شخصيتون ۽ خاڪا

ھيرا تہ ڏسو

شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھيرا تہ ڏسو

راسپيوٽين

راسپيوٽين
(1871ع کان 1916ع تائين)

مان جڏهن 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي موڪليل اديبن جو اڳواڻ ٿي. يو. ايس ايس. آر ويو هوس، تڏهن سفر دوران مان ۽ اردوءَ جي مشهور پنجاپي ناول نگار قدسيا بانو لينن گراڊ به وياسين. لينن گراڊ ائين ٺاهي بيهاريو ويو هو، جيئن 1917ع ۾ انقلاب کان اڳ هو. ان ۾ نه ڪنهن جاءِ جو اضافو ڪيو ويو هو ۽ نه جنگ کانپوءِ تباهيءَ جي بعد ان ۾ ڪا ڦيرڦار ڪئي وئي. رڳو بمباريءَ ۾ ڊٺل جاين جي مرمت ڪري، انهن کي ساڳيو رنگ روپ ڏنو ويو هو.
راسپيوٽين، لينن گراڊ ۾ ماريو ويو هو. مون هُن تي پندرنهن ويهه ڪتاب پڙهيا ها. جيتوڻيڪ انگريزيءَ ۾ ”راسپيوٽين“ لفظ ٻهروپيءَ، فريبيءَ، شعبده بازي جي معنى ۾ ڪم ايندو آهي. منهنجيءَ نظر ۾ هو روس جي تاريخ جو هڪ نهايت دلچسپ ڪردار هو. مون پنهنجي گائيڊ لينا کان پڇيو ته:
”مون کي اهو واهه ڏيکاري سگھندينءَ جنهن جي ڪنڌيءَ تي بجليءَ جي ٿنڀي کي راسپيوٽين ٽپو ڏئي جھليو هيو، جڏهن هن کي ڪائونٽ يوسوپوف جي محل ۾ شراب ۾ ايتري سائنائيڊ پياري هيائون، جيتري ساري لينن گراڊ جي ماڻهن کي پيئارجي ته سڀني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. پر پوءِ به هو اها پچائي ويو. جڏهن محل مان نڪتو ٿي ته ڪائونٽ يوسوپوف ۽ هن جي ساٿين هن تي پنج ڇهه فير ڪيا ها جي هُن جي ڇاتيءَ ۾ لڳا ها، پر پوءِ به هو ٿيڙ کائيندو، محل مان نڪري ويو هو ۽ وڌيڪ فيرکان پاڻ کي بچائڻ لاءِ مائڪا ڪئنال جي ڀرسان بجليءَ ٿنڀي (Lamp post) ۾ ٽپو ڏئي هٿ وڌو هيائين. ان کانپوءِ جڏهن هو بيهوش ٿي ويو هو ته هُن جي دشمنن هن کي ڳوڻ ۾ وجھي تهه سياري ۾ نيوا نديءَ ۾ ڦٽي ڪيو هو.“
لينا منهنجي ايتري ڄاڻ ڏسي وائڙي ٿي وئي هئي ۽ چيو هيائين ته:
”لڳي ته ائين ٿو ته تون لينن گراڊ ۾ ڄائو آهين. مون راسپيوٽين جو نالو ته ٻڌو آهي، پر مهنجي عمر 25 سال آهي ۽ هو مون کان گھڻو وقت اڳي مري ويو هو. ترس، مان اديبن جي بيورو مان توکي پُڇي ٻڌايان.“
هن منهنجي روبرو بيورو ڏانهن فون ڪيو هو ته بيورو مان فون ڪندي ڪوئي روسيءَ ۾ ڀَؤنڪيو هو: ”هي راسپيوٽين جي باري ۾ ڇو ٿو پڇي؟“
جڏهن لينا مون کي اهو سوال انگريزيءَ ۾ ٻڌايو هو ته مون لينا کي چيو هو: ”هن کي چئه ته مون انقلاب جا سورهيه ۽ انهن جون جايون سمالني وغيره سڀئي ڏٺيون آهن، هاڻي مان روس جا رهزن به ڏسڻ ٿوچاهيان.“
جڏهن لينا هُن کي اهو روسيءَ ۾ ٻڌايو ته ٽيليفون تي وڏو ٽهڪ آيو: ها... ها... ها... هن کي فلاڻي هنڌ وٺي وڃ ۽ ڪائونٽ يوسوپوف جو محل به ڏيکارينس، جنهن کي ٽيچرس ٽريننگ انسٽِيٽيوٽ ۾ بدلايو ويو آهي.“
لينا مون کي هُن جو جواب انگريزيءَ ۾ ٻڌائي چيو ته: ”مون ٻڌو آهي ته راسپيوٽين ڏاڍو چڱو ماڻهو هو، پر اسان جي ملڪ ۾ ته هُن تي ڪوئي ڪتاب نه آهي، تو هُن جي باري ۾ ضرور مغرب ۾ ڇپيل ڪوئي ڪتاب پڙهيو هوندو.“
مون لينا کي ٻڌايو ته: ”مغرب ۾ هن جي باري ۾ اٽڪل ٻه سئو ڪتاب ڇپيا هوندا، جن مان ٻه چار ڪتاب ته مون پڙهيا آهن. ڪن ۾ هن کي شيطانِ مجسم ڪوٺيو ويو آهي ۽ ڪن ۾ فرشتو چيو ويو آهي.“
راسپيوٽين روسي درٻار جو ماڻهو هو ۽ هڪ مذهبي شخصيت هيو. هو سائبيريا جي ٽوبولسڪ صوبي ۾ 1871ع ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو اصلي نالو نوديخ هيو. پر پوءِ هن تي راسپيوٽين نالو پئجي ويو، جنهن جي معنى آهي، ”اوباش“ ڇو ته پنهنجين جنسي ارڏاين ۽ بيهودگين جي ڪري بدنام هو. هن جي تعليمي لياقت مختصر هئي، پر جڏهن هو ٽيهن سالن جو ٿيو ته هو مذهبيت طرف رجوع ٿيو، پنهنجي علائقي ۾ هن کي اهڙو پرهيزگار تسليم ڪيو ويو، جنهن کي اڳڪٿيءَ جي ڏات هئي. هن پڇتاءَ جي ذريعي نجات جي راهه ٻڌائي ۽ هن انسان ذات کي دعوت ڏني ته: ”هو گناهه ڀلي ڪن ۽ پوءِ پڇتاوَ جو اظهار ڪن.“
ان طرح هو پنهنجيءَ قوم ۾ هڪ مقبول رهنما ٿي پيو. جيتوڻيڪ هن 1895ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ هن کي ٽي ٻار هُيا، هو پنهنجي ڪٽنب کي ڇڏي، زيارتن تي هليو ويو، خانقاهن ۾ ترسيو ۽ هڪ تارڪ الدنيا وانگر زندگي بسر ڪيائين.
1904ع ۾ راسپيوٽين نيسٽ پيٽرسبرگ جو سفر ڪيو ۽ فادر فيوفان سان مليو جو ڪليسائي اڪادميءَ جو انسپيڪٽر هو. ٻئي سال ۾ هن جي ڊيوڪ نڪولائي نڪولائيوچ جي خاندان سان واقفيت ڪرائي وئي ۽ گرانڊ ڊَچيس مِليٽسا هن کي پنهنجيءَ سر پرستيءَ هيٺ ورتو. ڪجهه وقت کانپوءِ هو درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ اليڪسس، ننڍي زرارِيوچ (زار جي پٽ) جي هيموفليا (وڍ يا زخم اچڻ کان پوءِ رت جو نه بيهڻ (Haemophilia روڪڻ لاءِ ذميوار سمجھيو ويو. جڏهن ڊاڪٽر زار جي پٽ جو خون روڪي نه سگھندا ها ته راسپيوٽين، هن جي ٻانهن جھلي ٽُٻيءَ ۾ اچي ويندو هو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ اليڪيسيءَ جو رت وهڻ کان بيهجي ويندو هو. ان سبب راڻي اليڪزينڊرا راسپيوٽين جي اثر هيٺ اچي وئي ۽ راڻيءَ معرفت هو زار نڪولس 2 تي به اثر انداز ٿيڻ لڳو. 1911ع ۾ هن قومي سطح تي پَر – پچار پيدا ڪئي، جڏهن هُن هڪ اُمِي ڪسان کي، ٽوبولسڪ جو بشپ مقرر ڪرايو، ڇاڪاڻ جو اَهو ڪِسان هن جو دوست هيو. پهريون هن پنهنجو اثر رسوخ گِرجا ۾ تقريرن تي ڪم آندو، پر ان کي رياستي امور جي باري ۾ به استعمال ڪرڻ لڳو ۽ حڪومت ۾ مونجھارو ۽ انڌ، انڌوڪار پيدا ڪري ڇڏيائين. ڪنهن به سياسي پروگرام سان هن رهت وان ۽ ڪهڻيءَ ڪرڻيءَ وارو ساٿ نه ڏنو. (گھٽ ۾ گھٽ ڪميونسٽ پروپئگنڊا ته ائين ڪئي وئي آهي.)
هن پنهنجي هلنديءَ ۽ چَؤ چاءَ کي انڌيءَ اونڌيءَ ريت ڪم آندو. هن زارينا جي ذريعي، زار تي ايترو اثر پيدا ڪيو هو، جو پهرينءَ جنگ عظيم ۾ هن ڪئبينيٽ منسٽر پنهنجي مرضيءَ تي مقرر ڪرايا ۽ جو به هن جي سامهون ڦِريو ۽ آڏو آيو ان کي بي مانو ڪيو ويو يا تڙي ڪڍيو ويو. چيو ويو آهي ته هن جي انهيءَ گھاتي ڪاريه ۽ درٻار تي بُري زور بار سبب شهزادي يوسوپوف، گرانڊ ڊيوڪ دمتري ۽ ٻين اميرن ڪبيرن هن کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي.
16 – 17 ڊسمبر 1916ع جي رات جو هن جي دعوت ڪئي وئي ۽ هن کي شراب ۾ تمام گھڻو زهر ڏنو ويو، پر زهر هُن تي ڪوئي اثر نه ڪيو. ان کان پوءِ سازشين هن کي روالور جون گوليون هيون، پوءِ به هو ٿيڙ کائيندو در کولي نڪري ويو ۽ وڌيڪ گوليءَ کان لنوائڻ لاءِ ٽپو ڏئي بجليءَ جي ٿنڀي ۾ لڙڪي پيو. آخر ۾ سازشين هن جو لاش نيوا نديءَ جي برف هيٺان اڇلائي ڇڏيو. راڻيءَ جي حڪم تي هن جو لاش ڳولي لڌو ويو ۽ هن کي شاهي محل جي ڀرسان پوريو ويو.
مون ڪجھه ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته 1815ع ۾ آخري ڀيري هن جي پُٽ جي وهن دڙ رت روڪيندي راسپيوٽين زارينه کي چيو هو ته : ”جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين تنهنجو پٽ ڪونه مرندو. پر مون کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي، اهو چئي نٿو سگھجي.“
راسپيوٽين 1916ع ۾ مري ويو ۽ هڪ سال پوءِ 1917ع ۾ انقلاب آيو. زار ۽ هن جو سارو خاندان گرفتاريءَ کان پوءِ شوٽ ڪيو ويو.