غالب
بهادر شاهه ظفر جي زماني ۾ درٻار سان ڪجھه واسطو رکندو هو. جيتوڻيڪ ظفر جو استاد محمد ابراهيم ذوق هيو، جنهن کي غالب سان رقابت هئي. ديوانِ غالب، بيخود دهلويءَ جي ترجمي سان مون تڏهن پڙهيو هو، جڏهن چوٿين انگريزي ۾ پڙهندو هوس ۽ چوٿين درجي ۾ مون کي غالب سڄو ياد ٿي ويو، جيتوڻيڪ ايم – اي پاس به غالب جا چار شعر سمجھي نه سگھندا آهن. ڇو ته غالب جي پنهنجي ٻولي آهي، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل اسي فيصد فارسي لفظ هوندا آهن ۽ ويهه فيصد اردوءَ جا لفظ هوندا آهن. مثال طور:
کاوَ کاوَ سخت جا نیھائے تنہائی نہ پوچھ
صبح کرنا شام سے لاتا ہے جوئے شیر کا۔
هاڻي ان شعر ۾ پهرين سٽ ۾ صرف نه پوچهه اردو آهي باقي ٻيا سمورا لفظ فارسي آهن. حالانڪه اهو نهايت سهڻو شعر آهي ۽ هن جو ان روايت ڏانهن اشارو آهي جا فرهاد جي باري ۾ آهي ته هن کي ڪوه – بي ستون کي ڪٽي ان مان کير جي ندي وهائڻي هئي جا شيرين جي محل تائين پهچڻي هئي. شيرين ان دؤر جي حاڪم خسرو پرويز جي داشته هئي ۽ فرهاد جي محبوبا هئي، جنهن کي هن حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. انهيءَ کير جي نهر وهائڻ لاءِ هن کي جبل ٽاڪڻو پوندو هو ۽ غالب چوي ٿو ته: ”منهنجي اڪيلائي جي سخت جاني واري ڪوشش مون کان نه پڇ! شام کي صبح ڪرڻ ڄڻ کير جي ندي کوٽڻ جي برابر آهي.“
منهنجي نظر ۾ غالب برصغير ۾ تصور ۽ تمثال جو ماهر هيو، پر هن جي ٻولي برصغير جي ٻولي ناهي، ڇاڪاڻ جو هن جو پيءُ ايران مان آيو هو ۽ غالب خود پارسيءَ ۾ ديوان لکيو آهي. پاڻ لاءِ هڪ هنڌ لکيو اٿائين:
فارسی بین تابہ بینی نقش ہائے رنگ رنگ
مجمع اردو چہ بینی آن کہ بے رنگے مَسنت
(منهنجي فارسي شعر کي پڙهه ته توکي رنگا رنگ نقش نظر اچن، منهنجي اردوءَ جو مجموعو ڇا ٿو پڙهين؟ اهو ته مهنجي هڪ بي رنگ شيءِ آهي.)
دور جديد ۾ غالب کي به شاهه لطيف وانگر ٽوڙي مروڙي هڪ ترقي پسند بڻايو ويو آهي. مان غالب تي لکڻ چاهيان ته مسلسل 300/400 صفحا لکي سگھان ٿو، پر هتي ايتري گنجائش نه آهي. مون کي ائين ته هن جا ڪيترا فارسي شعر ياد آهن، پر انهيءَ مان هيٺيان ٻه شعر ڏاڍو وڻندا آهن:
بيا که قائده آسمان بگردانيم
قضا به گردشِ طلِ گران به گردا نيم
(اچ ته آسمان جي قاعدي کي بدلايون ۽ قضا کي ائين ڦيرايون، جيئن هڪ ڀريل جام کي محفل ۾ ڦيرايو ويندو آهي.)
راه زين ديده وران پُرس که در گرم رَوي
جاده چون نبضِ تپان در تَنِ صحرا بيننه
(راهه هنن ديده ورن کان پڇ جي پنهنجي ڀڄ ڊوڙ ۾ رستي کي صحرا جي تن ۾ هڪ تپندڙ نبض وانگر ڏسن ٿا.)
غالب تي گھڻو ڪري جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، سي مون وٽ آهن. پهريون ته هن جي سخت بي قدري ٿيندي هئي، ۽ هن جي ديوان جي پنن مان پساري پڙيون ٻڌندا هئا، پر جڏهن حاليءَ هن تي ڪتاب ”يادگارِ غالب“ لکيو ۽ عبدالرحمان بجنوريءَ يورپ مان موٽي غالب جي شعرن جي مغربي مصورن جي تصويرن سان ڀيٽ ڪئي ته غالب جي عظمت جو سڪو ويهاري ڇڏيائين.
بهر صورت جيسين اردو زبان جو تعلق آهي، غالب جي پائي جو شاعر پيدا نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ميراجيءَ کي مان هن جي هندي آميز ٻوليءَ ڪري وڌيڪ اهميت ڏيندو آهيان.