علامه اقبال
(9 نومبر 1877ع کان 21 اپريل 1938ع تائين)
جديد اسلامي دنيا جو مفڪر مڃيو ويندو آهي. فارسي ۽ اردو زبانن ٻنهي ۾ شعر چيو اٿائين. هو پاڪستان جي تصور جو خالق هو ۽ فلسفي، وڪيل ۽ استاد هيو. سيالڪوٽ ۾ ڪشميري خاندان ۾ شيخ نور محمد جي گھر ۾ پيدا ٿيو، هن جي خاندان 18 صديءَ عيسوي ۾ اسلام قبوليو هيو. هن جو ڏاڏو سدائين سيالڪوٽ ۾ رهندو هو ۽ والد بزرگوار جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل هو، پر صوفياڻي ۽ فلسفياڻي مزاج جو ماڻهو هيو، جنهن جي روزگار جو ذريعو هٿ جو هنر هيو ۽ اقبال جي پيدائش کان اول هڪ ڊپٽيءَ وٽ نوڪري ڪئي هيائين. اقبال کي ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون هيون ۽ پاڻ سڀني کان ننڍو هو. سيالڪو ٽ ۾ ميٽرڪ ڪيائين، ايف اي (انٽر) امتحان اسڪاچ مشن ڪاليج سيالڪوٽ مان ڪري گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو. ان کان اڳ ۾ کيس وظيفا حاصل ٿيا. انگريزي ۽ عربيءَ ۾ جيڪو مضمون لکيائين، تنهن تي سونا ٻِلا پڻ هن کي مليا. 1899ع ۾ هن فلسفي ۾ ايم . اي ڪئي ۽ پهريون نمبر آيو. مولانا مير حسن جو هن جي تربيت ۾ وڏو هٿ هيو، جو هن جو عربيءَ ۽ فارسيءَ جو استاد هيو. چيو وڃي ٿو ته ان ڪري اقبال تيستائين ”سر“ جو خطاب حڪومت کان قبول نه ڪيو، جيستائين مولانا کي ”شمس العلماءُ“ جو لقب نه ڏنو ويو. گورنمينٽ ڪاليج ۾ اقبال جو فلسفي جو اُستاد پروفيسر آرنولڊ هو، جنهن سان اقبال جي چڱي عقيدت هئي هن سان ايترو گھرو تعلق ٿي ويس جو آرنورلڊ جي انگلنڊ وڃڻ کان پوءِ اقبال به انگلنڊ هليو وي. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ اقبال اورينٽل ڪاليج ۾ عربيءَ ۾ اسڪالر مقرر ڪيو ويو. اسلاميا ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ انگريزيءَ ۽ فلسفي جو استاد پڻ هيو. 3 جون 1903ع تي گورنمينٽ ڪاليج ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1905ع ۾ 3 سال موڪل وٺي انگلنڊ هليو ويو. هن جي شاعريءَ جو آغاز داغ دهلويءَ جي زماني ۾ ٿي چڪو هيو. هو داغ دهلويءَ کان اصلاح وٺندو هو. 1895ع ۾ جڏهن اقبال هڪ طرحي غزل پڙهيو، جنهن ۾ هڪ شعر هيو:
موتی سمجھ کے شان کریمی نے چن لئے
قطرے جو تھے مِری عرقِ انعفال کے۔
ته ٻڌندڙ تڙپي اٿيا. 24 نومبر 1900ع ۾ انجمن حمايت – اسلام جو جلسو ٿيو، جنهن لاءِ اقبال پنهنجو نظم ”نالئه يتيم“ لکيو ۽ اهو ڏاڍو مقبول ٿيو. اهڙي ئي هڪ جلسي ۾ هُن پنهنجو نهايت مشهور نظم ”هماليا“ پڙهيو. 1901ع ۾ شيخ عبدالقادر مخزن نالي رسالو شروع ڪيو، جنهن ۾ اهو نظم شايع ٿيو ۽ اقبال جي اردو شاعريءَ جو عوامي آغاز ٿيو. انگلنڊ ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۽ جرمني ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ اعلى ڊگريون حاصل ڪيائين. اتي انگلنڊ جي مشهور مشرق جي ڄاڻو نڪلسن، پروفيسر برائون ۽ سورلي کان علم پرايائين. انهن ڏينهن ۾ هو بئريسٽر ايٽ لا به ٿيو ۽ جرمني مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري به ورتائين. ايران ۾ هن جو ما بعد الطبعيات تي ڪتاب به شايع ٿي چڪو آهي.
اقبال 3 سال يورپ ۾ رهي 1908ع ۾ وطن واپس وريو ۽ وڪالت شروع ڪيائين. انوقت هن جي قومي نظمن جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ ”بانگِ درا“ ۾ جي نظم شامل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ ”هماليا“، ”نيا شوالا“، ”ميرا وطن وهي هي“ جهڙا قومي نظم شامل ڪيا ويا آهن. هن شڪوه ۽ جواب شڪوه به لکيو ۽ هن جي پيروي ڪندي حيدر بخش جتوئي صرف شڪوه لکيو ته هن تي ڪفر جي الزام مڙهيا ويا. مان جڏهن پنجون درجو پڙهندو هيس، تڏهن اقبال جا هيٺيان ڪتاب پڙهي چڪو هوس.
• بانگِ درا (جو 1924ع ۾ شايع ٿيو)
• بالِ جبريل (جو 1935ع ۾ شايع ٿيو.)
• ضربِ ڪليم ( جو 1936ع ۾ شايع ٿيو)
انهن کان سواءِ مئٽرڪ کان اڳ۾ مان هن جا سمورا فارسي ڪتاب، ”پيغامِ مشرق“، ”اسرارِ خودي“ ، ”رموزِ بي خودي“ ، ”زيورِ – عجم“، ”جاويد نامه“، ”بس جه ديد کردا اقوامِ شرق“، ”ارمغانِ حجاز“ پڙهي چڪو هوس. منهنجي زال جي مامي شيخ واجد علي مون کي هن جي انگريزي ڪتاب: “Reconstruction of religious Thought in Islam” به ڏنو هو. مون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي گائيڊ ڪري علامه اقبال تي Ph.d لاءِ ٿيسز لکڻ چاهي پر ٿورڙي عرصي کان پوءِ گربخشاڻي گذاري ويو ۽ اها ٿيسز شروع ۾ رهجي وئي.
علامه اقبال لاءِ چيو ويندو آهي ته هن فلسفه خوديءَ جو تصور برگسن جي تخليقي ارتقا (Creative evolution ) تان ورتو هو ۽ انسان ڪامل جو تصور نٽشي جي Super man تان ورتو هيو. پر اسلامي مؤرخ ان ڳالهه کا انڪاري آهن ۽ هو چون ٿا ته Super man جو تصور اقبال، روميءَ تان ورتو هو، جنهن جو هڪ شعر آهي:
دي شيخ با چراغ همي گشت گردِ شهر
کز دام و دد ملولم و انسانم آرزو ست
ان ۾ شڪ نه آهي ته سائنس ۽ فلسفي کي علامه اسلام جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو ته لينن ۽ مارڪس کان به ايترو متاثر هيو، جو لينن لاءِ گيت لکيو هيائين:
اٹھو میری دنیا کے غریبوں کو جگادو
۽ مارڪس لاءِ چيائين:
”نيست پيغمبر و ليکن در بغل داردکتاب“
پر ضياءَ جي دؤر ۾ هن کي جمهوريت جو مخالف ثابت ڪيو ويندو هو ۽ هن لاءِ اهو شعر ثابتي طور ڏنو ويندو هو ته:
گريز از طرز جمهوري، غلامِ پخته کاري شو
ک از مغزِ دوصد خر، فکرِ انساني نمي آيد.
(جمهوري طرز کان ڀڄ ۽ ڪنهن پخته ڪار جو غلام ٿي، ڇو جو ٻه سئو گڏهن جي دماغ مان انسان جو فڪر نٿو اچي.)
اهو شعر جڏهن ڪنهن مون کي ٻڌايو هو ته مون کيس مُرڪي جواب ڏنو هو ته ٻه سئو گڏهه ته ڇا ٻه لک گڏهه به انسان جو دماغ پيدا نه ڪري سگھندا. پر وري به ٻه سئو گڏهه هڪ گڏهه کان چڱا آهن.
علامه اقبال تڏهن گذاري ويو، جڏهن مون اڃان مئٽرڪ جو امتحان نه ڏنو هو.