سعدي شيرازي
هُن جو نالو شيخ مشرف الدين هو. هو تقريبا 570 هه / 1184ع ۾ شيراز ۾ پيدا ٿيو هو. اڃا ننڍو هو ته هن جو پيءُ گذاري ويو. ان کانپوءِ هن جي نظرداري ۽ پالنا سعد بن زنگي اتايڪ ڪئي. هن انڪري ئي پنهنجو تخلص سعدي رکيو. ابتدائي تعليم ڏياري، هُن کي وڌيڪ تعليم جي حصول لاءِ بغداد موڪيلو ويو. جتي هن نامور درسگاهه نظاميه ۾ تعليم ورتي ۽ باطني علم جي تحصيل ۾ مشغول ٿي ويو. هن جناب شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ان سان گڏ حج ڪيا. هو بهترين شاعر طور مشهور به ٿيو ۽ شاعريءَ ۾ هن کي فردوسيءَ ۽ حافظ شيرازيءَ جهڙي شهرت به ملي. هن پنهنجي طويل زندگيءَ ۾ پهريان ٽيهه سال مطالعي ۾ گذاريا. ان کانپوءِ ٽيهه سال سير، سياحت ۽ شعر گوئيءَ ۾ صرف ڪيائين. ان بعد ٽيهه سال هو وري مراقبي ۽ مجاهدي ۾ مشغول رهيو ۽ پنهنجي ڪلام جي تڪميل ۽ ترتيب ڪندو رهيو. باقي عمر جا ٻارنهن سال هن اشاعت (تصوف جي) ۽ تبليغ ۾ صرف ڪيا.
جڏهن هو سياحت ڪندو هو تڏهن هندستان به ويو هو ۽ ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”بوستان“ ۾ ڪيو اٿائين. هن جون ٻه تصنيفون ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ ڏاڍيون مشهور آهن. ”بوستان“ 655 هه / 1257ع ۾ لکيو ويو ۽ ”گلستان“ 656 هه / 1258ع ۾ لکيو ويو. ”بوستان“ ۾ اخلاقي موضوعن تي نظم آهن ۽ ”گلستان“ بنيادي طرح نثر ۾ آهي، ان ۾ به اخلاقي موضوعن کي ڪهاڻين وانگر نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن جي انهن ٻن ڪتابن کان سواءِ غزلن جو ديوان، قصيدا ۽ ڪجھه نظم آهن، جن ۾ هزل به آهن.
سعدي شيرازي، ذوالقعد 691هه / سيپٽمبر 1292ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت هو شيراز ۾ رهيل هو. هن جي مزار شيراز شهر جي اوڀر طرف اڃا موجود آهي.
مون وٽ پنهنجيءَ پسند جي فارسي ڪلام جا ٽي نوٽ بُڪ لکيل آهن. فرصت جي ڪَميءَ سبب وڌيڪ پسنديده فارسي ڪلام اتاري نه سگھيو آهين. انهن نوٽبڪن مان سعديءَ جا ڪجھه شعر پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏيان ٿو ته هو اندازو لڳائي سگھن ته سعدي ڪهڙي پائي جو شاعر هو:
اين مُدعيان در طلبش بي خبران اند،
آه کس که خبر شه خبرش باز نيامد.
(ترجمو: هي مدعي هن جي طلب ۾ بي خبر آهن، نه ته جنهن کي هن جي خبر پئي اهو واپس نه آيو).
***
توان شناخت به يک لحضه از شمايلِ مرد،
که تا کُجاش رسيده است پايگاه علوم
(ترجمو: مڙس جي خوبين مان سمجھي وٺجي ٿو ته علمن ۾ هُن جا پير ڪيستائين کُپيا آهن.)
***
چنان قحط سالي شد اندر دمشق،
که ياران فراموش گردند عشق.
(ترجمو: دمشق ۾ اهڙو ڏڪار پيو، جو يارن کان عشق وسري ويو)
***
هر بد که بخود نه مي پسندي،
باکس مکُن اي برادارِ من.
گر مادرِ خويش دوست داري،
دشنام مَده به مادرِ من.
(ترجمو: هر برائي جا تون پاڻ سان نه ٿو چاهين، اي ڀاءُ! تون ٻئي ڪنهن سان نه ڪر! جي توکي پنهنجي ماءُ پياري آهي، ته منهنجي ماءُ کي گار نه ڏي!
***
تو قدرِ آب چه داني که در کنارِ فراتي
(ترجمو: تون پاڻيءَ جو قدر ڪيئن ڪندين ڇو ته تون فرات (نديءَ) جي ڪناري تي رهندو آهين!)
***
ناچار هر که صاحبِ روئي نِکو بُود،
هر جا که بگذرد همه چشمي برو بود.
(ترجمو: ان لاءِ ڪوئي چارو نه آهي، جنهن کي سهڻو مُنهن آهي، جيڏانهن به هو ويندو اکيون اوڏانهن کُپي وينديون)
***
علاجِ واقعه پيش از وقوع بايدکر،
دريغ سود ندارد چوں رفت کار از دست.
(ترجمو: واقعي جو علاج ان جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪرڻ گھرجي، دير مان ڪو فائدو نه آهي، جو ڳالهه هٿ مان نڪتي ته ڇٽي.)
***
هر که عيبِ دگران پيش تو آورد و شُهرد،
بيگُمان عيب تو پيش دگران خواهد برد
(ترجمو: جنهن ٻين جو عيب تو اڳيان کوليو، پڪ سمجھه ته هُو تنهنجو عيب ٻين اڳيان کوليندو!)
***
دو دوست قد شُناسَند حقِ صحبت را،
که مُدتي بِبريدند و باز پيوستند،
(ترجمو: ٻه دوست صحبت جو حق ڄاڻن ٿا، جي مدتن لاءِ ڪٽجي ٿا وڃن ۽ وري ٺهي ٿا وڃن. )
***
سعديءَ جا اهڙا ڪيئي شعر آهن، جي ڏيکارن ٿا ته ”پنچ تنتر“ جي مصنف کان پوءِ هو ڏاهي ۾ ڏاهو مصنف هو. هن نهايت فصاحت، روانيءَ ۽ ترنم وارا غزل لکيا آهن، جن کي فارسيءَ ۾ زندگي جاويد آهي. سندس ڪيترائي اهڙا غزل مون وٽ نوٽ ٿيل آهن، پر نوٽس ۾ طوالت اچي ويندي نه ته اهي غزل ايترا پيارا آهن جو پڙهڻ سان دل موهي ٿا وٺن.