شولو خوف، ميخائيل
(1905ع کان 1984ع تائين)
روس جو وڏو ناول نويس ، هن جو ڪتاب ”ڊان وهندو رهيو“ (Queit Flows the Don) مون قراة العين حيدر جي ناول ”آگ کا درياه“ وانگر ٻه ڀيرا پڙهيو آهي. هڪ ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ پڙهيو هو ۽ ٻيو ڀيرو تڏهن پڙهيو هوم جڏهن مان ۽ رشيد ڀٽي 1970ع ۾ سکر جيل ۾ هوندا هياسين. اهو ڪتاب روسي انقلاب جي پس منظر ۾ لکيل هيو ۽ هن جا ٻي ڪتاب ”انسان جي تقدير“ (The fate of Man) ”نهور زمين ولي وئي“ (The virgin soil uo turned) ٽئي مون کي ايترو ڪونه وڻيا، جيترو پهريون ڪتاب. جيتوڻيڪ اسٽالن جو ادبي نظريو ترقي پسند ادبي نگاري، جو 1929ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ جنهن جي معنى اها هئي ته حقيقت هر حال ۾ ترقي پسند آهي، پر ان ڳالهه جي سمجھاڻي ڪانهي ۽ نه ڪوئي ڏئي سگھيو آهي. جيڪڏهن حقيقت لازمي طرح ترقي پسند آهي ته جرمنيءَ تي نازي تحريڪ ڪيئن ڇانئجي وئي ۽ انسان درندا ڪيئن ٿي پيا؛ جنهن وقت هِٽلر، لينن گراڊ تي حملو ڪيو ته روسين کي ايترو مجبور ڪيائون جو هو آدمخوريءَ تي لهي آيا. پر انهيءَ نظرئي جي خاموش اظهار جي باوجود شولوخوف جو هي ڪتاب عظيم آهي ۽ جيتوڻيڪ سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ هن کي اتي يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ هاڻي ڪوئي نه پڙهندو، تڏهن به ٽين دنيا جا ملڪ هن مان اتساهه وٺندا رهندا. اهو ڪتاب 1928ع ۽ 1940ع واري عرصي ۾ لکيو ويو هو ۽ سوشلسٽ حقيقت نگاري جو هڪ وڏو ڪلاسڪ سمجھيو ويو هو.
انهيءَ ڪتاب تي 1965ع ۾ شولو خوف کي ادب لاءِ نوبل انعام مليو. هو ماسڪو کان 60 ميلن جي مفاصلي تي رهندو هو ۽ جڏهن مان 1976ع ۾ سويت يونين جي اديبن جي سيڪريٽري کي چيو هو ته مون کي شولو خوف سان ملائي ته هن پهريائين ”ها“ ڪئي هئي ، پر پوءِ مجبوري پيش ڪئي هُيائين. هن مون کي ٻڌايو هو ته شولوخوف روس جو امير ترين انسان آهي، ڇو جو هن جا ڪتاب ڪروڙن جي حساب سان وڪامندا آهن ۽ هن کي 60% رائلٽي ملندي آهي. بهرصورت تاريخ پاسترناڪ جي سياسي پيش بيني صحيح ثابت ڪئي آهي ۽ شولو خوف جا ڪردار حقيقت پسند نه پر رومانيت پسند ٿا نظر اچن، جن جي ساري قرباني ۽ خونريزي اجائي وئي. تاريخ جي دامن تي ان جا داغ سوين سال رهندا.