پشڪن
پشڪن جو نالو اليگزانڊر سَرگيوچ پوشڪن هيو، جنهن جي عمر 37 سال هئي. هو 6 جون 1799ع تي ماسڪو ۾ پيدا ٿيو ۽ 10 فيبروري 1837ع ۾ پيٽرسبرگ ۾ گذاري ويو. هن جي عمر ته ٿوري هئي پر هن جي زندگي ڀرپور گذري، جنهن ۾ ڪيئي تجربا، واقعا، هنگاما ۽ تصادم آيا هيا ۽ پنهنجي مختصر عمر ۾ ڄڻ هن وڏو سفر ڪيو هو. مان جڏهن لينن گراڊ ويو هوس ته پشڪن ميوزم ۾ به ويو هوس، جتي اهي شيون رکيل هيون، جن کي پوشڪن پنهنجي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندو هو ۽ زماني جي تباهيءَ کان اهي بچي ويون هيون. مون اتي تاثراتي نوٽ بوڪ ۾ سنڌيءَ ۾ اهو لکيو هو ته ”مون کان پوءِ متان ڪائي سنڌي شاعره اچي جيڪي اهي لفظ پڙهي سگھي.“ پوءِ اتي هڪ سنڌي شاعره سچ پچ به هندستان مان وئي هئي، پر هن اهي تاثرات پڙهيا هيا يا نه سو مون هن کان ڪنهن سبب ڪري نه پڇيو. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته ميوزم ۾ نه رڳو اهي ڪتاب هيا جي پشڪن پڙهيا هيا، پر اتي هن جي زال جون ۽ ٻيون تصويرون ۽ ان کان سواءِ هن جي ڪتب ايندڙ ڪيئي شيون رکيون ويون هيون.
هن جي زال جي باري ۾ بيوفائي جا ڪيئي افواهه هوندا هيا ۽ آخر هن جي صبر جو پيمانو ڇلڪي پيو ۽ آٿيسز نالي هڪ فرانسيسي جوان سان هو رقابت جي جوش ۾ دوبدو وڙهيو هيو ۽ انهيءَ جي گوليءَ جو نشانو بڻيو هو. جنهن سبب هو گذاريو ويو ، جي هُن کي اها گولي نه لڳي ها تڏهن به هن جون ٻيون رقابتون ايتريون هيون جي هن جي موت لاءِ ڪافي هيون. غالب جو شعر آهي:
کیا پوچھے ہے وجود عدم اہلِ شوق کا
خود اپنی آگ کے خس و خاشاک ہوگئے
)جي پنهنجي شوق ۾ ٽُٻ هوندا آهن، انهن جي وجود ۽ عدم جي باري ۾ ڇا ٿا پڇو؟ خود پنهنجي باهه جا ڪک پن ٿي ويا آهن.)
پشڪن روس جو عظيم ترين شاعر هو، مون هن جو سارو ترجمو آمريڪي ايڊيشن ۾ پڙهيو آهي، پر ان مان ڪجھه نظم مون کي چڱي طرح سمجھه ۾ نه آيا آهن، ڇو ته عظيم شاعريءَ جو ترجمو ٻي ٻوليءَ ۾ ناممڪن آهي. هر لفظ کي روح ٿئي ٿو، جو صديون پراڻو ٿيندو آهي ۽ جنهن کي ديس واسي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي سمجھي سگھندا آهن ۽ اهي به ڪنهن وقت تانگھي ۾ ٿاڦوڙا هڻندا آهن ۽ ان جي وسعت جو اندازو گھڻيءَ دير کان پوءِ لڳائيندا آهن.
پشڪن ڪيئي لافاني نظم لکيا، جن کي روسي ايئن عقيدت سان ڏسندا آهن جيئن اسان شاهه لطيف جي شاعريءَ کي ڏسندا آهيون. سرڪاري ايجنٽ ۽ مخبر هن جي هر لفظ تي تنقيد ڪندا هيا ۽ هن کي لوئيندا هيا. 5 فيبروري 1830ع تي هن هڪ اخبار ”لوترا تورنايا گزيٽا“ (ادبي اخبار) ڪڍي جا اڃا تائين شايع ٿي رهي آهي ۽ ان جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾ پشڪن ڪافي محنت ڪئي. هو جنڊ جي ٻن پڙن ۾ هوندو هو. هڪ ته سرڪار هن جي مخالفت ڪندي هئي ۽ ٻيو اهي جيڪي هن جي ذهانت کان پڄرندا هيا، پر ان هوندي به هن 8 سال محنت ڪري سوا 5 هزار سٽون لکي، هڪ منظوم ناول ”ايوگيني اِنيگن“ مڪمل ڪري ان جي اشاعت ڪرائي. ان کان پوءِ هن ٻيو ڪتاب ”ايوان بيلڪن“ جو ڪهاڻيون لکيون ۽ اخبار لاءِ تنقيدي مضمون موڪليندو رهيو. هن ڪيئي مختصر نظم به لکيا.
پنهنجي پختي عمر جا 2 سال (1829 – 1830ع) هن اضطراب ۾ گذاريا. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته پشڪن جا بهترين نظم هن جي شادي کان ڏيڍ سال اڳ ڇپجي چڪا هيا. هن 18 فيبروري 1831ع تي نتاليا سان شادي ڪئي، جنهن جي دکدائڪ نتيجي جو حال مٿي بيان ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي شادي شده زندگي جا پهريان 6 سال پنهنجي تاريخي ذخيري، نثر ۽ افساني جي منطقي ترتيب جي ڳولا ۾ گذاريا. ”ٽامي جو شهسوار“ (اهو پيٽر اعظم جو بت آهي جو لينن گراڊ ۾ کتل آهي ۽ مون پاڻ ڏٺو هو ته ان جا نرا آسمان ڏي کڄيل هيا ۽ مون کي ائين لڳي رهيو هو ته اهو شهسوار مٿي اهڙي ڪائي حقيقت ڏسي رهيو آهي جا هُن جا همعصر نه پئي ڏسي سگھيا ۽ هن جي چهري تي ساڳي ڪيفيت هئي جا چاليهن سالن کان مون پنهنجي منهن تي آرسيءَ ۾ ڏٺي آهي) هن جو هڪ طويل نظم آهي جو روس جي شاهي خاندان جي عظمت ڏيکارڻ جي نيت سان لکيو ويو هيو، پر دربارين ان جا ٽڪر ڪٽي ڇڏيا ۽ انهيءَ جا اهم حصا شايع نه ٿي سگھيا. مون هن جو ناول ”ڪپتان جي ڌيءَ“ به پڙهيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڪسان باغي هيرو آهي. پشڪن جي نظمن ۾ اُداسي، بيزاري ۽ وردي پوش محفلن کان جان ڇڏائڻ جي هڪ گھري لهر آهي ۽ غالب وانگر هن کي ”انديشا ہائے دور و دراز ۽ موت جا ڌنڌلا پاڇا نظر اچن ٿا، پر هو انهن کان گھٻرائي ڪونه ٿو. ننڍي هوندي جون ٻڌل ڪهاڻيون هن هڪ دلڪش عوامي لهجي ۾ نظم ڪيون آهن، جا ڳالهه اڳتي هلي روس ۾ هڪ رسم ٿي وئي آهي. پشڪن نيم تاريخي ۽ نيم افسانوي مضمون به لکيا. مون کي ياد آهي ته مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”پشڪن ڪنهن به روسي زار کان وڏو آهي.“
هن جون 3 ڪهاڻيون ”دوبروز وسڪي“، ”ڪپتان جي ڌيءَ“ ۽ ”اِيٽ جي راڻي“ (حکم کي بيگم) مشهور ڪهاڻيون آهن.
مون ساري زندگي تاس جهڙي فضول راند تي وقت ضايع نه ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مون اها ڪهاڻي اردو ترجمي ۾ پڙهي هئي، پر ”حڪم“ جي معنى مان پنهنجي اندازي سان اِيٽ ڪڍي آهي. ادبي بورڊ جي ڇپايل سنڌي – اردو ۽ اردو – سنڌي ڊڪشنري ۾ ڪانه ڏنل آهي.
هن کان 40 سال پوءِ دوستو وسڪيءَ پنهنجي تقرير ۾ پشڪن کي ايترو اوچو ڏيکاريو، جو شاهي محل جا مُنارا به هن جي قد کي پهچي ڪونه پئي سگھيا. تمام دنيا جي اديبن هن جي عظمت کي تسليم ڪيو آهي ۽ هن کي اها جاءِ ملي آهي جا فردوسي کي فارسي ۾، شيڪسپيئر کي انگريزيءَ ۾ ۽ گوئٽي کي جرمني ۾ ملي آهي.