فرانسز بيڪن
انگريز مدبر سلطنت، مضمون نگار ۽ فلاسفر جيڪو 12 جنوري 1561ع ۾ لنڊن ۾ ڄايو هو ۽ 1626ع ۾ گذاري ويو. هو انگلنڊ جو لارڊ چانسلر هو، پر پوءِ هن تي ڪجھه الزام ڌريا ويا ۽ هُن کي پنجن سالن لاءِ جيل ۾ وڌو ويو. هن فلسفي تي ڪيئي ڪتاب لکيا آهن. هن لاءِ اهو به چيو ويو آهي ته شيڪسپيئر جا ڊراما هن لکيا ها، جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي پوري ثابتي ناهي.
بيڪن تي هڪ پوري ڪتاب جي ضرورت آهي، جنهن جي هتي گنجائش نه آهي. هن جو مکيه ادبي ڪارنامو هن جا “Essays” (مضمون) هيا، جن تي هُن ٿوريءَ، ٿوريءَ وٿيءَ سان 28 سال ڪم ڪيو، ۽ جي هن 1597ع ۾ شايع ڪيا. اهي هُن سليس، پُر مغز، مختصر ۽ مثلاً سان ڀريل عبارت ۾ لکيا ها ۽ انهن کي تجلي دار ۽ تکن استعارن ۽ دانشوراڻي چٽائيءَ ۽ اوکاڻ سان اجاريو هيو. بيڪن چواڻيءَ اهي ”ڇڙوڇڙ انترڌيان“ هيا. حرص حَوس، دوستيءَ، پيار، دولت، مطالعي، عزت، ناموس ۽ انساني زندگيءَ جي ٻين بنيادي ڳالهين تي انهن ۾ ڳڻيل ڳوتيل هدايت آهي، جنهن تي اڻ ٿيڻي آدرش واد ۽ اَتي ڪوملتا جو ڪو اثر نه آهي. انهن ۾ ههڙيون چوڻيون آهن: (1) ”هر اوچيءَ جڳهه تي پهچ لاءِ ور وڪڙ کائيندڙ، ڦيري واريءَ ڏاڪڻ جي ضرورت آهي،“ (2) ”جنهن کي ٻار ۽ زال آهن، تنهن اُهي نصيب کي يرغمال ۾ ڏنا آهن.“ انهن ٻن مثالن مان ئي هن جي عبارت ۽ ان جي مواد جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. هن جي ادبي ۽ سياسي ڪارگذارين جي باوجود، بيڪن جي خاص دلچسپي فلاسافي ۽ سائنس سان هئي. ”سارو علم منهنجي حدِ اختيار ۾ آهي، منهنجي علائقي ۾ آهي.“ هو چوندو هيو.
هن سموري زندگي تجربا ڪندي گذاري هئي ۽ آّخري تجربو پنهنجي موت تي ڪيائين ان لاءِ هن کي نه سون، نه چاندي، نه ريشم ۽ نه ٻيون شيون مليون، جن جو هو ساري عمر تمنائي رهيو هو. رڳو هن کي روشني ملي ۽ موت هن ڏانهن ايڏي نِوِڙت سان آيو، جو هن جي اک ۾ فقط هڪ ڳوڙهو آندائين.