وڪٽر هيوگو
(1802ع کان 1885ع تائين)
فرينچ شاعر، ناول نويس ۽ ڊراما نگار هو. وسعت ۽ لياقت ۾ هو 19 صديءَ جو وڏي ۾ وڏو فرينچ شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ وڏي رواني ۽ متناسب گوناگوني آهي، جنهن ۾ هن چند جو روپ (Alexandrine form) کي (جو 17 ۽ 18 صديءَ ۾ رائج هو) رد ڪري ڇڏيو. 1840ع کان اڳ ۾ هن جي شاعري ترنم واري هئي ۽ ان کان پوءِ هن جي مجموعي ۾ زياده طور فيلسوفياڻا نظم آهن، پر انهن جي وچ ۾ به نهايت لطيف نظم به ملن ٿا.
هيوگو پنهنجي شاعريءَ جا 5 – 4 ڪتاب لکيا. 1827ع ۾ هن ”ڪرامويل“ ڊرامو لکيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٿئيٽر، انساني زندگيءَ جون ٻئي ڳالهيون پيش ڪري، کِل جهڙيون ۽ اُتم ۽ اُتاهيون، سچيون پچيون ۽ آدرشي. مون هن جا ٻه ناول پڙهيا آهن. هڪڙو ”ناٽري ڊئم جو گڪو“ ۽ ٻيو ”لي مزري“ (Lesmiserable) جيڪي 1831ع ۾ ۽ 1862ع ۾ لکيا هيائين ۽ اهي وڏي اتساهه سان لکيا ويا آهن ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن ۾ هن جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪن ٿا. ”ڪارنيلي“ (Corneille) ۽ ”رسائين“ (Rascine) کان پوءِ هن فرينچ ٿيئٽر ۾ رومانوي ريت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فرينچ شاعر آندري ييد کان ڪنهن انگريز دوست پڇيو هو ته هن ڪنهن کي فرانس جو وڏو شاعر ٿي سمجھيو ته هن جواب ڏنو هو ته : ”وڪٽر هيوگو کي“ مشهور فرينچ نقاد آندري مارو هن جي دلچسپ سوانح لکي آهي، ان ۾ هن ڏيکاريو آهي ته عورتن تي هن جي وس ۽ پڄنديءَ مان ظاهر آهي ته خوبصورت ”جوليٽ دروئيٽ“ (Juliette Drouet) هن جي بي وفائين جي باوجود هن سان پڇاڙي تائين وفادار رهي.