سينٽ آگسٽين
(430 ق. م کان 354 ق. م تائين)
ڪرستان فقيهه ۽ فيلسوف هو. هو اولهه جي چرچ جو وڏي ۾ وڏو پادري هو ۽ اتر آفريڪا جي ويجھو هڪ ننڍي شهر ۾ ڄائو هو. هن جي ماءُ هڪ عقيدت مند ڪئٿولڪ هئي، جنهن کي پنهنجي پٽ جي روحاني بهبوديءَ جو وڏو اونو هيو، پر هن جو پيءُ هڪ دهريو هو، جيتوڻيڪ هو مذهب ڏانهن بي پرواهه هوندو هو، پر کيس پٽ جي تعليم ۾ دلچسپي هئي ۽ پنهنجي غريبيءَ جي باوجود سينٽ آگسٽين کي ويجھي شهر ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ موڪليو. پتو نه آهي ته آگسٽين ڪيتري تعليم پرائي پر ڪافي پئسي نه هئڻ ڪري هن کي 16 ورهين جي عمر ۾ واپس گھر ورڻو پيو. ڪجھه وقت کان پوءِ هن جي هڪ دوست هن جي مالي امداد ڪئي ۽ هُن ڪارٿيج (Carthage) ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. اتي هن سِسرو (Cicero) ۽ ورجل جو مطالعو ڪيو ۽ جڏهن 20 ورهين جي عمر جو هو ته پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو ۽ علمِ فصاحت جو استاد مقرر ٿيو. جڏهن هو ڪارٿيج ۾ هيو ته هن هڪ سُريت به رکي هئي. جنهن مان کيس پٽ ڄايو هو. هن هڪ فرقي جي تبليغ ڪئي هئي، جنهن ڪائنات ۾ دُئي جو نظريو (Dualist Concept) پئي ڏنو، جنهن موجب زندگي روشني ۽ اوندهه جي قوتن جي وچ ۾ ٽڪراءُ هئي. انهيءَ دور ۾ آگسٽين جي اؤسر تي هن جي ماءُ کي ڏک ٿيو، جنهن چاهيو پئي ته هن جو پٽ ڪرستان ٿئي. انهيءَ ساڳي دؤر ۾ هن جو پيءُ گذاري ويو. پر مرڻ وقت هن کي عيسائيت ۾ اعتبار آيو هو. آگسٽين ڪجھه وقت ٽئگسٽي (Tagaste) (آفريڪا جو شهر) ۽ ڪارٿيج ۾ پڙهايو، پر آفريڪا جي اسڪولن ۾ تنظيم نه هئي. سو 383 ق. م ۾ هو اٽليءَ هليو ويو. هو پهريائين روم ويو ۽ اتان مِلان (Milan) (اٽلي جو شهر) ويو، جتي هن جي ماءُ اچي ساڻس گڏي ۽ اتي هو سينٽ ائمبروس (Saint Ambrose) جي اثر هيٺ آيو، جو شهر جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ فصيح ترين شخص هو. 388 ق. م ۾ هن کي دين تي آندو ويو، ۽ هن جو بپتسمو ٻي سال جي ايسٽر ۾ ڪيو ويو. هاڻي آگسٽين هڪ ڪرستان بڻجي ويو ۽ سندس ماءُ جي آس پوري ٿي. ٻئي ٽئگسٽي واپس اچي رهيا هيا ته رستي تي سندس والده بيمار ٿي پئي ۽ مري وئي ۽ آگسٽين اڪيلو موٽي آيو. نيٺ هن ڪجھه وقت ٽئگسٽي ۾ فقه جو مطالعو ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ هو 391 ق. م ۾ هِپو نالي هڪ شهر ۾ 40 ميل پري پادري مقرر ڪيو ويو. 395 ق. م ۾ هن کي بشپ بڻايو ويو ۽ هِپو ۾ موت تائين رهيو.
سينٽ آگسٽين تمام گھڻو لکيو هو ۽ ان کان سواءِ هن ڪيئي وعظ ڪيا ۽ انجيل جي تفسير لکي. هن جي ڪليات ۾ هن جا خط، هن جا فيلسوفاڻا ۽ فصيح مضمون ۽ بحثن مباحثن تي رسالا هيا. جي هن هر قسم جي ڪفر جي خلاف لکيا ها ۽ چرچ سان واسطو رکندڙ هيا. ڪجھه عقيدي جون تحريرون ۽ تعليمات ۽ انتظام تي لکيل هيا. انهن مان ڪيئي تحريرون نهايت ٽيڪنيڪي آهن، پر ٻيون عام ماڻهوءَ جي پڙهڻ لاءِ آهن. انهن مان ٻه ڪتاب عظيم آهن، جن مان هڪ ”ڪفيشن (باس)“ جا آگسٽن جي روحاني سوانح حيات هئي ۽ ٻيو ڪتاب ”خدا جو شهر“ (City of God) جنهن ۾ تاريخ تي نهايت مفصل تبصرو ٿيل آهي.
(مون کي اهي ٻئي ڪتاب ڪرستان مشتهرين وٽان مليا ها، جي مون پڙهيا آهن). آگسٽين روم جو آخري وڏو ليکڪ آهي ۽ وچولي دؤر جو پهريون عظيم ليکڪ آهي. هو ڄڻ ٻن دنيائن جي وچ ۾ بيٺل آهي. هن جي ادب ۽ قديم فلسفي جو مطالعو سِسرو (Cicero) ۽ پلوٽينس (Plotinous) جي نوا فلاطونيت تي ٻڌل آهي، پر يسوع جو نالو ننڍي هوندي کان هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ آخر ۾ هن ساري ذهانت چرچ لاءِ ڪتب آندي ۽ هن ايتري محنت ڪئي جو ڪنهن به پادري نه ڪئي ۽ مغرب جي عيسائيت تي هن جي امر ڇاپ آهي. هن جا فقه تي سڀ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ڪنفيشن کي ادب جي تاريخ ۾ هڪ تمام وڏي ڪلاسڪ جي جاءِ آهي، جيتوڻيڪ ڪتاب سڌي ٻولي ۾ ديانتداري سان لکيل آهي ۽ هر انسان جي دل ۾ پيهي وڃڻ لاءِ لکيو ويو آهي.