تانتيا ٽوپي
1857ع جي آزاديءَ جي جنگ ۾ جي هندستاني ڪردار هيا، انهن مان نانا صاحب، عظيم الله، جهانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپيءَ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن کي اتساهيو هو. انهن سڀني مان مون کي تانتيا ٽوپي جي تقدير ڇڪيندي رهي آهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪنهن اڳئين جنم ۾ مان تانتيا ٽوپي هيس. تانتيا ٽوپي تي مون ڪيئي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، پر هن جي مختصر جيونيءَ تي لکڻ لاءِ اهي ڪتاب مون کي هٿ نه آيا، مون في الحال آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا (ٽين اشاعت) جي فهرست ڏٺي ته معلوم ٿيو ته هن جو ذڪر 667 ع 67 صفحي تي هيٺينءَ ريت آهي:
”1857ع جي شروعات کان وٺي فوج ۾ بيچئني وڌي رهي هئي، جنوريءَ ۾ ڪلڪتي ڀرسان ڊم ڊم وٽ فوجي جوانن ڪارتوس موٽائي ڏنا ڇو ته انهن ۾ چرٻي لڳل هئي. مارچ ۾ برڪ پُور وٽ هڪ پلٽڻ ڇڙو ڇڙ ڪئي وئي. آتشزدگي جا واقعا ٿي رهيا ها ۽ افواهه گشت ڪري رهيا ها. سچ پچ بغاوت 10 مارچ تي ميرٺ ۾ ٿي هئي. ڪجھه رسالن ڪارتوسن وٺڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ هنن کي نِيرَ وڌا ويا ها. ٽن رسالن ۾ انهن جي رفيقن کين آچر جي شام جو بندگي جي وقت آزاد ڪيو، پنهنجن عملدارن کي شوٽ ڪيو ۽ دهليءَ روانا ٿيا. جيتوڻيڪ ان وقت هندستان ۾ ٻه هزار يورپي فوجي موجود هيا، پر دهليءَ ۾ يورپي فوجي ڪونه هيا. قلعي تي بيهاريل هندستاني لشڪر سندن ساٿ ڏنو. شهر تي قبضو ڪيو ويو ۽ سنجھا جو بهادر شاهه ظفر کي منهندار بڻايو ويو، جو بي دليو ۽ گھٻرايل پئي لڳو. سندس متيون مُنجھي ويون هيون. غدر (انگريز آزاديءَ جي جنگ کي غدر چوندا ها) جي رفتار جا ٽي دؤر آهن، پهرين دؤر ۾ 1857ع جو ڀيانڪ اونهارو اچي وڃي ٿو، جڏهن مسئلو فقط اهو هو ته ڀَڀڙ جو ڀَڙڪي اٿيو آهي، ان جي ڦهلاءَ کي ڪيئن روڪجي. ٻيو دور هو سرءُ ۾ لکنئو ۾ مدد لاءِ ڪارروائيءَ ۽ ڪُمڪ وارو دؤر، ۽ ٽئين دؤر ۾ سرڪالن ڪئمپ بيل ۽ هُگ روز جو ڪارروايون اچي وڃن ٿيون. جن فسادين جي سگهه کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو، هڪ پويون دؤر به هيو، جنهن ۾ ”پوچيءَ وانگر، پوئين ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اپريل 1859ع ۾ تانتيا ٽوپيءَ کي گرفتار ڪيو ويو.“
آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا جي صفحي 71-87 تي آهي: ”راڻيءَ (جاهنسيءَ جي راڻيءَ) جي بي ڌڙڪ جرئت ۽ اٽوٽ اَؤسان ۽ تانتيا جي چترائيءَ ان ڪارڻ کي نراسائيءَ مان ڪڍي ورتو جو پنهنجي ڪارپت وڃائي ويٺو هو ۽ اجائي لوچ پوچ ڪري رهيو هو ۽ مَٿا مونا ڏئي رهيو هو. مارچ 1858ع ۾ سر هگ روز جهانسيءَ تي قبضو ڪيو ۽ تانتيا جي مدد پهچائيندڙ فوج کي شڪست ڏني، مئي مهيني ۾ جڏهن ڪؤنچ فتح ڪيو ويو ته جدوجهد پوري ٿي چڪي هئي ۽ راڻي ۽ تانتيا گواليار ڏانهن وريا. راجا جي ذاتي فوج کي پنهنجي پاسي آندائون ۽ قلعي تي قبضو ڪيائون جو گاديءَ جو هنڌ به هو. ٻه وڌيڪ جنگيون لڳيون، جن مان راڻي هڪ سپاهيءَ جي ورديءَ ۾ سپاهيءَ جو موت مئي. 20 جون تي گواليار جي شڪست کانپوءِ غدر ذري گھٽ ختم ٿي ويو ۽ ننڍيون ننڍيون ڪارروايون رهجي ويون. 7 جولاءِ 1858ع تي ڪئننگ امن جو اعلان ڪيو. . . . . .“
مون هونءَ ته غدر جي تاريخ، تانتيا ٽوپيءَ، سوڌي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڙهي آهي پر اهي ڪتاب هٿ نه ٿا اچن. مون کي اهو ياد آهي ته تانتيا ٽوپيءَ نانا صاحب جو سپهه سالار هو ۽ سپاهه جي رهت کُھت سان گڏجي پوئين پساهه تائين ڦيٽ کاڌي هيائين. 1857ع جي آزاديءَ لاءِ قومي تجويز ڪانپور ۾ ٿي هئي. نا نا صاحب جو ڀاڻيجو راءُ صاحب ۽ منشي عظيم الله خان (جو انگريزيءَ جو ماهر هو ۽ جيتري قدر مون کي ياد آهي ته خفيه طرح انگلينڊ به ويو هو) ۽ هن جو مشهور سپهه سالار تانتيا ٽوپي هو. پنڊت سندر لال پنهنجي ڪتاب ”سن ستونجاهه“ ۾ لکيو آهي:
”لکنئو جو سارو شهر، جنهن وقت رَت جي سمنڊ ۾ تري رهيو هو، ريزيڊنسيءَ جا انگريز قيدي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا. سر ڪالن ڪئمپ بيل ريزيڊنسيءَ کي ڇڏي، عالم باغ ۾ پنهنجي فوج ۽ توبون گڏ ڪيو هيون. (اردوءَ جي مشهور ناول نگار قراة العين حيدر ان دؤر تي پنهنجي ناول ”گردشِ رنگِ چمن“ ۾ هڪ نهايت هيبتناڪ باب لکيو آهي.) آئوٽ رام کي اتان جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو هو ۽ لکنئو شهر تي حملي جي تياري ٿي وئي هئي. ايتري ۾ ڪئمپ بيل کي ڪانپور مان اطلاع مليو ته نانا صاحب جي مشهور سپهه سالار انگريزن جي فوج کي شڪست ڏئي وري انهيءَ شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڪئمپ بيل ان وقت آئوٽ رام کي لکنئو ۾ ڇڏي، پاڻ ڪانپور ٻيهر فتح ڪرڻ لاءِ هليو ويو . . . .“
16 جولاءِ 1857ع تي جنرل هيولاڪ جي فوج الله آباد مان اچي وري ڪانپور فتح ڪئي. نانا صاحب پنهنجي ڀاءُ بالا صاحب ۽ ڀاڻيجي راءُ صاحب سان گڏجي جنرل هيولاڪ تي وري ڪاهه ڪرڻ لاءِ فوج ڪَٺي ڪري رهيو هو . تانتيا ٽوپيءَ کي هُنن شوِراج پور موڪليو. شوِراج پور پهچي تانتيا ٽوپيءَ ڪمپني جي 42 نمبر پلٽڻ کي پنهنجي پاسي ڪيو ۽ انهيءَ جي مدد سان هن هڪ ڀيرو ٻيهر بٺور تي قبضو ڪيو. جڏهن هيولاڪ لکنئو وڃڻ ٿي چاهيو، هُن سندس فوج تي پٺيان حملو ڪيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته هيولاڪ کي لکنئو جو ارادو ڇڏي پٺتي هٽڻو پيو. 16 آگسٽ 1857ع تي هيولاڪ جي فوج وري تانتيا ٽوپيءَ جي فوج تي جيت پاتي. تانتيا ٽوپي باقي رهيل فوج سان ڀڄي فتح پور ۾ نانا صاحب وٽ پهتو. ان کانپوءِ تانتيا اولائتي ۽ گپت رستي گواليار پهتو. گواليار جي ويجهو مُرار جي ڇانوڻيءَ ۾ سِنڌيا جي زبردست مددي فوج هئي، جنهن ۾ پيدل پلٽڻون، سوار ۽ توب خانا هيا. تانتيا ٽوپي ساريءَ فوج کي انقلاب جي طرف موڙيو. ان کي کڻي تانتيا ٽوپي مُرار جي کان ڪالپيءَ آيو. ڪالپيءَ جو قلعو جمنا جي ٻي پار، 46 ميل پري هو. 9 نومبر 1857ع تي تانتيا ٽوپي ڪالپيءَ جو قلعو هٿ ڪيو ۽ پوءِ ڪالپيءَ کي ئي پنهنجو مرڪز بڻايو. بالا صاحب کي اتي مقرر ڪري، تانتيا ٽوپي فوج ساڻ ڪري ٻيهر ڪانپور ڏانهن وڌيو. اِن ۾ شڪ نه آهي. ته استقلال، بهادريءَ، ڦڙتيءَ ۾ ۽ ٻين هندستانين سان ٺاهه ڪرڻ جي قابليت ۾ تانتيا ٽوپي پنهنجو مٽ پاڻ هو.“
جنرل ونڊهم ان وقت ڪانپور ۾ هو. 19 نومبر 1857ع تي تانتيا ٽوپي ونڊهم جو گھيرو ڪيو ۽ هن لاءِ وٽ ٻاهران رسد جو پهچڻ ناممڪن ڪري ڇڏيائين. ونڊهم پنهنجي فوج سان ڪانپور مان هن جي مقابلي لاءِ نڪتو. 26 نومبر تي پانڊو نديءَ تي تانتيا ٽوپيءَ ونڊهم جي فوجن جي وچ ۾ گھمسان جي لڙائي ٿي. چيو وڃي ٿو ته پهرين حملي ۾ تانتيا ٽوپيءَ جو ڪافي نقصان ٿيو. پر تانتيا جي قابليت تسليم ڪندي، مورخ مالي سَن لکيو آهي:
”باقي فوج جو رهنما بي وقوف هو. هو اهو نقصان ڏسي هسجي نه ويو جو ونڊهم هن کي پهچايو هو. هُو انگريز سپهه سالار جي ڪمزوريءَ کي ڀليءَ ڀت پروڙي ويو هو. تانتيا ٽوپيءَ ان وقت ونڊهم جي حالت ۽ هُن جي ضرورتن کي اهڙي طرح پُرجھي ورتو، جئين ڪوئي کليل ڪتاب کي پڙهندو آهي. تانتيا ٽوپيءَ ۾ هڪ سچي سپهه سالار جون قدرتي وصفون موجود هيون. هن ونڊهم جي انهن ڪمزورين مان فائدي وٺڻ جو ارادو ڪيو.“ ٻئي ڏينهن تي تانتيا جي فوج ونڊهم جي فوج کي گھيري ۾ وٺي پٺتي هٽائڻ شروع ڪيو. ان حد تائين جو اڌ ڪانپور تانتيا جي فوج جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ ونڊهم جي فوج هارَ تي هارَ کائي، ڀڄي وئي. ڪيئي انگريز آفيسر جنگ ۾ ماريا ويا. ٽين ڏينهن جي لڙائيءَ ۾ انگريزي فوج جي هار جو بيان ڪندي هڪ انگريزي آفيسر پنهنجي خط ۾ لکي ٿو:
”اڄ جي جنگ جو حال پڙهي تعجب ٿيندو. ان مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪيئن انگريزي فوج پنهنجي فتح جي جھنڊن، پنهنجن اصولي نعرن ۽ پنهنجي مشهور بهادريءَ جي باوجود پٺتي ڌڪي وئي. انهن هندستانين جن کي اسان حقير سمجھندا هُياسين ۽ چيڙائيندا رهيا آهيون، تِن انگريزي فوج کان انهن جي ڪئمپ، سندن سامان، مال اسباب کسي ورتا، اٺ، هاٿي، گھوڙا ۽ نوڪر سڀ انهن کي ڇڏي ڀڄي ويا. اهو سارو واقعو نهايت افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي.“
انهيءَ شڪست کان مجبور ٿي سر ڪالن ڪئمپ بيل کي لکنئو ڇڏڻو پيو. تانتيا ٽوپيءَ کي جئين اها خبر پئي هن، گنگا جي پل ڊاهي ڇڏي ۽ گنگا جي ڪناري پنهنجون توبون کوڙي ڇڏيون. پوءِ به سر ڪالن ڪئمپ بيل تانتيا ٽوپيءَ جي توبن کان بچي، ٻي جاءِ تان گنگا پار ڪئي ۽ 30 نومبر تي ڪانپور جي ويجھو پهچي ويو. ان وقت نانا صاحب به تانتيا ٽوپيءَ جي مدد لاءِ ڪانپور پهچي ويو هو. مالي سن لکيو آهي ته:
”سپهه سالار جي حيثيت ۾ تانتيا ٽوپي جي قدرتي قابليت ڏاڍي گھڻي هئي. گنگا جي ڪناري تي ئي هن ڪئمپ بيل جي فوج کي گھيرو ڪيو. پهرين ڊسمبر کان 6 ڊسمبر 1857ع تائين گھمسان جي ويڙهه ٿي. ٻنهي جي سگهه هڪجيتري هئي ۽ فوجون اٽ مَٽ هيون. تانتيا جي سڄي پاسي گواليار جي فوج هئي، جا آخر ۾ سکن ۽ انگريزن جي گڏيل حملي سبب پُٺتي موٽڻ لڳي. ميدان سر ڪالن ڪئمپ بيل جي هٿن ۾ رهيو. ڪانپور جي شهر تي وري ڪمپنيءَ جو قبضو ٿي ويو. تانتيا ٽوپي پنهنجي رهيل سَهيل فوج وٺي ۽ توبون کڻي ڏکڻ ڏانهن نڪري ويو. انگريز فوج هن جو پيڇو ڪيو. شوراج پور ۾ هڪ ٻي جنگ ٿي، جنهن ۾ تانتيا ٽوپيءَ جون ڪجھه توبون انگريزن جي هٿ چڙهي ويون، پر تانتيا ٽوپي باقي فوج سميت ڪالپيءَ نڪري ويو. انگريزي فوج ڪانپور واپس آئي. هن ڀيري سر ڪالن ڪئمپ بيل بٺور جي محلن کي ڪيرائي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي.“
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
هر پاڪستانيءَ کي جدوجهدِ آزاديءَ جي ساري تحريڪ غور سان پڙهڻ گھرجي ۽ جنهن کي 1857ع وارو بلوو چيو وڃي ٿو اهو آزاديءَلاءِ ڀرپور ڦيٽ هئي. هتي زير بحث ڪردار تانتيا ٽوپي آهي، هونءَ ته 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪئي قابلِ ذڪر ڪردار هيا. مون تانتيا ٽوپيءَ سان گڏ جهانسيءَ جي راڻيءَ جو ذڪر به تفصيل سان ڪيو آهي، ڇو ته ٻنهي ساڳي بي جگريءَ، بهادريءَ ۽ آزاديءَ سان بي انتها محبت رکي، توڙ تائين لڙائي لڙي ۽ ٻئي لڙائيءَ ۾ به گڏ گڏ هيا. مون کي دنيا ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي تاريخ ۾ ٽيپو سلطان، جهانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي جهڙا ڪردار ورلي نظر ٿا اچن، جن سان بي انتها وفاداري به ڪئي وئي ۽ جن سان وک وک تي غداري به ڪئي وئي، پر پوءِ به هو بي دليا نه ٿيا، هينئون نه هاريائون ۽ پُٺ نه ڏيکاريائون. آخري دم تائين وڙهندي وڙهندي ماريا ويا. انهن ٽنهي مان تانتيا ٽوپي هيٺين طبقي سان تعلق رکندو هو. ٽيپو سلطان (1782ع کان 1798ع تائين ميسور جو حاڪم) ته 1857ع کان اڳي ٻي آزاديءَ جي جنگ ۾ ماريو ويو هو، انڪري ان جو هن نوٽ ۾ ذڪر نه آهي. جهانسيءَ جي راڻي ۽ ٽيپو سلطان وڄ، واءُ، ڳڙا ۽ مينهن ٿي آيا ۽ انگريزن کي گھنگھور گھٽائن جيئن وڪوڙي ويا. هنن جان ڏني، آن نه ڇڏي، جيستائين منجھن ساههُ هيو، تيستائين ڪوئي اُتساهه کين اُڀاري رهيو هو. چي گئويرا وغيره جي دورِ جديد ۾ افسانا ٿي چُڪا آهن، هنن جي ڀيٽ ۾ ڪائي شيءِ نه ها.
مون جڏهن ڪريٽ جي آزاديءَ جي باري ۾ پنهنجي محبوب ناول نگار ۽ شاعر ڪازان زاڪس جو ناول ”آزادي يا موت“ پڙهيو هو ته مون کي جھانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي ياد آيا ها. مون آزادي يا موت“ مان هيٺيان ٽڪرا لکي ڇڏيا ها، جي هتي ڏيان ٿو ۽ پوءِ جھانسيءَ جي ۽ تانتيا ٽوپي جي جدوجهدجي باري ۾ اڳتي لکان ٿو:
”نينگر، تون ڄاڻين ٿو ته مان ڇو ٿو کلان؟“ هن پڇيو، ”مان قسم سان چوان ٿو ته جڏهن انسان پوڙهو ٿئي ٿو ته هن جي ياد هڪ قبرستان ٿي پوي ٿي. جيتوڻيڪ ڪنهن وقت سنگِ لحد پاسيرا ٿي پون ٿا ۽ مُئا ٻاهر ٽپي اچن ٿا . . .“
(صفحو: 354)
. . . . . . .
”ڪي ماڻهو اهڙا ٿين ٿا، جن کي مرڻ نه گھرجي. آخر پهاڙ ڇو نه ٿا مرن؟ انهن ماڻهن کي ساڳيءَ طرح مرڻ نه گھرجي. اهي ڌرتيءَ تي ساڳيءَ جاءِ تي رهڻ گھرجن. انهن ٿنڀن وانگر جي آسمان کي جھلي بيهن ٿا. اِتي، اِتي ڌرتي! مان توکي لتون ٿو هڻان، حيف آهي توتي! تون انهن کي ڇو نه ٿي ڳڙڪائين، جيڪي بيوقوف آهن، جيڪي جڏا آهن، جيڪي چِٻا آهن؟ انهن کي ڳڙڪاءِ، انهن مان جند ڇڏاءِ! پر هي جوڌا (پوءِ هو پنهنجي ناول جي ڪردارن جا نالا کڻي ٿو)
(صفحو : 356)
. . . . . . .
”خون ڪڏهن به اجايو وهايو نه ٿو وڃي.“ هن جواب ڏنو، ”ڇا توکي اها ڄاڻ نه آهي ته آزادي ٻج وانگر ٿيندي آهي. اها پاڻي ڏيڻ سان نه ڦٽندي آهي. ان کي رت ڏيڻو پوندو آهي، سو اسان هاڻي ٻج جي آبياري صحيح طريقي سان ڪري رهيا آهيون ۽ اهو ڪنهن وقت ٻوٽو ضرور ٿيڻو آهي، پر اهو ڏينهن اڃا آيو نه آهي.“
(صفحو: 359)
. . . . . . . .
”خدا جي واسطي، “ هڪ وڌيڪ عقلمند ماڻهوءَ چيو: ”اسان جي دلين کي سخت بڻائڻ گھرجي ۽ پوءِ، ڪجھه سالن کانپوءِ پنهنجو جھنڊو اوچو ڪرڻ گھرجي، جڏهن پار ڪڍندڙ مائن کي ڏڍُ ملي وڃي، تيستائين ڍؤنگ ڪيو ۽ انهيءَ هٿ کي چُميو جو اوهان کي انت ڪپڻو آهي.“
الا! جهانسي جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي پوئين صلاح تي نه لڳا يا حالتون اهڙيون نه هيو، جو هو لڳي نه سگھن ها.
”جمنا جو ڏاکڻو پاسو ۽ ونڌيا چل جو سارو اتر وارو علائقو 11 مهينا انقلابين جي هٿ ۾ رهيو، جا کيپَ مهاراڻيءَ لڪشمي ٻائيءَ کٽي، هِيوروز جي ماتحت هڪ وڏي فوج جنهن ۾ حيدرآباد، ڀوپال ۽ ٻين رياستن جون فوجون به توپن سميت شامل هيون انهيءَ علائقي کي وري فتح ڪرڻ لاءِ موڪليون ويون. 6 جنوريءَ 1858ع تي سر هيوروز ميسور کان روانو ٿيو. راءِ ڳڙهه، ساگر، باناپور، چنديريءَ وغيره جي جاين کي فتح ڪندي هيءَ فوج 20 مارچ تي جھانسيءَ جي ويجھو اچي وئي. جھانسي انهيءَ علائقي ۾ انقلابين جو خاص مرڪز هئي، شهر جي اندر بانا پور جو راجا ۽ سردار، راڻيءَ جي مدد لاءِ موجود هيا. راڻي لڪشمي ٻائيءَ، ڪمپنيءَ جي فوج جي پهچڻ کان اڳ چئني طرفن دور دور تائين پسگردائيءَ کي ويران ڪرائي ڇڏيو هو. جيئن دشمن جي فوج کي حملي ڪرڻ وقت رسد وغيره ملي نه سگھي. نه وري ٻنين ۾ اَن جو هڪ سنگ هو، نه ڪٿي گاهه جو هڪ پن هو ۽ نه ڇانو لاءِ ڪوئي وڻ هو. پر مهاراجا سنڌيا ۽ ٽيڪم ڳڙهه جي راجا ڪمپنيءَ کي گاهه، رسد وغيره جو اهڙو انتظام ڪري ڏنو هو جو ان جي فوج کي ڪائي ڏکيائي نه ٿي.
انگريزي فوج کي وڌندو ڏسي راڻي لڪشمي ٻائي (جھانسي جي راڻيءَ) انقلابين جي سپهه سالاري پنهنجي هٿِ ورتي. هر مورچو هُن جي موجودگيءَ ۾ تيار ڪيو ويو ۽ فَصيل تي توبون هُن پاڻ رکايون. هن جي توب خاني ۾ ڪيئي عورتون به ڪم ڪنديون هيون. جهانسيءَ ۾ 24 مارچ 1858ع تي هڪ توپ مان انگريزن جي فوج تي گولا اڇلايا ويا ۽ ان کانپوءِ اٺ ڏينهن لڳاتار جنگ ٿيندي رهي، پر ڪمپنيءَ جي زبردست فوج ۽ ان جي سامان جي مقابلي ۾ جهانسيءَ جي فوج جو اڪيلو ٽڪاءُ ناممڪن هو.
تانتيا ٽوپي جي فوج جمنا جي اتر ۾ هئي، جمنا پار ڪري، هُو چرکاريءَ جي راجا وٽ پهتو، پر راجا آزاديءَ جي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو. تانتيا چرکاريءَ تي حملو ڪري راجا کان 24 توبون به کسيون ۽ ٽي لک رپيا تاوان به ڀرائي ورتو. ان کانپوءِ تانتيا ڪالپيءَ پهتو. اتي هن کي راڻيءَ جو خط پهتو، جنهن ۾ هن کي جھانسيءَ جي مدد لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي. تانتيا، جهانسيءَ جي طرف وڌيو ته ڪمپنيءَ جي فوج ۾ وري آوَهه اچي وئي. ان جي سامهون جهانسيءَ جي راڻي هئي ۽ پٺيان تانتيا ٽوپي هو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته انهيءَ جنگ ۾ تانتيا جي فوج مڙسي نه ڏيکاري ۽ ڪمپنيءَ ان تي حملو ڪري ڏيڍ هزار سپاهي به ماري وڌا ۽ ان جون توبون به انگريزن جي ور چڙهي ويون. ان کانپوءِ جهانسيءَ جي حالت اڳ کان به خراب ٿي وئي پر پوءِ به راڻيءَ همت نه هاري. 2 اپريل تي انگريزي فوج جهانسيءَ تي پهريون ڀيرو حملو ڪيو. حملو چئني طرفن کان ٿيڻ لڳو. راڻي پنهنجي گھوڙي تي سوار، سپاهين ۽ آفيسرن کي اتساهه ڏياريندي رهي. انهن ۾ زيور ۽ خلعتون ورهائيندي رهي، وڄ وانگر ڪڏهن هيڏانهن وئي ڪڏهن هوڏانهن وئي. دشمن پهريون شهر جي اتر طرف زور ڏنو. اٺن جاين تي ڏاڪڻيون رکيون ويون. راڻيءَ جي توبن پنهنجو ڪم جاري رکيو. انگريز آفيسر ڊِڪ ۽ مچل ڏاڪڻين تي چڙهي، پنهنجن ساٿين کي سڏيو، پر ٻن گولين انهن کي اتي ڍير ڪري وڌو. بونس ۽ فاڪس انهن جي جاءِ والاري پر اهي به گولين جو کاڄ ٿي ويا. اٺئي ڏاڪڻيون ٽٽي پيون ۽ انگريزي فوج کي پٺتي هٽڻو پيو. اتر طرف کان ته ڪمپني صدر دروازو نه ٽپي سگھي، پر ڏاکڻي طرف کان ڪنهن هندستاني غدار جي مدد سان ڪمپنيءَ جي فوج ڏکڻ دروازي کان شهر ۾ گھِري آئي. ان کان پوءِ ڪمپنيءَ جي فوج هڪ جاءِ تي کَٽي ٻي جاءِ تي پهتي ۽ نيٺ محل کي وڪوڙي وئي. راڻي قلعي جي فصيل تان شهرين جي قتل ۽ انهن جي برباديءَ کي ڏٺو. هوءَ يڪدم هڪ هزار فوج سان گڏجي انگريزن تي وڄ وانگر ڪڙڪي. ٻنهي طرفن کان بندوقون اڇلي تلوارن سان وڙهڻ لڳا. ٻنهي طرفن کان جانيون ويون. ڪمپنيءَ جي فوج کي ڪافي پٺتي هٽڻو پيو. ايتري ۾ راڻيءَ کي خبر پئي ته صدر دروازي جو محافظ سردار خدا بخش ۽ توب خاني جو آفيسر سردار غلام غوث خان ماريا ويا ها، جنهن جو اهو مطلب هيو ته اتر وارو صدر دروازو به هاڻي دشمن جي هٿ ۾ هيو. راڻيءَ انهيءَ رات جھانسي ڇڏي، هٿيار ٻڌي، مرداڻيءَ پوشاڪ ۾ پنهنجي گود ورتل پُٽ دامودر کي چيلهه سان سوگهو ٻڌي هُن قلعي جي دوار تان هڪ هاٿيءَ جي پٺيءَ تي ٽپو ڏنو ۽ پنهنجي پياري سفيد گھوڙي تي سوار ٿي، ڏهه پندرنهن سوار ساڻُ ڪري ڪالپيءَ جي طرف رواني ٿي وئي. انگريزن هن جو پيچو ڪيو، پر راڻي ساري رات گھوڙو ڊوڙائيندي، صبح جو ڀانڊ پرنام ڳوٺ ۾ ڪجھه وقت ترسي، جتي پٽ کي کير پياريائين. جڏهن ڏٺائين ته انگريزي فوج اڃا سندس پيڇو ٿي ڪري، تڏهن گھوڙي تي ٽپ ڏئي چڙهي ۽ ڪالپيءَ ڏانهن وڌي. انگريز ليفٽيننٽ، راڻي کي اچي پڳو ته راڻيءَ تلوار جو وار ڪري هن کي گھائي وڌو ۽ هو گھوڙي تان ڪري پيو. نيٺ هو ۽ هن جا ساٿي پٺتي موٽي ويا. راڻي ۽ هن جا ساٿي سر پٽ گھوڙا ڊوڙائيندا ويا، صبح کان ٻپهري ٿي وئي. ٻپهري کان ٽپهري ٿي وئي، پر راڻيءَ کي ڪٿي ڊاٻي ڪرڻ لاءِ واندڪائي نه ملي. ويندي ويندي شام ٿي وئي ۽ اڀ ۾ تارا اڀري آيا، پر راڻي ڪٿي نه بيٺي. آخر اڌ رات جو پُٽ دامودر کي چيلهه سان ٻڌل کڻي، هوءَ جهانسيءَ کان 102 ميل پري ڪالپيءَ پهتي. راڻيءَ جو پيارو گھوڙو ڪالپي پهچڻ سان ڪري پيو ۽ مري ويو. صبح جو راڻيءَ، نانا صاحب جي ڀاڻيجي راءُ صاحب ۽ تانتيا ٽوپي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.“
ڇا اهڙي بهادر عورت دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ پيدا ٿي آهي؟ جون آف آرڪ به هن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه نه هئي. آزاديءَ لاءِ تڙپ انسان ۾ کنوڻ جئن کجندي ۽ وڄ وانگر وراڪا ڏيندي آهي. هو پنهنجي زندگيءَ کي ته تڇ سمجھندو آهي، پر پوءِ به پاڻ ۾ ايتري سگھه سمجھندو آهي جو پهاڙ تريءَ تي کڻي سگھي ۽ سمنڊ اورانگھي وڃي. مان جڏهن 1963ع ۾ جهانسيءَ مان لنگھيو هوس ته اتان مٽي کڻي دعا گھُري هئي ته منهنجيءَ شاعريءَ کي به ايتري سگھه نصيب ٿئي، جيتري جهانسيءَ جي راڻيءَ کي ان وقت هئي، جڏهن هوءَ 102 ميل ساندهه گھوڙي تي سواري ڪري ڪالپيءَ وئي هئي.
”جھانسيءَ جي راڻي، راءُ صاحب، تانتيا، بانده جو نواب، شاهه پور ۽ باناپور جو راجا ۽ ڪجھه ٻيا انقلابي ان وقت پنهنجيءَ پنهنجي فوج سميت ڪالپيءَ ۾ موجود هيا، انهيءَ زبردست فوج لاءِ دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ مشڪل ڳالهه نه هئي، پر انقلابين ۾ اهڙو ڪوئي شخص نه هو جو باقي ٻين کي پنهنجي حڪم جي تابع رکي سگھي. راڻي سڀني کان قابل هئي، پر هوءَ عورت هئي ۽ هن جي عمر فقط 22 سال هئي. تانتيا ٽوپي بهادر ۽ هوشيار سپهه سالار هو، پر هو هڪ معمولي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. قديمي خانداني راجائن کي هڪ عورت يا معمولي خاندان ۾ پيدا ٿيل هڪ انسان هيٺان ڪم ڪرڻ ان وقت ايترو آسان ڪم نه هو. اهو ساڳيو ئي نقص دهليءَ جي زوال جو به خاص سبب رهي چڪو هو. پوءِ به جھانسيءَ جي راڻي ڪجھه فوج وٺي ڪالپيءَ کان 42 ميل پري ڪنچ ڳوٺ پهتي. ڪنچ ڳوٺ ۾ سرهيو روز جي فوج سان وري هن جي فوج دوبدو ٿي. رهنمائن ۾ تفرقو ۽ بد انتظامي قائم رهي. ڪنهن به راڻيءَ کي مرضيءَ موجب مدد نه ڏني، نتيجو اهو ٿيو ته ڪنچ ڳوٺ به انقلابين هارايو. مورخ مالي سن ڏاڍي ساراهه سان لکيو آهي ته:
”شڪست کان پوءِ انقلابي فوج حيرت انگيز تنظيم سان ڪالپيءَ ڏانهن موٽي آئي، معلوم ٿئي ٿو ته اها تنظيم ان ۾ شڪست کانپوءِ پيدا ٿي هئي.“
سَرهِيو روز هاڻي ڪالپيءَ تي حملو ڪيو. جھانسيءَ جي راڻي پنهنجي شڪست کاڌل فوج کي وري اتساهيو. ڏاڍي گھمسان جي جنگ ٿي. هڪ دفعي انگريز فوج کي سڄي طرف پٺتي موٽڻو پيو. ڪمپنيءَ جا توبچي پنهنجون توبون ڇڏي ڀڄي ويا. جهانسيءَ جي راڻي پنهنجي گھوڙي تي سڀني کان اڳ ۾ هئي. ان کانپوءِ خود سَرهِيو روز سڄي طرف کان مُڙي، جھانسي جي راڻي جي مقابلي لاءِ وڌيو. آخر ۾ سوڀ سرهِيو روز جي ٿي. 24 مئي 1858ع تي ڪمپنيءَ جي فوج ڪالپيءَ ۾ داخل ٿي وئي. ڪالپيءَ جي قلعي ۾ انگريزن کي ست سؤ مڻ بارود ۽ بي شمار هٿيار ۽ ڏاڍو سامان هٿ آيو. جهانسيءَ جي راڻي هاڻي بانده جي نواب ۽ راءُ صاحب سوڌو ٿوري فوج ساڻ ڪري ڪالپي ڇڏي نڪري وئي.
ان ۾ شڪ نه آهي ته سرهيو روز جو هيستائين ڪَشالا ڪاٽي هڪ هزار ميل سفر ڪري آيو هو، پهاڙ، جهنگ ۽ نديون پار ڪيون هيائين، وڏين وڏين فوجن کي آڻ مڃائي هيائين ۽ نربدا کان جمنا تائين علائقو ڪمپنيءَ لاءِ فتح ڪري چڪو هو، ڪمپنيءَ جي نهايت قابل ۽ بهادر سپهه سالارن مان هو.
انقلابين وٽ نه هاڻي سامان هو، نه ڍنگ جي فوج، نه ڪوئي قلعو پوءِ به جهانسيءِ جي راڻيءَ ۽ تانتيا ٽوپي همت نه هاري. تانتيا ڳجھي رستي کان ڪالپيءَ مان نڪري گواليار پهتو. گواليار پهچي هُن مهاراجا سنڌيا جي فوج ۽ رعيت کي پنهنجي پاسي ڪيو ۽ نيئن فوج سان پوئتي مڙيو. جھانسيءَ جي راڻيءَ راءُ صاحب کي پهريون گواليار فتح ڪرڻ جي صلاح ڏني. جيئن انقلابين کي وري هڪ نئون مرڪز ملي سگھي.
28 مئي 1858 ع تي سڀ انقلابي رهنما گواليار جي سامهون پهچي ويا ۽ مهاراجا سنڌيا کي هيٺيون خط لکيائون:
”اسان توهان ڏانهن دوستيءَ لاءِ اچي رهيا آهيون. اسان جا (پيشوا سان) پراڻا ناتا ياد ڪيو. اسان کي اوهان مان مدد جي اميد آهي، جيئن اسان ڏکڻ طرف وڌي سگھون.“
جيا جي راءِ سنڌيا هن ڏانهن هٿ وڌائڻ بدران 1 جنون 1858ع تي پنهنجي فوج ۽ توبن سان هنن جي مقابلي لاءِ نڪتو. سنڌيا جي ارادي کي ڏسي جھانسيءَ جي راڻيءَ ٽي سئو سوارن سميت هنن تي ڪاهه ڪئي، پر سنڌيا جي فوج ته اڳيئي تانتيا ٽوپي کي پنهنجي زبان ڏئي چڪي هئي. اها فوج پنهنجن آفيسرن سميت، انقلابين ڏانهن هلي آئي. گواليار جون توبون ٿڌيون ٿي ويون. جياجي راءُ ۽ هن جي وزير وِنڪر راءُ کي ميدان ڇڏي آگري ڀڄي وڃڻو پيو. گواليار جي رعيت خوشيءَ ۽ جوش سان انقلابين جو آڌر ڀاءُ ڪيو. گواليار جي فوج پيشوا نانا صاحب جي نمائندي، راءُ صاحب کي سلامي ڏني. سنڌيا جي وزير ماليات اَمر چند ڀاٽا سارو خزانو انقلابي رهنمائن جي حوالي ڪري ڇڏيو. 3 جون 1858ع تي ڦول باغ ۾ هڪ وڏي درٻار ٿي، تمام جاگيردارن، سردارن ۽ اميرن پنهنجي پنهنجي جاءِ والاري، عرب، روهيلا، راجپوت ۽ مراٺا پلٽڻون پنهجون ورديون پائي درٻار ۾ پهچي ويون. پيشوا جو شهر پناهه ۽ ڪلغي راءُ صاحب جي مٿي تي رکيو ويو ۽ ساري درٻار هن کي پيشوا تسليم ڪيو. هن جا وزير به مقرر ڪيا ويا ۽ تانتيا ٽوپي هن جو خاص سپهه سالار مقرر ٿيو. ويهه لک روپيا فوج ۾ ورهايا ويا ۽ آخر ۾ توبن جي سلامي ٿي.
ان طرح تانتيا ٽوپي، جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائيءَ دهلي، ڪانپور ۽ لکنئو کي هڪ نئون ۽ زبردست مرڪز عطا ڪيو. لڪشمي ٻائيءَ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هاڻي سڀ ڪجھه ڇڏي فوج کي تيار ڪري ميدان ۾ آندو وڃي. راءُ صاحب ۽ ٻين اڳواڻن راڻيءَ جي انهيءَ صلاح جي پرواهه نه ڪئي. قميتي وقت دعوتن ۽ جلسن ۾ برباد ڪيو ويو. ايتري ۾ سرهِيو روز پنهنجي فوج سميت تيزيءَ سان گواليار تي ڪاهي آيو. هن مهاراجا سنڌيا کي پاڻ سان گڏ رکيو. لڪشمي ٻائيءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڙوڇڙ فوج ۾ روح ڦوڪيو. ان خود شهر جي تنظيم ڪئي، ان جي اوڀر واري دروازي جي حفاظت جو بار پاڻ تي کنيو. لڪشمي ٻائيءَ سان گڏ هن جون ٻه سهيليون مندرا ۽ ڪاشِي گھوڙن تي سوار هيون ۽ بهادريءَ سان هٿيار هلائي رهيون هيون. مشهور سپهه سالار جنرل سمٿ، لڪشميءَ ٻائيءَ جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. ڪيئي ڀيرا سمٿ جي فوج اوڀر واري ڦاٽڪ تي حملو ڪيو، پر هر ڀيري هن کي پٺتي هٽڻو پيو. ڪيئي ڀيرا ڦاٽڪ کان ٻاهر نڪري لڪشمي ٻائيءَ فوج تي حملو ڪيو ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي ميدان ۾ ختم ڪري وري اچي ڦاٽڪ سنڀاريو. ان طرح صبح شام گھوڙي تي سوار ، لڪشمي ٻائي بجليءَ وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن ويندي نظر آئي. آخر جنرل سمٿ کي اِن طرف ڪوشش ڇڏي پٺتي هٽڻو پيو. 17 جون تي ميدان لڪشمي ٻائيءَ جي هٿ ۾ رهيو. 18 جون تي جنرل سمٿ وڌيڪ فوج وٺي ساڳي ڦاٽڪ تي پهتو. ان ڏينهن ڪيئي طرفن کان انگريزي فوج گواليار جو گھيرو ڪيو. جنرل سمٿ سان گڏ هن جو سپهه سالار سر هيو روز به راڻي جي مقابلي لاءِ اوڀر ڦاٽڪ جي سامهون ڏٺو ويو. پرهه جو جڏهن راڻي پنهنجين ٻنهي ساهيڙين سان شربت جو وٽو پي رهي هئي، هن کي خبر ملي ته ڪمپنيءَ جي فوج وڌندي ٿي اچي. هن يڪدم شربت جو وٽو ڦٽي ڪيو ۽ پنهنجين ساهيڙين کي ساڻ ڪري اڳتي وڌي. هُن کي مرداڻي پوشاڪ پاتل هئي ۽ هوءَ سر هيو روز جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهي هئي. باقي انگريزي فوج ٻين انقلابي ٽولن کي چيريندي، راڻيءَ کي ويڙهي وئي. گواليار جون توبون ٿڌيون ٿي ويون ۽ گھڻي فوج تِتر بِتر ٿي وئي. فاتح انگريزي فوج چئني طرفن کان راڻيءَ جي ويجھو ٿيندي وئي. راڻي وٽ رڳو هُن جون ٻه ساهيڙيون ۽ 15 يا 20 سوار رهجي ويا. راڻيءَ پنهنجي گھوڙي کي تيزيءَ سان ڊوڙايو ۽ دشمن کي چيريندي ٻي طرف انقلابي فوج سان ملڻ چاهيو. انگريز سوارن هن جو پيڇو ڪيو، پر راڻي تلوار سان سِرَ لڻندي اڳتي وڌي. اوچتو هُن جي ساهيڙيءَ مندرا کي گولي لڳي وئي ۽ هوءَ گھوڙي تان ڪري، اُڦٽ مري وئي. راڻي يڪدم مُڙي پنهنجيءَ تلوار سان ان گوري سُوار تي وار ڪيو، جنهن جي گولي مندرا کي لڳي هئي ۽ هن کي ٻه اڌ ڪري وڌو. راڻي وري اڳتي وڌي. سامهون هڪ ننڍي واهي پار ڪري وڃي ها ۽ انگريز راڻي کي پهچي نه سگھن ها، پر بدقسمتيءَ سان گھوڙو نئون هو، اهو ڇلانگ ڏيڻ بدران واهيءَ جي پاسي کان چڪر ڏيڻ لڳو. انگريز سوار راڻيءَ کي وڌيڪ ويجھو اچي ويا ۽ هوءَ چئني طرفن کان وڪوڙجي وئي. هوءَ ان وقت بلڪل اڪيلي هئي، پوءِ به هن سڀني جو تلوار سان مقابلو ڪيو. ايتري ۾ هڪ سوار پٺيان اچي راڻي تي وار ڪيو. هُن جي سر جو سڄو پاسو الڳ ٿي ويو ۽ سڄي اک به ٻاهر نڪري آئي، پوءِ به هوءَ گھوڙي تي ويٺي رهي ۽ تلوار هلائيندي رهي. ايتري ۾ هڪ ٻيو وار راڻيءَ جي ڇاتيءَ تي ٿيو، مٿي ۽ ڇاتيءَ مان رت جو ڦوهارو نڪري آيو. بيهوش ٿيندي ٿيندي راڻيءَ ان گوري سوار کي تلوار سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، جنهن هن تي سامهون وار ڪيو هو. راڻيءَ جو وفادار نوڪر جو هن جي ڀرسان هو، هن کي هڪ ڪُٽيا ۾ گھلي ويو، جتي کيس پاڻي ڏنو ويو پر گھڙي پل ۾ هوءَ هميشه لاءِ ٿڌي ٿي وئي. هن جي آخري خواهش موجب گاهه جي چکيا بڻائي وئي، جنهن ۾ هن جي لاش کي جلايو ويو ۽ باقي ڪجھه هڏيون رهجي ويون. هڏيون آزادي جون شهنايون هيون ۽ اڃان تائين ڪنن ۾ ٻُرنديون رهن ٿيون. اهڙي طرح جهانسي جي راڻي 19 جون 1858ع تي هي جهان ڇڏيو.
ان کان پوءِ بيگم حضرت محل وڌ ۾ وڌ بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ ٻيا ڪيئي واقعا ٿيا، جن جو طوالت جي خوف سبب هت ذڪر ڪونه ٿو ڪجي ۽ تحرير فقط تانتيا ٽوپيءَ جي انقلابي زندگي ۽ ڪرت ڪار تائين محدود رکي ٿي وڃي. ڇو ته ”ڪتين ڪرَ موڙيا جڏهن“ ۾ فقط هُن جو ذڪر ڪيو آهي. اها منهنجي زندگيءَ جي وڏي خواهش رهي آهي ته 1857 ع جي انقلاب تي ”دودي جي موت“ وانگر آپيرا لکان، جنهن نظم ۾ سڀئي ڪردار پيش ڪيان، جن 1857ع جي انقلاب ۾ حصو ورتو هو. في الحال مان تانتيا ٽوپيءَ جون آخري ڪوششون بيان ٿو ڪيان:
”تانتيا ٽوپي جي خاص ساٿين، نانا صاحب، بالا صاحب ۽ لڪشمي ٻائيءَ (جھانسيءَ جي راڻيءَ) مان هاڻي ڪوئي به نه رهيو هو. انگريز هندستان تي پنهنجا پير ڄمائي چڪا ها. خود تانتيا وٽ نه ڪائي ڍنگ جي فوج هئي ۽ نه سامان. پوءِ به تانتيا آس نه ڇڏي، ٻيو هجي ها ته هُن جا ڍڍر ڍرا ۽ وايون بتال ٿي وڃن ها. 20 جون 1858ع تي گواليار مان نڪري تانتيا، راءُ صاحب، بانده جي نواب ۽ رهيل سَهيل سپاهين سميت نربدا ڏانهن وڌڻ چاهيو. تانتيا جو مقصد نربدا پار ڪري پيشوا جي نالي تي ڏکڻ جي راجائن ۽ رعايا کي جنگ لاءِ وري تيار ڪرڻ هو. 22 جون تي انگريز فوج هن تي علي پور ۾ گھيرو ڪيو، پر هو بچي ويو. ان وقت تانتيا جو مقصد ڪيئن به نربدا کي پار ڪرڻ هيو ۽ انگريزن هن کي ائين ڪرڻ کان روڪڻ چاهيو ٿي.
تانتيا سڀ کان پهريون ڀرت پور ڏانهن ڏٺو. يڪدم تانتيا کي جھلڻ لاءِ انگريزي فوج ڀرت پور پهچي وئي. تانتيا مُڙي جئپور ڏانهن وڌيو. جئپور جي فوج ۽ رعايا جو تانتيا لاءِ هيئون ڪُرڪيو ٿي. تانتيا انهن کي چوائي موڪليو ته دل ڏاڍي ڪن ۽ ويڙهه لاءِ سنڀت ڪَن. انگريزن کي پتو پئجي ويو. هنن يڪدم نصير آباد مان فوج جئپور ڏانهن موڪلي، انڪري تانتيا ڏکڻ ڏانهن مُڙيو. ڪرنل هرمس جي هيٺان هڪ فوج هُن جي ڪَڍ وئي. تانتيا انگريزي فوج کي گوهي ڏئي، ٽَؤنڪ پهچي ويو. ٽَؤنڪ جي نواب شهر جا در بند ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي ڪجھه فوج، چار توبن سميت تانتيا جي مقابلي لاءِ موڪلي. فوج جيئن تانتيا جي سامهون آئي، هُن سان وڃي گڏي ۽ ان توبون تانتيا جي حوالي ڪري ڇڏيون. تانتيا ٽوپي نئين فوج ۽ سامان سميت هاڻي اِندر ڳڙهه ڏانهن وڌيو. مينهن جو اوڙڪون پئجي رهيون هيون. پٺيان هَرمس فوج سان تانتيا جي ڪڍ اچي رهيو هو. راجپوتانا جي طرف کان سپهه سالار رابرٽس هيٺان هڪ فوج تانتيا تي حملي لاءِ اچي رهي هئي. چمبل ندي تانتيا جي سامهون هئي ۽ ڏنيءَ ڪنيءَ وهي رهي هئي. تانتيا ٽنهي کان بچي، بونديءَ ڏانهن وڌيو ۽ نيمچ، نصير آباد جي صوبي ۾ ڀيل واڙا نالي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيائين. اها خبر جيئن رابرٽس کي ملي، هن 2 آگسٽ تي تانتيا تي حملو ڪيو. سارو ڏينهن جنگ هلي. رات جو تانتيا پنهنجي فوج ۽ توبن سميت اُدي پر رياست ۾ ڪوٽرا ڳوٺ طرف نڪري ويو. 4 آگسٽ تي وري انگريزن ڪوٽرا کي گھيرو ڪيو، جنگ ٿي، پر هن ڀيري تانتيا کي توبون ڇڏي پٺتي هٽڻو پيو. انگريزي فوج تانتيا جو لڳاتار پيڇو ڪندي رهي. تانتيا وري چمبل ڏانهن وڌيو. ان وقت هڪ انگريزي فوج تانتيا جي پٺيان پئي آئي، ٻي سڄي طرف کان ٿي آئي ۽ ٽين هن جي سامهون چمبل نديءَ جي ڪناري تي موجود هئي.
(مان جڏهن 1963ع ۾ دهليءَ کان بمبئي ڪار رستي ويندي چمبل گھاٽيءَ مان لنگھيو هوس ۽ سج ٽڪرين پٺيان پناهه ورتي هئي ۽ رات سان پنهنجي آخرين جنگ وڙهي رهيو هو، تڏهن مون کي تانتيا ٽوپي ڏاڍو ياد آيوهو. تانتيا ٽوپي جو دنيا جو عظيم ترين سپهه سالار ۽ آزاديءَ جو پروانو هو. هڪ دفعو مان پنهنجي راءِ ٻيهر دهرايان ٿو ته مون جهانسيءَ جي راڻيءَ جي هڪ جھلڪ به جون آف آرڪ ۽ هسپانوي انقلابي لاپئنسارا ۾ به نه ڏٺي آهي. نه وري تانتيا ٽوپي جي چي گئويرا سان ڀيٽ ٿي سگھي ٿي. چي گئويرا تانتيا جي ڀيٽ ۾ هڪ ڄامڙو هيو.)
اهڙيءَ وٺ پڪڙ ۾ به تانتيا انگريزن کي لَمَ ڏئي ويو ۽ چمبل تائين پهچي ويو. عجبائتي ڦڙتيءَ سان، هو انگريزي فوج کان ڪجھه پريان چمبل ندي پار ڪري ويو هو. هاڻي چمبل ندي تانتيا ۽ انگريزن جي وچ ۾ اچي وئي. پر تانتيا وٽ رسد هئي ۽ نه توبون. تانتيا سڌو جھالرا پاٽن ڏانهن وڌيو. اتان جو راجا فوج ۽ توبن سميت تانتيا تي حملي لاءِ نڪتو. پر جيئن ميدان ۾ پهتو، هن جي فوج کيس لت هڻي وڃي تانتيا سان ملي.
(اها ڳالهه ڪيئي ڀيرا ٿي هئي. آزاديءَ لاءَ تڙپ ۾ چقمق واري ڪشش هئي.)
هاڻي تانتيا کي سامان، رسد، فوج وغيره سڀ ڪجھه ملي ويو. جڏهن هو جھالرا پاٽن طرف وڌي رهيو هو، تانتيا وٽ هڪ توب به نه هئي، هاڻي وٽس 22 توبون هيون. تانتيا جھالرا پاٽن جي راجا کان ڏنڊ ڏوهه ۾ پندرنهن لک وصول ڪيا. پنج ڏينهن تانتيا اتي ترسيو. هن پنهنجيءَ فوج کي پگھارون ڏنيون. راءُ صاحب ۽ بانده جو نواب تانتيا ٽوپي سان گڏ هُيا. ٽنهي ملي نربدا کي پار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انگريزن هنن کي روڪڻ لاءِ فوجن جو ڄار وڇايو هو، پر تانتيا کي هنن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪافي سامان ۽ هٿيار پنوهار هيا. هو هاڻي انڊور ڏانهن وڌيو. ان وقت ڇهه وڏا انگريز سپهه سالار رابرٽس، هومس، پارڪ، مچيل، هوپ ۽ ڪوکارٽ ڇهن پاسن کان تانتيا کي گھيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا ها. ڪيئي ڀيرا تانتيا ٽوپي انگريزن کي نظر آيو هو، پر هر ڀيري هو هنن کان تِرڪي ويو هو. نيٺ راءِ ڳڙهه جي سامهون مِچيل جي فوج تانتيا تي اچي ڪڙڪي. ٿوري لڙائيءَ کانپوءِ تانتيا ٽوپي ٽيهه توبون ميدان ۾ ڇڏي بچي نڪري ويو. رستي تي هڪ جاءِ تي هن کي چار وڌيڪ توبون مليون ان بعد هو اُتر طرف وڌيو ۽ سنَڌيا جي شهر عيسى ڳڙهه تي حملو ڪيائين ۽ اتان اَٺ ٻيون به توبون هٿ ڪيائين. تانتيا کي سارو وقت اهو سوداءُ هو ته هو نربدا ڪيئن به پار ڪري ۽ انگريزي فوجن هن کي چئني طرفن کان گھيرو ڪري ائين ڪرڻ کان روڪڻ چاهيو ٿي. تانتيا جي ان وقت سفر، چالن، فتحن ۽ شڪستن کي بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. هڪ انگريزي مؤرخ لکيو آهي:
”ان کانپوءِ تانتيا جي بچي وڃڻ ۽ ڀڄي وڃڻ جو اهو تعجب خيز سلسلو شروع ٿئي ٿو، جو ڏهه مهينا جاري رهيو ۽ جنهن مان ائين پئي لڳو ته اسانجي سوڀ بيڪار وئي هئي. اِن سلسلي سبب تانتيا جو نالو ساري يورپ ۾ اسانجي انگريز سپهه سالارن جي بنسبت زيادهه مشهور ٿي ويو هو. تانتيا جي اڳيان مسئلو آسان نه هو. هن کي پنهنجي غير منظم فوج کي لڳاتار ايتري تيز رفتاريءَ سان وٺي وڃڻو ٿي پيو، جو نه رڳو هن جو پيڇو ڪندڙ فوجون، پر اهي فوجون جي هُن جي سڄي ۽ کاٻي پاسي هيون، هٿ ملينديون رهجي ٿي ويون. هڪ طرف هو ديواني وانگر ڀڄ ڀڄان ۾ هيو، ٻي طرف هو هڪ درجن شهرن تي قبضو ڪندو ٿي ويو ۽ پاڻ سان نئون سامان گڏ ڪندو هيڏانهن هوڏانهن نيون توبون هٿ ڪندو ۽ ان کانسواءِ پنهنجيءَ فوج لاءِ نوان رضاڪار رنگروٽ ڀرتي ڪندو ٿي ويو، جن کي سٺ ميل روزانو ڀڄ ڊوڙ ڪرڻي پوندي هئي. تانتيا جا ذريعا ايترا ٿورا هيا ۽ پوءِ به هن ايترو ڪجھه ڪري ڏيکاريو جو ان کان انڪار ئي نٿو ڪري سگھجي ته هن جي قابليت غير معمولي هُئي. هو حيدر علي جي پائيءَ جو مڙس هو. چيو وڃي ٿو ته تانتيا ناگپور مان ٿي، مدراس وڃڻ چاهيو ٿي. جيڪڏهن هو سچ پچ مدراس پهچي ها ته اسان لاءِ ايترو ئي خطرناڪ ثابت ٿئي ها، جيترو حيدر علي ٿيو هو. نربدا هُن لاءِ ائين رڪاوٽ ثابت ٿي جيئن انگلش چئنل نئپولين لاءِ. انگريزي فوج پهريون ايترو آهستي هلندي هئي، چئنل انگلينڊ تي حمله آورن لاءِ هئي. ڪرنل پارڪ ۽ ڪرنل نيپئر جا سفر ايترائي تيز ها جيترا تانتيا جا، پوءِ به تانتيا واري واري سان بچي نڪري ويو. ساريون گرميون پوريون ٿي ويون برساتيون پوريون ٿي ويون، سرديون پوريون ٿي ويون وري ٻيهر گرمي پوري ٿي وئي، پر تانتيا اڃا وڃي رهيوهو. ان کان پوءِ تانتيا پنهنجي فوج کي ٻه اڌ ڪيو. اڌ فوج جو پنهنجي هيٺان رکيائين ۽ ٻيو اڌ راءُ صاحب جي. ٻئي دستا ٻن طرفن کان اڳتي وڌيا. انگريزن سان ڪيئي لڙايون ڪيائون ۽ وري للت پور ۾ اچي ڪٺا ٿيا. اتي ڏکڻ ۾ مِچيل جي فوج، اوڀر ۾ ڪرنل ليڊيل جي فوج، اتر ۾ ڪرنل ميڊ جي فوج، اولهه ۾ ڪرنل پارڪ جي فوج ۽ چمبل طرف جنرل رابرٽس هيٺان هڪ فوج هئي. پنجن ئي طرفن کان انگريزن جي فوج تانتيا جو گھيرو ڪيو. تانتيا هاڻي انگريز فوج کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڏکڻ جو سفر ڇڏي تيزيءَ سان اتر طرف وڌڻ لڳو. انگريزن سمجھيو ته تانتيا ڏکڻ ڏانهن وڃڻ جو خيال ڇڏي ڏنو آهي، پر تانتيا تيزي سان مُڙيو نربدا ندي پار ڪيائين، ڪجوريءَ ۾ انگريزن سان جنگ ڪيائين ۽ اتان راءِ ڳڙهه ويو ۽ پوءِ سڌو تير وانگر دکن جي طرف ڌوڪيائين. انگريز هن جون چالون ڏسي وائڙا ٿي ويا. جنرل پارڪ هڪ طرف ڌوڪيو، مِچيل پٺيان ڌوڪيو ۽ بيچر تانتيا جي سامهون وڌيو، پر تانتيا پنهنجي فوج سميت نربدا پهچي ويو ۽ هوشنگ آباد ويجھو دنيا جي وڏي ۾ وڏن جنگي ماهرن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيائين ۽ نربدا پارڪري ويو. مورخ مالي سين لکي ٿو:
”جنهن مضبوطيءَ ۽ استقلال سان تانتيا پنهنجي تجويز توڙ تائين رسائي، ان جي تعريف نه ڪرڻ ناممڪن آهي.“
”لنڊن ٽائيمز“ جي خاطوءَ لکيو:
”اسان جو نهايت حيرت انگيز دوست تانتيا ٽوپي ايتري تڪليف ڏيندڙ ۽ چالاڪ دشمن آهي جو هن جي تعريف ٿي نه ٿي سگھي. اڳين جون جي مهيني کان هن وچ – هند ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. هن اسان جي جاين کي چيٿاڙي ڇڏيو آهي، خزانا ڦريا آهن ۽ اسانجون مئگزينون خالي ڪري ڇڏيون اٿائين . هن فوجون ڪَٺيون ڪيون آهن، لڙايون لڙيون آهن ۽ هار کاڌي آهي. هندستاني راجائن کان توبون کسيون اٿس، اهي توبون کسائي وري هٿَ ڪيون اٿس ۽ وري انهن تان هٿ ڌوتا اٿائين هن جو سفر بجليءَ وانگر تيز آهي. ڪيئي هفتا سانده، هو هر روز ٽيهه ٽيهه، چاليهه چاليهه ميل ٿو هلي. ڪڏهن نربدا جي هِن پار آهي ته ڪڏهن هُن پار. اسان جي فوجي دستن کان بچي نڪري وڃي ٿو، ڪڏهن پٺيان ته ڪڏهن اڳيان. ڪڏهن پهاڙين تان، ڪڏهن ندين مان، ڪڏهن ماٿرين مان، ڪڏهن ڌٻڻن مان، ڪڏهن اڳتي آهي، ڪڏهن پٺتي آهي، ڪڏهن هڪ طرف آهي ته ڪڏهن ڦيرو ڏئي اچي ٿو. اڃا هو هٿ نه آيو آهي.“
آخر ۾ آڪٽوبر 1858ع ۾ تانتيا پنهنجي فوج سميت راءُ صاحب ۽ بانده جي نواب کي ساڻ ڪري، ناگپور جي ويجھو پهچي ويو. لارڊ ڪيننگ ۽ هُن جا ساٿي گھٻرائجي ويا. مالي سين لکيو آهي:
”جنهن ماڻهوءَ کي مهاراشٽرا، پيشوا ڪري مڃيندي هئي، ان جو ڀاڻيجو فوج سميت مهاراشٽرا جي ڌرتيءَ تي پهچي ويو. نظام اسان جو وفادار هيو، پر وقت ڏاڍو نازڪ هيو. ان کان پهريون به اهڙا مثال ٿي چڪا ها ته جيڪڏهن ڪنهن راجا پنهنجي قوم جي جذبن کي نه ليکيو هو ته قوم ان راجا جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. اسان کي اهو ڀَؤ هيو ته ڪٿي تانتيا جي فوج ساري مهاراشٽرا کي اسانجي خلاف هٿيار ڏئي، ڀڙڪائي نه وجھي. ائين نه ٿئي ته سارو مهاراشٽرا وديشين خلاف هٿيار کڻي ۽ ان کي ڏسي ڏکڻ (نظام جو علائقو) به اُڀري پوي!“
جيڪڏهن اهو واقعو هڪ سال اڳي ٿي ها ته ممڪن هو ته هندستان جي تاريخ ٻيو رُخ وٺي ها پر گذريل سال ۾ هندستانين جون وايون وِلهڙيون ٿي ويون.اُر ۾ جنهن تانتيا وٽ ماڻهو خوشيءَ سان رسد پهچائيندا ها، تنهن وٽ ناگپور ۾ مهاراشٽرا جا ماڻهو اچڻ کان به وَنءُ ٿي ويا. تانتيا جي فوج اتي ڪجھه ڏينهن ترسي ته انگريز جي فوج هن کي گھيرو ڪري وئي. تانتيا جي اتر ۽ ڏکڻ کان انگريزن جون فوجون هيون. ناگپور مان تانتيا کي ڪائي مدد نه ملي. لاچار هو بڙودي ڏانهن وڌيو. نربدا جي گھاٽ تي ٻنهي پاسي انگريزي فوجون ڳاهٽ ٿيون هيون، تانتيا وڌيو ته ميجر سنڊر لئنڊ جي فوج جو هن سان ٽڪر ٿيو تانتيا فوج کي حڪم ڏنو ته توبون ڇڏي نربدا ۾ ٽپي پون. تانتيا جي فوج اکٻوٽ ۾ نربدا پار ڪري ڏيکاري. مالي سين لکيو آهي:
”دنيا جي ڪنهن به فوج ايتري تيزيءَ سان ڪُوچ نه ڪيو هو، جيتري تيزيءَ سان تانتيا جي فوج ڪري ڏيکاريو.“
تانتيا پوءِ راج پور پهتو ۽ اتان جي سردار کان ڪجھه رپيا ۽ گھوڙا ورتائين. ٻئي ڏينهن تي اُدي پور پهتو. بڙودو اتان پنجاهه ميل هو. فوج کي بڙودي جو خيال دل تان لاهڻو پيو. ٺيڪ انهيءَ وقت بانده جي نواب راڻي وڪٽوريا جي اعلان تي هٿيار ڦٽا ڪيا. تانتيا ۽ راءُ صاحب اڪيلا رهجي ويا. مالي سين لکي ٿو:
”پر اهي ٻئي رهنما انهيءَ سخت مصيبت ۾ به ايترو پرسڪون، بهادر ۽ هوشيار هيا جيترا هو پهرين رهي چُڪا ها.“
تانتيا هاڻي اُدي پور (ميواڙ) ڏانهن وڌيو. يڪدم ڪيئي انگريزي فوجن هُن تي جُلهه ڪئي. هو مڙئي، جهنگ ۾ پيهي ويو. هاڻي تانتيا جو بچڻ محال ٿي لڳو. هڪ ڏينهن اٽڪل چئين وڳي شام جو پرتاب ڳڙهه وٽ ميجر راڪ جي فوج کي شڪست ڏئي، نڪري ويو. 25 سيپٽمبر 1858ع تي تانتيا بانس واڙي جي جھنگ مان نڪتو. ٺيڪ انهيءَ وقت دهليءَ جي شاهي خاندان جو مشهور شهزادو فيروز شاهه فوج سميت جمنا ۽ گنگا کي پار ڪري، تانتيا جي مدد لاءِ اچي رهيو هو. (فيروز شاهه اڳ ئي اوڌ ۾ وڙهي چُڪو هو.)
انهيءَ ملاقات جي ڪهاڻي به نهايت دلچسپ آهي. 13 جنوري 1859ع ۾ اندر ڳڙهه ۾ فيروز شاهه، تانتيا ۽ راءُ صاحب جي ملاقات ٿي. سنڌيا جو هڪ سردار مان سنگهه به انهن سان اچي گڏيو. پر ان وقت وري تانتيا تي چئني طرفن کان گھيرو وڌي ويو هو. نيپيئر هن جي اتر ۾ هيو، شاورس ڏکڻ ۾ سمر سيٽ اوڀر ۾، سمٿ ڏکڻ – اولهه ۾، مچِيل ۽ بين سن ڏکڻ ۾، نونر ڏکڻ – اولهه ۾. اهي سڀ تانتيا تي گھيرو سوڙهو ڪندا ٿي ويا. تانتيا وڙهندي وڙهندي ديواس پهتو. 16 جنوري تي تانتيا، راءُ صاحب ۽ فيروز شاهه تنبوءَ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا ها ته اوچتو ڪنهن انگريز آفيسر جو هٿ تانتيا جي چيلهه ۾ پيو ۽ انگريز سپاهي تنبوءَ تي اچي ڪڙڪيا. معلوم ٿيو ته تانتيا پڪڙيو ويو آهي. پر اچانڪ اهي ٽئي اڳواڻ کسڪي ويا ۽ چئني طرفن تلاش ڪئي وئي، پر هن جو پتو نه پيو. 21 جنوريءَ تي اهي ٽئي شکرجيءَ ۾ نظر آيا. انگريز فوج انهن کي گھيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. تانتيا جون هاڻي اميدون ٽُٽي چڪيون هيون. هُن جو لڱ لڱ چورُ چورُ ٿي پيو هو ۽ هو مان سنگهه وٽ جھنگ ۾ لڪل هو. تانتيا، فيروز شاهه ۽ راءُ صاحب کي فوج سان گڏ ڇڏيو هو. ۽ پاڻ ٽي ماڻهو وٺي مان سنگهه وٽ ويو. مان سنگهه ان وقت انگريزن سان ملي چڪو هو ۽ هُن کي جاگير ڏيڻ جو عهد ڪيو ويو هو. فيروز شاهه کي تانتيا واپس گھرائڻ چاهيو، پر مان سنگهه هن کي روڪيو. اڌ رات جو تانتيا گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ هو، مان سنگهه هُن کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو.“
غداري واقعي ڪنهن جي مُنهن تي لکيل نه هوندي آهي، غدار کي پنهنجي تسليءَ لاءِ سو بهانا هوندا آهن. هو نه رڳو ٻين اڳيان پر پنهنجي اندر ۾ به پاڻ کي گامون سچار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي ڪا سِراڻ نه آهي، جنهن تي غدار جو ضمير تِکو ٿي سگھي.
18 اپريل 1859ع تي تانتيا ٽوپي جي ڦاسيءَ جو ڏينهن مقرر ٿيو. چئني طرفن کان فوج جو پهرو هو. انگريز زنجيرن ۾ جڪڙيل شينهن جي پاڇي کان به ڇرڪي رهيا ها. مون تانتيا ٽوپي جي پوئين تصوير ڏٺي آهي. مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار وڌيل، منهن تي نراسائي، اکين ۾ صدمن جو ٿڪ، نِستو، رَت پؤڻو، ٻل هيڻ“، هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ پير ڪڙيون. ڌرتيءَ تي ويهي هيٺ گھوري رهيو آهي. ڄڻ سوچي رهيو آهي ته هيٺ ڇا آهي؟ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي ته فوج چوڌاري دڙن تي بندوقون تاڻي بيٺي، ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پنهنجن نگاهن سان هن جا پير چمي رهيا ها. . تانيتا صبر ۽ همت سان ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهيو. هن جون ٻيڙيون ڪٽيون ويون. تانتيا مُرڪندي پنهنجن هٿن سان ڦاسيءَ جو ڦندو ڳچيءَ ۾ وڌو، تختو ڇڪيو ويو. شام تائين تانتيا جو ڌڙ ڦاسيءَ جي رسيءَ ۾ لٽڪندو رهيو. سج جھُڪي هُنجا پير چُميا ۽ وري هن جي مُنهن ڏانهن اکيون کڻي نه سگھيو. يورپين تماشائين ڊُڪي تانتيا جي مٿي مان ٻه ٻه، چار چار وار پٽيا ۽ بهادر تانتيا جي يادگار طور پاڻ وٽ رکيا.
مون کي ياد ٿو اچي ته مان انگلنڊ جي ڪراميول اسپتال ۾ لٿل هوس ته هڪ انگريز شاعر مون وٽ هڪ سنڌي دوست سان گڏجي آيو هو. شاعري جي باري ۾ ڳالهائيندي هن مون کان پڇيو:
”ڇا تو لورڪا کي پڙهيو آهي؟ ڏسڻ ۾ ته تون هن کان ڪافي متاثر ٿو لڳين!“
هسپانوي ته مان نه ڄاڻان، هُن جو انگريزي ترجمو ٻه چار ڀيرا پڙهيو اٿم.“ مون جواب ڏنو. هن چيو ته ”مان توکي هن جو هڪ نظم ٿو ٻڌايانءِ جو ترجمي ۾ شامل نه آهي.“
پوءِ هن مونکي لورڪا جو هيٺيون نظم ٻڌايو:
”جي مان مري وڃان ته بالڪني کولي ڇڏجانءِ!
”ننڍڙو ڇوڪرو نارنگيون کائي رهيو آهي،
”(مان بالڪنيءَ مان هُن کي ڏسي سگھان ٿو)
”هاري ڪڻڪ لُڻي رهيو آهي،
”(مان بالڪني مان هن کي ٻُڌي ٿو سگھان )
”جي مان مري وڃان،
”بالڪني کُليل ڇڏجانءِ“
مان تانتيا ٽوپي تي هيءَ تحرير لکي سوچي رهيو آهيان ته جي مان جھانسيءَ جي راڻيءَ ۽ تانتيا ٽوپي تي هاڻي بالڪني کوليان ته ڇا هو ٻاهر پنهنجي آزاد ڌرتيءَ کي ڏسڻ چاهيندا يا هڪ نظر ڏسي پاڻ ئي بالڪني بند ڪري ڇڏيندا؟ آخر ٻاهر ڏسڻ جهڙو ڇا رهيو آهي؟