ٻُڌ
سنسڪرت ۾ ٻُڌ چيو ويندو آهي: ”ڄاڻڻ کي، جاڳڻ کي“. هو ٻوڌي مذهب جو باني هو. جو مشرق جي وڏن مذهبن مان آهي. هو 563 ق. م کان 483 ق. م تائين هيو. هندومت، جا آتمڪ ۽ نيت شاستر جي سکيا سان ارپيل هئي، تنهن ۾ بنا ڪنهن اهڙي ارادي جي، ٻڌ هڪ ٻي ڌرم جو بنياد به وڌو. هو راج – ڪنور سڌارٿ گوتم ٿي ڄايو، پر پوءِ به هن اڻ – هوند، روڳ، مرتيو (موت) جي باري ۾ ڏاڍو سوچيو ۽ پنهنجي ڀوڳ ولاس جو جيون ڇڏي، هڪ سنياسي ٿيو. ڇهه سال اڪيلائي ۾ تپسيا ڪيائين. هن روشن دماغي حاصل ڪئي پر انهيءَ تجربي هن جي سوچ ۾ ڦيرو نه آندو ۽ هو هر هندوءَ وانگر انت ۾ ڪنهن شانتيءَ واري اوستا ۽ آواگون ۽ پنرجنم ۾ اعتبار ڪندو رهيو، جي ماڻهوءَ جي اڳين ڪرم جي سنسار – سنٻنڌي نيم جو نتيجو هيا. مون ٻڌ جو هڪ عجيب قول پڙهيو هو:
”بس ڪجھه به نه ڪر،
اتي بيٺو رهه“
مان انهيءَ قول تي سوچي ٿڪجي پيو آهيان، پر ان جي تهه تائين پهچي نه سگھيو آهيان. دنيا جي تاريخ ۾ ٻڌ اهو نرالو جينيس هو، جيڪو ناستڪ هوندي ڪاميابيءَ سان هڪ ڌرم جو بنياد رکي سگھيو. برٽرانڊ رَسيل به ساڳي ڳالهه ڪئي. هن کي حسرت هئي ته هو چِين ۾ ڇو نه ڄايو جتي هڪ ناستڪ تي ڏيورو يا پُڃ – آستان ٺاهي سگھن ٿا. جتي برٽرانڊ رَسيل سُمرادو نه ٿي سگھيو، اتي ٻڌ سوڀارو ٿي ويو.
هو ڄايو هو سڌارٿ گوتم ٿي (سڌارٿ گوتم جي قوم هئي) اتر ڀارت ۾، هماليا پهاڙ جي پَٻ وٽ، بنارس (وراڻشي) کان اٽڪل سؤ ميل پري.
انهيءَ دؤر ۾ جڳ جون وڏيون سڀيتائون پيدا ٿيون – ڪنفيوشس ۽ لائوزي چين ۾، ٿيلز (Thales) ۾ زينوفينس (Xenophanes) ۽ فيثا غورث ۽ هراڪليٽس (Heraclitus) عظيم تر يونان ۾، زردشت ايران ۾، جرمياهه (Jeremiah) ۽ عيسى دوم اسراعيل ۾.
سڌارٿ جو پيءُ شڌوڌن، ساکيه قوم جي گوتم فرقي تي راڄ ڪندو هو. هو کتري هو ۽ سپاهڪي هنر ۾ ماهر هو. سڌارٿ جي ماءُ ننڍي هوندي مري وئي هئي. هن جي پيءُ هن کي جيون جي ڪرڙائيءَ ۾ پنارو ڏنو، هن کي ڀوڳ ولاس ۾ رکيو، پٽ جا پهراڻ پهرايا ۽ چاليهه هزار نرتڪيون ڏنيون، جي ٽن راج مندرن ۾ رهنديون هيون.جڏهن وواهه جهڙو ٿيو، تڏهن هن کي پنج استريون موڪليون ته انهن مان پنهنجي پتني چونڊي. هن انهن مان يشوڌرا کي چونڊيو، جا ڳالهه هن جي چريتر جي سگھه ڏيکاري ٿي.
سڌارٿ چار ڳالهيون ڏٺيون. هڪ ته پوڙهو ڏٺو جو هڏ – هيڻو، نستو، جھِڪو ۽ گُڪو هو، هن کي منهن تي گنج هيا، هن جا ڏند ڀڄي چڪا ها ۽ وار اڇا ٿي ويا ها، ۽ هو لٺ تي جھُڪاءُ ڪري، ٽيڪ ڏئي هلي رهيو هو. ٻي ڏينهن هن روڳ ۾ ورتل لڱو ماڻهو ڏٺو. ٽين ڏينهن تي هن مئل ماڻهوءَ جو ٿڌو ۽ سُڪڙيل مڙهه ڏٺو چوٿين ڏينهن هن هڪ ساڌو ڏٺو جنهن سنسار کي تياڳ ڪيو هو. هُو انهيءَ ويچار ۾ ويڙهجي ويو ته، ”ماڻهو کي مرڻو آهي.“ هن سوچيو ته زندگي عمر ۽ موت جي وَسيڪي آهي، پوءِ اها سيما ڪهڙي آهي، جنهن کان پري نه عمر آهي، نه موت آهي. هن کي نرواڻ جي سوچ وڪوڙي وئي. ان کان پوءِ هن جو ٻيو قدم کنيو، ان لاءِ چيل آهي:
ديپ جلي رهيو هو ۽ ان جي سُڳنڌ ڦهليل هئي. سيج، جنهن تي موتئي ۽ ٻين گلن جا ڍير پيا ها، ان تي راهُل (ٻڌ جي پٽ) جي ماءُ ستل هئي ۽ هن جو هٿ پٽ جي نرڙ تي رکيل هو. ٻوڌي ستوا (سڌارٿ) چائنٺ تي بيهي انهن ڏانهن ڏٺو ۽ سوچيو، ”جي مان راڻي جو هٿ هٽايان ۽ پنهنجي پٽ کي کڻان، ته راڻي اٿي ويهندي. جڏهن مان ٻڌ ٿيس (اڳ به ڪيئي ٻڌ ٿيا ها) تڏهن موٽي ايندس ۽ پٽ کي ڏسندس. پوءِ هو راج – محل مان لهي ويو.“ ان کان پوءِ سڌارٿ رمتو ۽ تيشي ٿيو ۽ ساندهه ڇهه سال من جي شانتيءَ لاءِ ڀٽڪندو وتيو ۽ ڀوڳ ولاس کي تياڳ ڪري، اندر جي جوتيءَ جي کوج ڪندو رهيو. هو پهريون يوگين جي دڳ تي هليو ۽ ٻجن ۽ گاهه تي جيئرو رهندو هو ۽ آخر پنهنجو کاڌو گھٽائي گاهه جو هڪ داڻو ڪيائين. ان کان پوءِ هن تپشين جو دڳ آزمايو. ڏاس مان ٺهيل ڪپڙو پاتو. ڪنڊن تي سمهيو ۽ هن تي دز ائين ڄمي وئي جو جھوني وڻ وانگر نظر آيو.
هو اهڙي اڱڻ ۾ به ستو جتي ڳرندڙ لاش ڳجهن جو ڳاهه ٿي رهيا هئا، جيئن پارسين جا لاش ٿيندا آهن. پر هن جو ساريون ڪوششون وئرٿ ويون. اهڙي تپسيا سان به جڏهن هن کي سچ نه مليو، تڏهن هو ٻڌي وڻ هيٺان وڃي ويٺو، ۽ جو هاڻوڪي پٽنه کان ڪجھه پنڌ تي ٻڌ – گيا ۾ آهي ۽ ياترين کي ڏيکاريو ويندو آهي. ان کان پوءِ مارا (موت جي ديوتا) هن کي طرح طرح سان آزمايو. پر ڪامياب نه ٿيو. ان وقت سڌارٿ ڌرتي کي آڱر سان ڇهيو ۽ آواز آيو، ”مان تنهنجي ساکي (شاهد) آهيان.“ سڌارٿ پوءِ هن جيون جي نِت وهندڙ نديءَ ۾ جنم مرڻ جا لاڳيتائيءَ وارا اننت ڦيرا ڏنا. هر مرتيو (موت) کي هڪ نئين جيون (حياتيءَ) نراس ٿي ڪيو، امر شانتي ۽ آنند کي ٻي ڪامنا ريٽي ٿي ڇڏيو ۽ ماڻهو ۾ نئين اڻتڻ، آنڌ مانڌ ۽ نراسائيءَ ۾ دک پيدا ٿي ڪيائين. انت مارا مايوس ٿي موٽي ويو ۽ سڄي رات سڌارٿ ڌيان ۾ گذاري، جيستائين باک ڦٽيءَ کان اڳ وهائو اڀريو ۽ هو پنهنجي مارگ تي رسيو، هن کي اندر جي جوتي ملي هو ٻڌ ٿيو. هن تي جرمن اديب هرمن هيس هڪ نهايت خوبصورت ناول لکيو آهي.
ٻڌ جي واسطي اها اوستا آتما جي شانتي ۾ هئي ۽ سَروَ وياپي جيون (ڪائناتي زندگيءَ) ۾ سمائڻ هيو، جنهن کي هن نرواڻ پئي چيو. نرواڻ پائڻ لاءِ ڪنهن پروهت جي يا ڪريا ڪرم جي ضرورت نه هئي، پر اها پنهنجي چال چلت ۽ ورتڻ ذريعي پرپت ٿي سگھي ٿي. ماڻهن کي هر انتها پسنديءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ دنيوي سُک سمپدا ۽ کڻ بنگ سَواد جي اجائي ڪامنا کي ٿڏي ڇڏڻ گھرجي. هن ماڻهن کي چيو ته هنن کي سُپتيو ۽ بلڪل سچو جيون گذارڻ گھرجي.
ٻڌ انسان دوست هيو ۽ ذات پات ۾ اعتبار نه ڪندو هيو. هن سڀني لاءِ اپديش ڏنو ته، ”منهنجي مَتِ اوچ نيچ ۾، ڌنوان، نرڌن ۾ ڪوئي ڀيد ڀاءُ نه ٿي رکي. اها آڪاش وانگر آهي ۽ ان ۾ سڀ سماجي سگھن ٿا. هن جا ڪيئي آدرش مغرب جي آدرشن وانگر آهن، مثال طور: ”ڪنهن کي ماريو نه وڃي، چوري نه ڪئي وڃي، ڪوڙ نه ڳالهايو وڃي. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪروڌ کي پيار سان، برائي کي چڱائيءَ سان، لوڀ کي اُدار دليءَ سان ۽ ڪوڙ کي سچ سان ريٽڻ گھرجي.
ٻڌ ڪوئي مسودو ڪونه ڇڏيو هو. هن جون چوڻيون پهريائين واتان ويڻي ياد ڪيون ويون. اٽڪل 250 ق. م ۾ راج اشوڪ انهن کي پاکي ٻوليءَ ۾ لکايو. انهن ڌرمي پستڪن کي ترپي تڪا (ٽي ٽوڪريون) ڏاهپ جون چوندا آهن. ان ۾ هن جي ريتن ۽ سکيا جي ڳوڙهن نڪتن جون سمجھاڻيون هيون. ٻڌ خدا ۾ اعتبار نه ڪندو هو ۽ هن جي مذهب ۾ اهڙو تصور ڪو نه آهي ۽ عجب جي ڳالهه آهي ته هن جا پوئلڳ هن کي وشنو جو اوتار سمجھن ٿا ۽ هن جون مورتيون پنهنجي مندرن ۾ رکن ٿا، جن جي سامهون پاٺ پوڄا ڪن ٿا ۽ هن جي سکيا هڪ Cult with elaborate ritual ڪريا ڪرم واريءَ پنٿ ۾ بدلجي چڪي آهي. پرين اوڀر ۾ 150 ملين کان وڌيڪ ٻوڌي آهن.