شخصيتون ۽ خاڪا

ھيرا تہ ڏسو

شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھيرا تہ ڏسو

بُلهي شاهه

بُلهي شاهه

خزينته الاصفيا جي مصنف مفتي غلام سرور لاهوريءَ هن جو مختصر احوال هينئن لکيو آهي:
”هو قصور ۾ رهندو هو. هن جي پيرن جي نسبت شاهه محمد غوث گوالياريءَ تائين پهچي ٿي. هو عابد ۽ زاهد هو. جذب ۽ شڪر، عشق ۽ محبت، وجد ۽ سماع جو صاحب هو. توحيد ۾ بلند مرتبي ڪلام ۽ قيمتي تقريرون پيش ڪندو هو. هن جا پنجاپي شعر معارف ۽ توحيد سان پُر آهن ۽ خاص و عام جي ٻوليءَ ۾ آهن. هُن جون ڪافيون قوال صوفين جي مجلسن ۾ ڳائن ٿا ۽ ٻڌڻ وارن جو ذوق ۽ شوق، انهن کي ٻڌي وڌي ٿو. هن جون ڪرامتون اڃا تائين ماڻهن کان وسريون نه آهن.“
قاضي جاويد، جو جديد دؤر جو هڪ پنجابي دانشور آهي، انهيءَ لکيو آهي ته:
”بلهي شاهه عالمگير اورنگزيب جي دؤر ۾ جي گھُٽ ٻوساٽ هئي ان جو رد عمل هيو. سترنهين صديءَ جي پنجاب ۾ هن جو جنم اڻ – چتايو ۽ عجب جهڙو نه آهي. اهي گل ائين اوچتو نه ڦٽا هُيا. ان لاءِ ٽي صديون زمين ڀلي ۽ اپتائتي ڪئي وئي هئي. گورکناٿ جي ڀڳتي تحريڪ، رامانج، ڪبير وغيره، ماڌو لال حسين، مُلا شاهه بدخشاني، دارا شڪوهه ۽ شاهه عنايت جهڙا ڌرمشت ۽ دينائتا ماڻهو انهيءَ ٻنيءَ لاءِ ڀاڻ ٿي آيا ها، جيڪا بلهي شاهه ۾ ڪشت زعفران وانگر ٽڙي پئي. پر بُلهي شآهه رُڳو انهيءَ لڳاتار ڪَشٽَ ڪشالي جو ڦل نه آهي. هن جو پنهنجو امتيازي شان به هو ۽ هن جي روحاني آگ، جوش ۽ خروش، ولولي ۽ جذبي جي شِدت هن سان مخصوص آهي. هو هڪ انوکو راڳي آهي ۽ پنهنجي سوچ ويچار، ڪٿ ۽ ڳڻتيءَ کي ٻوليءَ ۾ ائين آڻي ٿو، جيئن چيچڙي ۾ ڪمند جي رس پيڙي ڪڍبي آهي. ڪيتري نه سَرلائي آهي هُن ۾ ! هو ڪيترو نه اُپٽيل، کُليو کلايو ۽ پَڌري – پَٽ آهي.!“
سنڌ ۾ مون کي اهڙو هڪ شخص سچل سرمست سُجهي، ائين صحيح آهي ته هن جي انسان دوستي، آزاد خياليءَ ۽ روحاني آمريت جي خلاف بغاوت ڀٽائيءَ تي به ڪافي اثر ڪيو آهي. پر ڀٽائيءَ جي آگ ڌيمي ڌيمي آهي، ڪڏهن ته هُن ۾ سڙُ سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، واري ڪيفيت آهي، پر سرمست اُهي الا آهي، جنهن جون ڄڀيون تارن ڪتين تائين اڏامن ٿيون ۽ آس پاس ڄَرڄَر ڄرڪن ٿيون اهي ٻئي پيدا نه ٿين ها ته پنجند جي ڌرتي تان سنڌوءَ جي ڌرتيءَ تي بُلهي شاهه جي جوت نه جرڪي ها.
هن جي ذهني اوسر ۾ اسلام جي قادريه فرقي کان سواءِ، شطاريه فرقي به نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي باغيانه فڪر جون ڪي بنيادي خصوصيتون شطارين تان ورتل آهن. شطارين جو امام شيخ بايزيد بسطامي آهي. اسلامي دنيا ۾ هُن ئي پهرين وحدت الوجود جو صوفياڻي انداز ۾ پرچار ڪيو. مسلمان صوفيءَ، شيخ بسطامي جي ذريعي ئي ويدانتي سوچ سان ڄاڻ پيدا ڪئي. چيو وڃي ٿو ته بلهي شاهه اها سوچ هڪ سنڌي دانشور ابو علي سنڌيءَ کان پرائي هُئي. مشهور آهي ته اهو سنڌي دانشور شيخ بايزيد بسطاميءَ کي اسرارِ توحيد جو درس ڏيندو هو. شيخ بسطاميءَ جي ويچار ڌارا اسلامي تصوف ۾ وڏي اٿل پُٿل پيدا ڪئي، ان کي ڇوليو ڇاڇوليو، ڌوڻ ڌونڌاڙ ڪئي ۽ ڌوڏا ڏنا جو متعصب مُلا حال ته سمجھي ويا.
شيخ بسطامي طريقت کي شريعت کان جدا ڪيو، سَڪرَ کي صَحوَ تي ترجيح ڏني. صوفياڻي روحاني تجربي جي اهميت تسليم ڪئي، عشق ۽ فنا جي تصور کي مقبول بڻايو ۽ پوءِ اها رسم حسين بن حلاج منصور ۾ روپ وٺي آئي. قاضي جاويد موجب:
”شيخ بسطاميءَ جي سوچ ويچار تي هندو تصوف جي اثر کان انڪار محال آهي.“
جڏهن انهيءَ سوچ ويچار تخليقي تحريڪ جو روپ ڌاريو ۽ شطاريه دبستان جو رواج، هن هن ۾ پيدا ٿيو، ته فطري طور ان جا اثر پڌرا ٿي پيا. شيخ عبدالله شطاري پنهنجي مرشد شيخ محمد عارف جي چوڻ تي ايران مان هندستان آيو ۽ جونپور ۾ رهي پيو. اهو سلطان ابراهيم شرقيءَ جو زمانو هو. هن پاڻ کُپائي تبليغ شروع ڪئي. هن جي شخصيت ۽ فڪر تي ڪافي گھرا هندي نقش هُيا ۽ هن جو وحدت الوجود جو فلسفو ويدانت کان متاثر هيو. هو ايترو ته حد کان وڌي ويو جو هُن فنا جي تصور کي نه مڃيو. ڇو ته ان کي مڃي ها ته هن کي لازمي طور وحدت جي نفي ڪرڻي پوي ها. (اها ساڳي ڳالهه ڪجھه وقت اڳ رجنيش (اوشو) ڪندو هو. جنهن آمريڪا کان واپسي کان پوءِ پوني ۾ مرڪز ڪيو هو.)
شيخ عبدالله شطاريءَ جا خيال هن جي جاءِ نشين ۾محمد غوث گوالياريءَ ڦهلايا. هن کي وجودي مسلڪ سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هو. اهو ابتدائي مغل عهد جو واقعو آهي. انهيءَ زماني ۾ شطاريه خيالن جو شيخ مبارڪ تي به اثر ٿيو جو ابو الفضل ۽ فيضيءَ جو پيءُ هو ۽ اهي ئي ماڻهو اڪبري درٻار جا نظرئي ساز هيا. (ديوانِ فيضي، جو اداره تحقيقاتِ پاڪستان ڇپايو آهي، منهنجن مٿن کان رکيو هوندو آهي، جنهن مان آنءُ فرصت وقت انتخاب ڪندو آهيان. جو مون کي پنهنجي فارسيءَ جي منتخب اشعار (سنڌيءَ ۾ ترجمي سميت) شامل ڪرڻا آهن.)
پنجاب ۾ شيخ محمد عنايت الله، محمد علي رضا شطاريءَ جو مريد هو. اهو شاهجهان ۽ اورنگزيب جو زمانو هو. عام طرح هن کي شاهه عنايت ڪوٺيو ويندو هو. هن جي صوفياڻن مسئلن تي اونهي نظر هوندي هُئي. هو قادريه سلسلي سان به بيعت ڪري چڪو هو. سترهينءَ صديءَ جي پنجاب ۾ قادريه سلسلو ساڳي ڏس ۾ هلي رهيو هو، جنهن کان شطاري نصب العين دور نه هو.
بُلهي شاهه اصل ۾ شاهه عنايت جو مريد هيو، انڪري هن جي شاعري هن کي ڄڻ روحاني ورثي ۾ ملي، هن جو نالو عبدالله شاهه هيو ۽ هو 1680ع ۾ پيدا ٿيو هو. اها انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن مغلن جو راڄ پنهنجي عروج تي هو. پر اندران ان کي گھڻو لڳي چڪو هو. هونءَ شاهي دٻدٻو ۽ ٺاٺ باٺ پنهنجي چوٽ تي هيو. مغل فوجون باغين کي چٿي چُڪيو هيون، پر گاديءَ جي ويجھا پرڳڻا وس کان ٻاهر ٿي ويا ها، تنهنڪري مغل حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو هو.
بلهي شاهه جا وڏا بهاولپور جي ڳوٺ اُچ گيلانيان ۾ رهندا ها. هن جي پيءُ سخي محمد درويش اهو ڳوٺ ڇڏي قصبه پانڊو وسايو. هڪ ٻي روايت آهي ته بلهي شاهه ابتدائي تعليم مولانا غلام مرتضى قصوري ۽ مولانا غلام محيُ الدين قصوريءَ کان پرائي، هن جي بيتن مان پتو پوي ٿو ته هن قرآن مجيد ناظره طور پڙهيو هو ۽ انهيءَ کانسواءِ گلستان بوستان، پڙهيو هو ۽ منطق، نحو، معاني، ڪنز قدوري ۽ شرح وقايع جا سبق پڙهندو هو. شايد هن جي شطاري خيالن سان ڄاڻ سڃاڻ پيدا ٿي جا هن کي شاهه عنايت قادري شطاريءَ جي حضور ۾ وٺي وئي. بلهي شاهه جو ڪلام نه رڳو ان دؤر ۾ انقلابي هيو، پر اڄ به تعصب پرستن جي نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر کُٽڪي ٿو. وَسُ پُڄين ته ان تي بندش وجھي ڇڏن، پر بلهي شاهه جون جڙون نه رڳو پنجاب پر سنڌ ۾ به گھريون آهن. اسان سچل ۽ لطيف کي ڳائيندي وچ وچ ۾ بلهي شاهه کي ڳائيندا آهيون ايتري ڪنهن کي همت آهي ته هن جي ڪلام جي آڏو اچي!
انقره ۾ مون ڪمال اتاترڪ جو سنگِ اسود مان ٺهيل نهايت وڏو مجسمو ڏٺو هو، جنهن جي هيٺان لکيل هو: ”اوهان لاءِ ان کان وڌيڪ فخر جي ٻي ڳالهه نه آهي ته اوهان تُرڪ آهيو“
ان وقت مون کي بلهي شاهه جون هيٺيون شعر ياد آيو هو:
جيهڙا سانوڻ سيد آکي دوزخ ملن سزائيان،
جيهڙا سانوڻ آرائين آکي بهشتين پينگان پائيان.

)جيڪو اسان کي سيد چوي، ان جون جايون دوزخ ۾ هونديون. جيڪو اسان کي آرائين چوي اهو بهشت جي پينگهن ۾ لڏندو.)
ساڳي ئي ڳالهه آهي جا ”ديس سچل دا شهر درازا.“ ۾ آهي. اهي صوفي اسان جا وڏي ۾ وڏا انقلابي ها. فريد شڪر گنج چيو آهي ته:
”رُکا سڪا کاءِ ڪي ٺنڊا پاني پي،
نه ديک پرائي چوپڙي، نه ترسا اپنا جي.“

اهي دنيا جي ڪنهن به ڪميونسٽ کان زياده ترقي پسند ذهن رکندا ها ۽ جي ڪميسار انهيءَ ذهن وارا هجن ها ته ڪميونزم جي ستياناس نه ٿئي ها. هر صوفي عملي اشتراڪي هو، هر اشتراڪي عملي صوفي نه هو، نه رڳو اهو پر اشتراڪي ته تصوف کان نفرت ڪندا ها! ڇا نه شعر آهن:
راتين جاڳين ڪَرين عبادت، راتين جاگن ڪتي، تينون اُتي.
***
رَينِ گئي، لٽڪي سب تاري،
اب تو جاگ مسافر پياري،
آواگون سَرائين ڊيري،
ساٿ تيار مسافر تيري،
تَئين نه سُنئيون ڪُوچ نگاري،
اب تو جاگ مسافر پياري.
(صفحو 135 – ”ڪليات بلهي شاهه“)
ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا مثال ڏيان! ماڻهو هو يا هيرن جي کاڻ هُيو؟ ڪبير کان وٺي بلهي شاهه ۽ بلهي شاهه کان وٺي ڀٽائي تائين ڪيڏي نه ڏيئن جي قطار آهي! عالمگير جي زندگيءَ جو سج ٻڏي ويو ته مغل حڪومت تالان والان ٿيڻ لڳي. پنجاب جي صورتحال به بري ٿي وئي ۽ مهاراجا رنجيت سنگهه جي حڪومت جي قيام تائين قائم رهي. اسانجي صوفي دانشور جي زندگيءَ جو ڪافي وقت لاقانونيت، خانه جنگيءَ، انتشار ۽ افغان طالع آزمائن جي وحشياڻين مُهمن ۾ گذريو، جنهن جو اثر هن جي شاعريءَ تي آهي.