هومر
قديم يوناني ادب جي اهم ترين شخصيت هو. هو 800 ق. م ۾ اولهه ترڪي جي ڀرسان آيونيا (Ionia) جو رهاڪو هيو. روايتون چون ٿيون ته هو انڌو هو ۽ بادشاهن جي درٻارن ۾ هڪ چارڻ وانگر پنهنجو رزميه نظم ”آڊيسي“ (Odyssey) ڳاتو هيائين. هن جا ڳاتل اصل لفظ هينئر ڇپيل لفظن سان ڪيترا ملندڙ آهن، اهو چئي نٿو سگھجي، پر اصل ڳالهه واضح آهي ته ”آڊيسي“ يا هومر جو ٻيو ڪلام جو اِليڊ (Iliad) جي نالي سان مشهور آهي، سو زباني ياد هيو. جيئن اسان وٽ ڀَٽَ چارڻ زباني بيت ۽ دوها ياد رکندا آهن. هن جي مسدس (ڇه – پدو) ۾ ڪيئي جملا، سِٽون، صفتي حرف ۽ فقرا ساڳيا ڪم آندا ويا آهن، پر هن جا نظم پنهنجي طوالت جي باوجود متاثر ڪندڙ آهن. اليڊ ۾ ايڪليز ۽ ائگميمنان ۾ دشمني جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ٽراءِ ۾ لڳل 10 سالن واري جنگ بيان ٿيل آهي ۽ ان جنگ جي ڀرپور منظر ڪشي سان گڏوگڏ نزاڪت واريون گھرو زندگيءَ جون تصويرون به آهن، اهڙي طر ح آڊيسيءَ ۾ آڊيسس جي ايٿيڪا (يونان جو شهر) ڏانهن موٽ ۽ هن جو پنهنجي زال جي آشنائن کان انتقام وٺڻ جو تذڪرو آهي. ان جي پس منظر ۾ يوناني سورهين جي واپسي ڏيکاريل آهي ۽ آڊيسس جي زندگيءَ جا ٻيا پهلو به ڏيکاريل آهن ۽ هن جي باري ۾ تمام سادي ۽ اوچي انداز سان چيل آهن، جن ۾ آڊيسس جي رولڙن ۽ ڪيل مسافري جون يادگيرون به آهن. سڀئي محقق ان ڳالهه تي متفق نه آهن ته اهي سڀئي شعر هڪ ماڻهوءَ جا آهن، پر انهن جي بي انتها خوبي کان ڪو به انڪاري ناهي. مغربي دنيا جي شاعري ۾ هن کي تمام اوچو مقام آهي. روم جي اطالوي شاعر ورجل جي ڪلاسيڪي ڪتاب ”اينيڊ“ تي هومر جي ڪلام جو ااثر آهي.
نظم ”آڊيسي“ ڪازان زاڪس به پنهنجي پيغام ۽ حياتيءَ جي نظرئي کي پيش ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، جيئن مون ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ شاهه وارا سمورا سُر پنهنجي نقطه نگاهه کان لکيا آهن ۽ انهن کي هڪ ڊرامائي انداز ڏنو آهي.