سينٽ فرانسز آف اَسيسي
(1181ع کان 1226ع تائين)
اَسيسي اٽليءَ جو هڪ تاريخي شهر آهي ۽ مسيحيت جو مرڪز آهي. اهو سباسيو پهاڙ تي سامونڊي سطح کان 1300 فوٽ مٿي اڏيل آهي. وچولي دؤر ۾ سينٽ فرانسز اتي 1182ع ۾پيدا ٿيو ۽ 1226ع ۾ گذاري ويو. هو سنياسين جي فرانسيزڪي فرقي جو باني هو، جو انجيل جي طور طريقي تي زندگي گذارڻ لڳو، جنهن جي تبليغ ۽ مثال جي تعداد ماڻهن جي غريبيءَ کي گلزار بڻائي ڇڏيو. هو آسيسي ۾ هڪ تاجر جي گھر ۾ پيدا ٿيو هيو. الهڙپڻي ۾ هو کِل مُک، ڇيل، ڇٻيلو، بي ڪاڻيو ۽ بي پرواهه هيو ۽ مڙسيءَ ۽ سورهيه پڻي جو ڪوڏيو هو، پر هڪ سال جي قيد ۽ پنهنجي شهر جي بکارين ۽ ڪوڙهين جي شڪسته حاليءَ، ڪم بختيءَ ۽ خواريءَ، هن کي ٽُٻي ۾ وجھي ڇڏيو ۽ من ۾ دکي انسان ذات لاءِ درد وندي پيدا ڪئي.
1206ع ۾ هو پنهنجو گھر ڇڏي لوڪ تياڳي، (تارڪ الدنيا) ٿيو. هن ڪوڙهين جي پرگھور لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو ۽ آسيسي ۽ ان جي آس پاس ڪليسائون ۽ ڪرست منڊليون ٺهرائڻ شروع ڪيون. 24 فبروريءَ 1209ع تي هن ڪنهن کي انجيل مان مٿيون ڏهون (Matthew X) پڙهندي ٻڌو ۽ پڪو پرن ڪيو ته هن کي باقي حياتي اڻ هوند ۽ اپديش ۾ ڪاٽڻي آهي. هن جي ڪڍ ڪيئي شش آيا. 1210ع ۾ جڏهن فرانسز کي يارنهن ساٿي هيا، تڏهن هُن هڪ نئين فرقي لاءِ هڪ رَهت نامو ٺاهيو ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏ پوپ جي مُکياريءَ لاءِ روم آيو. هرڪو اهو ٻڌي اچنبي ۾ پئجي ويو ته پوپ انوسنٽ هائو ڪئي ۽ فرانسز کي موڪل ڏني ته هو ڀلي پڇتاوَ لاءِ منادي ڏئي ۽ ماڻهن کي منائي. پهريون ته فرقي جا ”ڀائر“ اٽليءَ ۾ رهيا. 1212 ع ۾ اسيسي جي هڪ ننڍي نيٽيءَ گھر ڌياڻيءَ، جنهن کي پوءِ هن کي سنيٽ ڪلير ۾ سنت مالها ۾ آڻڻو پيو، ان ڳالهه تي هوڏ ڪئي ته هن کي پنهنجو پوئلڳ بڻايو وڃي ۽ سينٽ فرانسز هن کي پهرين گرجا ۾ کپايو، جنهن جي هن مرمت ڪرائي هئي.
جڏهن هن وٽ سنياسي وڌيا، تڏهن هن کين الپس کان پري ۽ سمنڊ پار موڪليو. ان کان پوءِ هن لاءِ ڪائي سنسٿا ضروري ٿي پئي ۽ 1217ع هن ان جا پرڳڻا ٺاهيا. فرانسز اهو نه چاهيو ته هڪ سنياسي ٻي تي ڪائي اختياري رکي؛ جن کي به پرڳڻا سپرد ڪيا ويا ها، انهن کي ”ڀائرن جا ٽهليا“ سڏيو ويو. 1223ع ۾ پوپ انوريس 3 اِن فرقي کي رسمي طور پڪو ڪيو. 13 صديءَ ۾ اهي سنياسي ڇاڪاڻ جو نوان ها، انهن جي اقرارِ ايمان جي هڪ اصلوڪائي هئي، جنهن کي 13 صديءَ سان خاص لاڳاپو هيو. ان دؤر ۾ گرجا، ساڌارڻ ماڻهوءَ تي هٿ ڦيرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ ٻه منافقيءَ واريون تحريڪون ڪيئي رنگروٽ ڀرتي ڪري رهيون هيون، جن ۾ گرجا جي هاڃي هُئي. انهن تحريڪن ائين پئي سمجھيو ته مادي دنيا بڇڙائي ۽ ڪُٻُڌ سان ڀريل هئي. يسوع جي پيڙا ۽ موت هڪ وهم هو ۽ رومن چرچ جي روحاني رياست ۽ ان جا درجا جڙتو ۽ ڪوڙا هيا. اها ڳالهه گھڻو ڪري ڪئٿر (Cathars) ڪندا هيا. فرانسز انهن کي رد ڏنو ۽ چيو ته دنيا خدا جي دنيا هئي ۽ بنيادي طرح چڱي هئي. هن کي يسوع جي انساني روپ لاءِ ڏاڍي عقيدت هئي. فرانسز پنهنجي فرقي کي چرچ سان وفادار ۽ چئي وان ڪيو. ان ڳالهه ڪيتري عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو جي انجيل کي اکر به اکر مڃيندا ها، ۽ غريبيءَ ۾ گذران ڪرڻ چاهيندا ها ۽ جيڪي پادرين خلاف برادرين خلاف برادرين ۾ شامل ٿي ويا. ان طرح ٻاهرتو ۽ سنساري ماڻهو پڇتاوَ ۽ ڪنگال پڻي جي حياتي فرقي ۾ گذاري سگھيا ۽ گھر – گھرستيءَ جي به، جي ٽي وَچن پاڙي سگھيا يعني ولهائيءَ، سسيلَ سَتَ ۽ مَڃتا جو پالن ڪري سگھيا ته انهن کي به فرقي ۾ جڳهه ملي وئي. فرانسز، جيڪي بنيادي اصول پنهنجن پوئلڳن کي ٻُڌايا، اهي ها: دنيا ۾ جيڪي به هن جا ساٿي ڪم ڪري رهيا هئا، انهن جي واهر ۽ سهائتا ڪرڻ، انجيل جي تبليغ ڪرڻ، اگھي، لڱي ۽ سُکالي جي ڳڻتي ڪرڻ ۽ سار سنڀال لهڻ، انجيل جي حرف بحرف پيروي ڪرڻ، هر شيءِ يسوع لاءِ ترڪ ڪرڻ، پوءِ اهو ڌن وارن کي ڌن ڀيٽ ڪرڻو هجي يا ودوانن کي پنهنجي وڌيا. انهن کي نه رڳو همياڻي نه رکڻي هئي پر ناڻي کي هٿ به نه لائڻو هو. جي انهن کي پنهنجي پورهئي لاءِ کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو نه ٿو ملي سگھي ته انهن کي پنهنجي لوڙ لاءِ ۽ گھرج آهر بيک لاءِ هٿ ٽنگڻ گھرجي.
انهيءَ فرقي جي مقبوليت جو سبب فرانسز جي شخصيت، هن جو وچڙندڙ اتساهه، کل مک پڻو ۽ سنيهه ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جي جياپي جا لڇڻ هيا. جڏهن هن پنهنجي پيءُ تان هٿ کنيو ۽ خدا جي ٻيلپي ۾ جنبي ويو، تڏهن ماڻهن هن تي ويچارا ڪڍيا ۽ هن کي ٿالهيون لاهي ڇڏيو.
هو اڳڙيارا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ڏسڻو وائسڻو به ڪونه هو. پر هن جا خطبا نهايت سؤلا ۽ سَرل هوندا ها ۽ انهن جو اثرائتي پڻو هن جي ”وساميو ٻَران، توکي ساريو سُپرين“ جهڙيءَ سچائيءَ ۾ ڀرپور هيو، جا هن جي هر ڪاريه ۽ ٻول ۾ هئي. هو پنهنجي يسوع جي تصور جي موج مستي، پنهنجي ناچ ۾ ائين ظاهر ڪندو هو جيئن ميران يا چيتنيه پنهنجي ڪرشن ڀڳتيءَ ۾ ظاهر ڪندا ها. هن جون ڏند ڪٿائون ڏاڍيون اثرائتيون هونديون هيون. هن تپسيا ڪري ۽ تن کي تَسا ڏئي، پنهنجي سرير ۾ گاٺ پيٺ آندي هئي ۽ ان جي کپڻ کاڄڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي هئي. هن کي مسلمانن سوڌو، پوريءَ انسان ذات لاءِ پيار هيو ۽ انسان ذات کان ٻاهر به. پوريءَ خلقت کي هو پيار جهڙو سمجھندو هو. پسون هن تي ويساهه ڪندا ها ۽ هو انهن سان مهرباني سان هلندو هو. بازار ۾ چهه چهه ڪندڙ پکين کي پاٻوهه سان چوندو هو ته: ” چهه چهه ڪري منهنجي سنديش ۾ رنڊڪ نه وجھو، ڇو ته مان اپائڻهار جي واکاڻ ڪري رهيو آهيان.“ هن جي هر ڳالهه الوهيت (ايشورتا) تي کُٽندي هئي. هر ڳالهه هن کي ان جي سار ڏياريندي هئي، جنهن هي سنسار پيدا ڪيو آهي. پنهنجي جيون جي پڇاڙيءَ مهل، هن هڪ گيت ٺاهيو، جنهن ۾ هن خدا جا ڳڻ ڳاتا ۽ انهيءَ جو ٿورو مڃيو، جنهن هيءَ جوڙ جوڙي هئي. هن جا پويان سال تصوف جي گھري تجربي مان گذريا ها. يسوع جي پيڙا تي لڳاتار ڌيان، هن جي جسم ۾ اهي ڦٽ پيدا ڪيا ها، جي يسوع کي صليب تي هيا، هن جي هٿن پيرن ۽ پاسيرين تي کتل ڪُڪن جا نشان ها ۽ اها ڳالهه هن جي موت کان 2 سال اڳ ٿي، جو 3 آڪٽوبر 1226ع تي ٿيو. هن جي مقبري تي هڪ عاليشان گرجا جوڙائي وئي، جنهن تي فلورنطيني مصور گيٽو، فريسڪو (تازي پلستر تي چٽسالي) ڪڍيا، جن ۾ هن سنت جي باري ۾ ڪئي ڏيک ڏيکاريل آهن.
مون سينٽ فرانسز آف اسيسيءَ جي باري ۾ ايترو تفصيل سان مواد ڏنو آهي ڇاڪاڻ جو منهنجي محبوب اديب، يوناني شاعر ۽ ناول نويس ڪازان زاڪس پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ”گريڪو کي رپورٽ“ ۾ چار ماڻهن جا نالا ورتا آهن، جن هن جي زندگيءَ کي نهايت متاثر ڪيو هو ۽ اهي آهن:
يسوع، سينٽ فرانسز آف اسيسي، ٻڌ ۽ لينن.
پويان ٻه ذڪر ڪيل عظيم انسان ڪنهن خدا ۾ اعتبار نه ڪندا ها ۽ پهريان ٻه نهايت رِقت ۽ محبت سان ڪندا ها ۽ انهن مان هن رڳو ٻن تي پنهنجا ٻه شهره آفاق ناول لکيا آهن، جن مان هڪ جو نالو ئي سينٽ فرانسز آف اسيسي آهي. لينن ۽ فرانسز جا غريبيءَ جي متعلق بلڪل متضاد نظريا ها. پر هاڻي جڏهن لينن شهه کاڌي آهي ته ڇا اسان فرانسز کي اپنائي سگھون ٿا؟ عوام سان محبت ته فرانسز کي به ڀٽائي وانگر هئي؟ ڇا فرانسز، ڀٽائي، سچل، ساميءَ جو پيغام ساڳيو آهي؟ اها ڳالهه هن عبوري دؤر ۾ ناممڪن ٿي لڳي! پر عبوري دؤر ۾ اهي دماغ به ٽڙڪي پيا آهن، جي لينن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مون کي يقين آهي ته مسئلا حل ٿيندا ۽ سنڌ قائم دائم رهندي ۽ آخر اسان کي انهيءَ تي ويچارڻو پوندو ته جيڪي فرانسز چيو آهي، ڪيتريءَ حد تائين هن دؤر ۾ اپنائي سگھجي ٿو. ڇو ته منهنجي نظر ۾ انسان جي اها ئي آخري راهه نجات آهي.