قراة العين طاهره
مشهور ايراني شاعره، اصل نالو زرين تاج هيس، والد جو نالو ملان صالح هوس، جو قزوين ۾ رهندو هو، ۽ علمائن ۾ ممتاز حيثيت رکندو هو. قراة العين طاهره جي مجتهد ملان محمد تقيءَ جي پٽ ملان محمد سان شادي ٿي. انهيءَ وچ ۾ علي محمد باب جي تعليم جو هُل ٿيو. هوءَ باب جي خط و ڪتابت سان ايتري متاثر ٿي جو سندس حلقي ۾ داخل ٿي وئي ۽ باب جي حڪم تي جدا جدا جاين، ڪربلا، بغداد ڪرمان ۽ همدان ۾ بابي مذهب جي تبليغ شروع ڪيائين. انهيءَ ڪري پيءُ سهري ۽ مڙس سان ناتو ٽٽي ويس.
”قراءة العين“ جو خطاب هن کي علي محمد باب ڏنو هو. قراة العين پاڻ خطابت ۾ بينظير هئي ۽ حسن و جمال ۾ به يگاني هئي. شعر به چوندي هئي. هن جا غزل ۽ قصيدا به ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ سڀ کان مشهور غزل اٿس:
گر بتو افتدم نظر چهره به چهره روبرو
شرح دهم غم ترا نقط به نقط مو به مو
(جيڪڏهن توتي نظر پئجي وڃي ۽ چهرو چهري جي سامهون هجي ۽ مُنهن مُنهن جي ويجھو هجي ته مان تنهنجي غم جي سمجھاڻي ڏئي سگھان ۽ ان جي نقطي نقطي ۽ وارَ وارَ جي)
قراة العين تي جميله هاشميءَ اردوءَ ۾ ناول لکيو آهي: ”چهره به چهره روبرو“ جي نالي سان، جو هڪ خوبصروت ناول آهي. ڪنهن تاريخ نويس جو چوڻ آهي ته قراة العين جي سهري کي بابي تحريڪ جي پوئلڳن قتل ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ناصرالدين شاهه تي قتل جو حملو ٿيو هو، تڏهن قراة العين انهيءَ حملي جي الزام ۾ ٻين سان گڏ گرفتار ڪئي وئي هئي ۽ هن جي قتل جو حڪم جاري ڪيو ويو هو. هوءَ 1852ع ۾ قتل ڪئي وئي.
هن لاءِ هڪ روايت آهي ته جڏهن جلاد هن کي گھٽو ٿي ڏنو ته هن جو حسن ڏسي جلاد جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. مسلمان دنيا ۾، شايد مٿئين طبقي مان هوءَ پهرين عورت هئي، جنهن پردي کان انڪار ڪيو هو.