ڊيوٽشر (Dutshar)
ٽراٽسڪي جو پوئلڳ هيو ۽ هن ٽراٽسڪيءَ جي زندگيءَ تي ٽي جلد لکيا آهن ۽ اسٽالن جي زندگيءَ تي به هڪ ڪتاب لکيو اٿائين. ان کان سواءِ ڪجھه ٻيا ڪتاب به سندس تصنيفن ۾ شامل آهن. هو 1967ع ۾ گذاري ويو.
شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن. شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو