برونو، گيورڊانو
(1548 ب.ا.م کان 1600 ب.ا.م تائين)
اطالوي فلسفي ۽ شاعر، جو نولا ۾ ڄايو هو. هن نيپلس جي اسڪول ۾ تعليم ورتي، جتي هو پندرنهن ورهين جي عمر ۾ ڊامنيڪن (Dominican) فرقي ۾ داخل ٿيو. 1576ع ۾ هن تي ڪفر جو الزام هنيو ويو ته هو فرار ٿي ويو ۽ هڪ ٽُلڪائوءَ ۽ رولاڪڙ جي حياتي هن کي جنيوا، پوءِ ٽُلوس وٺي وئي. جتي هن ٻه سال درس و تدريس ۾ گذاريا. ان کان پوءِ پئرس رمتو ٿيو (1582ع ۾)، پوءِ لنڊن (1583ع ۾ )، جتي هو فرينچ سفير جي گھر ۾ رهيو؛ وري پئرس ڀٽڪيو، ان کان پوءِ مارِبرگ، وٽن برگ، پراگ، هيلمس ٽيڊٽ ۽ فرئنڪ فُرٽ ويو. 1591 ع ۾ هڪ وينيشن امير هن کي لوڪ اڳيان ڏِٺو ڪيو ۽ لعنت وڌي. 1592ع ۾ هن کي ديني عدالت (Inquisition) جي اڳيان پيش ڪيو ويو. برونو کي قيد ڪيو ويو ۽ هن تي مقدمو هلايو ويو، پهرين وينس ۾ ۽ ان کان پوءِ روم ۾. هن تي ڪيئي الزام هيا، جن ۾ ڪفر، ڪُلڇڻي چال، چلگت، ۽ عقيدي ۾ الحاد جو ڦهلاءُ به هُيا ۽ هن جيڪي فلسفي ۽ علم ڪائنات ۾ بنيادي نظريا اظهاريا هيا، اهي به شامل هيا. هن نه زبان ڦيرائي ۽ نه پاڻ ڪڍائي ويو ۽ ان ڪري هن کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ 17 فيبروري 1600ع ۾ هو روم ۾ جيئرو جلايو ويو.
برونو جو اوائلي ڪتاب هڪ هِرشي ناٽڪ (طربيه – ڪاميڊي ) آهي، جو هن 1582ع ۾ لکيو هو. پوءِ هن ڪيئي مضمون لکيا، جن ۾ ڪجھه جُڙتو يادگيريءَ (Artificial memory) تي به هيا. هن جو فلسفي ۾ سڀ کان اهم ڪتاب هو ”اطالوي مڪالما“ جو هن انگلينڊ ۾ لکيو هو. هن جو ٻيو اهم ڪتاب ”لاطيني نظم“ هيو، جو هُن جرمنيءَ ۾ لکيو هو. مڪالمن ۾ برونو نئين جاڳرتا (Renaissance) ۾ افلاطون جي ڦهلايل ابديت جي نظرئي کي ساراهيو هيو. جهن جو اظهار هن نهايت جرئت منديءَ سان ڪيو. هن جي خيال ۾ خدا ۾ سڀ اوصاف سمائجي ٿي ويا ۽ هو ابدي هو. هو ان خيال جو به هو ته ساري ليلا ٻيو ڪجھه به نه هئي، رڳو اننت جو رنگ روپ هئي. انيڪ ۾ ايڪ وَسي رهيو هو ۽ ان جا ئي سڀ پرڪاش ۽ پڌرايون هيون. پنهنجن ڪتابن ۾ برونو ارسطوءَ جي علمِ ڪائنات جي نفي ڪئي ۽ چيو ته هيءَ ڪائنات اکٽ آهي ۽ ان ۾ بي ڪئتيون ۽ بي ڪاٿي دنيائون آهن، جن مان هر هڪ ۾ سج ۽ گرهه آهن. ان ڪري هن وسيع ڪائنات تي ڌرتي رڳو هڪ ننڍو گرهه آهي.
پنهنجي مابعدالطبيعات ۾ برونو تي ڪيوسينس (Cusanus) ۽ اسپنوازا جو اثر هيو ۽ هن جرمن تصوريت تي پنهنجو سڌو اثر ڇڏيو. علمِ ڪائنات ۾ برونو ليوڪريشس ۽ ڪاپر نيڪس جو پوئلڳ هيو. پر ڪاپرنيڪس کان به هُن جي نظام جو تصور اڳڀرو نڪري ويو. ٻين سڀني اطالوي فيلسوفن جي ڀيٽ ۾ برونو کي جديد سائنس ۽ فلسفي جو پيش رَوُ چئي سگھجي ٿو.
هو پنهنجن خيالن ۽ ڪتابن ۾ چِٽو بي ڀئو ۽ ڇاتيءَ وارو مڙس هيو. هو تيز خيالو به هيو پر پورو پورو درست نه هو ۽ نه وري هو سُچيت ۽ خبردار هيو. پر عجب ان تي ٿو اچي ته اهي سائنس ۽ فلسفي جا نُڪتا جي، هن جي دؤر ۾ ناپيد هيا، ۽ ڪيترو وقت پوءِ دريافت ڪيا ويا، هن جي ڌيان ۾ ڪيئن آيا! هن جي المئي هن کي فلسفي جي تاريخ ۾ هڪ شهيد جي حيثيت ڏني. ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته مان پنهنجي ديس ۾ برونو جي ڪيڏو نه ويجھو آهيان ۽ مون سان جُڙتو شريعت جا صاحب ڪئن نه وچڙيا ها!
جيتري قدر مون کي يادگيري آهي، برونو تي سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيل آهي.