اربندو گھوش
(1872ع کان 1950ع تائين)
جديد هندستان جو وڏو ويدانتي فلسفي هيو. هن لکيو هو ته:
حقيقت جو سلسلو آهي، جو ترقي ڪري ٿو، مادي کان وٺي قائم بالذات روحانيت تائين. هن 1926ع، 1944ع ۽ 1950ع ۾ گيتا تي مضمون لکيا. 1946ع ۾ ”هندستان ۾ نئين جاڳرتا جي تحريڪ“ ۽ ٻيو ڪتاب ”ڪائنات جي ڳجھارت“ لکيائين. 1947ع ۾ ”الوهيت واري زندگي“ لکيائين. هن جو اهو ذخيم ڪتاب مون پڙهيو آهي پر هن جي ڳالهه منهنجي سمجھه مان ڪنهن حد تائين ترڪي ٿي وڃي. ان کان پوءِ به هن ڪافي ڪتاب لکيا جي منهنجيءَ نظر مان نه گذريا آهن. هن جو ارادو هو ته فلسفي سان توڙ تائين نڀائي ۽ هن کي اصلي وديانتا جو روپ ڏئي. هن شنڪر جي ادويتا ويدانت جي ڪيترن مسئلن تي لکيو. شري اربندو جي چوڻ موجب، ”شنڪر اچاريا منفي اصولن سان پوري طرح سمجھائي نه سگھيو آهي ته قائم بالذات (absolute) آخر لا انتهائي (infinite) ۾ لهي ڇو اچي.“ شري اربندو ڳالهه جو جواب ڏنو ته: ”اهو برهما جي اصلي قوت (شڪتي ) جو لازمي اظهار هو.“
انسانذات جي باري ۾ هن لکيو آهي ته ”ان جو ذهني سطح وڌ ۾ وڌ امڪان واري حد تي نه آهي ۽ ماڻهوءَ کي پنهنجي من کان پري وڏي ٽپي لاءِ تيار رهڻ کپي ۽ انهيءَ ٽپي کي مون ”پورن يوگ“ ڪوٺيو آهي جو هڪ مڪمل ضابطو آهي ۽ جو ماڻهوءَ جي من ۽ جيون کي ڦيرائي سگھي ٿو.“ شري اربندو ان ڳالهه کي نهايت اهم سمجھيو هو ته ”مادي ۽ روح، انسان ۽ خدا، محدود دنيا ۽ قائم بالذات حقيقت ۽ وحدت کي ڪثرت سان ڪنهن طرح پاڻ ۾ سرچائي سگھجي.“