شخصيتون ۽ خاڪا

ھيرا تہ ڏسو

شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھيرا تہ ڏسو

اسٽالن

اسٽالن
(1879ع کان 1953ع تائين)

1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ يو. ايس. ايس. آر ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ هو، جيسيتائين 1953ع ۾ هو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويو. هو جارجيا جي گوري شهر ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ موچي هيا ۽ طفلس جي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا هيا. مذهبي پابنديءَ هن ۾ بغاوت جو جذبو پيدا ڪيو ۽ 1897ع ۾ هو هڪ مدرسي (Seminery) ۽ مارڪسي ٽولي جو اڳواڻ هو. هن جي ڪارواين سبب هن کي مدرسي مان نيڪالي ڏني وئي هئي. مدرسو ڇڏي اسٽالن طفلس جي رسدگاهه ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪئي. جيتوڻيڪ هن جي مکيه دلچسپي روسي جمهوري مزدور پارٽيءَ ۾ هئي. هُو انهي اداري ۾ هڪ پيشه ور فسادي ٿيو. ميڙ ڪٺا ڪري، طفلس ۽ باطوم ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ڪرايائين ۽ نيٺ پوليس جي وڪڙ ۾ آيو. هن کي باطوم ۾ گرفتار ڪري، قُطيسيءَ جي جيل ۾ هڪ سال لاءِ بند رکيائون. 1903 ع ۾ هن کي سائيبيريا بدر ڪيو ويو. جتي هن کي معلوم ٿيو ته پارٽيءَ ۾ منيشيوڪ ۽ بالشيوڪ وڙهي پيا هيا. هو بالشيويڪن سان ڌُر ٿيو. 1904ع ۾ هو ڀڄي نڪتو ۽ ڪاڪيزيا (ڪوهه قاف) ۾ پنهنجون زير زمين ڪاروايون شروع ڪيائين. 1905ع ۾ هو پهريون ڀيرو لينن سان فنلئنڊ ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ مليو. 25 جون 1907ع تي اسٽالن هڪ اسٽيٽ بئنڪ جي گاڏي تي ڌاڙو هڻارايو. 1908ع ۾ هن کي بڪوءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن لاءِ سزا ڏئي وولوگڊا ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. هن جي پهرين زال ڪئٿرين، جنهن سان هن 1904ع ۾ شادي ڪئي هئي 1907ع ۾ سلهه ۾ مري وئي ۽ ٻي زال ناديزدا، جنهن سان هن 1916ع ۾ شادي ڪئي، 1932ع ۾ آتم هتيا ڪري مري وئي.
1902ع کان 1917ع تائين اسٽالن هڪ طوفاني دؤر مان گذريو، جنهن ۾ هو ڪيئي ڀيرا گرفتار ٿيو، قيد ۾ وڌو ويو، جلاوطنيءَ ۾ موڪليو ويو ۽ ڪيئي ڀيرا اتان فرار ڪيائين. ڪنهن ڪنهن وقت هو انقلابي ادب تي ليک به لکندو هو. 1917ع جي انقلاب کان پوءِ هو پيٽرو گراڊ ۾ آيو ۽ ڪامينوف سان گڏجي، پراوڊا اخبار سنڀاليائين، جا پارٽي صحافت ۽ پارٽيءَ جو وڏو هٿيار هئي ۽ ان جو سرڪاري آواز هئي. انهيءَ دؤر ۾ هن پنهنجو اصلي نالو زگاشولي مٽائي پاڻ تي اسٽالن نالو رکيو يعني ”رُڪ جو ماڻهو“. مئي 1917ع ۾ اسٽالن پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو ميمبر ڪيو ويو ۽ 1922ع ۾ لينن هن کي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بڻايو. خانه جنگي (1918ع کان 1920ع تائين) هلندي هن سُرخ فوج لاءِ کاڌو ۽ رسد مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو خاص طور اسٽالن گراڊ ۾ (جا ان وقت زاريسٽن هئي) ڦڙت ۽ اثرائتو هو ۽ جڏهن ان تي سفيد فوج“ حملو ڪيو، ته هن شهر جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪيو. انهيءَ ئي دؤر ۾ اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ جهيڙو شروع ٿيو. جيڪو ان وقت جنگ جو ڪميسار هيو. (انهيءَ جهيڙي جو تفصيلي ذڪر مون اسٽالن تي هڪ ناول ۾ پڙهيو هو جو نهايت هُنرمنديءَ سان لکيو ويو آهي.) هن ٽراٽسڪيءَ جي اڪثرفرمانن کي ٿُڪ به نه هنئي. جڏهن لينن 1924ع ۾ مري ويو، هن زينوفيف ۽ ڪامينوف سان گڏجي ٽه – مورتي ٺاهي ورتي ۽ ٽراٽسڪيءَ ۽ هن جي پوئلڳن جي مخالفت ڪئي. پوئين ڏينهن ۾ لينن ۽ اسٽالن جا تعلقات ڏاڍا ڪشيده ٿي ويا ۽ لينن موت جي بستري تي پنهنجي زال کي وصيت لکرائي ڇڏي ته، اسٽالن کي يڪدم هٽايو وڃي. هو نهايت کهري طبيعت جو آهي ۽ اها ڳالهه ڪميونسٽن ۾ قابل برداشت نه آهي، خاص ڪري انهيءَ ماڻهوءَ ۾ جو سيڪريٽر جنرل آهي. چيو وڃي ٿو ته اسٽالن، لينن جي بيوه جي حمايت سان اها وصيت دٻائي ڇڏي. جيتوڻيڪ ڪجھه سالن کان پوءِ جڏهن هو چڱي طرح پير کوڙي چڪو هو، هن انهيءَ وصيت جو ذڪر ڪيو. پوئين ويڙهه اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ تڏهن آئي جڏهن ٽراٽسڪي انقلابي جي ٻارنهن ماسي کي 1927ع ۾ اسٽالن خلاف هنگامي ۾ بدلايو. جڏهن هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو، تڏهن اسٽالن هن کي ڪميونسٽ پارٽي جي ستر ميمبرن سان گڏ، پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جنوريءَ 1928ع ۾ ٽراٽسڪي کي جلاوطن ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسٽالن پنهنجي صنعتي ترقيءَ ۽ اڪٺائي (مجموعيت – (Collectivization جو تصور ڏنو. هن شايد ڀانيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان، يو. ايس. ايس. آر جا اقتصادي بنياد مضبوط ٿيندا. (پر 1991ع ۾ هر ڳالهه وڃي کڏ جي تري ۾ پئي ۽ جي آمريڪا، روس کي کاڌي لاءِ سامان نه پهچائي ها ته هِن سياري ۾ ماڻهو اتي مُردا ڪَٽي کائن ها.) پوءِ اسٽالن پنهنجا پراڻا ڪامريڊ، اليڪسي رِڪوف، نڪولائي بُخارن، گريگوري زينوفيف ۽ ليو ڪامينوف، ۽ ٻيا ڪيترائي ٽراٽسڪيءَ جا ساٿي پارٽي بدر ڪيا ۽ ”ماسڪو جي ڪاررواين“ ۾ انهن کي موت جي سزا ڏني. (آرٿر ڪوئسلر اها لُنءَ ڪانڊاريندڙ واردات پنهنجي ناول ”منجهند جو اونداهه“ ۾ وڏي فني مهارت سان ڏني آهي). 1939ع ۾ اسٽالن، هٽلر سان روس – جرمن پئڪٽ ڪري، دنيا کي ڇرڪائي وڌو. ڪيئي ڪميونسٽ ها، جن جا دماغ ٽڙڪي پيا. (مون ڊيلي ورڪر جي ڪميونسٽ ايڊيٽر ڊگلس هائيڊ جي آتم ڪهاڻي پڙهي، جنهن ٻي جنگ عظيم کان پوءِ ڪميونسٽن جا اهي افعال ڏسي ۽ جرمنيءَ ۾ روسي فوجين جي زنا بالجبر ڏسي، ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ”رات مان ٻاهر“ هئمبرگ جي خلاصين جي يونين جي ڪميونسٽ سيڪريٽريءَ جي اهڙي آتم ڪهاڻي هئي، جنهن ۾ جن حالتن هن کي ڪميونزم کي الوداع ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، انهن جي مطالعي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا هيا. مون جيڪو خدا ناڪامياب ٿيو (God that failed) کان وٺي سوين ڪتاب پڙهيا ته، اڳيان ڪميونسٽ، جن پنهنجن هڏن جي ڍير تي اها ڪميونزم جي عمارت اَڏي هئي. ڇو ڪميونزم کي ڇڏي ويا هيا. اهڙن ڪميونسٽن جي اها نفسيات ٿي چڪي هئي، ته ڪميونزم کي ڇڏي، پنهنجي نفس جي تسڪين لاءِ. پنهنجي اهڙي قدم لاءِ سبب ڏيندا هئا. اهي جن ڪميونزم لاءِ ايڏو سٺو هو، سڀ ڪوڙا ته نه ٿي ٿي سگھيا. جي انهن ۾ 5 سيڪڙو به سچ هجي ها تڏهن به اهو انهيءَ شيش محل کي ٽڙڪائڻ لازمي هو، جو ڪميونزم ٺاهيو هو. پر هينئر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جيڪي ڪجھه انهن لکيو هو. اهو سورنهن آنا سچ هو.)
ان وقت اسٽالن ڏيکاريو ته جرمنيءَ سان ٺاهه امن لاءِ هن جي استاديءَ جو وڏو ڪارنامو هو. پر هڪ مهيني کان پوءِ ڳالهه ظاهر ٿي پئي. جڏهن اسٽالن جي سرخ فوج پولينڊ جو اڌ والاري وئي. اسٽالن جا پول وڌيڪ پڌرا ٿي پيا. جڏهن نومبر 1939ع ۾ فنلئنڊ تي سرخ فوج جو حملو ٿيو. ڇو ته فِن قوم سرحد جي باري ۾ اسٽالن جون ڪجھه گھُرون نه ٿي قبوليون. اها نِلي پلي سامراجي والار هئي. 6 مئي 9141ع تي اسٽالن يو. ايس. ايس. آر جو سرڪاري طور سربراهه ۽ پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. پوءِ ان کي وزيرن جي ڪائونسل چيو ويو. اها ڳالهه يو.ايس.ايس.آر تي جرمنيءَ جي حملي کان ڪجھه هفتا اڳ ٿي. ٻي جنگ عظيم ۾ اسٽالن جي رهنمائي ۽ فولادي ارادي ماسڪو ڏي اڳتي وڌندڙ نازي فوج جي خلاف دفاع ڪيو ۽ آخر کين شڪست ڏني. 6 مئي 1943ع تي هن کي فيلڊ مارشل جو خطاب مليو ۽ 27 جون 9145ع تي جنرليسيمو جو خطاب مليو. 1943ع ۾ هو صدر روزويلٽ ۽ وزيراعظم چرچل سان طهران ڪانفرنس ۾ ۽ 1945ع ۾ صدر ٽرومئن ۽ چرچل سان يالٽا گڏجاڻيءَ ۾ ۽ پوسٽ ڊئم گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ان کان پوءِ اسٽالن جي پُراڻن اتحادين سان رَوش دشمنيءَ واري ٿي وئي. سويت اڳرائي ۽ هَلان جا برلن تي ٿي، انهيءَ رِٿ، پَهه ۽ راڄنيتي مَتي جو نتيجو هئي ۽ ان کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا تي اُتر ڪوريا جي حمله آوري به ساڳي مصلحت هيٺ ڪئي وئي.
5 مارچ 1953ع تي اسٽالن جي حڪمرانيءَ جو اڻٽيهون سال پورو ٿيو،جڏهن هن جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي ۽ موت هن جو اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون ۽ هن جيڪي پنهنجي دؤ ۾ ويهارو لک خون ڪيا هئا، اهي کيس ڦٻيا يا نه، اهو ته حساب منڪر نڪير جي وهي کاتي ۾ هوندو. پر پوءِ به هن کي ٿوري وقت لاءِ ڪريملين ۾ قبر نصيب ٿي.
هن جي موت کان پوءِ فرسٽ سيڪريٽريءَ نڪيتا ڪروشنچوف هُن جي شخصيت پرستيءَ جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪئي ۽ 24 فيبروريءَ 1956ع تي هُن انهيءَ ظالم امر تي 1937ع ۾ مرڪزي ڪميٽيءَ جي 133 ميمبرن مان 70 جي قتل، ”پاڪ صاف ڪرڻ واري تحقيقات“ (Purge trials) ذريعي خونِ ناحق، 1930ع واري زمين – اڪٺائيءَ واري ڪارروائيءَ ۾ هزارين قتل (جن جي بي رحميءَ جو ذڪر ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ پاسترناڪ نهايت چابڪ دستيءَ سان ڪيو آهي.) ماسڪو جي گھيراءَ وقت ذاتي بزدلي جي مظاهري (جڏهن هو شهر ڇڏي هليو ويو هو) ۽ 1949ع ۾ مارشل ٽيٽو جي برگشتگي ۽ بغاوت، انهن سڀني ڳالهين جا علي الاعلان الزام ڏنا. اسٽالن جي ان بت شڪنيءَ، يو.ايس. ايس آر جا بنياد ڪڍي وڌا. پولينڊ ۽ هنگريءَ جي رهواسين آڪٽوبر ۾ بلوو ڪيو. (مون ان تي هڪ ٺاهوڪو ڪتاب (Revolt of the mind) ساهيوال جيل ۾ پڙهيو هو. جنهن جو ذڪر مان پنهنجي ڊائري ۾ ڪري چڪو آهيان). هنگريءَ ۾ اڀار کي بي ترسيءَ سان ڪچليو ويو. 1961ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس حڪم ڪيو ته اسٽالن جي لاش کي ماسڪو ۾ لينن واري مقبري وٽان ڪڍايو وڃي. (جڏهن مان 1976ع ۾ ماسڪو ويو هوس ته هِن ”رُڪَ جي ماڻهو“ جي ڪريملن ۾ مٽيءَ ڀور به نه هئي.) اسٽالن کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. هن جو وڏو پٽ ياڪوف جرمنيءَ جي قيد خاني ۾ مري ويو ۽ ننڍو پٽ 1962ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ڌيءَ سيوتلينا 1967ع ۾ يو. ايس فرار ٿي وئي، جتي هن جي آتم ڪهاڻي ڇپي، جيڪا مون جڏهن پڙهي ته منهنجا وار اڀا ٿي ويا.
اسٽالن، انهيءَ انانيت جو نتيجو آهي جا انهيءَ شخص ۾ پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي خدا جو ڪو به تصور نه آهي، جيڪو ڪنهن ابدي انصاف ۾ اعتبار نه ٿو رکي، جو ماديت پسند آهي، ۽ مائڪو وسڪيءَ چواڻيءَ، ”توکي ڇاتيءَ ۾ ڇُرو هڻي، کلندو هليو وڃي ٿو.“ اسٽالن جي موت کان پوءِ آخر ۾ 1991ع ۾ يو. ايس ايس آر ڪيئن ٽٽي ۽ ان کي گوربچوف جي ”پريسٽرائڪ“ به بچائي نه سگھي، اهو هڪ عبرت جو داستان آهي. پاسترناڪ جي قبر تي اڃان تائين گُلن جي ورکا ٿئي ٿي، اسٽالن جي قبر تي ڪوئي پادر هڻڻ به پنهنجي توهين سمجھي ٿو. دنيا جي هر آمر جو انت اهو آهي جو اسٽالن جو ٿيو. غالب ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
بقدرِ حوصلہءِ عشق جلوه ريزي ہے
وگر نہ خانہءِ آئینہ کی فضا معلوم

مطلق اقدار (Absolute values) پاينده آهن، ٻي سڀ بڪواس آهي. ڏهه احڪامِ الاهي اڄ به اوتري معنى رکن ٿا، جيتري عهدِ قديم ۾ رکندا هئا.
تابه ديوار و دَرش تازه کُنم عهد قديم
گاهي از کوچهءِ معشوقهءِ خود مي گذرم

(شهر يار)
(ترجمو: جيئن هن جي ديوار ۽ در سان قديم عهد تازو ڪيان، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي معشوقه جي گھٽيءَ مان لنگھان ٿو.)