گوئٽي
(1759ع کان 1832ع تائين)
جرمن شاعر، ناول نويس، ڊراما نگار ۽ فطرت جو فلسفي هيو. هن جي شاعري ۾ عشقيه، رزميه ۽ غزليه شاعري آهي ۽ هن جي ڪليات ۾ شاعريءَ کان سواءِ ڊراما، ناول، ڪهاڻيون ۽ سرگذشتون آهن. هن جي ادبي شهرت 1771ع کان 1773ع تائين ڄمي وئي، جڏهن هن شيڪسپيئر وانگر هڪ ناٽڪ لکيو، جنهن ۾ هڪ مردانگيءَ وارو خوددار هيرو هيو. جنهن کي پنهنجي دؤر سڄيل، ٿڪل ٽُٽل ۽ ڏيئي وٺي بيٺل ڪري وڌو هو. ان کان پوءِ هن پنهنجو مشهور ڪتاب ”ڳڀرو وردر جو پُک ڏنج“ (The sorrows of young Verther) 1774ع ۾ لکيو، جو نهايت ڪامياب ويو. ان ۾ هڪ ٻاهرئين ماڻهوءَ جي ڪردار نگاري ڪئي وئي، جنهن جي لاءِ دنيا ۾ ڪائي جڳهه ڪانه هئي. هن 1875ع ۾ ويمر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پهريون ڀيرو اٽليءَ ۾ 1886ع کان 1888 ع تائين رهيو. گوئٽي پاڻ ۾ وڏو استحڪام ۽ اعتدال پيدا ڪيو ۽ هن جي عشقيه شاعري ۾ ڀونچ سمنڊ جي ڪشادگي، قدر شناسي ۽ ڪلاسيڪي قدر آهن، جا هن 1788ع کان 1790ع تائين ڪئي. پوءِ هن شعر ۾ ناٽڪ لکيا، جن جي هيرو جي داخليت ۽ حساسيت هن جي شاعراڻي اظهار ۾ ملي ٿي. 1790ع ۾ سندس جرمن شاعر شلر سان دوستي ٿي، جنهن هن جي شاعريءَ کي اتساهيو ۽ هن هڪ نئون ناول به مڪمل ڪيو، جنهن ۾ انسان جي ذاتي ترقيءَ جي امڪانن جو سماجي ذميداريءَ سان واسطو ڏيکاريل آهي. هن جي ناول ”دردناڪ جراحت پذيري“ ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪئن عشق جي عُنصري قوت ازدواجي زندگيءَ جي ترتيب کي ڊانوان ڊول ڪري ٿي ۽ جا خود قربانيءَ ۽ ترڪ سان به وس نه ٿي اچي. گوئٽي جو شاهڪار ڊراما ”فائوسٽ“ ٻن حصن ۾ آهي، جنهن جي تخليق ۾ هو 1770ع کان 1831ع تائين مصروف رهيو. هن ۾ هن جي زندگيءَ ۾ سُپن – درسن جي اؤسراڻ آهي، جا طربيه به آهي ۽ الميه به ۽ ان ۾ رقت انگيزي، حاضر جوابي ۽ طنز به آهي. ان ۾ هيرو جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ تجربي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هن جي علم لاءِ اڃ ۽ برائيءَ جي قوتن لاءِ للڪار به آهي، جي ڪٺيون ٿي هن جي تباهيءَ جو باعث ٿين ٿيون. اهي سڀ ڳالهيون الاهي رضا به آهن ۽ عشق جي قوت ۾ به اضافو ڪري ان کي آخري نجات ڏانهن به نين ٿيون.
گوئٽي جيتوڻيڪ هڪ اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي، پر هو مصوري به ڪري سگھندو هو ۽ هڪڙو ڪامياب ٿئيٽر ڊائريڪٽر به هو. هن جو آرٽ ۽ سائنس، ٻنهي جو علم نهايت گھرو ۽ وسيع هو. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي آخري آفاقي انسان چيو ويندو آهي.
علامه اقبال تي هن جو ڏاڍو اثر هُيو. جنهن بانگ درا ۾ هڪ نظم لکيو هو:
گلشنِ ویمر میں تیرا ہمنوا خوابدیدہ ہے
مون کي گوئٽي تي سوچي غالب جو شعر ياد ايندو آهي:
سب کہاں کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں
خاک میں کیا صورتیں ہونگی کہ پنہاں ہوگئیں۔