروٿي کٽي لسي ملائي ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. کائڻ ۾ هي ڀاڄي به مزيدار هوندي آهي.
    لوڻڪ : هي ٻوٽو به اڇڙي ٿر جي ڪس واري علائقي ۾ برساتن تي عام جام ڦٽندو آهي. هن جون ڪچيون ٽاريون پنن سميت ڪتر ڪري پاڻي ۾ اوٻاري ، ٿوم جو داغ ڏيئي ڀاڄي تيار ڪبي آهي. هن جو ذائقو به کٽاڻ مائل ۽ وڻندڙ هوندو آهي. ڌنار هن جي ڪچين ٽارين کي به کائي گذارو ڪندا آهن.

    واهو : هي به برسات تي ٿيندو آهي. هن جا به پن پٽي اوٻاري ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. پر لذت ايتري نه هوندي اٿس ، مجبوري ۾ هي به ويلهو ٽارڻ ۾ مددگار ٿيو پوي.

    ڦوڳي : هي ڦوڳ جي وڻ جا ڪچا گئونچ ۽ گل هوندا آهن. جن کي پٽي اوٻاري ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. هي ڀاڄي اڇڙي ٿر جي خاص سوکڙي طور آيل مهمانن کي کارائي ويندي آهي. تمام گهڻي لذت هوندي اٿس.

    پُسيءَ : هي ٿر جي عام وڻ ڪِرڙ جا ڪچا اڻ ٽڙيل گل هوندا آهن. جيڪي ڀاڄي طور استعمال ٿيندا آهن. هن جو رنگ سائو هيڊاڻ مائل هوندو آهي. ڪچي پسيءَ جو ذائقو ڪڙو ۽ اڻوڻندڙ هوندو آهي. هن کي اوٻاري ٽي ڏينهن اس ۾رکي ٻيهر پاڻي ۾ ٻيهر ڌوئي سندس ڪڙاڻ کي ختم ڪري ٿوم جو داغ ڏيئي، منجهس گهاٽي لسي ملائي ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. سندس لذت بي مثال هوندي آهي. جيڪو هڪ ڀيري کائيندو آهي، سو بار بار کائڻ جي طلب ڪندو آهي.

    ڏيلها يا ڏئونرا : هي ڪرڙ جي وڻ جا ڪچا ميوا هوندا آهن، گول شڪل ۾ سائي رنگ جا ٿين. هي به داڻي پڪي ٿيڻ کان اڳ ڪچا پٽي پاڻي جي ڀريل مٽ ۾ وجهي اس ۾ ٻن هفتن تائين رکي ڇڏبا آهن. جنهن بعد انهن کي پاڻي مان ڪڍي هڪ ڏينهن اس تي سڪائي ، بعد ۾ ٿوم جوداغ ڏيئي فراءِ ڪري ڀاڄي طور ماني سان کائبا آهن. جن جي لذت به بيمثال هوندي آهي. هنن ڏيلهن يا ڏئونرن جو آچار به ڏاڍو سٺو ٿيندو آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ آچار ٺاهڻ جو رواج تمام گهٽ آهي. ڪي ماڻهو انهن کي پٽي اوٻاري خشڪ ڪري داغ ڏيئي به تڪڙي ڀاڄي تيار ڪندا آهن. پر اها ڀاڄي ذائقي ۾ ٿوري ڪڙي هوندي آهي.

    پڪا : هي ڪرڙ جي وڻ جو پڪل ميوو هوندو آهي. هنن جي شڪل گول ۽ رنگ اڇاڻ مائل ڳاڙهو هوندو آهي. هنن جو ذائقو مٺو هوندو آهي. پر پيٽ ڀري گهڻا کائڻ سان قبضي ٿيندي آهي. هنن کي ماٽي ۾ وجهي ولوڙي ٻج ڌار ڪري رس ۾ چانور وجهي ڀت به رڌبو آهي، جيڪو ذائقي ۾ مٺو هوندو آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ اهڙي ڀت رڌڻ جو گهٽ رواج آهي. هي ميوو پکين جي خاص پسند آهي.
    سڱريون : هي ڪنڊي جي وڻ جو ڪچيون ڦريون هونديون آهن. هنن کي اوٻاري ٿوم جو داغ ڏيئي انتهائي لذيذ ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي. سڱرين جي ڀاڄي به ٿر جي خاص سوغات آهي. جيڪا مهمانن لاءِ انمول ڀاڄي هوندي آهي. جنهن جي ذائقي کي وساري نه سگهبو آهي. هتي جا ماڻهو ڪچين سڱرين کي سڪائي به رکندا آهن، جن کي اوکي ويل يا اوچتي مهمان جي مهماني ڪندي کيس کارائي خوش ڪندا آهن. سڪل سڱريون دوستن ڏانهن به سوکڙي طور موڪليندا آهن. ڪنڊي جا پڪل سڱر وري چوپايي مال جي چاري ۾ ڪم ايندا آهن. هنن پڪل سڱرن کي ڌنار به شوق سان کائيندا آهن. هنن سڱرن جو ذائقو مٺو هوندو آهي.

    پيرون : هي ڄار جي وڻ جا ننڍڙا ننڍڙا رنگين گول رنگين موتين جهڙا ميوا هوندا آهن. هي ٿر جي خاص سوکڙي هوندي آهي. موسم ۾ عورتون ۽ ٻار هنن کي پٽي ٿانو ڀري گهر کڻي ايندا آهن. پيرون پٽڻ لاٰءِ سر جي تيلين يا ڪکن مان نرم گلاس نماءَ ٿانو ٺاهيو ويندو آهي. جنهن کي هتان جا ماڻهو سوتڪ يا ٽٻڪڙو سڏيندا آهن. پيرون انسان جون غذائي ضرورتون پوريون ڪندڙ ميوو هوندو آهي. حڪيمن جو اهو به چوڻ آهي، ته پيرون جگر کي طاقت ڏيندڙ ۽ سائي جي بيمارين کان بچائيندڙ ميوو آهي. جيڪو به ماڻهو هرسال اهو کائيندو انهي کي سائي جي بيماري نه ٿيندي. ذائقي ۾ پيرون مٺا ٿين ٿا. هنن کي سڪائي به رکي مهينن تائين استعمال ڪري سگهبو آهي. سڪل پيرن کي ڪوڪڙ سڏبو آهي. پيرون سڪائڻ لاءِ انهن کي ڪپڙي تي پکيڙي اس ۾ رکي ڇڏبو آهي. انهن کي وقت بوقت روزانه ٽي چار ڀيرا ڪاٺي سان اٿلائبو آهي. انهن پيرن کي هٿن سان اٿلائبو ته خراب ٿي ويندا. سڪل پيرون يا ڪوڪڙ ڏڪار جي وقت چوپائي مال کي به چاربا آهن، جن سان مال متارو رهندو آهي .

    چڀڙ : هي به برساتن تي ٿر جي ڪافي ڀاڱن ۾ ٿيندا آهن. هونئن ته چڀڙن جا ڪيترائي قسم آهن، پر هتي ننڍا چڀڙ پاڻمرادو ڦٽي ايندا آهن، چڀڙن جون وليون سياري جي آمد تائين چڀڙ ڏينديون آهن. پڪل چڀڙ ذائقي ۾ کٽا مٺا لذيذ ٿيندا آهن. چڀڙ اڻ پڪل يا ڪچا نه کائبا آهن ، نه ئي ڪچن چڀڙن جي ڀاڄي تيار ٿيندي آهي، ڇو ته ڪچا چڀڙ ڪڙا ٿيندا آهن. چڀڙ ولين ۾ ئي مقرر مدت بعد پچي ويندا آهن. پڪل چڀڙ ڳترا ڪري سڪائي به رکبا آهن. جن کي ڪچريون چوندا آهن. هي ڪچريون مهينن تائين ڀاڄي طور استعمال ڪيون وينديون آهن.

    ڇانهيون : اڇڙي ٿر ۾ برساتن تي روهي ۽ هندستان جي سرحدي پٽن ۽ ٻين ٿورن علائقن ۾ ڇانهين جون وليون به پيدا ٿينديون آهن. جن جي ڪچين ڇانهين جي ڀاڄي وڻندڙ ٿيندي آهي. پڪل ڇانهيون هتي جا ماڻهو شوق سان کائيندا آهن. جيڪي ذائقي ۾ مٺيون هونديون آهن. ڇانهين جو رس اڃ اجهائڻ ۾ ڪمائتو هوندو آهي.

    ريڀڙيون : ريڀڙين جون وليون به اڇڙي ٿر جي روهي واري علائقي ۾ ۽ ٻين حصن جي ڪجهه ايراضين ۾ برسات تي پاڻ مرادو اڀڙي اينديون آهن. ڌنار هنن ريڀڙين کي ڪچي حالت ۾ ئي سندن کل واري پاسي جو ٻجن کانسواءِ ڳر لاهي کائڻ شروع ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪچين ريڀڙين جو ٻج وارو حصو سخت ڪڙو هوندو آهي. باقي پچڻ بعد سڄي ريڀڙي ٻج سميت کٽي مٺي ذائقي واري هوندي آهي. جيڪا شوق سان کاڌي ويندي آهي ۽ دوستن کي به سوکڙي ڪري موڪلي ويندي آهي.

    گوار : گوار هونئن ته زرعي فصل آهي. پر اڇڙي ٿر ۾ هي قدرتي نموني برسات تي ڦٽي پوندي آهي. سندس ڦريون ننڍيون هونديون آهن. جن کي اوٻاري پاڻي خشڪ ڪري ٿوم جو داغ ڏيئي ڀاڄي تيار ڪبي آهي . هي جهنگلي گوار کائڻ ۾ تمام گهڻي لذيذ هوندي آهي. هتي جا ماڻهوگوار جي ڦرين کي سڪائي به ٿانو ڀري رکي ڇڏيندا آهن. جن مان هو ڪيترن مهينن تائين ڀاڄي تيار ڪندا رهندا آهن.

    ميها : برسات جي موسم ۾ وسڪاري تي ميهن جون وليون پڻ ڦٽي پونديون آهن. هي جهنگلي ميها به اڇڙي ٿر جا ماڻهو عام ميهن جيان وڍي ٻوڙ رڌي کائيندا آهن. هي ميها عام بازاري ميهن کان وڌيڪ لذيذ ٿيندا آهن. عام ڌنار به مال چاريندي هنن کي پاڻي ۾ اوٻاري رڌي به کائيندا آهن. جن جي کائڻ سان کين وڌيڪ ماني جي ضرورت نه ٿيندي آهي. ميهن کي ڳترا ڪري سڪائي به رکبو آهي. جيڪو ڏڪار جي وقت ڀاڄي طور استعمال ڪري سگهبو آهي.

    ٽوهه : هي به اڇڙي ٿر ۾عام جام ٿيندا آهن. ڇانهين جي ول جي هم شڪل ول ۾ ننڍي ڇانهين يا گدري جهڙا ٿيندا آهن. ذائقي ۾ سخت ڪڙا ۽ زهريلا هوندا آهن. پر ٿر جا ماڻهو هن کي به ڏٿ طور استعمال ڪندا آهن. برساتن بعد جڏهن هي ولين ۾ پچي ويندا آهن، ته ماڻهو هنن کي ڪتر ڪري واري ۾ پوري ڇڏيندا آهن. ڪجهه مهينن بعد انهن کي ڪڍي سٽي ڪٽي صاف ڪري سندن ٻج کي سنڀالي اناج جيان رکيو ڇڏين. ضرورت وقت انهن ٻجن کي دانگي تي ڀُڃي، جنڊ ۾ پيهين اٽو ٺاهيندا آهن. پوءِ انهي اٽي کي ڪڻڪ جي اٽي سان ملائي ماني پچائي کائيندا آهن. ڏڪارن جي زماني ۾ ٽوهه جو اٽو سندن لاءِ وڏي غنيمت هوندو آهي. ٽوهه کي ٻڪريون ۽ ٻيو مال به کائيندو آهي. پنجاب جي ريگستاني علائقن ۾ ٽوهه جو آچار به ٺاهيندا آهن. اتي وري تازي ٽوهه کي ڳترا ڪري چن مليل پاڻي جي مٽن ۾ وجهي اس ۾ رکندا آهن. ائين ٽن ڏينهن بعد پاڻي ۽ چن بدلائيندا رهندا آهن. ٻن کان ٽن هفتن بعد اهي کارا ٽوهه مٺا ٿي ويندا آهن. پوءِ انهن کي سڪائي آڍوکو ڪري آچار ، مربا ۽ حلوو به ٺاهيندا آهن . جيڪو لذيذ ۽ هاضمي دار هوندو آهي.

    پاٻوڙا ۽ بيهه : هي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ ٿيندا آهن. جنهن ڍنڍ ۾ هي پوکيل هوندا آهن، اها ڍنڍ اڇن وڏن ڪنول جي گلن سان اکين کي وڻندڙ نظارو ڏيندڙ هوندي آهي. هي ڍنڍ جي پاڻي کي صاف به رکندا آهن ۽ پاڻي ۾ بوءَ ٿيڻ نه ڏيندا آهن. انهن ڪنول جي گلن مان وري هي وڏي لاٽون جي شڪل ۾ ميوي طور نڪري نروار ٿيندا آهن. انهن ۾ سائي رنگ تي وڏا بادام جهڙا داڻا هوندا آهن . جيڪي کائڻ سان انسان جو غذائي ضرورتون پوريون ٿينديون آهن. ٻه چار پاٻوڙا کائڻ سان ماني جي طلب ناهي رهندي، پاٻوڙي پچڻ بعد اهي داڻا سخت ٿي ويندا آهن. جيڪي ٻج طور ڪم آڻبا آهن. انهن پاٻوڙن جي پاڙ کي وري بيهه طور ڀاڄين ۾ استعمال ڪبو آهي جيڪا ڀاڄي وري مزيدار ٿيندي آهي.

    ڪم، ڪوڻيون ۽ لوڙهه : هي پڻ مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ ٿيندا آهن، هن جا پن گول ننڍا ۽ ڪنگرين وارا ٿيندا آهن. هن جا گل ننڍا ۽ ڪنول جي گلن جهڙا هوندا آهن. جنهن کي ڪُوڻِيءَ چئبو آهي. هنن گلن جي ڏانڊي جي کل لاهي کائبي آهي. هنن گلن مان ننڍو گول سائو گول ڏاڙهون جهڙو ميوو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سنهڙا داڻا ٿيندا آهن، جيڪي وڻندڙ ۽ خوشذائقي وارا هوندا آهن. هن ميوي کي ڪُم سڏبو آهي. هن جي پاڙ جي ويجهو ڪاري ڀوري رنگ جا ڳنڍا هوندا آهن، جن کي لوڙهه يا گند چئبو آهي. جن کي سيڪي کل لاهي ڀاڄي تيار ڪبي آهي. هن جو ذائقو پٽاٽي جهڙو پر ليسدار هوندو آهي ، جنهن سبب ٻوڙ جو شوروو گهاٽو ٿيندو آهي. لوڙهه کي سيڪي کل لاهي کائبو به آهي.


    اڇڙي ٿر جون گئس فيلڊون

    اڇڙي ٿر جون گئس فيلڊون
    اڇڙو ٿر جتي لوڻ ، سوڍا کار ، پلر ارٿ پائوڊر ، چن جي پٿر ، جپسم جي ذخيرن سان مالا مال آهي. اتي اڇڙي جي خيرپور۽ گهوٽڪي ضلعن ۾پنج وڏيون گئس فيلڊون به موجود آهن. جيڪي هي آهن. قادن واري گئس فيلڊ، ساوڻ گئس فيلڊ ، مياڻو گئس فيلڊ ،لطيف بلاڪ گئس فيلڊ ۽ گمبٽ بلاڪ گئس فيلڊ آهن.
    ساوڻ گئس فيلڊ : سال 2003ع کان هي گئس فيلڊ پنهنجي پيداوار ڏيئي رهي آهي. خيرپور ضلعي جي هن فيلڊ جا پنڌرهن کوه آهن، جن مان چوڏهن مان گئس ڪڍي وڃي پئي. پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جي انگن اکرن موجب آسٽريليا جي او ايم وي ڪمپني پاڪستان ، جي انتظامن هيٺ هن گئس فيلڊ ۾ 1493 ارب ڪيوبڪ فوٽ گئس موجود آهي . جتان روزانو 110 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽن کان وڌيڪ گئس ڪڍي وڃي ٿي. جيڪا ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن وڃي ٿي. ياد رهي ته هي گئس جنهن ڳوٺ حاجي سانوڻ خاصخيلي مان نڪري ٿي، خود انهي ڳوٺ کي به گئس جي سهوليت موجود ناهي. هتي ڪمپني طرفان ڪابه بنيادي سهوليت نه ڏني ويئي آهي. شروعات ۾ هڪ ڪمري وارو اسڪول ٺاهيو ويو هو، جيڪو به استاد نه هئڻ سبب بند آهي. وڏي ڳالهه ته ڪمپني جون پنهنجون گاڏيون به هتي پنهنجي کوهن تي ڪم جي سلسلي ۾ ڪچن رستن تان هلن ٿيون . هي ڪمپني ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي لاءِ به روڊ نه ٺهرائي سگهي آهي.
    مياڻو گئس فيلڊ : هن ۾ 21 کوهه آهن ، جن مان 7 هلندڙ آهن . سمورن کوهن ۾ 660 ارب ڪيوبڪ فوٽ گئس موجود آهي. جتان روزانو 104 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گئس ڪڍي وڃي ٿي. هن فيلڊ کي به آسٽريليا جي او ايم وي ڪمپني هلائي ٿي. هن ڪمپني طرفان به ڪو ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي .
    لطيف گئس فيلڊ : هي فيلڊ 2007ع ۾ دريافت ٿي هن جا پنڌرهن کوهه آهن. جن مان 8 هلندڙ آهن. هنن سڀني کوهن ۾ 244 ارب ڪيوبڪ فوٽ گئس موجود آهي. جتان روزانو 97 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گئس ڪڍي وڃي ٿي. هي کوه ڀارت جي سرحد جي ويجهو آهن. هي ڪمپني پڻ هتان جي ماڻهن لاءِ ڪو فائدو نه ڏيئي سگهي آهي.
    گمبٽ بلاڪ گئس فيلڊ : هتي پڻ 2007 ۾ گئس دريافت ڪئي ويئي. هن فيلڊ جي کوهن جو تعداد 8 آهي. جن ۾ 51 ارب ڪيوبڪ فوٽ گئس موجود آهي . هي کوه ناري ۽ اڇڙي ٿر جي ڪس ۾ موجود آهن. جن مان روزانو ساڍا چار ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گئس ڪڍي وڃي ٿي. پر ترقياتي يا عوامي مسئلن جي حل کان ڪمپني لا تعلق آهي.
    قادن واري گئس فيلڊ : هتي 1989ع ۾ گئس دريافت ڪئي ويئي. هن جي کوهن جا صحيح انگ اکر ته نه مليا . پر مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب انهن کوهن جو تعداد چاليهه جي لڳ ڀڳ آهي. هتان پڻ 1995ع کان گئس ڪڍڻ جو عمل جاري آهي. هن گئس فيلڊ جي پيداوار بابت ڪي به انگ اکر نه ملي سگهيا. هي اڇڙي ٿر جي تمام وڏي گئس فيلڊ آهي.
    هنن گئس فيلڊن مان اڇڙي ٿر جي ڪنهن به ڳوٺ کي گئس نه ڏني ويئي آهي. نه ئي اڇڙي ٿر جي ڳوٺن ۾ مواصلات ، تعليم، صحت جي سلسلي هنن گئس فيلڊن طرفان ڪو ڪم ٿيو آهي ماڻهن کي روزگار به نه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته هنن گئس فيلڊن جي کوهن مان نڪرندڙ گئس جي پائپ لائنن ۾استعمال ٿيل زمينن جو معاوضو به مالڪن کي نه مليو آهي.
    حقيقت ۾ قدرتي وسيلا انساني ترقي کي سگهه بخشيندڙ هوندا آهن. پوري دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي ترقي جو دارومدار قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال ۽ وسيلن کي عوامي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيل جٽاءَدار پاليسي تي هوندو آهي. اها بدقسمتي چئجي جو اسانجا حڪمران اڃان تائين قدرتي وسيلن جي پيداوار کي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال خاطر ڪا جٽادار پاليسي نه ٺاهي سگهيا آهن. جنهن سبب بيشمار قدرتي وسيلن هئڻ جي باوجود ملڪ مان نه غربت تڙجي سگهي آهي ۽ نه ئي عوام کي گهربل بنيادي سهوليتون فراهم ٿي سگهيون آهن. ساڳي حالت اڇڙي ٿر ۾ به موجود آهي.


    چوٽياريون ڊيم

    چوٽياريون ڊيم
    هي ڊيم سانگهڙ کان اتر اوڀر ڪنڊ تي 32 ڪلوميٽر پنڌ تي موجود آهي. هي ڊيم ڇهه ارب رپين جي لاڳت سان سال 2002ع ۾تعمير ڪرايو ويو. چوٽياري ڊيم ٽيتاليهه هزار ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل آهي. هن ۾ هڪ سئوجي لڳ ڀڳ ننڍين وڏين ڍنڍن جن ۾ ڪجهه تاريخي اهم ڍنڍن جهڙوڪ بقارڍنڍ، مکي ڍنڍ، ڏيٿيجي ڍنڍ، ڦليل ڍنڍ، بانڪيل ڍنڍ، صدوري ڍنڍ، گهانگهري ڍنڍ، پڌريو ڍنڍ ، ابڙائو ڍنڍ، پکروئي ڍنڍ، جهڙين خوبصورت ڍنڍن ۽ ٻين ننڍين ڍنڍن کي ملائڻ سان گڏ تاريخي خوبصورت مکي ٻيلي کي ختم ڪري، انهي جي ايراضي کي به شامل ڪيو ويو. تعمير ڪرڻ بعد هن ڊيم کي انتطامي طور سنڌ حڪومت جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي کاتي ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين جي حوالي ڪيو ويو. هن کي هينئر چوٽياري رزروائر(چوٽياري ڊيم) جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن ڊيم جو افتتاح 2002 ۾ ان وقت جي وزير اعظم مير ظفرالله خان جمالي ۽ وفاقي وزير پاڻي و بجلي آفتاب احمد خان شير پائو ڪيوهو. جڏهن ته انهي ڊيم جي افتتاح وقت هتان جي ماڻهن انهي ڊيم ٺاهڻ جي خلاف سخت احتجاج پڻ ڪيوھو. انهي ڊيم ٺاهڻ جا مقصد هئا ، ته سنڌ جا ريگستاني علائقا جهڙوڪ: اڇڙو ٿر، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگر پارڪر سان گڏ ويجهڙائي وارن علائقن جي لاء مٺي پاڻي جي فراهمي ۽ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ سان گڏ ڪروڙن ايڪڙن تي پکڙيل غير آباد زرعي زمينن کي آباد ڪرڻ پڻ هو. جيڪو منصوبو اڃان تائين اڌ ۾ بغير ڪنهن سبب جي رڪيل آهي.
    هن وقت تائين .43000 ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل هن ڊيم ۾ ست لک پنجاه هزارملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. هن وقت هن ڊيم ۾ جون کان سيپٽمبر تائين نارا ڪئنال مان نڪرندڙ رانٽو ڪئنال ذريعي پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ سياري جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ وارن مهينن ۾ ڊسمبر کان مارچ مهيني تائين لوور نارا ڪئنال ذريعي پاڻي ڇڏي، علائقي جي هڪ لک ويهه هزار ايڪڙ زمين سيراب ڪئي وڃي ٿي. پر منصوبي موجب جنهن ٿر جي علائقن کي آباد ڪرڻ واري ڳالهه جو شروع ۾ هن ڊيم ٺاهڻ وقت ذڪر ڪيو ويو هو، سو سمورو ڪم انتظامي جهڳڙن سبب اڌ ۾ رهجي ويو. ٻئي طرف منصوبي ۾ اها ڳالهه به شامل هئي، ته هي ڊيم منڇر ، ڪينجهر ۽ هاليجي کان به وڌيڪ جديد تفريحي مرڪز ٿيندو، جتي ترڻ جا مقابلا ، ٻيڙين جي ريس جا مقابلا ، جديد ترين واٽر پارڪ ، صوفي راڳ جون محفلون ۽ عاليشان هوٽلون تعمير ڪري، پرڏيهي سياحن جي آمد لاءِ دلچسپي جون شيون پيدا ڪري، هن ڊيم کي سياحت جو مرڪز بڻايو ويندو. جنهن سان هتان جي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اها به ڳالهه ڪئي ويئي هئي ته ، جيئن ته هي ڊيم پرڏيهي پکين جي رستي تي آهي. انهي ڪري سياري ۾ هي ڊيم خوبصورت پرڏيهي پکين جي اڏارن جي مشاهدي جو مرڪز ٿي ويندو وغيرهه . پر اهي سمورا خواب اڌ ۾ رهجي ويا. نتيجي ۾ ورلڊ بئنڪ، وفاقي حڪومت، واپڊا ، سنڌ حڪومت ، اريگيشن کاتو ، سيڊا ، هڪٻئي تي الزام هڻندي، هن سموري اسڪيم کي ناڪام ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتريون رپورٽون ۽ مختلف پراجيڪٽ ٺهيا ، ڪاغذن ۾ ڪئين ترقياتي اسڪيمون ٺهيون ۽ ڊهيون. پر هن رٿا رولڙي جو شڪار ٿي گهربل نتيجا ڏيڻ بجاءِ مرڳوئي ناري ۽ اڇڙي ٿر جي قدرتي نظام کي تباهي ۽ بربادي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. ذميواري ڪير به قبول نه ٿو ڪري، ۽ هي ڊيم اها خطرناڪ آفت بڻجي ويئي آهي، جيڪا اڇڙي ٿر سان گڏ سنڌ جي ٻين ضلعن جي سمورن قدرتي وسيلن کي ڳڙڪائي ويندي. هن ڊيم جي نقصانن جو ترت هنگامي بنيادن تي ڪو حل ڪڍيووڃي. ٻي صورت ۾ نقصان سان گڏ بک، بدحالي ۽ بيوسي هن علائقي جي مستقبل جو مقدر بڻجي ويندي.
    جنهن ڳالهه جو ثبوت اهو آهي ته ، انهي ڊيم جي ماحولياتي سروي تي ڪم ڪندڙ ادارن سرميڪانلڊ، پاٽنرس، قومي انجنيئرنگ سروس، جي ايسوسيئيٽ ڪنسلٽنگ انجنيئرن جي رپورٽن ۾هن ڊيم جي منفي نتيجن ، جن ۾هن ڊيم ٺهڻ سان زرعي زمين جو خاتمو، مال جي چراگاهن جو خاتمو، جهنگلي جيوت جي جُوءِ ۽ پناهه گاهن جو خاتمو، جهنگلي جيوت جي چرپر، بند جي تعمير دوران پاڻي جي پهچ جي نظام ۾ رنڊڪون پوڻ، واهن ۾ مٿاهين پٽن جو پاڻي کڻي ايندڙ، صدين جي قدرتي وهڪرن سان ڇيڙڇاڙ، نارا ڪئنال سان گڏوگڏ سم ۽ ڪلر جو وڌي وڃڻ، تيار ٿيل وڻن جي تباهي يا خاتمو، ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان ڦاڙهي جي ناياب نسل کي جوءِ مان نيڪالي اچڻ، پاڻي جي گدلاڻ، تعميراتي مٽي ۽ ڌوڙ جو اڏرڻ وغيره. جهڙن نقصانن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.نتيجي ۾ هڪ طرف اهي نقصان ته ٻئي طرف وري ڊيم ٺاهڻ دوران ماڻهن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا ، اهي پورا نه ڪيا ويا. ضلع سانگهڙ جون زرعي زمينون زرخيزي جي لحاظ کان پوري پاڪستان ۾ مشھور آھن. سانگهڙ جون سون ورنيون زمينون خاص ڪري سانگهڙ تعلقي ۾ هن ڊيم جي ٺھڻ جي سبب سم ۽ ڪلر جو شڪارٿي رهيون آھن. جنهن جو سبب هتي گهڻو وقت پاڻي جو بيهڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ سبب پاڻي جو خراب ٿيڻ آهي. هن ڊيم جي سم جا نشان نه صرف چوٽياريون، بقار۽ ٽنڊومٺاخان جي زرعي زمينن تائين محدود آھن ، پر ڏينهون ڏينهن هن ڊيم جي سم پري پري پري تائين وڌڻ لڳي آھي. خاص طور تي اڇڙي ٿر جي ڀٽن کي به ڪراس ڪري 200 ڪلوميٽر تائين وڃي پهتي آھي. اڇڙي ٿر جي سم جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو، جو جنهن جڳهه تي زير زمين پاڻي کوهن ذريعي ٻه سئو فوٽ اونها کوھ کوٽڻ کان پوءِ وڏي مشڪل سان ملندو هو. اتي هاڻ ڊيم ٺھڻ کان پوءِ ٻن کان ٽن فوٽن تي پاڻي نڪريواچي. جنهن سم جي رفتار مان اهو خدشو پيدا ٿيو آهي ، ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هتان جو سمورو ماحول سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويندو. انهي ڪري تمام ترت هن ڊيم کي ڪارگر بنائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن. ٻي حالت ۾ هيڏي ساري قومي خزاني مان تيار ڪيل اسڪيم تباهي سان گڏ هميشه لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويندي.


    اڇڙي ٿر جا گهرو هنر

    اڇڙي ٿر جا گهرو هنر
    اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته ماڻهن جي گذران جو ذريعو چوپايو مال ڌارڻ آهي، انهي ڪري هتي چراگاهي ۽ . ڌنار ڪلچر وڌيڪ سگهارو آهي. مال جي چاري ، پاڻي جي مسئلن ۽ شهرن جي پري هجڻ ، مواصلاتي سهوليتن جي اڻهوند سبب ماڻهن جون سموريون سرگرميون چوپائي مال جي سار سنڀال ۾ گذرن ٿيون. انهي ڪري هتي ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ گهريلو هٿ جي هنرن طرف ماڻهن جو رجحان گهٽ آهي. پر تنهن هوندي به هتي شهرن جي پري هجڻ ، ضرورت جي شين جي گهرج ۽ مال مان ملندڙ ، ڏاس ، ان ۽ ملس مان ضروري شيون ٺاهڻ جا ڪاريگر موجود آهن. هر ڌنار جي هٿ ۾ ڏاس جو ڍيرو هوندو آهي. جيڪو هو ڪتيندو رهندو آهي. جنهن مان هو پنهنجي ضرورت جون شيون ، فراسيون ، کرڙيون ، ٻوجها ، خرزينون ، کڙيا ، رسا ، وغيره ڪاريگرن کان ٺهرائي گهرن ۾ رکندا آهن. انهي کانسواءِ اٺن جا پاکڙا ، جنڊا ، گهرن ۽ چئونرن جي اڏاوت لاءِ ڪاٺ جا مل، ڪايا ، داسا ، ٿوڻيون ، پسرون ۽ سَرن مان ڇَپر ، سرن جي تيلين مان کارا ، کاريون ، ٽٻڻيون ، ٽٻڪ ، پينگها ، گاگڙا، ڇڄ وغيره ٺاهيندا آهن. اهي ڪم گهڻو ڪري ڀيل ، مينگهواڙ ۽ ڪجهه مسلمان ذاتين وارا به ڪندا اهن. انهي کان علاوه اڇڙي ٿر جون عورتون به واندڪائي ۾ اڳٺ ، رليون ، گج ، رومال وغيره ٺاهينديون آهن. انهي کان علاوه اڇڙي ٿر ۾ ڪجهه خانه بدوش قسم جا لاڏائو ماڻهو به موسمي لحاظ کان لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن. انهن ۾ خاص ڪري ملاحن جي اڪثريت آهي. انهن کي پکائي به سڏيندا آهن. هي گهڻو ڪري ڍنڍن ، جهنگن ، ڀڏن ۽ خاص ڪري مکي جي آسپاس ۽ ناري جي علائقن ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن. هي وڏا هنر مند آهن، زالين، مڙسين، ٻارين ٻچين پنهنجن هنري ڪمن ۾ مصروف رهندا آهن. هي پن مان تئُونريون ۽ پکا ، سر جي پنن مان مُڃ سرن جي تيلين مان ڪڙيون ، کارا ، کاريون ، ٽٻڪ ۽ ٽٻڻيون، ڪرسيون ٽيبلون دروازن ۽ درين جو چِڪُون ، ٻارن جا پينگها وغيره اڪ مان آڪارو ڪڍي انهي مان رسا ، واڻ ، کوهه جا ورت رسا ۽ لئي جي سنهين ڪاٺين مان کارا ۽ کاريون به ٺاهيندا آهن. بحرحال اڇڙي ٿر جا گهرو هنر سندن پنهنجن ذاتي ضرورتن جي بنياد تي آهن. وڪري يا مارڪيٽنگ جو شعور ناهي. جيڪڏهن هتي گهريلو صنعتن جو رواج ۽ هنري سکيا جا مرڪز کوليا وڃن، ته ڪافي ماڻهن کي روزگار ملڻ سان گڏ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو


    رڱاوت جو ڪم

    رڱاوت جو ڪم
    اڇڙي ٿر ۾ رڱاوت جي ڪم جي لحاظ کان ٻانڌڻي واري پوتي ۽ چادرجو ڪم تمام گهڻو مشهور آهي. هي ڪم ذاتي استعمال جي بنياد تي ته ڪافي ڳوٺن ۾ ٿيندو آهي. پر واپاري لحاظ کان اڳي ته اڇڙي ٿر جي شهرن ۾ هن ڪم جا ڪاريگر موجود هئا. اڇڙي ٿر ۾ رڱاوت جي ڪم کان هٿونگو، مٺي ، غلام نبي شاهه تمام گهڻو مشهور رهيا. اڃان به انهن شهرن ۾ هن ڪم جا ڪاريگر موجود آهن. پر هٿونگو شهر ۾ رڱاوت جي ڪم جا ڪاريگر ٻين جاين کان ڪجهه وڌيڪ آهن. رڱاوت جو ڪم هندو کٽي ڪندا آهن. هن ڪم جا ڪاريگر پهريائين ٻانڌڻي لاءِ تجويز ڪيل ڪپڙي تي ڌاڳن سان ڊزائين موجب پوٽليون ٻڌندا آهن. ڌاڳو اهڙي نموني ويڙهيندا آهن، جو ڌاڳن جي هيٺان آيل ڪپڙي واري ٽڪري تي رنگ نه چڙهندو آهي. پوءِ انهي ڪپڙي کي رنگ ۾ ٻوڙي پڪو ڪري، سڪائي ويڙهيل ڌاڳن جو پوٽليون کوليندا آهن، ته پوري چادر تي اڇي رنگ جا ستارا جرڪي پوندا آهن. پوٽليون ٻڌي رڱڻ سبب هن کي ٻانڌڻو سڏيندا آهن. هي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم اسم آهي. ڏسڻ ۾ پرڪشش خوبصورتي سبب هن جي اوڍڻ جو رواج شادين ۽ خوشين جي موقعن تي ٿيندو آهي. هاڻي ته شهري عورتون ٻانڌڻي جا چولا ۽ گهاگهريون سبائي پائڻ لڳيون آهن . انهي کان علاوه رڱيل ان مان کٿا، شالون به خوبصورت ٺاهيون وينديون آهن. جيڪڏهن سرڪار پاران هن ڪم جي همت افزائي ڪري هن مان عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب شيون تيار ڪرائي مارڪيٽن ۾ آنديون وڃن، ته ڪافي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ سان گڏ اڇڙي ٿر جي غربت گهٽائڻ ۾ به خاص هٿي ملي سگهي ٿي.


    پاکڙا ٺاهڻ جو هنر

    پاکڙا ٺاهڻ جو هنر
    اڇڙي ٿر ۾ اٺن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هونئن به اڇڙي ٿر جي ڪار وهنوار ۾ اٺ جو اهم ڪردار آهي. پاڻي ڀرڻ، سيڌو سامان آڻڻ ، سفر ڪرڻ وغيره جهڙن روزمره جي ڪمن ۾ اٺن جو استعمال ٿئي ٿو. انهي ڪري هتان جي اوٺارن کي اٺ لڏڻ لاءِ پاکڙن جي ضرورت پوندي آهي. انهي لاءِ ڳوٺن ۾ پاکڙا ٺاهڻ جا ڪاريگر به موجود آهن. اٺن جي پاکڙن ٺاهڻ ۾ ٻير جي ڪاٺي جو استعمال ٿيندو آهي. جيڪا انهي ڪم لاءِ وڌيڪ مضبوط هوندي آهي. هن ڪم جا ڪاريگر ڪاٺين جي مختلف ٽڪرن کي پاڻ ۾ مهارت سان جوڙي پاکڙا تيار ڪندا آهن. اهي پاکڙا سالن تائين ڪم ايندا رهندا آهن.


    هٿيارن جي صنعت دُٻِيءَ جا لوهار

    هٿيارن جي صنعت دُٻِيءَ جا لوهار
    سنڌ هونئن ته امن جي سرزمين رهي آهي، پر وطن جي دفاعي جنگين ۾ سنڌي پوئتي نه رهيا آهن. سنڌ ۾ هٿيار رکڻ جو شوق ته گهٽ رهيو آهي، پر ضرورت ۽ آئي ويل لاءِ هٿيار رکڻ جو رواج به پراڻو آهي. انهي لاءِ سنڌ ۾ هٿيارن جي صنعت به مختلف جاين تي رهي آهي. اها قديم زماني کان هلندي آئي آهي. مهاڀارت جي جنگ ۾ سنڌي فوج وٽ انهي زماني جا جديد هٿيار هئا. تاريخ جي صفحن ۾ سنڌين جي جنگي مهارت ۽ ديسي هٿيارن جو ذڪر ملي ٿو. بندوق سازي جي رواج پوڻ بعد سنڌ ۾ حيدرآباد ، ٺٽو، ڏهرڪي، اٻاوڙو، سينڊي، ۽ دٻي جا ڪارخانا بهترين اسلحه سازي جا مرڪز هئا. سنڌ جا هٿيار ۽ بندوقون ٻاهرين ملڪن ۾ مشهور هيون. خاص ڪري سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر ۽ مکي جي سرحد تي بادار ڍنڍ جي ڀرسان دُٻِيءَ ڳوٺ جون بندوقون ۽ رائفلون وڏي شهرت رکنديون هيون. دُٻِيءَ جا هٿيار ٽالپر حڪمرانن انگريزن کي به سوکڙي ۾ ڏنا ۽ جن انهن بندوقن جي ساراه به ڪئي. ڇاڪاڻ ته دُٻِيءَ جي ٺهيل بندوقن جو نشانو اڻ گُسندڙ ۽ پري تائين مار ڪندڙ هو. ٽالپر حڪمران پنهنجا هٿيار دُٻِيءَ جي ڪاريگرن هٿان ٺهرائيندا هئا. راجستان ، جيسلمير ، گجرات ۽ جوڌپور جا راجا به دُٻِيءَ ڳوٺ جي هٿيارن کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. دٻي مان اٺن جون قطارون هٿيار کڻي، انهن پرانهن علائقن ۾ پهچائينديون هيون. دُٻِيءَ مان اٺن رستي هٿيار ٻاڙمير، بيڪانير، جيسلمير جي واپارين تائين پهچايا ويندا هئا. بهترين ۽ ڀروسي جهڙا هٿيار ٺاهڻ سبب پوري سنڌ ۾ دُٻِيءَ جي ٺهيل بندوقن جي وڏي هاڪ هئي. انهي ڪري هتي هٿيارن جا ڪارخانا هئا . هتان جون بندوقون خاص ڪري جامڪدار ، جودار ، وارڙي ، ڪوئيدار ، نابدار ، ڏوري واري ، سلفي منهن ۽ شيش ڪاني تمام گهڻيون مشهور هيون. دُٻِيءَ جي ٺهيل بندوقن جي ناليءَ جي اها خاص خوبي هئي، جو اها ڪيتري به بارود وجهڻ سان نه ڦاٽندي هئي. هتان جا ڪاريگر اها ناليءَ سکر مان گهرايل سليمانيءَ لوهه مان ٺاهيندا هئا . سنڌين بندوقسازيءَ جو هنر پورچوگيزن کان سکيو هو هتان جي اڇڙي ٿر تي گهرائي سان نظر رکندڙ فقير مير محمد نظاماڻي جي چوڻ موجب دُٻيءَ جو لوهار بلند خان، پورچوگيزن جي هٿيارن جي ڪارخانن ۾ مزدوري ڪري هٿيار ٺاهڻ سکيو واپس اچي دُٻيءَ ۾ انهي هنر جي سکيا ڏني نتيجي ۾ دُٻيءَ ۾ هٿيارن جا 27 ڪارخانا ٺهيا، بعد ۾ دُٻِيءَ جي بندوق ساز ماهرن ۾ ابو پوٽا ذات جا لوهار جن ۾ محمد علي، احسان ، خان محمد، مستري گلو، استاد علي محمد ، ڇٽو ۽ دادلو فقير پنهنجي ڪاريگري سبب مشهور ٿيا. انهي کان علاوه دٻي جي لوهارن جا ٺهيل ، خنجر ، تلوارون ، ڪات ، ڀالا ، ڪهاڙيون به تمام گهڻيون مشهور هيون. انهي کان سواءِ انهن لوهارن جون ٺهيل سنگهرون، نِيئَر، ڏانٽا ۽ قلف به تمام گهڻا مشهور هئا. انگريزن جي قبضي بعد حر جدوجهد ۾حر گوريلن جي استعمال هيٺ گهڻا هٿيار به دُٻِيءَ جي ڪاريگرن جا ٺهيل هئا. نتيجي ۾ انگريزن سڀ کان پهرين دُٻِيءَ جي هٿيارن جي ڪارخانن کي تباهه ۽ برباد ڪيو. انگريزن جي انهن حملن ۾ هتي جي تاريخي ڏڏر واري مسجد کي به ٻه ڀيرا ساڙيو ويو. جن حملن ۾ سڙي ويل قرآن پاڪ اڃان تائين ڳوٺاڻن وٽ نشاني طور موجود آهن. اهڙي ريت دٻي ۾ هٿيارن جي صنعت پنهنجي پڄاڻي کي پهتي.


    اڇڙي ٿر جا عجائبات

    اڇڙي ٿر جا عجائبات
    اڇڙي ٿر ۾ ڪجهه اهڙا عجائبات آهن، جن کي ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پئجو وڃن ٿا. اهي اهڙا عجائبات آهن. جن جي منظر عام تي اچڻ سان اڇڙو ٿر گهمڻ جي لاءِ پرڏيهي سياحن ۾ دلچسپي پيدا ٿي سگهي ٿي. جن جي اچڻ سان هي دنيا کان ڪٽيل علائقو پرڏيهي دولت سان مالامال ٿي سگهي ٿو. انهن عجائبات مان ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ عجائبات جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
    1، سومون جو تڙ : سال 2005ع ۾ سنڌ جي سماجي تنظيم ٿرديپ هتان جي هڪ مقامي تنظيم “ ٿر سڌار سنگت ” جي تعاون سان پاڻي جي ڳولا جي هڪ پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ اڇڙي ٿر جي ويجهو عمرڪوٽ تعلقي جي هڪ ڳوٺ سومُون سمون ۾ پاڻي جي ڳولا لاءِ بورنگ ڪري رهي هئي ته ، 1160 فوٽن جي گهرائي تي بورنگ ڪرڻ سان زير زمين پاڻي اوچتو ٺڪاءَ سان وهي نڪتو. جنهن کي 1224 فوٽن جي گهرائي تائين پائپ لاهي بند ڪيو ويو. جيڪو 2005ع کان اڄ تائين مسلسل چويهه ئي ڪلاڪ ڇهن انچن جي پائپ مان پنهنجي ساڳئي پريشر سان وهندو رهي ٿو. جنهن جي پريشر ۾ هيترو وقت گذرڻ سان ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي. هي پاڻي گرم آهي ، وهنجڻ ، مال جي پيئڻ ، ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪتب اچي ٿو، ذائقي ۾ پيئڻ لائق به آهي، ڇو ته هن پاڻي ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ جي گهٽ مقدار هئڻ سبب پاڻي کارو يا لوڻياسو ناهي ، پر هن ۾ ڪجهه زميني جزا شامل هئن سبب صحت لاءِ فائديمند ناهي. هي پاڻي استعمال بعد وهي ، ڀر ۾ ئي هڪ ننڍي ڍنڍ ٺاهيو بيٺو آهي ، پر پاڻي واري ۾ واپس جذب ٿيڻ سبب انهي ٺهيل ڍنڍ ۾ واڌاري جو سبب نه ٿو بڻجي، هن پاڻي تي فصل پوکي سگهجن ٿا، پر علائقي ۾ زرعي رواج نه هئڻ سبب اهو پاڻي ضايع ٿيو وڃي. هن پاڻمرادو وهندڙ پائپ کي ڏسڻ لاءِ روڊ جي سهوليت نه هئڻ جي باوجود به ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن. حڪومت زرعي ماهرن جي مشوري سان هتي زراعت متعارف ڪرائي علائقي مان غربت کي تڙي سگهي ٿي. ٻئي طرف روڊ جي سهوليت ڏيئي، پرڏيهي سياحت ذريعي به ناڻو ڪمائي سگهي ٿي.
    2 . ڊرينهون : هي کليل وهندڙ واري جو سمنڊ به عجيب غريب حيرتناڪ منظر ڏيکاري ٿو. هن ۾ واري جي لهرن ۽ گهيرن سان هوا جي ٽڪرائڻ سان عجيب غريب آواز نڪرن ٿا. جنهن ۾ افريڪا جي رڙيون ڪندڙ واري جيان سياحن جي دلچسپي موجود آهي. هتي هڪ ساهوارو سانپوٽيو به واري ۾ هلندو ۽ ٽٻيون هڻندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن جي ننڍڙي جسامت ۽ هلڻ گهمڻ به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. وڏي ڳالهه ته هتي هيٺائين وارين جاين تي هڪ يا ٻه فوٽ کوٽائي سان پاڻي نڪري ايندو آهي. جيڪو صحت لاءِ نهايت مفيد ۽ صاف پاڻي آهي. جنهن تي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳائي، اڇڙي ٿر جي سموري پاڻي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي. هن علائقي ۾ خوبصورت نخلستان به موجود آهن، جيڪي سياحن جي دلچسپي لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿا.
    3 . پور چنڊ ڍنڍ : هن ڍنڍ جي ڏکڻ طرف واري جي ڊرينهن ۾ ٻه ڊگهيون جاڙيون قبرون موجود آهن ، جيڪي اڏامندڙ واري مان ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿين ٿيون. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اهي قبرون چنڊ نالي مرد ۽ پُوري يا پُولي نالي عورت جون آهن. انهي ڪري انهن قبرن جي ڍنڍ جي ڪنڌي تي هئڻ سبب هن ڍنڍ تي نالو پورچنڊ پئجي ويو. مقامي ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي، ته هتي اڳ ۾ هڪ ٻيڙي جو ڍانچو به موجود هوندو هو، جيڪو سندن چوڻ موجب واري جي ڊرينهن ۾ اچي ويو آهي هي ڍنڍ قدرت جو عجوبو آهي. ڊرينهن جي وچ ۾ ٻه ڪلوميٽرڊيگهه ۽ منو ڪلوميٽر ويڪر ايراضي ۾ پکڙيل هن ڍنڍ جي تري جي اڃان تائين ڪا خبر ناهي. هن ڍنڍ ۾ ڪا به آبي جيوت ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. هن ڍنڍ جو پاڻي کارو آهي. جيڪو مختلف رنگ به بدلائيندورهي ٿو. هن ڍنڍ جي پاڻي ۾ وهنجڻ سان چمڙي جون موذي بيماريون به ختم ٿيو وڃن. هن ڍنڍ جي ڪنارن تي سامونڊي پاڻي جيان گجي يا شوري جو مقدار به گڏ نه ٿو ٿئي. پر هن ڍنڍ جي پاسي ۾ برساتي پاڻي سبب ٺهيل پاڻي جي ننڍين ڍنڍن ۾ سوڍا کار گهڻي مقدار ۾ ملي ٿي . حيرت جي ڳالهه اها آهي ، ته هن ڍنڍ جي ڪناري سان ٻه فوٽ کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. جيڪو انساني ضرورتن جي پورائي لائق آهي. هن ڍنڍ جي ٽن طرفن کان واري جون ڊرينهون آهن. اهي ڊرينهون به هن ڍنڍ کي لٽي نه سگهيون آهن. هن ڍنڍ جي پاڻي ۾ به ڪا گهٽ وڌائي نه ٿي ٿئي. هي ڍنڍ واري جي ڊرينهن جي وچ ۾ هئڻ سبب ڪنارن کان اندر لهڻ ۾گهڻي مشڪل آهي. هن ڍنڍ جي اتر طرف صرف هڪ ڳوٺ ۾ راڄڙ ذات جا ماڻهو رهن ٿا ، سندن ڳوٺ جو نالو چنڙوئي آهي ، اتي جي مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب هن ڍنڍ ۾ اندر گهڙڻ جي ڪنهن به ماڻهو جرئت نه ڪئي آهي. صدين کان هن ڍنڍ جي حالت ۾ ڪا خاطر خواهه تبديلي نه آئي آهي. جيڪا ڳالهه وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ آهي . هن عجيب وغريب ڍنڍ بابت ڪيترا ئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن . مقامي سگهڙ ماڻهو ايتري حد تائين به ٻڌائين ٿا، ته طوفان نوح وقت زمين مان ٽن جاين تان پاڻي ڦاٽي نڪتو هو ، جن مان هڪ جاءِ شام ، هڪ جاءِ ترڪي ۽ هڪ جاءِ هتي سنڌ ۾ هي ئي پورچنڊ واري ڍنڍ آهي. بحرحال هي ڍنڍ جتي هڪ طرف سياحن جي دلچسپي جو سامان رکي ٿي ، اتي هن ڍنڍ تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي به ضرورت آهي. جنهن سان ڪافي لڪل راز۽ ڪارآمد شيون پڌريون ٿي سگهن ٿيون . هن ڍنڍ جي اتر طرف به ٻه قبرون ڊرينهن جي وچ ۾ آهن. جن کي ڇتو ۽ نوري جون قبرون سڏين ٿا . جيڪي قبرون به ڊرينهن جي ايراضي ۾ هئڻ سبب واري ۾ پوريل هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿين ٿيون. هن ڍنڍ جي ايراضي هوا جي لڳڻ سبب ڪجهه گهٽجي ويئي آهي. پر هڪ چورس ڪلو ميٽر ايراضي مڪمل رهي ٿي. جيڪا پاڻي جي اونهائي سبب ساڳي ئي رهندي آئي آهي .
    4 . ڪهيوري يا ڪيهر گاهه : هي گاهه اڇڙي ٿر جي کارين ڍنڍن جي ڪنارن ۽ ڊرينهن جي نخلستانن يا هيٺاهين وارين پوسل وارين جاين تي موجود هوندو آهي. اڇڙي ٿر ۾ جيڪي به کاريون ڍنڍون آھن، انهن جي ڪنارن سان هي گاهه موجود هوندو آهي. هن گاه جي هيٺان تقريبن فٽ ڏيڍ جي مفاصلي تي کوٽائي ڪرڻ سان مٺو پاڻي نڪرندو آھي. جنهن کي مال ۽ ماڻھون پيئڻ طور استعمال ڪن ٿا. گرمين جي موسم ۾ هي پاڻي کوهن جي پاڻي کان وڌيڪ ٿڌو پڻ هوندو آهي. انهن کان سواء ھي گاه اڇڙي ٿر ۾ ڊرينهن جي ڪجھ حصن ۾ به ملي ٿو ۽ اڇڙي ٿر کان علاوه هي گاه ٽنڊي مٺاخان ويجهو ڏيجي ڍنڍ جيڪا سم ۽ ٻوڏ سان پيدا ٿيل آھي. انهي جي ڪنارن سان به ملي ٿو. ان کان سواء چوٽياريون ، سرنواري ، ٽنڊومٺاخان ۽ ان جي آس پاس ۾ به ڪٿي ڪٿي نظراچي ٿو. پر اتي ڍنڍون موجود ناهن . پراڻن سِمن ۽ پوٺن ۾ به ھوندو آھي. هن گاه کي اڇڙي ٿر جا مقامي ماڻھو ڪيهر جي نالي سان سڃاڻن ٿا. پر ڪٿي ڪٿي هن گاه کي ڪيهوري يا ڪيهور پڻ سڏيو وڃي ٿو. پر اڪثر ماڻهو هن گاهه کي ڪيهر جي نالي سان سڃاڻن ٿا. هي زمين تي ڇٻر جيان ڇٽ هڻي وڇايل هوندو آهي. هن گاهه جي آسپاس کارو پاڻي موجود هوندو آهي يا بنهه پاڻي نه هوندو آهي. پر ضرورت وقت اگر ڪو ماڻهو هن گاهه جي جاءِ تي وڌ ۾ وڌ ٻه فوٽ ننڍو کڏوهڻندو، ته تمام ٿڌو ۽ صاف مٺو پاڻي ملي ويندو. هن پاڻي جي ٽيسٽ ڪرڻ بعد خبر پئي ، ته هي پاڻي نيسلي جي منرل واٽر کان به ڪوالٽي ۾ بهتر آهي. ويران ٿر ۾ هن گاهه جي هيٺان ايترو ويجهائي تي پاڻي ملڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. عام ماڻهن جو خيال آهي ته هن گاهه جي پاڙن ۾ ڪو اهڙو تاثير آهي جو کاري پاڻي کي به مٺو ڪريو ڇڏي. اڇڙي ٿر جي اڃايل ماڻهن لاءِ هي گاهه زندگي جي علامت آهي. ان ڪري لڏپلاڻ دوران هو اهڙي جاءِ تي رهندا آهن، جتي هي گاهه موجود هوندو آهي.
    5 . ڪتڻ گاهه : هي ديسي سبز چانهه جهڙو ٻوٽو هوندو آهي. هي ٿوري برسات تي به چهچ سائو ٿيو وڃي. مال هن گاهه کي شوق سان کائيندو آهي. هن گاهه جي پنن مان هڪ وڻندڙ ۽ روح کي تازگي بخشيندڙ خوشبوءَ ايندي آهي. هن گاهه کي کائيندڙ مال هڪدم ٿلهو متارو ٿيو وڃي . جيڪڏهن ڪا سوئا ڍڳي هن گاهه کي کائيندي ، ته انهي جي کير ۾ به وڻندڙ خوشبوءَ پيدا ٿي ويندي . هن کير مان نڪتل مکڻ ۾ به اها وڻندڙ خوشبوءَ موجود هوندي . اڪثر ماڻهو اهو کير ۽ مکڻ پنهنجي دوستن کي به تحفي ۾ ڏيندا آهن. جيڪو هڪ قيمتي سوکڙي طور قبول ڪيو ويندو آهي.
    ڪتڻ گاھ ناري جي ٽاڪرو علائقي دينڻ بزرگ، سوراھ، باقر شاھ بزرگ ۽ ميرن جي ٺھرايل نمبري تلاء واري علائقي ۾ برساتي نين جي وارياسن وھڪرن ۾ گھڻو ٿيندو آھي. ڪتڻ گاه اڇڙي ٿر جي ٽاڪرو ٿر کانسواءِ برساتي پاڻي جي وهڪرن جي پاسي ۾ ۽ اڇڙي ٿر جي ڊرينهن جي آبي گذرگاهن تي به ٿيندو آهي. هي گاهه اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ڏانهن ويندڙ وهڪرن جي ڪنارن تي به ٿوري تعداد ۾ موجود هوندو آهي. برسات جي دوران پوري اڇڙي ٿر ۾ آبي وهڪرن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي. پر جيئن ته اڇڙِي ٿر ۾ مال سوڪ ٿيڻ بعد انهي جا ٿٻ ۽ پاڙون به کايو ڇڏي. انهي ڪري هي گاهه ٿر ۾ عام حالتن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. باقي ٽاڪرو ٿر جي جابلو پٽن ۾ هي گاهه مال جي گهٽ چرڻ سبب موجود هوندو آهي. هن جا گاهه جا ٿُٻ سوڪ جي حالت ۾ به موجود هوندا آهن . انهي ڪري عام سمجهيو ويندو آهي، ته هي گاهه صرف ٽاڪرو ٿر جو گاهه آهي . پر هي گاه پوري اڇڙي ٿر جو گاهه آهي.
    ڪتڻ ڏاڍو خوشبوء دار گاھ آھي جيڪو چانھ ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو، سياري جي موسم ۾ ڪتڻ گاھ جي سڪل ٻوڙي مان ڪک پٽي پاڻي ۾ ڪاڙهي پيئڻ سان زڪام ڇڏيو وڃي، ڇاتي به صاف ٿيو وڃي . کنگھ کڙڪي لاء بھترين دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهي کان علاوه ڪتڻ گاھ سان اتي جون عورتون کير وارا ٿانوبه مانجھينديون آھن، ته جيئن کير خوشبودار رھي. انهي علائقي ۾هن گاهه سان گڏ ٻيا قيمتي گاھ به ڦٽندا آهن . جيئن گھوڙاول ٻوٽي جنهن جو ٻج ڪاڙھي انجو پاڻي پيارڻ سان گوڏن جو سور ڇڏيو وڃي. گائو زبان نالي ٻوٽي ڪاڙهي ڪنهن به شربت ۾ وجھبي ته اهو شربت وڌيڪ سوادي ۽ خوشبودار ٿي ويندو.
    انهي کان علاوه ڪتڻ گاھ کي ٿر واسي اٺن جي پاکڙن جي ھيٺيان اٺ جي پٺي جي بچاءَ لاءِ ڏنل نرم ٿڙھن يا پيڙهن ۾ به ڀرتي طور استعمال ڪندا آھن. اٺ جو تڙھو ڪپڙي جو به ٺھندو آھي، وڏن ٽائرن جي ٽيوبن مان به ٺھندو آھي، جانورن جي کلن مان به ٺھندو آھي، ان ۾ ڪتڻ گاھ وجھي ڀري ۽ سبي ڇڏيندا آھن، ۽ اٺ جي پٺي تي تڙھا رکبا آھن . تڙھن جي مٿان وري پاکڙو رکبو آھي . ائين ڪرڻ سان اٺ جي پٺي ٿڙهن جي نرمي سبب سلامت رهندي آهي.


    اڇڙي ٿر جون ڍاڻيون :

    اڇڙي ٿر جون ڍاڻيون :
    وسڪاري جي مند ۾ ڌنار پنهنجو مال ڪاهي گاهه وارن علائقن ڏانهن ڇڙا هليا ويندا آهن. جتي هو ڪنهن ڀٽ تي پيهيون اڏي رهي پوندا آهن. ۽ پوري وسڪاري جي مند ۾ جيستائين انهي سيم ۾ مال جو چارو يا پاڻي موجود هوندو آهي، پنهنجي مال سميت اتي رهندا آهن. جنهن کي وس تي وڃڻ، يا وس چرڻ چوندا آهن. سندن انهن رهائشي جاين کي ڍاڻيون سڏيندا آهن. اتي ڌنار پيهيون ٺاهي ڏينهن جو انهن پيهين جي ڇانوَ ۽ رات جو انهن تي چڙهي سمهندا آهن . سندن سيڌو سامان به انهن پيهين تي رکيل هوندو آهي. جيڪو جانورن کان محفوظ رهندو آهي. هي پيهيون ٺاهڻ به آسان آهن. ڪاٺ جون چار ٿوڻيون وڍي، زمين ۾ کوڙي انهن تي ڪاٺيون ۽ گاهه سٿي نرم وڇاڻو ٺاهي ڇڏيندا آهن. انهن پيهين تي هو رات جو جيت جانور کان به محفوظ هوندا اهن . ڌنار رات جو انهن وس وارين ڍاڻين تي خوب ڪچهريون ڪندا آهن . جتي هو ڪهاڻيون ، ٿري لوڪ گيت ڳائي روح ريجهائيندا آهن . هتي رهندڙ ڌنار پنهنجي خوراڪ ۾ ڏٿ جو استعمال وڌيڪ ڪندا آهن.
    وانڍ : سياري جي مند ۾ جڏهن گاه جي کوٽ ٿيندي آهي، ته مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي انهن جاين تي ويندا آهن. جتي تڙ يا پاڻي سان گڏ مال جو چارو به هوندو آهي. ڌنار اتي پيهيون ٺاهي. عارضي طور ڇڙا رهندا آهن. انهن رهائشي جاين کي وانڍ سڏيندا آهن. مالوندن جون رهائشون ڳوٺن کان پري هونديون آهن. هتي ڌنار پنهنجو گذران کير مکڻ ، لسي کان سواءِ اٽي جي ڪوڪيءَ تي ڪندا آهن . جنهن کي روٽ به سڏين . انهي کي تيار ڪرڻ لاءِ هو اٽو ڳوهي واري کي باه ٻاري گرم ڪري انهي گرم ٿيل واري ۾اٽي جي ٿلهي ماني وجهي پوري ڇڏيندا آهن. گرم واري ۾اها ڪوڪيءَ پچي تيار ٿيندي آهي، پوءِ انهي کي گيهه ، مکڻ ، لسي ، يا کير سان کائيندا اهن. سندن پڪل اها ڪوڪيءَ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي. اهڙي نموني هو پنهنجو وقت پيا گذاريندا آهن .


    اڇڙي ٿر جو لباس

    اڇڙي ٿر جو لباس
    اڇڙي ٿر ۾ مرد سلوار قميص يا گوڏ ٻڌن، مٿي تي اڇو پٽڪو يا اڇي ٽوپي پائين. سنڌي رنگين ٽوپيون به پاتيون وينديون آهن. عورتون سلوارون ، پڙا سوٽي يا ريشمي ، مٿي تي ريٽو ، ٻانڌڻو ، ڪاڪريچي اوڍين ، بيوه عورتون اڇي پوتي اوڍين ۽ ڪو به ڳهه ڪو نه پائين. اڇڙي ٿر ۾حر جماعت سان لاڳاپيل عورتون چُوڙا ڪونه پائين. ڇاڪاڻ ته شهيد سورهيه بادشاهه جي طرفان جماعت جي عورتن تي اهڙي بندش وڌي ويئي هئي. اڇڙي ٿر ۾ عورتن يا مردن جي مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ عيب سمجهيو ويندو آهي.


    اڇڙي ٿر جا علمي مرڪز

    اڇڙي ٿر جا علمي مرڪز
    جامعه الراشديه پير جو ڳوٺ : درگاهه راشديه جي ٻئين پاڳاري پير علي گوهر شاهه “ اصغر ” رح جي زماني ۾ سن 1834ع ۾ سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ سبب پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي ۽ پير صبغت الله شاهه اول جي مزارن کي جڏهن ٻوڏ جو خطرو محسوس ٿيو، ته عقيدت مندن طرفان ديهه ڪنگري ۾ ڏنل زمين تي پير علي گوهر شاهه ” اصغر “ اچي هي ڳوٺ ٻڌو ۽ پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي تي عاليشان روضو ۽ پير سائين صبغت الله شاهه اول تي تجر تعمير ڪرائي. راشديه درگاهه جي تعمير ۽ پير صاحبن جي خاندان جي هن ڳوٺ ۾ نئين رهائش سبب هي ڳوٺ حر جماعت جي عقيدت جي مرڪز سان گڏ وڏو علمي مرڪز ۽ عقيدت مندن جي آماجگاهه بنجي ويو. هتي راشدي خاندان جا پير صاحب به مدفون آهن. انهي کان علاوه هن درگاهه جي پنجين پاڳاري حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه اول (ڪوٽ ڌڻي ) رح، هڪ ديني درسگاهه جو به بنياد وڌو، هن ديني درسگاهه جو پهريون مهتمم استاد العلماءَ مولوي محمد صالح مهرکي مقرر ڪيو ويو. هن درسگاهه جي علمي هاڪ پري پري تائين پکڙي ويئي. ۽ جامعه الراشديه ديني تعليم ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳي. پير سائين سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه ) جي طرفان شروع ڪيل وطن جي آزادي جي تحريڪ دوران انگريز سامراج پير صاحب کي گرفتار ڪري، پير صاحب جي ڪوٽ ۽ حويلي سان گڏ هن درسگاهه کي به مسمار ڪري ڇڏيو. وري ٻيهر جڏهن سيد شاهه مردان شاهه ثاني ( ڇٽ ڌڻي) گادي نشين ٿيو، ته هن پير صاحب ٻيهر هن درسگاهه کي بحال ڪيو. هن درسگاهه جي شهرت سبب وري سوين ٻار ديني تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. هن وقت هي درسگاهه ملڪ جي هڪ وڏي علمي درسگاهه آهي. جنهن جون سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ شاخون آهن. هن وقت جامعه الراشديه درسگاه جي وڏي علمي حيثيت آهي . جتان تمام وڏا عالم تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. هتي خانقاهه الراشديه جي هڪ عظيم الشان لائبرري پڻ آهي. هي ڳوٺ حر جماعت جي عقيدت جو تمام وڏو مرڪز آهي.
    چوٽيارين جو مدرسو: هي به قديم ڳوٺ آهي. هتي مشهور عالم ميين مبين ڪيريي جو ديني مدرسو هو. جنهن جي علمي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي. ميين مبين ڪيريي جو جنم سن يارهن سئو هجري ۾ ٿيو. ڪن جي چوڻ موجب سندس جنم سن يارهن سئو ڏهه هجري ۾ ٿيو. ميين مبين ديني تعليم ٺٽي جي درسگاهن مان حاصل ڪئي. ٺٽي جو مشهور عالم دين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندس همعصر هو. انهي زماني ۾ هن جون ڳوٺان ٺٽي ڏانهن ايندي ويندي ، نصرپور جي ميين شاه عنات سان به ملاقاتون ٿيون . انهن ملاقاتن مان به هن علمي ڄاڻ حاصل ڪئي. 1135 هجري يا 1140 هجري ڌاري تعليم مڪمل ڪئي . ان بعد هن پنهنجي ڳوٺ ساندپوره ۾ ديني مدرسي جو بنياد رکيو . جنهن جي علمي هاڪ پري پري تائين پکڙي ۽ هن مدرسي جو شمار سنڌ جي چوٽي جي مدرسن ۾ ٿيڻ لڳو. جنهن تان اڳتي هلي سندس ڳوٺ ساندپوره چوٽياريون جي نالي سڏجڻ لڳو. هتي سنڌ جي مشهور بزرگ عبدالرحيم گرهوڙي به تعليم پرائي. ميون مبين تقريبن پنجاه سال هن مدرسي کي هلائيندو رهيو. ميين مبين جي وفات پنجين محرم سن 1196 هجري ۾ ٿي ، ميون مبين نهايت خوش خلق ۽ سخي طبيعت جو انسان هو. پاڻ سادگي پسند ۽ فقير قسم جو ماڻهو هو، ٿر ۾ رهڻ ڪري هو پاڻ کي ٿرائي سڏائيندو هو. هن کي چوٽياريون ۾ ئي دفن ڪيو ويو. چوٽياريون جو شهر ميرن جي زماني ۾ هڪ سٺو واپاري مرڪز هو، پر انگريزن جي قبضي بعد لڳل حر جدوجهد خلاف لڳايل مارشل لا جي نتيجي ۾ ٿيل آزادي پسند حرن ۽ انگريز فوج جي مقابلن ۽ افراتفري سبب هي ڳوٺ ڦٽي ويو. جنهن بعد هي ڳوٺ وري اهو ساڳيو اوج ماڻي نه سگهيو. هن وقت هن جي ڀر ۾ چوٽياريون ڊيم تعمير ڪرايو ويو آهي. جنهن سبب هن علائقي جو پراڻو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي.
    درسگاهه سِريواريءَ : مخدوم ميان محسن ۽ سندس ڪجھ ٻيا عزيز ۽ مائٽ، چوٽياريون ڳوٺ مان لڏي اچي ڳُجھڙي واري ٻيلي ۾، ڪاري ناري ( هاڪڙي ) جي اتريين پاسي، سريواريءَ واري ماڳ تي ويٺا. هتي ميين محسن هڪ مدرسو کوليو، جيڪو اڳتي هلي “درسگاھ سريواريءَ” جي نالي سان گھڻو مشهور ٿيو. هي درسگاهه پنهنجي دور جي هڪ مشهور ديني درسگاهه هئي. جنهن سبب سريواري سنڌ جي عالمن ۽ بزرگن جي اچ وڃ جو وڏو مرڪز ٿي ويئي. انهن بزرگن جي اچ وڃ جو ذڪر ڪندي، مشهور محقق استاد لغاري پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو، ته “ اندازن سن 1160 هجريءَ ڌاري، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه، چوٽياريءَ ۽ کنڀري ( تعلقي کپري ) کان ٿيندو، درسگاھ سريواريءَ ۾ آيو. جتي ان وقت درسگاھ جو مهتمم ۽ سنڀاليندڙ مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه جن هئا. ميان علي محمد ڪيريي رحه ، ڀٽائي صاحب کي پري کان ڏسندي ئي سڃاتو، ۽ هي بيت ڏنائين. “
    ڪُوڙو تُون ڪُفر سِين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
    هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
    تلڪ تنِين کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سِين”.
    ته ڀٽائيءَ صاحب کين وراڻيءَ ۾ ٻه بيت ڏنا.
    “ ڪافر ٿيءُ ته اُبهين، باب شرع جا ڇڏ،
    من مشرڪن گڏ، ته ويجھو ٿيين وصال کي”.
    “ آزَرُ ٿيءُ ته اُبهين، ڪٽا جيئن ڪافر،
    ته سندي ڏينهن حشر، ويجھو ٿيين وصال کي”.
    اهڙيءَ ريت ڀٽائي رحه ۽ ميون صاحب، هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ حال احوال ڏنائون ۽ ورتائون.
    درسگاھ سريواريءَ ۾ميين علي محمد ۽ ميين تاج محمد وٽ ڪجھ ڏينهن قيام ڪرڻ کان پوءِ، ڀٽائي صاحب، اڃان اڳتي“واگھين واري ڀٽ” ڏانهن اُسهيا. جيڪا سريواريءَ کان سڌو اولھ طرف، اندازن چئن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهي. ڀٽائي صاحب، سريواريءَ مان ويندي مهل، مخدوم ميين علي محمد ڪيريي رحه جن کي ڪافي دعائون به ڪيون ۽ هڪ عدد تسبيح ڳاڙهي عقيق جي وڏن مڻين ۾ پوتل سوکڙيءَ ڪري کين ڏيئي ويا. ڀٽائيءَ صاحب جي وڃڻ ۽ دعائن کان پوءِ، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه، پنهنجي لاءِ شيخ (مرشد) جي ڳولا ۽ تلاش ۾ نڪتا، ته خيرپور ضلعي جي، ڳوٺ شيخ طيب وٽ، سندن ملاقات حضرت سيد محمد بقا شاھ عفي عنه جن سان ٿي، جيڪي ان وقت ڳئون (ڍڳيون ) چاري رهيا هئا. حال احوال معلوم ڪرڻ کان پوءِ، حضرت سيد محمد بقا شاھ ڪجھ وقت کان پوءِ، مخدوم ميين علي محمد ڪيريي رحه جن سان گڏجي، درسگاھ سريواريءَ ۾ آيا. جتي ميان علي محمد ڪيريي رحه جن کي، سلسلئه طريقت ۾ داخل ڪري، کين تلقين ڪرڻ فرمايائون. اهڙيءَ ريت، سندن وچ ۾، پيريءَ ۽ مريديءَ وارو تعلق ۽ سلسلو قائم ٿي ويو. هي تعلق ۽ سلسلو اڳتي هلي ان وقت پنهنجي عروج کي پهتو، جڏهن حضرت سيد محمد بقا شاھ جن جي فرزند ارجمند، امام العارفين مجددالعصر حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه ۽ ميين علي محمد ڪيريي رحه جن جي فرزند ارجمند، مخدوم ميين تاج محمد ڪيريي رحه جن جي وچ ۾، سلسلئه طريقت قائم ٿيو ۽ مخدوم ميين تاج محمد ڪيريي رحه جن کي، حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن، پنهنجو خليفئه اول مقرر ڪرڻ فرمايو. اهڙي ريت درسگاھ سريواريءَ پنهنجي اوج ۽ عروج کي وڃي پهتي. هتي جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو، حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن جا مريد ٿيڻ لاءِ پهتا، انهن ۾ ابڙا، جوڻيجا، خاصخيلي، راڄڙ، سيد، ڪيريا، ڳاها، مري، مڱريا، نظاماڻي هنڱورا، هنڱورجا ۽ هندن ۾ واڻيا وغيره به شامل هئا. حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا روحاني سفر هتان کان ئي شروع ڪندا هئا، ته اهڙن علائقن ۾ اجمير شريف، اڇڙو ٿر، بدين، جيسلمير، راڙ، ڪڇ ۽ ڪڙيو گھنور وغيره به شامل هوندا هئا.
    انگريزن جي دور ۾ حرجدوجهد خلاف لڳايل مارشل لا جي زماني ۾ هي درسگاهه به ڳوٺ سان گڏ ڦٽي ويئي. هن وقت هتي درسگاه جي قديم مسجد ، مائي ڄامان جو ٺهرايل کوهه ۽ پڙهندڙ ٻارن لاءِ ٺهرايل مسافر خانو ڊٺل کنڊرن جي صورت ۾وقت جي بي قدري تي ماتم ڪري رهيا آهن.
    کنڀرو جي درسگاهه : هتي ماضي جي هڪ تمام وڏي علمي درسگاه موجود هئي . هن مدرسي جو بنياد يارهين هجري سن جي پڇاڙي ۾ميان عبدالباقي راڄڙ رکيو. جلد ئي هي هڪ عاليشان درسگاهه ۾ تبديل ٿي ويو. هن مدرسي جا سنڀاليندڙ راڄڙ ذات جا ماڻهو هئا. ميين عبدلباقي راڄڙ سن يارهن سئو هجري ڌاري وفات ڪئي. ان بعد سندس پٽ ميين محمد هاشم هن مدرسي کي جاري رکيو. هن جي وقت ۾ هن مدرسي وڌيڪ ترقي ڪئي. ميين محمد هاشم بعد ميين خير محمد هن مدرسي جي تعليمي سلسلي کي جاري رکيو. چون ٿا ته هن جي زماني ۾هتي شاه عبداللطيف رح آيو، ته ملن کيس هندو سمجهي مسجد مان ٽنگو ٽاليءَ ڪري ڪڍي ڇڏيو. بعد ۾ ميين خيرمحمد جي سڃاڻڻ بعدکانئس معافي ورتائون. پر ڀٽائي صاحب سندن روش کي ڏسي مُلن جي باري ۾ شڪايتي بيت هتي لکيا هئا. هن مدرسي ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي به رهيو هو. ۽ پنهنجي هٿن سان هڪ پراڻي ڪرڙ جي وڻ کي وڍي انهي مان هڪ ٻارهن فوٽن جو داسو ڇلي ٺاهي مسجد ۾ لڳايو. جيڪو اڃان تائين هتي زيارت لاءِ موجود آهي. مشهور عالم دين حاجي بشام بروهي سنڌڙي وارو به هتي پنهنجي عمر جو وڏو عرصو رهيو هو. 1942ع جي حرجدوجهد خلاف انگريزن جي لڳايل مارشل لا بعد هي ڳوٺ خالي ڪرايو ويو. جنهن بعد هن تاريخي علمي درسگاهه جو اوج ختم ٿي ويو. هن وقت ماضي جي هن علمي مرڪز جا نشان به مٽجي ويا آهن. باقي نالو وڃي رهيو آهي. هن وقت هتي صرف قرآن مجيد جي تعليم جو ننڍڙو مدرسو قائم آهي.
    رتو ڪوٽ وارو مدرسو: رتي ڪوٽ جي ڀرسان هنڱورجن جي ڳوٺ ۾ 1912ع ۾ قرآن مجيد جي تعليم لاءِ هڪ مدرسي جو بنياد رکيو ويو. بعد ۾ مولوي عمرالدين چنه هتي آيو، جنهن هن مدرسي کي وڌايو، ۽ هتي تفسير ، فقه، حديث ، سان گڏ فارسي جي پڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ائين هن مدرسي جي هاڪ پري تائين پکڙي ويئي. هن مدرسي ۾ مولوي محمد آڙهوٽو به آيو ، جيڪو هڪ بهترين استاد سان گڏ بهترين انتظام ڪار ۽ يارويس محبتي انسان هو. جنهن جي ڪارڪردگي پڻ هن مدرسي جي ترقي ۽ شهرت جو سبب بڻي. 1950ع کان پوءِ هن مدرسي جي اوسر گهٽجڻ لڳي ۽ هن وقت هتي فقط قرآن شريف جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
    پَڙائي شريف جو مدرسو: راڄڙ قبيلي جي نُک مارک مان هڪ شخص نالي ٻٻر مارک راڄڙ جي گهر ۾ سن 1022 هجري ڌاري هڪ ٻار جو جنم ٿيو. سندس نالو عبدالله رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ميين عبدالله ٿرائي جي نالي سان مشهور ٿيو. هن مختلف مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪئي، ڇو ته انهي زماني ۾ تعليمي درسگاهون تمام گهٽ هيون، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ درسگاهه قائم ڪئي تعليمي پڙهائي سبب هن ڳوٺ جو نالو ئي عام ماڻهن وٽ پَڙائي طور مشهور ٿي ويو. ميون عبدالله اڳتي هلي پير سائين روضي ڌڻي جو مريد ۽ خاص خليفو ٿيو. سندس واسطا ملتان جي پيرن سان به گهرا هئا. ٿر ۾ رهڻ سبب هن کي ميين عبدالله ٿرائي جي نالي سان شهرت نصيب ٿي. هن عالم دين جي محنتن سبب سندس قائم ڪيل درسگاهه جي شهرت پري پري تائين پکڙجي ويئي. ميين عبدالله ٿرائي ، ميين مبين ۽ گرهوڙي صاحب ۽ ٻين بزرگن جي تعاون سان هڪ مسجد پڻ تعمير ڪرائي. جيڪا قديم مسجد اڄ به موجود آهي. هن مدرسي سان گڏ هڪ ڪتب خانو به قائم ڪيو. جنهن ڪتب خاني ۾ سوين ڪتاب گڏ ڪيا. سنڌ جي هن ناليواري درسگاهه ۽ ڪتب خاني جي بربادي انگريزن جي لڳايل مارشل لا ۾ هن ڳوٺ خالي ڪرائڻ سان ٿي . ان بعد هي درسگاهه ٻيهر اسري نه سگهي. هن مدرسي ۽ ڪتب خاني جي باني ميان عبدالله ٿرائي جي وفات 2 محرم الحرام سن 1102 هجري ۾ ٿي. سندس قبر تي سندس پونئرن مان ميان حزب الله سال 2000ع ۾ هڪ مقبرو به تعمير ڪرايو آهي .
    تڙ پسايو جي درسگاهه: پڙائي شريف کان اتر طرف خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي جي هن درسگاهه جي هاڪ به ڪافي جڳهين تائين مشهور هئي. هتي پري پري جا ڪيترائي علم جا اڃارا اچي تعليم حاصل ڪندا هئا.هن درسگاهه جو هڪ استاد مولوي شرف الدين مشهور ڪاتب ٿي گذريو آهي. سندس لکيل تفسير جلالين، مشڪوات شريف ۽ ٻيا فقه جا ڪتاب مشهور آهن. انهي کان سواءِ هن درسگاهه جو هڪ عالم ميان خالد ٿي گذريو آهي. جنهن به ڪيترائي ڪتاب لکيا ، چون ٿا ته سندس لکيل ڪجهه ڪتاب مصر جي جامع الاظهر يونيورسٽي ۾ به موجود آهن. هي بزرگ اسروهي جي قبرستان ۾ مدفون آهي.
    ڍليار جو مدرسو: ڍليار اڇڙي ٿر جي ڪس وارو ننڍو شهر آهي. علمي لحاظ کان هتي جي درسگاهه پڻ سنڌ جي مشهور درسگاهن ۾ شمار ٿيندي هئي. انهي درسگاهه جو بنياد ميين عبدالرئوف هنڱورجي ۽ سندس گهر واري مائي ولايت ٻائي رکيو. ميون عبالرئوف ننڍي هوندي هڪ دفعي گهران مائٽن سان ڪاوڙجي لاڙ ويندڙ هڪ قافلي سان گڏجي لاڙ پهتو. جتي لاڙ جي مشهور سخي ۽ عالم دين حافظ محمد حسين ٿيٻي جو مدرسو ڏسي سندس دل ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. ۽ هي قافلي کان ڌار ٿي هن مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو. پويان سندس مائٽ به آسرو لاهي ويهي رهيا. هن مخدوم محمد حسين ٿيٻي وٽ تعليم مڪمل ڪئي . هن جو ادب اخلاق ۽ سڀاءَ ڏسي مخدوم محمد حسين سندس شادي پنهنجي نيڪ بخت نياڻي مائي ولايت ٻائي سان ڪرائي. . ڪجهه عرصي بعد هن کي نياڻي پيدا ٿي. اها جڏهن جوان ٿي ته سندس زال ولايت ٻائي کانئس سندس عزيزن جو پڇيو ، پر هن ڪو جواب نه ڏنو. آخرڪار پڇا ڪرڻ بعد سندس اصل عزيزن جي خبر پئجي ويئي، جيڪي کيس لڏائي ڳوٺ وٺي آيا. جتي هن هڪ مسجد ۽ مدرسو قائم ڪري تعليم ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي. سندس گهر واري مائي ولايت خاتون پڻ هڪ درويش ۽ الله واري عورت هئي . هي پڻ هن نيڪ ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي. ائين هن مدرسي جي شهرت پري تائين پکڙجي ويئي. اڳتي هلي ، هي ٻئي زال مڙس سيد محمد راشد روضي ڌڻي وٽ وڃي دست بيعت ٿيا ۽ پوءِ روضي ڌڻي کي دعوت ڏيئي پڻ وٺي آيا. سائين روضي ڌڻي سندن بزرگي ڏسي کين پنهنجي ويجهن خليفن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سندن نيڪ سيرت ۽ علم کي ڏسي عبدالرئوف کي ميان جو لقب عنايت فرمايو. ميان عبدالرئوف کي مائي ولايت ٻائي مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون . سندس پٽ محمد عالم ۽محمد افضل به وڏا عالم هئا. هنن هتي مدرسي سان گڏ هڪ وڏو ڪتب خانو به قائم ڪيو. ميان عبدالرئوف ۽ مائي ولايت ٻائي جي وفات بعد کين جنهن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، سو هن وقت به مائي ولايت جو قبرستان سڏجي ٿو. بعد ۾ ميان محمد عالم ڍليار ويجهو نئون ڳوٺ ٻڌو. جيڪو ڳوٺ سرڪاري رڪارڊ ۾ فقير محمد هنڱورجي نالي سان آهي. جتي هن وقت به درس تدريس جو سلسلو جاري آهي. هتي هن وقت مدرسه صبغته العارفين نالي سان قائم آهي، جيڪو پير ڳوٺ جي جامعه الراشديه جي برانچ آهي. ميين جي خاندان ۾ هن وقت به ڪيترائي عالم ۽ حافظ موجود آهن. سندن سڀاڳو اولاد اڃان تائين هن سلسلي کي قائم رکيو اچي.
    هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۽ مدرسو: اڇڙي ٿر جي ڪس ۾ ڀٽ ڀائٽي نالي هڪ ڳوٺ ڪافي عرصي کان موجود آهي. هن ڳوٺ جي هڪ نيڪ مرد مرحوم عثمان خان مري جي ڪوششن سان هتي 1939ع ۾ پرائمري اسڪول کوليو ويو. جيڪو اسڪول ترقي ڪري هن وقت هائير سيڪنڊري اسڪول جي درجي تائين پهتو آهي. هن اسڪول جي ايڏي ترقي پويان نيڪ مرد عثمان خان مري جو وڏو هٿ هو، انهي زماني ۾ آسپاس ڪو به اسڪول موجود نه هو. انهي ڪري هن سخي مرد هتي پري جي شاگردن لاءِ هاسٽل جو انتظام ڪري کين سموريون سهوليتون موجود ڪري ڏنيون . جنهن ۾ رهائش ، کاڌو پيتو ، ڪپڙن ڌوئڻ ، ۽ اچڻ وڃڻ جي ڀاڙي ڏيڻ تائين جو بار هن سخي مرد پنهنجي ذمي کنيو. انهي ڪري اڇڙِي ٿر ۽ ٿرپارڪر کانسواءِ پري پري جا غريب شاگرد هتي پڙهڻ لڳا. عثمان خان مري هتي هڪ مولوي حاجي حامد سمون کي آڻي هڪ ديني مدرسو به قائم ڪيو. جتي شاگردن کي ديني تعليم به ملڻ لڳي.


    اڇڙي ٿر جي رهڻي ڪهڻي

    اڇڙي ٿر جي رهڻي ڪهڻي
    اڇڙو ٿر جيئن ته جاگرافي جي لحاظ کان مختلف حالتون رکي ٿو. پر هتي مجموعي طرح ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ ڪو فرق ناهي. ڇو ته ترقي جي دنيا کان ڪوهين ڏور هن کليل واري واري ٿر ۾ مشڪلاتون، مسئلا ۽ تڪليفون گهڻي ڀاڱي ساڳيون ئي آهن. ٻي ڳالهه جيڪا هتي جي رهڻي ڪهڻي ۾ هڪجهڙائي جو سبب بڻي آهي، سا هي ته هتي گهڻي ڀاڱي اڪثر ماڻهو حر جماعت سان واسطو رکن ٿا. جن جي رهڻي ڪهڻي ۾ حر جماعت جي اصولن ۽ ضابطن جو عمل دخل آهي. باقي آبادي به انهي گهڻائي سان يڪجهتي ۽ محبت جو اظهار ڪندي، انهن ضابطن جو احترام ڪري ٿي. انهي ڪري هتي سماجي ٽڪراءَ تمام گهٽ موجود آهن. هتي حر جماعت يا ٻين پيرن جي عقيدت مندن جي وچ ۾ احترام جو جذبو موجود آهي.
    اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي پنهنجي سماجي نفسيات آهي. جنهن جو تاريخي طور اهو سبب آهي، ته انگريزن جي قبضي خلاف سورهيه بادشاه جي اعلان جنگ کان پوءِ يا اڳي هتي پوري برطانوي دور ۾ جنگي حالتون رهيون، حر گوريلا جنگ خلاف برطانوي سامراج پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪئي. نتيجي ۾ پوري اڇڙي ٿر تي هوائي جهازن ذريعي بارود اڇلايو ويو. سمورا ڳوٺ ۽ شهر تباهه ۽ برباد ٿي ويا. هزارين ماڻهن کي جيل ڀرجي وڃڻ بعد لوڙهن ۾ بند ڪري قيد رکيو ويو. جتي ننڍڙا معصوم ٻار عورتون ، پوڙها ، ۽ جوان قيدي ڪري مٿن بي انتها وحشيانه تشدد ڪيو ويو. سندن مال ملڪيتون ڦري ، ڳوٺ تباهه ڪيا ويا. اهو سلسلو 1895ع کان 1952ع تائين جاري رهيو. جنهن دوران قيدي ماڻهن جي گهٽ م گهٽ ٽن نسلن وحشيانه تشدد ۽ غير انساني سلوڪ هيٺ ستونجاهه سال گذاريا . جنهن سبب هڪ طرف انهن مظلوم قيدين جي هڪٻئي سان بي پناهه محبت پيدا ٿي ويئي، ته ٻئي طرف هنن کي ٻين ماڻهن کان نفرت پيدا ٿي ويئي. ڇو ته هنن انهي قيدي دور ۾ ٻين ماڻهن جي صرف نفرت ئي ڏٺي هئي. انهي ڪري هنن جو جماعت جي ماڻهن کان سواءِ ٻين ماڻهن تان اعتماد کڄي ويو. پاڪستان 1947ع ۾ٺهيو، پر حرن کي لوڙهن مان 1952ع ۾ ڪڍيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد هو بلڪل بي سمر هئا. سندن مال ملڪيتون اڳ ۾ ڦرجي چڪيون هيون، سندن اصل ڳوٺ زمينون سندن قيد دوران انگريزن جي وفادار ماڻهن ۾ ورهائجي چڪيون هيون. لوڙهن مان نڪرڻ بعد هنن لاءِ صرف اڇڙي ٿر جو ويران صحرا ئي بچيو هو. جتي هو اچي آباد ٿيا . جتي پڻ حڪومتي توجهه نه هئڻ سبب کين اڃان تائين ڪابه سهوليت ميسر نه ڪري ڏني ويئي آهي. هو آزادي جي انهن شهيدن جا وارث آهن، جن کي انگريزن جي وڃڻ بعد ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد به ڌرتي ڌڪاڻل سمجهيو ويو آهي. رياست جي انهي رويي سبب هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪن ٿا. هنن کي پنهنجي وڏڙن جي بي مثال قربانين جو ڦل صرف اهو مليو جو هنن کي لوڙهن مان ڪڍي ، ويران صحرا ۾ اڇلايو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو پاڻمرادو وڏڙن جي جوڙيل جماعتي نظام هيٺ زندگي جو ڪار وهنوار هلائي رهيا آهن. هنن جي سماجي رشتي ۾ ٻين سماجي روين جو تمام گهٽ عمل دخل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هو غير جماعتي ماڻهن ۾ ڪو به ويساهه نه رکندا آهن، نه ئي کين پنهنجو سمجهندا آهن. هو هيڏي ساري تاريخي سانحي مان گذرڻ جي باوجود به خوددار آهن ، وڏڙن جي ڪارنامن تي فخر ڪندي هو دلي طور بهادر آهن. هو ايترا خوددار ۽ غيرتمند آهن، جو وڏين مشڪلاتن ۾ به امداد وٺڻ کي ڏوهه سمجهن ٿا. هو پنهنجو پاڻ تي ڀاڙي وڏي بهادري سان جيءَ رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ، ته هو وطن جي آزادي جي ويڙهه جا اهي وڇڙيل سپاهي آهن ، جن کي وقت ۽ پنهنجي سالارجي حڪم جو انتظار آهي. انهي جو ثبوت انهي ڳالهه مان به ملي ٿوته ، رياست جي هيڏي بي قدري هئڻ جي باوجود به جڏهن کين پير صاحب پاڳاري طرفان 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ وطن جي حفاطت جو حڪم ڏنو ويو ، ته هنن سر سان ڪفن ٻڌي بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو.
    اڇڙي ٿر ۾ جيئن ته ڀٽون ۽ ڏهر کليل واري وارا آهن . انهي واري ۾ مٽي جو مقدار گهٽ آهي . ٻئي طرف وري ، کپ ، سر ، ڪانهن ، ٻوهه ، ۽ ٻيا اهڙا ٻوٽا گهڻي تعداد ۾ هر جڳهه تي ملي وڃن ٿا. انهي ڪري مٽي جي کوٽ ، روڊن رستن جي نه هئڻ سبب سرون ، سيمينٽ ، يا ٻيو عمارتي سامان پري وارن شهرن مان آڻڻ تمام گهڻو مشڪل ۽ مهانگو آهي. پاڻي ۽ نج مٽي جي قلت سبب هتي ڪچا گهر ٺاهڻ به مشڪل آهن . ٻي ڳالهه ته جي اهڙا گهر ٺاهجن به سهي ته اهي کليل واري ۾ مضبوطي سان بيهي نه سگهندا . اهو ئي سبب آهي جو هتي جا گهر ڪکن جا چئونرا ، ڇپر ۽ منهه آهن. جيڪي به گهڻو اوچا ناهن. جنهن جو سبب اهو آهي ، ته هتي کليل واري جي اڏامڻ سبب گهر هيٺ ڏهرن ۾ ٺاهي نه ٿا سگهجن . اهي ڀٽن جي مٿان ئي ٺاهڻا پوندا آهن . جتي وري هوائن ۽ موسمن جو اثر وڌيڪ آهي. ٻئي طرف هتي قداور وڻ ناهن. جنهن ڪري ڊگهيون ڪاٺيون يا لڙها جيڪي انهن چئونرن ، منهه ، ڇپرن ۾ استعمال ٿا ٿين، سي به گهڻو ڊگها ڪونه ٿا ملن. اهي سبب ئي آهن. جنهن ڪري هتي اوچا گهر ٺاهي نه ٿا سگهجن . هتي مٽي ۽ پاڻي جي کوٽ ۽ هيٺان کليل واري سبب انهن گهرن جا اڱڻ راڳي به نه ٿا سگهجن . انهي ڪري هتي گهرن ۽ اڱڻن ۾ ٻهاري ڏيڻ جو رواج ناهي . هتي ڪچري وڌي وڃڻ بعد صفائي ڪرڻ وقت گهرن جي اڱڻن جي واري کي ڇاڻڻي ۾ ڇاڻي ڪچرو ڪڍي، وري اها واري ٻيهر وڇائڻي پوي ٿي . هتي گهرن ۾ کٽون يا وري پٽ جي نرم واري تي وڇاڻو ڪري ويهبو ۽ سمهبو آهي . هي واري خشڪ آهي ۽ منجهس مٽي نه هئڻ سبب ڪپڙا ميرا به نه ٿا ٿين ، انهي ڪري ڪٿي به واري تي وڇاڻو ڪري رهي سگهجي ٿو. انهي کان علاوه هتي گرمي جي مند ۾ کٽن جي گهٽتائي سبب ماڻهو اڱڻن ۾ ٺهيل پيهين تي به سمهندا آهن . ڪاٺ جون ٿوڻيون هڻي انهنجي ڇت اڏي انهي تي نرم کپ ، ڪانهن ، سڻ يا ٻوهه جون نرم ٽاريون وڇائي اهڙو نرم ڪري ڇڏيندا آهن جو قيمتي پلنگن کان به وڌيڪ نرم ۽ آرامده ٿيو پون . گرمي جي موسم ۾ مٿي هئڻ ڪري هڪ ته انهن تي هوا لڳندي رهي ٿي ، ٻئي طرف گرمي ۾ نڪرندڙ نانگ بلائن يا زهريلن جيتن جو به ڪو خطرو نه ٿو رهي. اهڙيون پيهيون ڌنار به جهنگن ۾ مال سان گڏ رهڻ دوران ٺاهي رهن ٿا . جيڪي ڏينهن جو مٿن ڇانو ڪن ۽ رات جو سمهڻ جي ڪم اچن. هر لحاظ کان هو بنا کٽڪي آرام سان رهي سگهن ٿا . هتي ڳوٺن ۾ جيڪڏهن زير زمين پاڻي مٺو آهي، ته گهرن جي ويجهو نلڪا ۽ تڙ يعني کوهه آهن. جيڪڏهن پاڻي کارو آهي ، ته پوءِ وري گهرن جي ويجهو پڪا سيمينٽ سان ٺهيل ٽانڪا آهن . جيڪي اٺن يا گڏهن تي سانداري يا ربڙ جا ڪين ڀري پري وارن کوهن يا ڊرينهن جي تَسن ۽ چَلهن مان ڀري کڻي اچي ، انهن ٽانڪن کي ڀري ڇڏبو آهي. جتان وري اهو ڪڍي استعمال ۾ آڻبو آهي. برساتن ۾ وري ڳوٺن جي ڀر وارين تراين جي ڪنارن ۽ ڏهرن ۾ ٽانڪا ٺاهيا ويندا آهن ، جتي پاڻي گڏ ڪري رکبو آهي. اڇڙي ٿر جي صرف کپري تعلقي ۾ سرڪار طرفان پاڻي جي پائپ لائين ٺاهي ويئي آهي . جتان پڻ ماڻهو پاڻي حاصل ڪن ٿا . ٿر ۾ جيڪڏهن اهڙين پائپ لائنن جو ڄار وڃايو وڃي ، ته هتي جا ماڻهو پاڻي حاصل ڪرڻ جي پريشاني کان بچي سگهن ٿا. اڇڙي ٿر جي اهم مسئلن ۾ پاڻي جو مسئلو انتهائي مشڪل مسئلو آهي. هتي جيئن ته ماڻهن جو گذران صرف چوپايو مال ڌارڻ آهي. اڇڙي جي جاگرافيائي حالتن موجب جتي مال جو چارو موجود هوندو آهي ، اتي وري پاڻي موجود نه هوندو آهي. جتي وري پاڻي موجود آهي، اتي وري مال جو چارو نه هوندو آهي. انهن ٻنهي علائقن جي وچ ۾ ميلن جو مفاصلو هوندو آهي. انهي ڪري ماڻهن جا ڳوٺ پاڻي جي ڀر ۾ هوندا آهن ۽ سندن مال وري ٻئي پاسي چاري جي سهوليت موجب جهنگ ۾ هوندو آهي . مال ۽ ماڻهن جي وچ ۾ اهڙو مفاصلو ئي پريشاني جو سبب آهي. صبح جو سوير ماڻهو اٺ يا گڏهه ڪاهي ساندارا ۽ ڪين کڻي وڃي پاڻي ڀريندا آهن. جتان اهو پاڻي کڻي پنهنجي چرندڙ مال جي جوءَ ۾ اتي ٺهيل ٽانڪن ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪندا آهن. منجهند ڌاري اهو مال انهن ٽانڪن وٽ گڏ ٿيندو آهي. جتي هو مال کي پاڻي پياري ، سوئا مال جي ڏهائي ڪري ، کير کڻي شام ڌاري اچي گهر ڀيڙا ٿيندا آهن. ائين سڄو ڏينهن سندن ائين ڊوڙ ڊڪ ڪندي گذري ويندو آهي. شام جو وري گهر جي سيڌي سامان وغيره لاءِ هٿ پير هڻندي ، اچي رات ٿيندي آهي. عورتون وري صبح جو گهر لاءِ پاڻي هٿ ڪري اچيو کير ولوڙين . پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳيو وڃن . سندن ذمي ٻيا به تمام گهڻا ڪم آهن ، جن ۾ ڏٿ ميڙڻ ۽ سنڀالي رکڻ ، گهر ۾ بيٺل بيمار مال جي پر گهور لهڻ، اٽو پيهڻ، سانجڻ ڪرڻ، گهر جي صفائي ڪرڻ، گهر جي پاڻي جو انتظام ڪرڻ وغيره. واندڪائي ۾ هو گهرن ۾ رليون ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، اڳٺ ٺاهڻ ، گهر جي ضرورت لاءِ جهنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ وغيره، جهڙا ڪم به ڪن . مطلب ڏينهن جو آرام نه ڪن. سندن پورو ڏينهن انهي مٿا ڪٽ ۾ گذريو وڃي . اڇڙي ٿر ۾ عورتون ۽ مرد ڏينهن جو واندا ڪو نه ويهن. پوري اڇڙي ٿر ۾ نه ڪو پڪو روڊ ، نه ئي ڪوسواري جو انتظام آهي ۽ نه ئي ڪو ويجهو شهر آهي. سڀ ضرورتون اتي موجود وسيلن مان ئي پوريون ڪرڻ جي وٽن ڏاهپ آهي. مهيني ٻئي ڪو پهرو يعني ٻڪري يا ڍڳي شهر ڏانهن ڪاهي وڃن ۽ اها وڪڻي واپسي ۾ گهر جو سيڌو سامان ڪپڙو لٽو وٺيو اچن. انهي سامان آڻڻ لاءِ کين ٻه ٽي ڏينهن لڳيو وڃن. ٿري عورتون پنهنجي سانگ صرفي سان اهو سامان وري ٻئي سامان اچڻ تائين پيون هلائينديون آهن. جيڪڏهن ڪو مهمان اچي ويو، ته گهر ۾ ڌاريل ڪڪڙ يا انهي مقصد لاءِ بيهاريل ڇيلو ڪهي، مهمان کي پنهنجي غربت يا اڻهوند جو احساس ئي ٿيڻ نه ڏيندا. سندن چوڻ آهي، ته ڀلي بک ڀرم جي ، شال نه وڃي شان. انهي ڪري اڇڙي ٿر جا ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي غربت يا اڻهُوند جي لکا نه وجهندا. انهي ڳالهه جو اهو ثبوت آهي، ته اڇڙي ٿر جو ڪو به ماڻهو ٻاهر پنڻ يا امداد وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيٺل نظر نه ايندو. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو مهمان کي پنهنجو سمجهي پيا اور گهور ٿيندا. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو هر ڏکي ويل هڪٻئ سان گڏ ۽ مددگار هوندا آهن. هر مسافر کي ماني يا چانهه جي صلاح ڪندا ، کيس منٿون ڪندا ، ته ڪجهه کائي پيءَ پوءِ اڳتي وڃي. ڏسندڙ ماڻهو سوچيندو، ته جنهن چانهه پيارڻ جي هو دل سان صلاح پيا هڻن، انهي چانهه جي پڙيءَ وٺڻ لاءِ هنن کي ٻن ڏينهن جي مسافري ڪرڻي پئي هئي. جيڪا ڳالهه ڏسي سندن درياءَ دلي ۽ سخاوت تي رشڪ ايندو آهي. ڪنهن راهه ڀليل مسافر کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ هو هر وقت تيار هوندا آهن، پوءِ ڀلي هنن کي صحيح دڳ لڳائڻ ۾ ڪيترو به پنڌ ڪرڻو پوي. يا پنهنجو ڪم ڇڏڻو پوي. ڳوٺ جي اوطاق ۾ هر وقت ڪو نه ڪو ماڻهوموجود هوندو آهي ، جيڪو آيل جي آڌرڀاءُ ائين ڪندو، ڄڻ ڪو هو سندن ويجهو عزيز هجي. رات جو ڪچهري ۾ هو ڪوشش ڪندا، ته مهمان کان خبرون وٺجن ، پر هو پنهنجو حال احوال يا مسئلن جو ڪو به ذڪر نه ڪندا. اڇڙي ٿر ۾ هر اڻ واقف ماڻهو کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. باقي واقف ماڻهو اڳيان پنهنجون سڀ ڳالهيون اوريندا. جيڪا ڳالهه منجهن حر جدوجهد دوران پيدا ٿي آهي. جيڪا انهي دور جي ويساهه گهاتين جي زنده شاهدي آهي. بي اعتمادي سبب هو هر ڪنهن سان سڀ ڳالهيون نه اوريندا آهن. اهوئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر مان گذرندڙ ماڻهو هتان جون سڀ حقيقتون بغير واقفيت جي حاصل نه ڪري سگهندو آهي. اڇڙي ٿر ۾ نياڻين جي شادي جلد ڪرايو ڇڏين، ۽ بيوه عورت کي به گهڻو وقت بيوهه رهڻ نه ڏين. شادين ۾ به ڪو ٺٺ ٺانگر يا ڪو وڏو ڪاڄ نه ڪن، چار ڀاءُ برادري وارا گڏ ٿيا نڪاح ٿيو، حال سارو ماني کارائي ۽ سڀڪو پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيو. هتي شادين ۾ ڪو به دهل نه وڄايو ويندو آهي، نه ئي ڪا ساز سرود جي محفل ٿئي. وڌ ۾ وڌ محفلن ۾ مولود يا بغير سازن جي درگاهه جو مخصوص راڳ ڪرايو ويندو آهي. اڇڙي ٿر ۾ ڪنهن به قسم جي نشي ويندي سگريٽ پيئڻ ۽ مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. جيڪي رسمون حر جماعت جي قاعدن موجب رائج آهن. جن جو حڪم شهيد سورهيه بادشاه ڪيو هو. جنهن حڪم تي هو اڃا تائين سختي سان ڪاربند آهن.


    اڇڙي ٿر جا سوڍا

    اڇڙي ٿر جا سوڍا
    اڇڙي ٿر۾ جتي حر جماعت جي منظم نظام ۾ ماڻهن جي زندگي جو ڪار وهنوار هلي ٿو. اتي وري اڇڙي ٿر جي سوڍن جي راڄن جي رهڻ جا پنهنجا قديم قبائلي قدر ۽ رواج موجود آهن. اڇڙي ٿر ۾ سوڍن راجپوتن جا به ڏھاڪو کن ڳوٺ مئو، رابلاهو ، ڦلاهو، جيڻهار، راڻاهو، آسوڏر، ڪور، وغيره موجود آھن، انھن ڳوٺن ۾ ويرسي ۽ رام ذات جا سوڍا راجپوت رھن ٿا. اڇڙي کان ٻاهر ٿرپارڪر جي عمرڪوٽ پاسي وري ٻين ذاتين يعني گنگڏاس ، اُڏا ، سرتاڻ ۽ ڪيلهڻ نک جا سوڍا رهن ٿا. اهڙي ريت وري ٿرپارڪر جي ٻين هنڌن تي مالڏي ، نرا ، نٻا ، اکا ، مڏا بيبا نکن جا سوڍا رهن ٿا. سوڍن جو ريتون رسمون رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا ۽ قديم روايتي انداز لڳ ڀڳ ساڳيا ئي آهن. باقي مائٽي ۽ رشتيداري جا اصول ڌار ڌار آهن..
    سوڍن جي مردن جي نالي پويان سنگھ لڳندو آھي. مثال ڀوپت سنگھ، رتن سنگهه ، چندر سنگهه، ڪرن وير سنگ ۽ کمان سنگهه وغيره اهڙي ريت وري عورتن جي نالن پويان ڪنورِ جو لقب لڳندو آھي. جيئن بخت ڪنور، چندن ڪنور ۽ هنس ڪنور وغيره ورهاڱي کان اڳ اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جي سوڍن جا رشتا ناتا ، راجستان جي راجپوتن ڀاٽي ، راٺوڙ ۽ چوهاڻ ذاتين سان لاڳاپيل هئا. سرحدي پابندين جي نه هئڻ سبب سوڍن جون مٽيون مائٽيون هندستان ۾ رهندڙ راجپوتن سان ٿينديون آيون. پر ورهاڱي بعد ڪافي سوڍا هندستان لڏي ويا . پر جن سوڍن جيجل سنڌ کي نه ڇڏيو، سي مٽي مائٽي جي لحاظ کان مشڪلاتن جو شڪار آهن. مثال طور، هتان جي سوڍن جي اها قديم روايت رهندي آئي ته نياڻين جا رشتا انهن راجپوتن جي خاندانن سان ڪندا جيڪي رياستي حڪمراني ، گڍ يا ڪنهن قلعي ، ٺڪاڻي يا ڪنهن راڄ جا مالڪ هوندا جن نکن ۾ ڀاٽي ، راولوت ۽ چوهاڻ نکن جا راجپوت شامل هوندا هئا. جن سان سنڌ جا سوڍا پنهنجي نياڻين جي رشتيداري ڪندا هئا.
    هتان جا سوڍا پاڻ وري انهن راجپوتن مان شادي ڪندا هئا، جيڪي سندن نکن مان نه هجن، پر راجپوتن جي ٻين نکن مان هجن. ورهاڱي بعد هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي حدبندين سبب سوڍن جي انهي قديم رشتيداري جي ڏس ۾ وڏن سانحن جنم ورتو. جنهن سبب ڪافي سوڍا هندستان لڏي ويا . باقي محب وطن ۽ سنڌ سان عشق رکندڙ جيڪي سوڍا هتي وڃي رهيا آهن، تن جي پرڻجي ويل نياڻين پنهنجي عزيزن کي ورهاڱي بعد نه ڏٺو آهي. ۽ نه ئي وري هندستان جي راجپوتن جي هتي پرڻجي آيل نياڻين پنهنجي پيارن عزيزن کي وري ڏٺو آهي. مٿان وري هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سالن جي اڻبڻت سبب ويزا جون پابنديون، انهي رشتيداري جي درد ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن. انهي الميي سبب سوڍن جي خاندانن جو اهو هڪ اهڙو درد آهي، جنهن درد جو درمان اڃان تائين نه ٿي سگهيو آهي
    سوڍا خاندانن جي عورتن يعني سوڍين جي حيا ۽ پردي کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. سوڍين جي آواز کي ڪو به نامحرم شخص ٻڌي نه ٿو سگهي۽ نه ئي سندن شڪل کي ڪو اوپرو ماڻهو ڏسي سگهي ٿو. حالانڪ سوڍا خاندان جا مرد عورتن تي ڪو جبر به نه ٿا ڪن ۽ نه ئي هو عورتن جي معاملي ۾ ڪو ايڏا وڏا سخت رويو رکندڙ آهن. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ، ڪنهن به سوڍا خاندان جي عورت کي ڪارو ڪاري جي رسم موجب قتل ڪرڻ جو يا طلاق وغيره ڏيڻ جو ڪو واقعو ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي. سوڍن جون عورتون پنهنجن گهرن ۾ آزادي سان رهن ٿيون، ۽ سندن وارث ساڻن پيار ڪن ٿا . پر پنهنجي قديم روايتن جي امين سوڍن پنهنجي وڏڙن جي ٺاهيل گهريلو ۽ قاعدن ۽ قانونن سان محبت رکندي، انهن قديم سوڍاڻين روايتن کي هر حالت ۾ زندهه رکيو آهي. جيڪا ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي. شايد دنيا ۾ اهڙين قديم روايتن جي پاسداري جو ڪٿي ٻيو ڪو مثال موجود هجي. سوڍن جي وڏڙن جي ٺاهيل انهي قانون موجب سوڍا مرد صبح جو سوير ننڊ مان اٿندي ئي گهر ڇڏي اچي پنهنجي اوتاري ، اوطاق يا ٺڪاڻي تي پاٿاري هڻندا آهن. جيئن سوڍيون پنهنجي گهر جو ڪم ڪار آساني سان ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪو مرد گهر ۾ موجود هوندو، تيستائين پردي م رهندي، هو پنهنجي گهر جو ڪم ڪار آساني سان نه ڪري سگهنديون ۽ نه ئي گڏ ويهي ڪا آزادي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه ڪري سگهنديون. سوڍاڻي قانون موجب ننڍي ڀاءُ جي زال پنهنجي وڏي ڏير جي منهن نه چڙهندي ، وڏي ڏير کان سواءِ پنهنجي سهري يا ساهراڻي ڪيڙ جي هر مرد کان پردو ڪندي . پر پنهنجي ننڍي ڏير کان پردو ڪونه ڪندي. جيڪڏهن سندس مڙس سندس ڪمري يا چئونري ۾ موجود هوندو، ته هو انهي ڪمري ۾ يا چئونري ۾ ڏينهن جو ڪڏهن به ڪو نه ويندي. رات جو به جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي سمهي رهندا، ته پوءِ هو لڪي لڪي مڙس سان ملڻ سندس ڪمري ۾ ويندي ۽ چوري ملاقات ڪري وري لوڪ ستي ئي وڃي رڌڻي ۾ گهر جي ڪم ڪار کي لڳندي، ائين محسوس ڪرائيندي ته هو سڄي رات مڙس جي ڪمري ۾ نه ويئي آهي. ائين سڀ سوڍيون سوير جاڳي مڙسن جي ڪمرن يا چئونرن مان نڪري گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وينديون. اهڙي ريت هو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي گهرن جو سمورو ضروري ڪم ڪار لاهي وانديون ٿي وينديون آهن، جيستائين ڪو مرد گهر ۾ موجود ڏسنديون تيستائين سڀ عورتون پردي ۾ هونديون . جيئن ئي مرد گهر کان ٻاهر نڪتا، ته پوءِ آزادي سان بنا پردي جي گهر جو باقي ڪم ڪار ختم ڪري ، پاڻ ۾ ڪچهريون ڪرڻ لڳنديون آهن. جيڪڏهن ڳوٺ جو ڪو وڏو مرد گهر ۾ ايندو ته انهي کان لڪي وينديون ۽ پردو ڪنديون آهن . کيس سڏ جو جواب به ڪو نه ڏينديون آهن. ڪابه عورت پنهنجي مڙس جو نالو نه کڻندي ، پر ضرورت وقت مڙس کي پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جي نالي جي نسبت سان سڏينديون آهن ، جيئن کيت سنگهه جا پيءَ ڳالهه ته ٻڌ ! وغيره سهري کي ٻاپ ، سس کي ننهن جي نالي جي نسبت سان سڏينديون ، وڏي ڀاڄائي کي ڀاڀي ، ننڍي ڏيرياڻي کي لاڏي ، مڙس جي ڀيڻ کي ٻائي جي نالي سان سڏينديون آهن.
    گهر ۾ سهري کان پوءِ سس جو حڪم هلندو آهي، هو پنهنجي وڏي ڏير ۽ سندس زال جو تمام وڏو ادب ڪنديون آهن ، پر پنهنجي ننڍي ڏير يا ننڍي ڏيرياڻي سان کل ڀوڳ ۽ مسخريون ڪنديون آهن. واندڪائي جي وقت ۾ عورتون چوپڻ راند کيڏنديون آهن. چوپڻ جي راند سوڍين جي پسنديده راند هوندي آهي ، ڌيءَ کي ڏاج ۾ پڻ چوپڻ راند جو سامان لازمي طور ڏنو ويندو آهي. سوڍن جي ڳوٺ مان گذرندي نه ئي ڪا سوڍي نظر ايندي نه ئي سندن ڪو آواز بڌڻ ۾ ايندو. سوڍيون تمام نرم لهجي ۾ آهستي سس پس ۾ ڳالهائينديون آهن وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ سوڍين لاءِ عيب آهي. سوڍيون پنهنجي گهر جي ڪم جون وڏيون سگهڙ هونديون آهن. گهر جي صفائي ۽ ٺاهه ٺوهه کي ڏسي عقل دنگ رهجو وڃي. گهرن جي ديوارن تي رنگن جي چٽسالي ۾ سندن شرطون لڳنديون آهن. ڪچا گهر به پڪا محل لڳندا . پراڻا گهر به ڏسندڙن کي نوان پيا محسوس ٿيندا. رڌ پچاءَ ۽ مختلف ذائقيدار طعام رڌڻ جون به ماهر هونديون آهن. سوڍين عورتن جي رڌل طعام جو ذائقو کائيندڙ کي هميشه ياد رهندو اهي. سوڍين جي هٿن جي تيار ڪيل طعام کي ڪير به وساري نه سگهندو.
    سوڍين جي لباس ۾ خوبصورت چولي گهاگهرو، ۽ زيور پائڻ هنن جو شان آهي. سوڍيون عورتون پنهنجي لباس جي لحاظ کان عورتن جي وڏي ميڙ ۾ به نمايان ڏسڻ ۾ اينديون. سوڍين عورتن جون مائرون پنهنجي نياڻين جي هر لحاظ کان تربيت ڪنديون آهن. جيئن هو شادي بعد پرائي گهر ويندي مهڻي هاب نه ٿين ، سوڍيون مهڻو برداشت نه ڪري سگهنديون آهن.
    مرد سوڍا قد ۾ ڊگها ، هٺ هٺيلا شڪل صورت ۾ سهڻا صفا جنگي جوڌا لڳندا آهن. مٿي تي ڦينٽو (رنگين پٽڪو) رکي، ننڍي قميص ۽ لنگوٽ ٻڌي ، پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پائي جڏهن مڇ تي هٿ رکندي ، اوچي ڳاٽ سان هلندا آهن، ته مردانگي ۽ ٺٺ ۾ هو صفا ملڪ جا والي لڳندا آهن. سوڍن جي هلڻ واري ٽور فخريه انداز واري ۽ ويهڻ به وڏي شان ۽ شوڪت وارو هوندو آهي. عام طور هو وڏا خوددار، سخي هوندا آهن. سوڍا ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجو انت نه ڏيندا آهن. هو تڏي جا خان هوندا آهن.
    سوڍا ڪچهري کي رهاڻ چوندا آهن ، رچايل رهاڻ ۾ مٺاين سان گڏ مصري لازمي طور پيل هوندي آهي. رهاڻ ۾ سوڍن جو وڏو نمايان جڳهه تي ويٺل هوندو آهي باقي مهمان دائري ۾ ويهندا آهن، ڪو به سوڍو پنهنجي وڏي جي اڳيان سامهون ٿي نه ويهندو آهي. وڏي جي موجودگي ۾ ننڍا سوڍا ماٺ رهندا آهن، سوال جو جواب به نرم لهجي ۾ وڏي ادب سان ڏيندا آهن. رهاڻ جي شروعات ۾ سوڍن جو چارڻ ڪو اهڙو بيت يا دوهو ٻڌائيندو آهي، جنهن ۾ سوڍن جو شجرو ۽ سندن بهادري جي واکاڻ ٿيل هوندي آهي. انهي کان پوءِ آفيم جو دور هلندو آهي. سوڍا آفيم کي امل سڏيندا آهن ، انهي امل واپرائڻ جو به سوڍن جو پنهنجو الڳ طريقو هوندو آهي. هو آفيم کي پيالي يا ننڍڙي وٽيءَ ۾ ڳاري انهي ۾ ڪپهه جو صاف ٻڙو ٻوڙي رکندا آهن. پوءِ پيارڻ وارو آفيم جي رس ۾ پسايل ٻڙي کي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي نپوڙي هڪ مخصوص انداز ۾ مهمان کي پياريندو آهي. آفيم پيارڻ جي رسم به وڏي کان شروع ٿيندي آهي. پوءِ ائين نمبر وار آفيم پيارڻ جو دور شروع ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت ٻئي طرف وري شراب جو دور به هلندو آهي. سوڍا شراب کي دارون سڏيندا آهن. شراب جا جام به ڀري مهمانن جي سامهون رکيا ويندا آهن. پوءِ وڏو سوڍو سڀ کان پهريائين شراب جو جام کڻندو آهي، انهي کانپوءِ سندس اجازت سان شراب پيئڻ جو دور به هلندو رهندو آهي. انهي رهاڻ ۾ راڳ ڳائڻ جي محفل به هلندي رهندي آهي. رهاڻ جي آخر ۾ ماني جو دور هلندو آهي، ماني ۾ مٺايون ، مصري ، سايون ڀاڄيون ۽ گوشت لازمي طور شامل هوندو آهي. ماني جي شروعات ۾ هٿ ڌوئاريا ويندا آهن هٿ ڌوئارن جي شروعات به وڏي سوڍي کان ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت وڏي سوڍي جي پهرئين گراهه کڻڻ سان ماني جي دور جي شروعات ٿيندي آهي. ائين ماني بعد سوڍن جي رهاڻ پنهنجي پڄاڻي کي پهچندي آهي.
    اهڙي ريت اڇڙي ٿر جا سوڍا ۽ ٺڪر پنهنجي قديم سوڍاڻين رسمن جا امين رهندي، پنهنجي قديم رسمن تي قائم آهن. وڏي ڳالهه ته اڇڙي ٿر جي اڪثريتي آبادي حر جماعت جا سماجي ضابطا سوڍن جي انهن سوڍاڻين رسمن سان لاڳو ناهن.انهي مان ثابت ٿيو، ته هتي جا ماڻهو بنيادي طور سهپ ۽ ٻئي جي رسمن جو احترام به ڪندڙ آهن. انهي ڳالهه جو سبب اهو به آهي ، ته حر تحريڪ دوران سوڍا انهي تاريخي جدوجهد ۾ شامل رهيا. راجستان جي راجا طرفان حرن لاءِ پنهنجي سرحد کولي ويئي . مشڪل حالتن حر گوريلا راجستان ۾ پناهه وٺندا رهيا. هتي به حر تحريڪ ۾ سوڍا حر گوريلن جا نه صرف مددگار رهيا. پر هنن انهي گوريلا جنگ ۾ عملي طور حصو به ورتو. انهي ڪري حر جماعت ۽ سوڍن جي وچ ۾ هڪ تاريخي رشتو به جڙيل رهيو آهي. اڄڪلھ سوڍا ھندستان ڏانھن لڏي پيا وڃن. ڇو جو هنن جون مٽيون مائٽيون ھندستان ۾ آھن . اچ وڃ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويزا تي سختي ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.کين مرڻي پرڻي تي ترت اجازت به نه ٿي ملي. انهي سبب هي تيزي سان هتان لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اھوسلسلو جاري رهيو، ته سوڍا سنڌ ۾ نه رهندا . جنهن ڳالهه تي ٻنهي حڪومتن کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي.


    اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ ڀيل قبيلو

    اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ ڀيل قبيلو
    هي هندو قبيلو به پوري اڇڙي ٿر ۾ مختلف جاين تي رهائش پذير آهي. هي قبيلو به مختلف ذاتين، پاڙن ۽ نکن ۾ ورهايل آهن. جيئن ساڌيجا ڀيل، چوهاڻ ڀيل، جاکٽيا ڀيل، چوهڙي ڀيل، اترادي ڀيل، گولاڻي ڀيل ، جيئا ڀيل ۽ سهجوئي ڀيل وغيره. اڇڙي ٿر ۾ اڪثريت ۾ موجود ڀيلن کي شڪاري ڀيل به سڏيندا آهن، هندو ڀيل وري مسلمانن سان تمام گهڻي ويجهڙائي رکندڙ آهن. هنن جا مسلمان ذاتين سان گهرا سماجي لاڳاپا به موجود آهن . انهن لاڳاپن جي اثر سبب هنن جا ڪافي ماڻهو مسلمان به ٿيندا رهن ٿا. هونئن به هنن جون ڪافي رسمون مسلمانن سان ملندڙ آهن، شادين ۾ نڪاح پڙهائڻ، جنازن کي غسل ڏيڻ، اسلامي طريقن سان دفن ڪفن ڏيڻ وغيره. هندو شڪاري ڀيل نڪاح ۾ اسلامي خطبي بجاءِ وچن وٺي شاهه جا دعائيه بيت پڙهندا آهن . شڪاري ڀيل هندن جي مذهبي ڏڻن جي جاءِ تي مسلمانن سان گڏجي عيدون به ڪن. قرباني جي عيد ۾ ٻڪر به ڪهن. هنن جا نالا به مسلمانن جي نالن جهڙا آهن . هنن جي تمام رسمن جي مسلمانن سان وڏي ويجهڙائي جهڙيون رسمون حيرت ۾ وجهندڙ آهن. ڀيلن جو لباس ۽ نالا به مسلمانن وارا آهن. . جنهن ۾ عورتون مٿي تي پوتي، چولو، گج، شلوار پائين ۽ مرد شلوار قيص، گوڏ، پٽڪو ۽ اڇي ٽوپي پائين . هندو رسمن ۾ وري گهرن ۾ جوڙيل ننڍڙن مندرن ۾ پوڄا پاٺ به ڪن، خاص ڪري کيتربار ديوتا ، ماوڙيون ٻايون ۽ مالهڻ ديوي جي پوڄا جون رسمون به ڪن. جنهن ۾ ڪارو ٻڪر ٻل چاڙهين ۽ مٺا طعام، ڏونگهيون ۽ مٺايون به ورهائين. هي سنڌي ٻولي، ٿري گاڏڙ سنڌي ۽ مارواڙي ٻوليون به ڳالهائين ٿا .
    هي انتهائي محنت ڪش ۽ واندا نه ويهڻ وارا پورهيت آهن. اڇڙي ٿر جي ضرورتن موجب ، اٺن جا پاکڙا ، گڏهن جا جنڊا ، کوهن جا ڀوڻ، پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻوڪا ، ساندارا ۽ سانداريون، کوهن مان پاڻي ڇڪي ڪڍڻ جا ورت ، اٺن جون جهلون، کڙيا ، فراسيون ، کٿيون ، رسا ، مهارون ، مُڇيون، ٻوجها ، ، کٽولن واڻڻ لاءِ اڳڙين ۽ ڏاس مان سنهيون ڏوريون به ٺاهين، انهي کان علاوه سرن جي تيلين مان ٻارڙن جا پينگها ، ان ڇڙڻ لاءِ سُپ يا ڇڄ ، کارا ، کاريون ، پيرن ۽ ڏٿ ميڙڻ لاءِ ٽٻڪا ۽ ٽٻڻيون، ٻارن جا رانديڪا به ٺاهين ، هي گهرن جا ڇپر، چئونرا ، ڪايا ، داسا ، مل ، ۽ چپرون ٺاهڻ جا به ڪاريگر آهن . مطلب ته اڇڙي ٿر جي سموري سماجي ڪار وهنوار ۾ هنن جو ڪردار ماهرانه ۽ پورهيت وارو آهي. انهي ڪري پوري اڇڙي ٿر جي سماج ۾ کين سندن مهارتن ۽ پورهئي جي ڪري وڏي عزت حاصل آهي. مذهبي روداري ، پورهئي جي مهارت سبب هي هتان جي سماج ۾ ملي جلي ويا آهن . هنن جي مسلمانن سان سماجي ويجهڙائپ وڌيڪ آهي. انهي ڪري مسلمانن جي وچ ۾ هنن کي سڃاڻڻ به مشڪل ٿيو پوي . شڪاري ڀيلن جي اڪثريت پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي آهي ۽ هو پاڻ کي جماعت جي رسمن ۾ گڏ رکندا آهن. حر تحريڪ دوران به هنن پنهنجو وطن دوست ڪردار ادا ڪيو. پير صاحب هندو ڀيلن جي دعوتن ۾ مسلمانن جي دعوتن وانگر شريڪ ٿيندا آهن.


    اڇڙي ٿر ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

    اڇڙي ٿر ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون
    اڇڙي ٿر ۾ سنڌي ٻولي عام طور هر جڳهه تي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي. هندستاني سرحد سان گڏ لاڳاپيل هئڻ سبب يا ورهاڱي کان اڳ جيسلمير سان واسطو مائٽي ۽ اڃ وڃ سبب اڄ به مسلمان جيسلميري لهجي واري ٻولي، جنهن کي کاڏاري ٻولي چون ٿا ، ڳالهائيندا آهن . هندو ٺڪر ڀيل ۽ مينگهواڙ جن جو لاڳاپو گهڻو ڪري ڍاٽ سان رهيو آهي ، سي وري ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائين ٿا . ڪجهه قبيلا مارواڙي ٻولي به ڳالهائين ٿا . انهي ڪري مجموعي طور سنڌي ٻولي کانسواءِ جيسلميري کاڏاري ، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو ۽ قبيلا هتي رهائش پذير آهن.
    اڇڙي ٿر جو رانديون
    اڇڙي ٿر ۾ سهوليتن جي اڻهوند سبب ماڻهن جو سمورو وقت صبح کان شام تائين پنهنجي ڪمن ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ گذرندو آهي . انهي ڪري کين وندر ورونهن جو موقعو گهٽ ملي ٿو. اڇڙي ٿر ۾ تفريحي پارڪ يا تفريحي جاين تائين پهچڻ جون سهوليتون ناهن. انهي ڪري هو پنهنجي وندر ورونهن لاءِ واندڪائي واري وقت ۾ مختلف رانديون ڪندا آهن ، سندن اهي سموريون رانديون بنا خرچ هونديون آهن. ٻار لڪ لڪوٽي ، ڦرڦر سونٽو ، ٻٻر جي ڪنڊي ۾ پلڙو يا ڪنهن سخت ڪاغذ جي پٽي وجهي ڦرڻي ڦيرائڻ، وڻن ۾ رسا ٻڌي ٻڌي لوڏ ۾ لڏڻ غيره ، عورتون ۽ پوڙها مرد وري گهرن ۾ چوپڻ ، نوٽڻي راند کيڏن ٿا. جوان وري وسڪاري يا سياري جي مند ۾ ملهه ڪٻڏي ، ۽ ٻيلهاڙي راند جي مقابلن جو شوق رکن ٿا. اڇڙي ٿر ۾ ٻيلهاڙو راند جو رواج سڀ کان وڌيڪ هو . زور آزمائي وارين راندين ۾ هي هڪ خطرناڪ راند آهي. جنهن راند ۾ رانديگر جي معذور ٿيڻ جو به خطرو هوندو هو. پر اڇڙي ٿر جا نوجوان هن راند ۾ وڏي دلچسپي رکندا هئا ، اڇڙي ٿر ۾ ڪو وقت هو، جو ٽنڊو مٺا خان ، چوٽياريون ، پنيهل ، مکي ، مٽ ٽوڙي ، ڊڀرو، ڀٽ ڀائٽي ، کاروڙ ڍنڍ ، ميهر ڀٽ ، جوارڙو ، لارڙو ، راڙ ، ميون ٿرائي ، ناگنا ، قاضي فيض محمد ، عالم آباد ، تڙ مانڌلو، اوقر ، اسروئي ، ماهو ڀٽ ، وغيره جا ڳوٺ ۽ علائقا ٻيلهاڙي راند لاءِ مشهور هئا ، جتي پهلوان زور آزمائي ڪندا هئا. هن راند جي زور آمائي ۾ مشهور پهلوان عثمان جهوتو هو، جيڪو پنهنجي پهلواني ۾ تمام گهڻو مشهور هو. ان کان سواءِ ، علي بخش راڄڙ ، ڀلو راڄڙ ۽ عرس راڄڙ ، تڳيو خاصخيلي ، علي بخش نظاماڻي ، حبيب الله بروهي ، فقير مير محمد نظاماڻي به جواني ۾ پنهنجو خوب نالو ڪمايو. پر افسوس اڇڙي ٿر ۾ ڏڪارن ، حڪومت جي لاپرواهي ۽ غربت سبب هاڻي اها مشهور راند به موڪلائي ويئي آهي . ماڻهو پنهنجي مسئلن ۾ وڪوڙيل آهن . زندگي جي جياپي جي جنگ جي هڻ هڻان سبب سندن چپن تان مرڪون موڪلائي ويون آهن. تفريح جي کوٽ واري ۽ مسئلن ۾ گهيريل اڇڙي ٿر جا ماڻهو پوءِ به پنهنجو ماڻهپو سلامت رکيو اچن ، سا ڳالهه سندن بردباري ، بهادري ۽ همت جو زنده ثبوت آهي.


    اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي سماجي حالت

    اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي سماجي حالت
    اڇڙي ٿر جي انهي مٿئين سماجي جائزي مان خبر پوي ٿي ته ، اڇڙي ٿر جو سماج هڪ کليل ذهن، سهپ ۽ رواداري وارو آهي. هتي سماجي ٽڪراءَ تمام گهٽ آهن. هڪ گڏيل ۽ پنهنجائپ وارو ماحول آهي . هتي مذهبي انتهاپسندي وارو رويو موجود ناهي . راشدي طريقي ۾ مذهبي انتهاپسندي جي ڪا گنجائش ناهي ، راشديه درگاه جي بزرگن جي پيغام ۾ انسان دوستي جو عنصر وڌيڪ آهي . انهي ڪري هتي جماعت جي اصولن موجب انتهاپسند ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ قوتن جي رستا روڪ به ڪئي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر جي مسجدن ۾ راشدي طريقي کان کانسواءِ ڪنهن ٻئي مولوي کي اچڻ نه ڏين . پوري اڇڙي ٿر ۾ تبليغي جماعت کي ماڻهو ڪو نه سهن . هنن کي پنهنجي ڳوٺن يا مسجدن ۾ رهڻ به نه ڏيندا آهن. پر قديمي طور رهندڙ ٻين مسلمانن جي فرقن يا هندو ڌرم يا ٻئي مذهب کان نفرت ڪو نه ڪن . راڄوڻي ڪار وهنوار ۾ به ڪو ويڇو ڪو نه رکن. هندو مسلم ڀائپي قائم آهي ۽ مذهبي جاين جو احترام به قائم آهي. هتي روڊ رستي نه هئڻ ۽ شهرن پري هئڻ ڪري علاج جي ڪا به سهوليت موجود ناهي . ڪنهن مريض کي شهر تائين پهچائڻ لاءِ ڪا پبلڪ سواري نه هئڻ ڪري ڪيترا ماڻهو بغير علاج جي رستي ۾ علاج لاءِ ويندي ئي گذاريو وڃن . هتي ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول يا تعليمي ادارو موجود ناهي . صرف سرندي وارا شهرن ۾ جايون وٺي پنهنجا ٻار پڙهائي سگهن ٿا . انهي ڪري هتي تعليم نه هئڻ جي برابر آهي. ڄاڻ لاءِ وٽن صرف هڪ ذريعو ريڊيو ئي آهي . باقي اخبارون ، ٽي وي ، انٽر نيٽ وغيره جي سهوليت ٻهراڙين ۾ موجود ناهي . فون جا سگنل به ڪٿي ڪنهن وڏي ڀٽ تي چڙهڻ سان لڳن ٿا. مطلب ته هتي ڪابه بنيادي سهوليت يا سماجي رابطي جو ڪو جديد ذريعو ڪارگر ناهي . هن ترقي يافته دور ۾ به هتان جا ماڻهو صديون پراڻي ماحول ۾ جيئن پيا . جيڪا وڏي حيرت جهڙي ڳالهه آهي.


    اڇڙو ٿر ۽ ڏڪار

    اڇڙو ٿر ۽ ڏڪار
    ڏڪار لفظ جي معني آهي کوٽ يا شين جو نه ملڻ ، وري دنيا ۾ ڏڪار جا به ڪيترائي قسم آهن . جن کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙا ڏڪار قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندا آهن . يا موسمي ڦير گهير سبب قدرتي وسيلن ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. جنهن سبب آبادي جي ڀيٽ ۾ وسيلا ۽ شيون اڻ پوريون ٿيڻ سبب کوٽ ٿي ويندي آهي. ٻيا ڏڪار وري حڪومتن جي غلط رٿابندي ۽ وسيلن جي اجائي زيان سبب يا انهن وسيلن تي محدود شخصيتن جي قبضي ، مفاد پرستي جي ڪري ذاتي استعمال سبب انهن جو فائدو عام ماڻهن تائين نه پهچندو آهي. اهڙن ڏڪارن کي هٿراڌو ڏڪار سڏيو ويندو آهي . پر اسان وٽ هڪ ٽيون ڏڪار به ايندو آهي ، جنهن کي نيتن جو ڏڪار چئي سگهجي ٿو. انهي معنيٰ ۾ ڏسجي ، ته اڇڙي ٿر ۾ هن ڏڪار جو اثر تمام گهڻو آهي. اڇڙي ٿر ۾ قدرتي وسيلا هتان جي ماڻهن جي حساب سان ڪي گهٽ ناهن. هتي پاڻي جو ذريعو موجود آهي. قدرتي کاريون يا مٺيون ڍنڍون مٺو پاڻي ڏين ٿيون . ڇو ته ڪهڙي به ڍنڍ جي ڪناري تي ڪهيوري يا ڪيهر گاهه واري جاءِ تي تس يا چلها کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. ڊرينهن جي نخلستانن يا هيٺانهين وارين جاين تي قدرتي مٺي پاڻي جا ذخيرا آهن. ڀٽن واري عام اڇڙي ٿر جي ڪافي جاين تي مٺي پاڻي جا کوهه ۽ نلڪا موجود آهن . هتي جا ماڻهو نه زمين کيڙين ۽ نه ئي وڻن جي واڍي ڪن. انهي ڪري هتي دائمي ساوا وڻ به ڪجهه تعداد ۾ موجود آهن . جيڪي ٿوري برسات تي به ساوا ٿيو وڃن . هتي عام اڇڙي ٿر يا روهي جي علائقي ۾ به برساتن تي قدرتي گاهه تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي جا ماڻهو زمين کيڙين ڪو نه ٿا ، جنهن سبب قدرتي گاهن جا ٻج هتي زمين ۾ موجود آهن . ٿوري گهڻي برسات تي به هتي بي انداز گاهن جو ذخيرو پيدا ٿيو پوي . جيڪو هتان جي مال جي گذاري جيترو ٿيو وڃي . مطلب ته اڇڙو ٿر ٻين صحرائي علائقن جي ڀيٽ ۾ ڏڪار جهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ جهڙو آهي. هتي معدني ذخيرا، يا ڍنڍن مان به عام ماڻهن جي جياپي جو سمر ڪجهه قدر ملي وڃي ٿو. هتان جا ماڻهو اڇڙي ٿر جي وسيلن کي صحيح استعمال ڪرڻ جي ڏاهپ سان گڏ وڏي همت وارا ۽ خود دار آهن . هو پنهنجا علائقا ڇڏي ٻين صحرائي علائقن جي ماڻهن وانگر لڏ پلاڻ به نه ٿا ڪن . هو هتي جي ماحول ۾ جيئڻ ۽ وقت گذارڻ جو حوصلو رکن ٿا . مطلب ته فطرت هن صحرا تي وڌيڪ مهربان آهي. پوءِ به هتي انهن وسيلن هوندي به هرسال سخت ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿين ٿيون . هتي جا ماڻهو غربت جي لڪير کان به گهڻو هيٺ گذارين ٿا . هر سال بيمارين ۾ سوين ماڻهو بغير علاج جي مالڪ کي پيارا ٿيو وڃن. هرسال سندن گذران جو واحد وسيلو چوپايو مال به بيمارين جي ور چڙهي وڏي تعداد ۾ مريو وڃي . جيڪو سوال منجهائيندڙ آهي ، ڇاڪاڻ ته هتي ڏڪار جي وصف موجب حالتون ناهن. هتي قدرتي وسيلن جي کوٽ نه هئڻ جي باوجود به ڏڪار اچي ٿو. جنهن سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ اسان کي هتي جي قدرتي وسيلن تي ماڻهن جي پهچ ، مالڪي ۽ عام ماڻهن جي ملندڙ فائدي جو سمورو حساب ڪرڻو پوندو . جيئن انهي پوتاميل موجب اصل سببن کي ڳولي سگهجي.
    سڀ کان پهريائين ڏسجي ته هتي جي پاڻي جي ذخيرن تائين ماڻهن جي پهچ ڪيتري آهي؟ ٿر ۾ جيئن ته ماڻهن جا ڳوٺ ، پاڻي جا ذخيرا ۽ مال جي چاري جون جايون هڪ هنڌ موجود ناهن انهن جي وچ ۾ اڙانگين ڀٽن سبب وڏو فاصلو موجود آهي . انهي فاصلي کي طئه ڪرڻ لاءِاڇڙي ٿر جي پوري ايراضي ۾ ڪو به روڊ رستو موجود ناهي . نه ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڪو انتظام آهي . ماڻهن کي پاڻي جي حاصلات لاءِ تمام وڏي محنت ۽ پنڌ ڪرڻا ٿا پون. سندن پوري افرادي سگهه انهي ۾ صرف ٿيو وڃي. برسات جي موسم کانسواءِ هتي پاڻي جو پورائو ڪرڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. جنهن ڏس ۾ حڪومت طرفان ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي . جيڪڏهن صرف روڊ رستا هجن تڏهن به هي اهم مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.
    وري ڏسجي ته هتي جي معدني ذخيرن مان هتان جي ماڻهن کي ڪجهه فائدو ملي ٿو يا نه ؟ انهي سلسلي ڏسبو ته بدقسمتي سان اسان جا حڪمران ملڪ جي ماڻهن جي فائدي ۾معدني وسيلن بابت اڃان تائين ڪو به قاعدو قانون يا پاليسي نه ٺاهي سگهيا آهن. جنهن سبب پوري ملڪ ۾ معدني وسيلن مان مقامي ماڻهن کي ڪو خاطر خواه فائدو حاصل نه ٿي سگهيو آهي . هر هنڌ سالن کان عوام جي احتجاجن جي باوجود به حڪومت انهي ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اڇڙي ٿر ۾ وري هتان نڪرندڙ لوڻ ، مختلف ڪيميڪلز ، ڍنڍن جي پيداوار ، گئس جا ذخيرا . مختلف ڪمپنين ۽ با اثر ماڻهن جي قبضي ۾ آهن . جيڪي هتان جي ماڻهن کي ڪو به فائدو يا حق ڏيڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر مزدوري جو جائز حق نه ٿا ڏين . هتي جا سمورا ذخيرا ڪڍڻ وقت هتي ٿيندڙ ماحولياتي نقصانن جي بچاءَ لاءِ به ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب هتي انهن معدني ذخيرن مان هتان جي ماڻهن کي فائدي ملڻ بجاءِ ويتر سندن مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. ماحولياتي نقصانن سبب هتان جي قدرتي وسيلن کي به هاڃيڪار نقصان پهچي رهيو آهي. افرادي سگهه کي هتان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترو تيار ڪيو آهي.؟
    فرد جي سگهه کي قائم رکڻ لاءِ يا کيس ڪارگر بنائڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي، ته ماڻهن جي معيار زندگي کي بهتر بنائجي ، کين بنيادي سهوليتون جن ۾ صحت ، تعليم ، امن و امان ، روزگار، ضروريات زندگي جي شين جي حاصلات ۽ وڪري لاءِ واپاري مرڪز وغيره ڏنا وڃن . جيئن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه رهي، ۽ هو ڪارگر شهري ٿي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. انهي سلسلي ۾ اڇڙي ٿر تي نظر ڦيرائبي ، ته هتي نه روڊ ۽ رستا ، نه اسڪول ، نه اسپتالون نه ئي شهر يا ڪي ننڍا به ڪاروباري مرڪز هتي موجود آهن . مطلب ته هتي جي ماڻهن لاءِ ڪا به بنيادي سهوليت موجود ناهي. هتي جا ماڻهو تعليم ، علاج ۽ ضرورت جي شين جي حاصلات جي لاءِ سخت پريشاني جي حالت ۾ گذاريندا آهن.
    انهي سمورن سوالن جي جوابن جي روشني ۾ پوتا ميل ڪرڻ بعد اهو نتيجو سامهون آيو، ته هتي جي ڏڪارن جو ذميوار نيتن جو ڏڪار آهي . جنهن ڏڪار جي حل لاءِ سمورن کي هتي مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ سوچڻ سان گڏ عملي طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻي حالت ۾ اهو نيتن جو ڏڪار هتان جي پوري سماج کي نهوڙي نيندو


    موجوده دور ۽ وساريل اڇڙو ٿر

    موجوده دور ۽ وساريل اڇڙو ٿر
    اڇڙو ٿر هڪ اهڙو ريگستاني علائقو آهي. جتي انساني آباديون اتان جي محدود وسيلن تي ننڍا ننڍا ڳوٺ ٻڌي رهائش پذير آهن. پر انهن ڳوٺن ۾ زندگي جي ڪابه سهوليت موجود ناهي. جديد معاشري جي ڪابه شئي هتي موجود ناهي. جيڪي ڪجهه موجود آهي ، سو هتان جي موجود وسيلن تائين ئي محدود آهي. وڏي ڳالهه ته هتي تعليم نه هئڻ سبب جديد سوچن جي کوٽ آهي . روڊن ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن جي نه هئڻ سبب هتان جا ماڻهو هڪ ڪٽيل ۽ محدود دائري ۾ رهن ٿا. سياسي ۽ سماجي شعور نه هئڻ جي برابر آهي. هتي قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال جو شعور نه هئڻ سبب اهي به گهڻو فائديمند ناهن. هتي جا ماڻهو ذاتين ۽ قبائلي دائرن ۾ قيد آهن . پر انهن ۾ سماجي ۽ قبائلي ٽڪراءَ گهٽ موجود آهن. انهي جو سبب اهو آهي، ته هتي جا ماڻهو پير صاحب پاڳاري جا عاشق مريد آهن . پير صاحب جو حڪم هنن لاءِ آخري حڪم آهي . جنهن حڪم ملڻ تي هي ماڻهو پنهنجو سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هڪ طرف انهي ڳالهه سان منجهن ميٺ محبت وڌيڪ آهي ۽ سماجي ٽڪراءَ نه ٿا ٿين. ته ٻئي طرف وري هتي جي عوامي نمائندن جي چونڊ وقت به پير صاحب جو حڪم هلي ٿو. جنهن سبب هتان جي عوامي نمائندن کي هتان جي عوام ۾ اليڪشني ورڪ ڪرڻ جي ضرورت ناهي . اهو ئي سبب آهي جو چونڊجڻ کان پوءِ هتان جا عوامي نمائنده هتان جي عوامي مسئلن کان لاپرواهه ٿي وڃن ٿا. ائين عوام جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ ڪير به نه ٿو سوچي. بي انتها عقيدت سبب پير صاحب پاڳاري وٽ انهن چونڊيل عوامي نمائندن جون شڪايتون نه ٿيون پهچن . ائين پير صاحب پاڳاري ۽ مريدن جي وچ ۾ عقيدت جي مضبوط ديوار موجود آهي. پير صاحب کي عوامي نمائندن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ به گهٽ ٿي پهچي . جنهن سبب چونڊيل عوامي نمائنده ڪنهن احتساب جي عمل مان نه ٿا گذرن ، بس اهي ئي بي پرواه نمائنده باربار چونڊجيو اچن . ۽ ترقياتي اسڪيمن تي ڪو ڪم نه ٿو ٿئي . پير صاحب جي منظوري سان بنا ورڪ جي چونڊيل اميدوار به اڪثر ڪري حزب اختلاف ۾ رهندا آيا آهن . اتي حزب اختلاف ۾ رهندي به هو ايوانن ۾ ڪو گهڻو دٻاءَ پيدا نه ڪري سگهيا آهن. هر دور ۾ هو اقتداري ايوانن ۾ بس وقت گذاري واري رويي جا شڪار رهيا آهن. نتيجي ۾ حڪومتي لاتعلقي سبب هتان جو عوام نڌڻڪي حالت ۾ غربت ۽ مسئلن جي مصيبتن ۾ رهندي پريشان حال رهندو اچي. ۽ علائقو اقتدار ڌڻين کان هڪ وساريل علائقو رهجي ويو آهي .


    اڇڙو ٿر جي غربت ۽ انهي جا سبب

    اڇڙو ٿر جي غربت ۽ انهي جا سبب
    اڇڙو ٿر ۾ غربت جو سبب عوام ۽ حڪمرانن جي هڪٻئي سان لاتعلقي آهي. جنهن سبب هتي زندگي جي ڪا به بنيادي سهوليت موجود ناهي . نه ئي وري ڪنهن انهي طرف سوچڻ جي تڪليف ڪئي آهي. بس هي علائقو ائين ئي الله جي آسري هلي رهيو آهي. ماڻهو مواصلاتي ذريعن جي اڻهوند سبب ٻين علائقن کان ڪٽيل آهن. هتي تعليم نه هئڻ سبب ڪو به سگهارو سماجي شعور موجود ناهي . جيڪو شعور حڪومتي ادارن جو هن طرف ڌيان ڇڪائي. ماڻهن ۾ لاعلمي سبب هتان جي قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال جو شعور به موجود ناهي . ائين چئي سگهجي ٿو. ته هتان جي ماڻهن کي هڪ اونداهي جي کاهي ۾ ڌڪيو ويو آهي. جتان نڪرڻ لاءِ تعليمي شعور جي کوٽ سبب نه هتي ڪو سماجي تحرڪ پيدا ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي اهڙو خيال پيدا ٿيو آهي. هتان جي عوام سعوبتن کي پنهنجو مقدر سمجهي ويهي رهي آهي.
    هتان جي حالتن کي ڏسندي اهو محسوس ٿيندو آهي، ته هتي اڃان انگريزن جو نافذ ڪيل حر ائڪٽ پنهنجي پوري سگهه سان قائم آهي. ماڻهن کي 1952ع ۾ جيلن ۽ لوڙهن مان ڪڍي ويران صحرا جي هن رڻ پٽ ۾ اڇلايو ويو آهي. جتي هو پنهنجي زندگي قيد وبند جي سعوبتن کان به وڌيڪ بدتر حالتن ۾ گذاري رهيا آهن. هئڻ ته ائين کپندو هو، انگريزن خلاف هڪ طويل گوريلاجنگ وڙهڻ بعد جيڪا آزادي حاصل ٿي. انهي جو ڦل هن جنگ جي شهيدن جي اولاد کي نصيب ٿئي ها . پر افسوس ائين نه ٿي سگهيو. حر آزادي پسند ويڙهاڪن جو قيدن ۽ لوڙهن ۾ جنم وٺندڙ اولاد وري ٻيهر غير اعلانيه قيد و بند ۾ پنهنجي نسل کي جنم ڏيئي رهيو آهي. جنهن حالت مان نڪرڻ لاءِ سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن. جنهن ڳالهه تي سوچڻ جي ضرورت آهي.


    اڇڙو ٿر جي ترقي لاءِ سفارشون

    اڇڙو ٿر جي ترقي لاءِ سفارشون
    اڇڙو ٿر جيئن ته هڪ وساريل علائقو آهي. ماضي ۾ ڪيتري عرصي کان هن علائقي کي ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. انهي ڪري نه هتان جي ماڻهن کي زندگي جون بنيادي سهوليتون مهيا ٿي نه سگهيون آهن. ۽ نه ئي هتان جي قدرتي وسيلن مان ڪو سماجي ترقي جي ڏس ۾ ڪو فائدو ٿي سگهيو آهي. انهي لاءِ ضروري آهي ته اوليت جي بنياد تي هتان جي ترقي تي سنجيدگي سان ڪم ڪيو وڃي. انهي ڏس ۾ اڇڙي ٿر جي سماجي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪجهه شفارشون ڪجن ٿيون . جيئن هتان جي ماڻهن کي به ملڪي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي.
    پوري اڇڙي ٿر جي سمورن ڳوٺن تائين رستن جو ڄار وڇايو وڃي. جيئن هتان جا ماڻهو پنهنجي ضروريات زندگي جي پورائي لاءِ آرام سان سستي اگهه ۾ چر پر ڪري سگهن .
    پوري اڇڙي ٿر جي سڀني ڳوٺن ۾ اسڪول ۽ بنيادي صحت مرڪز قائم ڪيا وڃن. ان سان گڏ سمورن ڳوٺن ۾ پاڻي پهچائي فلٽر پلانٽ يا آر او پلانٽ لڳائي صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي .
    اڇڙي ٿر جي علائقي ۾ هر 50 ڪلوميٽر پنڌ تي هاسٽلن وارا اسڪول قائم ڪيا وڃن، جن ۾ شاگردن کي ڪتابن سان گڏ ، رهائش ۽ کاڌي جون سهوليتون مفت فراهم ڪيون وڃن.
    سکر، خيرپور، نوابشاهه، سانگهڙ، کپرو، ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اڇڙي ٿر جي شاگردن لاءِ مفت هاسٽلون قائم ڪيون وڃن. جيئن هتان جا نوجوانن اڳتي اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڪارگر شهري بڻجي سگهن.
    اڇڙي ٿر جي روهي واري علائقي ۾ جانورن جون اسپتالون قائم ڪيون وڃن . جيئن هتان جي آمدني جو واحد ذريعو چوپايو مال موذي بيمارين کان بچي سگهي.
    اڇڙي ٿر ۾ مال جي وڪري جون پڙيون لڳايون وڃن. جيئن هتان جا ماڻهو مال جي خريد فروخت آساني سان ڪري سگهن.
    اڇڙي ٿر جي گهريلو هنرن جي همت افزائي ۽ سکيا لاءِ مرڪز قائم ڪيا وڃن . جيئن هتان جي گهرو هنرن مان هتان جي ماڻهن کي جوڳو فائدو ملي سگهي ٿو.
    اڇڙي ٿر جي تاريخي ماڳن جي ڳولا لاءِ هڪ تحقيقي ادارو قائم ڪيو وڃي. جيئن هتان جي تاريخ جي تاريخي ورثي کي تحقيقي انداز ۾ ڳولي محفوظ ڪري سگهجي.
    اڇڙي ٿر جي ڊرينهن واري علائقي جي نخلستانن جي بچاءَ ۽ خوبصورتي قائم رکڻ لاءِ منصوبا جوڙيا وڃن ۽ ڊرينهن مان ملندڙ پاڻي کي منظم نموني محفوظ ڪري انهي پاڻي کي استعمال ڪيو وڃي. اڇڙي ٿر ۾ سياحت جا مرڪز قائم ڪري پرڏيهي سياحن کي هتان جي عجائبات ڏسڻ جي سهوليت مهيا ڪري ڏني وڃي. جيئن هتان جي ماڻهن کي سياحت جي شعبي مان گهربل ناڻو حاصل ٿي سگهي.
    اڇڙي ٿر ۾ جهنگلي جانورن جي رکن ۽ شڪارگاهن کي وڌيڪ منظم نموني محفوظ ڪري جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.
    چوٽياريون ڊيم جي منفي اثرن کان بچاءَ لاءِ با قاعدي منظم منصوبا ٺاهي هن ديم کي فائديمند بڻايو وڃي.
    اڇڙي ٿر ۾ قدرتي وڻن جي افزائش ۽ بچاءَ لاءِ منصوبا جوڙيا وڃن ، جيئن هتي صدين کان قائم وڻن جي وجود کي قائم رکي سگهجي.
    اڇڙي ٿر جي سمورن معدني وسيلن مان ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪري ، اتان جي رهواسين کي روزگار مهيا ڪيو وڃي. گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي. سمورين گئس فيلڊن مان نڪرندڙ گئس مان اڇڙي ٿر جي ڳوٺن کي گئس جي مفت سهوليت ڏني وڃي. جيئن هتي وڻن جي واڍي تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
    اڇڙي ٿر مان حاصل ٿيندڙ ڪيميڪل ۽ لوڻ صاف ڪرڻ جا هتي ئي پلانٽ قائم ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار جا وسيلا پيدا ڪري ڏنا وڃن.
    اڇڙي ٿر جي ٻيلن ۾ وڻن جي پوکائي ڪرائي هتان جي ماحول کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ قدرتي وسيلن ۾ اضافو ڪيو وڃي.
    اڇڙي ٿر ۾ ڊرينهن کان سواءِ باقي علائقي ۾ برساتي پاڻي جا وڏا پڪا تلاءَ ٺاهيا وڃن جيئن پاڻي دگهي وقت تائين استعمال ڪري سگهجي . عام حالتن ۾ به ڊرينهن جي علائقي ۾ بورنگ ڪري پائپ لائنن وسيلي انهن تلائن کي ڀري سگهجي ٿو. اهڙيون رٿائون پڻ متعارف ڪرايون وڃن.


    مون اڇڙو ٿر ڪيئن ڏٺو

    مون اڇڙو ٿر ڪيئن ڏٺو
    اڇڙي ٿر بابت مون سوشل ميڊيا تي سانوڻ راڄڙ ۽ ٻين دوستن جون وقت بوقت رکيل پوسٽون پڙهيون، جن جي پڙهڻ سان منهنجي دل ۾ هن ڏکويل ۽ دردن جي ماريل علائقي کي ڏسڻ جانچڻ ۽ پرکڻ جو شوق پيدا ٿيو. سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ڪتاب لکڻ دوران ڪافي اهڙا سوال ذهن ۾ پيدا ٿيا ، جن جي جواب جي تلاش ۾ مونکي سنڌ جي هن وساريل علائقي کي ڏسڻ ۽ انهي تي سنجيده تحقيق ڪرڻ جو خيال شدت سان بي چين ڪرڻ لڳو. پر اڇڙي ٿر تي نه ئي ڪو جامع تحقيقي ڪتاب ڇپيل مارڪيٽ ۾ نظر آيو، نه ئي انهي علائقي ۾ ڪا اڳ ۾ ڄاڻ سڃاڻ هئي، نه ڪڏهن مونکي پنهنجي ڄمار ۾ هن علائقي کي رڳو ڏسڻ جوبه ڪو وجهه مليو. هڪ اڻ ڏٺل علائقي ۾ بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي نڪرڻ ۽ نتيجا حاصل ڪري موٽڻ جهڙو سودو بي سمري جي حالت هڪ وڏي جوکم کڻڻ جهڙو به هو. دوست سانوڻ راڄڙ سان جڏهن انهي مسئلي تي احوال اوريم ته هن پنهنجي حال سارو مڪمل ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪري همت ڏياري. آخرڪار پروگرام ٺهي ويو. کپرو شهر ۾ رهندڙ منهنجي پراڻن دوستن استاد لغاري ، فقير دين محمد ڪنڀر ، سائين جمن گجو ۽ شير محمد لاشاري کي جڏهن منهنجي انهي ارادي جي خبر پئي، ته هو به سرگرم ٿي ويا. سفر لاءِ سانوڻ راڄڙ سونهين ۽ ساٿين جو انتظام ڪري ورتو، هن اڙانگي سفر لاءِ فوروهيل گاڏي جي بندوبست لاءِ منهنجي دوستن وري اسسٽنٽ ڪمشنر کپرو مسٽر غلام صديق سومرو کي ذاتي طور مدد ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. انهن سمورن گهربل انتظامن ٿيڻ بعد دوستن جي يقين ۽ پڪ ڪرائڻ سان آئون به ور کنجي اچي کپرو ۾ پهتس. جتي منهنجو محبوب دوست استاد لغاري بس اسٽاپ تي انتظار ۾ هو. گڏجي شير محمد لاشاري جي آفيس تي آياسين جتي سڀ دوست انتظار ۾ هئا. اتي سڄي پروگرام جو شيڊيول ۽ سفر جي ساٿين بابت طئه ڪري . آئون استاد لغاري جي اوطاق تي رات ترسيس . ائين ٻئي ڏينهن ستاويهين جنوري 2018 تي صبح جو سانوڻ راڄڙ، جان محمد راڄڙ ، حافظ نورمحمد راڄڙ ، محمد خان راڄڙ ، غلام علي راڄڙ ، ملوڪ درس ۽ ٽيڪسي ڊرائيور رسول بخش راڄڙ جي ساٿ سان روانا ٿياسون . اسين سفر جي شروعات ۾ ئي اڇڙي ٿر جي قديم آثار رتو ڪوٽ پهتاسين، هن پنهنجي دور جي عظيم الشان قلعي ۽ لاڳاپيل شهر جا آثار سرن ، ٺڪر جي ٿانون جي بناوت وغيره جي مشاهدي لاءِ اسان برساتي پاڻي جي وهڪرن جي کاڌ کي ڏسڻ سان اهو انومان لڳائڻ جهڙا ٿياسين، ته هن شهر کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا باهه لڳي، ۽ ڪجهه جنگيون به ٿيون، ڪجهه ڀيرا هي شهر اجڙيو ۽ آباد به ٿيو. هن شهر جون اڏاوتون پڪين سرن سان ٿيل هيون، انهن سرن جي ٽڪرن ۽ بيشمار ٺڪر جي ٿانون جي ٽڪرن سبب آثار ڳاڙهي رنگ جا هئڻ سبب ئي علائقي جا ماڻهو هن آثار کي رتوڪوٽ يعني ڳاڙهو ڪوٽ سڏيندا آهن. هن آثار کي ڏسڻ سان هڪ مضبوط پڪي قلعي جا آثار به ڏسڻ ۾ آيا . جيڪو چئن ڪنڊن وارو هڪ مضبوط قلعو هو. هن آثار جو دڙو هن وقت به پنجٽيهه فوٽ اوچو آهي. جيڪو پنهنجي زماني ۾ اڃان به وڌيڪ اوچائي تي هوندو. هن آثار تي هڪ مندر ۽ هڪ مسلمان درويش جي مزار به آهي. انهن آثارن ڏسڻ کان پوءِ اسان ڳجهڙي درس ويجهو هڪ لوڻ جي سن جو مشاهدو ڪيو، جتي لوڻ ۽ ڍنڍن مان ملندڙ ٻين ڪيميڪلز جو جائزو ورتو. اتان کان نڪري حر جدوجهد ۽ انگريزن جي مارشل لا سبب ڦٽل شهر ڪاڪ جي آثارن تي پهتاسين . هن عاليشان شهر جا خاموش ويران آثار انگريز حڪمرانن جي حر جدوجهد خلاف مارشل لا جي بربريت ۽ سماجي افراتفري ۽ بدامني جي شاهدي ڏيئي رهيا هئا. اتان نڪري اسان کپري تعلقي جي يونين ڪائونسل رونجهو جي ڳوٺ قاضي محمد علي درس ۾ پهتاسين. هي ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ آهي. هتي جا رهواسي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آهن. انهي مثالي ڳوٺ ۾ پنهنجي ساٿي ملوڪ درس وٽ ريفريشمينٽ ڪري اسان اڳتي پنهنجو سفر شروع ڪيو. ان بعد اسان ڏنگ پتڻ کان ٿيندا ،غلام نبي شاهه ، ڍورو نارو ، وائوڙي ۽ نيوڇورکان ٿيندا، شام جو ٽين وڳي جالو چئونري نالي هڪ اسٽاپ تي بسڪوٽ ۽ چانهه پي تازا ٿي ڏکڻ طرف کان ٿر جي ڪچي رستي تي لٿاسون. اسين ٿر جي عجائب سومون جي تڙ تي پهتا سون. جتي 1260 فوٽن تي بور ٿيل ڇهه انچ جو پائپ 2005ع کان ساڳئي رفتار سان پاڻمرادو وهي رهيو هو. ۽ ماڻهو انهي پاڻي ۾ وهنجي رهيا هئا. سردي جي موسم سبب هن بورنگ جو پاڻي گرم هو. ماڻهن جي چوڻ موجب هو اهو پاڻي پنهنجي ضرورتن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پيئڻ ۾ به استعمال ڪري رهيا آهن. قدرت جو اهو عجيب ڪرشمون ڏسڻ بعد اسان جي جيپ اڇڙي ٿر جي کليل واري جي ڀٽن تي چڙهندي ۽ لهندي ڊوڙڻ لڳي. رستي ۾ ڪجهه ماڻهو هڪ تلي جي لير مان ٽي فوٽ کوٽائي ڪري هڪ چاپڙن جهڙو پٿر ڪڍي رهيا هئا. جيڪو نڪرڻ وقت سليٽي رنگ جو هو. پر هوا لڳڻ تي سفيد رنگ ۾ تبديل ٿيو ٿي . ماڻهن جو چوڻ هو ته هو هن پٿر مان پنهنجا گهر ۽ ديوارون ٺاهين ٿا ۽ سنهون ڪري انهي مان گارو ٺاهي گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون به راڳين ٿا . اسان نموني طور انهي پٿر جو سيمپل کنيو ۽ ليبارٽري ٽيسٽ ذريعي بعد ۾ معلوم ٿيو، ته هن پٿر ۾ جپسم ۽ چن گڏيل آهن. انهي عجيب پٿرن کي ڏسي اسان وري تيزي سان اڳتي وڌڻ لڳاسين، ڇو ته سج لهڻ وارو هو. اسانجي منزل راڻڪ ڏهر جو قديم پٿر مان جڙيل کوهه هو. پر اسان اونداهي سبب پنهنجو رستو وڃائي ويٺاسون. حالانڪ اسان جي ٽيم ۾ ڊرائيور ۽ ٻيا ڪجهه ساٿي انهي علائقي جا واقف هئا ، پر ڪوشش جي باوجود اسان صحيح دڳ کي حاصل نه ڪري سگهياسين. ڪافي هيڏانهن هوڏانهن هلڻ بعد اسان کي هڪ کوهه نظر آيو، جنهن تي ماڻڪور گجو نالو لکيل هو. اسان جي جيپ جي روشني تي ڪجهه ڳوٺاڻا پنهنجي نيڪ مرد سميت پهتا . سندن نيڪ مرد طيب گجو اسان کان حال احوال وٺڻ بعد ٻڌايو، ته توهان رستو ڀلجي ويا آهيو ۽ هي ڀارت ۽ پاڪستان جو سرحدي علائقو آهي، هتي رات جو چرپر تي بندش آهي. توهان پاڪستان جي رينجرس پوسٽ تي انٽري ڪرائي هتي اسان وٽ ترسي پئو . ڳوٺاڻن جي صلاح پسند آئي ۽ اسين رينجرس پوسٽ تي انٽري ڪرائي اتي ترسي پياسين. اسان جي حيرت جهڙي اها ڳالهه ٿي ته ڳوٺاڻن رهائش ۽ ماني جو انتظام ٿوري ئي وقت ۾ ڪري ورتو. ان بعد ڳوٺاڻن سان ڪچهري ڪري اسان اڇڙي ٿر ۽ اتان جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سماجي حالتن ۽ حڪومت جي لاتوجهي ۽ سهوليتن جي اڻهوند بابت ڄاڻ سان ڀرپور ڪچهري ڪئي ۽ سمهي رهياسين. صبح جو سوير ڳوٺاڻن اسان کي چانهه پياري ۽ گهربل منزل قديم تاريخي کوهه راڻڪ ڏهر جو رستو ڏسيو۽ اسين راڻڪ ڏهر روانا ٿي وياسين. راڻڪ ڏهر جو هي قديم کوهه تعميرات جو اعليٰ نمونو آهي. هن بابت مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي، ته هي کوهه حضرت سليمان عليه السلام تعمير ڪرايو هو، ته ڪن جو چوڻ هو ته هي کوهه همايون بادشاهه تعمير ڪرايو هو. بحرحال اها ڳالهه تحقيق طلب آهي. پر هي کوهه جنهن به تعمير ڪرايو سو وڏو انسان دوست ۽ فطرت دوست ۽ وڏو سخي هو. جنهن هيڏي وڏي خرچ سان ۽ نهايت حد درجي جي اڪير مان تعمير ڪرايو. هن عظيم انسان هي سڄو کوهه جوڌپور مان ملندڙ ڳاڙهي پٿر مان ٺهرايو. کوهه جي ٻاهران گول شڪل ۾ ساڳئي ماپ سان مال جي پاڻي پيئڻ جا اواڙا ۽ انهن سان گڏ ٻاهرئين پاسي ساڳئي گول دائري ۾ پکين جي پاڻي پيئڻ جا ننڍڙا کانچا يا خانا سي به هڪجهڙي ماپ ۾ جاميٽري ۽ انجنيئرنگ جو اهو ڪمال ته ڪو به اواڙو يا کانچو وڏو ننڍو نه هو سڀئي هڪڙي ئي ماپ سان گول دائري ۾ هئا. ۽ سڀ گهڙيل پٿرن سان ٺهيل هئا ، سڀني اواڙن جي ليول به هڪ سريکي ۽ هڪجهڙي هئي . تعميرات جو اهڙو عجيب وغريب کوهه شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ موجود هجي. هي کوهه دنيا جي تعميري عجائبات ۾ شامل ڪرڻ جهڙو آهي. هن کوهه ڏسڻ کانپوءِ اسان جو قافلو اڳتي روانو ٿيو. اسان جي اڳئين منزل اڇڙي ٿر جي مشهور سگهڙ جان محمد سمون هوٿياڻي سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪرڻ هئي. رستي ۾ اميدعلي جي تڙ ڳوٺ مان مذڪوره سگهڙ جو ڏس پتو پڇيوسين ته ڳوٺاڻن چانهه پيئڻ تي زور ڀريو ، جنهن بعد انهن ڳوٺاڻن جان محمد جي نالي هڪ سونهون گڏائي ڏنو، جنهن اسان کي تمام اڙانگن رستن تان آڻي سگهڙ جان محمد سمون سان ملايو، هن جي چئونري نماءَ جهوپڙي ۾ ڪچهري مچي ويئي. هن سگهڙ پنهنجي عمر هڪ سئو سال اٺ مهينا ٻڌائي، پر سندس نظر، صحت ۽ حافظو حيرت ۾ وجهندڙ هو. هن جي ڪچهري ۾ائين محسوس ٿيو، ته اسان هڪ وڏي لائبرري ۾ سوين ڪتاب پڙهي رهيا آهيون، هن وٽان اڇڙي ٿر جي معلومات ، حر جدوجهد ۽ انهي جدوجهد سان ٿيل اديبن ۽ محققن جي تحقيقي ناانصافين کان سواءِ لوڪ ادب ۽ تاريخ جي مونجهارن ۽ پيچيده مسئلن بابت تفصيلي ڪچهري ٿي. هن جو حافظو ايڏو ته حيرت ۾ وجهندڙ هو، جو هن پنهنجو ذاتي شجرو به ايڪيهه پيڙهين تائين ٻڌايو. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙو صحتمند ۽ ڄاڻ جي خزاني سان ڀرپور پوڙهو نه ڏٺو. وڏي ڳالهه ته هي پيرسن عالم شخص اڻ پڙهيل هو. پر کيس شاهه جو رسالو برزٻان ياد هو. کانئس قيمتي معلومات حاصل ڪري وٽس چانهه پي کانئس موڪلائي وري اڳتي سفر سنڀاهيوسين. اتان کان اسان ٿر جي ڀٽن ۽ زمين جو مشاهدو ڪندا تڙ چنداهو ۾ يونين ڪائونسل راڻڪ ڏهر جي چيئر مين علي خان راڄڙ جي اوطاق جي چئونري ۾ پهتاسين. جتي هن وڏي اڪير سان آڌرڀاءُ ڪيو. هن جي اوطاق تي ساڻس ٿر بابت ۽ ٿر جي مسئلن بابت سماجي معلومات ۽ حر جدوجهد جي معلومات تي مبني ڪچهري ٿي. هن تمام جلد تمام سٺي ماني جو پر تڪلف بندوبست ڪيو ۽ سڀني دوستن کي اجرڪون اوڍايون مون کي اجرڪ سان گڏ سندس معصوم پوٽي سنڌي ٽوپي جو تحفو ڏنو. جنهن محبت جي انتها کي ڏسي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ ڀرجي آيا. سٺي ڪچهري ڪري کانئس موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين. اڇڙي ٿر جون اڙانگيون ڀٽون آڏ تراڇا لڪ لتاڙيندا ،اسان تڙ جيڻهار جي انهي جاءِ تي پهتاسين جتي مشهور حر گوريلا اڳواڻ ۽ انگريز فوجن لاءِ دهشت جي علامت بڻجي ويل شهيد شيخيو راڄڙ جي شهادت جي جڳهه هئي. جتي هڪ خونخوار جنگ جنهن ۾ انگريزن طرفان هوائي جهازن جو به استعمال ڪيو ويو هو. تمام وڏي مقابلي کانپوءِ سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ هن عظيم گوريلا اڳواڻ جي شهادت ٿي. هن جڳهه تي سندس ياد ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي يوٿ ونگ کپرو طرفان هڪ شاندار يادگار به تعمير ڪرايو ويو آهي. اتي جي ميدان جو مشاهدو ۽ شهيدن جي عظمت کي سلام ڪندا اسين اڳتي وڌياسين. ته ويجهو ئي ڳوٺ تڙ جيڻهار جي ڳوٺ پهتاسين. جتي هڪ مورتي سان گڏ ديوناگري ٻولي ۾ لکيل ٻه هڪجهڙاپٿر جا ننڍا ٿنڀا موجود آهن. جن جي اوچائي ست فوٽ ۽ ويڪر نو انچ هئي. جن جي لکيت سمجهه ۾ نه ٿي اچي. انهن جو مشاهدو ڪيوسين، ته انهي ڳوٺ جو هڪ باشعور استاد کمانسنگهه سوڍو به اچي مليو. جنهن ٻڌايو ته اڇڙي ٿر ۾ اهڙا ٻيا پٿر به ڪن جاين تي لڳل آهن. جيڪي ڪنهن دور جي رواج موجب انهن جاين تي ٿيل واقعن جا يادگار آهن. ساڻس گڏ سندس اوطاق تي آياسين جتي هن وڏي اڪير مان چانهه پياري ۽ علمي ڪچهري ڪئي، اڇڙي ٿر جي سوڍن بابت وٽانئس قيمتي معلومات ملي. هن مون کي ڪرنل جيمس ٽاڊ جو مشهور ڪتاب تاريخ راجستان جو ضخيم ڪتاب به تحفي ۾ ڏنو. ڪچهري بعد کانئس موڪلائي اڳتي وڌياسين. سج لهڻ وارو هو انهي ڪري اسانجي جيپ اڳئين منزل طرف تيزي سان ڊوڙڻ لڳي. ائين اسان سج لٿي کانپوءِ کپري تعلقي جي ڳوٺ ڌاراڙي ۾ فقيرعلي محمد راڄڙ جي اوطاق تي پهتاسين. جتي مچ مچائي عاليشان ڪچهري جو بندو بست ڪيو ويو. فقير علي محمد راڄڙ هڪ خوشحال ماڻهو آهي. پر هن وٽ ڪو به حاضري جو نوڪر ناهي. هو پنهنجا ڪم پاڻ ڪندو آهي. هن کي ٻئي جي محتاجي پسند ناهي. هي هڪ خوددار انسان هو، سندس سادگي متاثر ڪندڙ هئي. لڳ ڀڳ نوي سالن جي ڄمار واري هن بزرگ جي خوشطبع طبيعت ۽ ڪچهري جي انداز متاثر ڪيو. اتي رات جو ماني جو عاليشان بندوبست ڪيل هو. ڪچهري بعد رات جو دير سان سندس عاليشان بنگلي ۾آرامي ٿياسين. صبح جو اٿياسين ته نيرن تيار هئي. نيرن ڪرڻ بعد وري ڪچهري مچي ويئي. فقير علي محمد راڄڙ هڪ وڏي ڄاڻ وارو جهانديد ۽ محبتي ماڻهو آهي . اهو ئي سبب هو، جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هتي ڪيترا ئي ڀيرا اچي ڪچهريون مچايون. هي هڪ وڏي دل وارو ۽ سخي انسان آهي. وٽس اچڻ بعد اتان واپس وڃڻ تي دل نه چوندي آهي. پر سفر اڳتي سهيڙڻ لاءِ کانئس موڪلائي روانا ٿياسين. ڌاراڙي ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي ڊرينهن جو صحرائي ٽڪرو هو. انهي جي مشاهدي لاءِ اسانجي جيپ ڊرينهن جي خطرناڪ رستي تي کليل واري جو سمنڊ لتاڙيندي اڳتي وڌڻ لڳي. ڊرينهن جا علائقا اڇڙي ٿر جي عجائباتن ۾ شمار ٿين ٿا . کليل واري جو هلندڙ سمنڊ جتي خطرناڪ ڌٻڻيون ، سج جي روشني تي واري جي بدلجندڙ رنگن جي ڪهڪشان ۽ هوا لڳڻ تي واري جي لهرن مان اٿندڙ آواز سچ پڇو ته ماڻهو تي هڪ عجيب وغريب سحر طاري ڪريو ڇڏي . منهنجو اهڙي علائقي جو زندگي ۾ پهريون مشاهدو هو. انهي ڪري هر شئي کي غور سان جانچي ڏسڻ لڳس. هن صحرا ۾ ڪو به اڻواقف ماڻهو اچڻ بعد زنده واپس نڪري نه ٿو سگهي، پر سونهن ۽ ڊرائيور جو صحرا ۾ سفر ڪرڻ جو وسيع تجربو اسانکي ورن وڪڙن اڀين لاهين ۽ چاڙهين مان پار ڪري رهيو هو. هڪ طرف خطرناڪ جوکم جهڙو دل کي ڪنبائيندڙ سفر، ته ٻئي طرف فطرت جي عجيب رنگن سان ڀرپور نظارا، انهي ڊرينهن ۾ اوچتو هڪ دلفريب نخلستان جي موهيندڙ نظارن جي ڪشش ڏيڍ ڪلاڪ جوسفر ڪرڻ بعد اسان جي جيپ کي بريڪ هڻائي ڇڏيو. اتي هڪ ننڍڙي مالوندن ڌنارن جي عارضي ويهڪ لاءِ ارباب جي تڙ نالي وسندي به هئي . جتي ڌنارن دل سان ڀليڪار ڪئي ۽ چانهه ٺاهي پياري ، ڌنارن سان ڪچهري دوران انهي ڊرينهن بابت معلومات وٺڻ کان پوءِ اسين نخلستان جي خوبصورت وڻن ۽ ٻوٽن کي ڏسڻ ۾ محو ٿي وياسين. جتي ڪيهوري گاهه جي هيٺان ٽي فوٽ کوٽائي ڪرڻ بعد مٺي ۽ ٿڌي پاڻي جا تس ۽ چلها پاڻي سان ڀريل نظر آيا . جن جو پاڻي هن صحرا ۾ زندگي جي علامت هو. اسان اتي وڻن ٻوٽن ، ۽ ڊرينهن ۾ رهندڙ جيوت جو به مشاهدو ڪيو. هڪ ڪلاڪ جي انهي مشاهدي بعد اسان وري اڳتي روانا ٿياسين.اتان کان اڌ ڪلاڪ جي ڊرينهن جي سفر بعد اسين ڊرينهن جي هن پراسرار دنيا مان نڪري، وري اڇڙي ٿر جي اڙانگين ڀٽن واري حصي ۾ داخل ٿياسين. ڪجهه پنڌ بعد اسان جي اڳيان سامي جي مڙهي نالي تاريخي آثار هو. اتي هڪ نم جو سوين سال قديم وڻ بيٺل هو، جنهن جي ٿڙ جو قطر ساڍا اوڻتاليهه فوٽ هو، نم جو ٿڙ زمين تي ڪريل هو، انهي ڪريل ٿڙ جا ٽار ڦٽي مٿي وڻ ٿيل ساوا موجود هئا. آثارن ڏسڻ سان معلوم ٿيو، ته هي هندو ڌرم جي مڃڻ وارن جو عاليشان قديم شهر هو. هتي جي ٿانون جي ٺڪراٺي ڏسڻ سان معلوم ٿيو، ته هتي ٺڪر جا ٿانو وڏي نفاست سان ٺاهيا ويندا هئا. جيڪي ڪاريگرن جي فني سگهه جا شاهڪار هئا . هتان کان ٿوري فاصلي تي هيٺ سنڌ جي وڏي بزرگ ، ديني عالم ۽ شاعر علامه عبد الرحيم گرهوڙي جي شهادت گاه جي مٿان ٺاهيل هڪ مقبرو هو . جنهن ڪنڊي جي وڻ هيٺان هن بزرگ، مڙهي جي جادوگر سوامي دت گر سان جنگ ڪندي شهادت ماڻي هئي، انهي کي يادگار طور مقبري جي ڇت مان سوراخ ڇڏي ٻاهر رکيو هو. جيڪو مقبري جي مٿان ڇانو ڪريو بيٺو هو. هن شهادتگاه تي گرهوڙي صاحب جي شهادت جي تاريخ جا ڪتبا به لڳل هئا. جن تي هيٺين عبارت لکيل هئي . عبدالرحيم گرهوڙي . جنم 12 ربيع الاول 1129هه ۽ شهادت 17 ربيع الاول 1192 هجري، ڏينهن جمع، عمر 63 سال . هن شهادتگاه جي جڳهه جي ڀر ۾ هڪ ڀٽ تي ايندڙ زائرين لاءِ مسافر خانا به ٺهرايل هئا . جتي درگاه جا هنڱورا فقير مجاورهئا . جن ڀليڪار ڪري ٿڌو پاڻي ۽ چانهه پياري. ان بعد کانئن موڪلائي اسين پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي هڪ مرڪز ڀاڻواري پهتاسين. هتي اولياءَ قطب شاه جي مزار تي حاضري ڀري، هن مطالعاتي سفر جو پهريون مرحلو پڄاڻي تي پهچائي واپس رات جو دير سان کپرو شهر پهتاسين . ڇاڪاڻ ته ٽن ڏينهن جي اڙانگي سفر بعد اسانجي لانگ جيپ جو ڪافي نقصان ٿي چڪو هو ۽ هاڻي هو وڌيڪ اڙانگي سفر ڪرڻ جهڙي نه رهي هئي. ٻئي ڏينهن مهربان اسسٽنٽ ڪمشنر محترم غلام صديق سومري سان حالي احوالي ٿياسين .جنهن ٻئي ڏينهن ٻيهر وري ٻي گاڏي ڏيڻ جي حامي ڀري. ائين بئي ڏينهن جوپروگرام ٺاهي، آئون استاد لغاري ۽ سائين محمد جمن گجو جي جاءِ تي آيس. شام جو استاد محمد جمن گجو سان گڏ هڪ ڪار ۾ کپري تعلقي جي ڳوٺ بانڪو چانيهو ۾ شاهه صاحب جي پارکوءَ ۽ کاهوڙي محقق عطا محمد چانيهو جو قائم ڪيل ميوزم ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. جتي عطا محمد چانيهو ته ڪم سانگي ميرپورخاص هئڻ سبب نه ملي سگهيو، پر سندس پٽ آڌرڀاءُ ڪندي ميوزم کولي ڏيکاريو. سچ پچ ته اڇڙي ٿر ۾ هي شاندار ميوزيم محترم عطا محمد چانيهو جي تاريخي نوادرات سان عشق جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو. سڄي اڇڙي ٿر ۽ ملڪ جي ٻين حصن جون نادر شيون سنڀالي رکيل هيون . عطا محمد چانيهو جي عشق ڪيترن ئي انهي مقصد لاءِ قائم ڪيل ادارن کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي. مون کي افسوس ٿيو، ته سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخي نوادرات جي عاشق ۽ شاهه صاحب جي ڪلام جي پارکو هن نوجوان سان ملاقات نه ٿي سگهي. ميوزيم ڏسڻ بعد اسين واپس کپرو آياسين. ٻئي ڏينهن واعدي موجب اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي واعدي کي پاڙيندي صبح جو سوير هڪ لانگ جيپ ڏياري موڪلي ۽ اسان جو سفر اڇڙي ٿر جي عجائبات ۾ شامل هڪ عجائب پور چنڊ ڏسڻ لاءِ اڙانگين راهن تي ٻيهر شروع ٿي ويو. هن سفر جي ساٿ ۾ سانوڻ راڄڙ ، شفيع محمد راڄڙ ، محمد خان راڄڙ ، جان محمد راڄڙ ، محبوب علي کوکر ۽ ڊرائيور برڪت علي هنڱورجو شامل هو. اسان کپري کان نانگنا روڊ کان ٻيلي واري موري ڪراس ڪري وري ريگستاني سفر تي نڪتاسين ، درگاه ڀاڻواري تي قطب شاهه جي مزار تي دعا گهري، ٻوڇڻ تڙ ، انهيار تڙ کان رستي جو هڪ مقامي سونهون صاحب خان راڄڙ کنيوسين جيڪو سونهون ٿي اڙانگن رستن تان اڀ ڪپرين کليل واري جي ڀٽن کي لتاڙيندي پور چنڊ جي ڍنڍ تي وٺي آيو. اڙانگن رستن سبب پورچنڊ تي پهچڻ تائين اسانجي جيپ جو ايڪسل ٽٽي ويو، اتي ويٺل ڳوٺاڻن جي مدد سان وري گاڏي هلڻ جهڙي ٿي. پورچنڊ ڍنڍ تي ويٺل ڳوٺاڻن اسان کي پور چنڊ ڍنڍ جي باري ۾ تفصيل ٻڌايا ، کانئن هن ڍنڍ بابت وڏي معلومات ملي. اسان پيرين پيادا پور چنڊ ڍنڍ جي مختلف حصن کي ڏسندا ۽ شين کي جانچيندا رهياسين . ائين گهمندي شام ٿي ويئي ۽ اسين وري ساڳئي رستي تان واپس ٿياسين ۽ رات جو دير سان کپرو پهتاسين. ٻئي ڏينهن تي مون استاد لغاري ، سائين جمن گجو سان ڪچهري ڪري اڇڙي ٿر بابت معلومات گڏ ڪئي . اهڙي ريت مشاهداتي دوري جو پهريون مرحلو پورو ڪري آئون ٻئي ڏينهن سويري ڳوٺ روانو ٿيس .
    انهي چند ڏينهن بعد سفر جي ٻئي مرحلي جي چنتا دل ۾ رهجي ويئي . ڇو ته فقير دين محمد ڪنڀار سخت بيمار ٿي پيو . سانوڻ راڄڙ ۽ محمد خان راڄڙ پنهنجي ڊيوٽين تي روانا ٿي ويا . مون به وري ڪنهن ٻئي موقعي جي انتظار ۾ في الحال آسرو پلي ڇڏيو. ڇو ته ڪنهن به اداري يا ماڻهن جي مدد کان سواءِ هن سفر کي اڳتي ڌڪڻ مون فقير جي وس ۾ نه هو. ادارن ۾ ويٺل صاحبن جي ٻوليندڙ طوطن وري اهي ڳالهيون ۽ چٿرون ڪرڻ شروع ڪيون . ته هڪ ڪورو ڄٽ اديبڙو هليو آهي اڇڙو ٿر تي تحقيق ڪرڻ ، جيئن آئون سندن چٿرن تي شرمندو ٿي همت هاري ويهي رهان ۽ ڪجهه وڌيڪ اڳتي نه ڪري سگهان. اها ڪا مون لاءِ نئين ڳالهه نه هئي. ڇو ته منهنجي هر تحقيقي ڪتاب لکڻ وقت انهن ادارن جي ڪرسين تي ويٺل صاحبن طرفان اهو رويو شروعات کان رهندو آيو آهي. پر حيرت تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن منهنجا ڪتاب ڇپجي ميدان تي آيا ، ته انهن همراهن مختلف موقعن تي منهنجي روبرو منهنجي ساراه جا ڍڪ ڀريا. پر پٺ هو ڇا ٿا چون اها خبر مون کي وٺڻ جي ضرورت نه پئي. نه ئي مون کي اهڙو لاچار هو ۽ آهي.
    ڪجهه عرصي بعد منهنجي پهرئين مرحلي جي سفر جي ساٿي جان محمد راڄڙ فون ڪري همت ٻڌائي ۽ چيو ته آئون ڪوشش ۾ آهيان ، ته هر حالت ۾ اهو مشاهداتي سفر پنهنجي پڄاڻي کي پهچي. انهي ڪري ڪجهه سرندي وارن دوستن کي چيو اٿم. اميد ته ترت وري سفر جاري رکبو. جان محمد راڄڙ جي همت ۽ جاکوڙ کان پوءِ آخرڪار اڇڙي ٿر جي رهيل مشاهداتي سفر جو ٻيون مرحلو شروع ٿي ويو. مون کي کپري پهچڻ جو چيو ويو. آئون پهتس. 24 مارچ 2018ع جي ڏينهن صبح جو سوير مون وٽ سائين جمن گجو جي جاءِ تي دوست گاڏي ۽ سفري سامان سميت پهچي ويا. نئين سفر جي ساٿين ۾ جان محمد راڄڙ سان گڏ عبد الله راڄڙ ، حسن علي راڄڙ گڏجي هليا. اسان کپري کان ڀاڻواري جو ريگستاني رستو وٺي نڪتا سين . ڀاڻواري ۾ قطب شاه جي مزار تي حاضري ڏيئي ، اڳتي ڀٽن جي آڏن اڀن تراڇن رستن کي لتاڙيندا ، اڇڙي ٿر جي خيرپور ضلعي جي ريگستاني علائقي جي زميني حالتن ، ڳوٺن جي رهائشي معيار جو جائزو وٺندا تيزي سان هلندا رهياسين. هتي پڻ ڊرينهن مان گذر ٿيو، پٽ ، لير ، رڃ وارن علائقن جو مشاهدو به ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين. سماجي طور ڪا خاص تبديلي نظر نه آئي ، نه ئي زميني حالتن ۾ ڪا تبديلي سامهون آئي. ائين هلندي تتي ڏينهن جو اسين ڳوٺ لهر ڪوهي ۾ پهتاسين. جتي خميسي راڄڙ جي اوطاق تي ساهي کنئي سين ، ماني کاڌي سين ۽ اڇڙي ٿر جي سماجي حالتن بابت ڪچهري ۾ قيمتي معلومات حاصل ڪئي سين . ڪجهه ترسي اسان وري اڳتي روانا ٿياسين. ائين هلندي اسين خيرپور جي ميرن جي ٺهرايل قلعي ڪوٽ جهبو پهتاسين . اتي ڀٽن جي وچ ۾ هڪ نخلستان جي ايراضي ۾ هي ڪوٽ ٺهيل هو، پر سم جي پاڻي وڌڻ سبب هاڻي اتي ڪوٽ جا نشان ڳولڻ مشڪل لڳا . چوڌاري پاڻي ۽ نخلستان جا وڻ ۽ پن ، سر ۽ ڪانهن موجود هئا . اسان کي ڳولڻ سان به ڪٿي ڪوٽ جو ڪو حصو ڏسڻ ۾ نه آيو. اتان کان وري اڳتي هلندا خطرناڪ ۽ اڀين ڀٽن تان چڙهندا ۽ لهندا اڳتي هلندا رهياسين. اڳتي هلي لطيف گئس فيلڊ ، قادن واري گئس فيلڊ جي کوهن جو سلسلو شروع ٿي ويو. قادن واري گئس فيلڊ جي مرڪزي اسٽيشن کان ويجهو گذر ٿيو. پر هتي هيڏي ساري گئس فيلڊ هئڻ جي باوجود به ڪو ترقياتي ڪم ، روڊ ، پاڻي جي ڪا لائين، اسپتال ، اسڪول وغيره جهڙيون بنيادي سهوليتون ڪنهن به ڳوٺ ۾ نظر نه آيون. حيرت جي حد ته اها هئي، ته هتي ڪنهن ڳوٺ ۾ گئس جي سهوليت به موجود نه هئي. نه ئي گئس فيلڊ جي هيڏي ساري پروجيڪٽ ۾ ڪو مقامي ماڻهو نوڪري ۾ هو. ايڏو انڌير ۽ انياءَ ڏسي دل ڀرجي آئي. اسان گئس فيلڊن جي کوهن جي آسپاس گهمندا ۽ ماڻهن کي مليل سهوليتون ڳوليندا رهياسين. پر ڪا به بنيادي سهوليت ڏسڻ ۾ نه آئي . هن گئس فيلڊن سان مقامي رهواسين کي ٽڪي جو ڪو فائدو يا ڪا سماجي تبديلي ڳولڻ جي باوجود به ڏسڻ ۾ نه آئي. حيرت انهي ڳالهه تي ٿي، ته خود ڪمپني جون گاڏيون به ڪچن واريء وارن اڙانگن رستن تي صرف روڙو وڇايل رستن تي هلندي نظر آيون . ڪنهن به رستي جو هڪ ڪلوميٽر به پڪو روڊ ٺهيل نه هو. جڏهن ته ڪمپنيون هتان روزانه لکين رپين جي گئس پائپ لائنن وسيلي ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن موڪلي رهيون هيون . انهن پائپ لائنن سان به ڪو روڊ نظر نه آيو. ائين سج لٿي مهل اسين ناري جي علائقي ۾ جان محمد راڄڙ جي ڳوٺ پهتاسين. جتي چونڊڪو کان ڳوٺ تائين اسانکي هڪ ننڍو روڊ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو به خيرپور ضلعي جي عام بئراجي ڳوٺن وارين اسڪيمن تحت ٺهيل هو. . جان محمد راڄڙ هڪ کلمک ، با اخلاق ۽ اوطاقي مڙس هو. سندس سٺو ننڍڙو بنگلو ۽ ان جي اڳيان پارڪ به ٺهيل هو. هتي بجلي وغيره جي سهوليت به موجود هئي. رات جو دير تائين جان محمد راڄڙ سان علائقي جي صورتحال ، ميرن ۽ پير صاحب جي شڪار لاءِ قائم ڪيل رکن ۽ انهن ۾ موجود جانورن بابت ۽ حر جدوجهد بابت گفتگو ٿيندي رهي . کانئس تمام گهڻي ڪارگر معلومات حاصل ٿي. رات جو دير سان وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين.
    ٻئي ڏينهن اسين نيرن ڪري اتان نڪري چونڊڪو پهتاسين. جتان کان ٽاڪرو ٿر جي پهاڙي سلسلي ۾ داخل ٿياسين . درگاه باقر شاه تي حاضري ڀرڻ بعد اتان جي مجاور بادل بهار ڀنڀري سان ٽاڪرو علائقي ۽ پهاڙين جي صورتحال ، تاريخي جاين بابت معلومات ۽ عام ڳوٺن جي زندگي بابت سٺي ڪچهري ٿي. هي ستر ورهين جو پير مرد وڏو جهانديد سيلاني هو. جنهن کان تمام سٺي معلومات ملي . اتان کان اسين وري پهاڙي سلسلي جو مشاهدو ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين. هتي جي پهاڙين مان چن جو پٿر، روڙي جو پٿر، ريتي بجري ڪڍڻ جو ڪم تيزي سان هلندي ڏٺو ويو. جنهن سبب قديم تاريخ جي شاهدي ڏيندڙ هي پهاڙيون ميسارجي رهيون هيون. بحرحال اسان ڪجهه سلامت ٽڪرين تي ڪجهه قديم غارن راڪاسن جي روڻن جي نالي سان سڏجندڙ قديم غارن ۽ سوراخن ۽ ٽڪرين تي موجود سيانٽي پٿر جنهن مان پٿر جي دور ۾ گهريلو اوزار ٺاهيا ويندا هئا. جو مشاهدو ڪندا، ۽ ڪجهه انهن شين جي گهڙاوت جا مرڪز ڏسندا ، واپسي ۾ هن ٽاڪرو علائقي جي مشهور درگاه اڀن شاهه تي حاضري ڀرڻ بعد موٽياسين. اڳتي وڃڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ سبب مجبوري ۾ وڌي نه سگهياسين. انهي لاءِ گهوٽڪي وارو اڇڙي ٿر جو حصو مشاهدي کان رهجي ويو، پر ماڻهن کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو، ته گهوٽڪي مان اڇڙي ٿر جي هڪ سنهي پٽيءَ گذري ٿي. جنهن ۾ ننڍيون ڀٽون ، رڃ ، لير ۽ پٽ وارا علائقا آهن. ۽ ائين هي ٿر وڃي پنجاب جي روهي واري علائقي سان ملي ٿو.
    درگاهه اڀن شاه کان چونڊڪو پهچڻ بعد اسان پنهنجي واپسي جي سفر لاءِ چونڊڪو کان سانگهڙ ڏانهن ويندڙ پڪي روڊ جي چونڊ ڪئي، جيئن واپسي ۾ اڇڙي ٿر ۽ سنڌ جي بيراجي علائقي کي ڌار ڪندڙ ڪس يا مهراڻي واري علائقي جو مشاهدو ڪري سگهجي. ائين اسان واپس ورياسين. چونڊڪي کان ٿورو اڳتي سانگهڙ طرف مشهور سانوڻ گئس فيلڊ جي مرڪز ۽ کوهن وارا علائقا ڏسندا ۽ اڳتي وڌندا رهياسين . اسان جي هڪ طرف اڇڙي ٿر جون ڀٽون هيون ته ٻئي طرف ناري جو سرسبز ۽ خوبصورت ڍنڍن وارو وسندڙ علائقو هو. هتي جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ مختلف ماڻهن طرفان پير صاحب پاڳاري جي نالي ڪيل رکون به هيون . جتي فطرت جا حسين نظارا دل کي فرحت ڏيئي رهيا هئا. هي علائقو اڇڙي ٿر جي ڀيٽ ۾ جنت ٿي لڳو. نارا ڪئنال ذريعي هتي پاڻي جي موجودگي سبب حيرت ۾ وجهندڙ زمين جي زرخيزي ڏسي يقين ٿيو. ته هي زمينون سون اپائي رهيون آهن. ائين اسان هن ڪس واري پاسي جو مشاهدو ڪندا اچي سانگهڙ پهتاسين . جتي دوستن عاجزمنگي ۽ مٺو سانگهڙائي وٽ چانهه پيءَ مشهور ڊيم چوٽياريون پهتاسين. هن ڊيم جي تعميراتي ناقص ڪم ۽ چوٽياريون ڊيم جي پاڻي جي ڪوالٽي ۽ ان جا اڇڙي ٿر جي ماحوليات تي پوندڙ اثرن جا سبب ڳوليندا ، رات جو قاضي ڳوٺ ۾ شهيد سورهيه بادشاه جي ياد ۾ ڪرايل پروگرام ۾ شرڪت ڪندا، فقير ميرمحمد نظاماڻي سان ملندا . اچي رات جو دير سان کپري پهتاسين . جتي منهنجو دوست سائين جمن گجو اسانجي انتظار ۾ نيڻ وڇايو ويٺو هو. باقي ڪجهه ڏينهن مون کپري شهر جي ڪجهه ڏاهن ماڻهن سان ڪچهرين ڪرڻ ۾ گذاريا . جيئن اڇڙي ٿر بابت سموري ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. انهي دوران ڪجهه ڪلاڪ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب وٽ سندس دعوت تي وڃي سندس دعوت کائڻ سان گڏ سندس ساٿ ڏيڻ جي شڪر ادائي به ڪئي. مون حافظ نورمحمد راڄڙ سان گڏجي گڙنگ بنگلو، سانگهڙ شهر لڳ حر جدوجهد جي منصورن جو قبرستان به ڏٺو. انهي بعد اڇڙي ٿر ۽ حر جدوجهد تي تمام وڏي ڄاڻ رکندڙ فقير مير محمد نظاماڻي سان سانگهڙ ۾ پورو ڏينهن سندس لائبرري ۾ گذاريو ۽ تمام قيمتي دستاويز به ڏٺا. انهي دوران مشهور اديب ۽ پبلشر سائين عاجز منگي صاحب اڇڙي ٿر ۽ حر جدوجهد بابت اهم ڪتابن جو قيمتي سيٽ به ڏنو. ائين ڪجهه ڏينهن مواد جي حاصلات جي جاکوڙ ۾ گذاري واپس وريس. ۽ اڇڙي ٿر جي مشاهداتي سفر دوران اڇڙي ٿر جي مختلف حصن ۽ آثارن جي مشاهدن، ڪيل ڪچهرين ۽ موضوع سان تعلق رکندڙ ڪجهه ڪتابن مان مليل ڄاڻ جي روشني ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيم. پر جيئن ته منهنجي اڃ نه اجهاڻي هئي. ڇاڪاڻ ته منهنجي تحقيق ۽ سفر جي مقصدن ۾ سرسوتي تهذيب جي ڳولا جو نقطو اهم هو. پر اڇڙي ٿر جي واري جي ڀٽن ۾ انهي قديم تهذيب جا نشان گم ٿيل هئا . جيئن تهذيب جا پيرا کڻي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي، هن ڪتاب ذريعي اها ڄاڻ پهچائڻي هئي. انهي ڪري مون سوچيو ته اڇڙي کان اتر ۽ اوڀر طرف هندستان جو ملڪ هئڻ سبب اتي وڃي مشاهداتي سفر ڪرڻ مشڪل هو . صرف انٽرنيٽ جي ڪجهه ويب سائيٽن ۽ ڪجهه ڪتابن ذريعي مليل معلومات تي ئي گذارو ڪرڻو هو، انهي ڪري دل ۾ اها خواهش هئي، هاڻي وري اڇڙي ٿر کان ڏکڻ طرف قديم دريائي وهڪرن سرسوتي ، هاڪڙو ۽ پراڻ جي نشانن ۽ انهن وهڪرن جي ڀروارن علائقن ۾ قديم تهذيب جا نشان ڳولي لهجن. پر ڪمزور مالي حالت ۽ وسيلا نه هئڻ سبب اهو ڪم ڪرڻ مشڪل لڳو ٿي . انهي ڪري پريشان هئس .
    اوچتو هڪ ڏينهن سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل محترم منظور احمد ڪناسري صاحب جو فون آيو. جنهن مون کي ضلعي ميرپور خاص جي قديم آثارن جي ڳولا جو ڪم ڪرڻ ۽ اهڙن آثارن جو مختصر احوال ۽ لسٽ ٺاهي موڪلڻ جو چيو، ۽ گهربل سهوليتون پڻ مهيا ڪري ڏيڻ جي سهوليت فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سچ پڇو ته مون انهي ڪم کي هڪ غيبي مدد سمجهي فورن قبول ڪري ورتو. منظور صاحب جهڙي ذميوار آفيسر منهنجي هائوڪار ڪرڻ تي واعدي موجب سفر خرچ لاءِ رقم ڏياري موڪلي . مون به جلدي سفر سنڀاهيو. پر انهن اڻ ڏٺل ماڳن جي ڳولا لاءِ ۽ اجاين رولڙن کان بچڻ لاءِ مون پنهنجي ميرپور خاص ضلعي جي دوستن سان رابطا شروع ڪيا . جن دوستن وک وک تي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. مون کي انهي سفر ۾ هڪ ڄاڻو سونهين جي ضرورت هئي. جيڪو مون کي دوستن جي نشاندهي تي ملي ويو. آئون دوستن جي نشاندهي تي ٽنڊو جان محمد ڏانهن پنهنجي دوست فقير سليم جي گاڏي ٽئڪسي طور کڻي پنهنجي پٽ سڪندر کي وٺي روانو ٿيس ، پراڻي دنبالي ويجهو رستي ۾ ڊگهڙي شگر مل لڳ پنهنجي پراڻي دوست ۽ کاهوڙي محقق محمد رمضان نوحاڻي جي اوطاق تي پهتس . جنهن اڳواٽ چانهه تيار ڪرائي ڇڏي هئي . بنا ڪنهن دير جي هن تاريخي قبرستان لال ڇتي جو مقام ڏيکاريو. هي مقام ڪلهوڙن جي دور جو هو. هن مقام ۾ جهان خان ڀرڳڙي ۽ نوحاڻين جي قبائلي جنگ ۾ مارجي ويل نوحاڻين جون پٿر سان مير فتح علي خان طرفان ٺهرايل قبرون ڏسڻ جهڙيون هيون . ان بعد مون ٽنڊو جان محمد ڏانهن سفر شروع ڪيو. منهنجو دوستن جي ڏنل فون نمبر تي ڏس ڏنل سونهين سان مسلسل رابطو هو. انهي ڪري ٽنڊي جان محمد پهچڻ وقت منهنجو سونهون محمد حسن زاهد ڪنڀر اڳواٽ انتظار ۾ هو، مون هن سان سندس بابت معلومات وٺڻ لاءِ پهريائين ساڻس ڪچهري ڪئي . مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته منهنجو سونهون خود هڪ وڏو محقق ۽ اٺن ڪتابن جو ليکڪ هو. مون کي اهو معلوم ڪري به حيرت ٿي ته هي شخص هڪ اکر به پڙهيل نه هو. هن پنهنجا ڪتاب به ٻين پڙهيل ماڻهن کان لکرائي چپايا هئا . هي باهمت شخص گهر ۾ گرم مصالحي جون پڙيون ٺاهي پيڪنگ ڪري دڪانن تي ڏيئي اتان گهر وارن کي سامان ۽ گذران لاءِ ڪجهه پئسا ڏيئي. باقي وقت ۾ پنهنجي موٽر سائيڪل وسيلي پراڻ ۽ هاڪڙي جا ڪنارا ڏيئي گهمندو ۽ ماڳ مڪان ڏسندو ۽ انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪندو ڪتاب لکرائيندو ۽ ڇپائيندو رهيو آهي. اهڙو باهمت ۽ اڻ پڙهيل صرف مشاهدي جي بنياد تي تحقيق ڪندڙ منهنجي سامهون هي پهريون محقق هو. وٽس ڄاڻ جو وڏو ڀنڍار هو. سندس عشق ڏسي منهنجي دوست ۽ منهنجي ٽيڪسي جي ڊرائيور فقير سليم خاصخيلي بي تحاشا ائين چئي ڏنو، ته سائين! هي پراڻ ۽ هاڪڙي جي ڪنارن تي ڀٽڪندڙ ڪنهن قديم انسان جو روح آهي. ساڻس ملي مون کي خوشي ٿي ته مون کي گهربل ماڻهو ملي ويو. پر هن صرف مون کي هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن تي تعلقي ڊگهڙي ۽ جهڏي تعلقي جا قديم ماڳ ڏيکارڻ ۽ سونهون ٿي هلڻ جو وقت ڏنو ، جيڪو مون غنيمت سمجهيو. مون عارضي طور ٽنڊو جان محمد لڳ پراڻ جي ڪناري تي آباد ٽالپرن جي ڳوٺ ۾انتهائي محبتي ۽ اوطاقي شخص مير رفيق ٽالپر جي اوطاق کي مرڪز بنائي، پنهنجي تحقيقي مشاهداتي سفر جي شروعات ڪئي. مير رفيق ٽالپر جي بي انتها پيار ، ۽ مهمان نوازي سان گڏ سندس ذميواري جي احساس منهنجي ڪم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي . کاهوڙي دوست محمد حسن زاهد ڪنڀر جي قديم ماڳن تي ڪئين ڀيرا وڃڻ سبب ۽ سمورن رستن کان واقف هئڻ سبب ماڳن تي پهچڻ آسان ٿي پيو. منهنجي دوست فقير سليم خاصخيلي به گاڏي جو لحاظ گهٽ رکندي اڙانگن رستن تي هلڻ کان نه لهرايو. مون آمري جو مقام، منڌرن جو دڙو، سيف الملوڪ جو دڙو، ٻرڙائي جو دڙو، سماننگر، بروڙ جو دڙو، نئون ڪوٽ جو قلعو ۽ نوهٽو هن سونهين زاهد ڪنڀر جي رهنمائي سان نهايت آساني سان ڏٺو. انهي کان پوءِ زاهد ڪنڀر پنهنجي ذاتي ڪمن سبب اڳتي هلڻ کان مجبوري ڏيکاري. انهي ڪري مون وري ميرپور خاص ضلعي جي رهيل علائقي کي ڏسڻ لاءِ هڪ ٻئي ڄاڻو محقق ۽ ٻولي جي ماهر سگهڙ ۽ پراڻي دوست محترم تاج محمد هاليپوٽي ڏانهن شادي پلي وڃڻ ۽ سندس مدد وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو. رستي ۾ ايندڙ برصغير جي ڪنهن دور ۾ سياسي مرڪز ڊينگاڻ ڀرڳڙي وڃڻ به ضروري سمجهيم. ڇو ته آرڪيالاجي واري ڪم جي سلسلي ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي اوطاق ، حويلي ۽ مزار جو به احوال گڏ ڪرڻو هو. مير رفيق ٽالپر ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ هڪ سونهين سليمان خاصّخيلي کي فون ڪري ڇڏيو. جيڪو اڳ ۾ ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچڻ وقت انتظار ۾ هو. ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾گهربل جايون ڏسي شادي پلي ڏانهن روانا ٿياسين. شادي پلي پهچڻ تي پيارو دوست تاج محمد هاليپوٽو انتظار ۾ نيڻ وڇايو ويٺو هو. پر اوچتو تاج محمد جي طبيعت ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خراب ٿي پئي هئي، پر هو دوستي جو ڀرم رکڻ لاءِ انڪار نه ڪري سگهيو هو. پر سندس صحت سفر جي لائق نه هئي. انهي ڪري هن منهنجي ڪم ۾ رخنو نه پوڻ جي خيال کان پنهنجي هڪ کاهوڙي دوست کي فون ڪئي. سندس چوڻ تي سندس دوست ۽ کاهوڙي انسان دوست علي پهوڙ سونهين ٿيڻ جي ذميواري قبول ڪئي. دوست علي پهوڙ جي سونهپ ۽ ساٿ ته مليو، پر فقير سليم جي گاڏي خراب ٿي پيئي. مجبوري سبب اها ٽئڪسي ڪيل گاڏي ميرپور خاص ۾ هڪ مستري وٽ صحيح ڪرڻ لاءِ ڇڏي ، فقير سليم خاصخيلي اتي ئي گاڏي ٺيڪ ڪرائي واپس ڳوٺ روانو ٿي ويو، جنهن جي اجازت مون کيس نڪرڻ وقت ئي ڏيئي ڇڏي هئي. مون سفر کي اڳتي نبيرڻ لاءِ پنهنجي هڪ پراڻي دوست صفدر لغاري کي گاڏي کڻي اچڻ لاءِ چيو. جيڪو جلدي پنهنجي پٽ شعيب رضا کي ساڻ ڪري گاڏي سميت پهچي ويو. آئون ۽ منهنجو پٽ سڪندر اڳ ۾ ئي تيار هئاسين. ائين پنهنجي نئين سونهين دوست علي پهوڙ کي کڻڻ لاءِ هنڱورنو پهتاسين. جتي هو اڳ ۾ انتظار ۾ هو. دوست علي پهوڙ جي رهنمائي ۾ اسان ڳاڙهو ڀڙو، چٽوڙي جو تاريخي قبرستان، ليهور جو دڙو، داسڙن جو دڙو ، گرهوڙي جي مزار، موتيا مسجد ، شيرڪوٽ ۽ مٺو فقير جو ڍير ڏٺو. اهڙي ريت مون هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪناري سمورن قديم آثارن جو مشاهدو ڪري ورتو. عمرڪوٽ ، ڪاهو جودڙو وغيره، ته اڳ ۾ ڪيترا ڀيرا ڏٺل هئا. ميرپور خاص ۾ منهنجي رهائش صفدر لغاري جي اوطاق تي رهي. ائين آئون هي سفر به مڪمل ڪري گهر پهتس . واپسي تي منهنجي پريشاني دور ٿي ويئي هئي. ڇو ته مون سرسوتي ، هاڪڙي ۽ پراڻ جا پيرا ڳولي لڌا هئا . ڪنارن تي موجود سمورا آثار ڏسڻ بعد منهنجي ذهن ۾ سرسوتي تهذيب جو خاڪو جڙي آيو هو.
    منهنجي تحقيق جو دائرو جيئن ته سرسوتي جي قديم وهڪرن جي ڳولا جي سلسلي ۾ اڇڙي ٿر جي حدن کان ٻاهر نڪري چڪو هو. ڇو ته سرسوتي ، هاڪڙي ۽ پراڻ جي قديم وهڪرن جي ڳولا ڪندي آئون اڇڙي ٿر جي حدن کان ٻاهر ميرپور خاص ۽ ٿرپارڪر جي حدن تائين پهچي چڪو هئس . اڇڙي ٿر جي منجهائيندڙ صحرا ۾ سرسوتي تهذيب جي گم ٿيل نشانن جي ڳولا جي ڪوشش ئي مون کي اڇڙي ٿر کان ٻاهر وٺي آئي هئي. منهنجي اڳيان اهو اهم سوال هو ته ، قديم سرسوتي ندي هتي ڪڏهن کان وهندي هئي . هن جا وهڪرا ڪٿان ڪٿان گذريا هئا . ڪتابن ۾ اهو به اشارو مليو ته سرسوتي ڪنهن زماني ۾ ٿرپارڪر جي پاريننگر وٽ پنهنجو ڇوڙ ڪندي هئ ، جنهن سبب هتي ڏوتڙ يعني ٻن بندرگاهن مٺي دريائي پاڻي ۽ رڻ ڪڇ کان وهي ايندڙ سامونڊي کاري تي سامونڊي بندرگاهه هو. انهي ڪري اهو ضروري سمجهيم ته پنهنجي تحقيقي دائري ۾ ويراواه ، ڏوتڙ ۽ پاريننگر جي مشاهدي کي به شامل ڪريان.
    اڇڙي ٿر جي سومون جي تڙ جو پاڻمرادو وهندڙ بورنگ به منهنجي لاءِ حيرت جو سبب هو. مٿان وري سرسوتي جي ڳولا جي سلسلي ۾ مون راتين جون راتيون جاڳي انٽر نيٽ تي سرسوتي بابت مختلف ويب سائيٽون به سرچ ڪري مطالعي هيٺ آنديون. ڪولمبو پلان جا اڍائي سئو نقشا به ڏٺا ، قديم دريائي وهڪرن ۽ سرسوتي بابت ڪافي مواد هٿ اچي ويو. ساڳئي وقت انهي ويب سائيٽن جي مطالعي ۽ يوٽيوب تي سرسوتي بابت مختلف ماهرن جا خيال ٻڌڻ جو به اتفاق ٿيو. انهي مطالعي مان معلوم ٿيو، ته هندستان جي هريانا صوبي ۾ سرسوتي جي زير زمين پاڻي تي هڪ ڪئنال پڻ کوٽيو ويو آهي، جنهن مان زرعي پيداوار پڻ حاصل ٿئي پئي. ٻئي طرف اڳتي هلندي سرسوتي جي زير زمين پاڻي تي راجستان ۾ پاڻمرادو وهندڙ بورنگ پڻ زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن .
    انهي مطالعي ۽ سومون جي تڙ جي مشاهدي سبب مون کي ٿر جي زمين اندر موجود سرسوتي جي پاڻي جي ذخيري جي ڳولا جو شوق پيدا ٿيو. پر وسيلن نه هئڻ سبب اندر ئي اندر ۾ اها هورا کورا رهي، ته شال ڪو رستو نڪري اچي . هڪ ڀيري ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي پياري دوست نصير ميمڻ مون کي ٻڌايو، ته ٿر ڪول جي هيٺان پاڻي جو هڪ سمنڊ موجود آهي . جيالاجي جا ماهر ٻڌائين ٿا ، ته اهو پاڻي نوي ارب مڪعب فوٽ آهي. سنڌ ۾ ٿرجي ڪوئلي جي ڪڍڻ لاءِ اينگرو ڪمپني طرفان کوٽايل اوپن پٽ کي زير زمين مشاهدي لاءِ وڏو موقعو سمجهندي. مون نصير ميمڻ کي ٿر ڪول گهمائڻ جي گذارش ڪئي. نصير ميمڻ مون کي ٽن ڏينهن جو مشاهدي جو موقعو ڏيڻ لاءِ ٽيويهين سپٽمبر 2018ع تي مون کي منهنجي گهران پنهنجي گاڏي ۾ کڻي ٿر ڪول وٺي آيو. جتي مون اوپن پٽ جي اونهي کوٽائي ، زير زمين نڪتل پاڻي تي پوکيل آزمائشي فصل به ڏٺا . انهي دوران جيالاجي جي ماهرن سان به معلوماتي ڪچهري ٿي. گڏوگڏ موقعي جو فائدو وٺندي مون پاريننگر ، ڏوتڙ ۽ ويراواهه وٽ قديم دريائي ڇوڙ جا به نشان ڌٺا . اهڙي ريت ٽن ڏينهن جو اهو سفر به ڪري اچي گهر پهتس. اهڙي ريت مون وسيلن جي اڻهوند هوندي به پنهنجو هي سفر خير خوبي سان مڪمل ڪيو. منهنجي تحقيق جو هي تقريبن اٺن مهينن جو ڊگهو ۽ اڙانگو سفر جيڪو27 جنوري 2018ع تي شروع ٿيو هو، سو آخرڪار 25 سيپٽمبر 2018ع تي پنهنجي پڄاڻي کي پهتو. ان سفر جي پڄاڻي بعد انهي سفر جي پيڙائن مان همت سان گذري گڏ ڪيل معلومات جي روشني ۾مسلسل راتيون جاڳي مواد جي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ مختلف شعبن جي ماهرن کان رهنمائي حاصل ڪري هي ڪتاب توهان تائين پهچائي سگهيو آهيان . اهڙي ريت هي تحقيقي سفر سال کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو.


    اڇڙي ٿر جي سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي

    استاد لغاري : استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم آهي. 21 نومبر 1956ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻيءَ تعلقي سانگھڙ ۾ جنم ورتائين. پنج درجا سنڌي ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ 1979ع ۾، ۽ انٽر 1986ع ۾ کپري مان، بي اي 1988ع ۾، ۽ ايم اي 1991ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪيائين. 1983ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، 1991ع ۾ جي ايس ٽي ۽ سال 2001ع ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران، پي ٽي سي، سي ٽي ۽ بي ايڊ جا ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ۽ ايم ايڊ جو ڪورس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪيائين.
    باقاعده لکڻ جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪيائين. 1981ع ۾، “سنڌي ادبي سنگت” شاخ کپري جو يونٽ قائم ڪري، پاڻ ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سال “پڪار پبليڪيشن” کپرو جو بنياد وڌائين. ان پليٽ فارم تان، ڪتاب “آيو آيو سوجھرو” جون 1982ع ۾ شايع ڪيائين. ساڳئي پبليڪيشن پاران، ٻيا چار ادبي پرچا “سچي دنيا” جي نالي سان، 1986ع ۾، کپري مان شايع ٿيا. اهڙيءَ طرح 1990ع واري ڏهاڪي ۾، اخباري سائيز جو هڪ عدد ادبي پرچو “ڪاروانِ بهار” ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا، “ڀاڳ” جي نالي سان، کپري مان شايع ڪيائين.
    سال 1983ع ۾، ماٽا ( مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئشن) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. سندس ذاتي“استاد لغاري ادبي لائيبريريءَ” ۾، هن وقت ٻين هزارين ڪتابن سان کان گڏوگڏ، شاھ جي رسالن جو قيمتي ذخيرو پڻ موجود آهي. خصوصا، قلمي، دستخطي، ليٿو، عڪسي، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائيءَ تي مشتمل، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، انگريزي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل، شاھ جا رسالا وٽس موجود آهن. سندس نمايان ادبي پورهيو، شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي ترجمو( جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، پهريون ڇاپو سال 2010ع ۾ شايع ٿيو)، سٽ وار سمجھاڻيءَ تي آڌاريل، شاندار شرح لکيل شاھ جو رسالو،( جيڪو ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، پهريون ڇاپو، سال 2017ع ۾ شايع ٿيو) ۽ منظوم ڍاٽڪي ترجمو( جيڪو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، پهريون ڇاپو سال 2018ع ۾ شايع ٿيو)، شامل آهن. هن پنهنجن هٿن سان، شاھ جي رسالي جو “رنگين قلمي نسخو” به لکيو آهي، جيڪو سال 2011ع ۾ لکي مڪمل ڪيائين. هي رسالو ڇهن رنگن سان، ڇٽيهن سُرن تي مشتمل آهي. باقي سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾، شاھ جو رسالو( وڏو واحد رسالو، جيڪو سال 2013ع ۾، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(ننڍڙو، کيسي ۾ رکڻ جيڏو، حمائيل سائيز ۾، جيڪو سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال 2015ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو( جلد پهريون، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال 2013ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(جلد ٻيو، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال 2014ع ۾ شايع ٿيو)، موکي متارا (هي تحقيقي ڪتاب، المهراڻ فائونڊيشن سانگھڙ پاران، سال 2013ع ۾ شايع ٿيو)، لطيفي اسرار( هن ڪتاب ۾، لطيف شناسيءَ تي لکيل مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، سال 2015ع ۾ شايع ٿيو)، سونَ ورنيون سٽون( هي نثر ۾ لکيل شاھ جو رسالو آهي، جنهن کي ڪويتا پبلشرز حيدرآباد، سال 2017ع ۾ شايع ڪيو)، ڪلياتِ ٻاجھي ( ٻاجھي فقير لغاريءَ جو ڪلام، ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، سال 2017ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر( تعارف، سمجھاڻيون ۽ فلسفا، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، سال 2018ع ۾ شايع ٿيو). اهڙيءَ ريت، استاد لغاريءَ جا، هن وقت تائين چوڏهن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. سندس لکيل ۽ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن جو تعداد سون ۾ آهي، جيڪي لطيف شناسيءَ، ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل آهن.
    استاد لغاريءَ کي مڃتا ايوارڊ به ملي چڪا آهن. جن ۾، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران،“لطيف ايوارڊ” سال 2013ع ۾، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد پاران،“شاھ عبداللطيف ڀٽائي اور تصوف ايوارڊ” سال 2017ع ۾، ۽ آئيڊيل پبلڪ اسڪول کاهيءَ پاران“بهترين رائيٽرس ايوارڊ”، سال 2018ع ۾ ڏنو ويو. استاد لغاري سال 2016ع ۾، سروس تان ريٽائر ٿيو، هن وقت پنهنجي ادبي لائيبريريءَ کپرو ۾، علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي. استاد لغاري جو علمي ادبي ڪمن ۾به اتساهيندڙ ڪردار رهيو آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي،ته هن ڪتاب جي تحقيقي ڪم ۾ هو منهنجو وڏو مدد گار رهيو. کانئس قيمتي علمي ڄاڻ به ملندي رهي. سندس گهر ۽ لائبرري جا دروازا مون لاءِ هر وقت کليل رهيا. .
    محمد جمن گجُو : محمد جمن ولد خان محمد ذات گجو، ڳوٺ حاجي محمد عمر گجو، لڳ ڍليار ۾ 10 فبروري 1958ع تي جنم ورتو. هن پڙهڻ جي شروعات ڳوٺ ٻيڙو ڀنڀرو جي پرائمري اسڪول ۾ ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول هٿونگو مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان 1976ع ۾۽ ايم، اي سنڌي، سنڌيونيورسٽي مان 1989ع ۾ پاس ڪئي. هن کي سال 1980ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر جي نوڪري ملي ۽ ترقي ڪري هاءِ اسڪول ٽيچر جي عهدي تائين پهتو. جتان 19 هين گريڊ ۾ سال 2018ع ۾ رٽايرڊ ڪيائين. هن وقت کپري شهر ۾ رهائش پذير آهي. هن 37 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون ، انهي جي شاهدي وقت بوقت کيس ڪيترائي مليل ڪارڪردگي جا ايوارڊ آهن. هي تعليمي خدمتن کان سواءِ سماجي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. قومي تحريڪ جي نوجوانن لاءِ پڻ اتساهه جو سبب رهيو. ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ پڻ نوجوانن کي همٿائيندو رهيو. هن سماجي شعور پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي علمي،ادبي، ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايا. اهو ئي سبب آهي ، جو کيس سماج جي سمورن حلقن ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هي منهنجو پراڻو يار آهي. هن منهنجي هن ڪتاب لکڻ واري تحقيقي سفر ۾ منهنجي مدد ۾ وس آهر نه گهٽايو. سندس ساٿ منهنجي لاءِ وڏي وٿ هو.

    فقير دين محمد ڪنڀار: فقير دين محمد تعلقي کپري جي ڳوٺ باکريچي جي هڪ غريب پورهيت ڪچرو خان ڪنڀار جي گهر ۾ 1948ع ۾ جنم ورتو. ڳوٺ حاجي شاهه محمد هنڱورجو جي اسڪول ۾ غربت سبب صرف ٽي درجا پڙهي سگهيو. ننڍپڻ ۾ ئي غربت جي عذابن ۾ اک کوليندڙ هن ٻار جي دل ۾ غريبن سان همدردي پيدا ٿي. ون يونٽ جي خلاف انهي وقت هلندڙ جدوجهد هن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. هن ڪجهه وقت صحافت به ڪئي. سانگهڙ مان نڪرندڙ ٽي روزه الفقراءَ ۽ روزانه عبرت ۾ نمائندگي سان گڏ انهي اخبارن جي وڪري جو ڪم به ڪندو رهيو. اڳتي هلي هي سنڌ جي قومي جدوجهد کان متاثر ٿي انهي ۾ سرگرم ٿيو. هن وقت فقير دين محمد ڪنڀار جو نالو هڪ هاري اڳواڻ جي نالي طور پوري سنڌ ۾ مشهور آهي. هن جي پوري حياتي قومي جدوجهد ۽ سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذري آهي. انهي کان علاوهه پاڻ لطيف سائين جو پارکو ۽ هر چڱي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ سبب اتساهيندڙ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. انهي ڪري هو سنڌ جي سمورن سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. منهنجو هي پراڻو ۽ جوڀن ڏينهن جو يار آهي. زندگي جي ڪافي لاهن ۽ چاڙهن ۾ اسان جو ساٿ نڀاهه جي اصولن جو مياري ناهي. هن ڪتاب جي تحقيق جي دوري لاءِ جڏهن آئون اڇڙي ٿر لاءِ سنبريس ته، هن جي ننڊ ڦتي ويئي. منهنجي پيارن دوستن استاد لغاري، جمن گجو، شير محمد لاشاري سان ملي سفر جي انتظامن ۾ مصروف ٿي ويو. بيماري سبب گڏ هلي ته نه سگهيو. پر فونن جي ذريعي پوري سفر ۾ ساٿي رهيو.

    فقير مير محمد نظاماڻي : هن فقير طبيعت ۽ يار ويس انسان ضلعي نواب شاهه جي ڳوٺ خدابخش نظاماڻي ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خدابخش نظاماڻي هو. جيڪو حر جدوجهد ۾ سرگرم رهيو. انهي پاداش ۾ حيدر آباد سينٽر جيل ۾ به قيدي رهيو. هن کي اسڪول حاجي خدابخش بروهي ۾ داخل ڪرايو ويو. پر هو حالتن جي اڳيان مجبور ٿي ٽن درجن کان مٿي پڙهي نه سگهيو. جيئن ته هن جو خاندان حر جدوجهد ۾ سرگرم هو. انهي ڪري هن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو، ته حر جدوجهد بابت احوال گڏ ڪجي. انهي ڪم جي عشق هن کي سڄي سنڌ ۾ وڃي حر ويڙهاڪن جا انٽرويو ڪرڻ تي مجبور ڪيو. انهي کان علاوه هن حر جدوجهد ۾ ويڙهاڪن جي ڪيسن جا فائل به گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ، برٽش گورنمينٽ جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ به پوري ملڪ ۾ جاکوڙيو. ائين هن پنهنجي پوري زندگي حر جدوجهد بابت معلومات گڏ_ ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي حر جدوجهد جي احوال جي اٿارٽي سمجهيو ويندو آهي. انهي کان علاوه هن جي پوري ڄمار سفر ڪندي گذري انهي ڪري وٽس سنڌ جي سماجي حالتن بابت ڪافي معلومات آهي . مطلب ته هي سنڌ جي هڪ هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي. وٽس حر ويڙهاڪن جا ٽي سئو کن انٽرويوز تي مبني آڊيو ڪيسٽون. تيرهن هزار صفحن تي مشتمل اٺانوي رڪارڊ جا فائل موجود آهن. هن جو هڪ ڪتاب حر ويڙهاڪن کان ورتل ڪجهه انٽرويوز “ مڙيا مٿي مچ ” به ڇپيل آهي. هن عالم شخص جا دروازا محققن لاءِ هر وقت کليل آهن. هن جي خواهش آهي ته وڌ کان وڌ حر جدوجهد جي لڪل رازن تان پردو کڻي سنڌ جي هن عظيم جدوجهد بابت سنڌ جي ماڻهن کي آگاهه ڪجي. انهي عشق ۾ ئي هي فقير طبيعت انسان جيئي ۽ جاڳي پيو. منهنجي هن عظيم انسان سان اڳ ۾ ڪا به ڏيٺ ويٺ نه هئي. اڇڙي ٿر جي تحقيق دوران جڏهن هن عالم انسان سان منهنجي ملاقات ٿي، ته هن پنهنجو پاڻ کي منهنجي هرقسم جي مدد لاءِ ارپي ڇڏيو. هن جي علمي ساٿ سان ئي منهنجي هي تحقيق سگهاري ٿي.

    عاجز منگي : ميرحسن عاجز منگي ڳوٺ شاهه مردان آباد تعلقو شهداد پور ضلع سانگهڙ ۾ 4 مئي 1958ع تي مصري فقير منگي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سائينڏتو رند ۾ ورتي اهڙي ريت اڳتي هلي گريجويئشن ڪيائين. 17 جنوري 1976ع تي کيس پرائمري استاد جي نوڪري ملي. هن نوڪري جي شروعات پنهنجي اسڪول ۾ نئين کليل اسڪول کان ڪئي. ۽ پوري سروس پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جي ترقي ۾ گذاريائين. جيڪو هن وقت مڊل اسڪول آهي. هن سرڪاري نوڪري تان 30 آگسٽ 2012ع تي رٽايرڊ ڪيائين. انهي کان علاوه هي ادبي سرگرمين ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو، هن سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو رابطه سيڪريٽري پڻ رهيو. هي شاعر سان گڏ سٺو نثر نويس پڻ آهي. هن صحافت به ڪئي . سانگهڙ مان نڪرندڙ ٽي روزه الفقراءَ جو ڪجهه سال ايڊيٽر پڻ رهيو. هي قومي تحريڪ سان پڻ لاڳاپيل رهيو. ۽ اتي به سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. هن وقت هن هڪ اشاعتي ادارو پڻ المهراڻ فائونڊيشن نالي سان کوليو آهي. هيستائين 19 ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. انهي کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ 60 کان وڌيڪ ڪتابي ميلا لڳائي پوري سنڌ ۾ علمي شعور پکيڙيو آهي. منهنجو هي پراڻو دوست آهي. هن کي جڏهن منهنجي اڇڙو ٿر ۽ سرسوتي تهذيب ڪتاب لکڻ جي خبر پئي، ته هن مون کي اڇڙي ۽ خاص ڪري حر جدوجهد بابت ڇپيل سمورو مواد فراهم ڪري ڏنو. پنهنجي گهر ، لائبرري ۽ دل جا دروازا کولي ڇڏيا. سندس ساٿ سان منهنجو هي تحقيقي سفر آسان ٿي ويو.

    سانوڻ راڄڙ : سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو مٺا خان لڳ ڳوٺ محمد بچل راڄڙ جي هڪ ڳوٺاڻي حاجي حضوربخش راڄڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ۽ انٽر تائين اسڪولي تعليم پرائيندڙ، هي باعمل انسان هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رهندو آيو آهي. اهوئي سبب آهي ، جو هن پنهنجي عمر کان وڌيڪ ڪم ڪري پنهنجي عزت ماڻي ورتي آهي. کلمک ، خوش اخلاق ۽ باهمت هن ماڻهو جي اها جادوئي ڪشش آهي، جو ساڻس ملاقات ڪندڙ ماڻهو کي هو پنهنجو ساٿي بڻايو ڇڏي. هن جي دل ۾ اڇڙي ٿر جي مظلوميت ۽ لٽيل سونهن ٻيهر بحال ڪرڻ جو عشق موجود آهي. جنهن عشق کيس ڏونگر ڏورڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن محنتي ۽ مخلص انسان ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجو نالو سانگهڙ جي علمي ادبي ۽ سماجي فورمن ۾ ڳڻايو آهي. هن پنهنجي عملي ڪم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ کان ئي ڪئي، جتي هن سڀ کان پهرين پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڪي مسجد شريف جوڙائي ۽ ان ۾ ديني تعليم جو بندوبست ڪيو، جيئن علم جي روشني پکڙي. هن جو چوڻ آهي، ته اڇڙي ٿر ۾ تعليم اچڻ سان ئي ڪجهه ٿي سگهندو. انهي سلسلي ۾ هن دوستن سان گڏجي ، نوجوانن ۾ لکڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ اڇڙوٿر پبليڪشن جو بنياد رکيو. انهي پليٽ فارم تان سلسليوار”اڇڙوٿر“جي نالي لڳاتار شمارا آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جنهن سان هتان جي نوجوانن ۾ اڇڙي ٿر بابت لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي. انهي شوق کي منظم ڪرڻ لاءِ اڇڙوٿر ادبي فورم قائم ڪري ادبي سرگرميون وڌائڻ ۽ دلچسپي پيداڪرڻ سان گڏ فورم ۾ شامل ميمبرن جا ڪتاب ڇپائڻ ۽ ادبي گڏجاڻيون ڪرڻ سان ، نوجوانن ۾ لکڻ جو چاهه پيدا ڪيو آهي . هن فورم طرفان تازوشاعري جوگڏيل ڪتاب “ اکين جي پاند ۾” ترتيب ڏئي ڇپرائي ميدان ۾ آندو آهي . ان کان علاوه هي پاڻ به هڪ کاهوڙي محقق آهي . هي تاريخي ماڳن ۽ خاص ڪري اڇڙي ٿر متعلق تحقيقي مضمون ۽ ڪالم به لکندو رهي ٿو. سندس اهي مضمون ۽ ڪالم سنڌ جي تقريبن سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهيا آهن . هي ھن وقت اڇڙوٿر پبليڪشن ۽ اڇڙوٿر ادبي فورم جو چيئرمين ۽ سلسليواراڇڙوٿر جو ايڊيٽر پڻ آھي .ان کان سواء اڇڙي ٿر متعلق چونڊيل نمائندن ۽ ضلع انتظامياجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پڻ جاکوڙيندو رهيو آهي. اڇڙي ٿر تي تحقيق ڪندڙ محققن جوساٿ ڏيڻ هي پنهنجو فرض سمجهي ٿو. انهي جو ثبوت اهو آهي، ته مون جڏهن اڇڙي ٿر تي تحقيقي ڪتاب لکڻ جو خيال ڏيکاريو، ته هن انهي سلسلي ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو. جنهن جي شاهدي منهنجو هي ڪتاب ڏيندو

    محمد خان راڄڙ : سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو مٺا خان لڳ ،ڳوٺ جوارڙو ۾ هڪ محنتي انسان محمد عثمان راڄڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد خان راڄڙ هڪ نهايت محبتي ۽ اڻٿڪ انسان آهي. هن تمام ڏکين حالتن ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن جي دل ۾ سنڌ جي انتهائي منجهائيندڙ صحرائي علائقي اڇڙو ٿر کي پنهنجي اندر ۾ اوتڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس انهي شوق کيس اڇڙي ٿر جي اڙانگين واٽن ۽ پيچرن جو سونهون بڻائي ڇڏيو. سياح قسم جي هن شخص جا پوري اڇڙي ٿر سان تعلقات جڙي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر جو هي نوجوان سونهون اڇڙي ٿر جي تحقيق ڪندڙ محققن جي توجهه جو مرڪز آهي. هن اڇڙي ٿر جي سماج جو گهرائي سان مشاهدو ڪيو آهي، ۽ هي هتان جي سڀني ريتن رسمن ۽ وهنوارن کان واقف آهي. مون تمام ٿورن ڏينهن ۾ اڇڙي ٿر جا اڙانگا پنڌ ڪرڻ جو جڏهن خيال ظاهر ڪيو ، ته هي سانوڻ راڄڙ جي چوڻ تي مون سان سڄي سفر ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيو. سندس ساٿ سان ڪٿي به اڇڙو ٿر منهنجي لاءِ اوپرو نه رهيو. سندس ساٿ کان سواءِ منهنجو هي سفر سڻائو ۽ سڦل نه ٿي سگهي ها. هي سانوڻ راڄڙ جو سندس ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي پڻ آهي.

    جان محمد راڄڙ : هي سانگهڙ جي کپرو شهر جو رهواسي آهي. فقير محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي نوجوان انتهائي مخلص، باهمت ۽ محبتي انسان آهي. ننڍپڻ کان ئي هن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هن همت ڪري بي اي جو امتحان پاس ڪري ورتو. علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو شوق منجهس سانوڻ راڄڙ پيدا ڪيو. هن وقت هي سڀني سرگرمين ۾ اڳرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن محبتي ۽ دوستي جي لڄ رکندڙ انسان جي دوستي جو حلقو به وسيع آهي. سندس سچائي ، محبت ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي کيس کپري جي نوجوانن ۾ مقبول ڪري ڇڏيو آهي. انهي ڪري هي نوجوانن جي علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾سندن اتساهه جو سبب آهي. اڇڙي ٿر جي 2018ع جي ڏڪار ۾ هن امدادي سرگرمين ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. منهنجي اڇڙي ٿر جي تحقيقي سفر ۾ هي دوستن سان گڏ منهنجو پوري سفر ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، سندس ساٿ منهنجي هن تحقيقي سفر ۾ نهايت ڪارائتو رهيو. منهنجي تحقيقي سفر جي ٻئي مرحلي ۾ هن پنهنجي دوستن جي ساٿ سان منهنجي سفر کي مڪمل ڪرڻ ۾ پنهنجو همت وارو ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن سندس ساٿ نه هجي ها. ته آئون پنهنجو هي تحقيقي سفر مڪمل نه ڪري سگهان ها. جنهن مان اهو ثبوت مليو ته هن ۾ وڏي عملي سگهه موجود آهي.
    حافظ نور محمد راڄڙ : هي اڇڙي ٿر جي ڳوٺ ٻٻر جو تڙ جو رهواسي آهي. هن جي والد جو نالو محمد صديق راڄڙ آهي. هن پيرڳوٺ جي راشديه درسگاهه مان ديني علمن جي سند ورتي. هن جي دل ۾ اڇڙي ٿر جي غربت ، ۽ ماڻهن جي لاوارثي ڏسي انسانيت جو درد پيدا ٿيو ۽ هن پاڻ کي سماجي خدمتن لاءِ ارپي ڇڏيو آهي. مظلومن جي قانوني مدد ڪرڻ، کين انصاف ڏيارڻ ، لاءِ هي رات ڏينهن مصروف عمل رهندو آهي. پاڻ هن وقت هيومين رائٽس جو سانگهڙ ضلعي جو ڪوآرڊينيٽر آهي . هي صوفي انسان بنا مذهبي فرق جي مظلوم انسانن جا ڳوڙها اگهندي فخر محسوس ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي، جو هن ڏڪار 2018ع ۾به امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، ۽ نوجوانن سان گڏجي منجهن همت ۽ اتساهه ڀريندو رهيو. منهنجي اڇڙي ٿر جي تحقيقي سفر دوران هي نه صرف گڏجي هليو، پر هن انهي اڙانگي سفر دوران سڀني ساٿين جو خاص خيال پڻ رکيو. پوري سفر ۾ هن مخدوم ٿيڻ بجاءِ پاڻ کي خادم سمجهڻ تي فخر ڪيو. جنهن مان هن جي دل ۾ انساني محبت جو سمنڊ ڇوليون هڻندي ڏسڻ ۾ آيو.

    ملوڪ درس : ڳوٺ قاضي محمد علي درس( مٿوڻ ) تعلقو کپرو ضلع سانگهڙ جي هڪ غريب پورهيت محمد حيات درس جي گهر ۾ پنڌرهين مارچ اوڻيهه سئو اٺاسي ۾ جنم وٺندڙ، محمد ملوڪ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ قاضي محمد علي درس مان پرائي. گڏوگڏ قرآن پاڪ جي تعليم به ڳوٺ جي مدرسي صبغت النور مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڀٽ ڀائيٽي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري پنهنجي غريب پورهيت پيءَ جي خواب کي ساڀيان بڻائي سوڀارو ٿيو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ غربت سبب وڌيڪ پڙهڻ جي پهچ نه هئڻ ڪري پنهنجي پورهيت پيءَ سان گڏ مزدوري ڪيائين. وري 2007 ۾ سيڪنڊري هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۾ يارهين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين. غربت ۾ پنهنجي خاندان کي سپورٽ ڪرڻ هن نوجوان جي مجبوري ٿي ويئي. هن نوجوان ٽي سال سرن جي بٺي تي مزدوري به ڪئي. ايتري غربت ۽ مجبورين هوندي به 2011 جي مها ٻوڏ ۾ هن نوجوانن جي ٽيم ٺاهي ڳوٺن مان چندو ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مدد ڪئي. سندس جذبي کي ڏسي 2012 ۾ ضلع سانگهڙ ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم هينڊز جي طرفان هن نوجوان کي رضاڪار جي بنياد تي پنهنجي ارگنائيزيشن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو. هن نوجوان جي دل ۾مسڪين ماڻهن سان محبت ۽ سندن خدمت ڪرڻ جو جذبو اڳ ۾ موجود هو. هن ڏينهن رات هڪ ڪري اڇڙو ٿر واسين جي مدد لاءِ وسان نه گهٽايو. 2013ع ۾ هن پڙهيل نوجوانن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ ٻاراڻي ادب جو ميگزين “مهراڻ جون مرڪون” جوپهريون پرچو مارڪيٽ ۾آندو. ان سان گڏ کپري شهر ۾ مسڪين ماڻهن جي مدد لاءِ هڪ آفيس کولي، غريب مسڪين ماڻهن جي نادرا ، اسپتالن ، ٿاڻي ، مختيار ڪار آفيس ايس ڊي ايم آفيس ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ڏينهن رات مدد ڪرڻ لڳو. هن اسپتال ۾ مسڪين ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ ۽ اڇڙ ي ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد يا ڪراچي تائين پهچائڻ عيب نه سمجهيو. هن پنهنجي 2012 کان تعليم جي ٻيهر شروعات ڪئي ۽ 2016 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ايم اي سنڌي ڪيائين 2016 ۾کيس آرٽس فائونڊيشن ميرپورخاص ۾ سماجي خدمتن تي ايوارڊز سان نوازيو ويو. 2017 ۾ سنڌ سڄاڳ فورم پاران شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ايوارڊز سان نوازيو ويو. هن نوجوان اڇڙو ٿر جي ڳوٺ تڙ وسڻاهو، تڙ جيسرو ، تڙ موڊاڪر ، تڙ کارڪي ۽ ٻين علائقن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳرايون، سول اسپتال کپرو ۾ جهانگير صديقي فائونڊيشن جي طرفان اکين جي فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائي . جنهن ۾ (1200) مريضن جي او پي ڊي ۽ (275) مريضن جا آپٽيڪل آپريشن ڪرايائين. اڇڙي ٿر ۾ 2018ع ۾ آيل ڏڪار ۾ هن نوجوان رات ڏينهن سماجي خدمتن ۾ پاڻ کي مصروف رکيو. هن وقت کپرو جي سماجي تنظيمن جي مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    هي نوجوان هڪ محنتي ۽ محبتي انسان آهي . آئون جڏهن اڇڙي ٿر جي مشاهداتي سفر تي نڪتس ته هي رستي ۾ منهنجي ٽيم ۾شامل ٿي، منهنجو ساٿي بڻيو. سندس حسن اخلاق ۽ جاکوڙي طبيعت سندس لاءِ منهنجي دل ۾ جڳهه پيدا ڪري ورتي. هن وقت هو منهنجو مخلص ساٿي آهي.

    غلام علي راڄڙ : کپري شهر جي ويجهو ڳوٺ بچو راڄڙ جي هڪ پورهيت ملوڪ راڄڙ جي گهر ۾ پنڌرهين نومبر اوڻيهه سئو ايڪانوي عيسوي تي جنم وٺندڙ، هن نوجوان پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو شوق کڻي پڙهڻ جي شروعات ڪئي. کيس شوق ته ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو. پر غربت سبب اهو شوق پورو نه ڪري سگهيو. انهي ڪري کپري ڪاليج مان بي ايس سي ۽ ميرپور خاص جي لا ڪاليج مان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري سگهيو. انهي دوران هو پرائيويٽ ادارن ۾ گهٽ پگهار تي نوڪريون ڪندو پڙهندو رهيو. هن وقت بئنڪ ۾ ملازم آهي. انهي سان گڏ پڙهائي به جاري رکيو اچي. سندس تعليم جو سفر هن وقت ايم اي انگلش تائين پهتو آهي.
    انسانيت سان پيار ڪندڙ هي نوجوان هڪ خدائي خدمتگار جيان هر وقت غريب ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندو. هن نوجوان ۽ خداترس انسان اڇڙي ٿر جي 2018ع ۾ آيل ڏڪار دوران سماجي خدمتن ۾ اڳرو رهيو. انتهائي محبتي ۽ خوش طبع هي فقير طبيعت ماڻهو هر چڱائي جي عمل ۾ اڳرو نظر ايندو. منهنجي تحقيقي سفر دوران هن جو ساٿ مون لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو. هي انهي سفر دوران به هڪ ننڍڙي پاڻي جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ جي مشين گڏ کڻي هليو. رستي جي هر کوهه ۽ نلڪي جو پاڻي چيڪ ڪندو رهيو. معلومات گڏ ڪندو رهيو. جنهن مان اهو ثابت ٿيو، ته هي مستقبل جو وڏو محقق ٿي سگهي ٿو.

    عبد الله راڄڙ: عبدالله راڄڙ ولد وڏيرو فوٽو فقير راڄڙ هڪ باهمت بهادر ۽ مخلص نوجوان آهي. ڇهين فبروري اوڻيهه سئو اوڻانوي ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان جو اصل ڳوٺ تڙ ڌڻي نار تعلقو سوراھ ضلعو خيرپورآهي. پر هن وقت ڳوٺ غلام حيدرفقير غازي، تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ ۾ رهائش پذير آهي. سندس ڪجهه اباڻي زمين آهي، جنهن کي سنڀالي ٿو. گڏوگڏ هن جو خاندان راڄڙ برادري جي پاڙي ڪاموجا جي اڍائي هزار خاندانن جو چڱو مڙس پڻ آهي. هي هڪ باشعور سماجي خدمتن جو جذبو رکندڙ انسان آهي. هن پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرايا آهن. جتي سوين ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سندس خيال آهي، ته اڇڙي ٿر ۾ تعليم کان سواءِ تبديلي ناممڪن آهي. هن جو آئيڊيل ڪامريڊ بادل ٿري آهي. جيڪو هڪ بيباڪ صحافي هو. اڇڙي ۾ ڏڪار 2018ع ۾ به هن پنهنجي وس آهر ڪردار نڀايو. هن کي جڏهن جان محمد راڄڙ منهنجي رهيل مشاهداتي دوري بابت ٻڌايو، ته هن نوجوان ساٿ ڏنو۽ پنهنجي جيپ پاڻ ڊرائيو ڪري منهنجو ساٿ ڏنو. سندس خلوص سچائي ۽ بهادري مون کي متاثر ڪيو. شال هي نوجوان انساني خدمتن جي جذبي سان سرشار رهي.
    شفيع محمد راڄڙ: کپرو شهر سان تعلق رکندڙ، هي باصلاحيت نوجوان به اڇڙي ٿر جي درد جي پيڙا کي محسوس ڪندي ، پنهنجو اڪثر وقت سماجي ڪمن ۾ گذاريندو آهي. هن پڙهيل لکيل نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ، باشعور نوجوانن طرفان ينگ سجاڳ فورم جي پليٽ فارم تان نوجوانن ۾ سماجي خدمتن جو روح ڦوڪيو آهي. اڇڙو ٿر ادبي فورم جو به سرگرم ميمبر آهي . انهي کان علاوه سياسي طور حر جماعت سان تعلق هئڻ سبب مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو تعلقي کپري جو صدر پڻ آهي. اڇڙي ٿر جي ڏڪار 2018ع ۾ هن نوجوان ٻين نوجوانن سان گڏجي امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو.
    منهنجي تحقيقي سفر ۾ هي ساٿي رهيو، سندس همت ۽ جاکوڙ سفر جي ساٿين ۾ اتساهه پيدا ڪيو، مون هن نوجوان ۾ مستقبل جي هڪ باصلاحيت اڳواڻ جون خوبيون ڏٺيون . شال پنهنجي همت ۽ حوصلي کي قائم رکندي پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي.
    حسن علي راڄڙ : هن نوجوان حر جماعت جي اهم سرگرم فقير حاجي وريام راڄڙ جي گهر ۾ 26 نومبر 1991ع تي جنم ورتو. هن روشن تارا اسڪول کپرو ۾ داخل ٿي تعليم جي شروعات ڪئي. اهڙي ريت پڙهي گريجويٽ ٿيو. انهي کان پوءِ هن اڇڙي ٿر جي گئس فيلڊن قادن واري ۽ سانوڻ گئس فيلڊ ۾ به نوڪري ڪئي. اتان کان دبئي وڃي ڪاروبار شروع ڪيائين. پر کيس وطن جي ڇڪ وري سنڌ وٺي آئي. هن وقت هي کپرو شهر ۾ ذاتي ڪاروبار ڪندو آهي.
    هي نوجوان هونئن ته کپرو شهر ۾ ڪاروبار ڪندو آهي. پر علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ هميشه هٿ ونڊائيندو رهيو آهي. انتهائي محبتي ۽ خوش اخلاق انسان آهي. 2011ع واري ٻوڏ ۾ هن ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي فند گڏ ڪري متاثرين جي سهائتا ڪئي . ساڳي ريت هن ڏڪار 2018ع ۾ پڻ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو. منهنجي اڇڙي ٿر جي ٻئي مرحلي ۾ جڏهن جان محمد راڄڙ کيس هٿ ونڊائڻ جو چيو، ته هن مخلص ۽ سنڌ دوست نوجوان نه صرف سفري خرچن ۾ مدد ڪئي، پر پاڻ پنهنجا ڪاروباري معاملا ڇڏي، خود سنبري گڏ هليو. سندس ساٿ سان هي ٻيو مرحلو به تمام گهڻو ڪامياب رهيو. جيڪو سندس ساٿ کان سواءِ ناممڪن هو. سفر دوران هن جي محبت ، اخلاق ۽ خلوص سفر کي آسان بنائي ڇڏيو.


    جن ماڻهن کان روبرو ڪچهرين ۾ يا فون ذريعي معلومات ورتي ويئي

    جن ماڻهن کان روبرو ڪچهرين ۾ يا فون ذريعي معلومات ورتي ويئي
    وڏيرو طيب گجو: ڳوٺ ماڻڪور لڳ راڻڪ ڏهر
    جان محمد سمون هوٿياڻي . ڳوٺ نرهار تعلقو کپرو
    علي خان راڄڙ : ڳوٺ تڙ چنداهو، چيئرمن يونين ڪائونسل راڻڪ ڏهر
    کمان سنگهه سوڍو ، ڳوٺ تڙ جيڻهار
    وڏيرو علي محمد راڄڙ ؛ ڳوٺ ڌاراڙي . کپرو
    فقير ميرمحمد نظاماڻي . سانگهڙ
    پروفيسر مبين وساڻ . سانگهڙ
    استاد لغاري . کپرو
    محمد جمن گجو. کپرو
    فقير دين محمد ڪنڀار . ڍليار
    سانوڻ راڄڙ . ٽنڊو مٺا خان
    عاجز منگي . سانگهڙ
    فقير ابراهيم راڄڙ . ڳوٺ بادل ٿري لڳ درگاه فقير غازي غلام حيدر.
    پروفيسر ڊاڪٽر شفيق جوڻيجو. جاگرافي جو ماهر. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
    مظفرعلي ڪلوڙ . گهوٽڪي . جيالاجي جو ماهر
    وقاص عزيز : ٿرڪول جي بلاڪ 2 ۾ ڪم ڪندڙ جيالاجي جو ماهر.
    فرقان مجاهد : ٿرڪول جي بلاڪ 2 ۾ ڪم ڪندڙ جيالاجي جو ماهر.
    نصير ميمڻ . ( دانشور ۽ محقق ) آفيسر ٿرڪول بلاڪ 2
    محسن ٻٻر. (محقق ، ڪالم نگار) آفيسر ٿر ڪول بلاڪ


    جن ڪتابن ۽ انٽرنيٽ جي سائيٽن جي مطالعي جي روشني ۾ ڪتاب لکيو ويو.

    جن ڪتابن ۽ انٽرنيٽ جي سائيٽن جي مطالعي جي روشني ۾ ڪتاب لکيو ويو.
    ENGLISH BOOKS AND WEB SITES
    Sindh Gazetteer ,B, volume . By; W,Smith.
    The People And Land of Sindh. By; Ahmed Abdullah.
    The Conquest of Sindh. By; W,F,P Nepier
    History of Sindh . Mohan Geehani.
    Hur The Freedom Fighters. By; Nasir Aijaz.
    Survey report about Indus Delta 1964, UNECEF.
    Geology and Petrography of The Nangar Parkar. M.Qasim jan.,Amanullah Laghari.,M.H.Agheem
    and Suhail anjam.
    History of Earth . google
    History of life Earth . google.
    Thar desert ; Wikipedia
    White desert ; Wikipedia
    Sarawati a lost river , Wikipedia
    Google Earth
    Google Maps
    Google Geographi
    Colambo plan surway and maps , googole
    Journal . viii ; sindh historical society.
    Lost River ; . Michel danino
    Lectures on Aryan issue by; Sri Michel danino. Amrita university amritapuri camps. 9,10,11,sept; 2015
    سنڌي ڪتاب
    جنب گذاريم جن سين : جي ايم سيد
    سنڌوءَ جي ساڃاهه . جي ايم سيد
    سنڌي ڪلچر: جي ايم سيد
    ملفوظات شريف : ترجمون، مفتي محمد قاسم مشوري ۽ مفتي در محمد سڪندري
    ديوان مسڪين ، مفتي محمد رحيم سڪندري
    اصغر سائين جو ڪلام ؛ مفتي محمد رحيم سڪندري
    خليفي غلام نبي جو ڪلام : ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    سنڌي سماج جو جائزو : عبدالواحد آريسر
    سنڌ هڪ عام جائزو: ايڇ ٽي لئمبرڪ .
    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا : جلد پهريون .
    ايڪويهين صدي ۾ شاهه لطيف : امان الله شيخ.
    بنارس کان برمودا تائين : الطاف شيخ
    سنڌو سئووير : گنگارام سمراٽ
    آريه ورت : گنگارام سمراٽ
    ڀارت ورش : گنگارام سمراٽ
    قديم سنڌ : ڀيرومل مهرچند :
    پراڻو پارڪر : منگهارام اوجها
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس : مشڪورڦلڪارو
    سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو: مشڪورڦلڪارو
    تاريخ ڪلهوڙا دور : غلام رسول مهر
    چچنامو : ترجمون مخدوم اميراحمد
    تاريخ معصومي : مير معصوم بکري
    ڪراچي سنڌ جي مارئي: گل حسن ڪلمتي
    پراچين لوڪ : وڪيل ڀورو مل
    لطيف جا ٿر تان ڀيرا: معمور يوسفاڻي
    آئينه قديم سنڌ : شمس الدين قريشي
    ارتقا جي ڪهاڻي : ڊاڪٽر سڪندر مغل
    جنت السنڌ : رحيمداد مولائي شيدائي.
    ڌرتي منهنجو گهر : ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    قومن جي تباهي جي تاريخ : هارون يحيٰ ، سنڌيڪار: خالد ڀٽي.
    سمن جي سلطنت : غلام محمد لاکو
    ڪلهوڙا دور حڪومت : ايم ايڇ پنهور
    سنڌ جي قديم جاگرافي: عطا محمد ڀنڀرو
    يادگار شخصيتون . جواهر لال نهرو ترجمو: ظفر
    سنڌو ماٿر جي سڀيتا : محمد ادريس صديقي
    ڌرتي ماتا : اشتياق انصاري
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا : اشتياق انصاري
    تاريخ ريگستان : رائيچند هريجن
    سنڌو سڀيتا جي اوسر: رڪ سنڌي
    ماڻهو : بدر ابڙو
    ناري جي ڪناري : امر لغاري
    پراڻ درياءَ جي مشاهداتي تاريخ : محمد حسن “ زاهد ڪنڀار”
    حر گوريلا جنگ : ايڇ ٽي لئمبرڪ . ترجمون : عطا محمد ڀنڀرو
    ڪانهي ويڙهه بنا ٻي واهه : ملوڪ لنڊ.
    حر گوريلا تحريڪ : مرتب : نور احمد ميمڻ
    سکر سر نه سانڍين : ڊاڪٽر سکر دين درس
    بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير : پروفيسر مبين وساڻ
    خليفو سومر فقير مهر : مرتب : پروفيسر مبين وساڻ
    سيد شاهه مردان شاهه ثاني : پروفيسر مبين وساڻ
    شهيد سورهيه بادشاهه . مرتب : منصور قادر جوڻيجو.
    مڙيا مٿي مچ ؛ مير محمد نظاماڻي
    جنين مرڪايو ميدان : مرتب استاد نظاماڻي
    دفاع وطن ۾ حرن جو ڪردار : مرتب استاد نظاماڻي
    راشد رهنما : مرتب : مشتاق نظاماڻي
    اڇڙو ٿر : نواز ڪنڀر
    سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي، علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق : مقالو. حفيظ قريشي.
    سنڌو درياهه جا گذريل پنج هزار سالن ۾ غير معمولي ڪارناما: ايم ايڇ پنهور.
    کپرو تعلقو جو علمي ادبي ۽ جاگرافيائي جائزو: تحقيقي مقالو. محمد ابراهيم ڪنڀر
    شاهه لطيف جي شاعري تي اڇڙي ٿر جي ٻولي جو اثر : تحقيقي مقالو. استاد لغاري.
    هاڪڙو دريا : مقالو. محمد حسين ڪاشف . ٽماهي مهراڻ 2 1987ع
    ماهوار جهونگار( جا ڪجهه پرچا) : سهيڙيندڙ : استاد نظاماڻي
    سلسليوار منصور (جا ڪجهه پرچا) : ايڊيٽر: ولي محمد خاصخيلي
    سلسليوار اڇڙو ٿر (جا ڪجهه پرچا) : ايڊيٽر : سانوڻ راڄڙ
    ماهوار نئين زندگي (جا ڪجهه پرچا)
    اردو ڪتاب
    تاريخ راجستان : ڪپتان جيمس ٽاڊ. جلد اول
    انساني تهذيب ڪي پانچ دور : وليم ميگ گاگي : ترجمه : حسن عابدي
    انساني جرائم ڪي تاريخ :ڪول ولسن : ترجمه : يونس منصور
    عرب و هند ڪي تعلقات : علامه سليمان ندوي.
    انسائيڪلو پيڊيا تاريخ اقوام عالم : ( ٽيئي جلد) وليم ايل لينگر ترجمه : مولانا غلام رسول مهر


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927341
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760833
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ