سيد احمد
(نومبر 1786ع کان مئي 1831 ع تائين)
سيد احمد، بالاڪوٽ جي جنگ جو مشهور شهيد هو، جو بريلوي نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ سلطان التمش جي زماني ۾ هن جو ڏاڏو سيد قطب الدين محمد هندستان آيو هو، جنهن کي شيخ الاسلام جو عهدو ڏنو ويو هو. سيد احمد جي ابتدائي تعليم گھر ۾ ٿي پر هن تعليم تي خاص ڌيان نه ڏنو، البته هن جي سپاهين جي راندين سان رغبت هوندي هئي. ننڍپڻ ۾ هن بندوق ۽ تير ڪمان هلائڻ سکي ورتو هئائين. 17 ورهين جي عمر ۾ ملازمت لاءِ لکنئو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ دهليءَ پهچي ويو ۽ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس شاهه عبدالقادر وٽ موڪليو. اتي هن عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪتاب پڙهيا. 1808 ع ۾ سيد احمد پنهنجي وطن واپس آيو ۽ اتي زهره نالي هڪ خاتون سان شادي ڪيائين. انهيءَ دؤر ۾ مغلن جي حڪومت آخري پَساهن ۾ هئي ۽ انگريز پنهنجا قدم ڄمائي چڪا هئا ۽ مرهٽا اسلامي حڪومت کي پريشان ڪري رهيا ها.
اٽڪل 1810ع ۾ سيد احمد، نواب امير خان جي لشڪر ۾ شامل ٿيو ۽ لشڪر جي اصلاح ۽ هدايت شروع ڪيائين. جڏهن نواب امير خان انگريزن سان ٺاهه جو سوچيو ته هو امير خان کان الڳ ٿي ويو ۽ وري اڪبري مسجد ۾ رشد ۽ هدايت شروع ڪيائين. هتي هن جي هٿ تي شاهه اسماعيل بيعت ڪئي. انهيءَ وقت هن جهاد جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو. هن جو خيال هو ته هندستان مان هجرت ڪري ڪنهن اهڙي جاءِ تي هليو وڃجي، جتي آزاديءَ سان مسلمانن کي جهاد لاءِ تيار ڪري سگھجي پر هڪ ڏينهن اوچتو پنهنجي ساٿين سان گڏجي حج جي سفر تي هليو ويو. حج کان واپس اچي هو جهاد جون تياريون ڪرڻ لڳو. مختلف عزيزن، دوستن ۽ حڪمرانن کي خط لکي، هن جهاد جي تربيت ڏني. جڏهن مجاهدن جي جماعت تيار ٿي وئي. تڏهن 1826ع ۾ هندستان کي دار الحرب (جنگ جي جاءِ) چئي پان ڪانسيءَ، گواليار، اجمير، چالي، امر ڪوٽ، حيدرآباد (سنڌ)، پير ڳوٺ، شڪارپور، بولان، ڪوئٽيا، قنڌار، غزنيءَ، ڪابل، جلال آباد رستي پشاور پهتو ۽ ماڻهن توڙي حڪمرانن کي جهاد جي دعوت ڏنائين. ان تي رنجيت سنگھه جي ڀاءُ ٻڌ سنگھه ڏهه هزار لشڪر سيد صاحب جي مقابلي لاءِ موڪليو جو نوشهري جي ويجھو اوڪاڙا ۾ ترسيو. لشڪر کي هر قسم جا هٿيار هئا ۽ مجاهدن وٽ ته پوريون بندوقون به ڪونه هيون ان ڪري مجاهدن راتاهي هڻڻ جو منصوبو جوڙيو. 20 ڊسمبر 1826ع تي 900 مجاهدن سکن تي راتاهو هنيو ۽ اٽڪل 700 سک ماريا ويا ۽ سک لشڪر اوڪاڙا مان ڀڄي شيدوءَ ۾ پناهه ورتي. 1826ع ۾ هن جي هٿ تي پشاور جي دراني خاندان بيعت ڪئي ۽ هن جا مجاهد 80 هزار ٿي ويا.
سکن پٺاڻن کي پاڻ سان ملايو ۽ چيو وڃي ٿو ته سيد احمد کي زهر ڏنو ويو. سيد احمد مري ويو ته جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. هي ته هيو ”انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام“ ۾ جڏهن ته ”تحريڪ وهابيت، نالي ڪتاب ۾ وري ٻي ڳالهه آهي ته سيد احمد جنگ ۾ شير سنگھه سان وڙهندي مري ويو ۽ ڪنهارنديءَ ۾ هن جي سر ۽ ڌڙ کي اڇلايو ويو جو ڪجھه عرصي بعد ڳولي لڌو ويو. هو جهاد في سبيل الله لاءِ نڪتو هيو ۽ بالا ڪوٽ جي ڀرسان پوريل آهي.
پاڪستان جي تحريڪ جون جڙون سيد احمد جي جهاد سان ملايون وينديون آهن. هن مسلمانن کي هدايت تي ڪجھه ڪتاب تحرير ڪيا هيا، جنهن ۾ صراط مستقيم“ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي مولانا شاهه اسماعيل ۽ مولانا عبدالحيءَ مرتب ڪيو. ان کانسواءِ ”تنبيهه العارفين“ ”رسالهء نماز“ ”رسالهء در نڪاح“ وغيره ڪتاب سندس تصنيفات ۾ شامل آهن.