هيوم
اسڪاٽلينڊ ۾ 1711ع ۾ ڄائو ۽ 1776ع ۾ وفات ڪيائين. هو چوٽيءَ جي مغربي فيلسوفن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ هن جا تاريخ، فلسفي، سياست ۽ مذهب تي ڪيئي ڪتاب لکيل آهن.
هيوم جڏهن مري رهيو ته هن Charon (چارون – يوناني موت جو ديوتا) کي التجا ڪئي ته: ”صبر ڪر، ڪجھه ٿورو ترس! مون کي ڪجھه سال مهلت ڏي، ڇاڪاڻ جو مان عوام جون اکيون کولڻ چاهيان ٿو؛ جيڪڏهن مان ڪجھه سال وڌيڪ جيئندس ته شايد مان سارا وسوسا جن جي خلاف مان وڙهيو آهيان، ڊهي ڍير ٿيندي ڏسي سگھان ٿو“ چيو ويو آهي ته انهيءَ تي چارون هن تي عصي ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين : ”تون هميشه خواب لهندو رهندين ۽ اها ڳالهه هزارن سالن ۾ نه ٿيندي. تون سمجھين ٿو ته مان توکي ايڏي وڏي مهلت ڏيندم؟ هيٺ ٻيڙي ۾ لهه ته هلون، سست، رولاڪ، سُک درسي ماڻهو!“ اهو ٻڌي هيوم هميشه لاءِ چپ ٿي ويو.