ونسينٽ وان گوگ (Vincent von gogh)
(1853ع کان 1890ع تائين)
ڊچ مصور ۽ نقاش وان گوگ، سيزان (Cezanne) ۽ پال گوگين اهي ٽئي ڄڻا تاثريت واري دؤر کان پوءِ جا وڏي ۾ وڏا مصور آهن. هي پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪ تصوير وڪڻي سگھيو ۽ مفلسي، شراب نوشي ۽ ديوانگيءَ سان هڪ طويل جنگ ڪيائين. تازو هن جي هڪ تصوير 43 ملين ڊالرن ۾ جاپان ۾ وڪامي آهي، جنهن جو عنوان هيو ”سورج مکي“ (Sun flower) جيتوڻيڪ هن جي فني زندگي صرف 10 سال هئي، پر هن 800 تصويرن جو انبار تخليق ڪيو.
هن جون اوائلي تخليقون هارين جي زندگيءَ جي باري ۾ آهن. اهي رنگ ۽ مزاج ۾ ميرانجھڙا ۽ جھِڪا آهن. 1886ع ۾ هو پئرس لڏي ويو ۽ هن تي تاثريت ۽ جاپاني ڪاٺ تي اُڪر جو ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هن جي موضوعن ۾ وسعت آئي، جنهن ۾ پس منظر هيا، انساني صورتون ۽ ساڪن زندگيون هيون. تاثريت پسند، فطرت ۽ ان جي اظهار ۾ فقط رنگ کي اهميت ڏيندا هيا. پر وان گوگ ان کي رمزيت ۽ پر معنى مقصد لاءِ ڪم آندو ۽ تمام زوردار برش جي جھٽڪن سان خوبصروت مصوري ڪئي.
1888ع ۾ هو آرليس (Arles) (ڀونچ سمنڊ تي هڪ شهر) ۾ اچي رهيو، پر هميشه هن کي ديوانگيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ هو سوداءَ هيٺ رهيو. انهيءَ ساڳي جاءِ تي پال گوگين به اچي هن سان گڏيو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ آخرڪار اهو واقعو ٿيو، جنهن ۾ وان گوگ پنهنجو ڪن ڪپي ڇڏيو. هن زندگيءَ جي پوئين ڏينهن ۾ 70 تصويرون ڪڍيون ۽ پوءِ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪيائين.
هن جي موت کان پوءِ هن جي شهرت گھڻي وڌي وئي ۽ هن جي ڪم جي جذباتي گھرائي جو ويهين صديءَ جي آرٽ تي فاوزم کان وٺي اظهاريت تائين گھرو اثر رهيو. وان گوگ جو ڀاءُ ٿِيو (Theo) جي تصويرن جي خريد فروخت ڪندو هو، هن جي هميشه مدد ڪندو هو ۽ هنن جي وچ ۾ خط وڪتابت وان گوگ جي زندگيءَ جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي. مون هن جي برش جي جھٽڪن ۾ ائين زندگي ڊوڙندي ڏٺي آهي، جيئن مون پنهنجن مصرعن ۾ ڏٺي آهي. آخري دؤر ۾ هن کي مرگھي ٿي پئي. مٿي اگھاڙو، تتي سج هيٺان، سورج مکيءَ جي کيت ۾ ڪئنواس رکي، ان وقت تصويرون ڪڍندو هو، جنهن وقت هن جو دماغ تپي ويندو هو ۽ هن ۾ خون جي گردش تيز ٿي ويندي هئي. ساڳي طرح منهنجيءَ شاعريءَ کي به آرهڙ جي مند سازگار ايندي آهي. شاعري مون تي مينهن وانگر اوڙڪون ڪري وسندي آهي. هن جنون جي ڪيفيت ۾ خودڪشي ڪئي.