اسپنڊر سر اسٽيفن (Spender, Sir Stephen)
1909ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو، مان ڀانيان ٿو ته اڃان تائين جيئرو آهي. هو انگريزي شاعر ۽ تنقيد نگار آهي ۽ 1930ع واري دؤر جي نئين ادب (New writings) ۾ هن جو ڪافي اثر رسوخ رهيو آهي. مان جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته New writings جو ڪافي مطالعو ڪندو هوس، جي اڃان تائين منهنجي لائبريري ۾ آهن. هو سياسي طور باشعور انسان آهي ۽ هنجي شاعري ۾ صنعتي دؤر جا پاڇاوان آهن. پر هن ذاتي ۽ اندروني جذبات جي اظهار ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي ۽ ان لاءِ مشهور آهي. هن جو ڪتاب ”نظم“ (Poems) 1933ع ۾ ڇپيو. هن جا دوست ۽ همعصر انگريزي جا مشهور شاعر آڊن، (Auden) اِشرووڊ (Isherwood) ۽ مئڪ نيس (Mac Niece) رهيا آهن.
هن پنهنجو سياسي نظريو، ”انڪائونٽر“ (Encounter) جي مدير جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجي تنقيدي ڪتاب ”تخليقي عنصر“ ۾ 1953ع ۾ ڏنو هو. 1951ع ۾ هو اڳيئي پنهنجي آتم ڪهاڻي ”دنيا اندر دنيا“ (World within world) ڇپرائي چڪو هو.
جيتري قدر مون کي پنهنجي مطالعي مان ياد پوي ٿو ته هو هيمنگوي وغيره سان گڏ ”جنرل فرانڪو“ خلاف اسپين ۾ ٺاهيل ”بين الاقوامي برگيڊ“ ۾ شامل هو.