مولانا رومي، جلال الدين
(1207ع کان 1272ع تائين)
فارسي جو عظيم صوفي شاعر هيو. هو بلخ ۾ پيدا ٿيو، جتي هن جو پيءُ بهاءُ الدين مشهور عالم هيو. هن جي علاءُ الدين محمد خوارزم شاهه سان نه بڻي ۽ ان ڪري هو وطن ڇڏي هليو ويو. مولانا رومي ان وقت ننڍي عمر جو هيو. نيشاپور جي شهر ۾ مشهور صوفي شاعر فريد الدين عطار (منطق الطيور جي مصنف) سان هن جي ملاقات ٿي ته انهيءَ، روميءَ کي هنج ۾ کڻي دعائون ڪيون. هن جي پيءُ هن کي ترڪيءَ جي شهر قونيا آندو ۽ هو اتي رهي پيو. روم ۾ رهڻ ڪري مولانا رومي جي نالي سان مشهور ٿيو هو. مولانا رومي جو زمانو نهايت اٿل پٿل وارو هيو. پر اهي حالتون هن جي ذهني ارتقا ۾ اٽڪ ثابت نه ٿيون. علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو ڌيان روحانيت ڏانهن ڏنو. پهريون برهان الدين ترمذي جو شاگرد هيو، پر پوءِ صوفي درويش شمس تبريزيءَ سان هن جي عقيدت ۽ والهانه عشق ٿي پيو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن شمس تبريز، قونيا مان هليو ويو ته روميءَ هن جي فراق ۾ غزل لکيا، جي ”ديوان شمس تبريز“ جي نالي سان مشهور ٿيا. 1245ع ۾ شمس تبريز جي وفات تي سندس ياد ۾ مولانا روميءَ هڪ نئون صوفيانه درويشيءَ جو سلسلو قائم ڪيو، جنهن کي تصوف جي اصطلاح ۾ ”سماع “چوندا آهن.
مولانا روميءَ جي شاعري تصوف سان ڀرپور آهي، مگر جا شيءَ مولانا جي عالمگير شهرت جو باعث بڻي ۽ هن جو لازوال شاهڪار آهي، اها هن جي مثنوي آهي، جنهن جي باري ۾ هي شعر مشهور آهي:
مثنوي مولويُ معنوي
هست قرآن در زبان پهلويُ.
انهيءَ مثنويءَ ۾ مولانا روميءَ تصوف جا مسئلا ڪهاڻين ۽ نصيحتن آميز تمثيلن جي ذريعي حل ڪيا آهن. پاڻ به قونيا ۾ وفات ڪيائين ۽ هن جي درگاهه شمس تبريز جي درگاهه کان فرلانگ کن پري آهي، مان ٻنهي بزرگن جي درگاهه تان ٿي آيو آهيان ۽ خاص طور روميءَ جي درگاهه تي ڪيل رقص – درويشان مون کان نه وسريو آهي.