روزا لڪسمبرگ
(1871ع کان 1919ع تائين)
جرمنيءَ ۾ سوشلسٽ تحريڪ جي هڪ نهايت رنگين ڪردار هئي. هوءَ پولنڊ ۾ ڄائي هئي، يهودي ۽ انقلابي هئي. جڏهن هوءَ اڻويهين ورهين جي هئي ته هُن کي سرخ روزا (Red Rosa) ڪوٺيندا ها. ڇو ته هوءَ مزاحمتي تحريڪن ۾ بهرو وٺندي هئي. انهيءَ عمر ۾ هوءَ روسي پوليس کان فرار ٿي وئي ڇو ته هوءَ سئٽرزرلئنڊ ۾ سرگرم هئي. هن سياست، قانون ۽ اقتصاديات جو گھرو مطالعو ڪيو ۽ پلش انقلابين سان ملي جن ۾ ليوجو گوشيز (Leo Gogishes) به هيو جو پوءِ به سندس دوست ۽ معشوق / عاشق رهيو. هوءَ پولينڊ ۾ خفيه سماجي جمهوري پارٽيءَ جي بانين مان هُئي.
هن کي ان ڳالهه جو يقين هو ته انقلاب پهرين جرمنيءَ ۾ ايندو، انڪري هن جرمن شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ حسبِ ضرورت شادي ڪئي ۽ جرمنيءَ جي پهرين آزاد عورت – سياستدان ٿي اڀري. روزا هڪ آتش نَو ۽ نهايت ذهين مقرر ۽ نظرئي ساز هئي. هن کي هڪ وڏي ڪرشمه ساز شخصيت هئي. هن کي پنهنجي انقلابي ڪارگذارين ۽ جنگ جي خلاف مزاحمتي تحريڪ سبب، ڪيئي ڀيرا جرمنيءَ ۽ پولنڊ ۾ قيد و بند ۾ رکيو ويو. هن انقلاب لاءِ عوام ۾ اسٽرائيڪ ٿي ڪرايا جي به هن جي گرفتاريءَ جو سبب ها. هوءَ سختيءَ سان جمهوريت پسند هئي ۽ ان ڪري لينن جي مخالف هئي ۽ هن تي ڪڙيون تنقيدون ڪندي هئي. ڇو ته لينن جو هڪ پارٽي جي آمرانه حڪومت ۾ اعتبار هو ۽ اهڙي حڪومت جي قيام لاءِ هن تشدد کي ذريعو ٿي سمجھيو. هن چيو ته : ”پرولتاري انقلاب لاءِ دهشت پسندي ضروري نه آهي ۽ اهو پنهنجو مقصد ائين به حاصل ڪري سگھي ٿو.“
هن اهو به چيو ته: ”هوءَ انسان ذات جي قتل و غارت کي نفرت سان ڏسي ٿي.“
روزا لڪسمبرگ پنهنجي پارٽيءَ سان ڪيئي نظرياتي جھيڙا ڪيا ۽ ڪارل ليبنيخت (Karl Leibnecht) سان گڏجي پنهنجي ڪميونسٽ پارٽي ٺاهيائين. ڪارل ليبنيخت هڪ وڪيل هو. جيتوڻيڪ هوءَ سمجھوتي کان پري هئي ۽ ڪافي تند وتيز سياسي حملا ڪندي هئي، هوءَ فطرتاً هڪ نرم دل ۽ انسان دوست عورت هئي، جنهن کي ادب ۽ فطرت سان بيحد پيار هو. 1919ع ۾ هن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو، پر هن جو اثر اڃا تائين جرمن سياست تي آهي. جڏهن 1989ع ۾ اوڀر جرمنيءَ جا باشندا پنهنجي سرڪار خلاف بغاوت ڪري رهيا ها ته هو روزا لڪسمبرگ جو لفظ نعري طور هڻي چئي رهيا ها ته: ”آزادي رُڳو انهن لاءِ آزادي آهي جي مختلف رايو رکي سگھن ٿا.“
مون روزا لڪسمبرگ جي زندگيءَ جو عميق مطالعو ايليزبيٽا ايٽنگر جي ڪتاب ”روزا لڪسمبرگ جي زندگي“ پڙهي ڪيو جو جرمن ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ 1987ع ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب جو فوٽو ڪاپي مون گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر کان ٻين ٽيهن ڪتابن جي فوٽو ڪاپين سان گڏ ورتي هئي، جن ۾ هينرخ بول ۽ برٽالٽ بريخت جي ناولن ۽ ڊرامن جو سڄو سيٽ ۽ جرمن شاعريءَ تي ڪتاب هيا. ان لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.