ڪيرڪي گارڊ ((Soren Kierkegaard)
(1813ع کان 1855ع تائين)
ڊينمارڪ جو اهل – معرفت، مفڪر ۽ وجوديت جي فلسفي جو پيشرو هيو. هن وجود جو تصور ائين ڏنو ڄڻ اهو محدود ۽ لامحدود، عارضي ۽ دوامي جي وچ ۾ آميزش هئي. هو ڪوپن هيگن ۾ 5 مئي 1813ع تي ڄايو هو. هو پيءُ ماءُ جو ستون ۽ آخري ٻار هو. هن جي پيءُ ڪافي چڱي چوکي مُڙي ڇڏي هئي. ۽ ان لاءِ هُو سندس ٿورائتو هيو. هن کي پيءُ مذهبي زندگيءَ جي تربيت، منطقي گفتگوءَ ۾ مهارت، ۽ غم ۽ اندوهه لاءِ رغبت ڏني هئي جا هن جي رؤم رؤمَ ۾ رمي رهي هئي. ڪيرڪي گارڊ جا يونيورسٽِيءَ ۾ اوائلي سال پُر واقعات نه ها. 1938ع ۾ هن جي پيءُ جي وفات هن جي زندگيءَ جو هڪ قطعي واقعو هئي. هن جو اڇاترو، بي ترتيب ۽ بي مقصد مطالعو پورو ٿيو ۽ ٻه سال پوءِ هن فقه ۾ يونيورسٽي جو امتحان پاس ڪيو. هن جي مشهور مقالي، ”هِجوَ جي باري ۾ ويچارَ“ هن کي ايم اي جي ڊگري ڏياري ۽ اهو مقالو 1841ع ۾ شايع ٿيو.
مارچ 1841ع کان 1842ع تائين هن برلن ۾ قيام ڪيو، جتي هُن فلاسافر شيلنگ جا ليڪچر ٻُڌا ۽ ان وقت حاضرين ۾ بڪونن، لڊوِگ فيور باخ ۽ فريڊرڪ اينجلس به موجود هيا، پر ڪيرڪي گارڊ شيلنگ جي تعليم مان ڪجھه به نه پرايو. 1843ع ۾ هن ”پڇتاوَ، ڀَوَ ۽ ڪنبڻيءَ“ تي، ڪتاب ڇپايو، ۽ ان سان گڏوگڏ هن 9 مذهبي تقريرون ٽن حصن ۾ ڇپايون. 1944ع ۾ هن جون 9 تقريرون ٻيون به ڇپيون. 1843ع ۾ هن جون ٽي ٻيون تقريرون ڇپيون. 1845ع ۾ ڪيرڪي گارڊ جو فلسفي تي عظيم ترين ڪتاب، ٻين ڪتابن وانگر مصنف جو نالو ڇُپائي Concluding unscientific post script (غير سائنسي قلم تازو پورو ڪجي ٿو) ڇپيو. ان ڪتاب جي اشاعت سان ان جي مصنف جو راز کلي پيو. ڪيرڪي گارڊ سوچيو ته سچو ڪرستان ڪيئن ٿيان، هڪ بي مثال مهارت سان ڪيرڪي گارڊ زندگيءَ جا ٻه الڳ الڳ ويچارَ ۽ اُپاوَ، زندگيءَ جي مختلف طور طريقن ۾، ڄڻ ليڪي ڏيکاريا ۽ انهن کي ڪافي تسلسل ڏنو. اهو ڏيکارڻ لاءِ ته مسيحي طرز زندگي جماليات مان ٻاهر نڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي، ۽ ان جو راز اخلاقيات ۾ آهي، جو ئي آخري طرح مسيحيت جو رستو آهي. چيو ويو آهي ته هن جي ادب ۾ يقين، حق، الهام ۽ عقل جي پوري پوري ۽ درست معنى آهي. ان ۾ هيگل تي به واضح تنقيد آهي ته فيلسوفياڻي تصوريت (Idealism) تي به. هن جا ٻيا ڪتاب به 1846ع، 1848ع ۽ 1852ع جن ۾ پنهنجي دؤر جي مسيحيت تي ڪڙي تنقيد هئي. 1852ع واري ڪتاب ۾ وعظ نه هيا ۽ اهو مسيحيت جا سڀ قسم وائکا ڪري ٿو.
بهر صورت هن جو مذهبي جهاد جاري رهيو. سيپٽمبر 1855ع ۾ هن سمجھيو ته هن پنهنجو دؤر پورو ڪيو هو؛ هو آڪٽوبر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ 11 نومبر 1855ع تي گذاري ويو. مون انگريزيءَ ۾ تصوف جو ڪوبه ڪتاب نه پڙهيو آهي، جنهن ۾ ڪرڪي گارڊ جو ذڪر نمايان طرح نه ڪيو ويو آهي. هُن ابسين، مائڪل ڊي يونامُنو، ائنٽن چيخوف، نڪولائي برڊييف (Nikolai Berdyev) ۽ ٻين ڪيترن تي اثر ڇڏيو آهي.
ٻنهي مهاڀاري لڙاين جي وچ ۾، جرمني ۽ فرانس ۾ وجوديت (Existenialism) جو فلسفو اڀريو ۽ ان جي ٻن طرفدارن مارٽن هيڊگر (Martin Heidegger) ۽ ڪارل جيسپرس (Karl, Jaspers) ٻنهي تي هن جو اثر نمايان آهي. جن تي هن جو اثر نه هو، مثال سارتري ۽ ٻيا ڪيئي اديب انهن کان پوءِ اڳتي آيا ۽ وجوديت جي فلسفي تي حاوي ٿي ويا ۽ وجوديت جي ادبي تحريڪ تي هن ڊين فلاسافر جو اثر نه آهي.