سقراط (SOCRATES)
اٿينيا جو فلسفي ۽ افلاطون جو محترم استاد هو. هو زباني تعليم ڏيندو هو. ڇاڪاڻ جو هن جي دؤر ۾ سوانح حيات نه لکي ويندي هئي، ان ڪري هن جي باري ۾ معلومات ٻي هنڌان گڏ ڪئي وئي آهي.
هو سياست ۾ نهايت گھٽ حصو وٺندو هو. پر ٽي دوست انهيءَ بغاوت جا سرواڻ جنهن اٿينيا جي جمهوريت جو تختو اونڌو ڪيو، انهيءَ دوستيءَ مان سقراط کي پنهنجي مقدمي ۾ نقصان پهتو. اهو مقدمو هن تي ائني ٽس (Anytus) جي الزام ڪري ٿيو هو، جنهن کي هن خلاف ذاتي بغض هو. هن تي الزام اهو هو ته هُو نئين نسل ۾ بي راهه روي پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن جي سزا موت هئي. اٿينس جي قانون موجب ڪوئي مجرم جلاوطني اختيار ڪري موت جي سزا کان بچي ٿي سگھيو پر سقراط جلاوطنيءَ کان نابري واري ۽ چيو ته : (هن وقت مرڻ بهتر آهي جڏهن هن جا حواس برقرار آهن ۽ هن ۾ سگھه آهي.“
هن پيريءَ ۾ ڪمزور ٿي مرڻ کي عيب سمجھيو. ان ڪري هيملاڪ (زهر) جو پيالو پيتو ۽ سمهي پيو ان طرح پنهنجو انت آندائين.
سقراط منهنجيءَ شاعريءَ جو مرغوب ڪردار رهيو آهي.