شيڪسپيئر، وليم
(1564ع کان 1616ع تائين)
مشهور انگريزي ڊراما نويس ۽ شاعر، هن جا سڀ ڪتاب ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن ۽ سمورين زبانن ۾ هن جا ڊراما اسٽيج تي آندا ويا آهن ۽ جيڪي انگريزي اديب ٿيا آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ هن جا حوالا ڏنا ويندا آهن. مان چوندو آهيان ته جي ٻه سئو سال ڪنهن شاعر جون ٻه سئو سٽون پائنده رهي سگھن ته هو عظيم شاعر آهي. جڏهن ته شيڪسپيئر کي ته پنج سئو سال ٿي ويا آهن ۽ هن جون انهن کان به وڌيڪ سٽون زنده جاويد آهن.
هو سٽراٽفورڊ ۾ ڄايو هو ۽ هڪ دستاني ساز جو پٽ هيو. 1582ع ۾ هن ائني هئٿ وي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي 3 ٻار ٿيا.هو 1592ع کان وٺي لنڊن ٿيئٽر ۾ ڪافي سرگرمِ عمل هيو ۽ هن لارڊ چيمبرلين جي ماڻهن (جن تي 1603ع ۾ بادشاهه جا ماڻهو نالو پيو هو) لاءِ هڪ اداڪار ۽ ڊراما نويس جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ هو انهن جي ڪمپنيءَ جو مهندار هيو. 1599ع کان وٺي هو گلوب نالي ٿيئٽر ۾ حصيدار هو. ان کان اڳ مهامريءَ ۾ لنڊن جا ٿيئٽر 1592ع کان 1594ع تائين بند ٿي ويا ها. هن پنهنجا ٻه حڪايت وارا نظم ”ليو ڪريسي سان زنا باالجبر“ ۽ عشقيه نظم ”وينس ۽ ائڊوِنس “ لکيا. انهيءَ دور ۾ 154 سانيٽ به لکيا، جي 1609 ع ۾ شايع ٿيا ۽ جن مان ڪي ته هڪ مخفي عورت ۽ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏانهن لکيل هيا. شيڪسپيئر لاءِ چيو ويو آهي ته هو 38 ناٽڪن جو مصنف هيو يا ٻي ڪنهن سان گڏ انهن جو مصنف هيو. 1580ع کان 1594ع تائين شيڪسپيئر مختلف تجربا ڪيا. مزاحيه ۾ ”عشق اجايو ويو“، ”ڀل چُڪ جو سُوانگ“، ”ويرونا جو شريف ماڻهو“ ۽ ”وات – ڏاريءَ کي هيرائڻ“ لکيائين. ان کان پوءِ هن انگريزي تاريخ جي ڳولها ڦولها ڪئي ۽ 3 عدد ڪتاب لکيائين، جن ۾ چار سلسلي وار ناٽڪ (Tetralogy) هينري ڇهون (3حصن ۾)، رچرڊ ٽيون شامل آهن. هن جو رت پياڪ ”ٽئٽس ائنڊ رونيڪس“ هن جا پهريان الميه ناٽڪ هيا.
1594ع کان 1599ع تائين شيڪسپيئر مزاحيه ناٽڪ ۽ تاريخ تي ڌيان ڏنو. انهيءَ دؤر جا مزاحيه ناٽڪ، ”وچ – اونهاري جي رات جا سپنا“، ”ونڊسر جون کِل مُنهيون وَنيون“، ”جيئن تنهنجي مرضي“، ”وينس جو سوداگر“، ”ٿوريءَ ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪرڻ“ هيا. اهي ناٽڪ هن جي خاص رومانوي انداز ۾ هيا. پر هن جي تاريخ تي مڪمل دسترس ٻين ٽن ڪتابن ۾ ملي ٿي جي آهن، رچرڊ ٻيو، هينري چوٿون (ٻن حصن ۾) ۽ هينري پنجون،، ٻي دؤر ۾ ”بادشاهه جان“ ۽ هڪ جذباتي الميو ”روميو ۽ جيوليٽ“ شامل آهن ٽين دؤر ۾ 1599ع کان 1608 ع تائين شيڪسپيئر پنهنجي رومانوي طربيه ڇڏي ڏني (سوا ٻارنهينءَ رات جي) ۽ الميا لکيا يا ڦٿڪائيندڙ ۽ مونجھارو پيدا ڪندڙ اونداها الميا، يا مسئلي خيز ناٽڪ تخليق ڪيا جي هيا، ”ماپ آڏو ماپ“، ”سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي“، ”ٽروئيلس ۽ ڪريسيڊا“. هن جا وڏي ۾ وڏا چار الميا آهن: ڪنگ ليئر“ ، ”مئڪبيٿ“، ”هئمليٽ“ ۽ ”آٿيلو“. جيتوڻيڪ هن جا ٻيا ڪجھه رومن ناٽڪ به آهن جن ۾ اهڙو ئي زبردست ناٽڪ ”ائنٿوني ۽ ڪليوپيٽرا“ آهن جنهن سان ”جيولس سيزر“ ۽ ”ڪئرولينيس“ آهن. انهيءَ دؤر ۾ الميو ”اٿينس جو ٽمون“ به لکيو ويو.
شيڪسپيئر جو آخري دؤر 1608ع کان 1613ع تائين هيو، جنهن ۾ هن نئين قسم جا مزاحيه موضوع پنهنجي ناٽڪن ۾ شامل ڪيا، ”پير ڪلز“، ”سمبلين“، ”سياري جي ڪهاڻي“، ۽ ”طوفان“ هن جي آخري رومانوي ناٽڪن مان مشهور آهن. شيڪسپيئر 1613ع ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ فليچر نالي هڪ شخص سان گڏجي هينري اٺون ۽ ”ٻه معزز رشيتيدار“ لکيو. شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون ”بنڊيلو“ تان ورتل آهن ۽ هن جا تاريخي ڊراما نه رڳو پلوٽارچ جي روم اهلِ سياست جي سوانح حيات تان کنيل آهن، پر ريفل هولن شيڊ جي انگريزي تاريخ جي متعصب اظهار ”دي ڪرانيڪل۾“ تان به کنيل آهن.
شيڪسپيئر جي بيپناهه شهرت جو سبب هن جا پيچ در پيچ ۽ قابلِ ياد ڪردار، انهن جي تند و تيز رفتار، جنهن ۾ منظر تيزي سان تبديل ٿي ٿيا، هن جا بيمثال استعارا ۽ ڀرپور ٻوليءَ جو رس ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جو آزاد نظم هيو.
18 صديءَ کان شيڪسپيئر کي انگريزي زبان جو وڏي ۾ وڏو ناٽڪ نويس ڪري ليکيو ويو آهي ۽ رومانيت واري دؤر ۾ هن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو جينيس سمجھيو ويو آهي، ديوتا سروپ، اڪال ۽ سَرو ڀُومڪُ.
جديد راءِ ۾ هن کي ٿيئٽر جو هڪ نهايت عملي ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن کي ٻولي ءَ ۽ سياسي اقتدار جي وچ ۾ جو ڳانڍاپو آهي ان جي پوري ڄاڻ هئي. هن ننڍي کنڊ ۾ شيڪسپيئر جي ناٽڪن کي آغا حشر جي ناٽڪن واقف ڪرايو، جن ۾ مختيار بيگم جو به ڪافي هٿ هيو. ممڪن آهي ته ان کان به ڪجھه اڳي مرزا قليچ بيگ هن جا ڪجھه ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا هيا ۽ سنڌ جي پس منظر ۾ اپنايا هيائين. جيتري قدر مونکي ياد آهي ته ”هئمليٽ“ جو خوبصورت ترجمو تيرٿ وسنت ڪيو آهي، پر شيڪسپيئر جا پورا ڊراما نه اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن ۽ نه سنڌي ۾.