ايوگيني يوتوشينڪو
1933ع پيدائش، اڃا تائين حيات آهي. مان هن جي زندگيءَ تي لکڻ لاءِ اردوءَ ۾ سوويت شاعري جا ظ. انصاري ۽ تقي حيدر جا ترجما، ”موج – هواءِ عصر“ جي نالي سان ڏسي يوتوشينڪو جي زندگيءَ جي باري ۾ نوٽ پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ فقط هيٺيون 6 سٽون لکيل آهن:
”جنگ کان پوءِ سڀني کان ممتاز شاعرن مان هڪ. هُو ڏکڻ سائبيريا جي ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. 1960ع ۾ هن جو نالو ساري دنيا ۾ ڦهلجي ويو. هو پاڻ کي ييسي نِيَن (روسي شاعر) ۽ والٽ وٽمئن (آمريڪي شاعر) کي پنهنجو هيرو سمجھندو آهي. هن وقت تائين هن جا پنج مجموعا ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيئي اشاعت لاءِ باقي آهن.“
هن کان وڌيڪ يوتوشينڪو جي باري ۾ ڪوئي ذڪر نه ڪيو ويو آهي، پر مون کي ياد آهي ته مون ڪٿي آمريڪي رسالي ۾ پڙهيو آهي ته يوتوشينڪو کي يورپ لاءِ پاسپورٽ ڏنو ويو هو ته هو جتي ڪٿي روس ۾ جبر ۽ آمريت جي خلاف نظم پڙهي رهيو هو ۽ ان ڪري هن جو پاسپورٽ رد ڪري کيس روس واپس گھرايو ويو هو ۽ هن تي ڪجھه سختي به ڪئي وئي هئي، پر هو پوري مغربي دنيا ۾ شهرت رکندو هو ۽ ان ڪري سختيءَ جو اظهار خاص طور روسي اخبارن ۾ نه ڪيو ويو هو. يوتوشينڪو، پاسترناڪ کان پوءِ پهريون شاعر هو،جنهن مبهم نموني محسوس ٿي ڪيو ته روس تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ اهڙي ڳالهه ڪيئي سال اڳ مون روسي شاعري جو ذڪر ڪندي، مسز راشديءَ کي ٻڌائي هئي، جنهن جو تفصيل مان ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته شاعر کي هڪ اندرين اک هوندي آهي، جا سياستدانن کان گھڻو اڳ ۾ ڏسي سگھندي آهي، پر يا ته هو ان جو واضح اظهار نه ڪري سگھندو آهي يا ڄاڻي واڻي سياست جي جبر سبب نه ڪندو آهي، ڇو ته سياست جي هٿ ۾ رڳو قلم نه آهي، هٿيار به آهن، جي شاعر وٽ نه هوندا آهن جيستائين هو مائوزي تنگ يا هوچي منهه وانگر ٽين درجي جو شاعر نه هجي. مون انهن ٻنهي جي شاعري پڙهي آهي؛ جيتوڻيڪ هو انقلاب آڻي سگھيا. پر هنن جي شاعريءَ جي اهميت نه آهي ۽ واندڪائيءَ ۾ هو شاعري ائين ڪندا هيا، جيئن شطرنگ جي بازي کيڏي ويندي آهي.
يوتوشينڪو پنهنجو مشهور نظم ”ببائي يار“ لکيو هو، جتي هڪ پوگرام (Pogram) ۾ سوين يهودي مارائي هڪ ئي کڏ ۾ پوريا ويا هئا. اها خبر روس جي اڪثر حصي کي به نه هئي، جيتوڻيڪ يهودين لاءِ اتي به ائين نفرت هوندي هئي، جيئن جرمنيءَ ۾. اسٽالن جي ڌيءَ سِوِتلينا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته هن جو هڪ روسي يهوديءَ سان پيار ٿي ويو آهي ۽ هوءَ ان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي، ته اسٽالن هُن کي هڪ ڪچي گار ڏني ۽ هن جو مڱيندو مارائي ڇڏيائين. سِوَتِلينا پوءِ ڀڄي آمريڪا هلي وئي، جتي هن هڪ هندستاني سک سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي جڳ مشهور آتم ڪهاڻي لکي شايع ڪرائي هئي، جا مون پڙهي آهي.
اها يوتوشينڪو جي جرئت هئي جو هو روس ۾ يهودين جي قتلِ - عام تي لکي سگھي. مون هن جو انگريزي ۾ آخري ڪتاب ”پيار جا گيت“ پڙهيو آهي، جو مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. هي سارو تفصيل به پنهنجي يادن جي آڌار تي لکائي رهيو آهيان ۽ ان ۾ به ٿورڙي ڦير گھير/گھٽ وڌائي جي گنجائش ٿي سگھي ٿي.