ڪانٽ
امينيوئل ڪانٽ جرمنيءَ ۾ 1724ع ۾ جنم ورتو ۽ 1804ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جا فلسفي تي ڇهه اهم ڪتاب آهن، جن ۾ اهم ترين “The critique of pure reason” (عقلِ محض تي تنقيد) آهي. هن جي مشهور چوڻي آهي: ”اعلى ترين شيءَ جا انسان حاصل ڪري سگھي ٿو، اها امن آهي، هڪ سرهو روح آهي ۽ پنهنجي ذات سان هڪ اندرئين ميٺ محبت ۽ ٺاهه آهي، جيڪو ڪوئي به غصو ڦٽائي نه ٿو سگھي.“
ڪانٽ کي فرينچ انقلاب ۾ ڀروسو هيو ته اهو امن جو دؤر آڻيندو. هو نيپولين جي دؤر تي ڳاڙهي باک کان اڳتي ڏسي نه سگھيو، پر شايد هُن ان کان اڳتي ٻي ڏينهن ڏانهن ڏٺو هو. جڏهن هر حڪومت کي هڪ آئين هوندو ۽ جنگ جو شهرين جي عوامي راءِ کان سواءِ اعلان نه ڪيو ويندو ۽ هن کي اميد هئي ته دنيا ۾ امن تڏهن ايندو جڏهن حاڪم ۽ آمر، جيڪي پاڻ کي حڪومت جا والي سمجھن ٿا، هڪ ماضيءَ جي ڳالهه ٿي ويندا ۽ جڏهن هر ماڻهو کي جائز عزت ملندي ۽ هو ڪنهن ڳالهه جو ذريعو نه پر پنهنجي جاءِ تي مقصد سمجھيو ويندو ۽ جڏهن قومن کي اها سمجھه ايندي ته اهو انسان جي عظمت جي خلاف آهي ته هن کي ڪنهن به ڳالهه لاءِ هٿيار ڪري استعمال ڪيو وڃي. ڪانٽ پنهنجي فلسفي جي تلاش ڪندي ڪوشش ته خدا کي حاصل ڪرڻ جي ڪئي هئي، پر هن کي انسان ملي ويا. ڪاش! منهنجو دوست يوسف شاهين، جنهن تازو ”فاتحين جي دنيا“ جهڙو هڪ سٺو ڪتاب لکيو آهي، ڪانٽ جي فلسفي جو مطالعو ڪري ها!