ايمرسن
هي آمريڪا ۾ 1803ع ۾ ڄايو هيو ۽ 1882ع ۾ گذاري ويو. هن ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا، خاص طور اخلاقيات تي چوٽيءَ جو مفڪر سمجھيو وڃي ٿو. گانڌي، ٿارو، ٽالسٽاءِ هِن مان متاثر ٿيو هيو. ايمرسن تي به پورو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. پر ڇاڪاڻ جو مان موت ۽ حياتيءَ جي سرحد تي آهيان ته مان ان جي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ تي لکان ٿو. جيئن ڪجھه ٻين فيلسوفن جي باري ۾ لکيو اٿم.
”زندگي هروڀرو لنبي آهي“ ايمرسن چوندو هو. 1872ع ۾ هن جو گھر جلي ويو. ٻي ڏينهن تي ڪا شيءِ هن جي ذهن ۾ ٽڙڪو ڪري ٽٽي پئي. ان ڏينهن کان پوءِ هن جي اَرڏي هينئين – گھُر ۽ سار سنڀال هن کي ڌوڪو ڏيڻ لڳي. هڪ ڏينهن هن جي ڌيءَ پنهنجي مضمون ”فطرت“ مان کيس هڪ ٽڪرو پڙهي ٻڌايو. ”خبر ناهي ته اهو ڪنهن لکيو آهي!“ ايمرسن چيو، ”پر مان ڀانيان ٿو ته اهو ڪوئي وڏو ماڻهو هو.“
پر پوءِ اهڙيون گھڙيون به هن جي زندگيءَ ۾ آيون جيئن وڄ سانوڻ جي سانجھيءَ ۾ چمڪندي آهي. هڪ ڏينهن جڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان باغ ۾ گھمي رهيو هو، تڏهن هن کيس هڪ آلو بخارو ڏيندو چيو، ”هان هي وٺ! هي بهشتي ميوو آهي.“ اهي لفظ علامت هيا ايمرسن جي نه رڳو هڪ نماڻي ميوي لاءِ پر هر نر اهنڪاري ماڻهوءَ لاءِ هيا، جنهن کي ڪنڌ ۾ ڪِلي ڪانه هُئي. ”جڏهن هو به چڱو آهي ته هڪ بهشتي ٻار آهي.“ واقعي چڱائيءَ ۾ هر انسان ڪيڏو نه معصوم لڳي ٿو، پوءِ هو ڪنهنجو به وياءُ ڇو نه هجي!