ائنا اخمتووا
جديد روسي شاعره. هوءَ هڪ ڳُجھي ۽ خاموش عورت هئي پر جي هوءَ ان غير معمولي علحدگيءَ ۾ نه به رهي جا هن تي پنهنجي دؤر مڙهي هئي ته به اسان کي هن جي زندگيءَ جو تمام ٿورو علم هجي ها. هن جي شاعريءَ مان ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي باري ۾ مختصر احوال مان جو ماسڪو ۾ ڇپيو هو، اسان کي هن جي زندگيءَ جو پورو پتو پئجي نه ٿو سگھي. خاموشي هن جي دستور هئي ۽ اها هن جي شاعري مان ظاهر آهي، جنهن ۾ هن جا نظم نهايت مختصر آهن. هن ۾ ڪجھه ڪڍنگائي به هئي، ڄڻ ته هن جي شاعري چوندي هجي ته مان جيئن آهيان، مون کي ائين قبوليو يا نظرانداز ڪري ڇڏيو. ۽ انهيءَ ڳالهه ڏانهن ماڻهن جي توجھه يڪدم وئي، جڏهن هن جا ڪتاب شايع ٿيا. هن کي شاعر جي لفظ کان نفرت هوندي هئي.
اخمتووا ڪاري سمنڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ اوڊيسا ۾ پيدا ٿي هئي. جيتوڻيڪ هن جي زندگي ۽ شاعري پيٽرس برگ سان وابسته آهي. هوءَ زارسڪوف سيلو (زار جو ڳوٺ) ۾ هڪ سال جي عمر ۾ آندي وئي ۽ اتي پنهنجي زندگيءَ جا 16 سال گذاريائين. اهو ڳوٺ پيٽرس برگ جي ويجھو آهي. اتان جي ماحول ۽ شاعر پشڪن جو خود پيٽرس برگ ۾ مري ويو هو جنهن جو ميوزم مون ڏٺو هو ۽ ان جو ذڪر شايع به ڪرايو اٿم ) ان کيس ڪافي متاثر ڪيو. 1944ع ۾ جڏهن جنگ کان پوءِ هوءَ لينن گراڊ موٽي وئي، پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن لکيو آهي ته 1890ع ۾ جڏهن هوءَ ٻار هئي ته اتان جا ساوا ۽ گھميل خوبصورت باغيچا ۽ واڙا جتي هوءَ پنهنجي ٻڪريءَ کي گھلي ويندي هئي ۽ پراڻي ريلوي اسٽيشن – اهي سڀ کيس ياد ايندا هيا. 1907ع ۾ هن ڪيف ۾ تعليم ورتي ۽ 1910ع ۾ نڪولائي گوميلاف سان شادي ڪيائين. جو روسي شاعريءَ ۾ انقلاب کان اڳ هڪ رنگين مزاج شخصيت هيو. هو پهريون شاعر هيو، جنهن غير مغربي ملڪن مان ڌاريا موضوع پنهنجي شاعريءِ ۾آندا هيا. هن آفريڪا جي ملڪن خصوصاً ائبيسينيا جو سفر ڪيو ۽ اتان جون ڪيئي ڪهاڻيون ۽ خيال پنهنجي تحرير ۾ آندا، پر ان ۾ مذهبي دهشت ۽ خوشيءَ ۽ غم سان بي پروائيءَ جو عقيدو هيو، جنهن هن جي شاعريءَ کي منظر نگاريءَ کان مٿي ڪري بيهاريو هو. اخمتووا هن سان شاديءَ ۾ خوش نه هئي ۽ اهڙو ذڪر هن ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي (مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿي:
مان افسوس جا هٿ مَليا . . . . . . . . . . )
هُن پهريون ڀيرو اولهه يورپ، گوميلاف سان پنهنجي هَني مون تي ڏٺو جو هنن پئرس ۾ ملهايو ۽ جيڏانهن هوءَ ٻيهر 1911ع ۾ وئي. هوءَ مصور مودلياني سان ملي، جڏهن اڃان هو مفلس هيو ۽ کيس ايتري مڃتا نه ملي هئي ۽ هن جي موجودگيءَ ۾ فرينچ شاعر ورلين کي پنهنجا ڪيئي نظم ٻڌايائين. مودليانيءَ هن جون ڪيئي تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ بچي وئي جا پڇاڙي تائين هن جي ديوار تي ٽنگيل هوندي هئي. هن کي پئرس ائين لڳي ڄڻ اها هن جي زندگيءَ جو پيٽرس برگ وانگر ٻيو ٿنڀو هئي، پر هوءَ روس ۾ پنهنجي مرضيءَ سان موٽي آئي ۽ رهي پئي. 1910ع ۾ هن جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر بلاڪ وانگر اهو سرد ۽ اونداهو مستقبل، جو اچي رهيو هو، جو تصور ۾ ئي ملي ٿو. 1944ع ۾ هن لکيو ته:
”هن ظالم دؤر ۾ مون کي ائين پاسيرو موڙيو ويو آهي. جيئن ڪا، ندي پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ڇڏي.“
پيٽرس برگ موٽي هن تمام سنجيدگيءَ سان نظم لکيا، جيتوڻيڪ هن جي مڙس کي هن جي ڏات جي باري ۾ پڪ نه هئي ۽ هن کي ان لاءِ آماده ڪندو رهيو ته هو بئلي ڊانسر ٿئي. هن جڏهن شاعر انينسڪيءَ کي هن جي موت بعد پڙهيو ته هن کي محسوس ٿيو ته هن کي پنهنجو آواز ملي چڪو آهي. انينسڪي هڪ علامت پسند هيو. پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف هيو، جيڪي چوندا هيا ته هاڻي ۽ هتي غير حقيقي آهن، هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي. خود اليگزنڊر بلاڪ جي تصور کي به اهڙيون حالتون گرمائينديون هيون جي قيامت وانگر اچڻيون هيون. 1910ع ۾ اهڙي تحريڪ پنهنجي تخليق ۽ سلسليوار نه رهي ۽ 1912ع ۾ ٻه گروپ پيدا ٿيا، جن کي فيوچرسٽ ۽ ائڪميسٽ چيو ويندو هو. پهرين جو ليڊر ماياڪووسڪي هيو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف هيو ۽ جو رستي ۽ ڳليءَ جي ٻولي شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو هيو ۽ جنهن هر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪميزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر آسپ ميڊالسٽام هيو ۽ ان به علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا، ميڊالسٽام جي دوست به هئي ۽ هُن کان ڪافي مُتاثر به هئي. هُن جي مُڙس گوميلاف هڪڙو جُدا شاعرن ۽ اديبن جو گروپ ٺاهيو. ميڊم السٽام، اخمتووا جي پهرين جلد تي مهاڳ لکيو. 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلارنس، وينس ۽ ٻيا شهر ڏٺا ۽ اطالوي مصوري ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجھيو ته روس خودڪشي ڪئي آهي ۽ روسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آهي. هن پوءِ ڪجھه ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گھري ساهيڙي ٿي وئي، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿي، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. 1918 ۾ ائنا اخمتووا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نه آهي، پر هوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گھمندي هئي ۽ آرٽ اڪادميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ هن کي پنهنجي شاعري پڙهي ٻڌائيندي هئي. 1920ع ۾ هوءَ بلڪل گوشه تنهائي ۾ رهڻ لڳي ۽ ميڊالسٽام سان به نه ملندي هئي. هن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ ته زياده سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. 1921ع ۾ هن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا به تخليق منظر عام تي نه آئي، ڇو ته سينٽرل ڪاميٽيءَ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هُن جي ڪابه شيءِ ڇپائي هيٺ اچڻ نه کپي. جڏهن سوويت يونين جا نازي جرمني سان واسطا چڱا هئا ته اخمتووا مقبوضه پئرس ۽ بمباري هيٺان لنڊن ڏانهن پنهنجي توجھه ڪئي ۽ 1940ع ۾ هن جيڪو نظم لکيو، اهو روس ۾ ڇپجي نه سگھيو. اهو هڪ نهايت دردناڪ نظم آهي.
42- 1941ع ۾ هوءَ بار بار دوستو وڪي کي پڙهندي رهي جنهن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستو وسڪيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جون اڳڪٿيون هيون. جڏهن لينن گراڊ جو گھيراءُ ٿيو، تڏهن هن پهريون سيارو نهايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس هوائي جهاز ۾ نيو ويو، جتي هوءَ اڍائي سال رهي ۽ پنهنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ هوءَ روس جو آواز هئي، پر اسٽالن هن جو مخالف هيو ۽ هن جي جنهن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، ان تي اعتراض ورتو هئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن اشاعت لاءِ پنهنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ هن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اها هن جي شاعري وانگر نه ڇپجي سگھي. جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته ان جا پروف به پڙهيا ويا هيا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ هن کي روسي اديبن ۾ انجمن مان خارج ڪيو ۽ هن جي ڪتابن جي اشاعت تي بندش وڌي وئي جا 1953ع ۾ اسٽالن جي موت تائين رهي. گھر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان هن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو هو، جيئن مون ايوب خان، يحى خان ۽ ضياءُ الحق جي دؤر ۾ جلائي ڇڏيو هو. هن جي پٽ کي 3 ڀيرا پهريائين قيد ڪيو ويو هو. هن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنهنجو رد عمل نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي اسٽالن، مينڊالسٽامکي مارائي ڇڏيو هو. هوءَ حالتن کان گھٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ 1950ع ۾ مري وئي. مان هن جي باري ۾ آمريڪي ترجمي ۾ جيڪي هن جا شعر پڙهيا آهن، انهن کان ڪافي متاثر ٿيو آهيان ۽ منهنجي نظر ۾ هوءَ دنيا ۾ جيڪي 6 – 5 وڏي ۾ وڏيون شاعرائون ٿيون آهن، انهن مان هڪ آهي.