بهادر شاهه ظفر (ثاني)
24 آڪٽوبر 1775ع ۾ ڄائو ۽ 7 نومبر 1883ع ۾ گذاري ويو. ابو المظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه مغليه خاندان جو آخري بادشاهه هو ۽ هڪ سٺو شاعر پڻ هيو. هو اڪبر شاهه ثانيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هيو ۽ کيس لال ٻائيءَ مان ڄايو هو. هو شهنشاهه بابر جي يارهين پيڙهي هيو ۽ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. 1837ع ۾ دهليءَ جي قلعي ۾ هن جي تخت نشينيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي. ظفر کي انگريزن سان دشمني ٿي وئي ۽ انهيءَ دؤر ۾ 11 مئي 1857ع تي ميرٺ جي هندستاني فوج آزاديءَ جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ ڪيئي انگريز ماري وڌا. انهن پوءِ بهادر شاهه ظفر کي پنهنجو سربراهه بڻايو ۽ هن انهن جي قيادت قبول ڪئي، جنهن سان سڀئي رئيس ۽ رياستن جا والي به هيا جي غير ملڪي حڪمرانن کي ملڪ مان ڪڍڻ تي متحد ٿي ويا ها. دهليءَ ۾ حريت پسندن، انگريزن جو وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو پر وطن جا غدار هنن جي آڏو آيا ۽ 6 سيپٽمبر تي انگريزي فوج حريت پسندن کي شڪست ڏئي دهليءَ تي قابض ٿي وئي.
بهادر شاهه، همايون جي مقبري ۾ پناهه ورتي ۽ جڏهن انگريزن کي اها خبر پئي تڏهن هنن مقبري جو گھيرو ڪيو ۽ 22 سيپٽمبر تي بهادر شاهه پاڻ کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو ته انگريزن سندس جان بخشيءَ جو واعدو ڪيو پر پوءِ واعدي جي خلافي ڪندي شهزادي جوان بخت ۽ شهزاديءَ زينت محل کان سواءِ باقي شهزادن کي ميجر هنسن قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سر جارج لارنسي، بادشاهه کي هڪ سال لاءِ ذلت ۽ خواريءَ سان قيد رکيو. 1858ع ۾ لارنسي، بهادر شاهه تي بغاوت جو مقدمو هلايو ۽ 17 آڪٽوبر 1858ع تي هن کي سزا ڏئي رنگون موڪلي ڇڏيو. بادشاهه سان گڏ هن جون زالون، شهزادو جوان بخت ۽ ڪجھه تعلق رکڻ وارا به هيا. هو رنگون ۾ انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ انتقال ڪريو ويو.
مؤرخ ان ڳالهه تي متفق آهن ته مغل بادشاهن ۾ بهادر شاهه ظفر زياده مهذبُ، شائسته ۽ نيڪ هيو. هن جي درٻار جي تهذيب ساري ملڪ جي تهذيب لاءِ نموني مثال سمجھي ويندي هئي. ڇو ته بهادر شاهه ۾ تعصب تِر ماتر به ڪونه هيو ۽ هو هر قوم ۽ ملت جي ماڻهن ۾ مقبول هيو. بهادر شاهه هڪ چڱو شاعر هيو ۽ محمد ابراهيم ذوق کان اصلاح وٺندو هو. مرزا غالب به هن جي دربار ۾ هيو. اردو ادب ۾ بهادر شاهه ظفر کي هڪ اهم مقام حاصل آهي ۽ هن جو ڪلام خاص طور اهي غزل ڀرپور آهن، جي هُن جلاوطني ۽ قيد جي زماني ۾ لکيا هيا. هو اعلى درجي جو خطاط، موسيقيءَ جو ماهر، عمارتون ۽ باغ نهايت ترتيب سان جوڙائڻ جو شوقين هيو. سارو ڏينهن لکڻ پڙهڻ ۽ تلاوت ۾ گذاريندو هو. هن جي تصنيف ۾ سعديءَ جي گلستان جي شرح ۽ اردوءَ جا چار ديوان زياده مقبول آهن.