رابعه قزداري
رابعه بنت ڪعب قزداري پهرين عورت هئي، جنهن فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي هئي. هن کان اڳ ڪنهن به عورت فارسيءَ ۾ شعر نه چيو هيو. (مان ڀانيان ٿو ته سنڌيءَ ۾ جنهن عورت پهريون شعر لکيو هو، سا ”داسي“ تخلص استعمال ڪندي هئي.) رابعه انهن شخصيتن مان آهي، جن فارسي اديبات ۾ شرڪت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هن جي ڪلام مان گھڻو ڪجھه نه بچيو آهي. هن کي فارسي ۽ عربي چڱي طرح ايندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن شعرن ۾ انهن ٻنهي ٻولين جا لفظ گڏي سَڏي ڪم آندا اٿائين.
هن جي شهر جو نالو قزدار هيو. ”مجمع الفصحا“ ۾ لکيو ويو آهي ته هن جو پيءُ ڪعب هڪ عرب هيو. بلخ ۽ قزدار، قنڌ را ۽ سيستان هُن جي حوالي هوندا ها. رابعه جي ڀاءُ حادث کي بڪتاش نالي هڪ خوبصورت تُرڪ غلام هوندو هو، جنهن تي رابعه دل هاري ويٺي. ڪنهن وقت بادشاهه جي مجلس ۾ ايران جي عظيم شاعر رودڪيءَ جي واتان حادث اهو عشق جو واقعو ٻڌو ۽ جهالت سبب يا غيرت سبب ان غلام کي ڪنهن کوهه ۾ لڙڪائي بند ڪري ڇڏيائين. رابعه کي گرمابي (پاڻيءَ جي وڏي حمام) ۾ ڦٽي ڪيائين، جيستائين هن جون رڳون سڙي ويون، سرن ۽ مٽيءَ سان ديوار ٺاهي هن کي مَسدود ڪيائين. رابعه پنهنجي خون سان گرمابي جي ديوار تي ترانا لکيا. بڪتاش پنهنجي جان ڇڏائي کوهه مان ڀڄي نڪتو ۽ گرمابي وٽ پهتو. پر دير ٿي وئي هئي ۽ رابعه حياتيءَ جي نعمت کان محروم ٿي چڪي هئي. اهو ڏسي بڪتاش ايترو بيخود ٿي ويو جو حادث کي اڌ رات جو ڳولي لڌائين ۽ هن جو سر تن کان جدا ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي سيني ۾ خنجر هڻي، پنهنجي حياتيءَ تان به هٿ ڌوتائين.
رضا قلي خان ”مجمع الفصحا“ ۾ رابعه ۽ بڪتاش جي محبت جو داستان منظوم ڪيو آهي ۽ ان کي ”گلستانِ ارم“ نالو ڏنو اٿائين. رابعه اصل عرب هئي ۽ هن جا وڏا ابو مسلم خراسانيءَ جي زماني ۾ قزدار ۾ اچي رهيا ها. رابعه، رودڪيءَ جي زماني ۾ رهندي هئي ۽ رودڪيءَ هن جا شعر بخارا جي بادشاهه کي ٻڌايا ها. جاميءَ هن کي زاهد ۽ صوفي تسليم ڪيو آهي ۽ ابو سعيد ابو الخير لکيو آهي ته:
”ڪعب جي ڌيءُ غلام تي عاشق هُئي، جيتوڻيڪ هن جو عشق، عشقِ مجازي ڪونه هو.“