شخصيتون ۽ خاڪا

ھيرا تہ ڏسو

شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھيرا تہ ڏسو

ٽراٽسڪي

ٽراٽسڪي
(1879ع کان 1940ع تائين)

لينن کان پوءِ روس جو وڏي ۾ وڏو اشتراڪي اڳواڻ هو. هن جو 1917ع واري انقلاب ۽ ان کان پوءِ خانه جنگيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو هو. هو 26 آڪٽوبر 1879ع تي ڏاکڻي يوڪرين ۾ ڄائو هو ۽ هڪ آسودي يهوديءَ هَر – هاريءَ جو پُٽ هيو. 1897ع ۾ هن اوڊيسا جي نئينءَ روسي يونيورسٽي ۾ ڪجھه مهينا رياضيات جو مطالعو ڪيو، پر پوءِ اهو ڇڏي، هڪ پيشه ور انقلابي ٿيو. اوڊيسا ۽ نڪوليف ۾ ٿوري وقت ۾ هُن سماجي – جمهوري حلقن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ 1889ع ۾ هن کي گرفتار ڪري، 1900ع ۾ سائبيريا جلاوطن ڪري موڪيلو ويو. ٻن سالن کان پوءِ هو قيد مان فرار ٿي ويو ۽ وڃي لينن سان اخبار اِسڪرا ۾ شامل ٿيو. پر جڏهن 1903ع ۾ پارٽيءَ ۾ ڏڦيڙ ڏارَ پيا، هن لينن خلاف مينشيوڪن جو پاسو ورتو. 1905ع جي انقلاب کان پوءِ هو روس موٽي آيو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ پورهيتن جي عيوضين جو سڀني کان وڌيڪ برک اڳواڻ ليکيو ويو. 1907ع ۾ هن تي مقدمو هليو ۽ هن کي شهر نيڪالي ڏني وئي. هو اولهه سائبيريا پار ڪري، ويانا ڀڄي ويو. جتي هُن فرقي بازي کان الڳ رَهي، هڪ سماجي جمهوريت لاءِ ڪم ڪيو ۽ روس جي سڀني سماجي - جمهوري حلقن ۽ گروهن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر حاصل ڪجھه به نه ٿيو.
1914ع ۾ ٽراٽسڪي، فرانس هليو ويو. پر ڇاڪاڻ جو پهرين جنگِ عظيم کي سامراجين جي وچ ۾ هڪ جنگ ٿي سمجھيو ويو، هو ان جي خلاف هُيو، هن کي فرانس مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هو ڪجھه مهينا يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ رهيو. فيبروري 1917ع واري انقلاب کان پوءِ هو روس موٽي آيو ۽ پيٽرو گراڊ ۾ بين الاقوامي گروهه ۾ شامل ٿيو، جو سڀني صوبن گڏجي پيٽروگراڊ ۾ ٺاهيو هو. جولاءِ – آگسٽ ۾ جڏهن بالشيوڪ پارٽيءَ جي ڇهين ڪانگريس ٿي، هو ۽ هُن جي حلقي جا ماڻهو ان ۾ شامل ٿيا، جيتوڻيڪ هو پاڻ جولاءِ واري نشڦل ڪُو coup) – راڄنيتي جي بي قائدي ڦير گھير لاءِ اُدم) سبب قيد ۾ هيو. ڪانگريس، ٽراٽسڪيءَ کي بالشيوڪ مرڪزي ڪميٽيءَ تي چونڊيو ۽ پنهنجي رهائيءَ کان پوءِ هو پيٽرو گراڊ سوويت جو ٻيهر چيئر مين ٿيو. هُن سوويت فوجي انقلابي ڪميٽي ٺاهي، هو 2 آڪٽوبر تي گاديءَ تي قبضي ڪرڻ جو مکيه ڪاريه – ڪرتا هو. هو پهرينءَ سوويت سرڪار ۾ خارجه پاليسيءَ جي ڪميسارجي حيثيت ۾ شامل ٿيو، پر جرمني سان بريسٽ – لٽووِسڪ صلح نامي تي هن جا لينن سان اختلاف ٿي پيا ۽ ان ڪري استعفى ڏنائين. 1914ع کان 1918ع تائين، فوجي ۽ بحري معاملن جي ڪميسارجي حيثيت ۾ هُن گھرو لڙائيءَ ۾ سرخ فوج جي اڳواڻي ڪئي.
1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ، هن جي جاءِ نشينيءَ جو ظاهر ظهور اميدوار ٽراٽسڪيءَ هو ۽ اهڙي شاهدي آهي ته لينن به هن جي فائدي ۾ هو. پر اسٽالن، زينوفيف ۽ ڪامينوف جي ٻڌيءَ هن جي اِن لاڳيتائيءَ تي روڪ وڌي. هن سوويت سرڪار ۾ پنهنجو عهدو وڃايو، جيتوڻيڪ هي پالٽ بيورو جو ميمبر رهيو. 1919 ع جي صف بنديءَ کان پوءِ به ان ۾ هيو. 1927ع ۾ اسٽالن، زينوفيف، ڪامينوف، بُخارن ۽ ٻين سان گڏجي پارٽي جي کاٻي ڌر جي مخالفت ڪئي ۽ ٽراٽسڪيءَ کي شڪست ڏني ۽ هن پالٽ يورو ۾ به پنهنجي جاءِ وڃائي ۽ 1928ع ۾ هن کي وچ ايشيا ۾ آلما اَٽا ڏانهن لوڌي ڪڍيو ويو. (فيض احمد فيض يا ٻيا پاڪستاني يا هندستاني اديب سوويت يونين جي حڪومت آلما اَٽا گھرايا ها، پر انهن ان ڳالهه جو ذڪر ئي نه ڪيو ته اتي ٽراٽسڪيءَ جلاوطني ۾ رهيو هو ۽ هرڪو کائي پي عيش ڪري، اشتراڪيت جي اباڻي وطن جا گيت ڳائي موٽيو هو.) ٻي سال هن کي سوويت يونين مان ئي نيڪالي ڏني وئي ۽ 1932ع ۾ هن کان سوويت شهريت به کسي وئي. (جرمن ماهرِ نفسيات ائڊلر ٺيڪ چيو آهي ته: ”انساني اعمال جو محرڪ جذبو، دولت جو حوس نه، اقتدار جو حوس آهي. دولت به اقتدار حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.“ 1929ع کان وٺي 1933ع تائين هن جي ٽين جلاوطنيءَ ۾ پناهه گاهه تُرڪي هئي ۽ 36-1935ع ۾ ناروي هئي، ۽ نيٺ هو ميڪسيڪو هليو ويو. ٽراٽسڪي، اسٽالن تي حملا ڪندو رهيو ۽ جلاوطن ڪميونسٽن ۾ جي ٽراٽسڪائيت ها، انهن جي نظرياتي رهبري ڪندو رهيو. انهن 1934ع ۾ چوٿين ڪميونسٽ انٽرنيشنل قائم ڪئي. 1936ع کان وٺي 1938ع واريءَ صفائي ۾ ٽراٽسڪيءَ تي الزام هنيو ويو ته هُو پنهنجن سچ پچ يا الزام ڏنل پوئلڳن ۽ طرفدارن کي روس ۾ الٽ پُلٽ ڪندڙ ڪاررواين لاءِ اتساهيندو رهيو هو، پر جان ڊيوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ انتر راشٽريه ڪميشن هن تي بي ڏوهي هجڻ جي فتوى ڏني. جيتوڻيڪ ميڪسيڪو جي اختياريءَ وارن ۽ ٽراٽسڪيءَ جي دوستن تمام باريڪ نظر سان پورا پورا اڳ ويچار ڪيا ها ۽ هن جي پناري ۽ پناهه ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هيائون، پوءِ به هن کي هڪ ڳجھه ڳُجھاتي ۽ هچاري خونيءَ، اسٽالن جي چُرچ تي، 20 آگسٽ 1940 تي ميڪسيڪو شهر ۾ مٿي تي مترڪو هڻي ماري ڇڏيو. (مون جڏهن ٽراٽسڪيءَ تي فلم ڏٺي هئي ته ماڻهوءَ جي ماڻهپي ۽ چڱائيءَ ۾ منهنجي ويساهه کي وڏو لوڏو آيو هو. سچ ته ماڻهو جو وڏي ۾ وڏو ويري هُن جو آپو، آپ سُوارٿ، هَڏي تي هوڏ، پنهنجي سوچ تي سنڌي سيڙهي کي انڪار ۽ ان ۾ بي انت وشواس آهي. مون اهڙا ڪيئي ڪميونسٽ ڏٺا ها، جي ائين سمجھندا ها ته دنيا جي ”کُل جا سِم سِم“ هنن جي هٿ ۾ آهي ۽ هو اِتهاس مان ڪجھه پرائڻ لاءِ تيار نه هوندا ها. پاڪستان ۾ ته هنن اهو پورو پڙهيو به ڪو نه هو ته مارڪس ڇا چيو آهي؛ رڳو ٻُڌي ٻڌائي ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌي هئائون ۽ نشچي پڪ جا پاڻ کي اَڏول ٿنڀا سمجھندا ها. جيستائين ساري اڏاوت ڊهي ڍير ٿي پئي. اڃان تائين هو ننڍن ٻارن وانگر ان جي ٺڪرن ٺوٻرن جي ڍڳ ۾ ڀڳل ٽٽل کيڏاوڻا ۽ راند روند جون شيون ميڙي رهيا آهن ۽ سوچن ٿا ته ڪيئن پنهنجو نڪ ناس ۽ لڄ مرم بچائن. هنن ۾ ايترا اوسان نه رهيا آهن ۽ نه مڙسي ته پنهنجي چُڪ ۽ مَت ڀَرم کُلم کُلا قبول ڪن. پنهنجي ڌرتيءَ تي پير کوڙي، تيستائين بنا ڪنهن گھٽتائيءَ جي اَنبوءَ جي رَسن، جيستائين هو پاڻ ڪنهن ڇيهه ۽ سڌانت تي پهچن يا کين ڪوئي دڳ لائڻ وارو پيدا ٿئي. رڳو آند مانڌ ۾ وڦلڻ، رڳو هاءِ گھوڙا ڪرڻ ۽ وهلور وڃي پنهنجي دؤر جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پنهنجي وَسيلي واڙيءَ جي ڄاڻ کان سواءِ ۽ ان ويڃاڻ کان سوا ته ڪهڙي وَستو ۽ وَٿ سگھه ۽ سهارو ٿي سگھي ٿي، سڀ اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻن ٿا. افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته اڃا تائين ڀُتي، پراڻي، مهمل ۽ مُدي خارج لفظن مان جان ڇڏائي نه سگھيا آهن ۽ اڃان اڳين دؤر جي رَٽيل پِٽيل ٻوليءَ ۾ وچڙيل آهن.)
1980ع ڌاري زير زمين سوشلسٽ چؤنڪڙيءَ ٽراٽسڪيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، جڏهن سوشل ڊيموڪرئٽ هل چل پنهنجي پهرين درجي ۾ هئي ۽ مارڪسيت جو پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪري رهي هئي ۽ ٻي درجي ڏانهن وڃي رهي هئي، جڏهن ان سوشلسٽ نظرئي کي مزدور هلچل سان ملائي، ولوڙو وجھڻو هو، هُن جي انقلابي ٿيوريءَ ۽ اُتساهه، چاهه ۽ تيز فهم ڀري، هن جي سنتا لاءِ سمرٿيءَ ۽ جوڙجڪ لاءِ وِت ۽ هن جي سگھاري مُهت – ترشنا گڏجي، ٽراٽسڪيءَ ۽ پنهنجي دؤر جي سوشل ڊيموڪريسيءَ لاءِ ارهائيءَ جو ڀاءُ، ارٿ پئدا ڪيو هو ۽ هڪ وڌيڪ هم مرڪز ۽ سياسي چت من واريءَ پارٽيءَ لاءِ هن سڌ اتساهي هئي. اها سڌ ساڳي قسم جي هئي، جهڙي 1900ع ۾ لينن کي پارٽيءَ ۾ اسڪرا جماعت ٺاهڻ وقت هئي. ان ڪري اهو فطري هو ته ٽراٽسڪيءَ، اِسڪرا ۾ شامل ٿئي، جيڪو اڳيئي سائبريا جي سوشل ڊيموڪرئٽڪ جماعت ۾، پئمفليٽ بازيءَ ۽ اخبار نويسيءَ ۾ نالو ڪڍي چڪو هو ۽ ان لاءِ هڪ تِکو ادبي ليک موڪليندڙ ٿئي. لينن سان ويجھڙائپ هن کي اِن نتيجي تي پهچايو ته پهريائين پارٽيءَ جي نالي ۾ پارٽيءَ جي تنظيم وجود ۾ اچي ٿي، ان کان پوءِ مرڪزي ڪميٽي ان تنظيم جي جاءِ والاري ٿي ۽ ان بدران ڪم ڪري ٿي، ۽ آخر ۾ هڪ ڊڪٽيٽر (آمر) ان مرڪزي ڪميٽيءَ جي بدران ڪم ڪري ٿو. ان ڪري هو لينن کي پڪي ارادي سان آڏو ايندڙن مان هو ۽ ان ڪري پارٽي 1903ع واري ٻي ڪانگريس ۾، ٻه اڌ ٿي وئي پر منيشيوڪن سان ٽراٽسڪيءَ جي غم گساريءَ وارو دؤر مختصر هيو. 1904ع کان 1906ع تائين هن پارووس جي اثر هيٺ دائمي انقلاب جي ٿيوري رچائي راس ڪئي، انهيءَ ٿيوري معرفت هن سينٽ پيٽرسبرگ ۾ سوويت ڪچي انقلابي حڪومت جو ٻج وڌو.
1907ع ۾ ديس کان ٻاهر هن جي ٻي ڀاڄ کان پوءِ پارٽيءَ جي پهرينءَ سگھه جو ڀاڱو به نه رهيو ۽ انقلاب کان پوءِ، کيٽي، تيسي ۽ چڙ جي ڪري ان جا ڪيئي رت پياڪ ڌڙا ٿي ويا. ٽراٽسڪيءَ چاهيو ته سڀ سوشل ڊيموڪرئٽڪ ڌڙا ايڪو ڪن، ۽ ساکيات ۽ ساڳي سوچ وارا ننڍا ڌڙا ڪٺا ڪري، انهن جي الڳ ٽولي ٺاهيائين، جن پنهنجي الڳ اخبار پراودا ڪڍي، جنهن جي سمپادڪي ويانا ۾ ٽراٽسڪيءَ پاڻ ڪئي. (اها ساڳي پراودا نه هئي جا سينٽ پيٽرسبرگ مان نڪتي هئي.) 1912ع ۾ هن اتحاد لاءِ ”آگسٽ ڪانفرنس“ گھرائي، جنهن اڪثر مينشيوڪ گروهن ۾ سچ پچ اتحاد پيدا ڪيو، جيتوڻيڪ اڪثر بالشيوڪ ۽ پليخانوف جي پارٽي ذهنيت وارا ماڻهو ڪانگريس کان پاسيرا رهيا، ٽراٽسڪيءَ وري مينشوڪن جي قيادت هٿ ۾ کنئي. جنگ ڇڙي ته وري سياسي صف بندي ڪئي وئي ۽ ٽراٽسڪيءَ ۽ مارتوف بين الاقوامي ڇانوڻيءَ ۾ شامل ٿيا، ۽ ٽراٽسڪيءَ، لينن ۽ زينوفيف جي حمايت کان انڪار ڪيو، جن چاهيو ٿي ته روس کي شڪست اچي ۽ ”سامراجي جنگ کي خانه جنگيءَ ۾ بدلايو وڃي.“
ضلعن جي وچ ۾ سوشل – ڊيموڪرئٽڪ تنظيم، جنهن ۾ ٽراٽسڪي 1917ع ۾ روس موٽي شامل ٿيو، جنگ کان اڳ ۽ جنگ وقت، جنگ جي حمايتن ۽ پارٽي – مخالف بالشيوڪن سان ڀري پئي هئي. پر لينن جو اهو پروگرام ته اقتدار تي قبضو ڪيو وڃي، ٽراٽسڪيءَ کي ڄڻ پنهنجي دائمي انقلاب جي نظرئي وانگر لڳو. ان ڪري اُهو سڀاويڪ هو ته هو پنهنجي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بالشيوڪن سان ميلاپ چاهي ، ڇو ته اهو کيس لينن جي ”پارٽي جو سارو ساز سامان آلات اوزار هن جي بلي ڪندا، جيتوڻيڪ ٽراٽسڪيءَ انهيءَ ساري سانچي ۽ ڪَل پُرزي جو منڍ کان وٺي وِروڌ ۽ سامُهڻائي پنهنجي ڪهڻي رهڻيءَ سان ڪندو هو، جڏهن جنرل ڪانيلوف کي دارلخلافه تي پيش قدميءَ کان روڪيو ويو، تڏهن مکيه شهر بالشيوڪن جي وس ۽ اختياريءَ ۾ اچي ويا. ٽراٽسڪيءَ پيٽرو گراڊ سوويت جو چيئرمين ٿيو. پيٽرو گراڊ سوويت کي استعمال ڪري، هن هَلنديءَ ۽ اختيارءَ لاءِ رمزون ، کيڏون ۽ حڪمت عملي ٺاهي ۽ انٽرنيشنل جي ايندڙ ٻي ڪانگريس کي مُهاڏو ڪري ڪم آڻڻ چاهيو. ان ۾ ڪوئي شڪ شبهو نه هو ته هو ”ڪوڊي ٿا“ جو باني هو، هن ساريون فوجي واڳون پيٽروگراڊ سوويت جي فوجي انقلابي ڪميٽيءَ جي هَٿ وَس رکيون هُيون ۽ هن ئي عارضي حڪومت جي گرفتاري بابت اعلان ڪيو هو. مکيه مسئلو جو ٽراٽسڪيءَ ۽ نئين سوويت سرڪار جي آڏو آيو، سو جرمنيءَ سان جنگ بنديءَ جو هو. پهريون ٽراٽسڪيءَ فارمولا ڏني، ”نه جنگ، نه امن“ جنهن تي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي اڪثريت هن جو ساٿ ڏنو ۽ بريسٽ – لٽووسڪ ۾ چيو ته سوويٽ روس جنگ ته بند ڪندو، پر امن جي عهدنامي تي صحيح نه ڪندو. پوءِ ٽراٽسڪيءَ استعفى ڏئي ڇڏي، ڇو ته هو ڪنهن به سامراجي حڪومت سان عهدنامي لاءِ تيار نه هو، پر جرمن پيش قدميءَ کي ڏسي، لينن خود دڙڪو ڏنو هو ته جي امن جي عهدناهي تي صحيح نه ڪئي وئي ته هو استعفى ڏيندو.
ٽراٽسڪيءَ جي تنظيمي صلاحيت ۽ پارٽي ۾ هن جي وقعت سرخ فوج کي ٺاهڻ لاءِ پوري زور سان ڪم آندي وئي، ڇو ته بالشيوڪن آئيني اسيمبلي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي هئي ۽ ملڪ خانه جنگيءَ ۾ وچڙي ويو هو. اها ذميداري هڪ ڏاڍو ڳرو بوجو هئي، نه رڳو ان ڪري ته جنگ هلندي روسي فوج بي همٿ ٿي چڪي هئي، ۽ ان کي بالشيوڪ سرڪار تتر بتر ڪري چڪي هئي، پر ان ڪري به جو آفيسرن، بالشيوڪن جي نوڪري ڪرڻ نه ٿي چاهي ۽ نه وري سپاهي ان لاءِ تيار ها، ڇو ته بالشيوڪن هنن ۾ جنگ خلاف ڏاڍو پرچار ڪيو هو. ٽراٽسڪيءَ جي فوج ۾ تنظيم لاءِ ڪوشش، وڏن فوجي آفيسرن کي هن جي برخلاف ڪري ڇڏيو، خاص ڪري وورو شلوف ۽ اسٽالن جي دوستن کي، پر لينن، ٽراٽسڪيءَ جو پاسو ورتو، جيئن خانه جنگيءَ وقت ورتو هئائين ۽ هن جي مخالفن کي شڪست ملي.
خانه جنگيءَ جي ڪامياب خاتمي کان پوءِ، بالشيوڪ اڳواڻن کي ملڪ جي اقتصاديات جي بحاليءَ جي ضرورت محسوس ٿي. ٽراٽسڪيءَ، جنهن کي ٽرانسپورٽ جي ڪميسار جو واڌو عهدو مليو هو، ان راءِ جو هيو ته اها بحالي ائين ڪئي وڃي جيئن فوج جي ڪئي وڃي، ۽ هن فوجي اِڪائيون ”پورهئي جي فوج“ ۾ بدلائڻ شروع ڪيون. هو ٽرانسپورٽ ورڪرس يونين جو سربراهه ٿيو ۽ هن جي مرضي هئي ته اِها يونين مرڪزي انتظاميا ۾ شامل ڪئي وڃي. ان ڳالهه ٽريڊ يونين ورڪرس مخالفت کي جنم ڏنو، جا ٽراٽسڪيءَ جي ورتل دڳ جي آڏو آئي. لينن وچولي راهه ورتي، جيتوڻيڪ پوءِ پسِ پرده ٽراٽسڪيءَ جي حمايت ڪيائين. 1924ع ۾ لينن جي وفات کان پوءِ 1927ع ۾ ٽراٽسڪيءَ جي آخرين شڪست تائين هو پنهنجي اقتدار جي رقيبن سان ذاتي ۽ سياسي ويڙهه ۾ رُڌل هو. هن ساندهه کاٻي ڌر جي انتها پسند واٽ جو پاسو ورتو. هن سوويت رياست کي عالمي انقلاب ڦهلائڻ لاءِ ڇال مارڻ جو تختو سمجھيو. اسٽالن جي راءِ هن جي خلاف هئي ۽ هن ”هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي تعمير“ جو نعرو ڏنو. ٽراٽسڪيءَ ڪسانن جي فائدي ۾ نئين اقتصادي پاليسيءَ (NEP) جي به اعتدال اندر مخالفت ڪئي، پنهنجي شڪست کان پوءِ ٽراٽسڪيءَ، اسٽالن کي ڪسانن جي هرج تي بڻايل صنعتي پاليسيءَ کي شڪ سان ڏٺو، جيتوڻيڪ هن جي پاليسي به لڳ ڀڳ ساڳي هئي، روس ۾ توڙي روس کان ٻاهر ٽراٽسڪيءَ، پارٽي بيوروڪريسيءَ ۽ ان ۾ هڪ ماڻهوءَ جي آمريت خلاف حملا ڪندو رهيو. ٽراٽسڪي جو تحريرون فقط سياسي نه هيون. ملٽر ٿيوريءَ ۾ هن مستقل فوج جي بدران رضاڪار فوج پسند ڪئي. جيتوڻيڪ حالتن هن کي مجبور ڪيو ته هو خانه جنگيءَ ۾ مستقل فوج جو سهارو وٺي، ٽُڪا چيڪسي ۽ ميخائيل فرونز ۽ ڪجھه ٻين چاهيو ته خانه جنگيءَ وقت نئين پرولتاري فوج ٺاهي وڃي، پر ٽراٽسڪيءَ انهيءَ راءِ جو هو ته، ”جنگ جو انتظام هڪ فن آهي، سائنس نه آهي.“
1920ع واري ڏهاڪي ۾ ٽراٽسڪيءَ ثقافتي مسئلن تي ڪافي لکيو، جنهن تي اشتراڪي حلقن ۾ ڏاڍو بحث ٿيو. هن بوگڊانوف ۽ ليوناڪرسڪيءَ ۽ انهن جي پوئلڳن جي مخالفت ڪئي، جن چيو ٿي ته پرولتاري ثقافت اڀري ايندي جا بورجوا ثقافت جي جاءِ والاريندي ۽ جي اها ازخود نه اڀري ته ان کي اڀاريو وڃي. (ٽراٽسڪي ڪيڏو نه صحيح نڪتو. يو. ايس. ايس. آر ٽٽڻ کان اڳ سوويٽ لٽريچر جا شمارا ان جي شاهدي ڏين ٿا. دراصل ثقافت پرولتاري ٿي ئي نه ٿي سگھي. ان لاءِ جنهن فرصت جي ضرورت آهي، اها پرولتاريت وٽ ڪٿي آهي؟ مون ليانو ڪارسڪي پڙهيو آهي. هن جا سڀ دليل غير منطقي آهن ۽ ثقافت جي تاريخ تي اکيون ٻوٽي ڏنا ويا آهن. مائوءَ ته هڪ آرٽسٽ کي مزدور يا هاريءَ جو به گماشتو ٿي سمجھيو. تاريخ ۾ اشتراڪيت جي دؤر ۾ جيترو آرٽ جو نقصان ٿيو آهي، اوترو ڪنهن دؤر ۾ نه ٿيو آهي. بهترين آرٽ جا شاهڪار گدامن ۾ هڪ ٻئي مٿا سٿيا ويا ۽ عظيم آرٽسٽ قيد ڪيا يا مارايا ويا.) ٽراٽسڪيءَ جي خيال م پرولتاريت ٿورو وقت رهڻي هئي ۽ پوءِ مستقبل جي هڪ لا – طبقاتي سماج ۾ ضم ٿي وڃڻي هئي. ان ڪري هو چوندو هو ته ان وقت جون ثقافتي ڪوششون، هڪ ٻج جي حيثيت رکن ٿيون، جنهن مان مستقبل جي لا – طبقاتي سوشلسٽ انقلاب اڀرڻي آهي ۽ ان ڪري پارٽي پرولتاري ثقافت جي طرفدارن جي حمايت نه ڪري ۽ نه وري ڪنهن فني حلقي کي هٿي ڏئي، پر آرٽ جي انهن سارن حلقن جي مدد ڪري جن انقلاب کي اپنايو هو.
ٽراٽسڪيءَ چئن ٻولين ۾ ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ڪتاب انگريزي ۾ موجود آهن، جي مون کي هڪ سائوٿ آفريڪا جي ٽراٽڪسائيٽ دوست موسى با مجيءَ ڏنا ها، جنهن سان 1947ع ۾ ڪافي هائوس ۾ منهنجا وڏا بحث ٿيندا ها، جتي عمر عابد زبيري به هوندو هو، جنهن پوءِ سياست ۾ گھرو حصو ورتو ۽ بنگلاديش تي به اردوءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيائين. موسى بامجيءَ جي ڪرستان محبوبه روز جي فلئٽ تي به وڏو وادوِواد ٿيندو هو. روز هڪ خوبصورت نرس هئي، پر ٽراٽسڪي، موسى کي هن کان وڌيڪ پيارو هو.
انگريزيءَ ۾ ٽراٽسڪيءَ جا ڪتاب هيا:
”تشدد پسنديءَ جي بچاوَ ۾“، ”ڪارل ڪاسڪيءَ کي هڪ جواب (1921)“ ، ”زندگيءَ جا مسئلا (1924)“، ”ادب ۽ انقلاب (1925)“ (اختر حسين راءِ پوري پنهنجي ڪتاب جو نالو ٽراٽسڪيءَ تان ورتو هو)، ”منهنجي زندگي (1924)“ ، ”روسي انقلاب جي تاريخ (33-1932)، (اهو ڪتاب منهنجو هڪ سنڌي ڪامريڊ سکر ۾ منهنجيءَ بيٺڪ مان چورائي ويو هو. ڪنهن به تاريخ جي ڪتاب ۾ اهڙي خوبصورت ڪردار نگاري مون اڃان نه پڙهي آهي) ”ڊوهه ٿيل انقلاب“ 1937ع، ”دائمي انقلاب 1940ع“ ۽ ”اسٽالن 1946ع“.
روسي انقلاب جي ماڻهو پيدا ڪيا ۽ جي صفحهءِ هستيءَ تان ائين مٽجي ويا ڄڻ پاڻيءَ جا بُد بُدا هيا، انهن کي ياد ڪري مير درد جو هيٺيون شعر ٿو ياد اچي.
درد کچھ معلوم ہے یہ لوگ سب
کس طرف سے آئے تھے کیدهر چلے

ٽين دنيا جا مسئلا اڳي وانگر حل طلب آهن. اتي انسان اٽي، لٽي ۽ اجھي لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. دانشور آهن جو انهن جو دماغ ڪم نه ٿو ڪري. هو اڻويهينءَ صديءَ جي فلسفي سان اڪويهين صديءَ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهن ٿا. اهو نه ٿا ڄاڻن ته ٻه ٽي لفظ جي هنن اڳي ٻڌا ها، ترقي پسند ۽ رجعت پسند، سوشلزم جا ولي عهد ۽ سرمايه داريءَ جا وارث، کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر، اهي اصطلاح دؤر جديد جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگھن جي اڪيچار ۽ اڻ ڳڻت آهن، جن جي نئين سِر چڪاس ۽ ڇانٽ، ڀڃڻي ۽ سمجھاڻي ضروري آهي. انگولا کان بنگلاديش تائين، ميڪسيڪو کان پاڪستان تائين، الجھاءُ، کنچاءُ ۽ تڻاؤ آهي، جنهن ماڻهوءَ جون رڳون ٽوڙي وڌيون آهن. هرڪو واجھائي رهيو آهي ته ”آهي ڪوئي مسيح جو چٿيل، چيچلائيندڙ ٽين دنيا جو سڏ وراڻي، جو ان کي صدين جي ڪوڙهه کان ڇڏائي؟“ اڃا ته تاريخ ڪا ئي ورندي نه ٿي ڏئي. پنهنجي سنڌ آهي جا اونداهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهي آهي. ڪوئي سنڌي نه ٿو ڄاڻي ته هُن جي منزل ڪهڙي آهي؟
1991ع تائين ٽراٽسڪائيٽ لفظ سنڌ ۾ گار سمجھيو ويندو هو. ڪجھه مهينا اڳ ڪنهن دوست پڇيو ٿي ته تو وٽ ڊيوٽشر جا ٽراٽسڪيءَ جي زندگي تي لکيل ٽي جلد آهن، مون کيس چيو: ”هاڻي اهي تنهنجي ڪهڙي رهنمائي ڪندا، جڏهن تاريخ جي تيز ڌار، پُل ئي اڏائي ڇڏي آهي.؟“